رشيد موٽي
آءُ
چوندا آهن ته ماڻهوءَ جي ڪا سڃاڻ نه هوندي آهي؛
ماڻهو، ماڻهن جهڙو هوندو آهي.
رشيد منهنجو دوست، منهنجو ڀاءُ، منهنجو سڄڻ،
منهنجو پرين، ماڻهن جهڙو ماڻهو نه هو، شايد ڪا ان
کان مٿانهين مخلوق هو جو سندس خاص سڃاڻپ ضرور هئي.
اها سڃاڻپ، هن منافقي ۽ بي بقا دور ۾ ضرور ڪري
سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس بي انتها خلوص ۽ پيار
سچائي ۽ ايمانداري بيشڪ اڻ لڀ هئي. ان جو وجود جي
آفاقي نه هو ته زميني به نه هو، ڇاڪاڻ ته هن جي
وجود ۾ اهو هڳاءُ ۽ خوشبو هئي جا هن دنيا ۾ مون ته
اڃا نه ڏٺي آهي.
ڳري بت ۽ هلڪن ٽهڪڙن وارو رشيد، هن دنيا ۾ نه
هوندي به منهنجي لاءِ ضرور موجود آهي، ڇاڪاڻ ته
مون سندس وجود ڪڏهن به الڳ محسوس نه ڪيو هو.
رشيد سان منهنجي ملاقات جڏهن پهريون دفعو ٿي ته
الائجي ڇو مون کي ائين لڳو ته هن سان ڪا ابدي ۽
ازلي ملاقات ٿيل آهي، ڇو جو هو مون کي اوپرو نه
لڳو. مون هن کي پنهنجي استاد جي روپ ۾ ڏٺو، پنهنجي
رهبر جي شڪل ۾، ۽ پنهنجي مٺي دوست ۽ ڀاءُ جي صورت
۾ هينئين سان لڳائي رکيو. مان رشيد کي شايد ڪڏهن
به وساري نه سگهان جو سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌيت سان
سڃاڻپ منهنجي رشيد ڪرائي. هن مون کي ٿورين ئي
ملاقاتن ۾ اهڙي عشق سان پيچ پلئه پارايو جو اڄ به
اسين انهيءَ عشق ۾ مست و مست مدام ٿيو گهمندا
وتون.
رشيد انهيءَ مستي جي عالم مان پاڻ ڇڏائي ويو پر
مون کي هڪ نئين جهوري به ڏئي ويو، جا جهوري فراق
جي جهوري هوندي آهي.
رشيد جو مطالع تمام گهڻو ۽ گهرو هو، ان ڪري هو هر
گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ، ان جي ثقافت ۽ بيوسي بيان ڪري
سگهندو هو. منجھس اها به خوبي هئي جو هو سنڌ جي هر
روايت جو پارکو هو. پوءِ اهو ثقافتي دور هجي يا
قديمي اروڙ ۽ موهن جي دڙي جو دور، سندس وارثي هر
طرح قائم هئي. سندس جسم هر راڳ کان آشنا هو، صرف
تند تي هٿ رکڻ جي دير هوندي هئي ۽ رشيد سڄو وڄندو
هو.
سندس واڄٽ اسان جي ڪنن ۾ ته ٻرن ٿا، ڪتابن جا ورق
ڪارا ته ٿيل آهن، پر ڪي ڪن اهڙا به آهن جو انهن
واڄٽن جي ورتاءُ کان اڃان به وانجهيل آهن.
سندس قلم جي طاقت دوستن کي سندس عاشق بڻايو ۽ دشمن
کي دوست بڻايو ۽ مخالفن جي زبان تي تالا هڻي ڇڏيا.
رشيد جو رويو، هڪ صابرين ولي ۽ بزرگ جيان هر
ماڻهوءَ کي سندس عقيدتممند بنائيندو رهيو.
سندس موت تي سکر ته رنو پر سنڌ سڄي روئي پئي هئي،
ڇو جو مون جڏهن سکر ۾ سندس تدفين جي موقعي تي جيڪو
نظارو ڏٺو هو، اهو ئي نظارو مون کي سندس تعزيتي
گڏجاڻين ۾ نظر آيو.
اديبن، ادب نواز دوستن، ساٿين ۽ ساٿياڻين گڏجي
ڳوڙها ڳاڙيا، پر رشيد ڪو نه موٽيو.
رشيد بيشڪ مون ۾ آهي، پر مان جيڪو رشيد ۾ هوس،
تنهن ڪري ورجائي چوان ٿو ته رشيد موٽي آءٌ، رشيد
موٽي آءٌ!
پيدائش 20 آگسٽ 1933، وفات 16 فيبروري 1988
سرڪي- ادب جو مينار
شخصيت: نورالدين سرڪي
سنڌ جي سرزمين عجيب آهي!... هتي سَر نِسريا ئي نه
آهن ته ماڻهن جي پوک مالڪ لُڻڻ شروع ڪئي. هيل چيٽ
ڪتي هڪ ڪري ڇڏيائين.
منهنجو ڀاڻيجو
عامر عزيز، عمر ڪا 38-39 سال ڪمپيوٽر جو استاد ۽
ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق، شاعريءَ سان به شغف- نه
ٻُڌايائين. نه وري سندس امڙ چواڻي ته ساڻس به ڪي
ويهي احوال ڪيائين. (هاڻ ايڊمنسٽريٽو
هاسٽلز) ڏينهن رات رُڌل رهيو ۽ هڪ ڏينهن الله
توهار کڻي ڪيائين. پويان معصومڙا ٽي ٻار، ماءُ ۽
گهر واري ڇڏي روانو ٿي ويو! مان ته عامر جو ڄم
سنڀران، منهنجن هٿن ۾ وڏو ٿيو. علم جوشوق اِهو جو
ڊزن کن ته ڊگريون هيس. مون کي صدمو اهڙو آيو جو
جيڪا شيءِ کڻان سا هٿ مان ڇڏائجي وڃي! هٿ اڃا پيا
ڏڪن، ڳالهائڻ چچرجي وڃي! هوڏانهن ماڻهن جي پوک وڃي
لُڻبي. سرڪي سنڌ جو هڪ بهادر، پڪو پختو ماڻهو،
لُڻجڻ جهڙو ته هوئي ڪونه. رشيد ڀٽي وارن جي فڪري
قبيلي جو ماڻهو، جيئن رشيد ڀيري سان ملڪ الموت کي
اڱوٺو ڏئي ڀڄي ايندو هو. نورالدين سڄو ڏينهن کلڻ
وارو ماڻهو، ٿي سگهي ٿو ملائڪ ايندا هجنس ۽ هيءُ
کين کلندي ٽاري ڇڏيندو هجي، يا اسان يارن جي
ڪچهريءَ ۾ ويهي گهرمتي ڏئي ايندو هجي. ”يار حميد!
ڪاٿي آن، ويهه ڀلا، لنچ ۾ ڇا هلندو- برياني يا چڪن
بروسٽ، ڀلا کڻي چڪن روسٽ ٿا کائون.“ نورالدين جي
آڌرڀاءُ اها ٿي ۽ پوءِ آرڊر موڪلي ڏيندو. هاڻ
هلندي ڪچهري، ڪيترائي سندس چاهيندڙ ۽ ڪتابن جا
عاشق سندس علم جي بحر مان نُڪتا چڳڻ لاءِ حيران
پريشان ويٺا هوندا هئا. کيس ۽ مون کي پريشان ڪرڻ
لاءِ هوندو هو اسان جو يار ”سليم ٻوڙو“، اسان جون
رڙيون، پر نورالدين سڪون سان ڳالهائيندو ۽ چوندو،
”هيءُ سمجهڻ واري ڳالهه پاڻهي ٻڌندؤ ۽ سمجهندؤ ٻي
ڳالهه کي ڊرت به نه ڪندو.“ پوءِ وڏا ٽهڪ ڏئي ڳالهه
کي اڳتي وڌائيندو ويندو. ”ڀلا حيدرآباد جي ڏي
خبر....“ مون سان مخاطب ٿيندو. ائين ڪئين ڳالهيون
چُرنديون وينديون. هيءُ آهي ڪامريڊ نورالدين سرڪي،
؟ ويٺل علم ۽ ادب جي ديس شڪارپور جو. سندس گهرواري
شمس صديقي به شڪارپور جي صديقي خاندان جو هڪ وڏو
حصو هئي. ٻئي گڏيا ته ٻوليءَ ۽ علم ادب جو جبل
بڻجي پيا. منهنجي آڏو اهو نظاروٿو اچي، جڏهن ٻئي
پهرين ”جشن روح رهاڻ“ ۾ شرڪت ٿيڻ لاءِ ڪراچيءَ کان
اچي سهڙيا. هاڻ شمس اسٽيج تي افساني جي نشست جي
صدر طور ويٺي ۽ صدارتي ٻول ٻوليائين ته محفل گل و
گلزار ٿي پيئي. هوڏانهن نورالدين ويچارو پنهنجي
ننڍڙي کي کنيو پيو هال ۾ ڦري. سندس ڪن ۽ من محفل ۾
هجي. وري جو محفل ۾ اياز آيو ته ننڍڙي سندس هنج ۾
سمهي پيئي، پر ٻنهي اياز کي ويٺي ٻڌو. ”هيءُ سئن
نه ڏيندي چين...“ سرڪي قديم جُڳ کان سنڌي ٻولي ۽
ادب سان پاڻ کي سلهاڙيل رکيو. سنڌي ادبي سنگت جي
انهن بنياد وجهندڙن مان هڪ هيو جن ادب لاءِ پاڻ
موکيو. تازو جڏهن سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ
وارن کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ چئن پنجن ڄڻن جي ميڙ ۾
عقيدت جا گل آڇيا ته سنگت جا اصل در نسل ڪيترا
پراڻا اسان پارا ميمبر ۽ ڪجهه ٻيا ويجهوئي ويٺا
هئاسين. انهن کي سڏڻ کان لاچار ٿي ويل هيءُ ڪجهه
دوست ۽ سندن ميڙ ڪيڏو نه ڏوُر پئي ڀانيم. انهن سڏڻ
کان پري ڪري ڇڏيو. سنگت جو اهو تعزيتي ميڙ ڪيڏو نه
اوپرو هو! اسان ”بزمِ روح رهاڻ“ جو تعزيتي ميڙ ڪري
ڇڏيو.
ادا نورالدين! تون اسان کان ڏور ناهين. مان تنهنجي
تعزيت تي نه اچي سگهيس، جو منهنجي گهر ۾ پنهنجي
سڳي ڀاڻيجي جي ميت کي ڪاڏي ڪيون ها. شهاب!... ادي
شمس!... اسين ڪيئن ٿا پنهنجي نورالدين کي وساري
سگهون. نورالدين علم و ادب ۽ ڪتابن جو مينار! کيس
خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ڪتاب ڪڍڻ (هڪ اعلان)
ڪافي نه آهي. پر کوڙ ڪتاب به ٿورا هوندا. نورالدين
جي ياد ۾ ڪيترائي ميڙ ڪوٺائجن ته به ٿورا آهن. رڳو
اُهي خلوص دل سان هجن.
رسالو
”روح رهاڻ“
حميد سنڌيءَ جي رسالي
”روح رهاڻ“ جي
حوالي سان
بدر اُڄڻ
تعارف:
(الف) پرڏيهي ادب ۽ ”روح رهاڻ“ (ب) ”روح رهاڻ“ ۽
عورتون (ت) ٻه وساريل خاندان ۽ ”روح رهاڻ“
جدت ۽ روايت
ادبي انعام
”روح رهاڻ“ جو ادبي مواد
”روح رهاڻ“ ۽ نثري ادب. (الف) روح رهاڻ جا
ايڊيٽوريل، (ب) روح رهاڻ جو افسانوي ادب (ت) روح
رهاڻ جا مضمون. (ث) روح رهاڻ ۽ تنقيدي ادب. (ج)
روح رهاڻ جا مستقل ڪالم. (ح) روح رهاڻ ۽ ادبي
سرگرميون.
”روح رهاڻ“ ۽ شاعري
شيخ اياز، تنوير عباسي، امداد حسيني، نارائڻ شيام،
نياز همايوني، استاد بخاري، شمشير الحيدري.
ڪجهه انوکي شاعري
مکيه مضمون
بيت، وائي، ڪافي، گيت، قطعو، نظم، غزل، رباعي،
ترائيل، هائيڪو.
تعارف:
تحقيق کي گورک ڌنڌو شايد ان ڪري چيو ويندو آهي، ته
ان ۾ اهو ۽ اهڙو مواد به ڏسڻو پوي ٿو، جيڪو ڪن
سببن ڪري دؤر جي نظرن کان اوجهل ٿي ويندو آهي.
سنڌي رسالن جي اجرا کي اچي صدي ٿي آهي. انهيءَ
عرصي دؤران الائي ڪيترا رسالا نڪتا، جن مان چند
نالا اسان جي ادبي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهن. هر
ڪنهن ادبي رسالي جو پنهنجو دؤر
رهيو. اهو
رسالو پنهنجي دؤر جي حوالي سان ۽ اهو ادبي دور
انهيءَ رسالي جي حوالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.
مثال طور: ”سناتن ڌرم پرچارڪ
پتر“، ”آشا“ ۽
”سندر ساهتيه“ جا دؤر، ”ترقي“، ”ڪاميابي“ ۽
”توحيد“ رسالن جا دؤر، ”سنڌو“، ”مهراڻ“ ۽ ”نئين
زندگي“ جا دؤر، ”ڳوٺ سڌارا“، ”مارئي“ ۽ ”اديون“ جو
دؤر وغيره. حميد سنڌي جي ”روح رهاڻ“ کي پڻ
اسان جي ادبي تاريخ ۾ منفرد مقام حاصل آهي. هيءُ
رسالو پنهنجي دؤر جي ڪهاڻي ۽ ڪهاڻي جي ادبي خواهه
قلمي تصوير هو. هن رسالي کان اڳ انهيءَ نالي وارو
رسالو ورهاڱي کان اڳ ٿياسافيءَ جي آرگن طور وڏو
عرصو اسان جي ادبي دنيا ۾ فعال رهيو. ليڪن انهيءَ
جي پڙهندڙن جو طبقو محدود هو. ان جي برعڪس حميد
سنڌيءَ جو ”روح رهاڻ“ هڪ ادبي تحريڪ ٿي اڀريو،
جنهن نه فقط ادبي اوسر ۾ بلڪه ذهني، فڪري ۽
نظرياتي تبديليءَ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو.
مون جڏهن سنڌيءَ ۾ ”تنقيدي ادب“ جي تلاش ۾ هن
رسالي جا ورق ورائڻ شروع ڪيا ته ان لاءِ مون کي
مختصر نوٽ وٺڻا پيا، جن کي هتي ترتيب وار رکي ”روح
رهاڻ“ جي سنڌي ٻولي ۽ علم ادب لاءِ ڪيل خدمتن تي
روشني وجهجي ٿي.
”ون مين شو“ مصداق جيان هن رسالي کي جيڪڏهن حميد
سنڌي جي ذاتي ڪوشش جو نتيجو چئجي ته ڪو به وڌاءُ
نه ٿيندو، پر انهيءَ سفر دؤران کيس ادبي دنيا جي
پنجن شهزادن جو تعاون پڻ رهيو. جن مختلف وقتن تي
اسسٽنٽ ايڊيٽرن، معاونين يا ساٿين طور ساڻس سهڪار
ڪيو. اهي قلم ڌڻي آهن، غياث جوڻيجو، ناصر مورائي،
اشفاق قاضي، خواجا سليم احمد ۽ امداد حسيني.
انهيءَ ڏٺي وائٺي انتظامي سهڪار کان سواءِ حميد
سنڌي کي ڪيترن قلم ڌڻين ۽ ڌياڻين جو علمي ۽ قلمي
تعاون مليو. جن جو ذڪر مختلف هنڌن تي ڪيو ويندو.
انهيءَ سلسلي جا ٽي زاويا هتي روشن ڪرڻ ضروري لڳن
ٿا.
(الف) پرڏيهي اديب ۽ روح رهاڻ:
روح رهاڻ مختصر وقت ۾ جيڪا شهرت ماڻي انهيءَ جو
اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ
کانسواءِ هند جي مشهور ليکڪن ۽ ليکڪائن هن رسالي
سان قلمي سهڪار شروع ڪيو. منگهارام ملڪاڻي،
گنگارام سمراٽ، نارائڻ شيام ۽ اتم جهڙن اهم
قلمڪارن کانسواءِ ٻين ڪيترن ليکڪن ۽ شاعرن ”روح
رهاڻ کي پنهنجو رسالو سمجهي ساٿ ڏنو.
سنڌ کان ٻاهر رهندڙ باقي جن ليکڪن ۽ ليکڪائن جو
ادبي مواد هن
رسالي ۾ شايع ٿيو، انهن مان تارا مير چنداڻي،
ڪلاپرڪاش، ڊاڪٽر ايم- آر- مائيدساڻي، ڀڳوان
ٽلواڻي، منو تولارام گدواڻي، ڪرشن کٽواڻي،
چترٺاڪرداس، واسديو نرمل، ٽيڪچند مست، ارجن سڪايل،
هريڪانت، ايم- ڪمل، ارجن حاسد، نندجويري، پهلاج
ديپ ۽ هوندراج دکايل جا نالا ذڪر لائق آهن. انهن
ليکڪن خط، ڪهاڻي، مضمون ۽ شاعري جي صنفن ۾ پنهنجا
جوهر ڏيکاريا.
هند جي ليکڪن سنڌي ادب کي هن- سنڌ يا هندو مسلمان
جي بنياد تي ورهائڻ بدران ادب ۽ ٻوليءَ کي اڪائي
تصور ڪري انهيءَ مطابق قلم کنيو. اهو ئي سبب آهي
جو سيپٽمبر 1968ع واري ”روح رهاڻ“ ۾ مشهور قلم
ڌڻيءَ منگهارام ملڪاڻي جو خط شايع ٿيو. جنهن ۾ هن
سال 1967ع واري ادبي اوسر تي نظر وڌي آهي ۽ جتي
”روح رهاڻ“ جو ذڪر ڪيو اٿس، اتي ”مهراڻ“ ۽ هندستان
مان شايع ٿيندڙ ٻين رسالن کي به نظرانداز نه ڪيو
اٿس، سندس لکڻي مطابق انهيءَ سال جو بهترين
افسانوي ادب ”روح رهاڻ“ ۾ شايع ٿيو.
هند جي ليکڪن جيڪو نثري ادب ”روح رهاڻ“ جي معرفت
سنڌ ۽ سنڌين کي ارپيو، ان جا مثال ڏيڻ ممڪن نه
آهن. البته، ڪن شاعرن جي ڪلام مان اقتباس ضرور ڏئي
سگهجن ٿا.
منوتولارام گدواڻي، جنهن ”روح رهاڻ“ لاءِ ڪهاڻيون
پڻ لکيون، سو شاعر جي حيثيت ۾ اسان جي اڳيان هيئن
اچي ٿو.
هلي اٿي هيءَ سنڌو ڌارا، سنڌ سنڌ جي سنڌن تان،
وهندي وڃي ڪلڪل ڪندي، ميان پهاڙن پنڌن تان.
(روح رهاڻ- فيبروري 1968ع)
روح رهاڻ جي جنوري 1967ع واري پرچي ۾ گوورڌن
محبوباڻي اسان کي هن ريت گيت ٻڌائي ٿو:
وقت، ڪنجوس، منحوس واڻيو بڻي،
زندگيءَ جون گهڙيون ٿو ڳڻيندو رهي،
عُمر، گويا اسان کي مليل قرض آ،
آدمي غم سهي، وياج ۾ ٿو وهي،
مرڪندي، مرڪندي مور موٽاءِ تون،
ساز کڻ او سڄڻ، ڳاءِ تون ڳاءِ تون.
اهڙيءَ ريت جولاءِ 1966ع ۾ ارجن حاسد هن ريت
پنهنجيون ڳالهڙين ڪري ٿو:
کڄي جي توڏي نظر ويئي ڀي،
تنهنجي قدمن ۾ جهڪائي ڇڏبي،
اَشڪ جيئن اک ۾ رهي ٿو حاسد،
ساهه ۾ سڪ ايئن سمائي ڇڏبي.
آگسٽ 1966ع ۾ نارائن شيام، هن ريت پنهنجي شاعراڻي
ڏات پکيڙي ٿو:
ڪو نه، ڪنارن جو ويساهه،
ڀائيندو ڀي آ درياهه.
-
هر هر هيئن اڀ ڏانهن نگاهه،
هاءِ، مٺيءَ دل جو ويساهه.
-
ڳائجي اڄ موهن جو دڙو،
ڪلهه ٿي هئي، تهذيب تباهه
(ب) روح رهاڻ ۽ عورتون:
حميد سنڌي پنهنجي رسالي ”روح رهاڻ“ کي فقط مردن جي
لاءِ وقف نه ڪيو، ليڪن عورت اڌ ڪائنات کي پڻ ان ۾
برابر جو حصو ڏنو. اهو ئي سبب آهي جو ”روح رهاڻ“
جي ورقن ۾ بيگم زينت چنا، زرينه بلوچ، مس-ايم
تبسم، نجمه شيخ، رشيده، فريده جوڻيجو، عطيه
جوڻيجو، تارا مير چنداڻي، ڪلاپرڪاش، نسيم ٿيٻو،
شمس النساءِ، مس ارشاد ايم- سومرو، نسيم ڪوثر، مس
نصرت چنا، پوپٽي هيرا ننداڻي ۽ اقبال پروين سومرو
جن جا نالا ذڪر لائق آهن. انهن ليکڪائن خاص طور تي
ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ انهن مان ٽن
ليکڪائن، مس اقبال پروين سومرو، نسيم ڪوثر ۽ ايس
تبسيم پنهنجي لکڻين تي ”مارئي انعام“ به حاصل ڪيو.
ليکڪائن جي انهيءَ لسٽ ۾ اڄ به سنڌي ادب جي مشهور
قلم ڌڻين جا نالا به موجود آهن. باقي ڪي چند نالا
آهن. جيڪي ادبي آسمان تي ڪنهن به ستاري وانگر
چمڪندي محسوس نه ٿا ٿين.
(ت) ٻه وساريل خاندان ۽ ”روح رهاڻ“:
حالتن جي ستم ظريفي اڪثر ڪري ڌر بڻجي، ڪيترن
پرخلوص ماڻهن کي مٽي بڻائي ڇڏيندي آهي، تان جو وقت
گذرڻ کانپوءِ انهن کي ڪنهن پارکوءَ کانسواءِ ڪوئي
سڃاڻي نه سگهندو آهي. ”روح رهاڻ“ سان پڻ شروع کان
وٺي آخر تائين ٻه خاندان لاڳاپيل رهيا، پر اسان
سنڌ واسين اڄ انهن کي وساري ڇڏيو آهي. اهي آهن
عبدالله چنا ۽ بيگم زينت چنا ۽ ٻيو ع-ق- شيخ ۽
سندس نياڻيون جهڙوڪ: پروفيسر نجمه شيخ وغيره.
عبدالله چنا ۽ بيگم زينت چنا ”روح رهاڻ“ سان سهڻو
ساٿ نڀايو. بيگم زينت چنا ”روح رهاڻ“ جي هڪڙي جشن
جو افتتاح ڪيو ۽ عبدالله چنا هن رسالي لاءِ مضمون
۽ ڪهاڻيون لکڻ کانسواءِ رسالي جي ليکڪن لاءِ ”اياز
ادبي انعام“ ۽ ”ماروي ادبي انعام“ جا سلسلا شروع
ڪيا. ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته انهيءَ خاندان جي
ادبي خدمتن تي ڪو هڪ اڌ پي-ايڇ-ڊي جو مقالو لکيو
وڃي ها، پر اسان پنهنجي محسنن ۽ پرخلوص انسانن کي
ياد ڪرڻ بدران وسارڻ سکيا آهيون.
ع-ق- شيخ ۽ سندس خاندان جي خلوص ۽ قلمي پورهئي کان
ڪير واقف ناهي، پر اهو خاندان به اسان جي توجه کان
اوجهل ٿي چڪو آهي.
انهن ٻنهي خاندانن ”روح رهاڻ“ سان جيڪو ساٿ نڀايو،
ان جي جهلڪ هنن ئي ورقن ۾ نظر ايندي، ان ڪري اسان
هتي انهيءَ مواد ۽ معلومات کي نه ٿا ورجايون.
اڃا هڪ وساريل شخص:
مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي خاندانن کان علاوه اسان هڪ تمام
وڏي شخص کي وساري ويٺا آهيون. جيڪو آهي ”رشيد
ڀٽي.“ شايد اها سکر واسين جي
بدنصيبي آهي،
جيڪي اسان کان تڪڙو وسري وڃن ٿا. مولائي شيدائيءَ
موت کي لبيڪ چيو ته اسان کائنس منهن مٽي ويٺاسين.
شيخ عبدالرزاق ”راز“ جو به اسان اهڙو ئي حشر ڪيو.
هن ويچاري جو لاڳاپو ساڄيءَ ڌر سان هيو ۽ سندس موت
کانپوءِ کيس پنهنجي ڌڙي به ياد نه ڪيو.
ليڪن ”رشيد ڀٽي“ پنهنجي ادبي وارثن وارو شخص هو.
فقط ورسين ملهائڻ سان هن جي روح کي سڪون نه ٿو ڏئي
سگهجي، پر جيڪو سندس ادبي مقام هو، انهيءَ جي
نشاندهي ٿيڻ گهرجي. رشيد ڀٽيءَ نثر نويس جي حيثيت
۾ ”روح رهاڻ“ سان تعاون ڪيو. طنز و مزاج جي هن
بادشاهه ليکڪ جون لکڻيون بلاشبه ”روح رهاڻ“ جو
اثاثو هيون. انهيءَ رسالي ۾ مرحوم رشيد ڀٽيءَ جي
طنز و مزاج ”جديد سنڌي ادبي لغات“ جي سري هيٺ قسط
وار سلسلو شايع ٿيو، سندس رنگ، ڍنگ ۽ انداز، اوهان
به ملاحظه فرمايو:
پاٺڪ:
ادبي دنيا جي اقليت
پاس خاطري: هڪ ٻيو تنقيدي اصول.
پرهه ڦٽي:
شاعرن جو اڻ ڏٺل وقت.
پيوندي:
تحقيقي مقالو، جنهن کي ادبي چوري چوڻ بعيد از
اخلاق آهي.
جاگيردار: سنڌ جو مظلوم ۽ پاڪ طبقو، جنهن تي قلم
کڻڻ نقادن کي ناگوار لڳندو آهي.
جمال گهوٽو: نقادن لاءِ ترقي پسند ادب.
جنسيات:
مخنس نقادن جي چڙ.
جيون چرتر:
ٻئي جي نالي ۾ پنهنجي ساراهه ڪرڻ.
ڄٽ:
اڳ کٿو ۽ مَار، هاڻي ادب جو معمار
(روح رهاڻ- جنوري 1965ع).
جدت ۽ روايت:
”روح رهاڻ“ ڪيترن ئي ادبي روايتن کي قائم رکيو ۽
قلمي دنيا ۾ ”جدت“ جو جادو پڻ جاڳايو. ورهاڱيءَ
کان اڳ ادبي رسالن جي پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن متوجه
ڪرڻ جا نت نوان طريقا ڳولهي ڪڍيا. انهن مان هڪڙو
طريقو هي هو ته ”مستقل خريدار“ کي سال جي پڄاڻي تي
ڪو هڪ ڪتاب تحفي طور ڏنو ويندو هو، اهڙيءَ ريت ڪن
رسالن ۾ ذهني علمي ڄاڻ جي آڌار تي انعام پڻ ڏنا
ويندا هئا. ليڪن ”روح رهاڻ“ انهيءَ روايت کي قائم
ڪندي هيءَ جدت پيدا ڪئي ليکڪن ۽ ليکڪائن کي ادبي
انعام ڏيڻ شروع ڪيا.
ادبي انعام:
1965ع ۾ جشنِ روح رهاڻ جي موقعي تي عبدالله چنا
ادب جي روشن لاڙن کي محسوس ڪندي سئو سئو رپين جا
”اياز ادبي انعام“ ۽ ”مارئي ادبي انعام“ ڏيڻ جو
اعلان ڪيو. ”مارئي ادبي انعام“ فقط ليکڪائن لاءِ ۽
”اياز ادبي انعام“ ليکڪن لاءِ مخصوص هو. ”مارئي
ادبي انعام“ لاءِ بيگم زينت چنا، جمال ابڙي ۽ فتاح
ملڪ کي جج بڻايو ويو، جڏهن ته ”اياز ادبي انعام“
لاءِ محمد ابراهيم جويو، غلام محمد گرامي ۽ ڊاڪٽر
تنوير عباسي کي مقرر ڪيو ويو. انعام کٽندڙن جا
تفصيل هن ريت آهن: |