سنڌي ڊرامو
ادا طارق هي خط پشاور مان لکي رهيو آهيان. ٻڌو اٿم
ته حڪومت
(Cultural Policy)
ٿي مرتب ڪري. ان سلسلي ۾ پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف
آرٽس پاران ڊرامي تي سئمينار منعقد ڪيوويو آهي ته
جيئن ڊرامن سان سڌو سنئون واسطو رکڻ وارا پاڻ اچي
پنهنجا مسئلا پيش ڪن ۽ ڊرامي جي ترقي لاءِ ڪي رٿون
ڏين. مون کي به سنڌي ڊرامي تي مقالو پڙهڻ لاءِ
سڏايو ويو آهي. مقالو اڙدوءَ ۾ پڙهڻو آهي. مان ان
جو سنڌي ترجمو تو ڏانهن موڪلي رهيو آهيان. مقالو
تڙ تڪڙ ۾ لکيو اٿم. جيڪڏهن ڪي غلطيون يا ڪوتاهيون
ٿيون هجن ته اميد ته معاف ڪيو ويندو.
هن سئمينار ۾ سائين پير حسام الدين راشديءَ ۽ امر
جليل کي به مقالا پڙهڻا هئا. جليل جي مسئلن ۽
مجبورين جي ته مو نکي ذاتي طور خبر آهي باقي پير
صاحب جن الائجي ڇو اچي نه سگهيا.
مان سمجهان ٿو ته هي پهريون دفعو آهي جو اسان مان
ڪنهن ليکڪ جي ادبي حيثيت کي تسليم ڪري ڪنهن قومي
سئمينار ۾ سڏايو ويو آهي. نه ته سنڌ جي ادبي ۽
ثقافتي نمائندگي ته هميشه
Culture Vultures
ثقافتي ڳجهون ۽ ادبي ڄؤرون ڪنديون رهيون آهن.
پهرين ته ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندڙ ادبي وفدن ۾
سنڌي اديب ۽ شاعر کي شامل ئي ڪونه ڪيو ويندو هو ۽
جي ڪنهن کي شامل ڪيو به ويندو هو ته اهيئي ثقافتون
ڳجهون ۽ ادبي ڄؤرون شامل ٿينديون هيون. جن لاءِ
اقبال جتوئي چوندو آهي انهن: ”سنڌي ثقافتي ۽ سنڌي
ادب کي پي. ڊبليو. ڊي کاتو سمجهيو آهي جنهن جي
ٺيڪن جا ٽينڊر ڀرڻ وارا به پاڻ ته ٽينڊر پاس ڪرڻ
وارا به پاڻ! اسان مان پهريون دفعو جمال ابڙي جي
ادبي حيثيت کي تسليم ڪري کيس ٻاهر موڪليو ويو.
اياز تي به اهو ٿورو ڪيائون پر کيس
Clearance
نه ڏنائون. هن کان اڳ نئشنل ڪائونسل پاران ثقافت ۽
ادب تي به سئمينار ٿيو هو. اسان کي ته خبر ئي
ڪانهي ته اسان جي نمائندگي ڪنهن ڪئي هئي ۽ اُتي
ڪهڙا ڪهڙا فيصلا ٿيا هئا.
ادا. هتي اسٽيج، ٽي وي ۽ ريديو جا مشهور فنڪار
ايس. ايم. سليم، ظهور احمد وغيره به آيل آهن. هنن
کي ڏسان ٿو ته مون کي سنڌي فنڪار صالح محمد شاهه،
مشتاق مغل ۽ عبدالحق ابڙو ياد ٿا پون. آخر
ڪيستائين اسان جا سنڌي فنڪار گم ناميءَ ۽ بدحاليءَ
جي زندگي گهاريندا. اسان سنڌي ڪڏهن پنهنجي فنڪارن
کي جيئڻ جو حق ڏينداسين. ڊاڪٽر انور سجاد چئي ٿو
ته لاهور ڊرامن جو شهر آهي. ڪڏهن منهنجا شهر
شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچي به ته ڊرامن جا شهر
هئا. اڄ حيدرآباد ۾ غير سنڌي ڊرامان ته اسٽيج ٿين
ٿا پر سنڌي ڊرامن کي ڏسڻ وارو ڪو ڪونهي. سنڌ، غير
سنڌي فلم جي ته سڀ کان وڏي مارڪيٽ آهي پر سنڌ ۾
سنڌي فلمون نٿيون هلن ۽ جيڪڏهن ڪو ويچارو ٽي لک
رپيا خرچ ڪري سنڌي فلم ٺاهي به ٿو ته سئنيما هالن
جا سنڌي مالڪ سنڌ ۾ سنڌي فلم هلائڻ لاءِ تيار نٿا
ٿين. ائين ڇو ٿو ٿئي؟
وڌيڪ ڇا لکانءِ؟
تنهنجو پنهنجو
آغا سليم
سنڌي ڊرامو
(نئشنل ڪائونسل آف دي آرٽ پاران منعقد ٿيل سئمينار
۾ پڙهيو ويو)
سنڌي ڊارمي جي تاريخ
تي نظر وڌي وڃي ته اسان کي ان انگريزن جي آمد کان
اڳ سنڌيءَ ۾ ڪوبه ڊرامون نظر نٿو اچي. ٿي سگهي ٿو
ته سنسڪرت ڊرامي جو سنڌي جي قديم ڊرامي تي به اثر
پيو هجي ۽ سنڌيءَ ۾ به وڏا وڏا ڊراما لکيا ويا
هجن، پر سنڌي زبان جي سڀ کان وڏي بدقسمتي اهاآهي
ته هن زبان جا سڀ قديم ڪتاب اڻ لڀ ٿي ويا آهن.
انڪري سنڌي ڊرامي جي قدامت جي باري ۾ ڪجهه به چئي
نٿو سگهجي.
سنڌ ۾ هندو هوليءَ ۽ ڏياريءَ جي ڏڻن تي رام ليلا ۽
راس ليلا جا سانگ ڪندا هئا. اهڙيءَ طرح شادي وغيره
جي موقعن تي مسلمان ۽ هندو عورتون مڙدانا ويس ڪري
سانگ ڪنديون آهن. اهو ڪنهن خيال، ڪنهن تصور ۽
منجهن واقعي کي عملي صورت ۾ ڏسڻ ۽ ڏيکارڻ جي تمنا
جو اظهار آهي ۽ ان تمنا مان ئي ڊرامي جنم ورتو
آهي.
سنڌي لوڪ ادب جي صنفن ۾ هڪ مناظري جي صنف آهي،
جنهن ۾ ٻه بي جان شيون، انساني روپ اختيار ڪري، هڪ
ٻئي جي آمهون سامهون اينديون آهن ۽ ٻئي پنهنجيون
پنهنجيون خوبيون بيان ڪري، هڪ ٻئي تي پنهنجي
پنهنجي برتري ثابت ڪنديون آهن. اهڙيءَ ريت سنڌيءَ
جي لوڪ داستانن ۾ ڊرامائي عنصر موجود آهي. داستان
ٻڌائيندڙ، پنهنجي لهجي جي ڦير گهير سان، داستان جي
ڪردارن ۽ انهن جي مختلف ڪيفيتن ۽ احساس جو اظهار
ڪندو آهي. پر اسان انهن مان ڪنهنکي به ڊرامون سڏي
نٿا سگهون.
هيءَ هڪ مڃيل ڳالهه آهي ته اسان وٽ ڊرامون مغرب
مان آيو آهي ۽ سنڌي ڊرامي جي شروعات به انگريزن جي
اچڻ کان پوءِ ٿي آهي. سن 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح
ڪئي. سن 1853ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر ۽
سنڌي زبان جي ماهرن جي محنت مان سنڌيءَ جي موجوده
عربي لپيءَ کي جديد بنيادن تي ترتيب ڏيئي تيار ڪيو
ويو ۽ ان زماني ۾ ئي مغربي ادب جي اثر هيٺ، سنڌيءَ
جي نئين لپيءَ ۾ خالص مغربي ادبي صنفون، جهڙوڪ
افسانو، ناول ۽ ڊرامو وغيره لکيون ويون. جيڪڏهن
اسين ان وقت کان وٺي اڄ تائين جي سنڌي ڊرامي جي
اوسر تي نظر وجهنداسين ته اسان کي سنڌي ڊرامي جا
چار اهم دور نظر ايندا.
1.
ترجمن جو دور.
2.
ترجمن ۽ اصلوڪن ڊرامن جو دور.
3.
پاڪستان کان پوءِ جو دور.
4.
اڄ جي نئين تاريخي ڊرامي جو دور.
سنڌي ڊرامي جي پهرين دور جو آغاز مرزا قليچ بيگ
ڪيو. مرزا قليچ بيگ سنڌيءَ جو عظيم اديب ۽ عظيم
محسن هو. هن جي دل ۾ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ اهڙو درد
هو، جيڪو کيس سک سان ويهڻ نه ڏيندو هو. مرزا صاحب
سنڌيءَ ۾ گهڻو ڪري هر موضوع تي ڪتاب لکيا.
ايتريقدر جو باغبانيءَ تي به ڪتاب لکيائين. هن جي
لکيل ڪتابن جو تعداد ٽن سون کان به مٿي آهي. اسين
چئي سگهون ٿا ته سنڌي زبان جي موجود، علمي ۽ ادبي
عمارت جو بنياد مرزا قليچ بيگ وڌو. مرزا صاحب ئي
ڊرامي جي شروعات ڪئي. 1880ع ۾ مرزا صاحب هڪڙو
گجراتي ڊرامون ”خورشيد“ ترجمون ڪيو، ۽ ليليٰ
مجنون“ نالي منظوم ڊرامون لکيو. پوءِ مرزا صاحب
ڪاليداس جي ڊرامي ”شڪنتلا“ جو ترجمون ڪيو ۽ ان کان
پوءِ انگريزي ڊرامي ڏانهن ڌيان ڏنائون ۽ شيڪسپيئر
جا چار پنج ڊرامان ترجمون ڪيائون. لارڊ لٽن جي
ناول
Morning and Nights
جي پلاٽ کان متاثر ٿي سنڌي مسلم معاشرتي ڊرامون
”فيروز دل افروز“ لکيائون. مرزا صاحب جن جي خاصيت
اها هئي جو پاڻ جڏهن به ڪنهن ڌاري ٻوليءَ مان ڪو
ڊرامون ترجمون ڪندا هئا ته ان ڊرامي کي اهڙيءَ
ريت ته سنڌي ماحول مطابق بڻائي ڇڏيندا هئا، جو اُن
ڊرامي جو سڀاءُ ئي سنڌي ٿي ويندو هو. شيڪسپيئر جي
ڊرامن کي مرزا صاحب سنڌي سماج جي گهرجن مطابق
Adopt
ڪيو ۽ شيڪسپيئر جي ڪردارن جا نالا به سنڌي رکيا.
ان کان پوءِ مرزا صاحب جن ڪيترائي اصلاحي ۽ مزاحيه
ڊرامان لکيا، جن مان ڪن جا نالا هي آهن.
بڪاولي، نور جهان، نادر شاهه، هڪ لالچي هڪ دغاباز،
نيم طبيب، نيم ملان، شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو، حرڪت ۾
برڪت، جمشيد، شهريار شهربانون، شيرين فرهاد، بدر
منير ۽ بي نظير.
مرزا صاحب جن اٽڪل 25 يا 30 ڊگها ڊرامان (جن ۾
ترجمون ڪيل ۽ اصلوڪا ڊرامان شامل آهن) سنڌي زبان
کي ڏنا.
مرزا صاحب جن ريوينيو کاتي ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هئا. هن
انگريزن جي قائم ڪيل پرمار واري انتظامي نظام کي
ويجهڙائيءَ کان ڏٺو هو. سن 1896ع ۾ جڏهين پاڻ جيڪب
آباد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هئا، تڏهين گوگول جي ڊرامي ”دي
انسپيڪٽر جرنل“ تان متاثر ٿي هڪڙو اصلوڪو ڊرامون
.”انڪوائري آفيسر“ لکيائون. هي ڊرامون انگريزن جي
ان پرمار واري انتظامي نظام تي اهڙي چٿر هئي، جنهن
ان نظام جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو.
ڊرامي جو لوڪيل سنڌ جو هڪڙو ڏورانهون تعلقو آهي،
جتان جا مقامي آفيسر بيحد پريشان آهن، جو ڏورانهين
تعلقي ۾ هڪڙو انڪوائري آفيسر اچڻو آهي. اُن
پريشانيءَ ۾ هو هڪ هنڌ گڏ ٿين ٿا ۽ بدحواسيءَ ۾
پنهنجن ڪُڌن ڪرتوتن جو اعتراف ڪندا ٿا وڃن. تعلقي
جي مقامي ماڻهن مان رڳو وڏيرو هنن جوس ساٿي آهي،
جنهنکي هو مقامي ماڻهن کي ڦرڻ ۽ لٽڻ لاءِ وسيلو
بڻائي استعمال ڪندا آهن ۽ وڏيرو وري انهن آفيسرن
کي پنهنجا مقصد ماڻڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي.
اهڙيءَ ريت اهي پرماريت واريون قوتون ڏکي وقت ۾ هڪ
ٻئي سان ملي هڪ ٿي وڃن ٿيون. هونئن ته اسٽيج تي
رڳو اهي ڪامورا ۽ وڏيرا نظر اچن ٿا، پر انهن جي پس
منظر ۾ ان تعلقي ۾ رهندڙ اهي ويچارا ماڻهو به نظر
اچن ٿا، جن کي ان انتظامي نظام پيڙهي ڇڏيو آهي ۽
پوءِ اهو ننڍڙو تعلقو، اها ننڍڙي اسٽيجج، وڌي
ويڪري ٿي ساري ديس تي پکڙجي وڃي ٿي ۽ ساري ديس جا
انسان ان انتظامي نظام جي هيٺان پيڙهبا نظر اچن
ٿا.
ترجمن جي دور ۾ گهڻن ئي هندو ليکڪن سنسڪرت ۽
هنديءَ مان رتناولي، نل دمنتي،دروپدي، سوجن راڌا،
موهن ڪارتا، هرشچندر، پورن ڀڳت ۽ ٻيا مذهبي ۽ نيم
مذهبي ڊرامان ترجمون ڪيا. انهن ڊرامن کي مختلف
ناٽڪ منڊلين اسٽيج تي پيش ڪيو ۽ اهڙيءَ ريت ڏسڻ
وارن ۾ ڊرامن لاءِ ذوق ۽ شوق پئدا ٿيو. ان دور جي
سنڌي ليکڪ پنهنجي سوسائٽي تي نظر وڌي ۽ پنهنجي
معاشري جي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ معاشري جي براين
۽ غلط ريتن رسمن تي اصلوڪا ناصحانه ڊراما لکيا.
انهن ڊرامن جو لهجو تبليغي هو ۽ هي دور سنڌيءَ جي
ناصحانه ڊرامن جو دور هو. هن دور ۾ اسان کي ليکڪن
جو اهڙو گروهه به نظر اچي ٿو، جيڪو سماجي براين ۽
سماجي تضادن کي مبالغه آميز انداز ۾ اسٽيج تي پيش
ڪيو ۽ پاڻ به انهن تي کليا ۽ ماڻهن کي به
کلايائون. اهڙن ڊرامن لکڻ وارن ليکڪن مان لال چند
امر ڏني مل ۽ ڪاڪي ڀيرو مل جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
ڪاڪو ڀيرو مل نه رڳو ڊرامه نويس هو، پر هو سنڌي
زبان جو عالم ۽ شاعر پڻ هو. ڪاڪو ڀيرو مل پهريون
سنڌي ليکڪ هو جنهن سنڌيءَ جي لوڪ ڪهاڻين جهڙوڪ:
عمر ماروي، سسئي پنهون ۽ سهڻي ميهار کي ڊرامائي
تشڪيل ڏيئي اسٽيج تي پيش ڪيو.
سنڌي ڊرامي جي تاريخ ۾ مرزا قليچ بيگ کان پوءِ هڪ
ٻئي ليکڪ خانچند شامداس جو نالو اچي ٿو. خانچند
سنڌي ڊرامي ۾ هڪ نئين روايت جو بنياد وڌو. هو
پهريون سنڌي ڊرامه نويس آهي جنهنجي ڊرامن ۾ طبقاتي
شعور ۽ ترقي پسند لاڙا آهن. هن جي ڊرامن ۾ ناصحانه
انداز موجود آهي، پر انهن ۾ حقيقت پسندي جو عنصر
به نمايان آهي. هن جي ڊرامن ۾ انگريزن جي خلاف
نفرت به ملي ٿي.
خانچند جي حقيقت پسندي ۽ ترقي پسند لاڙن کي هڪ ٻئي
ليکڪ جناب احمد غلام علي ڇاڳله وڌيڪ اڀاريو. احمد
ڇاڳله پنهنجي دور جو وڏو ڊرامه نويس هو. هن جي
مشهور ڊرامي ”خونيءَ“ لاءِ سندس هم عمر ليکڪ لال
چند امر ڏني مل لکيو آهي ته: ”هڪڙي ڏينهن مان
پنهنجي هڪڙي دوست سان ملڻ ويس ۽ ڏٺم ته هو روئي
رهيو هو. رئڻ جو سبب پڇيومانس ته احمد چاڳله جي
ڊرامي خونيءَ جو ڪتاب ڏيکاريندي چيائين: ”هي
ڊرامون پڙهندي روئي ويٺس.“ ان دور ۾ پڙهڻ وارن ۽
ڏسڻ وارن کي روئارڻ ڊرامي جي وڏي ڪاميابي سمجهي
ويندي هئي.
سنڌي ڊرامي جي ان دور ۾ گهڻن ئي ڊرامه نويسن ڊراما
لکيا. انهن مان ڪن جا نالا هي آهن: مرزا قليچ بيگ،
ماسٽر ڄيٺانند، ليلا رام ڄيٺمل پرسرام، ڀيرومل
مهرچند آڏواڻي، لالچند امر ڏنو مل، خانچند شامداس،
ليلا رام ٺارو مل، چانڊو مل، احمد غلام علي چاڳله،
آغا غلام نبي خان صوفي، آغا عبدالنبي دراني، عثمان
علي انصاري، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد اسماعيل
عرساڻي، پروفيسر ايم يو ملڪاڻي وغيره.
هن دؤر جي سڀ وڏي خوبي اها هئي ته هن دؤر ۾ ڊرامي
کي پڙهڻ جي نه پر ڏسڻ جي شيءِ سمجهيو ويندو هو. ان
ڪري جيئن ئي سنڌي ڊرامه لکجڻ ۽ ڇپجڻ شروع ٿيا،
تيئن ئي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ناٽڪ منڊليون قائم
ٿيون، جن انهن ڊرامن کي اسٽيج تي پيش ڪيو. سڀ کان
پهرين ناٽڪ منڊلي 1884ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي
۾ قائم ٿي. هي منڊلي هڪ انگريز ڊاڪٽر جيڪسن ۽ هڪ
پارسي پروفيسر ميئر بادشاهه جي ڪوششن سان قائم ٿي.
پوءِ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪيتريون ئي ناٽڪ
منڊليون قائم ٿيون، جيڪي سنڌيءَ جا نت نوان ڊرامه
اسٽيج تي پيش ڪنديون هيون ۽ انهن ڊرامن کي ڪتابي
صورت ۾ پڻ ڇاپينديون هيون ته جيئن ٻيون ناٽڪ
منڊليون به انهن کي اسٽيج تي پيش ڪري سگهن.
شوقيه طور ڊرامه اسٽيج ڪرڻ وارين ڪن ناٽڪ منڊلين
جا نالا هي آهن:
1.
حيدرآباد ايمچوئر ڊرامٽڪ سوسائٽي.
2.
چانڊڪا ايمچوئر ڊرامٽڪ سوسائٽي لاڙڪاڻو.
3.
ايڇ اين سي ايمچوئر ڊرامٽڪ سوسائٽي حيدرآباد.
4.
ڊي اي ڊرامٽڪ سوسائٽي شڪارپور.
5.
دي نصرپور ڊرامٽڪ سوسائٽي.
6.
سنڌ ڊرامٽڪ ڪلب.
7.
رابندر ناٿ لٽريئري اينڊ ڊرامٽڪ سوسائٽي.
8.
عامل يونين ڊرامٽڪ اسٽيچوٽ ڪراچي.
9.
دي ينگ مينس لٽريئري اينڊ ڊرامٽڪ سوسائٽي
حيدرآباد.
10.
دي ينگ مينس ڊرامٽڪ ڪلب حيدرآباد.
انهن کان سواءِ سنڌ جي وڏن وڏن شهرن ۾ ڪيتريون
ناٽڪ منڊليون پڻ هيون، جيڪي تجارتي بنياد تي ڊرامه
اسٽيج تي پيش ڪنديون هيون ۽ جن وٽ پنهنجا وڏا وڏا
آڊيٽوريم هئا.
سنڌي ڊرامه جو ٽيون دؤر ڪسمپرسيءَ جو دؤر آهي.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڊرامون ۽ سنڌي اسٽيج ٻئي ختم
ٿي ويا، جن ناٽڪ منڊلين وٽ پنهنجا آڊيٽوريم هئا،
تن کي سئنيما هالن ۾ بدلايو ويو. پبلڪ اسٽيج ختم
ٿي وئي رڳو اسڪولن ۽ ڪاليجن ڇوڪرا، ڪڏهن ڪڏهن
پنهنجي اسڪول يا ڪاليج جي اسٽيج تي محمد عثمان
ڏيپلائي ۽ محمد اسماعيل عرساڻي جا ڊراما پيش ڪري
پنهنجي شوق جي پورائي ڪندا هئا.
1956ع ۾ حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم ٿي ۽ ريڊيو
اسٽيشن سنڌيءَ جي مئل ڊرامي کي نئين زندگي ڏني ۽
سنڌ جي نون توڙي پراڻن ليکڪن ريڊيو لاءِ ڊرامه لکڻ
شروع ڪيا.
خاص ڪري نئين نسل جي ليکڪن انسان ۽ ڪائنات، انسان
۽ سوسائٽي انسان ۽ انسان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ ٻين قومي
۽ بين الاقوامي مسئلن تي ڊرامه لکيا. جيتوڻيڪ
ويچاري سنڌي ليکڪ کي اسٽيج ميسر نه هئي، پر تخليق
جو درد هُن کي سک سان ويهڻ نه پيو ڏئي ۽ هو ريڊيو
ٽي وي ۽ اسٽيج لاءِ ڊرامه لکندو پيو رهي.
سنڌيءَ جو نئون تاريخي ڊرامون
ساري دنيا جي ليکڪن لاءِ پنهنجي ديس جي تاريخ ۽
ماضي جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل تاريخي ڪردارن لاءِ هڪ
عجيب ڪشش رهي آهي.
دنيا جي وڏن وڏن ڊرامه نويسن تاريخي ڪردارن جي
عروج ۽ زوال جا داستان لکي عظيم الميه ڊرامه تخليق
ڪيا آهن ۽ ڪيترا ڊرامه نويس اهڙا به ٿيا آهن جيڪي
تاريخ جي ڪاڪ ۾ ڀٽڪي پنهنجي دؤر کان ڇڄي ڌار ٿي
ويا آهن. سنڌ جي نئين ليکڪ به تاريخي ڊرامه لکيا
آهن. پر هو تاريخ جي ڪاڪ ۾ ڀٽڪڻ جي بدران پنهنجي
تاريخي ڪردارن جي، پنهنجي دؤر جي گهرجن مطابق
تشريح ۽ تعبير ڪندو رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو
هنجي تاريخي ڪردارن جو داستان اڄ جي ڌرتيءَ جي
دُکَ ۽ اڄ جي دؤر جو داستان آهي.
1956ع ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙو واقعو پيش آيو، جنهن
سنڌي ليکڪ جي ساري وجود کي لوڏي ڇڏيو. اهو واقعو
ون يونٽ قائم ٿيڻ جو واقعو هو.
سنڌ کي پنهنجي تاريخ هئي، پنهنجي زبان هئي،
پنهنجو ثقافتي وجود هو، پر ون يونٽ قائم ڪري سنڌ
جي تاريخي ۽ ثقافتي وجود کي ختم ڪيو ويو. ان وقت
سنڌي اديب کي احساس ٿيو ته سنڌ سان گڏ هن جو
پنهنجو به تاريخي ۽ ثقافتي وجود ختم ٿي ويو آهي.
تڏهن سنڌي ليکڪ جو پنهنجي وڃايل ثقافتي وجود کي
ڳولڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي ڳولي لهڻ وارو عمل شروع ٿي
ويو. هُن سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي لوڪ ادب، لوڪ
داستانن ۽ سنڌ جي تهذيب ۾ پنهنجو پاڻ کي ڳولڻ شروع
ڪيو ۽ هن ڏٺو ته هنجي تهذيب جو پس منظر موئن جي
دڙي تائين پکڙيل آهي. هن جي لوڪ داستانن ۾ هڪڙي
اهڙي بيوس ۽ نادار، واريءَ جي ڌيءَ مارئي به آهي،
جيڪا وقت جي جابر بادشآهه سان ٽڪرائي سگهي ٿي ۽
پنهنجي مٿي تان سَت جي لوئي کي لهڻ نٿي ڏئي. راءِ
ڏياچ جهڙو بادشاهه به آهي، جنهنجي مغرور مٿي کي
دشمن جي ترار ته وڍي نه سگهي، پر هڪڙي موسيقار جي
ساز جي تار وڍي ڇڏيو. دودو سومرو، دولهه دريا خان،
سارنگ خان سمون، مخدوم بلاول ۽ هوش محمد شهيد جهڙا
جانباز به آهن، جن سنڌ جي ڌرتيءَ لاءِ جانيون
قربان ڪري ڇڏيون.
سنڌ جي تاريخ ۽ لوڪ داستانن جي انهن ڪردارن ۾ سنڌي
ليکڪ پنهنجو پاڻ کي ڳولي لڌو ۽ پنهنجو ثقافتي وجود
مڃائڻ لاءِ هن موئن جي دڙي کان وٺي اڄ تائين پکڙيل
”Panorama“
۾ گهمندڙ، ڦرندڙ، جيئندڙ مرندڙ، انسانن جا ڊرامه
لکيا ۽ اهڙي ريت سنڌي جو نئون تاريخي ڊرامون وجود
۾ آيو. مان ان کي نئون تاريخي ڊرامون ان لاءِ نٿو
چوان جو اڄ کان پهرين دؤر ۾ به سنڌ جي انهن تاريخي
۽ لوڪ ڪردارن جا ڊراما لکيا ويا هئا.
شبنم شبنم، ڪنول ڪنول
نسيم کرل سنڌي ڪهاڻين جي نئين نسل جو ڪهاڻي نويس
آهي، هن جون ڪهاڻيون لکڻ جو انداز روماني نه، پر
حقيقت پسندانه آهي. ان جي معنيٰ اها نه آهي ته هو
زندگيءَ جي حقيقتن کي گهڙڻ ۽ ڇلڻ کان سواءِ، جيئن
جو تيئن پيش ٿو ڪري، پر هو زندگيءَ جون جيڪي
حقيقتون ڏسي وائسي ٿو، تن کي پنهنجي هانءُ جي کوري
۾ پچائي، پنهنجي قلم سان ڇلي، ڪهاڻين جو اهڙو روپ
ٿو ڏئي جو پڙهندڙ پنهنجي پسگردائيءَ ۽ پنهنجو پاڻ
کي وساري، سندس ڪهاڻين جي ڪاڪ ۾ گم ٿي وڃي ٿو. هن
جي ڪهاڻين جا ڪردار، ڪهاڻين مان نڪري، پڙهندڙ کي
چيچ کان جهلي، ڪهاڻيءَ جي ڪاڪ ۾ وٺي ٿا وڃن، جنهن
ڪاڪ ۾ زندگيءَ جي مومل پنهنجي راڻي لاءِ عطر ۽
عنبرين تن تازو ڪري ويهڻ جي بدران، ڪڏهن ”شبنم
شبنم، ڪنول ڪنول“ ڪهاڻيءَ جي ’پال‘ نرس بڻجي، هڪڙي
مريض جي حياتي بچائڻ لاءِ پنهنجو ست ئي لٽائي، ته
ڪڏهن وري ”ڪني آڱر“ ڪهاڻيءَ جي ’زينب‘ بڻجي، وڏيري
جي ڌيءَ جي ڪوڙي ست کي قائم رکڻ لاءِ هن جي حرامي
ٻار جو پاڻ تي الزام ٿي کڻي. هن ڪاڪ جيڪو به راڻو
زندگيءَ جي مومل ماڻي نٿو سگهي. سندس ڀاڳ ڀلي ڀلي
ٿو پوي، ۽ هو ”ڀُت“ ڪهاڻيءَ جو هيرو بڻجي، دوستن
کي سهڻين ڇوڪرين جا فوٽا ڏيکاري، کين پنهنجين
محبتن جا ڪوڙا افسانا ٻڌائي، محبت جي محرومين کان
انتقام ٿو وٺي. ڪن ڪهاڻين ۾ ته سنڌ جا ڳوٺ ٿا وسن،
جتي ڀوريون لٽاشيون ٻنيون، ڏکڻ هير ۾ لڏندڙ وونئڻ
۽ جواريون وڏڪيون ڀتيون، ڇناوان گهر، قبائين مسيت،
شاهي ڪوٽ ۽ ان جي وچ ۾ پڪسري حويلي ڪر کنيو بيٺي
آهي. ڪٿي رئيس جي شادي ٿي ٿئي. راڄ اچي مڙيا آهن.
هيرامنڊيءَ جي ’الماس‘ ٿي نچي، ۽ پاڻ سان گڏ فتح
خان ۽ رئيس قيصر خان کي به ٿي نچائي. ڪٿي وري
قبائينءَ مسيت ۾ ماڻهو اچي مڙيا آهن. مولوي مٿي تي
موڱي سائي دستار، بدن تي هرک جا ڪورا ڪپڙا، پيرن ۾
سيم جي نئين جُتي، هٿ ۾ جهنڊيءَ جي عصا جهلي،
’سيتل‘ ڪولهيءَ کي مسلمان ڪري رهيو آهي. ڪنهن ڪنهن
ڪهاڻيءَ ۾ ته سنڌو پنهنجيءَ موج ۽ مستيءَ سان ٿي
وهي، ۽ جڏهن اُٿل ٿي ڪري ته هر طرف اڇ ٿي ٿي وڃي،
۽ جڏهن پاڻي لهي ٿو وڃي ته ڪيٽيءَ جون زمينون ڦنڊي
ڪپهه جهڙيون اڇيون ايندڙ نين نڪورين تشبيهن سان
نسيم جي ڪهاڻين جي اُترادي ٻولي ۽ ڪيٽيءَ جي زمين
جيان ڦنڊي ڪپهه جهڙي اچي ٿي پئي آهي.
- ”نوران… جنهن جو قد مانجهاندڙيءَ وانگر سڌو ۽
ڊگهو هو، جنهن جو رنگ جوئر جي اٽي وانگر ڀورو ۽
ڳاڙهو هو، جنهن جون اکيون ڪجل بنا به ڪاريون هيون…
۽ جنهن جو آواز اهڙو مٺو ۽ سريلو هو، ڄڻ وڏي اسر
مهل ڪنهن نار ۾ ٻڌل ڏاند جون ٽليون پيون وڄن.“ (زر
۽ زر)
- ”الائي سائين، پرائي دل پرديس آ!“ (زر ۽ زر)
-”الماس… انهن سڀني ۾ اهڙي ڏک پئي ڏنائين، جيئن
عام ڪڻڪ جي ٻاريءَ ۾ ڪونج ڪڻڪ يا عام جوئارين ۾ جن
پور… (سندس) مڪائيءَ جهڙو سنهري رنگ!“
-”مکي ڦڳڻ مل پنهنجي دماغ کي ائين ٿڦوليو، جيئن هو
چوپڙ راند ۾ ڪنهن جي ڳوٽ مارڻ لاءِ ڍاري کي گهڻيءَ
دير تائين کڙڪائي کڙڪائي، گهربل داءَ وٺڻ جي ڪوشش
ڪندو هو.“ (ڪافر)
-”اها ڳالهه سندس دل ۾ ائين کپي وئي، جيئن سندس
تکي ڪوڏر آليءَ زمين ۾ کپي ويندي آهي.“ (ڪافر)
-”ڏس، فرياد داخل ڪندا هئاسون ته چورن کي ڦرڪڻي
هوندي هئي، پر جڏهن واردات گذري ويندي هئي ته پوءِ
ڪنهن کي ڀؤ هوندو هو.“
”پوءِ ڀؤ ڇو ٿيندن، سائين؟“
”بس، ائين سمجهه ته مان به هڪ گذريل واردات
آهيان.“ (گذريل واردات)
-”جي ڪنهن ڏوهاريءَ خلاف فرسٽ رپورٽ داخل ڪندا
هئاسون ته ڇا ڪندو هو؟“
”سائين، هو يا ته اسان سان منهن ڏيئي جان ڇڏائيندو
هو، يا روپوش ٿي ويندو هو.“
”پاڻ کي به منهن ڏيڻ جي طاقت ڪانهي، ڪوڙا خان. اچ
ته تون ۽ مان به روپوش ٿي وڃون.“ (گذريل واردات)
-” ڪن هوريان دٻيل آواز ۾ مٿس چٿرون به ڪيون، ته
به هو ائين لنوائي ويو، جيئن هو پنهنجي زماني ۾
ڪنهن ’اڻٻڌڻ جوڳي ڏوهه‘ جي فرياد جي داخلا کان
لنوائيندو هو.“ (گذريل واردات)
هونئن ته نسيم گهڻي وقت کان ڪهاڻيون لکي رهيو آهي،
پر جڏهن سندس ٻه ڪهاڻيون”ڪافر“ ۽ ”زماني جي گردش“،
”سهڻيءَ“ ۾ ڇپجي ظاهر ٿيون، تڏهن پڙهندڙن کي سندس
ادبي مقام جي خبر پئي. ”ڪافر“ ڪهاڻي سيتل ڪولهيءَ
جي ڪهاڻي آهي، جيڪو شودر هجڻ جي ڪري صدين کان نفرت
جو زهر پيئندو ٿو اچي. هو انسان سڏائڻ ۽ انساني
رتبي ماڻڻ لاءِ مسلمان ٿو ٿئي، جو مسلمان عالمي
برادريءَ جي دعويٰ ڪندا آهن. پر مسلمان ٿيڻ کان
پوءِ به هو اهو ڪولهي ٿو رهي، ناريجو نٿو بڻجي
سگهي، ڪمذات هجڻ جي ڪري، نفرت جا تير سهڻ سندس
تقدير آهي، هو وري موٽي ڪولهي ٿو ٿئي، جتي گهٽ ۾
گهٽ ڪولهين جو ويڙهو ته کيس پنهنجو ٿو سمجهي. هن
ڪهاڻيءَ ۾ نسيم اسلام جي عالمي ڀائپيءَ جي دعويٰ
ڪرڻ ۽ ساڳئي وقت مسلمانن جي پنهنجيءَ ذات کان ٻاهر
ڌارين ۾ سڱ نه ڏيڻ واري تضاد جو مذاق اڏايو آهي.
”زماني جي گردش“ ڏاڍي سٺي ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي هڪ
هنڌان شروع ٿئي ٿي، ۽ گول دائرو بڻائي. سنڌ جي
وڏيرڪي زندگيءَ کي چٽي، ان ساڳئي هنڌ اچي ختم ٿي
ٿئي. ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ به نهايت سٺي آهي. رئيس
قيصر خان وٽ ڪِٺ ڪميت تي چڙهي هڪڙو ماڻهو ٿو اچي،
۽ خلاصا احوال ڏيندي کيس ٻڌائي ٿو ته ”رئيس، مان
به توهان جهڙو ئي زميندار هوس، پر زماني جي گردش
سبب هي حال اچي ٿيا آهن… جيڪي سري سگهيو سو ڏيوم
ٻيو توهان جي سربخت جو خير.“
رئيس قيصر خان سان گڏ پڙهندڙ به سوچي ٿو ته آخر
درزاپور وارو رئيس واحد بخش خان انهن حالتن کي
ڪيئن پهتو. پر پوءِ جڏهن هڪڙي ڏينهن رئيس قيسر خان
خود سمنڊ جي واڳ موڙي رئيس غالم عمر خان جي اوطاق
۾ ٿو وڃي ۽ کيس چئي ٿو ته ”خان، ڪڏهن مان به تو
جهڙو زميندار هوس، پر زماني جي گردش سبب هي حال
اچي ٿيا آهن… پنهنجي شان تي جيڪو سري سگهيو سو
ڏيوم.“ تڏهن پڙهندڙ کي مرزاپور واري رئيس واحد بخش
جي زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ جي به خبر پئجي ٿي وڃي. مان
وري به ٿو چوان ته نسيم جي هيءَ ڪهاڻي ڏاڍي سٺي
ڪهاڻي آهي. پر ساري ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالهه
سمجهه ۾ نٿي اچي ته ليکڪ جو ڪهاڻيءَ جو هيڏو
مانڊاڻ وٺي منڊيو آهي، سو آخر هو چوڻ ڇا ٿو چاهي.
ڇا، ليکڪ هن ”سبق آموز“ ڪهاڻيءَ معرفت رئيسن کي
اهو سبق ڏيڻ ٿو چاهي ته جي اوهان به رئيس قيصر خان
وارا پير کنيا، هيرامنڊيءَ جي الماس جي چڪر ۾
ڦاٿا، فتح خان کي خون ڪرايو، ته اوهين به زماني جي
گردش جو شڪار ٿي ويندؤ: سارو ڍينگو ٺهيل ٺڪيل اٿو،
رڳي کنگهڪر ڪندؤ ته اولوئي ڪونهيوَ، پاڻهي
پيورينگندو.
”ڪچو رنگ“، ”گَٽس“ ڪهاڻيءَ جو ٻيو باب آهي، پهريون
باب يعني ”گَٽس“ ڪهاڻي، شهر جي زندگيءَ تي لکيل
آهي، جتي سونهن شڪار ڦاسائڻ لاءِ ريشمي ڄار آهي، ۽
جتي محبت ؟؟؟؟؟؟ جو فارمولا آهي، ٺهيل ٺڪيل، رڳو
استعمال ڪرن جو طريقو اچي. جتي ٻيگمات ”پنهنجي
ڏيئن کي نئين ماڊل جون ڪارون ڏيئي، سوسائٽيءَ جي
وڏي سمنڊ ۾ ڪنڍيءَ وانگر اڇلي ڇڏينديون آهن ۽ پاڻ
فشنگ راڊ کي قابو جهلي ويهنديون آهن.“ ۽ جڏهن پارس
ذوالفقار جهڙي سوکي مڇي ڦاسائي ٿي، تڏهن به بيگم
برني پنهنجي ڌيءَ شاهد برنيءَ کي افسوس سان چئي
ٿي: افسوس، نيلي ڊارلنگ، جو تو ۾ اهڙا گٽس ڪونهن.“
هوڏانهن ڳوٺ ۾ جڏهن زلفيءَ جي پيءُ رئيس شاهنواز
خان کي خبر ٿي پوي ته سندس پٽ پنهنجيءَ مڱ کي ڇڏي
(جنهن وٽان ملڪيت ملڻ جو آسرو هو) هڪ منڊم سان
شادي ڪئي آهي ته هو باهه ٿي ٿو وڃي. کيس پنهنجي
عزت کان اڳ کيس سمجهائڻ لاءِ ڪراچيءَ ٿو وڃي ته
اُتي کيس خبرٿي پوي ته سندس ننهن ته ڪليڪٽر جي
ڌيءَ آهي. هو يڪدم بدلجي ٿي وڃي ۽ پٽ کي چئي ٿو:
”پٽ، مون کي اڄ ئي ڪليڪٽر صاحب سان ملائجانءِ.“
انهن ٻنهي ڪهاڻين ۾ نسيم شهر ۽ ٻاهراڙيءَ جي
مٿانهين طبقي جي اندر کي اگهاڙو ڪيو آهي. هنن جا
سڀ رنگ ڪچا آهن. رڳو پنهنجي سماجي حيثيت کي قائم
رکڻ ۽ وڌائڻ جي خواهش جو رنگ سچو آهي.
”گذريل واردات“ ڪرداري ڪهاڻي آهي ۽ ساري ڪهاڻي
پوليس انسپيڪٽر غونث بخش شاهه جي ڪردار جي چوڌاري
ٿي ڦري. پڙهندڙ جو غونث بخش شاهه سان تڏهين
غائباڻو تعارف ٿو ٿئي، جڏهن انسپيڪٽر دريشاڻي جاج
۾ ڪامياب نٿو وڃي ۽ ايس.پي.وٽان آيل ميسيج جو
بهانو ڪري موٽي ٿو وڃي. تڏهن ڀرواريءَ لانڍيءَ ۾
ويٺل وڏيرن مان سرائي رازقڏنو ٿو چوي، ”هائوڙي
انسپيڪٽر غونث بخش شاهه!“ ۽ انهن ئي ئي وڏيرن جي
گفتگو مان خبر پئي ٿي ته انسپيڪٽر شاهه ڪنهن زماني
۾ ناليوارو انسپيڪٽر هو پر هينئر پينشن تي آهي ۽
پوءِ انسپيڪٽر شاهه پاڻ ٿو پڙهندڙن جي سامهون اچي.
ڪهاڻي اڳتي وڌندي ٿي هلي. انسپيڪٽر غونث بخش شاهه
جو ڪردار جڙندو ٿو وڃي ۽ ساڳئي وقت ڳوٺاڻن جي
سماجي زندگيءَ جو پتو به پوندو ٿووڃي- پوليسي راڄ،
چوراڪاري، سڪن سان گڏ ساون جو سڙڻ، غير محفوظ
زندگي. غونث بخش شاهه کي سارو ڏيهه ٿو ڏڪي. پر آخر
شاهه صاحب پنهنجي اوج تان ڪري ٿو. پينشن وٺي اچي
گهر ٿو ويهي. هينئر ڪو پڇيس ئي نٿو. سندس حالت ان
سهڻيءَ طوائف جهڙي آهي، جنهن جي هڪ ادا سان هزارين
قتل ٿي ويندا هئا، پر هينئر هوءَ پوڙهي ٿي وئي
آهي. پوڙهي طوائف ۽ رٽائرڊ آفيسر کي ڪير ٿو پڇي.
سندس اردلي شاهه صاحب جي پينشن تي لهڻ واريءَ
حقيقت کي قبول نٿو ڪري ۽ هر گهڙيءَ کيس چوي ٿو.
”سائين، تون انسپيڪٽر آهين، ڪجهه ڪر“. پر شاهه
پنهنجي موجوده حيثيت کي قبول ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ۽
پنهنجو پاڻ کي ”گذريل واردات“، ”اڻٻڌڻ جوڳو فرياد“
ٿو چئي. پر هو ان ڪوشش ۾ ناڪام ٿوٿئي ۽ پاڙي جي
ٻارن کي گاريون ڏيئي، کين هيسائي، پنهنجي اردلي ۽
پنهنجو پاڻ کي ڌوڪو ٿو ڏئي ته هو اهو ساڳيو
انسپيڪٽر غونث بخش شاهه آهي، جنهن کان ڏيهه ڏڪندا
هئا.
”گذريل واردات“ جيان، ”ڪني آڱر“، ”ڳُڻ“ ۽ ”ڀُت“
به ڪرداري ڪهاڻيون آهن.
’زينب‘ ڏاڍي خراب عورت آهي، جيڪا ڳوٺ جي مردن کي
ڦاسائيندي ٿي وتي. ايتريقدر جو ساري ڳوٺ ۾ ٻه چار
گهر مس بچيا آهن، جيڪي ”سندس جنازي کي ڪلهو ڏيئي
سگهن.“ انهن گهرن لاءِ به زينب ڏاڍي بيحيائيءَ سان
چوي ٿي، ”اميد الله ۾ ته اهي ٻه ٽي گهر به نه
ڇڏينديس.“ شروع کان وٺي پڙهندڙ زينب کان نفرت ٿو
ڪري، ههڙيءَ ڪنيءَ آڱر کان ڪير نفرت نه ڪندو. سندس
وجود مشرقي عورت جي عظيم ست، حيا ۽ شرم لاءِ ڄڻ
گار آهي. پر اها مجسم گناهه، بدڪار، روسياه ۽ ”ڪني
آڱر“، زينب، وڏيري جي ڪنواري ڌيءَ جي عظيم ست،
عصمت ۽ عزت کي بچائڻ لاءِ سندس حرامي ٻار کي
پنهنجوئي ڪري ۽ ان بيگناهيءَ جي گناهه ۾ پوليس کيس
جهلي ٿي وڃي. ان هڪڙي عمل سان هن جي ساري ڪارنهن
ڌوپجي ٿي وڃي ۽ سندس سڀيئي گناهه، نيڪن کان وڌيڪ
مقدس ۽ عظيم ٿي ٿا پون.
”ڳڻ“ هڪڙي اُترادي ٽانگي واري رئيس جي ڪهاڻي آهي،
جيڪو پنهنجي گهوڙي کي نوان سنج پارائي، پشوري
گاڏيءَ کي نڪل ڪرائي، اُتر جي هرهڪ شهر، شڪارپور،
خيرپور ۽ لاڙڪاڻي جي ٽانگا اسٽينڊ تي پنهنجو ٽانگو
جهلي بيٺو آهي. رئيس سان گڏ ٻيا به ٽانگي وارا
بيٺا آهن. هرهڪ جي پنهنجي شخصيت آهي.
خميسو- جنهن جو ڌنڌوئي سودا ڪرڻ آهي ۽ رئيس جڏهن
هاٽيلي دمبچي وٺي ٿو اچي ته خميسو يڪدم پڇيس ٿو:
”آهي سودو، رئيس! گهڻو اُتر ڏيانءِ؟“
رسولو- جيڪو رئيس جي بدران پاڻ ٿو خميسي کي جواب
ڏئي: ”کلا ٿي، خميسا! ههڙن بادشاهه وهٽن کي شيون
پارائي ڪي کسبيون آهن!“
شاهه- جنهن کي سودي وقت امين مقرر ڪيو ويندو آهي ۽
ٻنهي ڌرين سان انگوڇي هيٺان آڱرين ۾ ڳالهائي، گار
وجهي تاڙي هڻندو آهي.
زوار- جيڪو بنا پڇڻ جي پنهنجي ڪٿا ٻڌائيندو آهي.
”يار رئيس، پاسينگرن وٽ به چلڪڻيءَ شي جو اگهه
گهڻو اٿيئي. سڄو ڏينهن رڙيون ڪندي نڙ: سڪي ٿي وڃي
ته مس ئي ڪا سواري لڳي. وري ڀاڙو ڏيندءِ به ڪير
ڪِرسان.“
دينو- جيڪو رئيس کي مِتيرن تي چيڙائي رهيو آهي.
رئيس هن کي گاريون ٿو ڏئي. سڀ کِلن ٿا. ٽانگي وارن
جي ننڍڙي ڪائنات. رئيس جي شخصيت جي ڳالهه اها آهي
ته هو بنا ڪنهن سبب جي متيرن (جن جو هو نالو به
وٺڻ نٿو گهري) کان چڙهي ٿو ۽ جڏهن پڙهندڙ سندس ان
بنا سبب چِڙ تي حيران ٿي رئيس کان پڇي ٿو ته ”رئيس
تون متيري تي ڇو چِڙندو آهين“، ته رئيس خار مان
پڙهندڙ ڏي نهاري، نِج اُترادي انداز ۾ چئي ٿو:
”ارمان آ صاحب، تون به ٿو لوٺين وارا سوال پڇين!“
سڀني ٽانگي وارن جي ڄڻ هڪ برادري آهي، ڄڻ سڀ هڪ
گهر جا ڀاتي آهن. سڀ هڪٻئي جي ڏک سور جا ساٿي آهن.
رئيس، ڀوڳن ۾ پنهنجي بور گهوڙي کي وڪڻڻ جو خيال ٿو
ڏيکاري ته سڀ ٽانگي وارا مڙي ٿا اچنس: ”رئيس، بور
کي وڪڻڻ جو خيال به دل ۾ ڪندين ته الله نه
بخشيندءِ. ههڙا وهٽ دشمن تي داغ آهن.“ پر اها
برادري ان وقت ٽُٽي ٿي پوي، جڏهن هڪڙي ڏينهن رئيس
؟؟؟؟؟ تان چِڙي، سڌو فوجدار ڏي ٿو وڃي ۽ فوجدار
کان دينوءَ کي مار ٿو کارائي. ساري برادري رئيس
کان سوشل بائيڪاٽ ٿي ڪري ۽ رئيس، جيڪو اڳي ساريءَ
برادري جي جان هو، هينئر پنهنجن ۾ اوپرو آهي. کيس
ضمير ملامت ٿو ڪري، ته هو پنهنجي ضمير جي آواز کي
دٻائڻ لاءِ چوي ٿو: ”نورا، سگهڙن سچ چيو اٿئي ته
سنڌ کِلي سان ٻڌل آهي. ڏس، ڪيئن نه ٻن موچڙن ۾ گُر
ڪري ڇڏيا اٿم؟ ۽ آخر ۾ جڏهن فوجدار وري دينوءَ کي
بگر لاءِ سڏائي ٿو ته رئيس پنهنجي ڏور کي زور سان
سٽڪو ڏيئي، رڙ ڪري چوي ٿو: ”وڃي پنهنجي بابي
فوجدار کي چئو ته دين محمد ڪونه ايندو. کيس اهو به
سمجهائي ڇڏ ته اسان بگيءَ وارا پاڻ ۾ وڙهون يا
پرچون، تنهن ۾ هن جو ربيع يا خريف.“ ۽ پوءِ رئيس
سڀني ٽانگي وارن ڏانهن پار سان نهاريو ۽ هودي ۾
لڳل گهنٽي وڄائڻ لڳو. اُها گهنٽي سندس برادريءَ ۾
وڃايل رتبو وري ماڻڻ واريءَ فتح ۽ انساني ناتن جي
احترام جي علامت آهي. نسيم جي ڪهاڻين ۾ بيشڪ ته
ساري سنڌ سمايل آهي. پر سندس ڪهاڻين جي ڪئنواس تي
چٽيل سنڌ جي ڳوٺن جي تصويرن ۾ رڳيون وڏيرن جون
وڏيون وڏيون حويليون ۽ اوطاقون نظر اچن ٿيون. عام
جهوپڙيون نظر نٿيون اچن، ۽ جي نظر اچن به ٿيون ته
انهن ۾ عام ماڻهو، هاري ناري نظر نٿا اچن. ڪڏهن
ڪڏهن ڪي هاري وڏيري جي اوطاق ۾ ويٺل ۽ سيتل جي
مسلمان ٿيڻ جي ثواب ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ، قبائين مسيت
۾ ويٺل نظر اچن ٿا. ”ڪني آڱر“ واريءَ زينب
کانسواءِ، سڀ وڏيرا ۽ رئيس آهن؛ زماني جي گردش جا
شڪار، ڪچو رنگ چاڙهيل، نوران ۽ زمين لاءِ ڀاءُ کي
مارائيندڙ رئيس ۽ سندن وفادار ۽ ها ۾ ها ملائيندڙ
ڪمدار آهن.
چارڻ سي چئجن
پنهنجي دور جي ليکڪ جي باري ۾ رايو ڏيڻ مهل ماڻهو
پنهنجي دور جي تعصبن ۽ ذاتي حسدن جو شڪار ٿي ويندو
آهي. مان به شايد ذاتي حسد جو شڪار آهيان جو نسيم
کي پنهنجي دور جو سڀني کان سٺو ۽ سڀني کان وڏو
ليکڪ مڃڻ جي بدران هن کي سٺن ۽ وڏن ليکڪن مان هڪ
ٿو مڃان ۽ پنهنجي ان ذاتي حسد کي اجتماعي رنگ ڏيڻ
لاءِ چوان ٿو ته نسيم کي سڀني کان سٺو ۽ سڀني کان
وڏو ليکڪ مڃڻ مهل مان انهن ليکڪن کي ڪيئن وساريان،
جن کي تخليق جو درد ۽ ذات جو رنگ سُک سان ويهڻ نٿو
ڏي ۽ جن لاءِ شاهه سائينءَ چيو آهي ته:
جنين سک ناه ڪو، چارڻ سي چئجن،
رڃن راهه پڇن، مٿي ڪلهن ڪينرا.
زندگيءَ جا ڪيترائي روپ آهن، ڪيترائي رنگ آهن
۽ ڪيترائي رخ آهن. ڪوبه ليکڪ ڪوري ڪاغذ تي زندگيءَ
جا ڪي روپ نه چٽي سگهي ٿو، ڪجهه رنگ ته پيٽي سگهي
ٿو، ڪي روخَ ته ڏيکاري سگهي ٿو.پر سموريءَ زندگيءَ
کي سموهي نٿو سگهي. اهڙيءَ انسان جي شخصيت جا به
ڪيترائي روپ، رنگ، رخ ۽ تَهه آهن. ڏسڻو اهو آهي ته
ڪهڙو ليکڪ زندگيءَ جي ڪهڙي روپ ۽ رنگ جو سودائي
آهي، ڪهڙي رخ جو مسافر آهي. انساني ڪردارن جي
شخصيت جي ڪهڙي لَھ کي پيش ڪري ٿو. ان سوداءَ، ان
سفر ۽ ڪردارن جي شخصيت جي مخصوص تهَن چٽڻ ۾ هن سان
ڪهڙا ڪهڙا ليکڪ شامل آهن ۽ انهن ليکڪن ۾ هن جو
ڪهڙو مقام آهي. مان پنهنجيءَ ڳالهه کي وڌيڪ چٽو
ڪرڻ لاءِ انگريزيءَ جي ٽن ليکڪن لارينس، ورجينا
وولف ۽ هڪسلي جو .......
ڪردارن جي جدا جدا تهن جا ليکڪ آهن. لارينس انسان
جي وحشي ۽ انڌن جذبن جو ليکڪ آهي، ورجينا انسان جي
نازڪ نازڪ جذبن جي ليکڪا آهن ۽ هڪسلي انسان جي ذهن
جو ليکڪ آهي نسيم زندگيءَ جي ٻاهرين رُخَ ۽ انسان
جي ٻاهرين تَھَ يعني هڏائين پڃري تي چڙهيل کل جو
ليکڪ آهي. زندگيءَ جو ظاهري روپ جيئن هن کي نظر
اچي ٿو تيئن هو ان کي چئي ٿو ڇڏي. هو زندگيءَ کي
انٽر پريٽ نٿو ڪري، ڪو خواب، ڪو آدرش، آئيندي جي
ڪا آس نٿو ڏي. ساڳيءَ طرح هو ڪردارن جي اندر ۾
ليئو پائي هن جي اندر جو ايذاءُ نٿو ڏيکاري، پر
سندن خارجي عمل ٿو پيش ڪري. اهو عيب نه آهي پر
انداز آهي ۽ ان انداز جي سڀني ليکڪن کان نسيم وڏو
۽ سٺو ليکڪ آهي.
نسيم جي ڪهاڻي ”پهرين مراد“ هن جي مخصوص انداز،
فن جي نمائنده ڪهاڻي آهي. هيءَ ڪهاڻي ڳوٺاڻي
زندگيءَ، معاشرت جو دستاويز آهي. ڪهاڻي ڪنهن
هٿرادو پلاٽ تي ٻڌل نه آهي، پر ڳوٺاڻي زندگيءَ جي
هڪڙي رخ جي پوري ۽ سچي تصوير آهي. انسان پنهنجي
سماجي چوکٽي ۾ جيئن جڙيل ۽ جڪڙيل آهي پنهنجي دور
جي ريتن، رسمن، رواجن، وهمن، گمانن، آدرشن ۽ خوابن
مان جيئن سندس شخصيت جڙي، رچي، راس ٿي آهي، تيئن
نسيم هن کي پيش ڪيو آهي. ڪهاڻيءَ جي ٻولي سهڻي ۽
بي ساخته آهي. هڪڙي هنڌ عنايت پنهنجي پٽ ماڻڪ جي
ڳالهه تان خار کائي چوي ٿو: ”هي مٿي وارو چير
ڪهاڙي آ يا ماڻهين جو...“ نسيم اتي خال ڇڏي ڏنو
آهي. پر جي هو اتي اصل لفظ به لکي ڇڏي ها ته جيڪر
جملو پنهنجي معصوم بي ساختگيءَ جي ڪري اُگرو نه
لڳي ها.
نسيم جي ڪهاڻي جي تازي مجموعي جي سڀني ڳالهين مان
مون کي هن جي ڪهاڻي ”ڪرنٽ“ ڏاڍي پسند آئي. ڪهاڻيءَ
جو مرڪزي خيال پراڻو ۽ گٺل آهي، پر نسيم ان کي
نئين انداز سان پيش ڪيو آهي. هن اهڙيءَ عريانيت جي
معرفت مامتا جو تقدس ڏيکارو آهي.
................................. عمل ٿو لڳي.
نسيم ڪٿي ڪٿي جملن جو استعمال نئين انداز سان ڪري
مشتاق شوري جي ٽهيءَ جو ساٿ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
پنهنجي اسٽائيل ۾ شعوري ڪوشش سان تبديلي آڻڻ ۽
گرامر جون حدون اورانگهي، جملن کي نئين جوڙ جڪ ڏيڻ
سان ڪوبه ليکڪ نئين ٽهيءَ جو ساٿ ڏئي نٿو سگهي.
ڳالهه جملن جي جوڙ جڪ ۽ استعمال جي نه آهي، پر
احساساتي رويي جي آهي. نسيم جو ڪهاڻيءَ جي ڪردارن،
فارم، ٻوليءَ ۽ خود زندگيءَ ڏانهن اڄ به اهو ئي
رويو آهي، جيڪو سندس اوائلي دور ۾ هو. مان ٻوليءَ،
جملي ۽ لفظن جي ڀڃ ڊاهه ۽ نئين سر ٺاهه جو قائل
آهيان، پر ان صورت ۾ جڏهن لفظ، جملا ۽ ٻولي احساسن
جو ساٿ ڏيئي نه سگهن ۽ احساسن جي شدت کان لفظ يا
جملو ٽڙڪي، ڀڄي وري پنهنجو پاڻ هڪ نئين صورت
اختيار ڪري وٺي. |