ٻئي جلد کي ستن اقليمن ۾ ورهائي، ۽ هرهڪ اقليم جو
تاريخي احوال ڏيئي، ۽ ان جي هرهڪ شهر جي بيان ڪرڻ
بعد، انهيءَ شهر جي مشاهيرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
مير صاحب جيتوڻيڪ لکيو آهي ته، هن متقدمين ۽
متاخرين جون تصنيفون ڏسي، پڙهي ۽ پوءِ اهو جلد
مرتب ڪيو آهي؛ پر پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته امين
رازيءَ جي ”هفت اقليم“ کي هن بنياد بڻايو آهي، ۽
مضمونن کانسواءِ ترتيب به ساڳي رکي اٿائين! اهڙيءَ
طرح ٻئي نمبر ۾ ”حبيب السير“ ۽ ”مجالس المومنين“
تي هن مدار رکيو آهي؛ جيتوڻيڪ پنهنجي بزرگن جي
حالتن جي سلسلي ۾، بنا حوالي جي سموري عبارت، لفظ
بلفظ ”مجالس المومنين“ جي نقل ڪري ويو آهي- جيڪو
طريقو تقريباً سڀني متوسطين توڙي متاخرين جو هو.
مطبوعه نسخي ۾ ٻيو جلد سنه 1304هه ۾ غالباً بمبئي
مان شايع ڪيو ويو آهي.
ٽيون جلد حقيقت ۾ ”تحفة الڪرام“ جو نهايت قيمتي
آهي، ۽ سنڌ جي تاريخ تي ڄڻ ته ’انسائيڪلو پيڊيا‘
جي حيثيت رکي ٿو. انهيءَ جلد جي ابتدا ۾، سنڌ جي
تاريخ شروع کان ڪلهوڙن جي زماني تائين بيان ڪئي
ويئي آهي؛ ۽ ان کانپوءِ سنڌ جي شهرن جو احوال، ۽
ان ۾ رهندڙ مشاهيرن جو تذڪرو آهي؛ آخر ۾ ٺٽي ۽ ان
جي مشاهيرن جو مفصل ذڪر ڪيو ويو آهي. مير صاحب
تاريخ جي سلسلي ۾ ”چچ نامه“، ”معصومي“، ”طاهري“،
”بيگلر نامه“، ۽ ”ترخان نامه“ کي ماخذ بڻايو آهي؛
البت مشاهيرن جو تذڪرو، ۽ سنڌ جي قديم شهرن جي
تاريخ تي، هن جيڪا تحقيق ۽ تلاش ڪئي آهي، اها قابل
داد ۽ اڻ وسرڻ جوڳي آهي. حقيقت ۾ محنت ۽ زحمت
برداشت ڪرڻ ۾، مير صاحب ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن
اڄ کان پوڻا ٻه سؤ ورهيه اڳ، مير صاحب اهو مواد گڏ
نه ڪري وڃي ها ته هوند مشاهيرن جي تذڪري، ۽ شهرن
جي تاريخ جا سڀئي پاسا، اڄ اسان جي اکين کان لِڪل،
بلڪ سڄي ثقافتي ۽ علمي تاريخ گم هجي ها.
مطبوعه نسخي جو ٽيون جلد مطبع ناصريءَ ۾ ڇپيو آهي؛
۽ تقريباً انهيءَ ئي سال جو ڇپيل آهي، جنهن سال ۾
ٻيو جلد شايع ٿيو.
مير صاحب 1181هه ۾ ”تحفة الڪرام“جو ٽيون جلد ختم
ڪري، هيٺيون اختتامي قطعو لکيو:
شکر خدا که تذکره ”تحفة الکرام“ |
اندر سه جلد يافته تزئين اختتام |
هر جلد اوست روضة اخبار دلکشا |
نظاره کيش مفت شود ديده شادکام |
’قانع‘ اگرچه نيست سزا وار ذکر خير |
ليکن بفيض اهل خبر يافت اين مرام |
باشد کنند اهل دنش ياد بعد مرگ |
يعني که يادگار نکو ماند مستهام |
سال تماميت چو نمود از خرد سوال |
اينک چه ”منتخب“ ز دل آمد مرا پيام |
- 1181هه
شکرِ خدا که يافته تزئين انتخاب |
اين ”تحفة الکرام“ به آئين انتخاب |
سال تماميت چو نمودم ز دل سوال |
هاتف زده ندا که ”نو آئين انتخاب“ |
- 1181هه
مصنف جو پنهنجو دستخطي نسخو، لاهور جي خان بهادر
مولوي محمد شفيع صاحب وٽ آهي؛ ۽ برٽش ميوزيم ۾
جيڪي ٻه نسخا مصنف جي پنهنجي خط جا آهن، انهن جي
فوٽوگراف ڪاپي مون وٽ آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو
ته مصنف 1188هه تائين اضافا ڪندو رهيو آهي.
(17) ”اعلان غم“- (1192هه): هن ڪتاب جو نالو ايليٽ
واري فهرست ۾ ملي ٿو، ۽ لاهور واري تحفة الڪرام جي
سرورق تي به مير صاحب جي تصنيفات ۾ هن جو نالو
موجود آهي. فهرست نگار تفصيل هن طرح ڏنو آهي: 356
صفحا، في صفحو 34 سٽون؛ 11732 شعر؛ تاليف 1192هه،
بخط مصنف. هن مثنوي ۾ نبين جي مصيبتن ۽ شهيدانِ
ڪربلا جي تڪليفن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هن وقت تائين
ڪوبه نسخو دستياب ٿي ڪونه سگهيو آهي.
(18) ”زبدة المناقب“- (1192هه): هن ۾ خلفاءِ
راشدين، ۽ حضرات اثنا عشر جا مناقب آهن. ايليٽ جي
فهرست نگار هن طرح تفصيل ڏنو آهي: صفحا 362، في
صفحو 17 ۽ 20 سٽون؛ 1200 شعر؛ تصنيف 1192هه- بخط
مصنف. لاهور واري نسخي جي سرورق تي به هن ڪتاب جو
نالو موجود آهي.
(19) ”مختار نامه“- (1194هه): مختيار ثقفيءَ جي
حالات ۾ مير صاحب هيءَ مثنوي لکي. فهرست نگار
هيٺين طرح تفصيل ڏنو آهي: صفحا 208، في صفحو سٽون
34-36؛ جمله اشعار 7 هزار؛ سن تاليف 1194هه. جنهن
نسخي جو ذڪر ايليٽ جي فهرست نگار ڪيو آهي، اهوئي
ساڳيو نسخو هن وقت سنڌي ادبي بورڊ جي ملڪيت آهي.
پهريون شعر هي آهي:
بنام جهانداور کردگار که بر قدرت اوست
مختارکار
آخري شعر اختتام جي تاريخ جو آهي.
(20) ”نصاب البلغاء“- (1198هه): مير صاحب ”قاموس“
جي طرز تي، هي ڪتاب نهايت عجيب ۽ غريب، ۽ انتهائي
محنت ۽ تحقيق سان لکيو آهي. هيٺين ڪجهه عنوانن مان
ڪتاب جي مواد جو اندازو ڪري سگهجي ٿو:
(1) علم طب و متعلقات او؛ (2) اسماء اعضا؛ (3)
اسباب غذا؛ (4) ذکر آب و زمين؛ (5) اجناس غله؛ (6)
اقسام سبزي و بقول؛ (7) موسم کاشت؛ (8) ذکر لحوم؛
(9) ذکر شير و متعلقاتش؛ (10) عطريات و عقاقير؛
(11) طعام؛ (12) اقسام فواکه؛ (13) آلات و ادوات
طبخ؛ (14) اقسام پلاء؛ (15) اصناف قليہ؛ (16)
برياني و غيران؛ (17) اقسام آش؛ (18) اقسام کشک؛
(19) اقسام آچار؛ (20) اقسام خاکينه؛ (21) اقسام
حلويات و ماليده؛ (22) الون نان؛ (23) اوقات طعام
خوردن؛ (24) حيوانات پوستينه؛ (25) چرم دوزي و
آلات آن؛ (26) لباس پشميني؛ (27) لباس نفيس
پشميني؛ (28) آلات ندف؛ (29) آلات جولاهي؛ (30)
الوان اقمشه و اجناس آن؛ (31) صباغي و الوان آن؛
(32) اقسام کسوات؛ (33) پاپوشها؛ (34) اقسام متفرق
جامها؛ (35) آلات درزي و کشيده کاري؛ (36) در
عمارات؛ (37) درودگري؛ (38) الوان عمارت زمستاني و
تابستان؛ (39) لوازم خانه؛ (40) حيوان خانه داري؛
(41) تجملات خانه از فروش و مراکب؛ (42) در بيان
طيور؛ (43) لوازم شهريت؛ (44) لوازم ترتيب شهر؛
(45) اهل حرفت؛ (46) تجار وبيع و شراع؛ (47) اسباب
حڪومت و متعلقات آن؛ (48) مناصب و القاب عهده
داران؛ (49) تسجيل و دفاتر؛ (50) ضوابط و قواعد در
اسماء اصطلاحات؛ (51) الفاظ متعارفه؛ (52) تاهل و
تناکح و توالد؛ (53) آرائش عروس؛ (54) دامادي و
صحبت؛ (55) لوازم مولود؛ (56) ابتداي حمل؛ (57)
لوازم طفل؛ (58) بازيچائي اطفال؛ (59) تعليم و
تعلم اطفال؛ (60) اصطلاحات علوم؛ (61) شعر و
شاعري؛ (62) آداب دبيري؛ (63) علم لغت؛ (64) قواعد
مساحت ؛ (65) ضوابط علم نجوم؛ (66) اسماي منازل
ماه؛ (67) تقسيم منازل بر بروج؛ (68) سال عربي؛
(69) عدد ايام سال فارسي؛ (70) ماههاي بحساب شمس؛
(71) ماههاي سندهي و نامهاي فارسي؛ (72) لوازمات
سواري؛ (73) اسلحه حرب؛ (74) جانوران شکاري؛ (75)
حيوانات؛ (76) طيور خوردني وغير آن؛ (77) تشرب و
اقسام آن؛ (78) اوقات تشرب؛ (79) تغني و اوقات آن؛
(80) نغمات اهل فرس؛ (81) بيان سي لحن؛ (82) نام
سراينده و سازها؛ (83) نغمات اهلِ هند؛ (84) سياحت
و سير؛ (85) صفت جبال؛ (86) لوازم بحار و مراکب؛
(87) جانوران آبي و اقسام ماهي؛ (88) حشرات موزي
وغيرهم؛ (89) اشجار و نباتات؛ (90) اوقات و جهات و
اماکنه.
ڪتاب 185 صفحن جو آهي؛ باريڪ شڪسته خط اٿس؛ آخر ۾
مصنف لکيو آهي: ”کاتبه و مولفه روز خميس
چهاردهم رجب 1198هه.“
ڪتاب جي مٿين عنوانن مان مير صاحب جي همه گير
معلومات ۽ تحقيق ۽ تجسس جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
ڪتاب ۾ مٿين عنوانن هيٺ نه فقط عنوان سان متعلق
معلومات فراهم ڪئي وئي آهي، بلڪ انهيءَ سلسلي جي
سموري لغت به ڏني وئي آهي ۽ محاورا به ڏنا ويا
آهن، جنهن ۾ خود سنڌيءَ جي ڪيترن متروڪ لفظن جو
پتو پوي ٿو.
انهيءَ ڪتاب جو واحد نسخو حضرت مولانا محمد
ابراهيم صاحب ڳڙهي ياسينيءَ جي ڪتبخاني ۾ موجود
آهي.
(21) ”مثنوي ختم السلوک“- (1199هه): ’ختم السلوک‘
مان سال تصنيف نڪري ٿو. هيءَ مثنوي تصوف جي سلسلي
جي آهي. 286 صفحا، هر صفحي ۾ 15 شعر- مثنويءَ جو
پهريون شعر آهي:
من که باشم تازنم دم از ثنا چون بلا احصى محمد
زد ندا
آخري شعر، جنهن مان تصنيف جو سال به برآمد ٿئي ٿو،
هي آهي:
هاتف اينجا ديد خوش کارم چو... سال وی
گفتا ”ختم السلوک“
1199هه
انهيءَ مثنويءَ جو واحد نسخو، جيڪو مير مرحوم جي
پنهنجي خط ۾ آهي. هن وقت ادبي بورڊ جي ملڪيت آهي.
مير صاحب مثنويءَ جي پهرئين ٽن صفحن ۾، مثنويءَ جي
مضمونن جي فهرست ڏني آهي، جنهن کي اسان هيٺ نقل
ڪريون ٿا، جيئن پڙهندڙ مثنويءَ جي اهميت ۽ افاديت
جو اندازو ڪري سگهن:
(1) مقدمه در بيان علم قيام.
(2) مقاله در بيانِ معرفت حق سبحانه: در آنکه
صحت عقل ورويت آية سبب معرفت است نه علت معرفت؛
اقوال شيخ در معنی
معرفت، معني معرفت؛ در خلاف نفس؛ معرفت نفس که علم
بان علم بحق است؛ اقوال شيخ؛ کيفيتها ارتباط نفس
بمعرفت الاهی؛
معرفت روح؛ وصف روح اعظم؛ در بيان آنکه آدم مظهر
روح کلی
ست.
(3) مقاله در بيانِ توحيد باري: اقوال شيخ؛ توحيد
ايماني؛ توحيد علمي؛ توحيد حالي؛ اقوال شيخ؛ توحيد
الاهي.
(4) مقاله در بيانِ تصوف: وجهه تسميه؛ تلقين؛ لقب
صوفي؛ معني صوفي و متصوف؛ اقوال شيخ در وصف صوفي و
متصوف.
(5) مقاله در بيانِ فقر: فقر و غنا؛ جواب و سوال
ابن عطار و جنيد؛ اقوال شيخ؛ تقسيم محققان فقر.
(6) مقاله در بيانِ توبه: معني توبه و اقسام آن
خصوصيھ؛ اختلاف اقوال شيخ در وصف و صحت آن؛ احوال
و مقامات و ارکان توبه؛ چهار مقام توبه؛ پنج
ارکان توبه؛ نتائج توبه و درجات آن.
(7) مقاله در بيانِ توکل: مواضع اطلاق توکل؛ اقسام
رزق؛ علم توکل و متوکلان.
(8) مقاله در بيانِ صبر: انواع متعلق صبر؛ انواع
صبر؛ اقوال شيخ.
(9) مقاله در بيانِ شکر: مواضع شکر؛ اختلاف شيخ؛
معني شکر؛ انواع شکر؛ تبين و قسم نعمت؛ و دو قسم
شاکران.
(10) مقاله در بيانِ رضا: حقيقت رضا و قسمين آن؛
اقسام راضيان.
(11) مقاله در بيانِ حال و مقام: فرق بين الحال و
المقام؛ اختلاف در دوام حال.
(12) مقاله در خوف و رجا: بيان قسمين خوف و وصف
هريک؛ وصف رجا و ارتباط آن بخوف.
(13) مقاله در بيانِ جمع و تفرقه- تفصيل جمع بر
تقرفه.
(14) مقاله در سکر و الصحو: تبين مقامات واحدين؛
اختلاف در فضل سکر و صحو.
(15) مقاله في الفنا و البقا: تبين اقوال دران.
(16) مقاله در بيانِ غيب و شهود.
(17) مقاله در بيانِ تجلي.
(18) مقاله در بيانِ محبت: اقوال شيخ.
(19) مقاله در بيانِ سماع و ما يتعلق بھ: اباحت
سماع شعر؛ اباحت اصوات؛ فوايد چند مخصوصه؛ اقوال
شيخ؛ مراتب اهل سماع؛ في الوجد و الوجود؛ اختلاف
شيخ؛ در رقص و پاکوبي؛ خرق خرقه؛ آداب سماع.
(20) مقاله در لبس خرقه.
(21) مقاله در بيان اختلاف احوال مردمان و عدد
اقسام آن تبين مشتبهان.
(22) مقاله در بيان اهل ولايت.
(23) خاتمه متضمن تاريخ اختتام.
ڪتاب ۾ هڪ مقدمو، ايڪيهه مقالا ۽ هڪ خاتمو آهي.
(22) ”طومار سلاسل گزيده“- (1202هه): هن ڪتاب ۾،
سنڌ جي مشاهير تصوف جي طريقت جا سلسلا بيان ڪيا
آهن. تاليف جو سال مٿئين نالي مان برآمد ٿئي ٿو.
سنڌ جي تصوف جي تاريخ لاءِ هي ڪتاب ازحد ڪارآمد
آهي. هن مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي بزرگن ۽
صوفي سڳورن جي طريقت ۽ بيعت جو ڪهڙو سلسلو هو. مير
صاحب هي ڪتاب وفات کان هڪ سال اڳ لکيو- جيئن هيٺ
اچي ٿو. ڪتاب جو واحد نسخو مصنف جي خط ۽ مهر سان،
سنڌي ادبي بورڊ وٽ موجود آهي.
(23) ”شجرهء اطهر اهلبيت“- (1202هه): نالي مان
تاليف جو سال نڪري ٿو. مير مرحوم مٿئين ڪتاب
وانگر، هي ڪتاب لکي سنڌ جي تاريخ تي وڏو احسان
ڪيو، پر افسوس آهي، جو ان جو نسخو تلف ٿي ويو ۽ اڄ
تائين دستياب ٿي نه سگهيو آهي. ”معيار سالکان
طريقت“ جي ديباچي ۾ مير صاحب لکي ٿو:
”در سال دويم و دوازده صد هجری
که آفتاب عمر برلب بام و سبق حيات قريب باختتام،
شصت و سه سال از عمر در رفت، و امراض چند طبيعت را
تفت، اول شجرهء اهل بيت سند وغيره بقدر
دريافت نوشته؛ ثانيا طوماری
در ذکر اسماء سلاسل گزيده طريقت بنگاشت: تاريخ اول
’شجرهء اطهر اهلبيت‘، و تاريخ ثانی،
’طومار سلاسل گزيده‘ دست داده.“
(24) ”معيار سالڪان طريقت“- (1202هه): مصنف
”تحفة الڪرام“ ۾ سنڌ جي سرسري تاريخ بعد، سِنڌ جي
بزرگن، مشاهيرن، صوفياء ڪرام جو مجمل ذڪر ڪيو آهي.
مصنف ان ۾ اصحاب تذڪره
جي سال تولد، سال وفات يا سندن زماني جو تعين نه
ڪيو آهي، جنهن جو کٽڪو، معلوم ٿئي ٿو ته مصنف کي
به هو، ۽ اها کوٽ ۽ ڪوتاهي پاڻ به محسوس ٿي
ڪيائين، جنهن ڪري وفات کان سال اڳ، هن مٿيون تذڪرو
مرتب ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي پنج سؤ بزرگن جو احوال
بقيد سال يا بقيد زمانه لکي، ”تحفة الڪرام“ جي
ڪوتاهيءَ جو ازالو ڪيائين. مصنف ديباچي ۾ لکي ٿو:
”بالجمله عقده خاطر آن ماند، که مشائخ زمان بقيد
زمان و مکان و انتساب سلاسل و اصحاب بيان آرد، اين
رساله موجز حاوی
آن مقصد شده، و تاريخش در اسم ’معيار سالکان
طريقت‘ مبراهن........ آنکه صريح وي بتحرير سال
وفات معلوم نشد بهم عصران الحاقش کرده، و اگر در
حقيقت مابين زيادتی
و کمی
ده بيست سال بوده باشد......... مقصد آنکه گو يند
فلانی
در زمانه فلان......... بوده، يا بفلانی
صحبت کرده.............“
جن جو نه سال معلوم ٿيو ۽ نه زمانو، انهن کي مصنف
آخر ۾ آندو آهي. ڪتاب جي پڄاڻي هيٺئين قطعي تي ٿئي
ٿي:
درمرز دل چو تخم ولانيک کشته شد |
خوش رشتهء ز ريشهء... رشته شد |
آن رشته بسته گل بسرِ گل ازان نهال |
کز دست آبيار کرامات گشته شد |
بوده ولائی
اهل ولايت مراد من |
جزذ کرشان هر آنچه بلب بود شسته شد |
بخشد عروج عرش صفا سير اين سوار |
زان ره که ذکر هر ولی
اينجا فرشته شد |
بالفعل آنچه گشت زقوتِ ظهور آن |
روز ازل بطينت طبعم سرشته شد |
در آتش مجاهدهء جمع اين کتاب |
بسيار روزگار روانم برشته شد |
تاريخ اين رساله برائی
عيار طبع |
”معيار سالکان طريقت“ نوشته شد |
1202هه
خوش قسمتيءَ سبب، هن قيمتي ڪتاب جو هڪ خوشخط نسخو،
برٽش ميوزيم
(ADD.21,589)
۾ موجود آهي- جيڪو 1246هه ۾ مرحوم مير مراد علي
خان پنهنجي لاءِ لکرايو هو. انهيءَ تان ’مئڪرو
فلم‘ نقل راقم الحروف تيار ڪرائي پاڻ وٽ محفوظ ڪيو
آهي.
مير صاحب مرحوم جي علمي انهماڪ ۽ ذوق جو بي اختيار
داد ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ڏسجي ٿو ته 63 ورهين جي
ڄمار ۾ جيتوڻيڪ مختلف بيمارين ڪري، سندس صحت بيڪار
۽ بدن ضعيف ٿي چڪو هو، ان وقت به قلم هٿ مان نه
ڇڏيائين، ۽ وفات کان هڪ ورهيه اڳ به، هڪ ئي سال ۾،
مٿيان ٽي نهايت ئي قيمتي ۽ ڪارآمد ڪتاب لکيائين.
(25) ”روضة الانبياءِ“: هن ڪتاب جي تصنيف جو سال
معلوم نه ٿي سگهيو. ٺٽي جي فهرست نگار، اهو ڪتاب
به مير صاحب جي تصنيفات ۾ ڏيکاريو آهي. مير ’مائل‘
جيڪا فهرست ”تحفة الڪرام“ جي سرورق تي لکي آهي، ان
مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب نظم ۾ هو. ڪتاب جو ڪوبه
نسخو موجود نه آهي.
(26) ”زينت الاخلاق“: هن ڪتاب جو نالو به مير
’مائل‘ لکيو آهي. ڪتاب منظوم، ۽ نصائح ۾ آهي.
(27) ”غوثيه“: هن جو نالو به مير ’مائل‘ لکيو آهي.
سلوڪ ۽ معرفت تي منظوم ڪتاب آهي.
(28) ”قصاب نامه“: هي به نظم ۾ آهي؛ مير ’مائل‘ ان
جو نالو لکيو آهي.
(29) ”ميزان الافکار“: منظوم؛ سلوڪ ۽ معرفت ۾؛ مير
’مائل‘ هن جو نالو فهرست ۾ ڏنو آهي.
(30) ”تذهيب طباع“: سلوڪ ۾ ڪتاب آهي؛ مير ’مائل‘
جي فهرست ۾ ان جو نالو آيل آهي.
(31) ”سرفراز نامه“: پندو نصائح ۾ آهي. نالي جي
نسبت سبب خيال ٿئي ٿو ته شايد هي ڪتاب مير صاحب،
ميان سرفراز ڪلهوڙي جي نالي معنون ڪيو آهي، ۽
غالباً نظم ۾ آهي.
(32) ”حديقة البلغاء“: مير ’مائل‘ هن ڪتاب جي
موضوع متعلق ڪجهه ڪونه لکيو آهي؛ نالي مان اندازو
ٿئي ٿو ته هي ڪتاب علمي آهي.
(33) ”مثنوي کان جواهر“: مير ’مائل‘ هن جو به
تفصيل ڪونه ڏنو آهي.
(34) ”ميزان فارسي“: ڀانئجي ٿو ته صرف نحو جي
سلسلي جي تصنيف آهي.
(35) ”رساله معما مع شرح“: نظم و نثر.
(36) ”لب تاريخ ڪلهوڙه“: مير ’مائل‘ جي فهرست مان
معلوم ٿئي ٿو ته هي ڪتاب به نثر ۾، ڪلهوڙن جي
تاريخ تي آهي: گويا هي ٽيون ڪتاب انهيءَ موضوع تي
آهي، جنهن جو پڻ نسخو تلف ٿي ويو.
(37) ”بياض
محک الشعراء“: مير صاحب، قديم دستور مطابق هن ڪتاب
۾، متقدمين کان وٺي پنهنجي زماني تائينءَ جي فارسي
گو شاعرن جي هم طرح غزلن جي چونڊ ڪئي آهي. هن ڪتاب
جي ترتيب جو خيال، کيس ’محسن‘ ٺٽويءَ جي چونڊ کي
ڏسي آيو. خبر نه آهي ته ڪتاب جي ڪيتري ضخامت هئي.
ادبي بورڊ ۾ ٽي نامڪمل نسخا مير صاحب جي هٿ اکرين
موجود آهن، جيڪي انهيءَ طرز تي آهن- ڪن ۾ غزلن جي
چونڊ ڪئي، ۽ ڪن ۾ فقط اشعارن جي. اهي بياض ”محڪ“
جا مختلف جزا آهن يا ”محک الشعراء“ نالي ڪو ٻيو
مڪمل ڪتاب هو، ان جي خبر ڪانه ٿي پئجي سگهي.
(38) ”ديوان اشعار“: مير صاحب جو ڪوبه ديوان ڪونه
ٿو ملي. مير ’مائل‘ جنهن ديوان جو حوالو پنهنجي
فهرست ۾ ڏنو آهي، اهو غالباً ضايع ٿي ويو.
(39) قصائد و منقبت: جنهن بياض ۾ ”مڪلي نامو“ آهي،
انهيءَ بياض جي شروع ۽ آخر ۾، مير صاحب پنهنجا
قصيدا، منقبت وغيره لکيا آهن، جن جو تعداد 26 کن
ٿيندو. ان ۾ وڏا وڏا قصيدا ۽ طويل منقبت آهن. هڪ
قصيدو ”لاميه“ 265 شعرن جو آهي؛ ڪجهه رباعيون به
آهن، ۽ هڪ نامڪمل مثنوي به منجهس موجود آهي.
(40-41) مير ’مائل‘ جي فهرست ۾، ٻن ٻين ڪتابن جا
نالا به آهن، جيڪي سمجهه ۾ نٿا اچن.
(42) ”انشاي قانع“: سنڌي ادبي بورڊ ۾، مير صاحب جي
انشاء جو هڪ نامڪمل مجموعو، سندس پنهنجي خط ۾
موجود آهي. مجموعي جا جملي 32 صفحا آهن. صفحي جي
ڪراؤن سائيز آهي. انهيءَ ڪتاب ۾، خوب عبارت آرائي
ڪيل آهي، ۽ جابجا موزون شعر به ڪتب آندل آهن. ڪجهه
شعر نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:
بسيار صبح شد که نسيمی
نمی
وزد |
ای
گل مگر تو پای
صبا را شکسته اي |
* * *
گر بر تنِ من زبان شود هرمو |
يک شکر تو از هزار نتوانم کرد |
* * *
نشد که از سر ما هجر دست بر دارد |
بهر ديار که رفتيم آسمان پيدا است |
* * *
ز تيغ شوق تو هر عضو بسمل افتاد است |
مرا سفر برفيقان کاهل افتاد است |
زمانه دشمن و من بيزبان وقت زبون |
اگر نه رحم کنی
کار مشکل افتاد است |
ز ديده دوری
و از دل نمی
روی
بيرون |
خدا بکس ننمايد وصال هجر آميز |
* * *
قلم شکسته تر است از زبان نميدانم |
که شرح غم بکدامی
زبان کنم تقرير |
زبان کس نتواند جهات شکرش را |
اگر بهر نفسی
صد چومن کند تقرير |
* * *
شکوه نقصان داشته فصل از ميان انداختم |
نرخ ارزان بود کالا در دکان انداختم |
* * *
جنون بصف شکنی
عقل در صف آرائي |
دل کرانه طلب درميان تماشائی |
* * *
سوادش نور بخش ديدهء حور |
بياضش از فروغ صدق پر نور |
* * *
عباراتش چو آبِ زندگانی |
درو پيدا جواهر از معانی |
* * *
ما شرمسار مانده ز تقصير هائی
خويش |
لطف تو خود نمی
نگرد خوب و زشت ما |
* * *
گر عظيم است از فرودستان گناه |
از بزرگان عفو کردن اعظم است |
* * *
خواستم تا شرح شوقِ صحبت سازم بيان |
نا شکيبا شد دلم رفت از کفم تاب و
توان |
* * *
ضرورت است وگرنه خدائی
ميداند |
که ترک صحبت ايشان نه اختيار من است |
طريقت جو سلسلو: مير صاحب جو خاندان مائل به تشيعت
هو؛ جيتوڻيڪ انهيءَ سبب ڪري نورالله شوستريءَ سندس
ايراني بزرگن کي پنهنجي ڪتاب ”مجالس المومنين“ ۾
جاءِ ڏني. مير صاحب جي ”مختار نامه“، ”اعلان غم“،
”زبدة المناقب“ ۽ منقبتن توڙي سلامن جي ڪثرت تعداد
مان پڻ اهوئي اندازو ٿئي ٿو ته سندس پنهنجي طبيعت
به تشيعت ڏانهن مائل هئي- ۽ پاڻ کي جاءِ بجاءِ
خادم اهلبيت لکندو رهي ٿو؛ پر ساڳئي وقت، سندس
وسيع المشربيءَ جي هيءَ حالت هئي، جو ڪيترن جاين
تي، هن قسم جا اشعار تصنيف ڪري، پاڻ کي ٽن يارن
سان به سرخرو ڪيو اٿائين:
چو رافضی
نکنم سرد دل به بغض کسی
ز چهار يار درين دهر گرم محفل ما ست.
* * *
نبود عجب بما نشد از صاف رافضی
که دل ز گرد کينهء اصحاب شسته ايم.
نه فقط ايترو، بلڪ سندس والد توڙي سندس پنهنجي
بيعت، طريقهء نقشبنديءَ ۾ ٿيل هئي؛ جيتوڻيڪ ”طومار
سلاسل گزيده“ ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي والد جو سلسلو هن
طرح ڏنو اٿائين:
’مير علي شير مريد شيخ عبدالاحد جو، اهو مريد
پنهنجي والد حاجي غلام معصوم جو، اهو مريد شيخ
محمد اسماعيل جو، اهو مريد حضرت قيوم زمان محمد
صبغة الله جو، ۽ اهو مريد خواجه محمد معصوم بن
مجدد الف ثانيءَ جو.
’سندس والد مير عزت الله، مخدوم آدم (عرف مخدوم
آدو) جي ڏهٽي ميان محمد
جو مريد هو، جيڪو ٺٽي جي مشهور بزرگ مخدوم ابو
القاسم (المتوفي 1138هه) نقشبنديءَ جو مريد هو؛
اهو مريد شيخ سيف الدين (برادر محمد معصوم) جو، ۽
اهو مريد پنهنجي ڀاءُ خواجه محمد معصوم ولد مجدد
الف ثانيءَ جو.‘
اهڙيءَ طرح مير صاحب جي ناناڻڪي آڪهه مان، سيد
رحمت الله عرف سيد مٺو به مخدوم ابوالقاسم
نقشبنديءَ جو مريد هو؛ اهڙيءَ طرح مير صاحب جا ٻه
ٻيا عزيز، سيد محمد ناصر ۽ سيد عبدالله (ولدان سيد
نعمت الله شڪر الاهي) به مخدوم ابوالقاسم
نقشبنديءَ کان بيعت ڪيل هئا. اهڙيءَ طرح طريقت جي
سلسلي جو تعلق، انهيءَ خاندان جو، نقشبندين سان
هو.
مير صاحب جي والد، مير عزت الله، 1161هه ۾ انتقال
ڪيو. مير صاحب جي عمر ان وقت ايڪيهن ورهين جي هئي.
پاڻ هيٺئين تاريخ انهيءَ حادثي تي تصنيف ڪيائين:
خرد گفت تاريخ سالِ وفات ”که پيوست بارحمتِ ايزدی“-
1161هه
بعد ۾ کيس معلوم ٿيو ته منشي چترڀوڄ، قاضي محمد
امين جي تاريخ وفات، ”برحمت ايزدي پيوست“ (1160هه)
مان ڪڍي آهي؛ ۽ کيس خيال ٿيو ته معاصر مٿس سرقي جو
الزام نه ڌرين، تنهن ڪري سندس قول مطابق ’ملهم
غيبيءَ‘ کيس هي نعم البدل عطا فرمايو:
”لله العزة و للرسل و للمومنين“-
1161هه
اولاد: مير صاحب کي 1160هه تائين؛ نرينو اولاد
ڪونه هو. 1160هه ۾ پاڻ سورت ويو، جتي سندس ملاقات
علامه سعدالله سورتيءَ سان ٿي. اهو بزرگ جيد عالم
۽ معقولات ۾ بي نظير هو؛ کيس ٻه پٽ هئا- مير
عبدالعلي ۽ مير عبدالولي- انهن ٽنهي نالن ۾ هيءَ
رمز رکيل هئي، جو جيڪڏهن ٽنهي نالن جا آخري لفظ گڏ
ڪبا ته ”علي ولي الله“ جو فقرو ٺهندو. مير صاحب کي
اها ترڪيب نهايت پسند آئي ۽ ارادو ڪيائين ته
جيڪڏهن مٿس به الله فضل ڪيو ۽ کيس اولاد ٿيو ته
نالا انهيءَ ترڪيب سان رکندو. انهيءَ واقعي جو ذڪر
پاڻ به ”تحفة الڪرام“ (ج 2، ص 33) ۾ ڪيو اٿائين، ۽
”تحفة الطاهرين“ جو
مصنف شيخ محمد اعظم ٺٽوي جيڪو پڻ ان وقت سورت ۾
مقيم هو، ان سان به اهو خيال ظاهر ڪيائين، جنهن
صاحب انهيءَ واقعي کي هيٺينءَ طرح نظم ڪيو:
علی
شير ’قانع‘ حسينی
که او |
بود زبدهء آل خيرالبشر |
يکی
روز مي گفت با من به راز |
که ايزد ببخشد مرا دو پسر |
يکی
را بخوانم غلامِ علی |
غلامِ ولی
الله نامِ دگر |
که از اسم شان سال ميلاد شان |
به پيشِ سخن گر شود جلوه گر |
’علی
ولی
الله‘ از هر دو اسم |
بر آمد بوضع خوش و خويتر |
بخاموش ماندم ازين گفتگو |
که اين از کرامات باشد مگر |
بدل گفتم آخر اگر عمر هست |
شوم تجربه را يکي منتظر |
بسه سال آن هردو پور گزين |
که ’قانع‘ ازان داد سابق خبر |
ولادت موافق باعداد نام |
خدايش عطا کرد بازيب وفر |
تو ای
”اعظما“ زين شگفتی
مدار |
که اين گفته ز الهام دارد اثر |
الغرض انهيءَ ارادي ۽ عزم کانپوءِ، کيس سڀ کان
پهريون پٽ 1161هه ۾ تولد ٿيو، جنهن جو نالو غلام
علي
رکيائين. نالي مان تولد جو سال برآمد ٿئي ٿو.
1163هه ۾ کيس ٻيو فرزند ڄائو، جنهن تي ’غلام ولي
الله‘ نالو رکيائين، جنهن مان به ڄم جو سال نڪري
ٿو. مير صاحب جي آس پوري ٿي؛ اميد بر آئي: نه فقط
تولد جا سال نالن مان نڪتا، بلڪ حسب خواهش نالي جي
آخري جزن ملائڻ سان ”علي ولي الله“ جو فقرو به ٺهي
ويو.
مير صاحب کي ٽيون پٽ 1171هه ۾ ٿيو، جنهن جو نالو
’مير امير علي‘ رکيائين. ميان غلام محمد ٺٽويءَ
تاريخ ڪڍي ”در چمن جاه شگفته گلي“- 1171هه؛
۽ ميان محمد پناهه ’رجا‘ هيءَ تاريخي سجع تيار
ڪئي: ”امير علي بن علي شير حسيني“- 1171هه.
مير صاحب جي خاندان جي هاڻوڪي جانشين مير حسين علي
شاهه- بن مير صابر علي ”صابر“ بن مير حسين علي
”ضيا“ بن مير صابر علي ”سائل“ بن مير غلام علي
”مائل“- وٽان جيڪو مون کي شجرو مليو، ان ۾ چوٿين
پٽ جو نالو ”سيد ڪاظم“ لکيو ويو آهي، جنهن جي
تصديق ٻئي ڪنهن ذريعي سان ڪانه ٿي. ان کانسواءِ
ٽئين پٽ جو نالو ”غلام حسين“ لکيل آهي، جنهن کي
اسان مير امير علي جو عرف سمجهون ٿا.
شاگرد: مير صاحب پنهنجي شاگردن جو ذڪر ڪونه ڪيو
آهي. ”مقالات الشعراء“ ۾ فقط ٻن شاگردن جو نالو
کنيو اٿائين- هڪ پرسرام ’مشتري‘، جنهن لاءِ لکي ٿو
ته: ”پرسرام مشتري ڀاٽيو، ولد دوارڪا داس ابن
سبحان سنگ (اهي ٻئي صاحب مير ڪمال الدين احمد خان
وٽ مير منشي هئا) مير محمود صابر جو هنديءَ ۾
شاگرد هو؛ فارسيءَ ۾ ’مشتري‘ ۽ هنديءَ ۾ ’بيربل‘
تخلص ڪندو هو، ۽ فارسيءَ ۾ مير قانع کان اصلاح
وٺندو هو (”مقالات الشعراء“، ص 290). اهو ذڪر
”مقالات“ ۾ آهي، ۽ مير صاحب لکيو آهي ته: ”درين
وقت نامبرده مشق سخن مي کند“- جنهن مان معلوم ٿئي
ٿو ته ”مقالات“ جي تاليف (1169هه کان 1174هه) وقت،
’مشتريءَ‘ سندس شاگردي ڪئي. مير صاحب جو ٻيو شاگرد
هو شيخ حسن بخش ’اظهر‘، جيڪو اصل هندو هو، ۽ پوءِ
پنهنجي والد جهوڙي مل سميت مسلمان ٿيو، ۽ سندس
والد عبدالسلام نالو رکرايو. فارسي شعر جي اصلاح،
اهو نوجوان به مير صاحب کان وٺندو هو (”مقالات
الشعراء“، ص 40)
مير ’مائل‘، ”مجمع البلغاء“ نالي جيڪو سنڌ جي
فارسي گو شاعرن جو تذڪرو لکيو هو، ان ۾ مير صاحب
جي شاگردن جو مفصل احوال هن لکيو هوندو؛ پر افسوس،
جو اهو تذڪرو تلف ٿي ويل ٿو ڀانئجي، جنهن ڪري مير
صاحب جي شاعرانه فيض جو اهو باب به، تذڪري سان گڏ
گم ٿي ويو.
وفات: مير صاحب پنهنجي عمر جا پويان ڪجهه سال،
مختلف بيمارين ۽ جسماني نقاهت ۾ گذاريا، جنهن جو
اشارو ”معيار سالڪان طريقت“ جي ديباچي ۾ ڪيو
اٿائين. 1202هه ۾ سندس عمر ٽيهٺ ورهيه هئي؛
بيماريءَ ۽ ڪمزوري هوندي به هو پنهنجي علمي مشغلي،
شعر و سخن ۽ تصنيف تاليف ۾ مصروف رهيو، ۽ انهيءَ
هڪ سال ۾ هن ٽي ڪتاب تيار ڪيا، جن جو ذڪر اسان مٿي
ڪري آيا آهيون. ايندڙ سال يعني 1203هه ۾، سندس
انتقال 64 ورهين جي عمر ۾ ٿيو. افسوس آهي جو ايڏي
عظيم المرتبت اديب، مورخ ۽ شاعر جي انتقال جي
تاريخ ۽ مهينو ڪنهن محفوظ ڪونه ڪيو؛ ۽ نه سندس
مزار تي ئي ڪنهن ڪتبو هنيو- ته جيئن شڪرالاهي
ساداتن جي قبرستان ۾، سنڌ جي انهيءَ محسن اعظم جي
آخري آرام گاهه تي، اڄ ڪو عقيدت مند پهچي، عقيدت
جي گلن ۽ محبت جي سلامن جي ورکا ڪري سگهي!
آخوند غلام محمد ٺٽويءَ ”عليھ الرضوان“ مان انتقال
جو سال برآمد ڪيو؛ ۽ مير مرحوم جي فرزند رشيد مير
غلام علي ’مائل‘ ”ابشره بالجنة النعيم ابدا“
وفات جي سال لاءِ تجويز ڪيو.
اهو زمانو، ٽالپرن جي پهرينءَ چوياريءَ جي
فرمانروائيءَ جو هو، جنهن جو پڳدار مير فتح علي
خان هو، ۽ ٻيا ٽي ڀائر، مير غلام علي خان، مير ڪرم
علي خان ۽ مير مراد علي خان سندس شريڪ ڪار هئا؛ ۽
کين حڪومت هلائيندي ڇهه ورهيه ٿيا هئا.
شڪر الاهي خاندان: انهيءَ خاندان جي بزرگن، جهڙيءَ
طرح ايران ۾ علم جو چراغ روشن رکيو، اهڙيءَ طرح
سنڌ ۾ پهچڻ کانپوءِ به انهيءَ ڏيئي کي اُجهامڻ
ڪونه ڏنو؛ ۽ خاندان جو هر فرد ۽ گهراڻي جو هر چشم
۽ چراغ، تيل وجهندو ۽ وٽ سوريندو رهيو: ڪم و بيش
ساڍا ٽي سؤ ورهيه، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، انهيءَ خاندان
جي روحاني ۽ علمي ضوفشانين مان منور ٿيندي رهي؛
جيڪو فرد پيدا ٿيو، سو پنهنجي زماني جو فردِ فريد
ثابت ٿيو: ڪن روحاني تعليم پکيڙي؛ ڪن دنيوي علمن
جي اشاعت ڪئي؛ ۽ ڪن شعر و ادب ۽ تصنيف تاليف کي
پنهنجو وطيرو بڻايو. ”تحفة الڪرام“ ۾، مير صاحب
پنهنجي خاندان جو جيڪو اجمالي ذڪر ڪيو آهي، ان مان
معلوم ٿئي ٿو ته ڪيترن بزرگن، نه فقط طريقت ۽ سلوڪ
جا سجادا آراسته ڪيا، بلڪ خود مير صاحب کان اڳ
ڪيترا اهڙا بزرگ به ٿيا، جن شعر ۽ سخن، ادب توڙي
مذهبي علمن ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو.
سيد شاهه ولي بن سيد ابوالقاسم بن سيد علي اڪبر بن
سيد عبدالواسع بن سيد محمد حسين بن سيد شڪرالله
ثاني، جيد عالم ۽ بي مثل انشا پرداز هو؛ مخدوم
رحمت الله جو شاگرد ۽ ”تحفة المجالس“ جو مصنف هو.
انهيءَ بزرگ جو فرزند، مير سراج الدين ابوالقاسم،
صاحب طرز شاعر ۽ تاريخ گوئيءَ ۾ خاص مقام جو مالڪ
هو. اهڙيءَ طرح سيد نظام الدين ثاني، بن سيد نور
محمد ثاني بن سيد نظام الدين بن سيد نور محمد بن
سيد شڪرالله ثاني، انهيءَ درجي جو صاحب ڪمال بزرگ
هو، جنهن کي هتان گهرائي عالمگير بادشاهه ان وقت
جي چونڊ عالمن جو جيڪو ايڊيٽوريل بورڊ، ”فتاويٰ
عالمگيري“ مرتب ڪرڻ لاءِ ٺاهيو هو، ان ۾ کيس شريڪ
ڪيو، جنهن لاءِ هر لحاظ سان سيد صاحب پاڻ کي اهل
ثابت ڪيو.
مير علي شير جي خود پنهنجي گهر ڪيئي اديب، مصنف ۽
شيرين بيان شاعر پيدا ڪيا: سندس ڀاءُ مير ضياء
الدين ’ضيا‘، مير ٺاري خان جي درٻار جو ’ملڪ
الشعراء‘ هو؛ ڪيترن ديوانن جو صاحب ۽ ”مثنوي هير
رانجهه“ جو مصنف هو. مير مرحوم جو ڀائٽيو مير عظيم
الدين ’عظيم‘، مير فتح علي خان جي درٻاري شاعرن جو
سردار ۽ پنهنجي دور جو عظيم الشان شاعر هو؛ ديوان،
”مثنوي هير رانجهه“ ۽ ”فتح نامه“ سندس يادگار آهن.
مير صاحب جو پنهنجو پٽ مير غلام علي’مائل‘، مير
ڪرم علي خان جي درٻار جو شاعر ۽ وڏي فضل ۽ ڪمال ۽
اوج اقبال جو صاحب هو. مير ’مائل‘ کانپوءِ به سندس
ٽي پيڙهيون شعر و سخن جو شغل جاري رکنديون آيون،
يعني مير ’مائل‘ جو پٽ مير صابر علي ’سائل‘، ان جو
پٽ مير حسين علي شاهه ’ضيا‘ ۽ ان جو پٽ مير صابر
علي ’صابر‘ پنهنجي پنهنجي دور ۽ زماني جا ناليوارا
شاعر هئا- پوئين بزرگ کي تقريباً چاليهه ورهيه کن
لاڏاڻي ڪئي ٿيا، ۽ انهيءَ بزرگ تي نه فقط شاعريءَ
جو سلسلو ختم ٿيو، بلڪ خاندان جي ٽن حدن وارين
علمي ۽ ادبي روايتن ۽ ورثي جا به دروازا بند ٿي
ويا.
”تلک الا يام ندا ولهابين الناس“
(سيد حسام الدين راشدي ”مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي“
(مقالو) ٽه ماهي ”مهراڻ“ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي-
حيدرآباد، 2-1956ع)
|