بيدل مسرور بدوي
محبتن جو سفير:
آغا سليم
”بدوي! تون پنهنجي استاد سان ته ملاءِ...“ ڪاپيءَ
تي ڪجهه لکڻ کان هٿ روڪي چوڻ لڳو، ”بدوي مون ان جي
ڏاڍي تعريف ٻڌي آ.“
گرمين جي موسم ۾ اسان جو استاد ارباب خان کوسو ٽن
مهينن لاءِ جيڪب آباد کان ڪوئٽيا اچي رهندو هو.
هڪ ڏينهن استاد ارباب خان کي ساڻس ملائڻ لاءِ
ريڊيو اسٽيشن ڪوئٽيا تي وٺي ويس، آغا صاحب ساڻس
ملي ڏاڍو خوش ٿيو، ڪجهه راڳن جي باري ۾ پڇيائينس،
پوءِ مون کي چيائين: ”بدوي تنهنجو استاد واقعي
لائق شخص ۽ راڳ جو سٺو ڄاڻو آهي.“
انهن ڏينهن ۾ آغاصاحب، لطيف سائينءَ جي ڪلام جو
اردو ترجمو پئي ڪيو ۽ ان جي موسيقيءَ واري پهلوءَ
تي به کوجنا به پئي ڪئي، شايد ملتان ريڊيو تي
ملازمت واري دور ۾ ڪجهه راڳن بابت معلومات گڏ به
ڪئي هئائين.
......
ڪوئٽيا جون رڳو راتيون سرد نه هيون، ڏينهن به
پنهنجي ٿڌين اکين سان نهاري ڏڪائي ڇڏيندو هو، بس
هڪ سميع بلوچ هو، جنهن جو گهڻو اٿڻ ويهڻ آغا سليم
صاحب سان هوندو هو ۽ شامون گهڻو ڪري آغا سليم صاحب
جي صحبت ۾ سجائي، رات ڪري موٽندو هو، منهنجي بدلي
ڪوئٽيا ٿي ته مون کي جيستائين رهڻ لاءِ گهر نه
مليو هو تيستائين مان سميع بلوچ جي گهر تي سندس
گهر ڀاتين وانگر رهندو هوس.
ائين مان به آغا سليم صاحب جي ستن مخصوص رتنن ۾
شامل ٿي ويس، سرديءَ کي سهڻ جي ميزباني گهڻو ڪري
ادبي ذوق رکندڙ ارباب خانصاحب ڪندو هو، باقي رتنن
۾ ارباب خان جو ڊرائيور، سميع بلوچ، اطهر منگي،
براهوي شاعر افضل مراد ۽ سندس دوست سعيد بلوچ پوءِ
مان شامل هئاسي.
......
سردين جي احساس کي گهٽائڻ لاءِ ٿيل محفلن ۾ آغا
صاحب جون علم ۽ عقل جون سوين ڳالهيون ٻڌيونسي، ڪاش
ڪو ٽيپ رڪارڊر هجي ها، جو اهي سانڍي سگهجن ها! هڪ
اڌ محفل رڪارڊ ٿي به هئي، پر ان ۾ پي ٽي وي جو
معروف پروڊيوسر نصرت ٺاڪر شامل هو، جنهن ۾ ان ئي
گهڻو پئي ڳالهايو ۽ ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪنهن نه
ڪنهن اردو شاعر جو شعر ٿي ڦهڪايو.
پر اها خبر گهٽ ماڻهن کي آهي ته آغا صاحب ڳائيندو
به سُر ۾ آهي، ظاهر آهي شڪارپور جهڙي سُريلي شهر
جو آهي، مٿان وري ريڊيو جي آفيسريءَ سان به وڏي
وابستگي رهي اٿس، ڪيترن فنڪارن ۽ فنڪارائن کي ٻڌي
آڊيشن ۾ پاس ناپاس به ڪيو اٿس، ته اعتبار اچڻ
گهرجي ته آغا صاحب يقينن سُر ۾ ئي ڳائيندو هوندو.
.......
هونئن ته آغا صاحب ۾ موسيقيءَ لاءِ چاهت تمام گهڻي
آهي ۽ سڀئي دوست سندس ان فني سڀاءَ سبب ڪنهن نه
ڪنهن سريلي راڳيءَ کي سڏي آغا صاحب کي محفل
ٻڌرائيندا آهن. اهڙين گهريلو محفلن ۾ کيس به ڳائڻ
جو شوق ٿيندو آهي، پر گهڻو ڪري پاڻ ڳائڻ بجاءِ ٻئي
ڳائڻي کي ٻڌڻ وڌيڪ پسند ڪندو آهي، ۽ ان کي ئي ڪَنُ
ڏئي ٻڌندو آهي. اهڙن وقتن تي مون کي شڪارپور جو
آغا عبدالنبي عليگ ياد ايندو آهي، جيڪو به راڳ کي
نهايت غور سان ٻڌندو هو.
وڏن، سٺن ۽ ناليوارن ڳائڻن کي ٻڌڻ واري هن سنڌ جي
ڏاهي قلمڪار هڪ ڀيري جڏهن مان شيخ اياز جو ’وڃو
ڪنويليو وڃو، وڃي پرينءَ کي چئو‘ پئي ڳايو ته شيخ
اياز جي شاعريءَ جي تعريف ڪرڻ لڳو ۽ جڏهن مون نظم
پورو ڪيو ته چوڻ لڳو:
”اها تنهنجي ڌن ڊراماٽڪ ميوزڪ جي ذمري ۾ اچي ٿي
وڃي.“
پنهنجي متعلق تعريفي جملو ٻڌي مان ڏاڍو خوش ٿيو
هوس ۽ منهنجي لاءِ اهو پهريون ڀيرو هو جو ڪنهن
سڄاڻ قلمڪار منهنجي موسيقيءَ جي تعريف ڪئي هئي،
ڇاڪاڻ ته مون شيخ اياز جا ڪيترا ئي گيت غزل ۽ نظم
ڳايا هئا پر ڪڏهن به شيخ صاحب تعريف نه ڪئي هئي.
.......
”من مان تنهنجو شاگرد ٿيڻ ٿو چاهيان.“
ننڍي اليڪٽرانڪ ڪِي بورڊ تي راڳ درٻاريءَ جي هڳاءَ
۾ شاهه لطيف جي وائي: ”يار سڄڻ جي فراق آئون ماري“
ڳائيندي هُو رڪجي پيو.
مان هڪو ٻڪو ٿي ويس.
ڪوئٽيا جي مائينس يارنهن ڊگريءَ جي باوجود مون کي
پگهر اچڻ لڳو.
”بابا سڀاڻي بدوي صاحب کان ڳانو ٻڌرائبو، نذرانو
به ڏبو ۽ ...“
مون چيو: ”توهان اسان جا نه رڳو مربي آهيو پر
ناليوارا ليکڪ آهيو، ريڊيو جا ڊائريڪٽر آهيو،
تجربي ۽ عمر ۾ به اسان کان مٿي آهيو، اسان توهان
جي اڳيان ٻار آهيون.“
ڪِي بورڊ تي سندس آڱريون ڦرنديون، ”يار سڄڻ جي
فراق... هاءِ هاءِ...“ شايد منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻ
ٻڌي ڪري ڇڏيائين، يا ٻڌڻ نه چاهيائين، پر اکيون
کڻي منهن ۾ نهاريندي چيائين:
”نه نه مذاق نه ٿو ڪيان... متان سمجهين ته رات گئي
بات گئي...“
سندس هڪڙي آڱر ڪِي بورڊ جي هڪ سُر تي بيٺي رهي،
سُر... رڳو هڪڙو سُر... شايد پاڻ کي به ان جو آواز
نه آئڙيس.
”يار لطيف جي راڳ تي ڪم ڪرڻ گهرجي.“
ائين آغا صاحب لطيف سرڪار جي وائيءَ کي مختلف
انداز سان جهونگاريندو رهيو، پر منهنجي مٿي ۾
مسلسل سندس اهو جملو ته: ”من مان تنهنجو شاگرد ٿيڻ
ٿو چاهيان.“ ڦرندو رهيو ۽ مان هن هيڏي وڏي معتبر
شخصيت جي استاد ٿيڻ واري ڳالهه تي ڊپ ۾ پگهرجڻ لڳو
هوس.
مون کي موسيقيءَ جي باري ۾ آيو ته ڪجهه نه پئي، نه
راڳ جي ’ري‘ جي خبر نه سُر جي ’سينَ‘ جِي خبر...
پر ائين نه ٿئي ته خبر سنڌ جي گني ڳائڻن ۽ استاد
خانصاحبن ۾ هُلي وڃي ته آغا سليم صاحب، بيدل مسرور
جو شاگرد ٿيو آهي... وڏي چؤپچو ٿي ويندي.
ان ڳڻتيءَ ۾ رات جا باقي پهر گذريا، موڪلائيندي
آغا صاحب پنهنجي ڳالهه ورجائي ته مون ادب وچان کيس
ڳرهاٽڙي پائي عرض ڪيو ته: ”سائين منهنجي موسيقيءَ
۾ ڪا حيثيت نه آهي، مان اوهان جو ٻچو آهيان.“
” ڀلا صبح جو ناشتو اچي مون وٽ ڪجو.“
حاضر سائين جي سائين ڪندي آغا صاحب کان موڪلايوسي،
پر ٻئي ڏينهن صبح جي ناشتي تي ويهڻ کان اڳ ۾ آغا
صاحب مٺائيءَ جو دٻو اڳيان رکيو ته:
”اچو بدوي صاحب وات مٺو ڪيو، چوندا آهن ته استاد
ڳانو ٻڌندا آهن ته ڳڙ وات ۾ وجهندا آهن، پر يار
مون هيءَ تنهنجي لاءِ مٺائي گهرائي آهي، هاڻي بسم
الله ڪر.“
“سائين، جيڪي مون کي اچي ٿو اهو مان اوهان کي،
شاگرد بنائڻ کان سواءِ ٻڌائيندس، باقي مون کي
استادي شاگرديءَ واري معاملي ۾ نه وجهو.“
.........
”ڀلا صبح جو ناشتو مون سان گڏ ڪجو.“ آغا صاحب جو
اهو جملو ڪيترا ڏينهن منهنجي ذهن ۾ گونجندو رهيو
هو، اڪيلو ته مان به رهيس پئي، پر مان پاڻ سان گڏ
ساز سرود آندا هئا، ان ڪري سرديءَ ۽ اڪيلائيءَ جو
احساس گهٽ ٿيندو هو ۽ آغا صاحب جي به جملي ۾ اڪيلي
هجڻ جو شبهو ته ڪونه هو پر مون کي لڳو ته ڪوئٽيا
جي شهر ۾ سو به سرديءَ جي موسم ۾ ڪنهن قلمڪار جو
اڪيلو رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. مون ريڊيو جي ئي هڪ ٻئي
ناليواري پروڊيوسر مرحوم محمد ابراهيم شيخ کي به
اتي ڪوئٽيا ۾ اداس گذاريندي ڏٺو هو، مرحوم هيو ته
کلڻو ۽ رلڻو ملڻو ۽ چوندو به کلي کلي هو ته: ”يار
زنانه ڪم به پاڻ کي ٿا ڪرڻا پون.“
اسان کي حيران ٿيندي ڏسي وضاحت ڪندو هو ته:
”يار ٻي ڪا ڳالهه نه سمجهجو، اصل ۾ ٿانوَ به پاڻ
کي ٿا ڌوئڻا پون.“
تڏهن ان جي کلي پوڻ ۾ به ڪافي اڪيلائي جو احساس
ٿيندو هو، باقي ڪوئٽيا ۾ خوش رهيو ته ريڊيو جو
معروف پروڊيوسر ’نثار ميمڻ‘، جنهن پنهنجو سڄو
ٽينيوئر کلي کلي گذاري ڇڏيو، پر انهن جي ابتڙ
مرحوم انور بلوچ صفا بيزار ٿي پيو هو، پر آغا صاحب
پاڻ کي لکڻ ۾ مصروف ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري لکا نه
پوندي هئي، بهرحال آغا صاحب ڪوئٽيا جي اڪيلائيءَ
مان ڀرپور فائدو ورتو ۽ سنڌي ادب کي نهايت انمول
ڪتاب ڏنائين.
.........
”بدوي! يار هي شعر ته ڏس، مڙئي ڪڏهن ڪڏهن شاعري به
اچي دل جو دروازو کڙڪائيندي آهي.“
”سائين اوهان جا ڪتاب پڙهي ته اسان ادب جي ميدان ۾
پير پاتو آهي.“
”نه! ماشاءَالله تو به وڏي محنت ڪئي آهي.“
مون شعر ڏٺو، رائيٽنگ پيڊ تي بال پين سان لکيل هو،
صاف سٿرن اکرن ۾...
”چڙهيو جو چنڊ ته هن شهر جا ڪي ديوانا،
هليا ته يار چڪايون ڪو وحشتن جو حساب،
ڳلي ۾ طوق صليبون سجائي سيني ۾
هر هڪ صليب تي مصلوب ها مسيحا خواب.“
ان نظم واري پني کي مون گهڻو ئي سنڀالي رکيو هو،
پر جيئن ته نه ڪڏهن آغا صاحب ٻڌائڻ لاءِ چيو، نه
ئي مون کيس ڳائي ٻڌايو. بس منهنجي اهڙين ٻين
ڪيترين ڌُنن وانگر ان نظم جي ڌن به هوا ۾ ڦهلجي
وئي.
.........
ٻڌو ته مون به آهي ته آغا صاحب باقاعدي شاعري به
ڪئي آهي ۽ سندس ڪو مجموعو به شايع ٿيو آهي، پر
جيئن ته سندس ڪتاب جا ناشر کيس ايتريون ڪاپيون به
نه ڏيندا آهن جو ڪنهن ويجهي دوست کي تحفي ۾ ڏئي
سگهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان رڳو ڪتابن ۾ پڙهيو
آهي ته سندس شاعريءَ جو مجموعو ”پن ڇڻ ۽ چنڊ“
1986ع ڌاري شايع ٿيل آهي.
.........
”يار بدوي! ڪلچر ڊپارٽمينٽ اهو ڪتاب شايع ڪرڻ جو
خيال ڏيکاريو آهي، پر...“ چوندي چپ ٿي ويو.
مون دماغ تي زور ڏنو ته ياد آيو ته آغا صاحب ان
ڪتاب جي ڳالهه ٿي ڪئي، جيڪو پاڻ ڪوئٽيا واري
اڪيلائيءَ دوران لکيو هئائين.
”يار تون به موسيقيءَ جو ماڻهو آن! اهڙن کاتن ۾ ته
توکي هجڻ گهرجي ها.“
مان لڄي لڄي ٿيڻ لڳس، ڇاڪاڻ ته اتي تازو اسان جي
پاڪستان ٽيليويزن جو ناميارو اسڪرپٽ ايڊيٽر مرحوم
ممتاز مرزاصاحب
DG
ٿي ويو هو، ۽ ادب سان گڏ سندس موسيقيءَ واري
پهلوءَ کان به سڀڪو واقف هو، ان جي مقابلي ۾ مان
ته بلڪل به جيتامڙو هوس، پر آغاصاحب کي دلجاءِ ڏيڻ
خاطر مون رڳو منهن کي ڀيلڙو ڪري سندس ها ۾ ها
ملائي.
سندس هٿ ۾ جيڪو ڪتاب هو سو ايندي ئي هن ڀر وري
خالي ڪرسيءَ تي رکيو هو، پوءِ جو ڪو ٻيو مهمان آيو
ته هن اهو ڪتاب کڻي ٽيبل تي رکيو. جنهن کي مون
ڳالهين دوران کڻي ڏٺو ته اهو ”شاهه سائينءَ جي
موسيقيءَ جي روايت“ متعلق هو.
.........
تازو 2014ع دوران جڏهن ثقافت کاتي ۽ شاهه لطيف
چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران ”شاهه سائينءَ جي
راڳ جي روايت“ متعلق پروگرام لاءِ مون کي پيپر
لکڻو هو، ان ڏس ۾ آغا صاحب جي به موسيقيءَ متعلق
لکيل ڪتاب: ”سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاهه جي
رسالي جا سر“ (شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي
يونيورسٽي 2011ع) منجهان مون ريفرنس ڪڍيو هو،
منهجو پيپر ته ”شاهه جو راڳ ڪيئن محفوظ ڪجي“ متعلق
هو، جنهن ۾ مون سنڌي سنگيت تيار ڪرڻ تي زور ڏيندي
سنڌي راڳن جو ذڪر ڪيو، پر جڏهن آغا صاحب پنهنجي
صدارتي تقرير ڪئي ته آغا صاحب ”راڳ راڻي“ کي سنگيت
جو راڳ قبول نه ڪيو. موسيقيءَ جي اهڙي اختلاف تي
ظاهر آهي، مان سندس آخري ۽ صدارتي راءِ کان پوءِ
ڪجهه ڳالهائي ته نه ٿي سگهيس، پر جڏهن پروگرام
پورو ٿيو ته مون پنهنجو موقف سندس اڳيان رکيو، پر
آغا صاحب پنهنجي رک رکاءَ واري لهجي ۾ مون کي
مطمئن ڪندي چيو:
”من راڻو هڪ ڌن آهي، راڳ ناهي، سنڌي سنگيت جو وجود
ناهي.“
دل ۾ سوچيم، سنگيت جا سمورا ڪتاب راڳن جي سمجهاڻين
۽ انهن جي ڌنن تي تيار ٿيل آهن ته پوءِ سنڌي راڳن
۽ انهن جي ڌنن کي گڏ ڪري سنڌي سنگيت تيار ڪري ڇو
نه ٿي سگهجي، پر آغا صاحب اسان جو وڏو آهي، ان ڪري
کيس مڃائڻ مشڪل آهي.
.........
اها خبر تمام گهٽ ماڻهن کي آهي ته مون جڏهن
پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تان سنڌ جي ناميارن
شاعرن جي اردو ڪلام تي مبني اردو پروگرام ڪرڻ پئي
چاهيو ته ان جي اسڪرپٽ لاءِ پهريون مون آغا صاحب
کي ئي عرض ڪيو هو، پر پنهنجي مجبوري ٻڌايائين، پر
جڏهن ان پروگرام جي عنوان لاءِ عرض ڪيم ته چوڻ
لڳو: ”سنڌ جي انهن محبتي شاعرن جي پروگرام جو نالو
به ’محبتون ڪي سفير‘ هجڻ گهرجي.“
.........
ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته آغا سليم صاحب خود
شڪارپور مان محبتن جي سفير جي ئي صورت ۾ نروار ٿيو
هو. تڏهن مان عمر ۾ ننڍو هوس، پر علم ادب سان
وابستگيءَ سبب، سنڌ جي گهڻن ئي ترقي پسند ليکڪن جي
نالن کان واقف هوندو هوس، جن ۾آغا سليم صاحب به
هو، پر خبر اها پئي ته منهنجي علمي ادبي شوق کان
اٽڪل ارڙنهن اڻويهه سال اڳ 1948ع ۾ ئي آغا صاحب
شڪارپور مان لڏي حيدرآباد وڃي رهيو هو، نه ته جيڪر
اسان شڪارپور ۾ جيڪو ادبي منڊل مچايو هو، ان ۾
سندس رهبري اسان لاءِ وڏي وٿ هجي ها!
آغا صاحب متعلق ائين سوچڻ جو سبب بنيادي طور هيو
به اهو ته اسان جڏهن پنهنجي ان ابتدائي دور ۾ اٽڪل
1964ع ڌاري سندس پهريون ناوليٽ: ”روشنيءَ جي تلاش“
پڙهيو هو، ته سيکڙاٽن واري جستجو ۾ سندس پڇائون به
ڪيونسي، ڪڙيءَ ۾ رهندڙن کان به معلومات پئي
ورتيسي.
.........
پهرين ملاقات آغا سليم صاحب سان پاڪستان ٽيليويزن
ڪراچي سينٽر تي 1975ع ۾ ٿي، جڏهن پنهنجي سنڌي
ڊرامي ”درد جا پڙلاءَ“ جي ريڪارڊنگ (28. 11.
1975ع) لاءِ آيل هو. اهو ڊرامو ناليواري پروڊيوسر
هارون رند پئي رڪارڊ ڪيو. ان کان پوءِ به آغا صاحب
جا ڊراما رڪارڊ ٿيا، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
ö
”مانجهي مرد“
(پروڊيوسر، عبدالڪريم بلوچ، 25. 08. 1973ع).
ö
”پاس ناپاس“
(پروڊيوسر، عبدالڪريم بلوچ، 21. 09. 1973ع)
ö
”سُک جي وستي“
(پنجويهن منٽن جون ٻه قسطون)، (پروڊيوسر،
غلام حيدر صديقي، 05 ۽ 06. 12. 1974ع)
ö
”بري هن ڀنڀور ۾“:
(پروڊيوسر: هارون رند، 25. 08. 1976ع).
ö
”اڻ کٽ فاصلا“
(25 منٽن جون ٻه قسطون) (پروڊيوسر: هارون رند،
15. 10. 1976ع)
ö
”پوياڙيءَ جا پاڇا“
(پروڊيوسر: 25. 03. 1977ع)
ö
”ماٺار“
(پروڊيوسر: مرغوب احمد صديقي، 12. 04. 1977ع)
ö
”چانڊوڪيءَ جو زهر“
(پنجويهن منٽن جون ٻه قسطون)، (پروڊيوسر:
هارون رند،05 ۽ 12. 10. 1977ع)
ö
”پورٽريٽ“
(پنجاهه منٽ) (پروڊيوسر هارون رند، 13. 12.
1977ع).
.........
مون کي ايترو ياد آهي ته آغا سليم صاحب جو ناوليٽ:
”روشنيءَ جي تلاش“ مون شڪارپور واري زماني ۾ پڙهيو
هو، ۽ اهو به نه رڳو مون اڪيلي پر اسان جي سموري
سنگت: خليل مورياڻي، سليم چنا، ڊاڪٽر جاويد قاضي،
شمس صديقي، جيڪو صديق پنهور، مونس اياز، پير محمد
پرواني (ڪئلاش) ۽ زاهد سنڌو پڙهيو هو. تڏهن
شڪارپور ۾ سنگت جي هڪ اسٽڊي سرڪل هوندي هئي ۽ سڀني
کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق هوندو هو. پوءِ ته خيرن سان
آغا صاحب جي ڪهاڻين جا مجموعا: ”چنڊ جا تمنائي“ ۽
”ڌرتي روشن آهي“، ”درد جو شهر“، يا سندس ناول:
”همه اوست“ ۽ ”اڻپورو انسان“ مون هتي ڪراچيءَ ۾ ٽي
ويءَ جي ملازمت دوران پڙهيا هئا.
سندس ناول جي هڪ عنوان: ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“
کان متاثر ٿي مون به پنهنجي هڪ ڪهاڻيءَ جو عنوان
ٿورو بدلائي ”روشن رات، اونداهون صبح“ رکيو هو ۽
اها ئي هڪڙي ڪهاڻي ماهوار سهڻيءَ ۾ شايع ٿي هئي.
.........
آغا سليم صاحب جهڙو پاڻ مهذب انسان آهي، اهڙيون ئي
سندس لکڻيون آهن. ناول، ڪهاڻي يا تحقيق جي فن کان
ڀلي ڀت واقف آهي، سنڌ جي تاريخ ۽ موسيقيءَ سان
سندس وڏو لڳاءُ آهي، اهو ئي سبب آهي جو موسيقيءَ
جي تاريخ هجي يا انساني تهذيب ۽ ان جي اوسر هجي،
آغا صاحب ڪهاڻيءَ يا ناول جي ڪردارن ۽ واقعن ذريعي
پنهنجي ادراڪ جي پالوٽ نهايت آسانيءَ سان پيش ڪندو
رهيو آهي. آغا صاحب جي لکڻين ۾ رومانس به آهي ته
انساني سماجي درد ڏک به آهي.
.........
آغا صاحب شروعات ته ڪهاڻين لکڻ سان ڪئي پر
جيستائين ريڊيو ۾ رهيو، تيستائين ٽي وي ناٽڪ،
ريڊيائي ڊراما توڙي اسٽيج ڊرامن لکڻ ۽ پيش ڪرڻ
ڏانهن سندس وڌيڪ رحجان هو، پر رٽاير ٿيڻ کان ڪجهه
عرصو اڳ تحقيق جي پاسي سندس شغف وڌي ويو آهي.
.........
”مسرور!“ اسلم اظهر پنهنجي رعبدار آواز ۾ مخاطب
ڪيو، گڏجاڻيءَ ۾ ويٺل سمورا روشن خيال دوست مون
ڏانهن نهارڻ لڳا، مون ڏانهنس ڏٺو ته اردوءَ جي
مخصوص لهجي ۾ چوڻ لڳو:
”سندھی کا کوئی ایسا ڈرامہ بتاؤ جس کوہم موہن جو
داڑو پر اسٹیج کریں۔۔۔“
مون ڀرسان ويٺل ڪئلاش جي منهن ۾ نهاريو ته ڪهڙو
ڊرامو چونڊجي، سندس شڪل ۾ نهارڻ سان ئي مون کي آغا
سليم صاحب جا اسٽيج ڊراما ياد اچي ويا: دودو
چنيسر: جيڪو ريڊيو جي صداڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل
هو ۽ اهو جيڪب آباد جي زرعي صنعتي نمائش دوران
ٿيندڙ ثقافتي پروگرامن دوران اسٽيج تي ٿيو هو،
جنهن ۾ عبدالحق ابڙي، ظهور افغان، غزاله خورشيد،
منظور قريشي ۽ انور سولنگيءَ ڪم ڪيو هو.
ٻيو ڊرامو هو ”سورٺ راءِ ڏياچ“ جيڪو ماهوار ’روح
رهاڻ‘ ۾ شايع ٿيو هو. پر ان ئي گهڙيءَ ڪئلاش ياد
ڏياريو ته ”آغا سليم جي ناول اونداهي ڌرتي روشن
هٿ“ کي ڇو نه ڊراماٽائيز ڪجي.“
مون ان جي ڪهاڻيءَ تي سوچيندي ڪنڌ سان هاڪار ڪئي،
تنهن تي اسلم اظهر سوال ڪيو:
”کیوں بیدل کیسا ہوگا؟“
”ہوگا تو لاجواب“
”اسٹوری کیا ہے؟“
”سارنگ نامی نوجوان ہے جو سنگتراش بننے کی خواہش
لے کرموہن جو دڑو کے نامور سنگتراش مانک کے پاس
آکر اس کی شاگردی اختیار کرتاہے، اور مختلف قسم کے
بت بناتا ہے، مگر اس کے دل میں جس شاہکار بنانے کا
شوق ہے وہ پورا نہیں ہو پاتا، مگر مہاپوجارن بننے
کی رسم میں جب سندہو کو رقص کرتے دیکھتا ہے تو اس
کے اندر کا فنکار جاگتا ہے اور وہ اس کے نرت کے
انداز کو مورتیوں کے روپ میں ڈھالنا شروع کردیتا
ہے، اس کے اس عمل کا جب مہاپوجاری کو پتہ چلتا ہے
تو وہ اس کے ہاتھ کٹوادیتا ہے“
”بس بس کام ہوگیا، منصور کیا خیال ہے، کیسا
رہیگا؟“
منصور سعيد جيڪو الائي ڪهڙن خيالن ۾ گم هو، تنهن
مڙئي سندس دل رکڻ لاءِ هاڪار ۾ ڪنڌ کي ڌوڻيو، پر
پنهنجو اعتراض پيش ڪندي چوڻ لڳو:
”اسلم کہانی تو اچھی ہے مگر اس میں اتنے سارے بت
کہاں سے لائیں گے، وہ بھی رقص کرتی عورت کے؟“
مون چيو: ” اس کیلئے ایسا کریں گے کہ دستک کی
اداکارؤں کے کپڑوں کے اوپر مٹی مل دیں گے.“
”زبردست“
”مگریار بیدل اس زمانے میں یہ بت ننگے بنائے ہوں
گے اس نے، وہ کیسے کروگے“
منصور منهنجي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو.
مان في الحال ته خاموش ٿي ويس، پر جيئن ته ان جي
اردو ترجمي جو ذمو ڪئلاش تي رکيو ويو، ۽ اهو هن
ڪيو ڪو نه هو، مٿان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ٻوليءَ
وارا هنگاما شروع ٿي ويا، پهرين مهاجرن ۽ پٺاڻن وچ
۾ جهيڙو شروع ٿيو، جيڪو خوناريزي تي وڃي پهتو،
پوءِ مهاجرن پنجابين کي اٿلائي رکيو، ائين سنڌين
جي مٿان به قهر نازل ٿيو ته الائي ڪيترا سنڌي
نوجوان ماري رستن تي اڇلائي ڇڏيائون ۽ ائين موهن
جي دڙي تي آغا صاحب جي ڊرامي اسٽيج ڪرڻ جو خواب
خواب ئي رهجي ويو.
نصير مرزا
بُلند سر بُلند- آغا سليم
آغا سليم سنڌي افسانوي ادب جُو پُرجلال ۽ پُرجمال
چهرو آهي. بلند ڪهاڻيڪار، سربلند ناول نويس، اعليٰ
ناٽڪ نگار، ڀٽائي صاحب، سچل سرمست ۽ ساميءَ جو
انگريزي مترجم ۽ محقق. علاوه ازين ننڍي کنڊ جي
موسيقي جو پارکو، جنهن پنهنجي تخليقي لکڻين ۾
رومينس، تصوف ۽ انقلاب کي آدرش بنايو ۽ رومانوي
رنگ سان پنهنجي افسانوي ادب جي اُڻتڪاري ڪئي. هو
پهريون اهڙو افسانه نگار آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ جي
افساني، ناول ۽ ڊرامي کي تاريخ، فلسفي، وطن پرستي
۽ ڪلاسيڪل ورثي جي وارثي سان متعارف ڪرايو
سينگاريو.. ۽ بطور وطن پرست فڪشن نگار جي، پنهنجي
مڙني همعصرن ۾ منفرد حيثيت سان اُڀري سامهون آيو.
سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل اثاثي کي اردو ۽
انگريزيءَ ۾ متعارف ڪرائڻ... آغا صاحب جو ٻيو اهم
ڪارنامو آهي. ۽ ساڳئي وقت، هُن بابا فريد گنج شڪر
جا دوها پڻ، پهريون ڀيرو هندي ۽ پنجابيءَ مان
سنڌيءَ ۾ آندا ۽ گڏوگڏ بابا گُرو نانڪ جي ٻاڻين،
ڪبير داس جي دوهن، ميرا ٻائيءَ جي ڀڄنن، خان خانان
جي ڪلام، ۽ ننڍي کنڊ جي اهڙي ٻئي عظيم تخليقي
اثاثي ۽ ورثي کي سنڌي ٻولي ۾ شيئر ڪيو. ۽ صرف
ايترو ئي نه، هن جديد ڪلاسڪس ۽ سنڌ جي مائل اسٽون
شاعر شيخ اياز کي پڻ هڪ نئين رخ سان دريافت ڪيو ۽
جيئن شاهه صاحب بابت... ڪتاب ”لات جا لطيف جي“
لکيو... ايئن ئي شيخ اياز بابت”صدين جي صدا“ جهڙو
ڪتاب لکيائون. هي ٻيئي ڪتاب، آغا صاحب جي قلم جا،
ٻه نوان ڪرشما آهن. هتي اهو به آگاهه رهجي، ته
برابر... تصوف جي رمز، جنم جنم کان سنڌي شاعري ۾
شامل پئي رهي. پر افسانوي نثر ۾ تصوف جي رمز... سڀ
کان اول آغا سليم صاحب ئي رائج ڪئي! منهنجي اندازي
موجب اهڙي ابتدا هن پنهجي ناول ’همه اوست‘ سان ڪئي
آهي. صوفي شاهه عنايت شهيد... شاهه لطيف... مخدوم
معين الدين ٺارو... ۽ هي سڀ معزز هستيون پهريون
ڀيرو، ان ئي ناول ۾ نمودار ٿيون هيون. انهن سان
گڏ، پهريون ڀيرو افسانوي ادب ۾ تصوف سان گڏ سنڌ
سان لاڳاپيل فڪري موضوع پڻ آغا صاحب ئي متعارف
ڪرايا. ظاهر آهي انهن سڀني موضوعن تي لکڻ لاءِ بي
پناهه ڄاڻ ۽ مطالعي جي ضرورت هئي. جنهن لاءِ آغا
صاحب جو يقينن ته وڏو هوم ورڪ ڪيو ٿو ڏسجي.
منهنجو مشاهدو، آغا صاحب بابت هي به... ته سندن
شخصيت ۾ وجاهت کانسواءِ ٻي جيڪا شئي نمايان... اها
سندس سڀاءُ جي ارڏائي آهي، ريڊيو ۾ سندن ڪيريئر جي
ابتدا پروگرام آرگنائيزر جي حيثيت ۾ ٿي، جتي سندن
ارڏائيءَ جا قصا مون پنهنجن سينيئرز کان ٻڌا ۽
بارها ٻڌا... يعني پاڻ ايڏا ته هوڏي، ضدي جو جيڪا
ڳالهه نا پسند... ته پنهنجي
Bosses
سان مد مقابل... ۽ ان ڪري... پنهنجي 32 سالا سروس
دوران ٽرانسفرز به سندن جام ٿيا. ڪڏهن حيدرآباد
ڪڏهن پنڊي، ڪڏهن ملتان ته ڪڏهن وري اسلام آباد،
ڪڏهن اسڪردو، ڪوئيٽا، ۽ گلگت. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي
صلح ڪُل سڀاءَ کي ڏسي چوندا رهندا اٿم. ”اڙي من!
آفيسرن سان سمجهوتو ڪري هڪ ئي هنڌ نوڪري ڪري...
عمر ڳاري ڇڏيئي.“
خير، حيدرآباد اسٽيشن تي پوسٽنگ دوران، 1978ع ڌاري
پنهنجي آئوٽ اسپوڪن گفتگو جي ڪري... نارا جيل جي
هوا به ته پاڻ کائي آيا هئا پر ڪهڙي ڏوهه ۾!؟ ۽ ان
جو بيان پوءِ ڪڏهن...
آغا صاحب برابر ته پنهنجي پوسچر ۾ هٺيلا ۽
ايروگينٽ، پر جن جن يارن لاءِ وٽن دل ۾
Soft
ڪارنر... پاڻ! اهڙي هر شخص لاءِ جهڙا شڪارپور واري
ٺاڪر داس جا ٿڌا مٺا فالودا... جي ها! بي حد مٺا ۽
رس ڀريا.
۽ سڀ ڄاڻن ٿا... سنڌ ۾ پنهنجن همعصر ڪهاڻيڪارن جي
ڀيٽ ۾، آغا صاحب... هاڻي محض ڪهاڻيڪار يا فڪشن
رائيٽر ئي نه... محقق، مترجم ۽ موسيقيءَ جي ماهر
طور به... همعصرن کان... ٻه وکون اڳتي ئي نظر اچن
ٿا. خاص ڪري شاهه سائين، شاهه عنات رضويءَ، سچل
سرمست ۽ ساميءَ بابت انگريزيءَ ۾ ڪيل سندن ڪم...
ادب دنيا ۾،کين هڪڙي الڳ مقام تي آڻي بيهاريو آهي.
اهڙي ڪم آڌار سندن شمار... اڄ سنڌ جي انهي اڻٿڪ
ليکڪ ۾ ٿئي ٿو، جنهن 64 ورهين کان مسلسل لکيو آهي.
سندن اهڙي ڀرپور ڪم جي مڪمل ڪَٿَ... پڪ سان ته
مستقبل جو ئي ڪو مؤرخ ڪندو، البت منهنجو ذاتي
مشاهدو آهي، ته دورِ حاضر ۾ آغا سليم صاحب سنڌي
ٻوليءَ جي انهن معتبر هستين جي قطار ۾ بيٺل آهي،
جيڪا قطار... ڀٽائي صاحب کان شروع ٿئي ٿي ۽ جنهن
قطار ۾ قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، شيخ اياز،
نارائڻ شيام ۽ جمال ابڙي صاحب جهڙيون معتبر هستيون
چِٽيون پِٽيون نظر اينديون اٿم.
آدرش
منَ! خوش آن ني
دُنيا ۾ رهڻ لاءِ سُٺيون ۽ سهڻيون ٻَه جايون آهِن
ڪنهن جو منُ يا ڪنهن جُون دُعائون. مان ڀاڳوند
آهيان جو اَمڙ جي دُعائن ۾ رَهيم ۽ دوستن جي دِل ۾
جاءِ هوندِي آهي.
ارشاد سومرو منهنجو پڳ مٽ يار اهڙو جو چولن جي ڳنڍ
ٻَڌي شڪارپور جون گهٽيون گهمندا هياسون. اڄ به
اَسان جي پيرن جا نِشانَ ڳولڻ سان لِڀَي ويندا.
ساڳئي گهٽيءَ ۾ گهَر. جنهن مهلَ هڪ ٻئي جو دَرُ
کڙڪايُون ته نه رڳو درُ کُلي وڃي ته دلُين جا
ڪُشاد اداروازا به کُلي وَڃن گڏ نڪري پئون. گهمندا
ڦُرندا دوستن جي اوطاقن تي وَڃون ته ڪَڏي وري اُهي
دوست اَسان جي اوطاقن تي اَچي ڀئرو ڀَڃي وَڃن.
ڳالهيون ريشمي پشم جهڙي نَرم ڪپڙن وانگرُ کُلنديون
وڃن ته وقت اهڙو سندرگذري وَڃي ڄڻ ڪا ڀرمان
خوشبوءِ ڀِنل دوشيزه گذري وڃي ۽ سَڄي گهٽيءَ کي
محطر ڪُيون وڃي.
قربَ جي ڪچهرين مان واندا ٿي رات جو ديرسان موٽون
به تَه اُلڪو ئي نَه نَه اَغوا جو ڊَپُ، نه ئي
پئسن کسجڻ جو ڪو خوفُ. منَ ۾ رڳو گهرَ ڏانهن دير
سان اچڻ تي ڪنهن وَڏي سَڏي جي دَڙڪن جو کُٽڪو.
دُڙڪن ۾ به پنهنجائپ واري هَلڪي ڪاوڙ ۽ جَجهي محبت
ڀَريل هوندي هِئي.
ارشاد هوندو هو ويشي ته مان وري وديشي. ارشاد
”جيئي سنڌ“ جا تمغا ڇاتيءَ تي هڻي هلي ته مان وري
زان پال سارتر جو
(other man is hell)
جو بئنر کڻي هلندو هيم. ٻئي پنهنجي پَرَ ۾ خوش.
اَسان ٻنهي جا جتي پيرَ هوندا هُيا. اُتي خوشيون ۽
خير هوندا هئا.
هنَ يارَکي گهمڻ ۽ ليڪن سان ملڻَ جو تمام گهڻو شوق
هوندو هو. ماکي به لڳاءُ. مان به هن جي اڳيان
پويان ڇيلي وانگرُ ڦِرندو وَتندو هيم. هن جي بدولت
پنهنجي ئي شهرَ ۾ سُٺن ليکڪن سان مِلي، آٽو گِراف
وٺي، خوشين جي ٿالهه ڀري ايندو هُيم.
شڪارپور ۾ ڪو ليکڪ پهتو ناهي ارشاد کي ائين کڙڪ
پئجي ويندي، جيئن شِهزاديءَ کي قيد ڪندڙ ديو کي
آدم زاد جي بوءِ اَچي وڃي.
اَسيءَ جو ڏهاڪو هو. زمانو جُو ان هو جو اَسان جو
شباب هو. شباب به اَهڙو جو ڪنهن جي چَپن تي چپ
رکون ته باهِه ٻَري وَڃي. صبح جو هي همراه آيو ۽
خوشيءَ هڪڙي جي اوطاق تي ايندو. تيار ٿي ويهجانءَ.
مان ايندو مانءَ ته شڪارپور جو اُهو وقت اِنڊلٺ جي
رنگن جهڙو هو. اڃان هن شهر ۾ ڪوهيڙي پيرُ نَه پاتو
هو. آسمان نيرو هو ۽ رنگ برنگي لغڙ، ڦوڪڻا اڏامندا
هُيا. شام فرئنچ شئمپيندا وانگرُ هوندي هئي. هَر
گهر ۾ اَمن ۽ محبت جي بادشاهي هئي. هر گهر ۾ اوطاق
هوندي هئي. اوطاقن به گهر ڌڻين جي دِلين وانگرُ
ڪنهن راج ڪُمار جي محل جي اڱڻ وانگر ڪشاديون هيون.
هوٽل لوفرن جي ويهڻ جي جاءِ ليکيا ويندا هُيا.
هاڻي ته عجب دور آهي جو طالب ته پنهنجي جاءِ تي،
اوطاقن ئي ناهن جو طالبن کي تنوازين.
آغا سليم صاحب اَسان جو آئيڊيل ليکڪ ۽ اَسان جي
دلين ۾ ويٺل سُهڻو ماڻهو ۽ سوني تي سهاڳو اهو جو
اَسان جو ڳوٺائي. هنَ جون رومئنٽڪ ڪهاڻيون پڙهي
ڪهاڻين جي هيري وانگرُ پاڻ کي سينگاريندا هياسون
ته رات جو سپنن جي سنسار ۾ آغا صاحب جي ڪهاڻين جي
هيري وانگر پرڏيهي ملڪ جي ڪنهن شهر جي ڪلب ۾ جپين
جي چيلهه ۾ هٿَ وجهي، ڊانسنگ فِلور تي ڊانس ڪندا
هياسون. صبح جو جاڳي ڪري وِهاڻو مٿي ڪندا هياسون
ته هڪُ گُل رکيو هوندو هو. گل کڻي ڪوٽ جي کيسي ۾
هڻي، گهران نڪرندا هياسون ته گهٽي باغ بڻجي ويندي
هئي.
آغا سليم صاحب جي عالي شان ناول ”اونداهي ڌرتي،
روشن هٿ“ جو ايڏو اثر هو جو ڪڏهن ائين لڳندو هو
ڄَڻ اَسان جا هٿ، سنگتراش سارنگ وانگر وڍيا پيا
وڃن.
شام جو ڪوئلن واري استري گرم ڪري ٽي دفعا ڪپڙا
ڪنهن ديوداسيءَ جي سَترن جهڙا لسا ڪيم. صابڻ مهٽي
لڱَ صاف ڪري، وارن ۾ تيل هڻي تڙ ڪيم. لٽاپائي
آئيني اڳيان وارن ۾ گُل ڪڍي ڏِنم ته خبر نه پئي
پوي ته مان پيو شرمايان يا آئِينو؟
سانجهيءَ مهل گهرجي ڪوٺي واري ڀتِ جي اوٽ کان چنڊُ
آهستي آهستي ائين پئي نِڪتو جيئن ڪا ڪاليجي ڪِڪِي
آهستي آهستي پنهنجا لَٽا لاهي.
دروازو کڙڪيو. نڪتم ته ارشاد به شهزادي گُل فام
وانگرُ ٺهيو سنبريو بيٺو هو. ارشاد ۽ مان خرامان
هلڻ لڳاسُون ته گهٽيءَ جي ننڍڙي مسيت مُلان
اسماعيل جي پُرنم آواز ۾ ٻانگ ٻڌڻ ۾ آئي. مُلان
اسماعيل ڪُراڙو مڙس، سفيد ڪپهه جهڙي سونهاريءَ ۾
ائين لڳندو هو ڄڻَ الف ليله ڪتاب ۾ نڪري آيو هجي.
هاَنو ڦاڙ لائوڊ ڊاسپيڪرس ڪونه هيا ۽ مُلان
اسماعيل اهڙي ته سٺي ۽ ٻاجهاري انداز ۾ آذان ڏيندو
هو جو پکي به ميست جي ڀت تي اچي ويهي رَهندا هيا.
اَسان سائين نثار هڪڙي جي اوطاق تي آياسون.
دَروازا فقير جي هٿَ ترين وانگر کليل هو. اوطاق ۾
ڪافي دوست ويٺا هئا. مِليا سون ۽ کِلِي کِيڪاريو
سون. سُتت ئي آغا صاحب اَچي ويو ته شمع ٻري وَئي.
اوطاق روشن ٿي وئي. سَدا مَلُوڪ، سُهڻو جا نٺو، قد
جي اوچو شان مان سان آغا صاحب اوطاق جي دروازي مان
اِئين آيو جيئن برطانيا جو بادشاهه بِڪنگهه پئليس
۾ اَچي وَڃي. اَسان وزير باتد بير بڻجي با ادب ٿي
بيٺا سُون. آغا صاحب سڀني سان ڀاڪُر پائي پيار ۽
پاٻوه سان مِليو. هنَ جي چَپن تي اهڙي مُرڪ هئي
جيڪا دُشمن کي به هٿيار اُڇلائڻ تي مجبور ڪري.
حَسِين ۽ جَميل پُر وقار سُهڻو آغا سليم ڪنهن شانت
ديوتا جيان منهنجي ۾ ويهي چوڻ لڳو: ”مَنَ !خوش آن
نِي.“
آغا صاحب سان ٻه ٽِي ڪلاڪ روح رهاڻ هِلي. آغا صاحب
جي ڳالهائڻ جو جادوئي اَنداز من موهيندڙ ته وري
هنَ ٽهڪَ اهڙا جو منَ مندر ۾ گهنٽيون وڄڻ لڳن. هن
جو ڳالهيون ٻُڌندي مان ڏانهسُ ائين ڏسندو رهيم
جيئن شاعر سمنڊ ڏانهن ڏسندو آهي.
تنهن ڏهاڙي آغا صاحب کي ڪُرتي ڪالرتي ڪارو لِباسُ
پاتل هو ۽ ڏاڍو ٺاهو ڪو پئي لڳو. مون به هنَ جي
ريس اهڙو وڳو ٺهرائي پاتو پر مُنهنجي تنَ تي اهڙو
ڪونه ٺهيو جهڙو آغا صاحب جي تنَ تي ٺهي پيو. هونئن
به رَسُول حمزاتوف چواڻيءَ ”توهان ٽالسٽائي جَهڙو
ٽوپلو ته خريد ڪري سگهو ٿا پر هُنَ جهڙو مَٿو
ڪاٿئون آڻيندئو؟“
ٽي سو ورهيه کن اڳ ڌندي ڌاڙيءَ ۽ واپار سانگي
افغانستان کان پٺاڻ شِڪارپور آيا. قنڌاري صُوفن
جهڙا سُهڻا ۽ مِٺا. آيا ته شڪارپور شهزادي سَندن
دلين ۾ ويهي رهي ته وڃڻ جُون وايون ئي نه ڪيائون.
هڪ ڀُلوڙ واپاري عطا محمد خان شهر کان ٿورو پَرڀرو
پنهنجا پکا اڏائي ويٺو ته اهو بيابان علائقو
گُلستان بڻجي ويو ته ڪِلي عطا محمد سڏجڻ لڳو، جنهن
جي معنى آهي عطا مُحمد جو پاڙو. وقت گذرندي اِهو
پاڙو جيئن اسٽيشن ٽيشن سَڏجڻ لڳي تيئن ڪلي عطا
محمد به ڪِڙي عطا محمد سڏجڻ لڳو ۽ سرڪاري دفترن جي
ڪاڳرن ۽ ماڻهن جي وات ۾ ڪڙي عطا محمد اَچي ويو.
ڪڙي عطا محمد ڪنهن اُداس ڪنياجي نيڻن وانگر شانت
پاڙو آهي. ان پاڙي ۾ وڏا ماڻهو پيدا ٿيا آهن. آغا
سليم جي ڇا ڳالهه ڪجي! نام هي ڪافي هي.
آغا صاحب کان سواءِ آغا مُحمد يعقوب خان به ڀٽائي
صاحب جو رسالو پهريائين انگريزي ٻوليءَ ۾ سهڻي
نموني ترجمو ڪيو. آغا صاحب دبنگ مختيار ڪار هو.
رشوت کان ائين پري هو جيئن واڻيو ڪَلمي کان.
روهڙيءَ ۾ مختيار ڪار هو ته هڪ هندو سيٺ تحفي طور
مٺائيءَ جو دَٻو کڻي ويس سوبه سڪ مان ته ڪاوڙجي
ويو هو. چيو هيائين: ”ڀائي بند! رشوت کي تحفي جي
روپ ۾ ٿو مَٽائين.“
هُن کي ڇهه ڪلاڪ سزا طور هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو هيائين
۽ هندو سيٺ وڃڻ مهلَ ڪنن جي پاپڙين تي هٿ رکي رام
رام ڪندو ويو هو.
ان ئي پاڙي ۾ ماڻهو ۽ ترقي پسند کاهوڙي ليکڪ
نورالدين سرڪيءَ به جنم ورتو هو. هن روسي عظيم
ليکڪ ليوٽالسٽائي جو مشهور ڪتاب
(what to be done)
جو سولي سنڌيءَ ۾ ”نيٺ ڇا ڪجي؟“ جي نالي سان ترجمو
ڪيو. مرحوم جا ڪجهه ڪتاب سندس اباڻي گهرجي دريءَ ۾
سندس سُٺي ڀيڻ آپا عائشه ساهه جِيان سانڍي رکيا
آهن ۽ هفتي ڏيڍ ڇنڊي ڦوڪي صاف ڪري رکندي آهي ڄڻ
سرڪي صاحب جا اِهي ڪتاب نه ڄڻ ٻچڙا هُجن.
سُهڻو اسٽائلش اقبال ترين به ڪڙي عطا محمد ۾ ڄائو.
هو جيئي سنڌ اسٽوڊنش فيڊ ريشن جو بانيڪار ۽ پهريون
صدر هو. ان کان سواءِ پاڪستان ٽيلي ويزن جي سنڌي
ناٽڪ جو پهريون هِيرو هو ۽ هاڻي آمريڪا ۾ رهي پيو.
ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ايندو آهي ته سندس ڳالهيون ڳوٺ ۾
هلنديون آهن.
نامياري ڪئريڪٽر ايڪٽريس جنهن به ڏاڍي سٺي اداڪاري
ڪري پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. روشن عطا اُها به هنَ پاڙي
۾ ڄائي.
هنَ پاڙِي ۾ جديد ڪهاِڻيڪار ۽ ذهين ماڻهو آغا پير
محمد عرف ڪئلاش پڻ پهريون آذان جو آواز ڪنن ۾
ٻُڌو.
آغا پير محمد زاهد منگي (زاهد سنڌو) ۽ مظهر اُڄڻ
منهنجا وڏڙا ۽ مهربان آهن. جَن سٺا ڪتاب پڙهائي
جلا بخشي. اِهي منهنجا اهڙا ڳائيڊ رهياجن ادب جي
واٽ تي علم جا ڏيئا ٻاريا ته راهُون روشن ٿي ويون.
سترجي ڏهاڪي ۾ آغا پير محمد صاحب پير محمد پروانو
“ جي نالي سان لکندو هو ۽ هن جون لکئيون اڪثر هر
گهر جي رسالي ”سوجهرو“ ۾ شايع ٿينديون هُيون.
رسالي ”سوجهرو“ جي هڪ پرچي ۾ هڪ ڪهاڻيءَ جي هيٺان،
ورق جي هڪ ڪنڊ تي هن جو هڪ ننڍڙو آزاد نظم ڇپيو.
آغا صاحب شحر مٿان مُخفف ۾ نالو پ م پ ڇپيائون.
پڙهي مون کي شرارت سُجهي آئي. شام جو ارشاد سومرو
آيو. پڇيايئن ”ارشاد“ ڪاڏي هلون؟“ وراڻيو مانس ”هل
ته اڄ ڪڙيءَ پمپ ڏي ٿا هلون. “ هو سمجهي ويو ته
مان ڪامشڪري پيو ڪريان سو مرڪ آڻي پڇڻ لڳو: پمپ ڇا
؟“ کِلندي چيو مانس“ يار! ماتو“ سوجهرو“ رسالي ۾
اَدا پير محمد جو شعر ڇپيو آهي سوشعر مٿان نالي ۾
ڇڙو پ. م. پ. ڇپيو اَٿائونس سو پمپ ٿيو ني!“
اونهاري جي رات کي مان ڏينهن ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش
ڪري رهيو هِيم. گهر جي ڪوٺي تي کٽ سُفيد چادر تي
ليٽي ليٽي آسمان ۾ پنهنجو ستارو ڳولي رهيو هُيم.
سال اوڻيهه سو ايڪيانوي جو ڪئلينڊر دُنيا جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾ ٽنگيل هو. رات جا ڏهه کن ٿيا هيا. منهنجو
ڀائيٽو سجاد احمد ڪوٺي تي چڙهي آيو ۽ چوڻ لڳو:
”لالا! ٻاهر دوست بيٺو اَٿو.“ مان ڪکُ هجي ته پڇان
پريت ڪيئن ڀڃان؟ آسمان ۾ ستارو ته نه مِليو
پردوازي تي دل گهريو دوستن ملي ويو.
گهران ٻاهر آيم ته اَياز ابڙو بيٺو هو. ”ڇو اياز!
خُير ته آهي؟ ”مان ڀاڪر پائي پڇيو مانس ته ڀاڪر
کان ٻاهر نڪري چوڻ لڳو: ”يار! خير آهي. ڪوئيٽا
هلڻو آهي جو ضروري ڪم آهي، بس ٻه جوڙا ڪپڙن جا کڻي
گهر ٻڌائي اچ.“ يار! اتڪڙِ ڪهڙي آ؟ هي ٽائيم آ هلڻ
جو؟ صُبحاڻي هلنداسون.“
”نه ادا سمجهندو ڪوني، تون وڃ ته جُود ڪَرِ جُود
ڪر. بولان ميل يارهين وڳي ايندي آهي. مان ٽڪيٽان
به وٺي آيو آهيان.“ اياز ائين چئي منهنجي اڳيان
ائين هٿ ٻڌي بيهي رهيو جيئن ڪا ڏکويل زائفان ڪنهن
پير جي مزار تي من جون مُرادون پوريون ٿيڻ لاءِ هٿ
ٻڌي بيهندي آهي. يارن سان ڪهڙا ليکا! مان به گهر
وڃي جهٽ پٽ ۾ ٿيلهو ٺاهي، گهروارن کان موڪلائي
آيم. اياز جي گهران ٿيندي، اسٽيشن تي آياسون ته
ريل به ڇُڪ ڇُڪ ڪندي اَچي وئي. ريل ۾ چڙهي سمهي
پياسون ته اک پِيالي جيتري شهر ڪوئيٽا ۾ کُلي.
اَسان اسٽيشن تان سِڌو ائنٽي ٽيررسٽ جج محترم برڪت
بلوچ جي بنگلي تي آياسون. برڪت بلوچ صاحب اسان جي
سٺي دوست ۽ سياستڪار لالا لياقت علي خان جو دلي
دوست سحيد جاگيراڻي صاحب جو والد مُحترم هو.
برڪت صاحب بنگلي جي ٻاهران باغيچي ۾ اسان جي
اويئسڙي ۾ ويٺو هو. ڏاڍي قربه ٻولاهڻ ۾ مون کي
اهڙو ٻاجهارو جج لڳو جنهن اڳيان ڪوبه ڏوهاري
پنهنجي ڏوهه جو اعتراف خوشيءَ ۽ سچائيءَ سان ڪري.
ماني ٻاني کارائڻ کان پوءِ برڪت صاحب اسان کي چيو.
”پُٽَ مون توهان جي رهڻ جو بلو ريلوي جي ريسٽ
هائوس ۾ ڪيو آهي. دل جاءِ ڪيو. ڪائي تڪليف نه
ٿيندو. هر شيءَ اوهان کي ملي ويندي. توهان آرام
سان تيار ٿي، ڪم ڪارلاهي ڀلي، ڪورٽ اچو ته ڪچهري
ڪنداسون.“
اسان سندس ٿورا مڃي کانئس موڪلايو سون ته هن
پنهنجو هڪ نوڪر سونهون ڪري ڏنو جيڪو اسان کي ريسٽ
هائوس وٺي آيو. ريسٽ هائوس بنگلي کان سڏ پنڌ تي
هو.
اياز مون کي گهران هلندي دڳ تي ٻڌايو هو ته ڪوئيٽا
ان ڪري ٿا هلون جو کيس ايران گهمڻ لاءِ وڃڻو آهي ۽
ڪوئيٽا مان هڪ اسيمبلي ميمبر کان ان ڏس ۾ مدد وٺڻي
آهي. مان بيڊ تي آهلي پيس. اياز تڙ ٻڙ ڪري تيار ٿي
آيو ۽ چوڻ لڳو، ”ارشاد! ڀلي تون آرام ڪر يا تيار
تي گهم ڦر ۽ اديبن سان مل اياز ويو ته مان اُٿي
ڪري، سامهون واري هڪ سٺي آرام ڪرسي تي ويهي ڪري،
سگريٽ دکائي ريسٽ هائوس جي ڪمري جو جائزو وٺڻ لڳس
ته مون کي اردو ڪهاڻيڪار احمد نديم قاسمي جي عالي
شان، ريسٽ هائوس تي لکيل ڪهاڻي ”رئيس خانه“ ياد
آئي.
ڪهاڻيءَ ۾ ائين هوندو آهي، هڪ پهاڙي علائقي جي
ريسٽ هائوس ۾ هڪ آفيسر اچي رهندو آهي. اهو پهاڙن
تان گهمي ڦري اچي ريسٽ هائوس ۾ آرام ڪندو آهي. هو
ريسٽ هائوس سار سنڀال ڪندڙ کي پنهنجو ڪري وٺندو
آهي ۽ پنهنجي ڏکن جي وارتا ٻڌائي هن کي گرويدو
بڻائيندو آهي. هن کي پئسو پنجڙ ڏئي هرکائيندو آهي.
پئسو نر کاري. نيٺ هن کي لالچ ڏئي چوندو اٿس ته
مايون وٺي اچ جيڪي رات گذاري وَڃن کين معاوضي طور
سو روپيا ڏيندم. ان وقت سو روپيا وڏي ڳالهه هيا جو
سون جي تولي جو مُلهه سؤ روپيا هو. همراه هڪ
مائيءَ کي راضي ڪندو آهي. مائي رات ايندي آهي ته
صبح همراهه جو پُڇندو اٿس مائي ڏي خبر؟ مائي چوندي
اٿس. عجب صاحب آهي. سڄي رات لالٽين ٻاري ڇڙو ڏسندو
رهيو. هٿ به نه لاتائين. همراه وائڙو ٿي ويندو
آهي. ائين پوءِ ٻه ٽي ٻيون مايون به صاحب ڏانهن
موڪليندو آهي. سڀني واتان ساڳئي ڳالهه. هڪ ڏينهن
سوچيندو آهي ته ٻيلي! هي پرايون زائفون هيڏي رقم
کنيون ٿيون وڃن. منهنجي جهوپڙي ڀڄندي ڀُرندي ۽
جُهرندي ٿي وڃي. سو روپيا مان ڇونه ڪمايان جو اجهو
اڏجي وڃي. جوءِ به سُهڻي ۽ ڏنڊي ڏوٽي اَٿم. رات جو
کٽ تي ڀاڪر پائي زال سان اها ڳالهه سليندو آهي.
جوڻس ان ڪڌي ڪم ڪرڻ تي ڳالهائيندي اٿس. پرهي همراه
خواب ڏيکاريندي کيس ريجهائي وٺندو آهي ۽ چوندو
اَٿس:
”ڌيجان! عقل سکُ پرايون زائفان پئسا ميڙيون وڃن
سوبه منٽ ۾، صاحب ڪري به ڪجهه نه ٿو ڇڙو ڏسي ٿو.
هروڀرو مکڻ کاڌي مٿي ۾ سور ٿو رن ذات جو کِڙيءَ ۾
عقل سو مڙس جي ڳالهين تي هر کجي وڃي ٿي. هڪ رات
ٺهي سنڀري صاحب ڏانهن وڃي ٿي. صبح جو گهراچي
ڪروڌڪري مڙس کي حالي ڇڏي وڃي ٿي پرپوءِ پرچي وڃي
ٿي. اصل ۾ صاحب برابر ٻين ماين کي ڇهيو به نه هو
پر هن مائيءَ جي بدن کي صفا مهٽي ڇڏيو هيائين جو
هو چالاڪ ڪهو ۽ اچڻ سان ئي، هن کي ڏسندي ئي عاشق
ٿي پيو هو ۽ حيلا هلائي ڪامياب ٿي ويو.
مان سگريٽ وسائي، تيار ٿيڻ لاءِ آرام ڪرسيءَ تان
اُٿيم جو مان نه ڪهاڻيءَ وارو صاحب هُيم نه ئي ڪا
مون ڏي زائفان اچڻي هئي. تيارٿي، ريسٽ هائوس جي
شاهي ڪمري کي ڪُلف هئي، ڪُنجي پئنٽ جي کيسي ۾
هٿيڪي ڪري رکيم.
جناح روڊ جو چڪر هڻي. جو بازار مان ڊن هِل جو
ٻانڌو سستي اگهه ۾ خريد ڪيم. ڪُمار سانوءَ جو گانو
گنگنائيندو، گهمندو اچان پيو ته هڪ عمارت تي نظر
پئي. پراڻي عمارت هجي، جنهن تي ڪلچر کاتي جو ننڍڙو
بورڊ ڄڻ نظر لڳڻ کان منيو ويو هجي. مان ڏاڪا چڙهي
عمارت ۾ داخل ٿيم ته ڪاريڊور مان لنگهندي ڪنڊ تي
لائبريري جي تختي لڳل نظر آئي، ڏاڍي خوشي ٿي. مان
سُٺن ڪتابن جي ڳولا، ائين ڪندو آهيان جيئن سندباد
جهازي هيرن جي ڳولا ڪندو هو.
دروازو شيشي جو هو. کوليم ته ٻه ٽي ڏاڪا نظر آياسي
لهي ويم. لائبريري تهه خاني ۾ هئي. اٺ ڏهه کن ڪٻاٽ
پيا هئا. ڪتابن کي ڏسڻ لڳم پر پنهنجي مزاج وارا
ڪونه هيا. گهڻي ڀاڱي تاريخ تي هٿيا. تاريخ ته
هميشه ڪُوڙتي مبني هوندي آهي جو اُهي بادشاهه
لکرائيندا آهن ۽ بادشاهه سلامت بابت سچ ڪير آهيان
جو سچ ڪير لکندو؟ لکندو ته سر سلامت نه هوندس. مان
فِڪش ۽ شاعري پڙهندو آهيان جو سچ انهن ۾ ئي ملي
ويندو آهي.
لائبريري جو جائزو وٺڻ کان پوءِ مٿي آيم. ڪمرن ۾
ليئا پائيندو واپس پئي ٿيم ته هڪ ڪمري ۾ ڀنڀي
ڏاڙهيءَ سان، پنهنجي ڌُن ۾ مگن، سگريٽ پئيندي هڪ
اِسٽائلش همراه نظر آيم. ڏسڻ ۾ لڳم ته همراه شاعر
آهي. ورانڊي ۾ بيٺل پٽيوالي ٽائيپ ڪاڪي کان پڇا
ڪرڻ تي خبر پيم ته همراه جو نالو خادم ميرزا آهي ۽
ڪهاڻيون لکندو آهي. ڏاڍو خوش ٿيم ته ٻيلي! ڪوئيٽا
جو ڪهاڻيڪار ملي ويو. مان اندر ڪمري ۾ داخل ٿي
سلام ڪري ٻئي هٿ وڌائيندي سڃاڻپ ڪرايم ته سائين!
مان به شاعر آهيان. سنڌجي شهر شڪارپور کان آيو
آهيان. هن به ٻئي هٿ، ويٺِي ئي وڌايا ته مان مايوس
ٿي ويم ته سنڌ کان آيل لاءِ همراه ٿورو اُٿيو به
نه ۽ بُت بڻجي ويٺي هٿ ڏنائين. هٿ ڏئي، سگريٽ ائش
ٽري ۾ مروڙي هٿ جي اشاري سان ويهڻ لاءِ چيائين.
مان هن جي سامهون پيل خالي صوفي تي ويهي رهيم. هن
جي ورتاءُ مون کي مزو نه ڏنو هو سوڪچهريءَ ۾ ڪهڙو
مزو وٺان. ڦُس ڦسو حال احوال ٿيو. مان دل ۾ چيم ته
اسان سنڌي ماڻهو خاص طور ٻاهران آيل مهمان کي جيءَ
۾ جايون ڏيون وري ٻاهريان کان ڪو ليکڪ اچي ته هٿ
به ويٺي ڏنائين. اهو به خيال نه ڪيائين ته پريان
سنڌ کان آيو آهي. سومان اُٿي بنا موڪلائڻ جي هليو
آيم ته هن به سگريٽ کڻي دکايو ته مان به ٻاهر
توائيءَ ۾ اچي ٻه سگريٽ پيتا.
مان تڪڙو تڪڙو ريسٽ هائوس ويم ته متان اياز آيو نه
هجي ۽ ٻاهر بيٺو هجي ڇو ته ڪمري جي ڪُنجي مون وٽ
هئي. ڪمري وٽ پڳم پر اياز نه آيو هيو. ڪمرو ۾ اک
کلي ته سامهون اياز صوفي تي ويٺي سگريٽ پيي رهيو
هو. مان اُٿي هٿ منهن ڌوئي اچي هن جي ڀرسان ويٺم.
هن سگريٽ وسايو ۽ ميز تي رکيل مانيءَ مٿان رکيل
ڪپڙو هٽايو.
”وٺي آئين يا ڪوئي ڏئي ويو؟“
”ريسٽ هائوس جو مُلازم ڏئي ويو.“
ماني کائيندي حال احوال ٿيا. هن جو ويزا وارو ڪم
ٿي ويو. ٻُڌي خوشي ٿي ته سفر سجايو ٿيو.مون وري
کيس ٻوٿ سُجائي ڪوئيٽا جي ڪهاڻيڪار جو حوال ڏنو ته
هن ڏاڍي سٺي خبر ٻڌائي. هن ٻڌايو ته آغا سليم صاحب
ڪوئيٽا ريڊيو جو اسٽيشن ڊائريڪٽر ٿي آيو آهي ۽
ايم.پي.اي. هاسٽل ۾ رهي ٿو. سانجهيءَ مهل هن ڏي
هلنداسون. اياز اها خبر ٻُڌائي دل خوش ڪري ڇڏي.
آغا صاحب جو ٻُڌي ٿڪ ۽ ڪاوڙ ائين لهي وئي جيئن ڀت
تان شام جي اُس لهي وڃي.
شام جو ٺهي سنبري آغا صاحب ڏانهن وياسون. آغا صاحب
ٻانهن جا هار پارائي آڌر ڀاءُ ڪيم گرم گرم چانهه
تي آغا صاحب جي نرم گفتگوءَ نشو ڏئي ڇڏيو. آغا
صاحب ٻڌايو ته هن ڀٽائي صاحب اُردو ۾ ترجمو ڪيو
آهي ته ڏاڍي سرهائي ٿي جو آغا صاحب جهڙُو ذهين
ليکڪ ڀٽائيءَ کي ترجمو ڪري جيڪو نيڪ شگون آهي. هن
ڪجهه بيت ٻُڌايا. ڏاڍا اوڻيا. رات پنهنجا پاڇا
گهراڪندي وئي ته اسان کانئس موڪلايو سُونس.
وقت گذرندي ويرم ئي نه ٿئي ڏهن ورهين پڄاڻان اسان
جو دوست ۽ ليکڪ آفتاب سومرو نوڪريءَ ۾ لڳو ته
ڪوئيٽا ۾ رکيائونس. ٻن ٽن مهينن کان پوءِ ڳوٺ آيو
ته ڪچهري ٿي. ڪچهري ڪندي. ڪوئيٽا جي ليکڪن جو ذڪر
ڪندي خادم ميرزا جي ساراهه ڪيائين. مان ته ان تي
ٻريو ويٺو هيم سوچيو مانس ”ڇڏيار تعريف وري ڪهڙي
جي ٿو ڪرين مان مليو مانس ته اهو به خيال ڪيائين
ته سنڌ جو اديب آهي. پريان کان آيو آهي سوائين ئي
ويٺي هٿ ڏنائين ائين ٺهي پيو؟“
آفتاب مرڪيو ۽ چوڻ لڳو: ادا هُن کي پير هُجن ته
اُٿي ني! هُنَ ويچاري کي پيرئي ناهن ته توکي اُٿي
بيهي ڪيئن هٿ ڏئي؟“
اسان جي شڪارپور ۾ ٻه ٽي ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي
دنيا جو گولو کڻي ڏسندئو ته ڪنهن به ملڪ ۾ نه
ملنديون. هڪ اهڙي جو گاريون به سُر ۾ ڏيندا ته
گارين ۾ به شاعريءَ واري تُڪ بند هوندي. پيار مئون
ڪو سنگتي هجت ۽ سُر ۾ گارڏيندو ته هانءَ ٺري پوندو
وري جي، ڪنهن خار ۾ اڙي به چيو ته نڙيءَ تي لت
هوندس.
سلطان ڪوٽ جا پٺاڻ اوطاق ۾ ڪچهري ڪندي گاريون
ڏيندا ته اوطاق ٻاهران لنگهندڙ ماڻهو ائين سمجهندو
ڄڻ اندر مُشاعرو پيو هلي.
اسان جي پاڙي شيخ محلي ۾ ضياءَ جي ڪاري دور ۾ هڪ
جوانڙي هانو جي باه ائين ڪڍي جو هڪ تڪ بنديءَ ۾
برجستو جملو ڪوئلي سان ڀت تي لکي ڇڏيو ”شڪارپور
ضلعو ضياءُ ٻِلو.“
ٻيو شڪارپور جي ماڻهو ۾
sence of humour
ڪوٽ ڪوٽ ڪي ڀريل آهي. زائفان توڙي مرد گفتي جا
گوهر ته وري لکڻا. ورلي ڪو ٻُوٿ سُجو ملندو.
آغا سليم صاحب به جُملي جو بادشاهه جملو به اهڙو
فِٽ جيئن مُنڊي ۾ ٻُڙو. آغا پير محمد صاحب زاهد
قلباڻي صاحب جي حوالي سان هڪ دلچسپ واقعو ٻڌايو هو
ته:
نثار ميمڻ صاحب ۽ زاهد قلباڻِي صاحب جن ريڊيو جا
سٺا آفيسر ٿي رهيا آهن. ٻئي ڄڻا هاڻي رٽايرڊ آهن.
اوڻيهه سو چوهتر عيسويءَ ۾ نثار ميمڻ ريڊيو ۾
پروڊيوسر ڀرتي ٿي، اسلام آباد ٽريننگ لاءِ ويو. ان
وقت اقبال جتوئي صاحب سيٽلائيٽ ٽائون راول پنڊيءَ
۾ رهندو هو. هن جي جاءَ تي شام جو ڪچهري ٿيندي هئي
جتي آغا صاحب به ايندو هو ته ڪچهريءَ جو رنگ ئي
اورٿي ويندو هو.
هڪ ڏهاڙِي شام جو نثار ميمڻ ۽ زاهد قلباڻي به آيا.
ٻئي نوخيز جوان هُجن تعارف ٿيو ته آغا سليم صاحب
پنهنجي مخصوص لهجي ۾ نثار ميمڻ کان پُڇيو: ”من!
ريڊيو ڪيئن آيو؟“
”بس سائين! ريڊيو ٻُڌڻ جو شوق هو.“ نثار ميمڻ
وراڻيس ته آغا صاحب چيس: ”مَنَ پوءِ ريڊين جو
دُڪان کولين هاني!“
ان وقت ڪراچيءَ ۾ ٺڪاڻو هو. آڪسفورڊ يونيورسٽي
پريس ۾ ادي فهميده رياض جي مهربانيءَ سان ترجمي جو
ڪم مليو هو.
هڪ ڏينهن واندو هيم ته شاعر دوست رمضان نول ڏانهن
ويم. رمضان نول ملٽري اڪائونٽس ۾ آڊيٽر هو. هن جو
دفتر شاهراهه فيمل تي هو. چانهه پيئڻ کان پوءِ
يارهين کن اُٿيا سون جو رمضان صاحب کي دفتر جو ڪو
ڪم ڪار نه هو ۽ واند ڪائي هُيس.
دفتر کان ٻاهر نڪتاسون ۽ روڊ جي ڪنڊ تي بيٺا سون
ته سامهون کان ايندڙ ڪومل ڇوڪرين تي رمضان جي نظر
پئي ته واڇ گودوٿي ويس. رمضان به دل ڦينڪ ماڻهو.
شل نه ڪاڇوڪري هن ڏي ”ادو“ سمجهي ئي نهاري پوءِ ته
اصل ان جي عشق ۾ پنهنجي
(Fantacy land)
۾ گُم ٿي ويندو. ڇوڪريون ڀرمان لنگهي ويون ته به
هي گوتم جيان بيٺل سو مون هن جي ٻانهن کي لوڏيندي
چيو ”بس من اُهي وڃي گهر به پهتيون.“ ”آدرش !ڪاڏي
هلون؟ رمضان سجاڳ ٿيندي پڇيو.
”رمضان! هَلُ ته اڄ توکي محبوب ماڻهو ۽ هڪ وڏي
ليکڪ سان ٿو ملايان ڪير آ؟“
”توهان هل ته سهين“
هڪ ٽئڪسيءَ ۾ آياسون سِڌو آغا سليم صاحب ڏانهن.
آغا صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ته رمضان جي خوشي به ڏِسڻ
وٽان هئي. آغا صاحب فلئٽ جي ڊرائنگ روم ۾ ويهاريو.
تن ڏينهن ۾ هندوستان کان سنڌي اديب آيل هئا. ڪچهري
ڪندي اُنهن جو ذڪر خير نڪتو ته آغا سليم چوڻ لڳو:
”من ! مان هندوستان ويل هيم ته انهن سڀني منهنجي
سٺي سار سنڀال لڌي هئي ۽ خدمت ڪئي هيائون. سومون
به هنن لاءِ پرل ڪانٽبينٽل ۾ هڪ سُوٽ بُڪ ڪرايو پر
انهن يارن کي تاجل بيوس صاحب اصل ايئرپورٽ تان ئي
کنڀي ويو.“
تاجل بيوس به دلبر ماڻهو. مهمان لاءِ دل جو سخي ته
دسترخوانو به ڪشادو. مون کِلندي چيو:” سائين !
تاجل صاحب به چيو نگم آهي.“
آغا صاحب لاءِ ڏيڻ ۾ به کُرو. نصير مرزا صاحب جي
لکڻين تي به ڏاڍو برجستو جُملو نصير صاحب کي چيو
هيائين ته“ مَنَ! تو ته سنڌي ادب کي ڪربلا بڻائي
ڇڏيو آهي“
خُدا چوندو آهي ”ڪُن فيڪون ”(ٿي پئه) ۽ دُنيا جي
تخليق ٿي ويندي آهي.
آغا سليم به ڄڻ خدا وانگر تخليق ڪندو آهي ۽
”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ۽ ”اڻ پورو انسان“ ”۽ چنڊ
جا تمنائي“ وغيره جهڙا ڪتاب تخليق ٿي ويندا.
|