اهو هو ملڪ جو سياسي ماحول، جنهن ۾ مير علي شير
زندگيءَ جو سفر شروع ڪري، ٻارهن منزلن تائين پهتو
هو.
تعليم: ٺٽو، جنهن کي سنڌ جا مورخ، تمدني بلنديءَ،
ثقافتي برتريءَ ۽ علمي اوج اقبال سبب، قرطبه، دمشق
۽ بغداد سان تشبيهه ڏيندا رهيا آهن، سو باوجود
دارالسلطنت واري حيثيت وڃائي ويهڻ جي به، اڃا
تائين گذريل صدين وارين پنهنجي علمي روايتن کي
زندهه رکيو ٿي آيو. سوين دارالعلوم، اڪيچار ڪتاب
خانا ۽ بيشمار مدرسا ۽ مڪتب، ديني توڙي دنيوي علمن
جي نشر و اشاعت لاءِ رات ڏينهن روشن ۽ آباد هئا.
مير علي شير جي پيدائش کان ٽيهه ورهيه اڳ، 1111هه
(1699ع) ۾، هڪ انگريز سياح مسٽر هئملٽن ٺٽي آيو،
جنهن ٺٽي جي علمي برتريءَ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي
ته: ’شهر ۾ چار سؤ دارالعلوم موجود آهن، جن ۾
هزارين طالب علم، راتو ڏينهن تعليم پرائڻ ۾ مشغول
آهن.‘
انهيءَ زماني جي ٺٽي ۾ مير علي شير تعليم حاصل ڪئي
۽ تربيت پرائي. پنهنجي تعليم جي روئداد ڪانه لکي
اٿائين؛ البته ضمني طرح، جن ڪجهه استادن جو ذڪر
ڪري ٿو، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ زماني جي
جيد استادن ۽ عالمن کان هن سبق ورتا.
ميان نعمت
۽ ميان محمد صادق،
ميان عبدالجميل
جا فرزند ۽ پنهنجي دور جا جيد عالم ۽ ديني دنيوي
علمن ۾ ڪامل هئا. ٻنهي بزرگن جو مشغلو درس تدريس
هو. مير صاحب ٻنهي بزرگن جي مدرسي ۾ پڙهيو.
”مقالات الشعراء“ ۾ هڪ هنڌ پاڻ فرمائي ٿو ته:
”فقير بخدمتِ هردو صاحبان نسبتِ تلميذی
دارد“.
محمد صادق جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته:
- ”فقير که کمين تلا مذة ايشان است.“
ميان نعمت الله وٽ ’ميزان صرف‘ کان وٺي ’شرح ملا‘
تائين تعليم ورتائين،
ميان محمد صادق وٽ ڪهڙا ڪتاب پڙهيائين، انهن لاءِ
ڪجهه ڪونه لکيو اٿائين. انهن ٻنهي بزرگن جو مدرسو
”مقالات الشعراء“ جي تصنيف واري سال تائين نهايت
عمدگيءَ سان جاري هو:
- ”اکنون (1174هه) مدرسة علمی
بوجودِ فايض الجودِ ايشان گرم است.“
انهن ٻنهي استادن کانسواءِ مير علي شير، آخوند
محمد شفيع جو به پنهنجي استادن ۾ ذڪر ڪيو آهي؛ لکي
ٿو ته:
- ”فقير، ايامِ پيريش ديده، از جوانان زمانه در
خوش باشی
صد قدم در پيش داشته، اين قليل البضاعت از قصائد
”عرفی“
و عروض سيفی
و چند سبق بخدمت ايشان استماع نموده.“
اهو بزرگ 1156هه ۾ فوت ٿيو، گويا مير صاحب 16
ورهين جي ڄمار جو هو، جڏهن آخوند صاحب انتقال ڪيو،
۽ وٽس عرفيءَ جا قصيدا ۽ عروض سيفي، 13 يا 14
ورهين جي عمر ۾ پڙهيا هوندائين.
آخوند ابوالحسن ”بي تڪلف“ ٺٽوي به فارسيءَ ۾ سندس
استاد هو. پاڻ لکي ٿو ته:
- ”بسيار طباع و پر استعداد است. در مکتب
وی
جمعي از هندو و مسلمين بهره بردند، فقير در پارسی
شاگرد خدمت ايشانست.“
مولوي مرزا جعفر شيرازي سير ۽ تفريح لاءِ ٺٽي ۾
آيو هو. ڌاراج جي زميندار، راءِ جمال وٽ ڪجهه عرصو
رهيو. مخدوم محمد مسڪين سندس علم، ذاتي جوهر ۽ بي
حد ۽ حساب قابليت سبب، سندس گهرو دوست ٿي ويو. مير
علي شير صاحب سان سندس تعلق خاطر پيدا ٿي ويو،
جنهن ڪري سيد صاحب انهيءَ بزرگ وٽ به ڪجهه پرايو.
پاڻ لکي ٿو ته:
- ”فقير در خدمت ايشان چند ايام بسر برده و از دست
و دل شان ممنون ابد است.“
شعر و سخن جي مشق: مير صاحب شعر و سخن جي صلاحيت
ڄڻ ماءُ پيٽان ئي کڻي آيو هو. ٻارهن ورهين جي ڄمار
۾، جڏهن ته اڃا مدرسن ۽ مڪتبن ۾ سبق آموزيءَ ۾
منهمڪ هو، شعر چوڻ شروع ڪيائين. لکي ٿو ته:
- ”بفيض صحبت بزرگان فی
الجمله آشنا بسفيد و سياه گشت. هرچند درخود لياقت
آن نمی
بيند که در جنب عزيزان جا داشته باشد، اما چون
کهان را با مهان آميزش قديم است، باری
بوسيلهء توسل بزرگان اگر در نعال آن صدر نشينان
مقيم شود، جا دارد.“
ڪسر نفسيءَ جي انهيءَ تمهيد کانپوءِ فرمائي ٿو ته:
”در قريب بايام امتياز که نيرّ عمر باختتام سير
بروح دوازده گانه از سنين مطلع شوارق هوش بر فلک
تبيين وقوع يافته، سر سودای
سخن در پيچيده.“
انهيءَ عمر ۾ اَٺن هزار شعرن جو ديوان مرتب
ڪيائين، جنهن ۾ سڀئي اصناف سخن موجود هئا، پر خبر
نه آهي ته ڪهڙن سببن ڪري اهو سڄو ديوان درياهه ۾
لوڙهي ڇڏيائين. تقريباً ٻه سال کن خاموش رهيو.
گويا 1152هه ۾ جڏهن سندس عمر ٻارهن ورهيه هئي، شعر
چوڻ شروع ڪيائين؛ 1153هه تائين اٺ هزار شعر چئي
ديوان جنهن ۾ نالو بطور تخلص جي استعمال ڪيو
هيائين، لوڙهي 54-1155هه جا سال خاموش رهيو، تا
آنڪ 1155هه ۾ وري کيس نئين سر سخن سنجيءَ جو شوق
جاڳيو.
انهيءَ زماني جو هڪ واقعو بيان ڪندي، مير صاحب لکي
ٿو ته: ’مظفر علي خان، نادري زماني ۾ ٺٽي ۾ آيو، ۽
سندس ڏنل زمين ”مرد مک در آب“، ”نمک در آب“ ٺٽي جي
شاعرن ۾ تمام مشهور ٿي، ۽ تقريباً سڀني شاعرن
انهيءَ تي طبع آزمائي ڪئي.‘ مير صاحب انهيءَ زماني
۾ طفل مڪتب هو، پر کيس شوق جاڳيو ۽ ساڳيءَ زمين ۾
استادن جي مقابلي ۾ هن به غزل تيار ڪيو، جنهن مان
لکي ٿو ته هيٺيون هڪ شعر کيس ياد رهجي ويو:
با صاف مشربان چه زنی
لاف سر کشی،
صد بار ديده ايم ترا ای
فلک در آب.
1155هه ۾، مير حيدرالدين ابو تراب ’ڪامل‘جهڙي
استاد ڪامل سان سندس ملاقات ٿي، ۽ انهيءَ بزرگ جي
فيض ۽ صحبت سبب ڇڏيل شوق ۽ وسريل ذوق ۾ وري جولان
جاڳيو،
۽ سندس شاگردي اختيار ڪري، نئين سر مشق سخن شروع
ڪيائين. مير ڪامل سندس تخلص ’مظهري‘ رکيو، جنهن
مان تجديد شاعريءَ جو سال 1155هه به برآمد ٿئي ٿو.
مير صاحب ڪجهه وقت تائين ’مظهري ‘ تخلص قائم رکيو،
پر ان کانپوءِ، ’قانع‘ تخلص اختيار ڪيائين، جيڪو
آخر دم تائين سندس نالي سان پيوست رهيو.
ملازمت: سنڌ جي آزاد حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي،
1167هه ۾ وفات ڪئي؛ ۽ سندس پٽ ميان مراد ياب تخت
نشين ٿيو. ميان صاحب جي وفات کانپوءِ تخت ۽ تاج جي
لالچ ۽ لوڀ، حڪمران خاندان ۾ باهمي آويزش جي ابتدا
ڪئي. ميان مراد ياب چار سال به پورا نه ڪيا، جو
معزول ٿي جيل ۾ وڃي پيو ۽ سندس ٻيو ڀاءُ ميان غلام
شاهه، جيڪو گلان طوائف جي پيٽ مان هو، تخت نشين
ٿيو. انهيءَ ئي حڪمران لاءِ ڪنهن سنڌي شاعر جو هي
شعر مشهور آهي:
”گلان وچان جو گل کليوسي،
ڪجهه کُليا هي ڪجهه کُلسي.“
ميان غلام شاهه، بيحد سمجهدار ۽ حڪمرانيءَ ڪرڻ
لاءِ هر طرح موزون ۽ مناسب هو. هن پنهنجي زماني ۾
ملڪ ۾ نه فقط امن امان قائم ڪيو، بلڪ سرحدي علائقا
به ڪيترا حاصل ڪري، سنڌ ۾ شامل ڪيائين. ڪڇ جي راجا
کان بست ۽ لکپت جو بندر ورتائين؛ سبزل ڪوٽ ۽ اُچ،
بهاولپور جي نواب کان ڇڏايائين؛ ۽ ڪراچيءَ جو
بندر، قلات جي خان کان واپس ڪيائين، حيدرآباد جو
شهر آباد ڪيائين ۽ 1182هه ۾ حيدرآباد جو قلعو
تعمير ڪرائي، اُن ۾ گادي ڪيائين. انگريزن سندس ئي
زماني، 1171هه ۾، ٺٽي ۾ پنهنجي تجارتي ڪوٺي قائم
ڪئي. اهڙيءَ طرح ملڪ سندس زماني ۾ ڏاڍو وسيو ۽
رسيو، سکيو ۽ ستابو ٿيو؛ پر افسوس جو 16 سالن جي
حڪمرانيءَ بعد 1186هه ۾ لَقوي، فالج ۽ غشيءَ سبب
هن انتقال ڪيو، جنهن کانپوءِ ڪلهوڙن جي حڪومت جو
شيرازو ڏينهون ڏينهن درهم برهم ٿيندو ويو.
انهيءَ روشن دماغ بادشاهه، مير علي شير کي پنهنجي
خاندان جي تاريخ نويسيءَ لاءِ، پاڻ وٽ رکيو، ۽ مير
صاحب ”شاهه نامه“ جي طرز تي فارسي نظم ۾، ۽ ٻي
مفصل تاريخ نثر ۾، لکڻ شروع ڪئي، سندس تقرر تاريخ
نويسيءَ جي عهدي تي 1175هه ۾ ٿيو،
۽ مير صاحب ٺٽي کان خدا آباد هليو ويو. اهو معلوم
نه ٿي سگهيو، ته مير صاحب، ميان غلام شاهه جي
دربار سان ڪيتري وقت تائين وابسته رهيو؛ پر جنهن
صورت ۾، مير صاحب پنهنجون ٻئي تصنيفون مڪمل ڪري نه
سگهيو، تنهنڪري خيال آهي ته شايد ڪجهه سال يا ڪجهه
عرصو مير صاحب، ميان غلام شاهه جي درٻار ۾ رهي،
وري ٺٽي واپس موٽي آيو.
1180هه ۾، مير صاحب ”تحفة الڪرام“ لکڻ شروع ڪيو؛
ان ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو ذڪر شروع ڪندي ابتدا ۾
لکي ٿو ته:
- ”ذکر ايشان در طبقة علحده ميگردد و بنا بر
مزيد فائده و ادای
حقوق نمک ذکر از اصل مع بيان بزرگان اين سلسله
مجملاً گذارش ميکند.“
”اداي حقوق نمڪ“ جي اشاري مان ظاهر آهي ته 1180هه
کان اڳ مستقل ملازمت کان آجو ٿي، ٺٽي هليو آيو هو
۽ حق نمڪ نڀائڻ سبب سنه 1180هه ۾ به کيس اهو خيال
هو ته، هو ڪلهوڙن جي تاريخ جا ٻئي ڪتاب ضرور ختم
ڪندو. بهرحال مير صاحب جي مستقل ملازمت رهي يا نه
رهي، پر سندس تعلقات ملازم ٿيڻ کان اڳ انهيءَ
حڪمران گهراڻي سان جهڙيءَ طرح خوشگوار هئا، اهڙيءَ
ريت پوءِ به رهيا، جنهن جي تصديق اسان کي انهن
فرمانن ۽ سَنَدَن مان ملي ٿي، جيڪي وقت بوقت
وظيفن، تنخواهن ۽ مزروعه زمينن جي سلسلي ۾ مير
صاحب کي انهيءَ خاندان طرفان ملندا رهيا.
مير صاحب جو معاش: قديم خانداني دستاويزن مان
معلوم ٿئي ٿو ته، مير صاحب جو سمورو خاندان شروع
وارن ڏينهن کان وٺي، سندس زماني تائين خوشحال ۽
فارغ البال رهيو ۽ کانئس پوءِ به حسبِ دستور اهو
گهراڻو، جاگيرون، تنخواهون، وظيفا، خلعتون ۽ انعام
اڪرام چوڙيندو ماڻيندو رهيو.
مير سيد شڪرالله جيئن 927هه ۾ ٺٽي پهتو، تيئن ئي
ارغونن طرفان سندس وظيفو جاري ٿيو. همايون جي
فرمانن مان معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب جي گهر کي هن
جي طرفان به بطور ’سيورغال‘ وظيفو ۽ ساڪري پرڳڻي ۾
ڪجهه زمين مدد معاش لاءِ مليل هئي. اهڙيءَ طرح
ترخاني دور جا دستاويز به ملن ٿا، جن ۾ نه فقط
اڳين بادشاهن جي عطا ڪيل وظيفن ۽ جاگيرن جي تصديق
ٿيل آهي، بلڪ اُن تي پنهنجي طرفان به، وقت بوقت
اضافا ڪندا رهيا آهن. مرزا جانيءَ جي هڪ فرمان
(مرقومه 1007هه) مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته جوڻ
پرڳڻي ۾ به ڪي ڳوٺ انهيءَ خاندان کي بطور مدد معاش
مليل هئا. سنڌ جڏهن مغل سلطنت جو حصو بڻي، تڏهن هن
گهراڻي جا سڀئي وظيفا، تنخواهون ۽ زمينون بحال
ڪيون ويون. 1029هه جي هڪ فرمان مان معلوم ٿئي ٿو
ته جهانگير، سيد ظهيرالدين ثاني خلف سيد شڪرالله
ثانيءَ لاءِ ٻه سؤ خرار سارين جا بطور وظيفي جي
ساليانو منظور ڪيا، جن جي وصوليءَ لاءِ ٽڪر هنڱوري
۽ ٽَڪر هالي جي پرڳڻي تي فرمان جاري ٿيو. ڪجهه وقت
کانپوءِ سارين بدران، ٽڪر هنڱوري جي جاگير مان 22
هزار دام
بطور سالياني تنخواهه جي کيس مقرر ٿي مليا. 1037هه
۾ سيد شڪرالله فوت ٿيو. 1039هه ۽ 1040هه جي فرمانن
مان معلوم ٿئي ٿو ته اها تنخواهه شاهه جهان، سيد
صاحب جي اولاد لاءِ بحال ڪئي. جيئن جيئن خاندان
وڌندو ويو ۽ گهر جدا جدا ٿيندا ويا، تيئن تيئن اهي
تنخواهون به تقسيم ٿينديون مختلف شخصن جي نالي تي
بحال ٿينديون رهيون. 1138هه جي هڪ فرمان مان معلوم
ٿئي ٿو ته پنجاهه هزار دام،
اهو خاندان سالياني تنخواهه کڻندو هو. 1144هه ۾،
خان خانان معظم خان هڪ سَند جاري ڪئي، جنهن جي
بنياد تي، مير علي شير ’قانع‘ جي والد سيد عزت
الله کي 540 بيگا زمين ملي. ميان نورمحمد، 1155هه
۾، سيد عبداللطيف بن سيد عبدالمجيد کي پليجي پرڳڻي
تي 70 خرار سارين جي سند ڪڍي ڏني.
سيد صاحب 1158هه ۾ فوت ٿيو؛ جنهن کانپوءِ سندس پٽ
عبدالمجيد ثانيءَ جي نالي اهو وظيفو بحال ڪيو ويو،
۽ آخر اهو وظيفو ڦرندي ڦرندي سيد عبداللطيف ثانيءَ
وٽ آيو، ۽ ان کانپوءِ مير علي شير جي والده جي
نالي تي بحال ٿيو؛ ڇاڪاڻ ته انهيءَ گهر ۾ نرينو
اولاد ڪونه ٿيو ۽ مير صاحب جي والده انهيءَ گهر جي
وارثياڻي هئي. بيبي صاحبه کانپوءِ، مير علي شير ۽
سندس ڀاءُ مير ضياء الدين انهيءَ حصي تي مُتصرف
ٿيا، انهيءَ مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته، مير صاحب
۽ مير ضياءُالدين سڳا ڀائر ۽ انهيءَ بيبيءَ جي بطن
مان هئا، ۽ انهيءَ ڪري ئي ڇهن ڀائرن مان فقط اهي
ٻه ڀائر وظيفي جا وارث بڻيا. سندس ٽئين ڀاءُ سيد
فخرالدين کي جدا پنهنجي ناناڻڪي حصي مان هڪ سؤ
بيگا زمين تصرف ۾ آئي.
ميان نور محمد جو هڪ پروانو ملي ٿو، جنهن مطابق
مير علي شير جي والد سيد عزت الله کي جڳت پور ۽
ڪڪرالي وغيره ۾ به ڪي ڳوٺ جاگير طور مليا. انهن جي
آمدنيءَ تي هن هيٺينءَ طرح پنهنجي پٽن جون
تنخواهون جاري ڪرايون: سيد فخرالدين ۽ سيد يار
محمد 14-78 رپيا، ۽ سيد علي شير ۽ سيد ضياء الدين
0-0-72 رپيا.
ڪلهوڙن بعد ٽالپرن به ساڳيءَ طرح هن خاندان جي
جاگيرن، تنخواهن، وظيفن ۽ ٻين انعامن اڪرامن کي
جاري رکيو. ميان نور محمد جي زماني کان وٺي ٽالپرن
جي ابتدائي دور تائين، ڪي اهڙا فرمان به ملن ٿا،
جن ۾ روزاني وظيفي ڏيڻ جو به ذڪر آهي. ميان غلام
شاهه جي هڪ فرمان (مرقومه 1172هه) مان معلوم ٿئي
ٿو ته ميان نور محمد کان وٺي سيد عزت الله جو
روزينو جاري هو، جيڪو غلام شاهه جي تخت نشينيءَ
کانپوءِ مير علي شير جي نالي منتقل ٿيو. 1188هه ۾
ميان سرفراز جي فرمان ۾ به ان جي تصديق ٿئي ٿي.
اهڙيءَ طرح 1191هه ۾، ميان عبدالنبي به ساڳيو
روزينو جاري رکيو. ساڳئي سال جي ٻئي هڪ پرواني مان
معلوم ٿئي ٿو ته ميان عبدالنبيءَ، مير علي شير جي
پٽ مير غلام علي ’مائل‘ جو 12 رپيا درماهو وظيفو
جاري ڪيو هو.
1197هه ۾، مير فتح علي خان- فاتح سنڌ- مير علي شير
جي نالي هڪ پروانو ڪڍيو، جنهن ۾ 42 رپيا ”بمد
اِجارهء ميربحري(؟)“ عنايت ڪرڻ جو ذڪر آهي، ۽ اهو
وظيفو ڪلهوڙن جي زماني کان مير صاحب جي نالي هلندو
ٿي آيو. 1198هه ۾، مير فتح علي خان هڪ فرمان ڪڍيو،
جنهن مطابق مير علي شير کي هدايت ڪئي وئي ته، جنهن
صورت ۾ حيدرآباد سرڪار جي حصي ۾ سنڌ جو اڌ ملڪ
آهي، تنهن ڪري اِها سرڪار کيس مقرر ٿيل وظيفن جو
آئيندي اڌ ڏيندي، ۽ باقي اڌ، مير سهراب، مير ٺاري
۽ مير باگي کان کيس وٺڻ گهرجي.
ڪلهوڙن جي زماني کان جيڪي 70 روپيا بطور وظيفي جي
مير
علي شير ۽ مير ضياء الدين کي ملندا هئا، سي مير
فتح علي خان جي دور ۾، ٻنهي ڀائرن جدا جدا ڪرائي،
پنهنجن نالن تي پروانا ورتا؛ جيتوڻيڪ 70 رپين مان
42 رپيا مير علي شير ورتا ۽ باقي مير ضياء الدين
وٺندو رهيو. 1253هه جي هڪ فرمان مان معلوم ٿئي ٿو
ته مير نور محمد خان جي زماني ۾ انهيءَ ساڳئي
وظيفي جو هڪ حصو مير علي شير جي پوٽي مير صابر علي
ولد مير غلام علي ’مائل‘ کي 6-5-7 رپين جي صورت ۾
درماهو ملندو هو. 1255هه ۾، مير محمد خان اڍائي
آنن جو اضافو ڪري پورن ساڍن ستن رپين درماهو ڏيڻ
جو پروانو جاري ڪيو، ۽ ڪوري ضرب مان ڦيرائي سورتي
ضرب يعني انگريزي سڪي ۾ ڏيڻو ڪيو.
اها آهي مير صاحب ۽ اُن جي خاندان جي معاشي پهلوءَ
جي منتشر معلومات، جنهن کي اسان مختلف سَندن جي
ذريعي گڏ ڪري، پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي. جيتوڻيڪ
مٿيان انگ اکر مير صاحب جي مڪمل آمدنيءَ جو خاڪو
پيش ڪري ڪونه ٿا سگهن، تنهن هوندي به اسان هن
نتيجي تي پهچون ٿا ته، مير صاحب جو خاندان فارغ
البال ۽ نهايت خوشحال هو. سندن گذر سفر نهايت
ڪشادگيءَ ۽ عزت آبروءَ سان ٿيندو هو. سڀني حڪمرانن
انهيءَ خاندان جي عزت ڪئي، وظيفا ڏنائون، جاگيرون
جاري ڪيائون، درماها ۽ روزينا عطا ڪيائون، ۽ وقت
بوقت جيڪي انعام اڪرام ۽ خلعتون ۽ پهراڻيون
ملنديون ٿي رهيون، سي ان کانسواءِ هيون.
مير صاحب جي دور جو سياسي پس منظر:
مير ’قانع‘، جيئن اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، ميان
نور محمد جي حڪومتي دور ۾ پيدا ٿيو. سنڌ ۽ سنڌ جا
ماڻهو دهليءَ جي بالادستيءَ کان ته آزاد ٿيا، پر
نادر جي اچڻ، سندس ڦرلٽ ۽ آخر ۾ افغانستان جو
باجگذار بڻائي وڃڻ، سنڌين کي آزادي ماڻڻ ڪانه ڏني-
ڄڻ سنڌ جي زيردستيءَ واري قطب نما جو رخ دهليءَ
کان ڦري افغانستان طرف ٿي ويو ۽ فرق فقط هي ٿيو
ته، دهليءَ جِي سنڌ تي گورنرن جي ذريعي سڌي سنئين
حڪومت هلندي هئي، ۽ هن کانپوءِ اندروني طرح سنڌ
آزاد رهندي به افغانستان جو ڍل ڀرو صوبو ٿي وئي ۽
بجاءِ گورنرن جي، ڍل جي وصوليءَ ۽ عام نظرداريءَ
لاءِ افغاني وڪيل اچڻ لڳا.
ميان نور محمد جي وفات (1167هه) تائين، سنڌ جي
حڪمران خاندان ۾ خير جي گذرندي رهي، پر هن جي اکين
بند ڪرڻ بعد، تخت ۽ تاج جي سلسلي ۾، آهستي آهستي
آويزشن جي ابتدا ٿي. ميان غلام شاهه جي دور ۾
(1170-1186هه) ڪا خاص خرابي ڪانه ٿي- مير علي شير
تاريخ نويسيءَ جي عهدي تي ڪجهه سال پنهنجو سٺو وقت
گذاريو- پر 1186هه کانپوءِ، جو حڪمران خاندان ۾
خونريزي ۽ ملڪ ۾ انتشار جي ڪيفيت قائم ٿي، تنهن
1198هه تائين سنڌ کي برابر تباهه ۽ تاراج ڪيو.
انهن ٻارهن تيرهن سالن جي عرصي ۾ سنڌ جي تخت ۽ تاج
ڪيترن حڪمرانن جي مسند آرائي ڏٺي ۽ ڪيترن شاهزادن
جا ڪنڌ ڪپيا ۽ ٽالپر سردارن مان ڪيترا ڪونڌر ڪسندا
ڏٺا. سرفراز تقريباً ٽي سال حڪومت ماڻِي؛ محمد خان
چند مهينا مسند جو مزو ورتو؛ غلام نبيءَ ڏيڍ سال
کن تخت نشيني ڪئي؛ عبدالنبيءَ تقريباً ساڍا ٽي سال
واڳ ورتي؛ صادق عليءَ ڪجهه مهينا ۽ ان کانپوءِ
ٻيهر عبدالنبيءَ قبضو ڪيو، ۽ پنجن سالن ۾ اها ڪشت
و خون ڪيائين، جو سنڌ جي بدنصيبيءَ ۽ برباديءَ تي
نه فقط پنهنجن رت رنو، بلڪ ڌارين جي اکين مان به
لڙڪ وهي نڪتا.
ٽالپر سردار، جيڪي حقيقي طرح حڪومت جا قوت بازو
هئا، تن مان ڪيترا سربراهه ناحق خون ٿيا- مير
بهرام ۽ سندس فرزند مير صوبدار خان ميان سرفراز جي
چرچ تي بنا سبب قتل ڪيا ويا. ميان غلام نبيءَ
پهريون پنهنجي خاندان جا پنج شاهزادا ڪهرايا- محمد
سرفراز، محمد خان، محمود خان ۽ ٻه ٻيا- انهيءَ
دردناڪ واقعي تي ڪنهن شاعر هيٺين نادر تاريخ چئي:
از گلِ باغِ عباسي پنج کم؛
ٽالپر اميرن جي شهادت جو سلسلو به ساڳئي وقت جاري
رهيو- مير بجار کي دوکو ڏئي، شهيد ڪرايو ويو؛
مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان به ساڳيءَ طرح
1197هه ۾ نهايت بيدرديءَ سان قتل ڪرايا ويا.
ٽالپرن جي بيگناهه خونن نه فقط بلوچ قوم کي بغاوت
تي آمادو ڪيو، بلڪ سڄيءَ سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي انهيءَ
ظالم حڪمران جي خلاف باهه ٻري وئي. جيتوڻيڪ 1198هه
۾، هالاڻيءَ جي ميدان تي حاڪم ۽ محڪومن جو معرڪو
ٿيو، جنهن ۾ حاڪم کي شڪست ۽ محڪومن کي فتح نصيب
ٿي. سنڌ جي واڳ ٽالپرن جي هٿ ۾ آئي، ۽ ڪلهوڙا
هميشھ هميشھ لاءِ ختم ٿي ويا.
ميان عبدالنبيءَ خانه جنگيءَ سبب افغان حڪومت کان
مدد ورتي. اُن حڪومت جو ظالم ترين سردار، مدد خان
افغان، سنڌ ڏانهن موڪليو ويو، جنهن 1194هه ۾ هتي
پهچي، سموريءَ سنڌ کي تهه و بالا، ناس ۽ نابود ڪري
ڇڏيو. انهيءَ مدد خان جي ڪاهه سنڌين کي ايترو
متاثر ڪيو، جو ڪيترا سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون اڄ تائين
انهيءَ دور جي يادگار طور موجود آهن-
”گهوڙا ڙي گهوڙا!“
”گهل ڙي گهل!“
”مدد ته پٺيان ڪونه اٿئي!“
فارسي گو شاعرن چيو،
”اي داد، از ظالم بيداديء منجوس“-
سنه 1194هه.
چنان هول در ملک سنده اوفتاد که هولِ قيامت
بداده زياد
ڪنهن شاعر انهيءَ ظالم جي وڃڻ جي تاريخ ڪڍي:
”بشر بود رفت“-
سنه 1164هه.
سنڌ ۾ ايتري ڦرلٽ ٿي، انهيءَ حد تائين خوف رهيو، ۽
ايترا گهر خاندانيون ۽ ڳوٺ تباهه ٿيا، جو چنگيز ۽
هلاڪوءَ جي خون آشامين ۽ تيمور جي عالم سوزين ۽
هلاڪت آفرينين جي ياد تازي ٿي وئي. سنڌ انهيءَ قسم
جي تباهي ڪڏهن ڪانه ڏٺي هئي؛ دهليءَ تي نادر ۽
بغداد تي هلاڪوءَ به اهڙي بربادي ڪانه آندي، جهڙي
ميان عبدالنبيءَ، مدد خان جي ذريعي سنڌ تي آندي.
اهوئي زمانو هو، جڏهن عمادالملڪ، غازي الدين نظام،
سنڌ ۾ آيو، ۽ تباهي ۽ برباديءَ جا هولناڪ منظر،
اکين سان ڏسي ايتري قدر متاثر ٿيو، جو اهڙو ئي
دردناڪ مرثيو چيائين جهڙو حضرت سعديءَ بغداد جي
برباديءَ تي چيو هو:
”در سند چه فتنه و بلا شد |
گوئي که قيامتی
بپا شد |
چون سند که مامن جهان بود |
اي آه! چه گويمت چها شد
|
هر خانه بخاک شد برابر |
هر صاحب دولتی
گدا شد |
هر تاجوری
برهنه برگشت |
هر ماه سری
برهنه پا شد |
تا ناموران به بند افتند |
سر رشتهء صبر دل رها شد |
مادر ز پسر، پسر ز مادر |
سر از تن و تن از سر جدا شد |
منعم پیء
مشت آرد يک سير |
سر گردان هم چو آسيا شد |
گل رويان را ز خارِ صحرا |
خونِ کفِ پای
خود حنا شد |
هر پرده نشين کنج عصمت |
بی
برقعه و معجر و ردا شد |
زرها به نثار حفظ جان رفت |
جانها بر آبرو فدا شد |
رفت از همه هرچه در گره بود |
زين گونه فلک گره کشا شد |
يک ظلم نه شد که شد دو صد ظلم |
يک کار نه شد که کارها شد |
بر اهل زمين عجب بلائی |
يک مرتبه نازل از قضا شد |
بي ستري طرفه آه! صد آه! |
بر سيّدها و پارسا شد |
از امت مصطفی
چه ظلمي |
امروز بر آل مصطفی
شد |
امروز پس از هزار و صد سال |
احوال عراق رونما شد |
جستم چو ’نظام‘ سال تاريخ |
از هاتف غيبی
ام ندا شد |
کاي بنده اهل بيت بشنو
”سلطينکه سند کربلا شد.“
اهو سڄو ملڪي ۽ سياسي پس منظر آهي انهيءَ منيءَ
صديءَ جو، جنهن ۾ مير علي شير اکيون کوليون، پليو،
پروان چڙهيو؛ تعليم حاصل ڪري، علم جي انتهائي اوج
تي پهتو؛ شعر و سخن جو شغل ڪندو رهيو ۽ تصنيف
تاليف کي پنهنجو اوڇڻ ۽ اوڍڻ بڻائي، زندگي بسر
ڪندو رهيو. سواءِ انهن چند سالن جي، جيڪي هن ميان
غلام شاهه وٽ تاريخ نويسيءَ جي عهدي تي گذاريا-
باقي سڄي زندگي آزاديءَ سان بسر ڪندو رهيو. انهيءَ
بادشاهه گرديءَ ۾ ڪنهن کي طاقت هئي؟ جو درٻاري
ملازمت جو بار سر تي کڻي، سازشن ۽ منصوبن ۾ حصو
وٺي ۽ خون خرابيءَ، قتل ۽ غارت گريءَ کي اکئين
ڏسندو رهي!
مير صاحب جي غير معمولي شخصيت ۽ بي پناهه صلاحيت
جو هن مان اندازو ٿئي ٿو ته انهيءَ سموري دور جي
سڀني بلائن، آفتن ۽ اندوهناڪين جي هوندي به سندس
سڪون قلب ضايع ۽ اطمينان دل غارت نه ٿيو. هن بزرگ
دنيا جهان جي جهڳڙن، ملڪي تباهين ۽ هلاڪت خيزين کي
ڏسندي به، سڀني ڳالهين کي پس پشت وجهي، اکين کي
بند ڪري، ڪنن ۾ ڪپهه ڏئي، تصنيف ۽ تاليف جاري رکي؛
۽ پنهنجي خالص علمي ۽ ادبي زندگيءَ کي برباد نه
ڪيو ۽ 12 ورهين جي زندگيءَ کان وٺي جهان ڇڏڻ واري
سال کان هڪ سال اڳ تائين، برابر دماغ ۽ قلم
هلائيندو آيو، ۽ هزارن ورقن جو عظيم الشان ادبي
ذخيرو سنڌ جي آئينده نسلن لاءِ ڏئي ويو.
سير ۽ سفر: مير صاحب جي سموري زندگي سراسر علمي
هئي. تنهنڪري ڀائنجي ٿو ته هن پنهنجو وقت، دنيا جي
ٻين مشغلن ۾ ڪونه وڃايو ۽ گهڻو ڪري گهر ۾ رهي،
تصنيف تاليف ڪندو رهيو- سواءِ هڪ معمولي وقفي جي،
جنهن ۾ هن کي نامعلوم سببن ڪري سورت، ڄام ننگر ۽
ڀڄ جو سفر درپيش آيو.
”تحفة الڪرام“ (ج 2، ص 33) ۽ ”مقالات الشعراء“ مان
معلوم ٿئي ٿو ته 1160هه ۾ هو سورت ويو، جتي مير
سعدالله سورتي، ۽ ان جي فرزند مير عبدالولي ’عزلت‘
سان سندس ملاقات ٿي؛ ۽ انهيءَ سفر ۾، چند ٻين اهل
علم بزرگن سان به سندس صحبتون ۽ رهاڻيون ٿيون-
جهڙوڪ ’رضائي‘ شاعر سورت کان لاهري بندر تائين
ساڻس ٻيڙيءَ ۾ گڏيو آيو (”مقالات الشعراء“ ص 109):
محمد اڪرم اصل ٺٽي جو شاعر هو، پر سندس زندگي
دهلي، دکن، ۽ سورت ۾، مختلف سرڪاري عهدن تي گذري-
مير صاحب جڏهن سورت کان وطن واپس ٿيو، ان وقت محمد
اڪرم به ساڻس گڏيو آيو؛ واٽ تي ٻيڙو، ٽي ڏينهن ۽
ٽي راتيون، طوفان جي گرداب ۾ ڦاٿو، ۽ اهڙي
نااميديءَ جي حالت ٿي، جو مير صاحب ان کي ”حادثهء
عظيم“ تصور ڪندي لکي ٿو:
- ”که خلاصي از آن تهلکه، محض بفضل مفضل حقيقي
صورت بست.“
انهيءَ مصيبت ۾ محمد اڪرم هيٺيون شعر حسب حال چيو:
درميان آب و آتش همچو گل |
کشتیء
اميد ما دارد شنا |
گر نه فضل حق نمايد رهبری |
نيست مخلص از چنين جوش بلا |
(”مقالات الشعراء“ 34)
”تحفة الطاهرين“ جي مصنف شيخ محمد اعظم ٺٽويءَ جي
ملاقات به ساڻس سورت ۾ ٿي. اهو بزرگ به انهيءَ
زماني ۾ سورت منجهه مقيم هو.
ڄام ننگر عرف اسلام آباد کي به مير صاحب انهيءَ
سفر جي دوران ۾ ئي ڏٺو؛ ۽ اتي ئي سندس ملاقات محمد
عاقل ’ابله‘ جهونا ڳڙهيءَ سان ٿي، جيڪو صاحب شاعر،
۽ ٺٽي جي ميان ابوالقاسم جو شاگرد هو. (”مقالات
الشعراء“ 26)
اهڙيءَ طرح غالباً ساڳئي سفر ۾، جڏهن سيد صاحب ڀڄ
ننگر ويو، تڏهن سندس ملاقات هڪ ايراني شاعر
’هوشيار‘ صفاهانيءَ سان ٿي، جيڪو پوءِ ٺٽي به آيو،
۽ اتان وري هندوستان هليو ويو (”مقالات الشعراء“
311). بندر سورت کان موٽندي، سيد صاحب سان گڏ
’مفلس‘ شاعر به ٻيڙيءَ ۾ هم سفر هو، جيڪو سنڌ
ڏانهن قلندر لعل شهباز جي زيارت لاءِ ٿي آيو
(”مقالات الشعرا“ 265).
گجرات سان، انهيءَ سفر کانپوءِ، مير صاحب جي ڪافي
دلچسپي پيدا ٿي، ۽ ان کانپوءِ جيڪي به خاص واقعا
انهيءَ طرف ٿيندا هئا، انهن تي مير صاحب تاريخي
قطعا ۽ شعر تصنيف ڪندو هو.
نورالدين محمد معروف به مومن خان، 1170هه گجرات تي
قابض ٿيو، ته مير صاحب تاريخ چئي:
چو شد نواب مومن خان بگجرات ز کفر کافران گرديد
خالی
1165هه ۾ بندر سورت جي حاڪم نواب صفدر محمد خان جو
پٽ محمد وقار خان فوت ٿيو. مير صاحب هيٺين طرح
سندس تاريخ ڪڍي:
”فلا خوف عليهم ولاهم يحزنون“
مطالعي جو شوق: مير صاحب جو دور، جيتري قدر سياسي
۽ ملڪي حالتن سبب اونداهو ۽ اندوهناڪ هو، اوتري
قدر علمي ۽ ثقافتي لحاظ سان روشن ۽ خوشگوار هو. هڪ
ئي وقت سوين مدرسا علم آموزيءَ لاءِ آباد هئا؛
هرهڪ گهراڻو ۽ هرهڪ فرد علم جو مرڪز ۽ منبع هو. هر
علم دوست جي اوطاق ۽ بيٺڪ ’اڪيڊميءَ‘ جو ڪم ڏيندي
هئي. هرهڪ عالم، اديب ۽ شاعر وٽ، جدا جدا ڪتبخانا
هوندا هئا. گهرن ۾، اوطاقن ۾، رستن تي، دڪانن ۾ ۽
بازارن جي چوراهن تي، علم پرورن جون ملاقاتيون،
صحبتون، مجلسون ۽ مشاعرا، صبح شام ۽ رات ڏينهن
ٿيندا رهندا هئا. هڪ ئي وقت مخدوم محمد هاشم
(متوفي 1174هه)، مخدوم محمد معين (متوفي 1161هه)،
مخدوم ضياء الدين، ميان نعمت الله، ميان محمد
صادق، آخوند محمد شفيع، ۽ آخوند ابوالحسن جهڙا
يگانهء روزگار عالم، ۽ مير ’محسن‘ (متوفي 1163هه)،
غلام علي ’مداح‘، بالچند ’آزاد‘، شيوڪ رام
’عطارد‘، شيخ محمد محفوظ ’سرخوش‘، غلام علي
’مومن‘، محمد پناهه ’رجا‘ مير ابوالبقا ’بهرور
علي‘ ۽ مير ابو تراب ’ڪامل‘ جهڙا نغزگو شاعر ٺٽي
جي شهر ۾ موجود هئا، جن مان هرهڪ پنهنجي دور جو
’غزالي‘ ۽ ’دواني‘، ’سعدي‘ ۽ ’انوري‘ هو.
”مقالات الشعراء“ (ص 85): آخوند ڳچ عرصي
تائين جهانگارن باجارن جي ساداتن وٽ رهيو.
تاريخ گوئي ۽ شعر و سخن جو به شوق هوس.
مير فخرالدين شيرازي برادر مير علي شير
’قانع‘ کي جڏهن علي اڪبر نالي پٽ ڄائو،
تڏهن هيٺيون قطعهء تاريخ لکيائين:
بهار همايون بعالم رسيد |
صنوبر به بستان احمد چميد |
گل گلشن باغ آل رسول |
در روشن از درج شاه شهيد
|
بفر همايون و فرخنده نام |
بروز سعيد از عدم سر کشيد |
چگويم وفاتش که نايد بعد |
نجيب و نقيب و حسيب و سعيد |
نيازم بدرگاه حق صبح و شام |
که نامش علی
اکبر آيد پديد |
بسال تولد شريفش فتاد |
چو فکرم بخاطر احصی
البعيد |
در انداخت ناگاه هاتف ندا |
”گل اندر گلستان حيدر دميد“
- (1146هه) |
مرزا
محمد جعفر جي علم و فضل جي شهرت ٻڌي، ميان
مراد ياب بن ميان نور محمد کيس پاڻ وٽ
گهرائي، پنهنجو معتمد خاص ڪري رکيو.
’قانع‘ ”مقالات الشعراء“ (ص 72) تي لکي ٿو
ته: ’ڪجهه عرصي کانپوءِ اهو درجو حاصل
ڪيائين، جنهن کان مٿي تصور ڪرڻ ناممڪن
آهي.‘ صاحبزادو ميان مراد ياب جڏهن
هندوستان ويو، ان وقت ميان نور محمد کيس
پنهنجي درٻار ۾ مقرر ڪيو، جتي صاحبزادي
کان به وڌيڪ سندس قدر ۽ منزلت ٿي. محمد
مراد ياب جڏهن تخت تي ويٺو (1167هه) تڏهن
کيس ٻيهر پاڻ وٽ رکيائين. ڪجهه عرصي
کانپوءِ، ڪن سببن ڪري معزول ٿي ۽ عراق جي
زيارتن تي وڃڻ لاءِ ڪڪرالي بندر تي پهتو؛
اتان کيس ڪڪرالي جي ڄام جهاز تي سوار ٿيڻ
نه ڏنو، جنهن ڪري ڪراچيءَ بندر تان سوار
ٿيڻ جو ارادو ڪيائين، پر روانو ٿيڻ کان اڳ
سندس انتقال ٿيو. مير علي شير هيٺين تاريخ
چئي:
- ز روي تعميه تاريخش افتاد،
”غريب از دام دنيا گشته آزاد“-
1212- 45 = 1167هه
ميان
مرادياب جي معزولي ۽ غلام شاهه جي تخت
نشينيءَ تي بالچند ”آزاد“ هيٺين تاريخ
چئي:
بِنشست غلام شاه بر مسند جاه،
برخاست مرادياب نااميد به آه
مير بجار وزيراعظم هو؛ سندس شهادت جي
تاريخ هن ريت آهي:
از سرِ افسوس گفتا هاتفم ”مير شد از
جَمدرِ هندو شهيد“
1 +
1193 = 1194هه
”بمحفلِ شهدا جلوه کرد مير بجار“-1194هه
|