جيجي زينت عبدالله چنا
حميد سنڌي- خط
محبوب علي چنا- مضمون
تنهنجي حڪم هوندي به آءٌ اڃان تائين جيجل مٺيءَ
لاءِ ڪجهه به نه لکي سگهيو آهيان. ائين ڪونهي ته
لکڻ جي ڪا نه ڪئي اٿم. پر لکيو پڙهيو ور ڪريو
ڦاڙيو ڇڏيان. ڀانيان ته مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي،
سندس عظمت ۽ بلندي لاءِ پورو خراج عقيدت ڪونهي ۽
مان انهيءَ ۾ ڪوتاهي ڪري رهيو آهيان.
تو کي ته خبر آهي ته سندس مانُ ۽ شانُ ڪهڙو ڪيترو
آهي. انهيءَ لاءِ ائين ڪجهه لکي ڇڏيان، سو ڪجهه
سونهي نٿو. سنڌي اديبن جيڪو جيجل جي وفات جي موقعي
تي ٿڌائي ۽ ڌاريپ کان ڪم ورتو آهي، تنهن اسان جو
ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو آهي. جيجي بيگم زينت چنا جو نالو
انهيءَ لاپرواهي ڪري ڪو تاريخ ۾ هيٺ مٿي ڪو نه
ٿيندو، باقي ائين ضرور آهي ته تاريخ اهڙن احسان
فراموشن تي ضرور ڏکُ ڪڍندي جيڪي جيجي جي لاءِ رڳو
تعزيتي ٺهراءُ بحال ڪرڻ کان به ويا.
هونئن به ڪنهن جي ڪرڻ ۽ چوڻ سان ڪنهن شخصيت جو
نالو تاريخ مان نڪري سگهيو آهي؟ جيجي اڄ اسان وٽ
نه آهي ته سندس ڪيل يادگار ڪم اسان وٽ موجود آهي.
سندس ماهوار رسالو ”مارئي“ ۽ پوءِ هفتيوار رسالو
”مارئي“ موجود آهن. سندس ڪيتريون لکڻيون ”مهراڻ“،
اديب ۽ سنڌ ۽ ٻين رسالن ۾ موجود آهن. سندس اهي
ڪوششون يادگار آهن، جيڪي هن جديد ادب لاءِ ان جي
معمار سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪيون. مون کان سنڌي
اديبن جو اهو تاريخي جلوس نٿو وسري، جيڪو ايوب جي
دور ۾ احتجاج جو کليل عَلم هو، ۽ جنهن جي رهبري
بيگم زينت چنا ڪئي هئي.
روح رهاڻ جي هر جشن ۾ تون به هئين. سندس مددون،
ليکڪن کي
انعام ڏيڻ، مانيون کارائڻ ۽ همٿائڻ ڪو ڪنهن کان
وسرندو. سندس خير جو هٿ هميشه ليکڪن ۽ ضرورتمندن
لاءِ کليل رهيو. جيجل اڄ به زنده آهي. سندس عظمت
ڀريو نانءُ سنڌي ادب لاءِ اڄ به ڇپر ۽ ڇانءُ آهي.
سنڌ جو نئون نسل کيس ڪڏهن ڪو نه وساري سگهندو. تون
ڏسندين ته سندس نمبر به نڪرندو، ورسيون ملهائبيون،
جي سنڌ ۽ سنڌ واسين جو ضمير زنده آهي ۽ جي هو
”جيجل“ جو علامتي نشان جو سنڌ لاءِ مامتا جو نشان
آهي، هميشه زنده رکڻ چاهين ٿا ته کين جيجي چنا کي
ورجائڻو پوندو. مون کي اميد آهي ته سنڌ جو اديب
نيٺ انهيءَ ٺيڪيداري جي ڄار مان نڪرندو ۽ اهو
سچائي جو علم بلند ڪندو، جيڪو جيجل اسان کي ڏنو
هو.
اهو به ڪڏهن ٿيو آهي ته اسين سنڌي ماڻهو سنڌ جا،
پنهنجي عظمت جي نشانيءَ کي مٽائي ڇڏيون.
اسان جيجي چنا کي ”سنڌ جيجل“ جو علامتي نشان ڪري
ورتو هو، اهو جي ميٽيو ۽ ڪنهن ميٽڻ جي ڪئي ته پوءِ
مان انهيءَ ڏينهن سنڌ ۽ سنڌين جا گڻ ڳائڻ ڇڏي
ڏيندس. ان ڏينهن منهنجو ايمان سنڌيت ۽ انسانيت مان
نڪرندي ويندو.
مان ڪن يارن ۽ دوستن کي گڏ ڪري سندس نمبر ڪڍرايان
پيو. ان سلسلي ۾ جلد توسان ملندس ۽ صلاح مصلحت
ڪبي.
تازو جيجل جو چاليهو ٿي گذريو. ان موقعي تي محترم
پروفيسر محبوب علي چنا صاحب، جيڪو جيجل جو پيارو
ڀاءُ ٿئي، هيءُ مضمون لکيو آهي، جو مان توڏي
موڪليان ٿو اميد ته سندس جذبات نگاري کان اديب
دوست متاثر ٿيندا.
شال خوش هجين، آباد هجين!
قرب منجهان تنهنجو پنهنجو
حميد سنڌي
دنيا جي فنا جو نقشو سامهون آهي، پرويچارو غافل
انسان دنياوي ڪشش ۽ آرائش ۾ ايترو ته مصروف آهي جو
پاڻ کي ”دنيا“ جو ئي ڪري سمجهي ٿو.
ڪلهوڪي ڳالهه آهي جو پاڪستان ٺهڻ کان ٻه مهينا کن
اڳ،
منهنجي
ايم. اي. جي شاندار نتيجي نڪرڻ بعد، مٺڙو بابا
سائين راهه رباني وٺي، امڙ، منهنجي ٻن ڀينرن ۽ مون
کي ڦوڙائي جو داغ ڏيئي روانا ٿيو. ساريءَ بمبئي
يونيورسٽيءَ ۾ پهريون نمبر اچڻ سبب بمبئي
يونيورسٽيءَ طرفان مون کي سونو ٻلو ۽ ولايت وڃي
ڊاڪٽريٽ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي. اهڙو پريس نوٽ
بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان بابي سائين جي ٽيجهي تي
شايع ٿيو. جيجل کي پيرين پئي، اها خوشخبري ٻڌايم.
پر سندس شفيق اکڙين مان لڙڪ لڙي آيا. ڇو ته هوءَ
پنهنجي لخت جگر کي ڏورانهين ڏيهه ڏي ڇڏڻ لاءِ تيار
نه هئي. مون کيس مودبانه عرض ڪيو ته ”امي، مان تو
کي ڇڏي نه ويندس.“ ٿيو به ائين. پر ڪعبه و قبله
امڙ جي اڻوٽ آسيسن ڪري، قادر مطلق دنيا ۾ علم ادب
خواه دنياوي مرتبي جو اهو مقام عنايت ڪيو آهي جو
شايد ڪنهن ڊاڪٽر صاحب کي حاصل هجي. الحمد الله
عليٰ ذالڪ.
اڃا بابي سائينءَ جي ڦوڙائي جو داغ تازو هو ته
جيءَ کي جياريندڙ جيجل، جهوري جي دائم لوري هڻي،
5- صفر 1375 هه مطابق 22 سيپٽمبر 1955ع تي، ٻن
ڀينرن ۽ مون کي هن دولابي دنيا ۾ ڇڏي پاڻ وڃي مٺي
مولا سائينءَ سان ملي. ان ڪاري ضرب جو اثر ”محبوب“
جي دل جي تهين مان ”جيجل جي جهوري“ جي عنوان سان
دوهن ذريعي ظاهر ٿيو، جنهن جا درد نومبر 1955ع جي
ماهنامه ”نئين زندگي“ جي ورقن ۾ نمودار ٿيا.
مان پنهنجي انگريزي، اردو ۽ سنڌي ڪتابڙن، بعنوان
”سنڌي ادب جا مختلف رجحانات“ ۾ ڄاڻائي آيو آهيان
ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي ملازمت دوران، بي پناهه
محنت ۽ مشقت ڪري، لازوال ساٿي ”ذيا بيطس“ جو پرو
مون کي جولاءِ 1954ع ۾ پيو. منهنجي همشيره مرحومه
بيگم زينت عبدالله چنا کي به هن ساڳي سال جي ڊسمبر
مهيني ۾ هن موذي مرض جي معلوميت ٿي، جو آخر اديءَ
جي هتان لڏڻ جو قادر مطلق طرفان سبب بنيو.
اهڙيءَ طرح منهنجي ”ڀاڳوند ڀيڻ“ اسان سڀني کي
مفارقت جو اڻ ميٽجندڙ داغ ڏيئي، ناقابل تلافي خال
ڇڏي، 12 جولاءِ 1974ع، بمطابق 20 جمادي الثاني
1394 هه، جمعي جي ڀلاري ڏينهن، ملڪوتي ملڪ ڏانهن
اُسهي. شال مٺو مولا سائين مرهيس! آمين.
جيئن ته مان اديءَ کان فقط 3 سال ننڍو آهيان، ۽
ننڍي هوندي کان اسان جو ساٿ بلڪل ”ڪڙو منجهه ڪڙي“
وانگر رهيو آهي، تنهن ڪري ”جيجي“ جي متعلقن فداين
لاءِ سندس زندگيءَ جا چند اهي چٽڪا پيش ڪريان ٿو.
جي شايد ٻين سڄڻن کان اوجهل هجن ۽ انهن لاءِ درس
عبرت ۽ عمل ثابت ٿين.
(1) مرحومه مغفوره هميشره مڪرمه بيگم زينت عبدالله
چنا 4 جنوري
1919ع بمطابق 1 ربيع الثاني 1327 هه سيوهڻ شريف جي
پاڪ خاڪ ۾ جنم ورتو. جناب والد صاحب مرحوم و مغفور
محمد صالح چنا پوسٽ ماسٽر هئا، ۽ اسان جو خاندان
خدا تعاليٰ جي نوازش سان علم جو گهوارو رهيو، اسان
جي خاندان جا مرد خواهه عورتون قرآن شريف جا حافظ
هئا ۽ شهر جي سڀني معزز خاندانن جا اُستاد رهيا.
امڙ به پڙهيل، سفيد پوش، اوسط درجي جي گهر ۾ پيدا
ٿي.
(2)
اديءَ جي تولد کان ٿورو اڳ مرحوم مرزا قليچ بيگ جو
ناول ”زينت“
شايع ٿيو هو، جنهن ۾ مکيه ڪردار ”زينت“ سان گڏ
”محبوب علي“ نالي جو به ٻيو ڪردار هو. جڏهن امڙ جي
نظر مان هي ڪتاب نڪتو، تڏهن تهيو ڪيائين ته ان بعد
مون کي جيڪڏهن ڌڻيءَ طرفان ڌيءَ ۽ پٽ عطا ٿيا ته
مان سندن نالا ”زينت“ ۽ محبوب علي“ رکنديس. ٿيو به
ائين جو ادي جو نالو ”زينت“ ۽ بندي جو نالو ”محبوب
علي“ رکيو ويو. ان سبب ڪري، ”زينت“ ناول منهنجي
پسنديده ڪتابن مان هڪ
آهي.
(3)
امڙ کي اولاد خير ڪي بچندو هو. جواني جو پهريون
لاڏلو، ادو غلام قادر، ننڍي هوندي ئي الله جو ٿي
ويو. ان بعد ادي وڏي، صاحب خاتون (بيگم علي محمد
ڪوريجو، الله حيات درازه بخشيس) پيدا ٿي. ان بعد
هڪ نياڻي ۽ ٻه پٽڙا جدا ٿيا. ان کان پوءِ ادي زينت
هن دنيا ۾ رونق افروز ٿي. ان ڪري امڙ جو پيار ادي
ننڍي تي سرس هو. ادي جي تولد کان ٽن سالن بعد مون
هن عالم ۾ اکيون کوليون. والدين خواهه چاچي سائين
(بابا وڏي) يا مامي وڏي جن کي نرينو اولاد ڪو نه
هو. ان ڪري گهر ۾ سڀني بزرگن جي شفقت ۽ محبت جو
مرڪز ۽ محور رهيس. اهڙي طرح، ننڍڙي زينت به بيحد
محبت ڪندي هئي ۽ هر لمحي ننڍڙي محبوب کي پيئي
کيڏائيندي هئي.
(4)
اهڙي اڻمئي محبت جي عالم ۾ ٻئي ڀيڻ ۽ ڀائر وڌياسين
۽ ويجهياسين. ادي ته مون سان بيپناهه پيار ڪندي
هئي ۽ شيون کارائيندي هئي.
پر مان هوس اُتيتي، يعني ڄائو هوس سندس مٿان، ان
ڪري ڪنهن
ڪنهن مهل کيس تنگ ڪندو هوس. امڙ ته امڙ هئي، پر
منهنجي پرورش چاچي وڏي (اما وڏي) پنهنجيءَ پير
ساليءَ باوجود ڪندي هئي. پنهنجي امڙ کي امان ننڍي
سڏيندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ادي مون کي زبان سان ڪجهه
چوندي هئي ته مان کيس ڌڪ هڻي ڪڍيندو هوس ۽ واڪا
ڪري چوندو هوس، ”اما وڏي! امان وڏي!“ امان وڏي ۽
اما ننڍيءَ جي وچ ۾ تون ڇا؟ تون ڇا؟ شروع ٿي ويندي
هئي. وڏو ٿيس، شادي ڪيم، ته به اديءَ کي ڦٽائيندو
رهندو هوس. شايد هي ذڪر هيٺ اچي. پر پاڻ ۾ قرب جو
ڪمال هوسين.
(5)
ادي ننڍيءَ کي ننڍي هوندي ماتا ٿي پيئي. تمام چچ
هئي، ڄڻ ته ڪنهن سرنهن گهري ڇٽي آهي. ان عالم ۾ به
مان وڃي اديءَ کي مٺيون ڏيندو هوس ۽ پيار ڪندو
هوس، حالانڪ امان جن مون کي منع ڪنديون هيون. الله
۾ آسرو هو، پر جيئن ته اديءَ کي ديس جي ادب،
صحافت، معاشرت جي حلقن جي زينت بنجڻو هو، ان ڪري
قادر مطلق کيس نئين حياتي بخشي، ادي سان گڏ رهڻ
ڪري مون کي به ماتا ٿي پر وڏن ڪڻڻ واري.
(6)
ڪريم جي ڪرم سان ادي مرحومه ننڍي هوندي کان ڏاڍي
ذهين هئي. هندن جو هر قدم تي زور هو. سيوهڻ شريف ۾
اُهي هر گام ۾ اڳرا هئا. ڇوڪرين جي اسڪول ۾ مسلمان
نينگريون اٽي ۾ لوڻ کان به گهٽ هيون ادي انهن
مسلمان نينگرين مان هئي، جن تعليم جي دائري ۾ به
نالو ڪڍيو. سنڌي ڪاميٽيءَ اعزاز سان پاس ڪيائين.
انگريزي پڙهڻ جو ان وقت خواب خيال به نه هو. ان
ڪري جناب والده صاحبه سوچيو ته کيس حيدرآباد جي
زنانه ٽريننگ ڪاليج ۾ پڙهائي ماسترياڻي ڪرائجي،
جيئن مستقبل جي اڻسهائيندڙ اوٽن کي منهن ڏيئي
سگهي. ان وقت جو ماحول زناني تعليم جي سخت خلاف
هو، سو امڙ ڳالهه چوري سو چوري ڪئين! آخر گهر ۾
آهستي آهستي ڪري بابا سائينءَ سان ڳالهه چُري.
پهريائين پهريائين بابي سائينءَ مخالفت ڪئي. چئي،
نياڻي گهر جي پرورده، سوتون ڪيڏانهن ٿي پرديس ۾
رلائينس پاڙي وارن ۽ رشتيدارن به چميگويون ڪيون.
پر امڙ جا هئي پختي ارادي جو مجسمو، سا ڪٿي ٿي
هٽي. آخر اديءَ زينت کي امڙ حيدرآباد وٺي وڃي
زناني ٽريننگ ڪاليج ۾ داخلا ڏياري. سڄي ڪاليج ۾
اسان جي همعصر قوم جو غلبو هو. هاسٽل جي وارڊن هڪ
بيبي صاحبه هئي، جنهن جيجل کي خاطري ڏياري ته
ننڍڙيءَ نينگر جو چڱيءَ طرح خيال رکبو. اسان جا
پراڻا سڄڻ، چاچا حاجي پير محمد ۽ دادا نظر محمد،
کاهي روڊ جي خدا آبادي محلي وارا هئا، جن جو رستو
قبله والد صاحب جن سان 1905ع کان وٺي هو:
انهن به خاطري ڏياري ته ادي صاحبه جو پورو خيال
رکندا، موڪلن جي
ڏينهن تي اُهي صاحب ادي جن کي پاڻ وٺي ايندا هئا.
مامو ننڍو، مرحوم شير محمد چنا جن به حيدرآباد ۾
هئا. اهي به گاهه بگاهي اديءَ جن جي خبر رکندا
هئا. انهن خاطرين جي ماحول ۾ امڙ ادي کي ڇڏي، پاڻ
سيوهڻ شريف آئي. ادي جو هي پهريون دفعو گهر کان
ٻاهر نڪرڻ جو موقعو هو، سو جڏهن امڙ هن سان ٽريننگ
ڪاليج جي هاسٽل ۾ آخرين طور موڪلائي، ڳوٺ اچي رهي
هئي ته ادڙيءَ ايترو ته رنو جو سندس اکيون سڄي
پيون، پر امڙ ايترو ته دل کي ظاهري طور پڪو ڪيو جو
ننڍڙيءَ زينت کي ائين چوندي موڪلايائين ته ”اهو ڇا
آهي؟ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ائين نه ڪبو آهي.“ اهي
مٺڙيون حقيقي ٻوليون هن غمزده جيجي امان ۽ مٺڙيءَ
ادي کان ٻڌيون، جي مان سڄڻن لاءِ پيش ڪري رهيو
آهيان.
(7)
ادي مرحومه نامساعد حالات ۾ ڪاليج جا ٽي سال خير
خوبيءَ سان پورا ڪيا. پاڻ گهر کان ٻاهر نه نڪتي
هئي، ۽ هئي جذباتڻ، سو ويچاري کي ٽپي ٽپي تي
تڪليفون درپيش آيون. پر ادي ۾ امڙ جي پختگي ۽ بابي
سائين جي صالحيت هئي، ان ڪري قلندر وارو مقابلو
ڪري، ڪاليج وڏي اعزاز سان پورو ڪيائين.
(8) ادي مرحومه جڏهن خير خوبيءَ سان ڳوٺ پهتي ته
سندس نوڪري جو سوال هو. گهر وارن چاهيو ٿي ته
سيوهڻ ۾ ملي، پر ڪجهه عارضي وقت لاءِ ٽلٽي ۾ نائبي
ملي. مان به پنجون انگريزي پڙهندو هوس. بابا
سائين، مان، ادي، سان گڏجي، ڊاڪٽر مرحوم دائود
پوٽي جي محلي ۾، سندن عزيزن جي جاءِ ۾، ديوان
ڊنگومل ڊپٽي ڪليڪٽر جي بنگلي ويجهو وڃي رهياسين.
رب جي فضل سان، والدين مڪرمين جي تربيت سان، ننڍي
هوندي کان نماز نصيب هئي. ادي مرحومه به پابند
هئي. مون کي ”والعصر“ تائين سورون مبارڪ ياد هيون.
اُتي ٽلٽيءَ ۾ ”تڪاثر“ سوره ياد ڪيم ڏاڍي خوشي
هئي. پاڙي جي ٻارن سان ڀر واري ڍنڍ مان پٻڻيون هٿ
ڪري اچبيون هيون. بابا سائين پٻڻيون ڦوڙي اسان کي
کارائيندا هئا. سبحان اللهٰ! ڪهڙو نه سٺو وقت هو.
ان وقت ۾ ٽلٽيءَ جي به ڀلان ڀل هئي. بازارن ۾ به
رونق هيس. سندس پيڙن جي هاڪ ڏينهان ڏينهن مشهور
هئي. هڪ ڳالهه مون کي چٽي طرح ياد آهي ته بازار
مان ٿيندا جڏهن گهر ڏانهن روانا ٿيندا هئاسين ته
ديوارين تي اڄڪلهه جي ٺلهن ۽ دل آزاريندڙ نعرن
بدران لطيف سائين جو نياز ۽ نماڻائيءَ وارو بيت:
ستر ڪر ستار آءٌ اُگهاڙي آهيان
ڍڪين ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناهه جو
ٿلهن ڪارن اکرن ۾ لڳل هو. خير، ٽلٽيءَ وارو تمام
ٿورو عرصو ڪاٽي، اسين وري سيوهڻ شريف آياسين، جو
اديءَ کي اتي اسسٽنٽ ماسترياڻي جو عهدو مليو. بنهه
ٿورو وقت هن عهدي تي هئي. ان بعد جلد ئي هيڊ
ماسترياڻي ٿي.
(9)
هي ڳالهه ياد ڪرڻ گهرجي ته سيوهڻ شريف ۾ لعل شهباز
قلندر جو تصرف نه رڳو مسلمانن تي هو، پر هندن تي
به. هندو به سندس پريت وارا پڄاري هئا. ان ڪري
هندن جي به سيوهڻ شريف ۾ ڪافي آدمشماري هئي، ۽
هيٺين محلن ۾ خاص ڪري هندو صاحب ساڪن هئا. جيئن،
ٺڪرن جو محلو، لالائن جو محلو، قانوگن جو محلو،
کڏ، ٺٽ، نئين وغيره سو عرض پئي ڪيم ته اديءَ جن جو
زنانو اسڪول ديوان آيمتراءِ جي جاءِ ۾، شهر جي
مٿئين مغربي طرف هوندو هو. يعني اسان جي گهر کان
گهڻو پري. اسان جي گهر مسلمانن جون با پردي
نياڻيون صبح جو اچي گڏ ٿينديون هيون. جي ولر ڪري
ادي مرحومه سان گڏ اسڪول وينديون هيون. امڙ صبح جو
ادي جي نيرن جو ڏاڍو خيال ڪندي هئي. سيوهڻ جي گرمي
مشهور، توبه توبه، جيئن ڪانءَ جي اک پيئي نڪري. ان
وقت ادي جو باپردي اچڻ ۽ وڃڻ وڏي آزمائش هئي. پر
تمام وڏيءَ ڪاميابي سان ان آزمائش ۾ پار ٿي.
(10)
اديءَ جي اسڪول جي اردگرد هندو ديوانن جا گهر هئا.
اديءَ جي مٺيءَ طبع ڪري سندس هندو ساهيڙيون به
ججهيون هيون، جن مان ديوان عالم چند جي ٻن نياڻين،
ديوي گوپي ۽ دادي ڀاڳيءَ ۽ انهن جي ماروٽ دادي
رامي جا نالا پيش آهن. شادي شده هوس. هي داديون
اسان جي گهر اينديون هيون ته رامچند ۽ گوپچند جا
نالا سر سان وٺي، مان ادي مرحومه کي پٽائيندو هوس،
۽ ادي واڪا ڪري چوندي هئي ته ”ادا هي ڇا آهي؟ اما،
ادا کي سمجهايو.“ بس، امڙ جي تابناڪ رڙ نڪرندي هئي
ته ”محبن! اهو ڇا آهي؟“ ان بعد مان ماٺ ڪري ويهندو
هوس. ڪهڙا نه مٺا ڏينهن هئا هت مرحوم سيد حافظ
شاهه پرديسي حيدرآبادي جو حقيقت افروز نظم ننڍيءَ
اوستا بابت ياد اچي ٿو، جڏهن مرحوم حافظ شاهه اهي
سٽون رديف طور ڪم آڻي ٿو ته ”ڪهڙا نه مٺڙا
ڏينهڙا.“
(11)
ان وقت اديءَ مرحومه کي هسٽريا جي بيماري ٿي ۽ کيس
فائدو حڪيم
\
مرحوم الله بخش بوبڪائيءَ ۽ ڊاڪٽر عبدالعزيز آخوند
جي دوائن مان ٿيو. حڪيم صاحب جا پوسا ته ڪيترا سال
سانوڻي ۽ اونهاري ۾ ادي مرحومه کي پياريندا
هئاسين.
(12)
هن در ناياب لاءِ گهڻن ئي سودارن گهر ڪئي. پر هي
محترم مڪرم برادم عزيز من عبدالله خان چنا جي تاج
لاءِ منظور هو، ۽ انهن ٻنهي ادب جي شهپارن جي شادي
خانه آبادي 13 آگسٽ 1944ع ۾ ٿي. مون کي ياد آهي ته
معمول جي خلاف صبح جو نڪاح پڙهيو ويو، ۽ ابر رحمت
نيڪ شگوني جون علامتون کڻي وسي رهيا هئا. ان وقت
ادا جن سيوهڻ جا ڊيپوٽي ڪليڪٽر هئا. ان ڪري سندن
قيام مشهور سيوهڻ جي قلعي واري ڊاڪ بنگلي ۾ هو.
مينهن اهڙو اوڙيڪ سان پيو جو مان اديءَ جن وٽ گوڏ
سان، پير اگهاڙا، لٺ هٿن ۾ کڻي، ٽئي ڏينهن صبح جو
مس پهتس. خير سان اديءَ مرحومه کي 3 نياڻيون هڪ
فرزند آهن. الله شال شاد ۽ آباد رکين، آمين!
ماشاءَ الله سڀ ذهين ۽ هوشيار آهن وڏي نياڻي،
ڊاڪٽر نصرت بلوچ، ڪولچسٽر انگلينڊ ۾ اسپتال جي
ڪنسلٽنٽ آهي؛ ٻي نياڻي سکر جي گورنمينٽ ڪاليج ۾
انگريزيءَ جي ليڪچرار آهي؛ ٽيون نمبر پٽڙو، شوڪت
(جنهن کي اسين پيار وچان راجا چئون ٿا) فرسٽ ڪلاس
۾ انجنيري پاس ڪري آمريڪا روانو ٿي ويو آهي ۽ ننڍي
نياڻي اڃا ڊاڪٽري پڙهي پيئي ان فرزند ۾ ادي مرحومه
جو ساهه هو، جو گويا انڌن آڏو لٺ هو. آخر ۾ جڏهن
سندس آمريڪا جي ويزا اچي ويئي ته ادي مرحومه جي
طبع ڍرڪڻ شروع ڪيو. سندس وڃڻ بعد ويچاري راجا
ولايت وڃڻ تان بان ڪري ڇڏي، پر سندس ڀينرن ۽ والد
صاحب ۽ اسان کيس همت ڏياري، اديءَ مرحومه جي چهلم
بعد روانو ڪري رهيا آهيونس. شال رب سائين وڌائيس
آمين!
(13)
ادي مرحومه پنهنجي ڀينرن ۽ ساهيڙين جو وڏو حلقو
ڇڏي ويئي آهي.
سندس چاليهو 15 آگسٽ تي ٿي گذريو. ان ۾ سندس متعلق
فدائي ڀينرون، ساهيڙيون ۽ ساٿياڻيون، گهڻي تعداد ۾
گڏ ٿي، لطيف سائينءَ جي آواز ۾ پڪارينديون رهيون
ته:
اڄ نه اوطاقن ۾ سي طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين.
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
شال مٺو مولا منهنجي ڀاڳوند ڀيڻ کي مرهي. (آمين)
ريڊيو حيدرآباد ۽ ادب
تازو جڏهن محترم سڪندر بلوچ ۽ ڀاءُ نصير مرزا مون
وٽ هلي آيا ۽ ٻڌايائون ته ريڊيو پاڪستان وارا
گولڊن جوبلي جو جشن ملهائي رهيا آهن ته مون کي
اُهو ڏينهن ياد اچي ويو 14-آگسٽ 1947ع منهنجي چاچي
اسان ننڍڙن کي ساڻ ڪري سڄي گهر جي بتين جا بٽڻ هيٺ
ڪرائي، ڏيئن ۽ ڏياٽين جهڙو، ڏينهن ڪرائي جشن
ملهايو هو، سڪندر ۽ نصير ڄڻ ته نئين سر اڄ اسان
سڀني کان بٽڻ هيٺ ڪرائي ڏيئن ۽ ڏياٽين جهڙي روشني
سان جشن ملهائي رهيا آهن، پر آءُ اُن ڏينهن کان
پريشان آهيان، جو هنن چيو ته ريڊيو حيدرآباد جي
حوالي سان پنهنجي يادگيرن جي سفر سان هن سڄي جشن ۾
ڪي ڏيئا، ٻاريان ڪا ڏياٽي، ڪا مشعل جهليان، جو
آواز جي دنيا جا دوست به هن خوشيءَ ۾ شريڪ ٿين.
اندر ۾ روشني ٻاري اُن کي گهڻو وقت روشن رکڻ وڏي
دل گُردي جو ڪم آهي، ڇا ڪاڻ ته هر روشن دل پاڻ کي
ٻاري ٻين جون دليون روشن رکندي آهي ۽ پوءِ کيس
روشني وري ٻين دل وارن کان ملندي آهي. اهو سلسلو
صدين کان جاري آهي.
اڄ اسان جڏهن ٻرڻ ۽ ٻارڻ واري تسلسل مان نڪري اهڙي
هنڌ تي پهتا آهيون، جڏهن اندر ۾ نهاريون ٿا ته ڪٿي
به ڪو ڏيئو يا ڏياٽي ٻرندي نظر نٿي اچي باقي دل جو
دُود آهي جو دُکندو نظر اچي ٿو اُن چڻنگ کي وڌيڪ
دُکائڻ ۽ ڀنڀٽ باهه بنائڻ لاءِ اُنهن جي روشني جي
منارن ڏانهن واجهائڻو پوي ٿو جيڪي دل وارا هيا ۽
پنهنجي پاڻ کي ٻاري، ڪيترين ماڻهن ۽ ادارن جا اندر
اُجاري ويا! ادبي ادارا هجن يا آواز جي دنيا جا
امين اِهي ادرا هجن، انهن مڻيادار ماڻهن بزرگن ۽
مفڪرن جي ٻاريل روشن مشعلن کان سواءِ ڪجهه به نه
آهن اسان جي يادگيرين جي ورقن تي انهن جا صرف نالا
اُڪريل آهن، جن ادب کي اُجاريو ۽ هنن ادران کي
سنواريو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اهڙو ادارو آهي،
جنهن بنيادي طرح اهڙي فڪر جا ماڻهو آندا جن
مڻيادار ماڻهو ميڙي پنهنجي دونهي دُکائي ۽ انهن جي
مڻيا سان پنهنجو اڱڻ روشن رکيو.
ريڊيو پاڪستان سان لاڳاپيل احباب خود اهڙا جوهر
شناس هئا جوهُو هن اداري کي روشن رکڻ لاءِ علم ۽
ادب جي سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي ڪئين موتي ڳولي ڪڍي آيا،
هن فن ۾ هنر جا صاحب ڪئين هيا: ذوالفقار بخاري.
جيڪو ”زيڊ اي بخاري“ جي نالي سان مشهور هو، ۽ آل
انڊيا ريڊيو ڇڏي ريڊيو پاڪستان جو پهريون ڊائريڪٽر
جنرل ٿيو، هن اداري جو ڄڻ ته پڪو پختو بنياد وجهڻ
وارو هو. مشهور ليکڪ ۽ آواز جو بادشاهه پطرس بخاري
سندس ڀاءُ هو اُن جو تخليقي فن ريڊئي جي لاءِ وڏو
سرمايو آهي.
سي پوڄارا پُر ٿيا، سمنڊ سيويو جن،
آندائون عميق مان، جوتي جواهرن،
لڌائون لطيف چئي، لعلون مان لهرن،
ڪانهي قيمت تن، ملهه مهانگو اُن جو.
(شاهه)
جڏهن 1955ع ۾ اُن وقت جي وفاقي وزيراطلاعت ۽
نشريات پير علي محمد شاهه راشديءَ ذاتي توجهه۽
تحريڪ سان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي وجود ۾ آيو
ته سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان هنن کي اڱڻ
اُجارڻو هو.
سنڌ جي تاريخ جو پنهنجو پس منظر آهي.اُن جي ٻوليءَ
جي پنهنجي سواد ۽ ميٺاج آهي.سنڌ پنهنجي تاريخ جي
تهذيب، ٻولي ثقافت، ۽ موسيقيءَ جي سگهه سان صدين
کان وٺي عام ۽ خاص جي دلين تي راڄ ڪندڙ هڪ قوت آهي
جنهن کي نزاڪت ۽ نفاست سان آواز جي لهرن وسيلي
ورجائڻ ڪو سولو ڪم نه هو، ريڊيو حيدرآباد هڪ
ڪلوواٽ جي ٽرانسميٽر سان، هومسٽيڊهال جهڙي عام ۽
ننڍڙي عمارت ۾ قائم ٿيو.مختصر عمارت، مختصر سامان.
۽ مختصر ماڻهو! پر انهن مختصر ماڻهن منڊل مچائي
ڇڏيا. ذوق سليم وارا ماڻهون ڇڪجي آيا. نوجوانن جا
ميڙ لڳي ويا. آڊيشن پيا ٿين، راڳي پيا راڳ ڳائين،
مشاعرن جا منڊل پيا ٿين، ناٽڪ نويس پنهنجي ناٽڪن ۽
ڪردارن سان گڏ سڄي سنڌ کي سنوارڻ جو عزم ڪيو پيا
اچن مقرر پنهنجي تقريرن وسيلي پنهنجي ڏاهپ جا نقطا
پيا بيان ڪن، ٻارڙا پيا گيت ڳائن، ٻارڙن ۽ عورتن
جا الڳ پروگرام پيا ٿين. پر انهيءَ سڄي سلسلي کي
سنوارڻ ۽ ڳنڍڻ لاءِ ڪيترن ئي ڊائريڪٽرن، پروگرام
پروڊيوسرن، ڊيوٽي آفيسرن ۽ انجنئرن ڏينهن رات محنت
ڪئي.
1962 ع ۾ موجود نئين عمارت ۾ حيدرآباد ريڊيو وارا
لڏي پلاڻي آيا. 1971ع ۾. 120 ڪلو واٽ جو هاءِ پاور
ٽرانسميٽر لڳو ۽ ٻه چينل ٿيا. شروع کان وٺي ريڊيو
جا ڊائريڪٽر سجاد حيدر، حميد نسيم، ايم، بي،
انصاري، اي ايم، چاڳلا، الياس عشقي، عنايت بلوچ،
بدرعالم، آغا سليم، شڪيل فاروقي ۽ ٻيا انهيءَ ڪوشش
۾ رڌل رهيا ته مڻيادار ماڻهو مڙن ۽ ميلومچي، ڪيترا
نوجوان پروڊيوسرن جي صورت ۾ ايندا ويا؛پيراسحاق
سرهندي، الله بخش شاهه، مصطفيٰ قريشي، سڪندر بلوچ،
انور بلوچ، ممتاز مرزا، سرور بلوچ، عبدالڪريم بلوچ
۽ ٻيا ڪيترا.
سنڌي ادب ۽ تحقيق جي حوالي سان هن اداري، هوا جي
لهرن تي جيڪي ڪجهه ڏنو اُهو سمورو مواد جي گڏ ڪجي
ته هزارين ڪتاب ٺهي سگهن ٿا ۽ ڪوڙين ڪايائون بدلجي
سگهن ٿيون.
هومسٽيڊ هال ۾ هڪ نئون تجربو ڪيو ويوته سنڌي
شاعريءَ جي بنيادي ۽ اهم صنف ”ڪافي“ جو مشاعرو ڪيو
ويو، جنهن ۾ سنڌ جي معروف ڪافي گو شاعرن ريڊيو
وسيلي نه رڳو پنهنجون ڪافيون پيش ڪيون، پر مشهور
ڳائڻن اُن کي ڳايو به.
جهڙي طرح شاهه ۽ سچل کي ماڻهن ڳايو ۽ اهي صوفي
بزرگ هر ڪچهريءَ جي جان هئا تهڙيءَ طرح حيدرآباد
ريڊيو اسان جي سمورن صوفي بزرگن ۽ شاعرن جي ڪلامن
سان هرٻڌندڙ جي اندر کي روشن رکيو، شاهه سچل،
سامي، ميون شاهه عنايت، بيدل، بيڪس، روحل، دريا
خان مصري شاهه، صديق فقير، منٺار فقير، شاهه نصير،
خوش خير محمد، نانڪ يوسف، فقير ولي محمد لغاري،
زمان شاهه، رکيل شاهه ۽ سرائيڪي شاعرن بُلي شاهه،
خواجه فريد ۽ ٻين صوفي فڪر جي ڪلامن کي عام ڪيو،
شاهه سائينءَ جي هيءَ وائيءَ ڏسو:
ڇوري ڇڏ ۾ ڇپرين، ٻاروچل ٻانهي!
جانب جهڙو جڳ ۾ ناهي ڪوثاني،
پنهل نيو پاڻ سان پورهيت پرٽياڻي،
پورهيو ڪنديس پِرلئه، ڀريندس پاڻي،
هوت مَ ڇڏيو هيڪلي هيءَ جا وندر وڪاڻي،
اديون عبداللطيف چئي ايندم آرياڻي.
سچل سائينءَ جو”دل ڪر درخت جي دستور“ هجي يافقير
خوش خير محمد جو سنيهو،
رحُ رانجهن ماهه مُنير هويا،
ساڌا دمَ دمَ ساهه سُڌير هويا.
خواجه غلام فريد ”ميڏا عشق وي تون“هجي يا بُلهي
شاهه جوڪلام هجي، سنڌ جي شاعرن انهيءَ ڪافي، وائي،
بيت۽ غزل جي تسلسل کي قائم رکيو، ٽمامي مهراڻ هجي،
ماهوار روح رهاڻ هجي، ماهوار فردوس هجي، ماهوار
مارئي هجي يا ٻيا ادبي رسالا هجن، پنهنجي فڪر ۽ فن
کي سنڀاليو پئي آيا،
ريڊيو حيدرآباد هڪ اهڙو پليٽ فارم بڻيو، جت هنن
پاڻ اچي شعر ٻڌايا ۽ فنڪارن سندن شعر ڳايا، مخدوم
محمد زمان طالب الموليٰ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم
خليل، محمد خان غني، سرشار عقيلي، سيد منظوري
نقوي، شيخ عبد الحليم جوش، مرزا گل حسن”احسن“
ڪربلائي، مرزا اجمل بيگ، مرزا اسد بيگ، زيب عاقلي،
”بيخود“حسيني، شبير”هاتف“، نياز همايوني، تنوير
عباسي، بلاول پرديسي، علي محمد مجروح، رشيد احمد
لاشاري، مظفر حسين”جوش“ عبدالله خواب، شمشير
الحيدري، نُور شاهين، عبدالقيوم صائب، امداد
حسيني، پروانو ڀٽي، مرتضيٰ ڏاڏاهي، وغيره، مخدوم
طالب الموليٰ جڏهن ريڊيو جي مشاعريءَ ۾ هيءَ شعر
ٿو پڙهي ته ريڊيو تي سندس گونجندڙ آواز سان چوڌاري
بهار جو سمو پيدا ٿي پوي ٿو،
رهي ٿي ڪانه دلبر يار يڪتائي ٻيائي ۾،
جدائي ٻن پوي، ملندي حقييقت هيڪڙائي ۾،
سڄڻ چوڏهينءَ جي آهي چنڊ کان برتر خدا جو سنهن،
ٻڌائي ڪو ڀلا ٿيندي ڪڏهن اوندهه سهائي ۾.
اُنهن فنڪارن کي به ڪيئن ٿو وساري سگهجي جن سنڌي
شاعريءَ کي دوام بخشيو؛ ماسٽر محمد ابراهيم، محمد
جمن، استاد منطورعلي خان، ناروڀڳت، سُشيلا مهتاڻي،
فقير عبدالغفور، فقير امير بخش، روبينه، زرينه،
فقير يار علي، صادق علي، سنگهار سليم، نور بانو،
مائي ڀاڳي، موهن ڀڳت، حسين بخش خادم، عابده پروين،
مٺو ڪڇي، ڍول فقير، علڻ فقير، محمد يوسف، سهراب
فقير، وحيد علي ۽ ٻيا، ان طرح خمنسي خان، مصري خان
جمالي، اقبال جوڳي، بلاول بيلجم، مٺا خان زرداري،
ميرمحمد لنڊ، غلام نبي_ عبداللطيف، فيروز گل،
استاد نياز حسين ۽ ٻين به سازن ۽ سُرن سان سنڌي
شاعريءَ ۽ موسيقي کي وڏي جلا بخشي.
جن مفڪرن ۽ مقررن پنهنجي فڪر و نظر سان سڀني جي
دلين ۾ محبت ۽ پيار جو درد دُکايو انهن مان ڪي
هيءُ آهن؛ مخدوم اميراحمد، ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، پير حسام الدين راشدي، مولانا غلام مصطفيٰ
قاسمي، مولاناغلام محمد گرامي، محترم عبدالله چنا،
بيگم زينت چنا پروفيسر محبوب علي چنا، ڊاڪٽر نبي
بخشُ قاضِي، عبدالعلي قلباڻي، ڊاڪٽر حميده کهڙو،
محمد عثمان ڏيپلائي، شيخ علي محمد، قاضي عبدالمجيد
عابد، ڊاڪٽر عبدالجبارجوڻيجو، ڊاڪٽر غلام علي
الانا، ڊاڪٽر محمد علي قاضي، ميرمحمد نظاماڻي، علي
نواز جتوئي، محرم خان، مير محمد ڀيو، معمور
يوسفاڻي، محمد سومار شيخ، ڊاڪٽر گل حسن لغاري، شيخ
محمد اسماعيل، محمد ڪاشف، پروانو ڀٽي، ٻيڙو فقير
ڪنڀر ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شخصيتون.
سنڌي ادب جو وڏو حصو ڪهاڻي۽ ڊرامي سان ڀريل آهي،
سنڌي ڪهاڻيءَ
جي اُنهن محفلن ۾ مان به شريڪ ٿيو هوس. جڏهن ڪهاڻي
پڙهي ويندي هئي ته دوست راءِ به ڏيندا هئا. مون
پنهنجي ”سمنڊ ۽ مان ڪهاڻي 1963ع ۾ پڙهي، جا بعد
۾”مهراڻ ۾ شايع ٿي هئي. مونکي ڪي ادبي ڪچهريون ياد
آهن، جن ۾ عبدالغفور انصاري، ع.ق.شيخ، مقبول ڀٽي،
نجم عباسي، مُراد علي مرزا، ممتاز مرزا، علي بابا،
قاضي خادم، مقبول صديقي، عبدالقادر جوڻيجي ۽ ٻين
دوستن کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي نئين سماجي رُخ کي روان
دوان ڪندي ڏٺم۽ ٻڌم، ادبي پروگرامن ۾ ڪيترا دوست
گڏ ٿي ڪهاڻيون ۽ شعر پڙهندا هئا.
ريڊيائي ڊرامو هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن تي لکڻ
ڪوسولو نه هيو۽ وري ريڊيوجي پاليسي مطابق لکڻ
ليکڪن لاءِ وڏو مونجهارو رهيو.جيئن ته هيءَ صنف
تمام جلد مقبول ٿي ويئي، ڇاڪاڻ ته پهريائين ترجما
پيش ڪيا ويا.سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين، شاهه سائين جي
سورمين جي ڪردارن کي ڊرامي ۽
تمثيل جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويو.عمر مارئي، سورٺ راءِ
ڏياج، مومل راڻو، نوري ڄام تماچي۽ ٻيون ڪيتريون ئي
ڪهاڻيون هيون، جن کي ريڊيائي ڊرامي جي صورت ۾ آئي
ڪيترن ليکڪن پاڻ ملهايو.
سنڌي ڊارمي جي واڌاري لاءِ پهريون دفعو حيدرآباد
ريڊيو تي ٽن ڏينهن ۾ ڊئريڪٽر محترم سجاد حيدر جي
سربراهيءَ ۾ هڪ گروپ قائم ڪيو ويو، جيڪو هر هفتي
پاڻ ۾ ملندو هو۽ هرليکڪ پنهنجو ڊرامو کڻي اچي
پڙهندو هو. انهن گڏجاڻين کي آرگنائيز ڪرڻ ۾ آغا
سليم جو وڏو هٿ هو. پهرين گڏجاڻي ۾ مون پنهنجو
ڊرامو”طوفان ۽ رات “پڙهيو، جيڪو سجاد صاحب کي تمام
گهڻووڻيو ۽ آغا سليم پٺي ٺپري، جڏهن نشر ٿيو ته
مون کي نه وڻيو، جو سنڌي ڊرامي جي وقت گهٽائڻ ڪري
مٿس قينچي هلي هُئي، جيتوڻيڪ اُهو ٻڌندڙن کي يا
ريڊيو وارن کي ايترو ته وڻيو هوجو ڪي ورهيه مسلسل
پيش ٿيندو رهيو. ”طوفان ۽ رات“ سائين گرامي صاحب
ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇاپيو، ٻي گڏجاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر شيخ
محمد ابراهيم خليل پنهنجي جاسوسي ڪهاڻي”فُيل پا“
کي ڊرامائي شڪل ڏئي پيش ڪيو هو، منظور نقوي، آغا
سليم، قاضي خادم ۽ ٻين دوستن جي ڊرامن پيش ٿيڻ کان
پوءِ سجاد صاحب جي بدلي ٿيڻ سان هيءُ سلسلو به ختم
ٿي ويو. اسڪٽس يا ننڊن ڊرامن جو هفتيوار سلسلو،
”گلدستو“ پروگرام وسيلي شروع ٿيو.جنهن پروگرام ۾
ڪيترن دوستن ۽ اسان ننڍڙا ڊراما اسڪٽس جي صورت ۾
لکيا. سنڌي ڊرامي ترقي ڪئي ته سيريل به پيش ٿيا،
ڊراما ليکڪن جا ڪجهه نالا، جيڪي هينئر دل تي تري
آيا اٿم، اُهي ڪجهه هيئن آهن، ڊاڪٽر شيخ محمد
ابراهيم خليل، ابن الياس سومرو، سيد منظور نقوي،
ايم.
بي. انصاري، محمد اسماعيل، ابن واصف، رشيد احمد
لاشاري، عبدالڪريم بلوچ، آغا سليم، غلام
حيدر صديقي، زيب عاقلي، امر جليل، علي بابا،
ممتازمرزا، قاضي خادم، ڊاڪٽر
محمد
يوسف پنهور، عبدالقادر جوڻيجو، منظور قريشي، شوڪت
شورو، گل زمان قاضي، فيروزالدين احساس، رهبرڀٽي،
امداد حسيني، نور گهلو، سيد
ماڪن شاهه رضوي، مشتاق چنگيزي، هي خاڪسار۽ ڪجهه
ٻيا.
ڪراچيءَ تان نشر ٿيل سنڌي ڊرامن جا ڪجهه ليکڪ هيءُ
هيا: امام بخش
نياز، حبيب الله. عبدالڪريم شاد، خديجه چاڳلا،
عبداللطيف عباسي ۽ ٻيا.
حيدرآباد تان جن پروڊيوسرن ڊرامن جي سرپرستي ڪئي ۽
محنت ڪري سٺا ڊراما پيش ڪيا. سي هيا؛ آغاسليم، زيب
عاقلي. ايم، بي، انصاري، الياس عشقي، الله بخش
شاهه بخاري، منظورنقوي، مصطفيٰ قريشي، عبدالڪريم
بلوچ، پيراسحاق سرهندي، سڪندر بلوچ، سرور بلوچ،
انور بلوچ، مراد علي مرزا، ممتازمرزا، ابراهيم
شيخ، زاهد قلباڻي، گل حسن قريشي، جهانگير قريشي ۽
ٻيا.
هتي احمد علي چاڳلا جي ڊرامي ”خوني“ جو ذڪر نه ڪرڻ
ناانصافي ٿيندي. هيءُ اسٽيج ڊرامو هو، پر 1960ع ۾
ريڊيو طرفان ايم. بي.انصاري پروڊيوس ڪيو ۽
گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي جي اسٽيج تي آندو ويو.اُن ۾
جن صداڪارن حصو ورتو اُهي صداڪاريءَ جي دنيا ۾ اُن
وقت وڏا نالا هيا: نسيم مغل، نصرت چنا، روبينه،
سيما، ايم بي، انصاري، مصطفيٰ قريشي، سيد صالح
محمد شاهه، مشتاق مغل، عبدالحق ابڙو، قربان جيلاني
۽ ڪامران ڀٽي، اڳتي هلي صداڪاريءَ ۾ هڪ اهم نالو
اُڀريو، اُهو هو مهتاب چنا جو نالو. جنهن نه رڳو
ڊرامن ۾ صداڪاري ڪئي. پر خاص طرح ٻارڙن جي
پروگرامن ۾ حصو وٺي پنهنجو نالو موکيو. مهتاب چنا
ڪمپيئرنگ ۾ جنهن طرح پنهنجو نالو روشن ڪيو، اُهو
آواز ۽ ٽي وي جي دنيا جو وڏو نالو ٿي اُڀريو.
حيدرآباد ريڊيو جا اُهي پروگرام ڪيئن وسرندا، جيڪي
ادبي ۽ لوڪ پسند حيثيت رکندا هئا : ”جهڙا گل گلاب
جا “، ”گلدستو“، ”نئون سج“، وغيره.
صالح محمد شاهه ( فتح خان) جي ڳوٺاڻي ڪچهريءَ ۾
ڏاهپ جا نقطا وسارڻ جهڙا نه آهن سندس بزرگيءَ وارا
انداز ڪيترا نوجوان ۽ پوڙها اڄ به اُن وانگر
ڳالهائيندا آهن. ان طرح سندس ساٿي ”گنهور خان “
(عبدالڪريم بلوچ)جو ڪردار به وسارڻ جهڙو ڪونه آهي.
لطيف سرڪار جي ڪلام کي تحت اللفظ پڙهڻ جو انداز
سندس شاه سائينءَ سان عقيدت منديءَ جو وڏو اظهار
هو.
اڄ به ادبي پروگرامن جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي
پيشڪش ۾ به وڏي نواڻ آهي. ان سلسلي ۾ نصير مرزا
رات ڏينهن جي اڻٿڪ جاکوڙ سان سڄيءَ سنڌ ۾ پنهنجي
معيار جي هڪ خاص مڃتا حاصل ڪري چڪو آهي، ان طرح
سندس همعصر گل حسن قريشي، ڪوثر ٻرڙو، علي نواز
خاصخيلي، الاهي بخش ٻانڀڻ ۽ ٻيا به پنهنجو پاڻ
پتوڙين پيا هيءُ ريڊيو ادب جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو
آهي، جيڪو اصل ۾ تخليق جو سفر آهي، خيالن ۽ هوائن
جو نه ختم ٿيندڙ سفر آهي، جيڪو ازل کان ابد تائين
به جاري ۽ ساري آهي، هيءُ هيو انهن جوڳيئڙن جي سفر
جو مختصر احوال ۽ ٻري جن ٻاري، جي نه ختم ٿيندڙ
ڪهاڻي.
نوري ۽ ناري، جو ڳيئڙا جهان ۾،
ٻري جن ٻاري، آءُ نه جيئندي ان وري.
اِهي شخصيتون اڄ به اُنهن ادارن جي ايوانن کي روشن
ڪيون بيٺيون آهن جن کي ياد ڪرڻ سان اڄ منهنجي اندر
۾ به جشن جو سمان پيدا ٿيو آهي، ڪيئن ئي ڏيئا
ڏياٽيون ٻري پيون آهن، مشعالون قطارون ڪري سفر
پيون ڪن. خاص طرح ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وارن کي
منهنجي طرفان لک لک مبارڪون هجن، اُن سان گڏ آواز
جي دنيا جا دوستو! اوهان کي به خوشيون مبارڪ هجن،
شال اوهان جو اندر نه وسرندڙ يادگيرين جي روشنيءَ
سان منور رهي.
ڏورڻ گهڻو ڏاکڙو
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون ڳالهيون
يادگيرين جي اَنبوهه
مان ڪي يادگيريون پاڻ ڪڏندي ٽپندي نڪري اينديون
آهن ۽ وڏي لاڏ ڪوڏ سان چونديون آهن ته هاڻ اسان جو
وارو آهي. ڪهڙي يادگيري ماضيءَ جي سُٺن ڏينهن سان
وابسته آهي، جيڪا مون کي هنن ڏنڀن جي ڏينهن کان
ڪجهه گهڙيون پناهه ڏئي سگهي ٿي. اُها منهنجي خاص
چونڊ هوندي آهي جو اُها مون کي سڪون ڏيندڙ به
هوندي آهي ۽ مان لکڻ لڳندو آهيان.
ورهين کان سانڍيل هيءُ ڪچو گهر ۽ سندس پناهه گاهه
اوچي. شايد هيءُ گهر ۽ پناهه گاهه هن شهر جي لاءِ
يادگار اهڃاڻ به آهي ڇو جو اُن ديوار تي هڪ اهڙي
تختي لڳل آهي جنهن تي هڪ تاريخي جملو لکيل آهي:
”اي اکين وارؤ عبرت حاصل ڪريو.“ هيءُ مون اُن وقت
پڙهيو جڏهن مان اڃا ڇوڪراڻي وهي مان ٻاهر نه نڪتو
هئس. وڏڙن سان گڏ پنهنجي سهڻي شهر جي اُنهي رستي
سان لانگهائو ٿيندو هئس جڏهن شام جا پاڇا اُنهي
وڏي جاءِ ۽ پناهه گاهه تي پوندا هئا، مان اُن هنڌ
بيهي اُتي تختي کي تڪيندو هئس. هڪ ڏينهن پنهنجي هڪ
وڏڙي کان پڇي ويٺس ته انهن اکرن جي معنيٰ ڇا آهي،
هن هلندي ٻڌايو ته اتي ڏيپلائي لائبريري آهي، جيڪا
سندس اخبار عبرت جي نالي سڏبي آهي. هُن جملي جي
معنيٰ به ٻڌائي. مان ڪي ڏينهن اُن جملي تي غور
ڪندو رهيس. ڪتابن جي شوق ۾ مان اُن جاءِ ۾ لنگهي
ويس هن ديوار پويان هڪ ڪمرو هو جنهن ۾ ٻه- ٽي ڪٻٽ
ڪتابن جا رکيل هئا، اُتي هڪ نوجوان ويٺو هو، جنهن
ٻڌايو ته ”هيءُ هڪ انقلابي اديب محمد عثمان
ڏيپلائي جي نانءُ ۽ سندس ڪتابن ۽ تحريرن تي مشتمل
لائبريري آهي، جي پڙهين ته ڏيانءِ.“
هن مون کان خرچي وارو آنو ورتو ۽ ڪتاب ڏنائين.
ائين مون کي اُهي ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليا جن منهنجي
سوچ ۾ گهرائي ۽ گيرائي آندي، ڪيتريون آنڪيون ڀريم،
اهو ياد نه اٿم پر انقلابي ادب پڙهڻ لاءِ ڪي
آنڪيون به ڀرڻيون پونديون، اها ڄاڻ نه هئم.
اڄ جڏهن ٽڪا ڏئي، ان ڏئي پڙهياسين ته آنڪيون ته
ڀرڻيون هيون، انهن اديبن جيڪي اياز چواڻي: ”پنهنجو
نور نچوئي ويا“ لاءِ سوين ٽڪا ڏجن آنڪيون ڀرجن ته
به ٿورو آهي. هي اديب اُهي هئا جيڪي خاڪشوري جو
پورهيو ڪندي لکڻ پڙهڻ سان جيءُ جڙي ادب جا پيغامبر
بڻيا. سنڌ ڌرتي اڻ ميا اهڙا ليکڪ، مفڪر ۽ دانشور
پيدا ڪيا، جن جي ڏنل خزاني کي سانڍيندي اسان
پونئرن جا وڃي ڪي حال ٿيا آهن. نه اُنهن اسان کي
وڻواند ڇڏيو نه اسين کين ڇڏڻ يا وسارڻ لاءِ تيار
آهيون. ڀلا محمد عثمان ڏيپلائي جهڙن عام ماڻهو مان
نسرندڙ گُل گونچ ڪڍڻ واري هن هستي کي ڪير وساري
سگهي ٿو. يا محمد عثمان ڏيپلائي جي فڪر کي ڪير مات
ڏئي سگهي ٿو. مون ڇوڪراڻي وهي کان ساڻس ۽ سندس
لکڻين سان جيئري ته گڏ گذاريو باقي ’مرڻ ناهي مون
وس‘ يا ’مُئي کان پوءِ سج اُڀري يا نه‘ ڇا چئجي،
تنهنڪري ’جيئري جيڪي ڪجهه ڪجاءِ‘ وانگر ڏيپلائي
صاحب جون ڪيتريون ڳالهيون مون مور نه وساريون.
ڏيپلائي صاحب پنهنجي دور جو هڪ ويڙهاڪ ليکڪ هو.
هُو پنهنجي لکڻين وسيلي ڪڏهن پيرن، وڏيرن ۽ راجائن
مهاراجائن سان جنگ جوٽيندي رياستي ڏاڍ ڏمر خلاف
اُٿي بيهي ٿو ته ڪئين ڀيرا جيل ۾ وڃي ٿو. مون هن
کي هڪ جلوس جي قيادت ڪندي ڏٺو. هو مٿي اُگهاڙي
کوکر محلي کان منهنجي وڪالت واري آفيس ۽ زينت پريس
مان ٻين اديبن اديبائن جي رهبري ڪندي نمودار ٿي
اڳتي هلي ٿو ۽ ڪوهه نور سينما وٽان جلوس جي اڳواڻي
ڪندي هومسٽيڊ هال واري چاڙهي چڙهي قلعي جي داخلي
دروازي کان اندر داخل ٿئي ٿو. ساڻس گڏ بيگم زينت
چنا، زرينه بلوچ، تنوير عباسي، پروانو ڀٽي، امداد
حسيني، گرامي ۽ ٻيا سوين اديب گڏ هئا، جيڪي شيخ
اياز، پليجي، رشيد ڀٽي، حفيظ قريشي ۽ ٻين جي آزادي
لاءِ نعرا هڻي رهيا هئا. هي وڏو تاريخي جلوس هو،
جنهن اينٽي ون يونٽ جو اديبن، شاعرن، مفڪرن ۽
دانشورن جو وڏو محاذ کولي وڌو هو. هيءُ جلوس سنڌ
جي عظيم ويڙهاڪ سپھ
سالار هوشو جي قبر تي سلامي ڀري جنگ جوٽڻ جو وچن
ڪرڻ آيو هو.
ڏيپلائي صاحب جي طبيعت ۾ هميشه هڪ عجيب جولان
رهيو، جنهن تحت هو سڄي عمر ماٺ ڪري نه ويٺو، سندس
من پسند ڪردار به هڪ سنڌ جو سپوت شهيد اعظم جنهن
سنڌ جي تاريخ جا ڪئين ورق اُٿلائي ڇڏيا، هو جنهن
انگريزن کي ٽوٽا چٻرائي ڇڏيا. ڏيپلائي صاحب هن
بلندپايه ڪردار پير صاحب پاڳاري جي شهادت عظميٰ کي
”سانگهڙ“ ناول ۾ سَون حُر مجاهدن سان سموئي هڪ
تاريخي معرڪو سرانجام ڏنو. مون کي ته ائين لڳندو
آهي ڄڻ ته ڏيپلائي صاحب پاڻ هڪ حُر جيان ميدانِ
جنگ ۾ وڙهي پيو ۽ تاريخ ۾ هو اَمر ٿي ويو آهي.
هيءُ ادبي مجاهد، جڏهن”شيخ المشائخ“ لکي ٿو ته:
سندس ويڙهاڪ جندڙي وَرُ وَرُ جاڳي اُٿي ٿي. هو وري
وري جيل جيل پيو ڪري. مون کيس جيل ويندڙن لاءِ اَڻ
ميو پيار ڏٺو، جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس
چانسيلر حسن علي عبدالرحمان تي ون يونٽي ڪمشنر
واري سرڪار ڏمري هئي، شاگردن جا هڻي مٿا ڦاڙي وڌا
هئائون، ”روح رهاڻ“ ۽ ڏيپلائي صاحب جا رسالا ماٺ
ڪري نه ويٺا هئا. رسول بخش پليجي جي مشهور ڪهاڻي
”اور گولي چل گئي“ ڇپجي چڪي هئي. مٿي چچريل ٻوٿ
سڄيل ڀنڊ وارن سان هي جيئرا ساهه جيڪي واڙيا ويا
هئا تڏهن مان پليجي صاحب سان گڏ سندن وڪيل هئس،
ڏيپلائي صاحب مون سان حال احوال اوريندي اياز جون
هيءُ سٽون آلاپيون:
سنڌڙي تنهنجي سينڌ ڏسي
رات ڀٽائي گهوٽ رُنو
پوءِ هُن هي بيت به جهونگاريو هو:
اوري اُچ ته اُگهان، ڳوڙها تنهنجي ڳل تان
ڪيڏا ويل وَهي ويا، تنهنجي ٻچڙن سان
ڌرتي ماءُ! متان، پٽي پاراتو ڏئين!
ان وقت کيس ڳوڙها ڳاڙيندي ڏٺو هو. هو بهادر شخص
سنڌ جي نوجوان نسل جي نسل ڪشي ۽ بي حرمتي تي صدبار
افسوس ڪندو هو. شيخ اياز جي حيدرآباد نيڪالي واري
قدم خلاف هُن به لکيو هو. سندس اهڙا خط روح رهاڻ ۾
پڻ ڇپيا جيڪي سندس طبيعت ۾ جوش ۽ جولان واري طوفان
جو اظهار هو. اُن وقت به هن اياز جي هيءَ وائي
جهونگاري هئي، وائي جا ڪجهه بند هت ڏجن ٿا:
جي پنهنجو نور نچوئي ويا ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا،
سي لڙڪ مٽي ۾ لوئي ويا پر ڇا ڇا موتي پائي ويا!
سي وڻ وڻ لوڏي واءُ ٿيا، سي پَن پَن ۾ پڙلاءُ ٿيا،
جي بن بن بين وڄائي ويا، جي تن من واري ڳائي ويا،
مون ڌرتي! تنهنجا ڌڱ ڏٺا، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا،
جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني، سي وارا وير وڄائي ويا.
هيءَ طويل غزل ڏيپلائي صاحب جي ويڙهاڪ ۽ مزاحمتي
اديب ۽ مفڪر هجڻ جو چٽو ثبوت آهي.
ڏيپلائي صاحب اياز جي هن غزل ۽ سراج جي ٻولي واري
مضمون جي ساراهه ۽ روح رهاڻ جي انقلابي ڪردار
متعلق مون ڏانهن هڪ خط لکيو جيڪو مارچ 1968ع واري
پرچي ۾ ڇپيو. هن اهو غزل شيخ عبدالمجيد سنڌي کي
ڏيکاريو هو. سندس ٻيو خط هن غزل بابت ۽ جنائي خان
جي بدڙي تي لکيل خط اهي ڏيپلائي صاحب جي قلم کان
ڪير بچي سگهي ٿو سندس ڪيترن ادبي محاذن تي کليل
جنگ هڪ ڏانوَ آهي، جيڪو مزاحمتي سنڌي ادب جي تاريخ
جو وڏو ڀاڱو والاري ٿو.
مون کيس ويڙهاڪ اديبن پروفيسرن، اُستادن جي جيل
واري لاري سان گڏ هلندي ڏٺو، پوءِ ڪورٽ مان واپسي
۾ هن لاري کي پريس وٽ بيهاري ڇڏيو ۽ هن اسان الزام
هيٺ آيل بنگله ديشي قيدين ۽ پوليس وارن کي چانهه
پياري هئي، تڏهن به سندس غصي ۽ ڪاوڙ وچان چهرو
ڳاڙهو رتول هو. هيءُ محمد عثمان ڪو ٻيو ٿي لڳو. ان
محمد عثمان جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جنهن ”عبرت“ ۽
”انسان“ جهڙا رسالا ڪڍيا، جن ۾ هن سماجي انصاف ۽
سياسي مسئلن تي دل کولي لکيو، هن انصاف ۽ ڪورٽن کي
موضوع بڻائي لکيو ته سندس ڪيتريون ڪهاڻيون جُلهه
ڪندڙ هيون ۽ اُنهن رڻ ٻاري ڏنو. ڏيپلائي صاحب جو
دور ادب ۾ ڪرب و بلا جو دور ليکبو آهي. سندس ون
يونٽ وارو تحريڪي دور سنڌ جي نوجوانن جي روح کي
جهنجهوڙي وڌو.
هو پاڻ به نوجوان ٿي پيو، مون کيس جشن روح رهاڻ ۾
اسٽيج تي گجندي ڏٺو. مون کيس هميشه اهي معرڪا
کلندي کلندي ماريندي ڏٺا. مون سندس چهري تي اُن
وقت هڪ اهڙي اطمينان ڏيندڙ روشني ڏٺي جڏهن هن جو
ڊرامو ”شاهدي“ ناٽڪ صدي جي ملهائڻ ويل اسٽيج تي
پيش ٿيو. هو بيماري سبب هيڻو ۽ ڪمزور هوندي به
هشاش بشاش ٿيو ويٺو هو. محمد علي ڏيپلائي سندس
ڊرامي جي وڊيو ٺاهي هئي. هن مون کي سڏي ڀاڪر پاتو
۽ چُمي ڏني ڇاڪاڻ جو کيس خبر هئي ته هنن ڇهن ناٽڪن
کي اسٽيج تي آڻي ناٽڪ صدي ملهائڻ جو ٻين دوستن سان
گڏ مرڪزي ڪردار مان به هيس. هن خيال کي جوڙڻ وارو
۽ شڪل ڏيڻ وارو عبدالله ميمڻ صاحب ان وقت جو ڪمشنر
حيدرآباد هو. هڪ ليکڪ هڪ ڊرامه نويس جا ڪردار جاڳي
اُٿيا هئا. هو سندس سامهون بيٺا هئا، ڏيپلائي صاحب
جڏهن منهنجي ڪم مان خوش ٿيندو هو ته سڏي جوش جذبي
وچان انعام ۽ شاباس طور مِٺي ڏئي ڇڏيندو هو. اڄ
سندس جهڙا باغ بهار ماڻهو، ولولي ۽ جذبي وارا
ماڻهو ڪاٿي ٿا گهڻو جيئرا رهن يا کين زماني جون
لُڪون ۽ جهڪون جيئرو رهڻ ڏين.
بردي، گرامي، گدائي، نياز، اياز جي لڏي جو هيءُ
مسافر اسان سان ڪيئن ”جيءُ اڙايم جتن سين“ وانگيان
اچي گڏيو ۽ پوءِ هلندي هلندي اسان کي جيئدان ڏئي
پنهنجي واٽ وٺي رَمندو رهيو. اڄ مون کي ان موقعي
تي گدائي جي نظم جو هيءُ بند ياد اچي ٿو، جڏهن مان
پاڻ کي اڪيلو پيو ڀانيان، سٿن جا سٿ ڪي لڏي ويا ڪي
ڇڏي ويا. چوڌاري ڏيپلائيءَ جي ديس ۾ ماٺ آهي:
اي همسفرو آواز ته ڏيو
هن ماٺ ۾ دل گهٻرائي ٿي
هيءُ ٻاٽ انڌيري کائي ٿي
اي همسفرو ڪجهه ڳالهايو
اڄ ڌرتي ماءُ پڪاري ٿي.
شهرن جا شهر اِها ٻاٽ اونداهي ڳڙڪائي وئي آ.
اُهي عبرت جي نگاهه جو سبق ۽ هدايت ڏيندڙ ديوارون
ڀُري ڏري پٽ پئجي چڪيون آهن. ڪاڏي ويون اُهي
ڏيپلائي صاحب واريون محرڪ لائبريريون! اڄ ڪتاب
پنهنجي پناهه گاهن کان محروم آهن، باب العلم جا
دروازا بند ٿي چڪا آهن، جيڪا علم جي صدا ٿر جي
ريگستان ۾ گونجي هئي، ڏيپلائي صاحب جهڙي شخص اها
صدا هنئي هئي، انهي اُميد تي شايد اڳتي هلي ٻڌجي ۽
سڻجي ڇاڪاڻ ته هن سڄي زندگي ويڙهاڪ جيان گذاري ۽
اُميد جي لاٽ سندس رهبري ڪئي پر هو سنڌ جي لاءِ
دعاگو رهيو. گدائي وانگر:
سمون ڪو اهڙو اچي، اهڙو اهتمام ٿئي
الاهي رسم محبت جهان ۾ عام ٿئي
سڀن دلين ۾ هجي شل نفاق کان نفرت
هميشه امن و محبت جو احترام ٿئي
اڄ سنڌ هڪ ٻئي ڏيپلائيءَ لاءِ واجهائي ٿي. اهڙي
اُميد سندس لائق جاکوڙي فرزند محمد علي ڏيپلائيءَ
مان به ڪري سگهجي ٿي. ڏيپلائي صاحب ۽ سندس همعصر
مفڪر ساٿي سندس رهبري لاءِ ڪئين جهول جهليو بيٺا
آهن رڳو پورهئي ۽ محنت سان وک وڌائڻي آهي.
شاهه چواڻي به ائين ئي آهي:
ڏور مَ ڏيئان ڌار، ڏورڻ گهڻو ڏاکڙو،
ڪوڙين لک هزار، ان اونداهي انڌا ڪيا.
*
سنڌي اديبن جو پُرامن احتجاجي جلوس
اپيل
سنڌ جي عظيم قومي شاعر شيخ اياز، سنڌي ادب جي عظيم
نقاد رسول بخش پليجي، سنڌ جي مشهور دانشور حفيظ
قريشي، سنڌ جي سپوت شاگردن ۽ انساني بنيادي حقن جي
حفاظت ڪندڙ محب وطن ماڻهن جي گرفتارين ۽ نظربندين
جي خلاف، پُرزور احتجاجي جلوس تاريخ 15- ڊسمبر
1968ع تي، صبح جو 11:00 بجي، مسٽر عبدالحميد ميمڻ
وڪيل (حميد سنڌي) جي آفيس، نزديڪ گورنمينٽ هاءِ
اسڪول حيدرآباد، لڳ ميونسپل ڊسپينسري وٽان شروع
ٿيندو، اسٽيشن روڊ ڏئي، اورينٽ هوٽل وٽان، ڊپٽي
ڪمشنر حيدرآباد جي رهائشگاهه وٽ ختم ٿيندو.
سنڌي زبان جي سڀني اديبن، اديبائن، عالمن ۽
دانشورن کي پُرزور اپيل ٿي ڪجي ته هو پنهنجي دلي
جذبات ۽ ڏک جي اظهار لاءِ مقرر تاريخ، وقت ۽ هنڌ
تي پهچي، اديب جي ضمير ۽ قلم جي آزاديءَ جي جدوجهد
لاءِ هن پُرامن احتجاجي جلوس ۾ شامل ٿين.
سنڌي اديبن، اديبائن، عالمن ۽ دانشورن جي برادري،
حيدرآباد
جاري ڪندڙ: ايڪشن ڪاميٽي،
1.
بيگم زينت عبدالله چنا
2. تنوير عباسي
3. حميد سنڌي
*
نسيم، هڪ پرولي
سنڌڙي ويچاري هميشه مختلف دورن ۾ ڀاڱا ٿيندي رهي
آهي. جيڪڏهن
انهن دؤرن کي ملايو وڃي ته سنڌ جي تصوير اهڙي ته
سهڻي من موهڻي ۽ مڪمل آهي، جو ڪوبه اوچو فنڪار
اهڙي تصوير مان عيب نٿو ڪڍي سگهي. پر جيڪڏهن انهن
دورن ۾ سنڌ جي تاريخ کي ورهائبو ته هر دور جي
پنهنجي شڪل نڪري نروار ٿيندي. ڏاڍ ڏمر جي ڪهاڻي،
جوڌن جوانن جي ڪهاڻي، فريب ۽ دوکي جي ڪهاڻي،
سچائيءَ ۽ خلوص جي ڪهاڻي، هر دور جو مَرَڪُ آهي.
پوءِ اهو دؤر، مغلن جو ڇو نه هجي، ارغونن ترخانن
جو ڇو نه هجي، سنڌ هميشه لتاڙبي چيٿاڙبي، ڇيهون
ڇيهون ٿيندي آئي آهي. پر ته به سنڌڙي هر دؤر جي
نئين نسل ۾ اک وجهيو، پرينءَ جو پرتوو ڏسيو پئي
چوي: ’پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.‘
اهڙي ئي هڪ دور جي ڪهاڻي آهي ته سنڌ جي سر ڦريل
جوانن، سنڌڙيءَ جي ڏتڙيل حالت کي ڏسي، ان جي
سجاڳيءَ، ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ جو سوٺو کنيو. اهو دور
مارشل لا جو دور هو، جڏهن ون يونٽ جا ڪوٽ هئا ۽ جن
به ساهه کنيو ٿي، تن جي دم گهُٽڻ جي ڪئي ٿي وئي.
انهيءَ ڪوٽ ۾ ساهه کڻڻ سولو نه هو. ان وقت سنڌ جي
اديبن جا سجاڳيءَ ڀريل سَڏ، زندگيءَ جي علامت هئا.
سنڌي ادبي سنگت وارو لڏو ڪوششن ۾ رُڌل هو. اُن وقت
آهستي آهستي نئين پوک به سَلا ڪڍيا هئا. انهيءَ
دور ۾ ڪيترائي ڪهاڻيڪار نڪري نروار ٿيا هئا، جن
ڪهاڻين کي سجاڳيءَ جو ڀنڊار بڻائي، سنڌ جي ماڻهن
کي نت نون طريقن سان ريجهائي سجاڳ ڪرڻ جو سوٺو
کنيو هو. انهيءَ زماني ۾ وقت ۽ حالتون هر دور
وانگي ڪي سوليون ڪونه هيون، پر تنهن هوندي به هر
ليکڪ جي سِرَ تي هڪ ڀوت سوار هو ته ”آءُ ٿيان
اڳڀري.“
انهيءَ وقت ۾ همعصر دوست، ڪنهن نه ڪنهن جي ڪهاڻي
پڙهيو اچيو ٽيڪا ٽپڻي ڪندا هئا. تنهن وقت جو هڪ
دوست، هڪ ڏينهن ساراهه جا ڏول ڀري هميشه وانگي روپ
محل جي ڪُٽيا اوڻويهينءَ ۾ اسان آڏو اچي هاريا.
انهيءَ ساراهه جي پاڻيءَ ۾ رڳو نالو نسيم کرل،
نسيم کرل، نسيم کرل هو. جڏهن ڏول کي ڇنڊيوس ته
ڪهاڻيءَ جو نالو نڪري نروار ٿيو ’ڪِني آڱر‘.
اسان ’ڪني آڱر‘ کي وڍيوسين ڪونه، باقي اُن جي خالق
کي وڍڻ ڪٽڻ لاءِ ملڻ جو پهه ڪيوسين. جڏهن ڏٺوسين
ته نسيم هيءُ آهي ته اسان جون ٻه به ويون ته ڇهه
به ويون. اسان آڏو هڪ آفت بيٺي هئي، بنهه ڊپ
ٿيوسين ته اسان کي نه وڍي وجهي. پر پوءِ جڏهن گهرا
ٿياسين ته يقين ٿيوسين ته دلبر نه ڪُهڻ جو، نه ڏهڻ
جو آهي، باقي جيڪي ڪهاڻيون لکي ٿو، انهن ۾ اها
مڻيا آهي، جيڪا ظاهر ۾ ته منجهس ڳوليو نه ٿي لڀي.
مون کي ان تي هڪ بدڪَ جو مثال ياد آيو، جيڪا سونا
آنا لاهيندي هئي. نسيم به ان بدڪ مثل هو، جنهن جون
ڪهاڻيون اسان جي ادب ۾ سونن آنن مثل آهن.
هڪ دفعي نسيم کي ڪو ويٺي ويٺي خيال ٿيو، سو طنز
نگار ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، چرچائي مضمون لکڻ جي
ڪوشش ۾_ ’سچو سچو سچ چوان‘ لکيائين، جنهن ۾ اديبن
۽ اديبائن متعلق ڪي چرچا لکيائين. زور پيو ته ’روح
رهاڻ‘ ۾ ڇپيو، سائين اُن ۾ ڇاپيو. ’روح رهاڻ‘
منهنجي ذاتي ملڪيت ته ڪانه هئي، پر سائين ڇپجڻ کان
پوءِ محسوس ڪيم ته اها منهنجي ذاتي ملڪيت هئي،
ڇاڪاڻ ته مون مسڪين تي گارين جو ڌوڙيو شروع ٿي
ويو. ’روح رهاڻ‘ جو اوائلي دور هو، سو سٽَن ۾ پئجي
ويس. بس سائين ڏاڍي ڏکي جان ڇڏائي سين. نسيم جون
کڳيون پي لڳيون. تان خبر پئي ته هڪ نئين سنڌي
هفتيوار اخبار نڪتي، پوءِ هن لاءِ خاص نڪتي هئي
الائي ڇا، ڇاڪاڻ ته پرچو به اهوئي هڪ نڪتو ۽ ان ۾
نسيم تي گارين جو ڌوڙيو هجي. پر ته به نسيم خوش،
ڇاڪاڻ ته نسيم کي ڇوڪري سمجهي هنن گاريون ڏنيون
هيون.
ائين نسيم وقت جي وهڪري ۾ وهندو، ’ڀتُ‘، ’گذريل
واردات‘، ’زر ۽ زور‘، ’ڳڻ‘، ’زماني جي گردش‘،
’گٽس‘، ’ڪچو رنگ‘، ’پهرين مراد‘، ’مجاور‘،
’ڪرنٽ‘، ’پهريون پهر‘، ’چوٽيهون در‘ ۽ ٻين ڪهاڻين
سان رڻ ۽ طوفان مچائيندو، فتح جا جهنڊا بينڊ باجن
سوڌو کنيو هلندو هليو.
سندس ڪهاڻين ۾ نسيم کي ڳوليو ته نسيم بنهه ڪونه
ملندو. ائين ڪونهي ته ڪو اهي ڪهاڻيون نسيم جون
ڪونهن، پر نسيم جو ذاتي تصور خود اهڙو آهي، جيڪو
ڪهاڻين جي تخيل کان گهڻو پري آهي. سندس ڪهاڻيون،
سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ٿيندڙ ناانصافين جو هڪ نه ختم
ٿيندڙ داستان آهي. هوڏانهن نسيم خود هڪ گڙنگ
زميندار، سڀني ۾ پُر، تر جو چڱو مڙس، غربت ۽
ناانصافيءَ جي بٺيءَ ۾ پچڻ ته ٺهيو، پر پاڻ انهيءَ
سلسلي جي هڪ ڪڙي پڻ آهي. هاڻ ڪير وڃي انهيءَ
پروليءَ کي ڀڃي، هونئن به ڪو به نسيم جي ڏات کان
انڪاري ناهي، پر حيرت ۾ ضرور آهي ته ايترو گهرو
وڃي، اهي مسئلا چونڊڻ، جن جي گهر جي ڀيديءَ کي ئي
خبر هوندي. نسيم ڪهاڻيڪار ڪيئن ٿو لکي. جڏهن ته
ڪهاڻي تيسين مڪمل ناهي، جيسين پاڻ به ڪهاڻيڪار اهو
ڏک درد ڀوڳي، اِهي کائنس ائين دور آهن، جيئن چنڊ
کان چڪور، دل کان دلبر، ازل کان ابد، سچ کان ڪوڙ.
نسيم وٽ ڪنهن جو احساس هجي، ڪنهن جو درد هجي، اهو
ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته سندس ماحول کيس اهڙي انا ڏني
آهي، جيڪا جهُڪڻي ناهي. پوءِ اهو سڀ ممڪن ڪيئن آهي
ته نسيم جو هر ڪردار اسان جي سنڌ آهي، اسان منجهان
آهي، سندس ڪردارن جو دک درد اسان جو دک درد آهي.
اها پرولي نسيم کي ڏسي سلڻي ته نه هئي، پر اڄ جڏهن
پاڻ اجازت ڏني اٿس ته پوءِ جيءُ بسم الله.
نسيم، جن به ڪهاڻين کي پيار سان لکيو آهي، هونئن
هر فنڪار کي پنهنجي تخليق پياري هوندي آهي، پر
نسيم جي سٺين ڪهاڻين تي سندس هڪ مخصوص ڇاپ آهي.
نسيم جي گهڻين ڪهاڻين جو ماحول ٻهراڙيءَ جو ماحول
آهي، جنهن ۾ پاڻ اٿي ٿو، وهي ٿو. انهن ڪهاڻين لاءِ
ڪردار جي چونڊ ۽ ان جي عمل ۽ ردعمل ۾ نسيم مڪمل
خودمختيار آهي ۽ اتي ئي هو پاڻ کي حاوي ڪري ٿو.
صاف لفظن ۾ جيڪر ائين چوان ته: نسيم هر ڪردار ۾
پاڻ اچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
نسيم جيڪا زندگي گهاري رهيو آهي، ان ۾ سندس مطمئن
هجڻ ناممڪن آهي. ان ۾ جسماني آسائشون آهن، پر ذهني
نه، سڀ خوشيون آهن پر دلي نه. انهيءَ ڪري نسيم
هميشه آدرشي زندگي گهارڻ ۽ آدرش ماڻڻ لاءِ هرممڪن
ڪوشش ڪندو رهيو آهي. ان لاءِ هن ڪهاڻين رستي آدرش
ماڻڻ گهريو آهي. پر نسيم ڪهاڻين لکڻ مهل اهو وساري
ويٺو آهي ته منجهس ماحول ۽ حالتن جي ڪري جيڪا
’اَنا‘ پيدا ٿي آهي، سا هر ڪردار جي عمل ۽ ردعمل ۾
ظاهر ٿيو پوي. نسيم جي ڪهاڻين جو هر ڪردار نسيم
آهي، منجهس آدرشپڻو آهي ته وري آخر ۾ اها ئي خودي
۽ انا آهي، جنهن خود نسيم کي ڪنهن آڏو جهڪڻ سندس
مَرڪ ۽ شان نه آهي.
ان ڪري ئي نسيم ڪهاڻيون لکيون ۽ انهن ڪهاڻين جو
گهڻو تڻو ڪردار پاڻ آهي. سندس جيڪي به زندگيءَ جون
حسرتون پوريون نه ٿيون آهن، سي هو ائين پوريون ٿو
ڪري، پر پڇاڙيءَ جو سندس
‘EGO’
/
’انا‘ هر ڪردار نسيماڻو ڪري وجهي ٿي، نه ڪي آدرشي.
ڪن ڪهاڻين ۾ جت هو رڳو آدرشي ٿيڻ ٿو چاهي، انهن ۾
پنهنجي اَنا کي جهڪائي ٿو، انهيءَ لاءِ ته سندس
ڪردار عظيم ليکيو وڃي يعني سندس حسرتون پوريون ٿين
۽ هو خود عظيم ليکجي.
سندس حسرتن جو ڪمال سندس ڪهاڻين ’گٽس‘ ۽ ’ڪچو رنگ‘
۾ آهي؛ جنهن ۾ هو هڪ لاپرواهه
Don Juan
ڊان زووان پارو هيرو آهي. سندس مٿان ڇوريون فدا
آهن ۽ پاڻ انهن کي پامال ڪندو وڌي ٿو. ائين هڪ
’پارس‘ نالي نينگر اچي ٿي، جيڪا هن کي شڪست ڏئي ٿي
۽ کنگهي ئي نٿي. نسيم هڪ وڻندڙ انداز ۽ ادا سان
دٻجي اُڀري ٿو، سندس شڪست، فتح ۾ تبديل ٿيو وڃي،
جڏهن پارس سندس هنج ۾ اچيو ڪري ۽ چيو ڏي:
”پر اڄ ڪنهن انجام سوچڻ بنا توڏي هلي آئي آهيان‘
وڻئي ته هميشه لاءِ پنهنجو ڪرين يا وڻيئي ته شاهده
برني ۽ صوفيه وانگر... جيئن تنهنجي مرضي!“
سندس اها وڏي فتح، وڏي حسرت آهي. سندس هيرو جو
شاهوڪار هجڻ ۽ پيسا اُڇلڻ سندس خواهشن منجهان آهي.
هيءَ سٽ ته ڏسو:
”ويري ساري بيگم برني، هي افورڊس ٽو بيٽ فائيو
ٿائوزنڊس اَن آرڊنري ميئر، بڪاز اٽس نيم واز
پارس.“
ڪاش نسيم ئي هن ڪهاڻيءَ جو سچو پچو هيرو ’زلفي‘
هجي ها. ڪاش اِئين هجي ها ته پوءِ نسيم کي اهڙيون
ڪهاڻيون لکڻ جي ضرورت نه پوي ها.
’گٽس‘ جي ٻئي حصي ’ڪچو رنگ‘ ۾ سندس انداز ڊرامائي
۽ جادوگراڻو آهي، پڙهندڙ ليکي ته اجهو هيرو
’زلفيءَ‘ صاحب جو والد، سندس پارس سان ڪيل شاديءَ
جو قصو پورو ٿو ڪري يا هيرو کي سُڃو ڪري گهر کان
ٿو ڪڍي. پر نسيم جي ’اَنا‘ جي جهوليءَ ۾ ڪيترائي
ڪرتب آهن. هيرو هٿ ٻڌيو بيٺو آهي، پر واهه نسيم
تنهنجي من مستي، پيءُ کي به جهڪائي پنهنجي حسرت
پوري ڪري ٿو. هيرو جو پيءُ پارس کي سؤ سؤ جا نوٽ
ڏئي، نسيم جي خوشين ۾ شريڪ ٿو ٿئي.
سندس ’گذريل واردات‘ انسپيڪٽر غوش بخش شاهه جي
حسرتن جي مزار آهي، جنهن تي نسيم گلن جي چادر به
چاڙهي آهي ته چراغ به ٻاريا آهن. هو رٽائر ٿيل
انسپيڪٽر آهي، دستوري شڪست هو قبول ڪري ٿو. گهڻوئي
چوي ٿو ته: ’مزار ما غريبان ني چراغ ني گُلي‘ پر
نسيم پڇاڙيءَ جو به سندس حسرت پوري ڪرائي، پنهنجي
شڪست، ڪاميابيءَ ۾ تبديل ٿو ڪري.
اهڙي ئي نموني سان سندس آدرشي ڪردار ’شبنم شبنم‘
’ڪنول ڪنول‘ جي مس پال، ’ڪافر‘ جا عبدالله ۽ مکي،
’ڳڻ‘ جو دينو، ’ڪني آڱر، جي زينب، اهڙي قسم جا
ڪردار آهن، جن جو آدرش بلند آهي، پر سمورا ڪردار
نسيم جي ’اَنا‘ ۽ مرضيءَ جا ٻانها آهن. پر جي نسيم
جي ڪنهن ڪردار ۾ رڳو نسيم بنا اَنا جي ڏسڻو هجيوَ
ته اهو ڪردار ’زماني جي گردش‘ ۾ رئيس قيصر خان
آهي، جنهن جي ڪردار ۾ هن کي پنهنجو مستقبل نظر اچي
ٿو. ان ۾ هو ايڏو جذباتي آهي، جو هو مجبور ٿي لکي
ٿو:
”خان، مان به تو جهڙوئي زميندار هيس، پر زماني جي
گردش سبب هي حال اچي ٿيا اٿم. تو وٽ لنگهي آيو
آهيان ته پنهنجي شان تي جيڪي سري سگهئي، سو ڏئينم
ته گذر سفر ڪري وڃي ڪي وڻ ڏسان. ٻيو تنهنجي سر بخت
جو خير.“
سڄي ’شبنم شبنم، ڪنول ڪنول‘ مجموعي ۾ اِهائي هڪ
ڪهاڻي ڏٺم، جنهن ۾ نسيم، زماني جي گردش کان ڇرڪيل
۽ مجبور ڀانيم.
هاڻي مان کڻان ٿو سندس ٻئي مجموعي ’چوٽيهون در‘ جي
ڪهاڻين کي سندس پهرين ڪهاڻي ’مڪسڊ گرل‘ جنسي
علامتن جو مجموعو آهي.
سندس حسرت: ’سنهڙي عبا ۾ ٻرندڙ جسم، اکين بجاءِ ٻه
ٽانڊاڻا ۽ پٻن تي مون ڏانهن آيل ’اُم ڪلثوم‘ ڪرُ
کنيو بيٺي آهي.
اهڙي نموني ۾ ’ڪرنٽ‘ جنسي خواهشن جو ٻرندڙ جوالا
مکي آهي، اهو تڏهن سرد ٿئي ٿو جڏهن:
”اوچتو ڪنهن پياري پياري ڇهاءُ تي منهنجي ننڊ ٽُٽي
ٿي وڃي، منهنجيون اکيون کُلن ٿيون، ڪمري جون چارئي
وال لائيٽس وچين شئنڊليئر سوڌو روشن آهن. هُو وينس
جي بت جيان صفا نيوڊ آهي ۽ مون کي ڄؤر جيان چنبڙي
پئي آهي.“
انهن ٻنهي ڪهاڻين ۾ نسيم جي ذهن جي اها ڪنڊ روشن
نظر پئي اچي، جتي هڪ عام ماڻهوءَ وانگر جنسي
حسرتون خوابناڪ ماحول ۾ ’ڊبل بيڊ‘ تي ليٿڙيون پائي
رهيون آهن. خاص طرح غور ڪيو: ’پٻن تي مون ڏانهن
آيل اُم ڪلثوم‘ ۽ ’وينس جي بت جيان صفا نيوڊ آهي ۽
مون کي ڄؤر وانگر چنبڙي پئي آهي.‘
آخر ۾ اچو ته توهان کي نسيم جي اَنا جي انتها ۽
سندس بيوسيءَ جا ڪي شاهڪار پڻ ڏيکاريان:
’پهرين مراد‘ جو ماڻڪ، ارڏو ۽ ضد ڀريو اهڙوئي آهي،
جهڙو نسيم، چوري ٿيل مينهن ڪُهي ڇڏي ٿو، پر پهرين
مراد نه ٿو باسي.
سندس ’آٿت‘ جو رئيس، سندس اُها اندر جي باهه وسائي
ٿو، جيڪا ورهين کان اندر ۾ پئي دُکيس. نسيم اِتي
به شڪست نه کاڌي آهي. سندس منهن مٿي آهي، رئيس سان
گڏ سندس به اندر ٺري پيو هو ته زمينون به ٺري پيون
هيون.
’پهريون پهر‘ ۾ عورت جي کاڌل شڪست تي مٺي مرڪ پيو
مُرڪي ۽ بيگم حسين کان ٽهڪ ڏياري چٿرُ ڪرائي
چورائيس ٿو:
”مَنَ، جي اڳ ۾ وعدو ڪيو اٿئين ته پوءِ تو به اِهو
سيٽ پاتو_ ٻڌو نه اٿئي ته ڪم نڪتو ڊکڻ وسريو.“
’السلام عليڪم.‘ سندس ٺيٺ آدرشي ڪهاڻي آهي.
اهڙي ئي نموني ڪي ڪهاڻيون اهڙيون آهن، جن ۾ هو
بيوس ۽ مجبور آهي. ’دارالفلاح‘ جي نيلم هن سماجي
سرشتي جي جڪڙيل ٻانهي آهي،
’چوٽيهون در‘ جو گيج ريڊر به اوتروئي بيوس آهي.
’پارٽنر‘ جو مومن سماجي حالتن جو شڪار ۽ يتيم آهي.
اهڙين چئن پنجن ڪهاڻين ۾ جتي مون نسيم کي بيوس ۽
يتيم ڏٺو آهي، اُتي مون کي فن جي بلندين ۽ اوچائين
تي به ڏٺو آهي، ۽ جيتري انهن ڪهاڻين ۾ اصليت ۽
حقيقت آهي، اوتري ٻين ڪهاڻين ۾ نه آهي. ٻين شاهڪار
ڪهاڻين جي ڪردارن کي سندس هٿان رُئندي ڏٺو آهي.
بهرحال جي نسيم ههڙين چئن پنجن ڪهاڻين ۾ شڪست
کائي، پنهنجي اَنا کي دفن ڪري ڇڏي ها ته مون کي
خوشي ٿئي ها، پر نسيم اڄ به انهن ڪهاڻين کي جنم
ڏيڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهي، جن ۾ انيڪ رنگارنگ حسرتون
دفن ٿيل آهن، ڪٿي ڪٿي اهي ڪارناما ٿيل آهن، جن سان
سندس ذهن، دل ۽ جسم کي سُڪون پهچي ٿو. نسيم پنهنجي
فن ۾ يڪتا ۽ پنهنجي طرز جو انوکو فنڪار آهي، جنهن
وٽ سنڌڙيءَ جا سور به آهن ته، جسم جون تقاضائون به
آهن؛ هٺ ۽ ارڏائيءَ جا کليل داستان به آهن، ڪڙا ۽
ڪسارا جام به آهن ته مصري جو تڙون به آهن.
نسيم کي ڏسي الاجي ڇو مون کي يوناني ديومالا جو هڪ
ديوتا
’سسيفس‘ ياد ايندو آهي، جنهن تي ديوتائون جڏهن
ناراض ٿيا هئا، تڏهن کيس چيائون ته: وڏا پٿر کڻي
جبل جي چوٽيءَ تي پهچ، ۽ هو جڏهن ڳرا پٿر کڻي جبل
تي پهچندو هو ته اُهي ان چوٽيءَ تي نه ٽڪندا هئا ۽
هيٺ ڪري پوندا هئا. وري هو کڻي مٿي پهچندو هو ته
وري اهائي ڪار. چون ٿا ته سسيفس اڄ به انهيءَ عمل
۾ رُڌل آهي. نسيم به انهيءَ ديوتا وانگر اڄ به
پنهنجي حسرتن ۽ تمنائن کي ڪهاڻين جو روپ ڏئي، اُن
پهاڙ ۽ اوچائيءَ تائين پهچائڻ جي پيو ڪري. شال
سندس پنڌ ثاب پون ۽ سندس هڪ به حسرت ۽ تمنا ڪنهن
به ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ سچائيءَ جو روپ وٺي، انهيءَ
منزل جي جبل تي ٽِڪي پوي. شال ائين ٿئي!
نسيم جي هن جائزي ۾ منهنجن پنهنجن خيالن جو هڪ ڄار
آهي، جنهن نسيم کي جڪڙي، کيس ۽ سندس ڪهاڻين کي
اُکوليو آهي. ان ۾ ڪنهن ٻئي جي مرضيءَ جو دخل
ناهي، نه وري ڪنهن ٻئي جو مون سان متفق هئڻ ضروري
آهي.
سليا مون نه سوال
هڪ خط
پيارا ڀاءُ! توهان جا لک قرب جو توهان ماضيءَ جي
دز ڇنڊيندي ڪي سوال اهڙا پڇيا آهن جو ”سليا ڪنهن
نه سوال“ وانگر ڪنهن به سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ هٿ
چيو نه ٿا ڪن. ڪهڙا ويهي گپ ۾ ٿاڦوڙا هڻون؟ چوندا
آهن ته گهڻو پاڻي پُل هيٺان وَهي چڪو آهي، پر مون
کي ائين لڳندو آهي ته پُل هيٺان پئي پئي سڙي ٻري
ويا آهن. نه ڪنڌيءَ ڪناري گُل، گؤنچ يا سَلا ۽
گاهه، اُن اندرين سُڪي مٽيءَ مان ڇا نڪرندا. مون
لاءِ ته ائين هو، تنهنڪري چئبو ائين ته ”سليا مونه
سوال.“
مان ننڍو هيس ته پهريائين سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌي ادبي
فڪر کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ لاءِ ڪئين خواب ڏٺا هئم.
گهر ۾ لولين سان گڏ شاهه سائينءَ جا دُائيه بيت،
اَمڙ، ڏاڏي ۽ ماسين کان ڪنن تائين پهتا. ٻاهر جهان
به اُهوئي هو. ماڻهو پنهنجن جي ئي اهڙن شڪنجن ۾ هو
جو دُعائيه بيت گهٽ، پُٺا اُگهاڙا ڪيو، وتندا هئا
گاهه پٺو ڪندا، ٻڪريون چاريندا، فصل اُپائيندا ۽
واندڪائيءَ ۾ همرچا ڳائيندا ۽ چنگ وڄائيندا. سنڌ
ورهاڱي کان اڳ ڇا هئي يا ڇا نه هئي، اڳتي هلي
ڪتابن، شاعرن جي وڇوڙي وارن گيتن ۽ ڌرتيءَ جي ڌار
ٿيڻ واري فراق جا ڪيئي ورلاپ ۽ آلاپ ٻڌم. ان وقت
سنڌ هڪ نئين انقلاب کان آگاهه ٿي رهي هئي، جڏهن
اسان ڪجهه سمجهه ڀريا ٿياسين، ته خبر پئي ته اُن
انقلاب سان اسان سنڌ وارن جو ته ٿالهيءَ وٽي تي به
نالو نه هو. هندن جون ملڪيتون، جايون، زمينون، جن
تي ڪيترن اسان جي وارثن ۽ وڏڙن جي نظر هئي،
اُنهيءَ مان کين ته ڇا پر هيٺين پورهيت طبقي وارن
يا پاڙي وارن دنگئي هجڻ جي ناتي ڦڪ به نه مليو.
سنڌ اندر تعليمي فضا هونئن ئي قائم هئي پر ادارن ۾
ماڻهو نه هئا. علم جي روشني هنيانءُ جي روشني کان
گهٽ هئي، سماجي ناانصافي ۽ اڻبرابريءَ جو طوفان
هو. هر هنڌ بي چيني ۽ بي صبريءَ واري ڪيفيت هئي.
اُن وقت جيڪو نسل وڏو ٿي رهيو هو، اُهو ڏاڍو دٻاءُ
هيٺ هو. اوچتي ورهاڱي ڪري ڪيئي مونجهارا پيدا ٿيا
هئا. نه ويندڙ موڪلائي سگهيا نه وري ايندڙن
موڪلائڻ يا پڇڻ کان بنان سڀ شيءِ پنهنجي سمجهي هڪ
نانءُ هڪ سٽ ۾ پنهنجي ڪئي. هن نئين معاهدي ۾ وَچن
گهڻا هئا، پر پاڙڻ ڏکيو هو. هڪ حصو مشرق هو ته ٻيو
مغرب. ڳالهه مڙيو ڳنڍي هلڻ جي هئي.
سنڌ جو نوجوان پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جي جهلڪ پسي
خوش پئي ٿيو. علم جون لاٽون روشن هيون. ٻوليءَ جي
سڄاڻ هئي ته ادب جي تخليق ٿي. اُن دَور ۾ سنڌي
اسڪولن ۾ پڙهائي ويندي هئي. ادب نئين سر پئي
سرجيو. نئين سماج ”ڳاءِ انقلاب“ جا گيت پي ڳاتا.
هيءُ سنڌ جي نئين جوڙجڪ لاءِ هڪ سماجي انقلاب جي
تياري هئي اُن کي خبر نه هئي ته ٻئي پاسي نوان
سٽاءَ هئا.
علمي ۽ ادبي دنيا جون نئين سربتيون ٻريون ۽ ڀٽائي
گهوٽ جا اڱڻ آباد ٿيا ته هن روشنيءَ ۾ گهڻو ڪجهه
نظر ايندو ويو. جي. ايم. سيد، ميران محمد شاهه،
علامه آءِ. آءِ. قاضي عثمان علي انصاري، عبدالله،
بيگم زينت چنا، آغا تاج محمد، محمد ابراهيم جويو،
شيخ اياز، اياز قادري، غلام رباني آگرو، محمد
عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جمال
ابڙو، غـلام محمد گرامي، رشيد ڀٽي، حفيظ شيخ، حفيظ
قريشي، آهستي آهستي نڪرندا نروار ٿيندا ويا ۽ ٻيا
ڪيترا. سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي ادبي
سنگت بنيادي ادارا هئا، جيڪي علم ادب لاءِ
ٻرانگهون ڀري رهيا هئا. سنڌ جي سڄي فضا پاسو ورايو
هو. نينگر شهزادا پيرين پنڌ نڪري پيا. هر هنڌ نئين
روشني نئين سماج جي جوڙجڪ جي ڳالهه هئي. ڪٿي
سوشلزم ڪميونزم جو ذڪر هو ته ڪٿي ترقي پسنديءَ جو
غوغاءَ هو. ڪٿي جديد ادب جو نانءُ هو، ته ڪٿي جدت
جي نانءُ تي فحش ادب پئي ڇپيو. اِهو سجاڳيءَ جو
سلسلو 1950کان 1960ع تائين هليو. پوءِ جڏهن
نوجوانن پوتا ميل ٺاهيو، وڏڙن ليکا چوکا ڪڍيا ته
سنڌ کي ڪجهه پلئه ڪونه پيو هو. سنڌ جو پڙهيل ڳڙهيل
طبقو ۽ نواجوان نسل، مشرق مغرب واري فلاسافي سمجهي
پئي. ون يونٽ جو پاور پلانٽ ڪيترائي يونٽ ساڙي
ٻاري چڪو هو. سنڌي ادب ۾ چوڌاري ڀڻڪو شروع ٿيو هو.
مارشل لا جا دَور، لفافي تي سنڌ نه لکڻ جو قانون،
سنڌي زبان جي زبان بندي، بيروزگاري، هر ماڻهوءَ ۾
عدم تحفظ جو احساس پيدا ڪيو هو. اِنهيءَ عالم ۾
سنڌ جي عالمن اديبن شاعرن، اهڙو لکڻ شروع ڪيو،
جيڪو سنڌ سجاڳيءَ جو سبب بڻجي اچي.
ٽماهي مهراڻ علم ۽ ادب سان گڏ ذهني سجاڳيءَ جي
مشعل هئي، جنهن جي سربراهي، ليکڪن، ادارت ۽ هلائڻ
۾ ڪيترن رهبرن ڪاريگرن جو هٿ هو. جي. ايم. سيد،
ميران محمد شاهه، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد
ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو، مولانا گرامي ۽
ٻيا ڪيترا جن انقلابي ادب جي ابتدا ڪندي ڪيترن
اديبن ۽ شاعرن کي اڳيان آندو، جيئن شيخ اياز،
تنوير عباسي، جمال ابڙو، حفيظ شيخ.
اِنهيءَ دَور ۾ ماڻهن جي ذهنن ۽ جذبن ۾ ايتري شدت
هئي، جو ماهوار ”نئين زندگي“، جيڪو سرڪاري پرچو هو
۽ اُهو مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جي زير ادارت
نڪرندو هو ۽ مولانا صاحب سرڪاري ملازم هوندي به
سنڌ اندر سماجي سياسي ۽ اقتصادي بي چينيءَ جو کليل
اظهار ڪرايو. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ”انسان“ ان
وقت جي ڪيفيتن جي ترجماني پئي ڪئي. بيگم زينت چنا
جو ماهوار ”مارئي“ عورتن ۾ سجاڳي آڻڻ جو واحد
ذريعو هو، جنهن وسيلي ڪيتريون ئي نوجوان نينگريون
ثميره زرين، ڊاڪٽر دُرشهوار سيد، ايس تبسم، ذڪيه
دريشاڻي عورتن جي اُنهن مسئلن تي لکيو، جيڪي اڄ به
سماج ۾ ظاهر ظهور واقعن جي صورتن ۾ روز ٿين ٿا.
اِنهيءَ سوچ ته سنڌ کي پنهنجو هڪ اقتصادي نظام
هجي، ذهني ۽ فطري طور فڪر جي آزادي هجي، سنڌ جي
ماڻهوءَ کي حق ملن ۽ انصاف پلئه پوي. ڪيئي فورم
ٺهيا، ادبي ادارا وجود ۾ آيا، پر اُنهن سڀني ۾
جٽادار تحريڪ جو ادارو، ”زندگي پبليڪيشن“ قائم ڪيو
ويو، جنهن جي شروعات اهڙن ڪتابن ڇپائڻ سان ٿي، جن
جا ليکڪ اڳ ئي پنهنجن لکڻين وسيلي ماڻهن جو ڌيان
ڇڪائي چڪا هئا. جمال ابڙي جو ڪهاڻين جو مجموعو،
”پشو پاشا“ غلام ربانيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو، ”آب
حيات“، حميد سنڌيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ”اُداس
واديون “ ناصر مورائيءَ جو ناول ”راتيون جاڳن جي“
جڏهن هٿون هٿ کپي ويا ته خبر پئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾
ڪهاڻين ناولن وسيلي ڪيتريقدر ماڻهن سان سندن مسئلن
تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي.
”زندگي پبليڪيشن“ راقم (حميد سنڌي) جي اڪيلي سر
ڪوششن سان قائم ٿي ۽ ڪتاب ڇپيا، جنهن لاءِ پيسا
ڏوڪڙ، پورهيو ۽ مزوري ڪري پورا ڪيا ويا. اُن وقت
ڪيترا دوست منهنجي ويجهو آيا، جن ماهوار رسالي
”روح رهاڻ“ ڪڍڻ تي اُتساهيو. تمام وڏو ڪم هو، هر
ڪنهن مدد جو واعدو ٿي ڪيو. پر 1960ع کان 1969ع
تائين ڪنهن به رُپئي جي مدد نه ڪئي. روح رهاڻ
1960ع ۾ نڪتو پر ٻه چار پرچا نڪرڻ کان پوءِ حالت
سقيم ٿي وئي. مون وليج ايڊ ۾ نوڪري ڪري پرچي کي
بچايو. جمال رند اُن وقت ڪجهه وقت لاءِ ڪم ڪار کي
سنڀاليو هو. سڄو سال هليو، پوءِ سرڪاري نئين پريس
آرڊيننس ڪري اسان جا ڊڪلئريشن رَد ڪيا ويا. چيو
ويو ته نئين سرڊڪليريشن فائيل ڪيو. هفتيوار
”انسان“، ماهوار ”مارئي“، ماهوار ”روح رهاڻ“، ڪي
ورهيه سندن ڊڪليريشن جون درخواستون بي دريافتيون
پيون هيون ٻن سالن بعد مارچ 1963ع ۾ ڊڪليريشن
مليو. روح رهاڻ لاءِ پيسا نه هئا. ايم. اي جو
امتحان مٿان هو. غياث جوڻيجو ۽ مان گڏ پڙهندا
هياسين. سندس ڏنل سَو رپيو مون کي ياد آهي. ”روح
رهاڻ“، لڏندي لمندي پئي هلي، منهنجون نوڪريون
پورهيا جاري هئا، پر 1965ع کان روح رهاڻ پنهنجي
مقصد سان ظاهر ٿي بيٺي. منهنجا ايڊيٽوريل نشتر جو
ڪم ڏيئي رهيا هئا ته اياز جي شاعري وطنيت جو پيغام
ڏئي رهي هئي. نوجوان شاگرد تعليمي ادارن ۾ سجاڳ ٿي
رهيو هو. ”روح رهاڻ“، نه صرف هڪ ادبي رسالو هو پر
هڪ تحريڪ جي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. ”جشن روح
رهاڻ“ رڳو هڪ سالانه ميڙ يا روح رهاڻ جي سالگرهه
ملهائڻ جو موقعو نه هو، هيءُ سنڌ جي لاءِ نئين فڪر
کي جنم ڏيڻ جو موقعو هو.
سوين ليکڪ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان اچي مڙندا هئا. روح
رهاڻ رسالي جا ليکڪ هجن يا حفيظ قريشي، رسول بخش
پليجو، غلام محمد گرامي، عبدالله چنا، جهڙا مقرر
هجن، شيخ اياز جهڙا شاعر هجن، جنهن هيئن به چيو
هو:
ماروئڙن کان منهنڙو ڦيريان؟ ڏاهپ ٻي ڪا ڏس ميان
تون ڪانڌي ڪونه ٿجانءِ
بس ميان! او بس ميان‘ مان ويندس گوندر گس ميان
تون ڪانڌي ڪونه ٿجانءِ
تنوير تڏهن هيئن چيو هو:
ڪنهن پرهه اسان کي پاليو هو، رات اسان کي روليو آ
ته به اونداهين جي قيدن ۾ در آزادين جو کوليو آ.
سوين شاعر سنڌ جي فڪري آجپي لاءِ نڪري پيا. اياز
جا ٽي شعري مجموعا، ”جل جل مشعل جل“، ”هيءُ گيت
اُڃايل مورن جا“ ۽ ”رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“،
ماهوار روح رهاڻ ۾ ڪيترا مهينا بار بار ڇپجندا
رهيا ۽ الڳ ڪتابي صورت ۾ آندا ويا. ائين هزارن جي
تعداد ۾ انهن مجموعن کي ڇپيو ويو. (افسوس ته اياز
جي الڳ ڪتابن ۾ اِهو حوالو به ناهي ته اول اِهي
مجموعا ۽ اِهي گيت ڪٿي ڇپيا هئا).
اياز جا ٻيا گيت غزل ’روح رهاڻ‘ ۾ الڳ هر ماهه
ڇپجندا رهيا. پر ٻئي هنڌ ڇپڻ مهل ڪير به اُنهيءَ
جو حوالو نه ٿو ڏئي. محترم جناب سليم خواجه جيڪو
”روح رهاڻ“ جي سرواڻ ساٿين مان آهي بعد ۾ اُهو
صاحب سليم احمد بڻيو ۽ اڄڪلهه سليم نور حسين آهي
تنهن اياز جي ڪجهه شاعري-'Songs
of Free dom
نالي ڪتاب ۾ انگريزي ترجمو ڪري ڏني آهي، پر هُن
ڪٿي به روح رهاڻ جو حوالو نه ڏنو آهي. جيڪي ماڻهو
ادب کي رڳو ويڪائو مال پائي سمجهي اُنهي کي سودي
سلف جو ذريعو سمجهن ٿا، اُن مان ڪابه ڀلائيءَ جي
اُميد رکڻ عبث آهي.
روح رهاڻ جي شاعرن جو سٿ تمام وڏو آهي، جن جو سفر
ڇهن ستن سالن جي جلدن ۾ محفوظ آهي. سڀ نالا اچي نه
ٿا سگهن. ڪجهه ڏبا ضرور، نه ته گهڻا ناراض ٿي
ويندا. ڪيترا اديب ته روح رهاڻ جو دور ۽ اهميت کي
گهڻو ئي وسارڻ جي ڪن پر ماضي سندن پيڇو ڪندو
ايندو. عبدالڪريم گدائي، تنوير عباسي نياز
همايوني، محسن ڪڪڙائي، استاد بخاري، (اڄ نه اوطاقن
۾)، فتاح ملڪ، قمر شهباز، امداد حسيني، شمشير،
پروانو ڀٽي، وفا ناٿن شاهي، رنگريز، تاج بلوچ،
يوسف لغاري، عارف الموليٰ ڊٺڙي وارو، ڄام ساقي،
مجرم لغاري، ناشاد، رجب علي ضيا. ’روح رهاڻ‘ کي
صرف هڪ رسالو چوڻ يا هڪ ماڻهوءَ جي ڪوشش چوڻ غلط
آهي. هيءَ هڪ تحريڪ هئي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي. ون
يونٽ خلاف، شاگردن جي حقن جي، سنڌ جي هاري ناري ۽
مظلوم طبقي جي. توهان کي اِهو ٻڌائيندو هلان ته هن
تحريڪ ۾ ننڍا ته ننڍا پر وڏڙا به منهن موکي ويا،
جيئن شيخ عبدالمجيد سنڌي، حيدر بخش جتوئي، شيخ علي
محمد، عبدالله چنا، زينت عبدالله چنا (روح رهاڻ ۽
مون کي سنڀارڻ سنوارڻ ۾ خاص طرح هنن محب وطن
شخصيتن جو هٿ هو جن کي قوم وساري ويٺي آهي.)
ادا، ائين ته ڪيترا خدمتگذار سپاهي هئا، جيڪي جشن
۾ پاڻي پياريندا هئا، ديڳيون رڌائي ماني وڌائيندا
هئا. انڊس پريس مان مطيع الرحمان (جنهن جو ڪردار
روح رهاڻ کي اوڌر تي ڇپرائي ڏيڻ، اسان فقيرن جي
منجهند جي ماني ٽڪر جو پنهنجو هڙان وڙان بندوبست
ڪرڻ، سرڪاري وٺ پڪڙ مهل سڃاڻڻ کان انڪار ڪرڻ وارو
ماڻهو اِهوئي هو). قادري، اڪبر ۽ ماجد پريس جا
ڪمپازيٽر هوندي پنهنجي روزيءَ جو هنڌ ڇڏي، اسان وٽ
ويٺا هوندا هئا.
’روح رهاڻ‘ جو داستان ڏکن جو داستان آهي، پر فخر
اٿم ته ڪي دوست ساٿي اهڙا هئا جن پڇاڙيءَ تائين
ساٿ نه ڇڏيو. وڏو ساٿ مرحوم اشفاق قاضي، سندس والد
سچيڏنو قاضي ۽ ڪٽنب جا ٻيا ڀاتي ۽ ڀينر، جيڪي روح
رهاڻ جا بنڊل ٻڌي پوسٽ ڪري ايندا هئا. شروع ۾ ته
ڪو دور هو ته مان ۽ غياث سائيڪل تي بنڊل ڍوئي پوسٽ
آفيس ۾ اندر فرش تي ويهي، بنڊل ۽ بڪ پوسٽ رسالن تي
ٽڪليون ۽ ٺپا هڻندا هئاسين. پوءِ قاضي سچيڏني
مرحوم جي حڪم تي هڪ اسڪواڊ تيار ڪيو ويو جيڪو
ڊسپيچ سنڀاليندو هو. پوءِ ڪوٽڙيءَ جو ليلارام
خانواڻي منهنجو ساٿي بڻجي آيو، جنهن روح رهاڻ جو
ڪاروباري ڪم ته سنڀاليو پر منهنجي وڪالت دوران
منشيگيري ڪئي. هو ايڏو ايماندار ۽ محنتي ماڻهو هو
جو اوڳڙ به زوريءَ ڪري ايندو هو. سندس موڪليل وي.
پي وري نه موٽندي هئي. هن ’روح رهاڻ‘ جي پائي پيسي
کي هٿ نه لاتو. وڪالت واري منشيگيريءَ مان پنهنجو
درويشاڻو گذر سفر ڪندو هو.
شروعاتي دور ۾ ڪي دوست روح رهاڻ جو رسيد بڪ کڻي،
سالياني خريداريءَ جي بهاني پيسا وٺي کائي ويا.
کين چيو ويو ته وٽائن ايڏي دشمني پاتي جو جيسين
جيئرا هئا ته پئي ڪنڊا وڇايائون ۽ مون کي لَويئون.
اشفاق، سليم، امداد، ادارتي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊايندا
هئا. امداد هر مهيني ٽائيٽل لاءِ شعر لکندو هو. هڪ
ٻارڙي اڌ اگهاڙي نينگر تي سندس لکيل هي شعر ڪنهن
کان به نه وسرندو. ”هٿ لڪيرون ڊاٺل“.
مون کي سنڀالڻ وارا شمشير، گرامي صاحب غلام رباني
آگرو، بيگم زينت چنا، رشيد ڀٽي، ڏيپلائي، حفيظ شيخ
۽ ٻيا ڪيترائي هئا، جن کي وسارڻ ممڪن نه آهي.
ڇاڪاڻ ته ههڙي مهم جوئي هڪ ويهن ٻاويهن سالن واري
نينگر کان سفر ڪرڻ آسان ڳالهه نه هئي. هيءُ ۽
ڪيترا ٻيا منهنجا لڪل مددگار ۽ رهبر هئا. ادا،
زمانا به اهڙا هئا، واٽ ويندي پوڙهي سوڙهي جو بار
پنهنجي ڪلهن تي کڻي کيس گهر پڄائيندا هئاسين. مون
کي نينگر سمجهي، نيت نيڪ حق سچ جو علم ڏسي سڀ
ويجها آيا. اڄ نه وڏڙا رهيا نه جهانديده ۽ روشن
فڪر وارا ماڻهو. نوجوان سمجهن ٿا ته عقلِ ڪُل وٽن
آهي، ڊوڙي وٽن وڃون ٿا ته تـِڇُ سمجهي نظر انداز
ڪيو يا ڇڙٻون ڏيو هلي ٿا وڃن.
’روح رهاڻ‘ جي همٿائيندڙن ۾ منهنجو والد مرحوم سيٺ
محمد اسماعيل هو. هو منهنجا ايڊيٽوريل پڙهي حيران
ٿيندو هو ۽ پڇندو هو، ”بابا مـِٺا، (گهر جو نالو)
هيءُ ايڊيٽوريل ڪير ٿو لکي.“ اُن وقت گهڻن کي
اعتبار نه ايندو هو. پير حسام الدين هڪ هنڌ لکيو
هو، ”هي ايڊيٽوريل جيڪڏهن حميد سنڌيءَ جا لکيل آهن
ته ڪمال جا آهن.“ ڪيترا دوست، اشارن ۽ ڪناين سان
اُنهن ايڊيٽوريلن کي پنهنجو ظاهر ڪرڻ جي ڪندا هئا.
منهنجو پنهنجي اَبي، پير صاحب ۽ ٻين کي چوڻ هوندو
هو ته ڪير به مون وانگر مسلسل هڪ ئي ٻوليءَ ۽ هڪ
ئي فڪر يا طرز سان لکي وڃي ته پوءِ ايڊيٽوريل سڀ
سندس ٿيا.
منهنجو ڀاءُ شمس اسان جي سٿ ۾ ته شامل هو، پر جشن
۾ پاڻ، اعجاز قاضي، ارشاد قاضي، ابرار قاضي،
(اشفاق جا ڀائر) بندوبستن ۾ به رُڌل هوندا هئا.
شاگردن ۾ يوسف لغاري، يوسف ٽالپر، اعجاز قريشي،
اقبال ترين، لالا قادر ۽ ٻيا ڪيترا جن جا نالا دل
تي نه ٿا اچن. دادوءَ مان شوڪت سنڌي مننهنجي ننڍپڻ
جو يار ۽ محمد مٺل وارا واڪار ڪندا پهچندا هئا،
منهنجو ماسات مرحوم غلام شبير ترابي نوشهري جو
وڪيل، مون کي ننڍپڻ ۾ ئي پيو مهميزون ڏيندو هو.
سندس روح رهاڻ سان عشق هو.
ڪهاڻيڪاريءَ تي ڳالهه ياد آهي ته ’روح رهاڻ‘ واري
دَور ڪيترا ڪهاڻيڪار نه رُڳو پيدا ڪيا پر ڪن کي ته
کڻي اچي وچ سير ۾ وڌو. ڪيترا اڳ ئي مشهور هئا،
جيڪي اسان جي سٿ ۾ اچي شامل ٿيا. جيڪي اڄ به ياد
اٿم، اُهي لکان ٿو: جمال ابڙو، حفيظ شيخ، غلام
رباني آگرو، نسيم کرل، رشيد ڀٽي، آغا سليم، اَمر
جليل، شمس نورالدين، عبدالقادر جوڻيجو، غلام نبي
مغل، جمال رند، اختر جانوري، عبدالفتاح صديقي،
عبدالحق عالماڻي، شوڪت شورو، مشتاق شورو، منير
ماڻڪ، ڇتر ٺاڪرداس، ارباب سنڌي. چوٿين مارچ وارو
واقعو جڏهن ٿيو ته روح رهاڻ پمفليٽن وانگر
ايڊيٽوريل ۽ ٽائيٽل وڌيڪ ڇاپي ورهايا جو اخبارن ۾
ته خبر به نه ڇپي.
جڏهن روح رهاڻ تي 1968ع جي آخر ۾ بندش پئي ۽ ٽيهه
هزار
ضمانت گهري وئي ته چارج شيٽ ۾ اِنهي ايڊيٽوريل ۽
ٽائيٽل سان گڏ شيخ اياز جو روح رهاڻ ۾ ڇپيل جڳ
مشهور نظم:
هيءُ سنگرام
سامهون آ نارائڻ شيام،
جو حوالو هو ۽ ٻيو ڪيترو مود اعتراض جوڳو ڄاڻايو
ويو هو. ٻين ڇپيل خطن سان جنهن ۾ هڪ خط يوسف
لغاريءَ جو به هو. اڄ شڪر آهي جو هند سنڌ جا اديب
هڪٻئي وٽ اچن وڃن پيا. اڳ ايندا هئا ته خبر هوندي
هئي رڳو خاوند ڏني کي. شروع ۾ هند جا سنڌي اديب
روح رهاڻ ۾ ئي لکندا هئا. پوءِ جڏهن ’روح رهاڻ‘ ۾
ڇپجندڙ ادب کي جن سنڌي ادب ۽ اديبن کي صرف پنهنجو
اثاثو سمجهيو ۽ ٻين کي پري رکڻ جي ڪئي. پر مان
سندريءَ ۽ اُتم جي سنڌياترا، هري ۽ جئوير، جو
ڪتابن جي واڌاري وارو ڪردار ڪٿي وساري سگهان ٿو.
ادا، مان سوالن ۽ حڪم موجب اُهي گهربل جواب نه ڏئي
سگهيو آهيان. هيءُ سڄي عمر جي ڪمائي ۽ اکين ڏٺي
احوال جو ماضيءَ جي خرار نما ڍڳـِن مان کنيل ڪي
داڻا سمجهڻ کپن. گهڻو ڪجهه ٻئي دفعي.
’روح رهاڻ‘ وري نڪري يا نه، پر بزم روح رهاڻ پنجن
سالن کان هلندڙ آهي. اُن جا به ايترا سڄڻ ۽ ويري
به اوترائي نڪري پيا آهن. جيترا ماهوار ’روح رهاڻ‘
جا.
تازو هڪ نواجون صحافي صاحب جيڪو جڏهن به لکندو
آهي، منهنجي خلاف ئي لکندو آهي. ڪيترائي خلاف
لکندا رهيا آهن، مون واتان ورائي ڪنهن کي به جواب
نه ڏنو آهي. پر هيءُ ڳالهه عجيب ۽ غريب آهي ته هُن
لکيو آهي: ”جي.ايم.سيد روح رهاڻ ڪڍندو هو ۽ جشن
روح رهاڻ منعقد ڪرائيندو هو ۽ سندس جشن وارو آواز
سندس ڪنن ۾ گونججي رهيو آهي.“ (هو ته شايد اُن وقت
ڄائو به هو يا نه) ادا اُن کي ڇا چئجي، وڌيڪ تون
ڄاڻين ٿو. تون ته ڪيترن بزرگن دوستن وٽ گڏ هليو
هئين، جن مدد ڪرڻ بجاءِ آسرا ڏنا هئا ته تـِرَ لهن
ته پوءِ پيسا جام. نه تر لٿا نه پيسا مليا.
بهرحال، جن به مالي حالتن مان گذري هيءُ ورهين جا
ورهيه اڄ تائين ڪم
ڪيون ٿا ۽ پنهنجن ٻچن جو پيٽ ڪٽي ٻين آڏو سڀڪجهه
رکيوسين. راضي ڪير نه ٿيو. هٿان الزام لڳا، پر
منهنجي اندر واري مٿان ڪوبه بار نه آهي، ڇاڪاڻ ته
اسان گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي قرض مان ڪجهه ڪڻا لاهڻ جي
ته ڪئي آهي. ٻين وري قرضن کي ٻيڻو ڪري پنهنجي مٿان
قرض ته نه بيهاريو آهي، پر ٻين مٿان وتن ٿا الزام
هڻندا ۽ قرض چاڙهيندا. پر آخر ڪيستائين؟ سنڌ
ويچاري جي دانهن نيٺ ته اگهائبي. (مرحوم غلام
رباني کي لکيل هڪ جوابي خط جيڪو سندس ڪتاب ”ماڻهو
شهر ڀنڀور“ جي سلسلي ۾ لکيو ويو.
مان توهان جو ٿورائتو به آهيان جو تو مون تي مضمون
لکڻ جو سوچيو آهي ۽ انهي ڪتاب لاءِ مون کي ديباچو
لکڻ جو پڻ ارادو ڏيکاريو آهي. اُميد ته نامڪمل
احوال ڪجهه نه ڪجهه ڪم ايندو.
*
اسان جو ساٿ ڌڻي
شخصيت: قاضي سچيڏنو صاحب
ڪي رَسُ رهائي، رهيو پون، ڪي رَسُ ئي رَسُ ۾ اُٿي
کڙا ٿين، ڪي ته اهڙي رَسُ رسائي وڃيو عرش رسن، جو
سندن رس رهاڻ، سندن ساٿ ڀريو ساٿ وسريو نه وسري،
هر وقت سندن احساس ئي هنئين اندر هَرُ بڻيو پيو
ڦاڪون ڪندو، يا ته ٺري ۽ گهُري ڏڍ جا پها ٿيو رڳ
رڳ ٺاري ڇڏيندو.
محترم قاضي سچيڏنو، اسان جي هن ڀٽڪيل قافلي جو اهو
ساٿي هو، جيڪو رس ئي رس ۾ ساٿ نڀايو، وڃي عرش
رسيو. سندس سونهي ڏات اسان کي گهڻو ڪجهه ڏنو. سندس
صلاحون، قرب ڀريا ٻول وک وک تي سرهائي ۽ ساٿ بنهه
وسرڻ جو ناهي.
سندس نوڪري وارو زمانو، جڏهن هو ڊپٽي ڪمشنر هو،
ايڊيشنل ڪمشنر هو، ۽ مختلف وڏين جاين تي رهيو،
تڏهن به سندس نرم سڀاءُ، ٻين لاءِ جيئڻ جي آس،
قوميت ڀريا جذبا ۽ هر ڪنهن جي دک سک جو احساس سندس
وڏيون خوبيون هيون. نوڪري هلندي ئي سندس صحت ڪِري
پئي، انهي ئي زماني ۾ سندس جذبن نوان لاڙا پسيا ۽
هُن پنهنجي نينگرن اشفاق حسين، ابرار حسين، اعجاز
حسين ۽ ڪڪين نسيم ڪوثر ۽ نشاط تبسم کي هن قافلي
سان ساڻ ڪري ڇڏيو ۽ کين هر وقت سنڌيت جي جذبن جي
اونهاين ۾ نيندو رهيو ۽ همٿائيندو رهيو، جنهن جي
نتيجي ۾ سندس اولاد سنڌي ادب جو سرمايو آهي.
سندس اهو ساٿ وسريو نه ٿو وسري جو بستري داخل
هوندي به هو اسان سڀني کي گڏ ڪري، همٿ نه هارڻ جي
قوت بخشيندو رهيو. نوان طريقا، نيون روشنيون
رسائيندو رهيو. اسان هُن مردِ مجاهد کي ڪڏهن به
مايوس نه ڏٺو. سندس آڏو مايوسي گناهه هئي ۽ مايوسي
جا اهڃاڻ پُرخطر اهڃاڻ هئا. اهوئي سندس وڏو ساٿ
هو، جو ’روح رهاڻ‘ اڄ تائين مايوسي جو منهن نه ڏٺو
آهي ۽ سنڌيت جي جذبن جي تحريڪ بڻجي جڳ جڳ ۾ ڦهلجي
وئي آهي.
اسين انهي ساٿ ڌڻي جا ٿورائتا آهيون، شال ڌڻي کيس
انهن نيڪين
۽ ڀلاين جا ڀاڙا ڏئي ۽ اُتي کيس سکيو رکي، ۽ سندس
پونئيرن کي اها همٿ ۽ قوت بخشي جا سندن وڏو
خانداني اهڃاڻ آهي.
جيئن ئي سندري اُتم هت آيا، دعوتن، جلسن ۽ محفلن
جو دور شروع ٿي ويو. ڏيپلائيءَ جي المنظر تي
چانهه، اُتم جو ٿيوسافيڪل هال ۾ ليڪچر، رباني جي
مانيءَ جي دعوت، سچل ڪاليج طرفان منعقد ڪيل جلسو،
سٽي ڪاليج ۾ چانهه، سنڌي ادبي سنگت، بزمِ طالب
الموليٰ ۽ رائٽر گلڊ جي گڏيل مانيءَ جي دعوت ۽
زندگي پبليڪيشن طرفان منعقد ڪيل ڪچهري ساڻن
گڏجاڻين جا نمايان موقعا ۽ مهلون هيون. زندگي
پبليڪيشن طرفان ڏنل دعوت ۾ سڀني اديب دوستن ۽
مهمانن جهڙي نموني ۾ بي تڪلف ٿيا ۽ محفل ۾ جو رنگ
ڀريوُن تنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي.
مون سندن آجيان ڪندي هتي جي ادبي سرگرمين جو جائزو
وٺي سندن ڏيکاريل قرب جا ٿورا مڃيا. ۽ پوءِ ادبي
محفل شروع ٿي. امداد حسينيءَ سندن آمد تي جيڪي
ڪجهه محسوس ڪيو هو اُهو سڀڪجهه سندريءَ ڏانهن
مخاطب ٿي نظم جي صورت ۾ پيش ڪيو.
شمشير جي نظمن پڻ رنگ ڄمايو. مراد علي مرزا جي
ناول جو باب پڻ ڪافي دلچسپ هو. انهي ادبي محفل
هلندي، چانهه جو دور هليو ۽ پوءِ سندريءَ اياز جي
ڇيڄ ۽ ’دکايل‘ جو گيت جهڙي نموني ۾ ڳائي ٻڌايا
تنهن ته بنهه چوڌاري آواز جي سنگيت جون لهرون
ڦهلائي ڇڏيون.
آخر ۾ اتم ۽ سندريءَ پڻ سڀني دوستن جو شڪريو ادا
ڪيو، جن کين سڪ ۽ قرب جا گل آڇيا هئا.
محفل ۾ خاص طور محمد ابراهيم جويو، غلام رباني،
شمشيرالحيدري، امداد حسيني، ع.ق. شيخ، ناصر
مورائي، آغا سليم، جمال رند، اشفاق حسين، مراد علي
مرزا، عبدالغفور انصاري، چنه شبير ناز ۽ شمس
عرساڻي نمايان هئا.
خواتين اديبن مان بيگم زينت چنه ۽ بيگم مجيده
سلطانه ڀرڳڙي خاص طور شرڪت ڪئي.
اِنهي محفل کي يادگار بڻائڻ لاءِ اشفاق حسين
تصويرون ورتيون.
- ۽ پوءِ ياد اچي ٿي اُها شام جا اوتري اُداس هئي
جيترو اُهو وڻندڙ صبح، جنهن شام جو مون کين الوداع
چئي. سندن اکين ۾ محبت ۽ پيار جي ساگر پئي ڇوليون
ڏنيون. مان سندريءَ جي انهن سڪ ۽ قرب وچان چيل
ٻولن جو به ته جواب ڏئي نه سگهيس، پوءِ مون کين
جهڪي پرڻام ڪيو ۽ هليو آيس.
[1964]
يادگيرين جو سفر- 1
يادگيرين جا انبار کڻي ماڻهو ڪاڏي وڃي؟ يا ته وڃي
ڪي محفلون مچائي ۽ يارن سنگتين سان ڊاڙون ٺڪاءَ
هڻندي هنيان جو بار هلڪو ڪري، يا وري ويچار پچاري
وڌيڪ هنيان ڳرو ڪري ويهجي سڀ کان ڀلو ڏان اهو آهي
جو قلم کڻي يادگيرين جي انبار مان ڪاگهڙي چورائي
ڪجهه لکي وٺجي.
هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي سفر جو رُخ پنهنجو
پنهنجو ٿئي ٿو. ڪڏهن اڻائو ڪڏهن سڻائو، ڪير چئي
سگهي ٿو ته گودڙيءَ ۾ لعل لڪل آهي يا هندوري ۾
لڏندڙن جو حال وڃي هيڻو ٿيندو.
اصل ۾ انهيءَ حياتي جي سفر جي رستي کي ڪئين ور وڪڙ
آهن. مان جڏهن انهيءَ رستي تي هنيل پنڌ کي ياد
ڪندو آهيان ته ڪڏهن ته سرور ۾ اکيون ٻوٽجي وينديون
اٿم، ۽ وري ڪڏهن بت سڄو سيسراٽ بڻجي ويندو آهي.
مون کي ياد آهي اهو زمانو جڏهن ”روح رهاڻ“ رسالي
جي ذميواري سر تي هئي. ”روح رهاڻ“ جي شروعات 1960ع
۾ ٿي، اسانجو فقيراڻو لڏو، روزانو اٺ آنا خرچي ملي
توڙي جو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندا هجون. پٽ سٽ، پن سن
ڪري رسالي جي شروعات ڪئي سون، ڏاڍا پر اُميد هجون،
ان وقت شروع ۾ مون سان غياث ۽ ناصر گڏ هيا. ٻئي
مون وانگر ڦڪڙ غياث ويچارو ڳوٺان آيل خرچ مون کي
ڏئي، مهينو سڄو ويچار ۾ گذاريندو هيو. ناصر
سالياني خريدارن لاءِ سٽون ڏاڍيون ڏنيون، پر جنهن
وٽ وڃي : ڀلا کيس تقرير جو شوق وٺي ڪو اهڙو بحث
شروع ڪري جو يار پرچي جي ڪاپي مفت ۾ وٺي ڇڏنس خبر
تڏهن پئي جو ٻن چئن مهينن ۾ اسانجو حال هيڻو. مطيع
الرحمن پريس وارو ڪيستائين اوڌر رکي؟ اهو به ان
وقت اڃا ”هاري حقدار پريس جو مقاطيدار هو مقاطعو
ڏئي، يا اسان سان وهي ! جڏهن پنهنجي پريس ٿيس تڏهن
واقعي هو وهيو ۽ مڙسان مڙسي هليو. ڌڻي کيس جنت ۾
جايون ڏئي. جڏهن پرچو بند پي ٿيو: سنگت پي
ويچاريو، مان جيجل بيگم زينت چئه سان صلاح ڪئي.
اها ويچاري ان وقت پاڻ مالي مشڪلات ۾ هئي. تنهن
پاڻ اجازت ڏني ۽ مان مرحوم جي، ايم شيخ سائين وٽ
گهڙي ويس. شيخ صاحب ان وقت ”ڳوٺ سڌار“ کاتي جو وڏو
صاحب هو ۽ جي او آر ۾ اسان جي گهر سان گڏ گهر هيس
۽ منهنجي والد صاحب مرحوم سيٺ محمد اسماعيل سان
دوستي پڻ هوندي هيس. مون شيخ صاحب لاءِ نوڪري لاءِ
عرض ڪيو، هن بنهه انڪار نه ڪيو پر والد صاحب سان
ڳالهائڻ جو اشارو ڏنائين، مون کڻي پيرن تي هٿ
رکيامانس، ڇاڪاڻ ته مون کي خبر هئي ته بابو سائين
مون کي نوڪري ڪرڻ نه ڏيندو. هن جو ارادو هيو ته
نينگر پڙهي ۽ پڙهي سي ايس پي يا وڏو آفيسر بڻجي.
شيخ صاحب جو اهو احسان مان نه وساريندس، هن مون کي
نوڪري ڏني ۽ انهن پيسن مان” روح رهاڻ“ تڙڳي هلي.
مون کي جڏهن پهرين پگهار ملي ته ”روح رهاڻ“ جي
سلسلي ۾ قرض ڏيڻو هو پر ان سان گڏ اهو به هوته
پهرين پگهار امڙ جي هٿن تي رکان مان منجهي پيس.
جيتوڻيڪ بابي سائين جي ناراضگي سبب والده به ڪجهه
پري پري هئي. جيتوڻيڪ منهنجي پگهر جو پورهيو قوم
جي لاءِ هيو پر امڙ جنهن سڄي حياتي مونکي ڏني ۽
پگهر سان گڏ رت ست ڏنو، ان کي مان ڏيڻ تمام ضروري
هو. مان وڃي پيرن تي هٿ رکيامانس. پهرين پگهار
/250 (اڍائي سو) هٿ تي رکيامانس. اکين ۾ ڳوڙها اچي
ويس. وڏي پٽ جي پهرين ڪمائي جو هيس. مان ڏاڍو خوش
هيس. روح رهاڻ جو حشر نشر ٿي ويو. رسالي جي سائز
نون يارن ڪٽي چڍيءَ جهڙي ڪري ڇڏي هئي. مطيع الرحمن
چپ هو. اوڌر ئي پني ڏيڻ وارن به هاڻ نابري واري،
مون ڇڪي ٻيو مهينو ڪڍيو. پهرين تاريخ پگهار کڻي
امڙ وٽ ويس. وري به روئي پئي هيڏي عيال وارو
گهراڻو، سندس هٿ به ايڏو کليل نه هو. مان صبح جو
جيئن ٻاهر نڪتس پتلون جو کيسو ڳرو لڳم: ڏٺم ڪافي
پيسا هيا. ويچار ۾ پئجي ويس، ڳڻيم ته ٻئي پگهارون
پوريون هيون. سمجهي ويس، هڪدم امڙ وٽ ويس، اڃا
ڪڇان ئي ڪڇان ته يڪدم چيائين:
مٺل، هنن پيسن جي ضرورت توکي آهي جڏهن مون کي
ضرورت پوي ته پوءِ جهجها ڏجان وڃ وڃي قرض لاهه،
ڌڻي ڪندو ته توکي تنگي ڏسڻي نه پوندي. پر ياد
رکجان منهنجو هي قرض اٿئي“
پاڻ کلي پئي پر مان رئندو نڪري آيس اهو قرض نه
لٿو، ٻيا قرض لٿا، تنگي به لٿي، پر ڀانيان ٿو امڙ
جو قرض نه لهي، نه لٿو.
جيتوڻيڪ ڪيئي سال پوءِ اها ويل به ياد اٿم جڏهن
والد صاحب جي وفات کان پوءِ گهر جي ذميواري مون تي
آئي ۽ مان سندس پورهيت هٿين تي گهر جو خرچ رکندو
هيس، ته سندس چهري تي فخر هوندو هيو. جيتوڻيڪ خرچ
اڃا بي جي ڪمائيءَ جو هيو. منهنجو ڪنڌ هيٺ هوندو
هيو. سوچيندو هيس ته اها گهڙي ڪڏهن ايندي جڏهن مان
سندس تري تي پنهنجي جهجهي ڪمائي رکي قرض لاهيندس،
اڃا اِنهي ٻڏ تر ۾ هيس جو ڀيڻ جي شادي اچي سر تي
پئي. جيڪي ابي جو رکيل هو سو به ڏنم پر پوري ڪانه
پئي. جو ڪنڌ هيٺ هيو، سندس انا کي مون مجروح ٿيندي
محسوس ڪيو، مان سڄو ڏڪي ويس،
منهنجي آڏو سندس زندگي جو لاهين چاڙهين وارو دور
سامهون اچي ويو، سندس جهريل جسم کي ڏٺم، سندس ٿڪل
چهري تي گهنج ڳڻڻ جي ڪيم، پر ڳڻي نه سگهيس، پيرن
تي ڪري پيومانس، ”امڙ تنهنجو ڪو قرض لهڻ جوڳو آهي؟
سچي، هڪ ڏينهن سڏي چيائين ”مٺل پيسا کپن، نياڻي جو
معاملو آهي،
مان ان وقت پريشان هيس، ”ڪٿان ٻيا آڻيان؟ سڀ ڪجهه
ته ڏنو اٿم!“ منهنجي لهجي ۾ کهرائي هئي. هوءَ ڪا
گهڙي چپ رهي، پوءِ يڪدم چيائين، منهنجو توڏي قرض
آهي.
”قرض_!“
چوڻ پئي چاهيم ڇاجو قرض، ڪهڙو قرض؟ پر يادگيرين جي
سفر جي گهڙي گهڙي ياد هوندي اٿم، ٻڏي ويس، ”ايترا
پيسا ڪٿان ايندا“ پر يڪدم امڙ کي چيم، ”امڙ تو کي
پيسا پهچندا.“
مان نوشهري کان حيدرآباد واپس آيس، منهنجي ڏک سک
جي ساٿي زينت پريس کي اچي وڪيم. بنهه روئي پيس.
ڏاڍن سورن ۽ پيٽ کي مٺيون ڏئي اها پريس ٺاهي هيم،
جنهن ۾ جيجي زينت چنه جي پل پل جو پورهيو به شامل
هيو. هوءَ به هاڻ هن دنيا ۾ نه رهي هئي. مون پريس
اوڻي پوڻي اگهن ۾ وڪي ۽ پيسا اچي امڙ جي هٿ تي
رکيم، هو هيترا پيسا ڏسي وائڙي ٿي وئي. هن کي
منهنجي هيڻي حال جي خبر هئي ”نيٺ قرض لاٿئه!“
پل لاءِ منهنجو ڪنڌ فخر کان مٿي ٿي ويو، پر چيم
ته، ”امڙ ڄمار وهان ۽ ڳران ته به نه لاهي سگهان،
تنهنجو قرضي آهيان ۽ رهندس جيجل!“
هن منهن مٿي کڻي نهاريو، سندس چهري تي هاڻ ڪو فڪر
نه هو، مون محسوس ڪيو ته سندس سڀ گهنج لهي ويا
هئا، سندس منهن اجرو ۽ روشن هو، مون کي لڳو ته
منهنجو من نه رڳو وڌيڪ اجرو ٿي ويو آهي، پر منهنجو
آئيندو به روشن آهي وڌي مٿي تي هٿ رکيائين رڳ رڳ
ٺري پيم، اڻانگي پنڌ وارو هيءَ حياتيءَ جو سفر
ڏاڍو سولو ڀانيم.
يادگيرين جو سفر- 2
زندگي جو سفر ڏکيو هجي يا سکيو پر انهي سفر ۾ گڏ،
ڏک سک ۾ شامل همسفر ساٿي ڪڏهن نه وسريا اٿم ۽ نه
وسرندا. ان ڏينهن پنهنجي جهوني بزرگ ساٿيءَ کي
ڏاڍو ياد ڪيم، جڏهن سندس نياڻيون ڊاڪٽر نصرت ۽
ڊاڪٽر سيما سندس ٻارهي جي انتظام جي سلسلي ۾ صلاح
ڪرڻ آيون. هن مهيني ۾ سندس ٻارهو آهي لڳم ڄڻ
منهنجي سامهون ويٺو آهي، ڪل ڪلهوڻي ڳالهه آهي،
زينت هائوس جي خوبصورت ورانڊي ۾ ساڳوان جي آرام
ڪرسي تي اڀو جڳن کان ويٺل هڪ ڏاهو، باهمت، اهڙو
انسان جنهن جي شفقت ۽ محبت سان ڀريل جملا اڄ به
ڪنن ۾ ٻرن ٿا.
”بابا! تنهنجي جيجان ته ڇڏي وئي، پر تون نه ڇڏ جان
“
مون جيجل بيگم زينت چنه سان ساٿ توڙ تائين نڀايو
هو هن پنهنجي ڏک سک جي ساٿي کي ڪيئن ڇڏيان ها؟
مون ساڻس توڙ نڀايو آخري آرام گاهه تائين گڏ هو
مانس. لڳندو اٿم ته هو اڄ به مون سان ساڻ آهي ۽
پنهنجو توڙ پيو نڀائي.
محترم عبدالله چنه، اصل ويٺل پاٽ جو، جهونو اديب،
روينيو کاتي جو ڄاڻو آفيسر ٿي رهيو. هن اديب سنڌ
۾، اوائلي دور ۾ لکيو، سندس لکڻيون مختلف رسالن ۾
ڇپبيون رهيون. سندس خاص وڻندڙ مضمون تاريخ هو. کيس
خاص طرح سنڌ جي تاريخ تي وڏو عبور حاصل هو. سندس
دلچسپ ڪهاڻيون به لکيل آهن. سندس وڏو اهم ڪارنامو
رڻ ڪڇ واري ڪيس ۾ ڪيل محنت ۾، جينوا تائين پنڌ،
سندس اهميت جو اهڃاڻ آهن. اُن ڏينهن دوست احمد
(رحمان بوبڪ بائينڊنگ وارو) آيو ۽ چيائين ته سندس
روزانه عبرت ۾ ڇپيل رڻ ڪڇ جو ڪيس هڪ تاريخي مقالو
آهي ؛ اهو ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ کپي. هو شايد جلد اهو
ڇپائي. مون کيس چيو ته، سندس تاريخي مضمون پڻ ڇپجڻ
کپن، عبدالله چنه صاحب جي سنڌ ۽ ان جي ماڻهن سان
عشق جو اظهار هيٺ ڏنل مضمونن مان پڙهندڙن کي چڱي
پر ٿيندو.
عبدالله چنه صاحب جي مشهور ڪهاڻين ”سرڪاري نڪاح“
”رشوت بند“ جلسو“ ناني امان جو ڏاجل وٽو“ جو ذڪر
ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. چنه صاحب پنهنجي يادگيرين کي
هڪ ڪتاب ۾ به جمع ڪيو آهي. وقت مليو ته ان مان
ڪجهه ٽڪر پڙهندڙن کي ضرور پڙهائبا. ڇاڪاڻ ته چنه
صاحب جي هر اکر ۾ تاريخ سمايل آهي. سندس هر مضمون
مڻيا ۽ ڏاهپ سان ڀريل آهي.
سادي ٻولي، گهرو فڪر چنه صاحب جي لکڻين جي خاص
خوبي آهي.
محترم چنه صاحب جو ساٿ مون سان ”روح رهاڻ“ سان ۽
اسانجي سڄي اديب لڏي سان ان وقت رهيو جڏهن پنهنجا
به پراوا هيا. ڪيترن بزرگن خاص طرح اسان جي نئين
فڪر کي ننديو پئي. اسانجي ماڻهن جي ڳالهه ماڻهن
تائين پهچڻ نه پئي ڏئي. عبدالله چنه صاحب، ”روح
رهاڻ“ جي هر صفحي تي سنڌ ۾ سنڌ جي ستايل ماڻهن جي
ڳالهه ڪئي.
سندس ٻارهي جي موقعي تي مون وٽ لفظ نه آهن جو کيس
خراج عقيدت پيش ڪريان، ان لاءِ مون هي ٻه لکڻيون
چونڊيون آهن. اڄ کان ڪيئي سال اڳ لکيل هي لکڻيون
اسانجي اندر جو احوال اورين ٿيون. شال ڌڻي چنه
صاحب کي جنت ۾ جايون ڏئي ۽ سندس پوئيرن کي توفيق
ڏئي ته سندس نان جي مشعل روشن رکن ۽ ههڙي املهه
ماڻڪ مٿان وقت جي دز نه چڙهڻ ڏين. ماڻهو ڀل مٽيءَ
۾ دٻجي وڃي پر شال سندس مڻيا مٽي ۾ نه ملي!
سنڌ جو پهريون گورنر
اڄ کان اٽڪل سوا سو صدي اڳ، سنڌ جو پهريون گورنر
نيپئر هو. ان جي نالي تي ڪراچيءَ ۾ نيپئر روڊ آهي.
خاص انهيءَ رستي تي نيپئر جو نالو ڇو پيو، سا خبر
نالي رکڻ وارن کي، ان کان سواءِ ڪياماڙيءَ جي رستي
تي نيپئر ٺل آهي ۽ ۽ نيپئر بئرڪس وغيره. جنهن جي
نالي چوڻ ۾ اچي ٿو ته هن ڪنهن دوست کي چيو هو ته
مون کي پنهنجين نياڻين جي شادين لاءِ چڱي رقم جي
ضرورت آهي، جا پوري ڪرڻي اٿم، اها ڪيئن پوري ٿي؟
ان جو ذڪر به عجيب آهي.
17 فيبروري 1843ع نيپئر گورنر جنرل کي ڪلڪته ۾ هڪ
تار موڪلي،
تار جو مضمون لاطيني زبان ۾ ڏنل هو، ته معاملول
مخفي رهي
(piccavi)
جنهن جي معني ٿيندي ”گناهه ڪيو اٿم
(i have sinned)
لفظ
(Sinned)
(i have scinde)
ذو معني هو يعني ته سنڌ هٿ ڪيم.
1843ع کان ٻارنهن ورهيه اڳ يعني 1831ع ۾، جڏهن
پاٽنجر مشن سنڌ ۾ آئي ته پهرين فيبروري 1831ع جي،
جڏهن انگريزن جي ٻيڙي ڪچي قلعي جي قريب آئي ته
هڪڙي سنڌي صاحب رڙ ڪري چيو، ”گهوڙا ڙي ! سنڌ هاڻي
وئي، جو اسان جو سنڌ درياهه جو رستو هنن ڌارين ڏسي
ورتو “ 1843ع جي ساڳي فيبروري مهيني ۾، ٻارهن کان
پوءِ اها پيشنگوئي لفظ به پوري ٿي. سنڌ جو ملڪ
”ٽوپلي وارن
(Hat Men)
20 فيبروري 1843ع ورتو ۽ حيدرآباد جي قلعي تي
انگريزي جهنڊو لڳايو ويو. بيگمات کي پنهنجي سامان
کڻڻ جي اجازت نه ڏني وئي ۽ مرزا خسرو بيگ ميرن جو
وزير ۽ خزانچي، ان کي چيلهه ۾ رسا وڌا ويا ته اسان
کي خزاني جون ڪنجيون ڏي يا ڏس ڏي ته خزانو ڪٿي
آهي. بيگمات پنهنجو زر زيور وغيره کڏن ۾ پورائي
ڇڏيو هو مگر انهن جي نوڪرن ۽ نوڪراڻين کان سچي
ڪرائي کڏون کوٽائي سمورو خزانو لوٽيو ويو ته شيطان
جي ڀاءُ جي ڌيئرن جي ڌام ڌوم سان شادي ٿئي ۽
نيپيئر جا محلات اڏجن. هي هو ان وقت جي انگريزي
حاڪمن جو انصاف، عدل، رعيت پروري ۽ رحمدلي.
يادگيرين جو سفر-
3
زندگي جا پنڌ پيچرا ڪڏهن به خالي نه رهيا آهن. هنن
پيچرن تي ڪئين ئي اڪيچار پائڌينڙا پنڌ ڪندا هلندا
هلندا واٽ وندر جي وٺي ويندا رهيا. زندگي جي هنن
پيچرن تي نه ڪي ميل جا پٿر لڳل آهن. نه وري
اشتهاري بورڊن جي جاءِ، جو ماڻهو انهي ءَ سفر
دوران پنهنجي لنگهڻ جونشان پتو ڏيندو وڃي. ان
ماڻهو جي اِنهي سفر ۽ لنگهڻ جو ڏس پتو همسفر ئي
ڏئي سگهي ٿو.
هن حياتيءَ جي سفر ۾ منهنجا ڪئين همسفر رهيا آهن.
ڪنهن وک
تي ڪو، ڪنهن واٽ تي ڪو مليو. ڪي ساٿ نڀايو اچن، ڪي
وري وچ پنڌ ۾ هٿڙو ڇڏايو رمندا رهن. مون سياري ۾
صبح جو ڪوهيڙي کي لهندي ڏٺو آهي ۽ سج جي تک تي گم
ٿيندي ڏٺو آهي. مون قاضي فيض محمد کي هڪ دفعي
اِئين ڪوهيڙي ۾ ويندي ڏٺو. ڪوهيڙو گم ٿيو، روشني
چٽي ٿي، قاضي صاحب مون کي نظر نه آيو. مان اڄ به
ڳوليندو رهانس ٿو، جڏهن جڏهن لکت جي پراڻن پنن کي
ڳوليندو آهيان، ته ٻين سان گڏ هيءُ ملندو اٿم.
سندس ادب ۾ وڏو اهڃاڻ سندس ناول ”جنسار“ آهي. اُن
کانپوءِ ٻيو به ناول لکيائين، پر سندس جنسار کي
وڌيڪ شهرت ملي. پر مون لاءِ قاضي صاحب رڳو ناول
نگار اديب نه هو. منهنجي عزيز هوندي به ساڻس ايڏي
ويجهڙائي نه هئي. هالاڻي جي اصل ويٺل هن همراهه
نوابشاهه ۾ وڃي گهر ڪيو هو. مون کي تڏهن مليو جڏهن
”روح رهاڻ“ جي جشنن ۾ شريڪ ٿيو ۽ لکڻيون
موڪليائين. هيءُ سياسي ميدان جو پراڻو رانديگر،
عوامي ليگ جو وفادار ساٿي ۽ سنڌ جي نئين فڪر جو
اڳواڻ هو. سنڌ ۾ آيل نئين هلچل ۾ هن هستيءَ جو
نمايان هٿ هيو. مڪمل صوبائي خودمختياري واري نظريي
جو اڳواڻ، سنڌ جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو. سنڌ جي
اديبن مفڪرن کي پاڻ سان گڏ کنيو وتندو هو سنڌ جي
اديبن مفڪرڻ کي پاڻ سان گڏ کنيو وتندو هو سنڌ جي
حقن جون پچارون ڪندو. ڪو وقت، ڪو زمانو هو ماٺ نه
ويٺو. جلاوطني، جيل، سڀ ڪاٽيائين، پر مون سندس فڪر
۾ ڦير گهير نه ڏٺي. نوابشاهه، سندس پراڻي پر
شاندار روايتي گهر ۾ ،مان ساڻس ڪئين دفعا ملڻ ويس.
ڪڏهن اڪيلو، ڪڏهن سگهرو. سندس گهر وارا ته مانُ
ڏين، پر پاڻ وسان نه گهٽائيندو هو. پيو کودمان
ڪندو. جڏهن گهر وارا پنهنجين ڪچهرين ۾ هوندا اسين
سري ٻئي پاسي ويهندا هياسين. چوندو هو، ”بابا!
جيسين سريءَ ۾ ساهه آهي سنڌ لاءِ وڙهبو رهبو.“
سندس پويون ملاقاتون مون لاءِ عبرت جوڳيون ۽ نصيحت
ڀريون هيون.
”حميد بابا، تو جيڪا مشعل ٻاري آهي، اها نه
وسامندي. اسين ڀل وسامي وڃون پر اِها ذهني ۽ فڪر
جي آزادي واري مشعل ضرور ٻرندي رهندي.“ منهنجون ان
زماني ۾ ساڻس سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مسئلن تي ڪافي
ڪچهريون ٿيون ۽ روح رهاڻ جي ايڊيٽوريل نوٽ ۾ سندس
ڪنهن نه ڪنهن فڪر جي پچار ضرور هوندي هئي. سندس
فڪر ۾ گهرائي ۽ گيرائي تڏهن آئي جڏهن هو سنڌ جي
مفڪر علامه آءِ آءِ قاضي جي ذات سان وابسته ٿيو.
سندس پويون لکڻيون علامه آءِ آءِ قاضي جي فڪر ۽
شخصيت جي پڙلاءَ سان ڀريل آهن. سنڌي اديبن جا
احتجاجي جلوس جلسا هجن يا سياسي پارٽين جا جلسا ۽
جلوس، قاضي صاحب هميشه اڳيان ۽ نمايان هوندو هو،
شايد ٿورن کي خبر هجي ته قاضي صاحب ڪافي شعر به
لکيو. جيئن ته پاڻ راڳ جو ڄاڻو ۽ شوقين هو،
تنهنڪري سندس شعر ۾ به اهائي سنڌي راڳ جي ڪيفيت
آهي. جشن روح رهاڻ ۾ ميوزڪ لورس ڪلب“ جي پاران
سجايل راڳ جي محفل ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هيو. هو هڪ
دفعو ان محفل ۾ ضرور شريڪ ٿيندو هيو. هو هڪ دفعو
ان محفل جو خاص مهمان به رهيو. سندس شعر جا ڇپايل
ڪتابڙا ڏٺا هيم پر اٿم ڪونه. سندس ڪافي مواد اڻ
ڇپيل ڏٺو هيم. سندس نينگر توڙي نينگريون پڙهيل
لکيل روشن خيال ۽ همٿ وارو سٿ آهي، سندس هن وائي
جا بند ڏسو:
ڪانهي خاطر ڪنڌ ڪپائڻ،
ڪانهي ڳالهه ڳري او سائڻ،
منصور بنجي سوري سجائڻ
ڪانهي ڳالهه ڳري او سائڻ
مومل ماڻي سيج وڇائڻ
ڪانهي ڳالهه ڳري او سائڻ
گڏجي ڪا نئين جوت جلائڻ
ڪانهي ڳالهه ڳري او سائڻ
دل ۾ سنڌ جو درد سمائڻ
ڪانهي ڳالهه ڳري او سائڻ
کين گهرجي ته قاضي فيض محمد جي فڪر کي عام ڪن،
ڇاڪاڻ ته سندس سڄو فڪر سنڌ جي فڪري آزادي متعلق
آهي، سندس لکڻين ۾ همٿ ۽ ڏاهپ جا نڪتا آهن. جڏهن
سنڌ جي تاريخ جا صفحا اٿلائبا ته قاضي فيض محمد جو
ذڪر ضرور ايندو، جو هو پڇاڙي تائين فڪر جو پرچار
سنڌ جي حوالي سان ڪندو رهيو.
ڪاڳر ڳوليندي ڦوليندي سندس لکڻي هٿ آئي اٿم.
علامه آءِ آءِ قاضي سان عشق هن مضمون ۾ نمايان
آهي. ان جي فڪر جو به هيءَ پرچاري نظر ايندو.
مان اڄ به آسائتو آهيان ته ڪنهن ڏينهن منهنجا
همسفر ساٿي فجر واري ڪوهيڙي ۾ لڪي ئي ملن ۽ مون کي
ڪا مام ڏني وڃن. جو جيڪي فڪري مونجهارا ڪلهه هيا،
اڄ اوندهه بڻجي ڪو رستو نه پيا ڏين. شال! اهي ساٿي
ور ڪري ملن جي نه مليا ته به مان کين سندن ڏٺل
يادگيرين ۾ ڳولي هٿ ڪندو رهندس، ۽ اسانجي اڄ جي
موجود مونجهاري لاءِ ڪانه ڪا راهه ضرور ڳولي
لهندس. مون لاءِ هي يادگيريون حڪمت جي نسخي کان
گهٽ نه آهن.
سڄڻن جي آخري مسافري -علامه آءِ آءِ قاضي جي وفات
تي هڪ تاثر
سڄڻ سڀ لاڳاپا لاهي وڃي سنڌوءَ سان ساڻي ٿيو. بس
اتي ئي اندر مهراڻ جي پيٽ ۾ وڃي آرامي ٿيو. مهراڻ،
پراڻين هزارن ورهين، لکن ورهين جي روايتن جي هڪ
ياد آهي، هڪ تاريخ آهي، هڪ ڪهاڻي آهي. سندس ڪپر
ڪڏهن ڪٿ ڪڏهن ڪٿ: سڄي سنڌ سندس قدمن هيٺ پئي ٻڏي
آهي. ڪئين انسان، ڪئين يادون، ڪئين ٻيڙيون ڪئين
ٻيڙا، سندس آرپار هليا. ڪئين ڪٺا، ڪئين مٺا، ڪئين
ٻڏا ڪئين تريا بس، هيءَ سنڌو هلندي رهي. ايڏي وڏي
ندي، ۽ ايڏو وڏو درياهه، ڌرتيءَ جي پيٽ تي هلندو
رهيو. مگر اهو به اڄ ويران ٿيڻ وارو آهي. سندس ڦڙو
به چون ٿا ته ڪنهن ڏينهن سمنڊ تائين نه پهچندو.
هيءَ لکن جي لوڏ واري مومل هميشه لاءِ ختم ٿي
ويندي.
اڄ ان ڏهاڳڻ نديءَ ۾ سڄڻن وڃي آستانو ڄمايو. سڄڻن
سان سنڌڙيءَ سان سڄڻن جي ڪيڏي نه محبت هئي! ڪيترا
سنياسي پنهنجي هڏڙن کي گنگا ۽ جمنا موڪلن، پر سڄڻن
جيئري سنياسي بنجي، سنڌوءَ ۾ وڃي آخري آرام ڪيو.
سڄڻ سنڌ جي نشاني هئا، جيئن لطيف کي پنهنجا مارو،
جهانگي، سامونڊي سڀ ساهه ۾ سانڍيل هئا، ايئن سڄڻ
پڻ سامونڊين کي ياد ڪري رئندا هئا، ايئن سڄڻ پڻ
سامونڊين کي ياد ڪري رئندا هئا. سڄڻ پنهنجا سانگا
لاهي، سامونڊين سان وڃي سنمک ٿيا.
پر پرين کي پريت وارن موٽائي ساڳي مڙهي ۾ آندو. پر
اڄ پرين جي اِها جهلڪ اها فلڪ ڪانه آهي. اڄ ماٺ
آهي. ماٺ به ڏاڍي ماٺ! جت پنجاهه سان گذري ويا، جت
جوڳيڙن جو جوڙو، هلندو هئو. ڦرندو هئو. ڪهڙو ترين
سان گڏ گهمندو هئو. گڏ وهندو هئو. اهي وڻ، اها
ڇانو، اهي ڇپر، سڀ ويران آهن. بس چپ آهي ماٺ آهي
سانت آهي! سڀ قرب وارا اچي وهن ٿا، پر اڄ تربدار
تمنا جي هٿن ۾ اچي قابو ٿي ويا. سڄڻن جوسهڻو آواز،
سڄڻن جي مٺي لات، اڄ هن اوتاري ۾ ڪانه آهي. خالي
بدن آهي اڄ زندگيءَ جي شام آهي، نه ته اڄ اها
زندگي ڪانه آهي، صرف هڪ مام آهي. هيڏي وڃ، هوڏي
وڃ، بس سڃ ۽ رڃ آهي. هيءَ مٺين تارُن وارو ساز،
هيءَ محبت وارو راز، هيءَ مونن ۾ منهن پائي وهڻ
وارو ناز، اڄ بي آواز آهي، سڀ تانگهي رهيا آهن. من
ڪي من موهيندڙ مورتون نڪري نروار ٿين. اهو مرڪڻ
ويو، هو بس اڄ بي وس آهن. هيءَ مورتون ۽ صورتون هي
کٽون وهاڻا، هيءَ هنڌ پلنگ، سڀ اداس آهن. هيءَ وهڻ
۽ گهمڻ وارا، هيءَ ٻولين ٻولڻ، هيءَ ٻين جي ڏکن ۾
ڏکي ٿيڻ وارا اڄ آخري سفر تي هلڻ وارا آهن.
عاشقن جو جنازو ذرا ڌوم سان نڪري، نه هيءَ اهي
عاشق نه آهن. ڌوم کان دور تمام گهڻو دور بس
اڪيلائي، نه ڪو، ماڻهو هجي نه ڪو پکي هجي، نه پن
هجي، نه پن جو آواز هجي بس خاموشي هجي، چپ هجي،
ماٺ هجي، پر سندن قرب جي جهولي ڏاڍي اونهي ۽ وڏي
هئي: جو به جهولي ۾ آيو ۽ جنهن به قرب جون گهڙيون
وٽن ڪاٽيون ، تن کان سڄڻ وسرڻ جهڙا ڪين آهن.
اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،
اٺئي پهر اٿن، سعيو ڪنهن سفر جو،
ڪهڙو سفر؟ ڏاڍو ڏکيو سفر، وري نه موٽڻ وارو سفر!
سڄڻن جي مٿان گل ڦل وڌا ٿا وڃن، سينگاري سڄڻن کي،
ساري سنگت سنبري نڪري ٿي، جوڳيئڙا جهان جي جهنجهٽ
کان اڳئي پري هئا، پر اڄ ته ڏاڍو پري پيا وڃن.
ننگر ۽ ناڙيون، پڳهه کڻي پنڌ پيا،
بندر بازاريون؛ سڃا سامنڊين ريءَ
-
سيئي جوڀن ڏينهه، جڏهن سڄڻ سفر هلئا
رئان، رهن نه سپرين، آيل! ڪريان ڪيءَ
مون کي چاڙهي چينءَ، ويو وڻجارو اوهري!
هيءَ هتان اڄ هلي رهيا آهن. هيءَ آسمان، هيءَ چنڊ،
هيءَ تارا نياز وارا اڄ بند ٿي ويا، هو تارا، هو
چنڊ، هو آسمان، اوڀارا ۽ لهوارا ڀڄن ٿا، هنن تارن
۾ پاڻ کي ڏسڻ لاءِ، مگر هيءَ اکيون هميشه لاءِ بند
ٿي ويون. هيءَ هوا هيءَ پڙلاءِ هرهر هيڏي هوڏي ڦرن
ٿا. من زبان چري، من منهن کلي، من موتي جهڙا اکر
اچارجن ته هو هن کي کڻن، سڪ وارن کي پهچائن، هوا
اداس آهي، هيءَ زبانون هيءَ منهن هميشه لاءِ بند
ٿي ويا.
وڻجارن وري، پره پڳهه ڇوڙيا
اوليون پسي انجون پئڙم ڳچ ڳري
وينديس ماءُ مري ؛ ساري سامونڊين کي
هيءَ نسبت به عجيب آهي، هيءَ سنگت به عجيب آهي. سڀ
چپ! سڄڻ ته صفا چپ! ايڏي چپ !
هيءَ مڙهي به هاڻي ڇڏي نڪتا آهن. وري هت ڪونه
ايندا، وري هت ڪونه گهمندا، وري هت ڪونه ملندا،
مون اُڀي تڙ وٽ پرين پڳهه ڇوڙيا
ڪا منهين ۾ گهٽ، نات سڄڻ سٻاجها گهڻون
هاڻي سپرين راهي ٿي ويا، اڳ ۾ پرين، پويان سندن
پور. ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون، ڪهڙا ڪهڙا زمانا!
ڏاڍا مٺا مٺا ڏينهن، سڀ پور بڻجي سور ٿيو پون،
ڪنهن ٿي چيو ته هيءَ ڏينهن به ايندو؟ اِهو ڏينهن
ڏهاڳ جو به آيو. اچي گذري به ويو .
اچي ساڳيءَ سنڌڙيءَ تي به پهتا، اها سنڌڙي ته آهي،
پر اهي سڄڻ اڄ ڪونهن : سڄڻ گهڻو اڳ ۾ هليا ويا.
هيءَ به پاڇا آهن. هي رڃ آهي. پاڻي ۽ پياس اڳ ۾
ختم ٿي ويا. پر هيءَ به سڄڻن جا پرتاءَ سي به سڄڻن
کان سواءِ، پنهنجو سانگ ٽوڙيو. سنبري هميشه وڃڻ
لاءِ نڪتا آهن. هنن جو ناز به سڄڻن سان هو: جڏهن
ته هيءَ سڄڻ ويا ته هيءَ ڪيئن رهن، هي به نصيب
وارا وفادار پتلا آهن، پرين کان ڌار هڪ پل به نه
رهيا.
هيءَ مسافري به اچي پوري ٿي آهي. اچي سڀ هٿ بيٺا.
سڄڻن کي سينگاري سنڀاري هيٺ لاهن پيا، بس، آخري
گهڙي آهي: وري هيءَ گهڙي به نه ايندي. سڀني کي
اکين ۾ آب آهي، دل بي تاب آهي.
اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون
هلڻ هارا سپرين رئان تان نه رهن
آئون جهليندي ڪيترو، آيل! سامونڊين
پڳهه ڇوڙي جن: وڌا ٻيڙا ٻار ۾
[قاضي فيض محمد
روح رهاڻ، نومبر 1968ع ]
يادگيرين جو سفر-
4
هيءَ تنهن زماني جي ڳالهه آهي جڏهن حيدرآباد جو
گاڏي کاتو، گهوڙي گاڏين سان ڀريل اڇن اجرن پرامن
ماڻهن جي چرپر سان پر هوندو هو. گاڏي کاتي جو
مشهور چوڪ ۽ هاري حقدار پريس هڪ ٻئي کان جدا نه
هيا. مون جڏهن مئٽرڪ ۾ گورنمنٽ هاءِ اسڪول ۾ داخلا
ورتي ته دادن جتوئي سان ملاقات ٿي جنهن سان گڏجي
هاري حقدار پريس گهمڻ آيو هيس. ڏاڍي حسرت سان پريس
کي ڏٺم. ڏاڍي سنڌ هيم ته پنهنجي پريس هجي ۽ مان هڪ
سٺو ماهوار رسالو ڪڍان. انهي شوق ۾ هاري حقدار
پريس ايندو به هيس ۽ ڪجهه ڪجهه سکڻ جي به ڪيم. ان
زماني ۾ مطيع الرحمن ۽ رزاق ڀائي گڏجي پريس مقاطعي
تي کنئي. ماڻهو چڱا هيا. مون کين سمجهيو ۽ هنن مون
کي. مون ڪتابن ڇپائڻ سان شروعات ڪئي ۽ زندگي
پبليڪيشن جو پايو وڌو.
اُن زماني ۾ جمال ابڙي جو ”پشو پاشا“ غلام رباني
جو ”آب حيات “ مورائي جو ”راتيون جاڳن جي“ ۽
منهنجو ڪتاب ”سيمي “ انهي پريس مان ڇپيا.
اِنهيءَ ڪم سانگي منهنجو اُٿڻ وهڻ پريس سان هيو.
مان جڏهن پريس تي ويندو هيس يا شام جو پريس تان
نڪرندو هيس ته عبرت پريس واري گهٽي جي ڪنڊ تي
”مولانا ٽائيپ“ هڪ ٿلو ٿنڀرو، اڇو اجريل وڳو پايو
هڪ ماڻهو مون کي نظر ايندو هيو. سهڻي سونهاري،
عينڪ ۽ ٽوپي سندس جسم مناسب نه به هوندي سندس
شخصيت ۾ هڪ ڪشش هئي. هميشه سندس هٿ ۾ پڪوڙن جو
دونو يا کائڻ جي شي هوندي هئي. مان کيس هڪ وڏي
نامياري اديب جي حيثيت سان سڃاڻيندو هيس، رسالن ۾
سندس فوٽو به ڏٺو هيم. هلڪي ملاقات به هئي. پر مان
کانئس ڇرڪندو به هيس. هڪ وڏو اديب شاعر ۽ ڪيترن
رسالن جو ايڊيٽر ٿي رهيو هو. سو پري کان وڏو سلام
هڻي سرڪي ويندو هيس. هو جڏهن به پريس تي ايندو هيو
۽ مرحوم حيدر بخش جتوئي سان اچي ملندو هيو. اسان
کيس ڏسي پريس ۾ اندر ٿي ويندا هياسين پر هو مرڪندو
دادن يا مصطفى سان ڳالهيون ڪندو مٿي هليو ويندو
هيو. مون سان سندس مکا مک ملاقات سنڌي ادبي سنگت
جي گڏجاڻي ۾ ٿي. مان ان ڏينهن سنگت ۾ هڪ تاثر لکي
کڻي آيو هيس. کيس ڏٺم ته سڄو پگهرجي ويس. منهنجي
تاثر کي ڪو خاص مان نه مليو. هن ٿلهي ٿنڀري شخص
بنهه مون کي روئاڙي ڇڏيو. جيتوڻيڪ مون ڏاڍي سٺي
انداز ۽ تاثر ڏيندڙ آواز ۾ اهو تاثر پڙهيو هو.
پهريائين ته ڏاڍي لاپراوهي سان ٻڌو ۽ پوءِ پنهنجي
واري اچڻ تي، هن هڪ پاسي واري وڏي اديب کي چيو هن
نينگر کي چئوس ته ريڊيو اسٽيشن تي وڃي صداڪاري
ڪري، لکڻ سندس وس جي ڳالهه نه آهي.
ان وقت ”سيمي“ منهنجي ڪهاڻين جو مجموعو پڌرو ٿي
چڪو هو ۽ اِهو به محسوس ڪيو هيم ته ادبي فضا ۾
ڪنهن پر مون وٽان لنگهندڙ هوا جو جهوٽو به نه هو،
مون ڪو وقت ڏک ۽ مونجهاري ۾ گذاريو، مون وچ ۾ ڪجهه
ڪهاڻيون به لکيون پر ڏٺم ته ڪو خاص چوٻول نه ٿيو.
پر جلدئي سڻائو واءُ وريو. اهو سنڌي ادبي سنگت جو
ساليانو ميڙ هو. بسنت هال ۾ ڪهاڻي جي نشست هئي.
مان جڏهن پنهنجي واري تي ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ اسٽيج تي
پهتس ته ڏٺم ته منهنجي سامهون اهوئي سانورو ٿلهو
ٿنڀرو عينڪائي مولانا ٽائپ ويٺو هو. منهنجيون ٻه
به ويون ته ڇهه به ويون. دل ۾ چيم مري ويس. پر ڏٺم
ته ڀر ۾ ڪافي مهربان بزرگ ۽ ساٿي ويٺا هيا. مون
اُتِ پنهنجي ڪهاڻي ”ڪارو رت“ پڙهي. ڪهاڻي پڙهندي
ئي مون محسوس ڪيو ته هال ۾ خاموشي ڇائنجي وئي آهي
۽ ڪهاڻي تاثر ڇڏيندي پئي وڃي. هيءَ ڪهاڻي ڪجهه
ڇرڪائيندڙ ڪهاڻي هئي. ڏٺم ته سڀني کي وڻي. منهنجو
ڪنڌ مٿي ٿي ويو. ان اوچي ڳاٽ سان جيئن اسٽيج تان
هيٺ لٿس ته ان ٿلهي ٿنڀري شخص مون کي ٻانهن کان
جهلي رستي ۾ روڪيو ”اها ڪهاڻي مون کي ڏي مان
ڇاپيندس“.
مون هن جي لهجي ۾ محبت محسوس ڪئي پر سندس ڏنل زخم
مون کان ڪاٿي ٿو وسري.
سائين مان وڃان ٿو ريڊيو تي صداڪاري ڪرڻ، موٽان ته
پوءِ ڳالهائينداسين.
هو کليو. پوءِ سٽ ڏئي ڪهاڻي مون کان ڦري ورتائين.
ڇورا! تون هاڻ اهو حميد نه آهين. مون تنهنجيون
ڪهاڻين پڙهيون آهن. تون سٺو ٿو لکين، بس هاڻي تون
سه ماهي ”مهراڻ“ لاءِ لک. مان توکي ڇاپيندس“ ان
زماني ۾ سه ماهي مهراڻ ۾ ڇپجڻ وڏي ڳالهه هئي.
ها سائين! هيءَ ڳالهه ان زماني جي نامي گرامي
مهراڻ جي ايڊيٽر عالم مفڪر ۽ ليکڪ موانا غلام محمد
گرامي جي ڳالهه هلي پئي. مولانا گرامي واقعي مون
کي مهراڻ ۾ ڇاپيو ”ڪارو رت“، ”زندگي بڻجي نه شل
سسئيءَ جا سور“ ”هڪ خواب هڪ حقيقت“.
هي ڪهاڻيون هيون جن بحيثيت ڪهاڻيڪار منهنجي ادبي
حلقن ۾
سڃاڻپ ڪرائي. منهنجي ٻي وڏي سڃاڻپ ”روح رهاڻ“
هئي. ان روح رهاڻ جي تدوين تاليف منهنجي لاءِ هڪ
وڏو چئلنج هو. ادارت جو ادراڪ مون کي گرامي صاحب
جي معرفت ٿيو. ايڊيٽنگ آهي ڇا؟ ”روح رهاڻ“ جديد
قدرن جو حامي هوندي، ڪيئن پنهنجو ڪردار نمايان طور
تي ادا ڪري سگهي ٿو؟ ان جي ڄاڻ گهڻي قدر گرامي
صاحب وٽان پئي، جڏهن هو زوريءَ مون کي پنهنجي آفيس
۾ روڪي وٺندو هو ۽ گاريون ڏيندي چوندو.
ڇورا! هت ڪجهه ڪم سک، اڃان ٻار آن ٻار“
اهو ٻار ڪئين وڏو ٿيو ۽ ڪنهن ڪنهن جي هٿن ۾ پليو
نپنو ۽ پيرن تي ٻيٺو. مون کي خبر نه آهي. انهي
سلسلي جو ڪڙيون، انهي سلسلي جا وارث وصي گهڻا آهن
جن جا قصا واري سان ٻڌائندو هلندس. هن دفعي صرف
مولانا غلام محمد گرامي کي ياد ڪرڻ ڏيو ته بهتر.
هيءُ ڏسڻ ۾ بزرگ، اندر ۾ ننڍو نيٽو پهلوان مڙس،
قلم جو ڌڻي خطابت جو بادشاهه. ڏکن ۽ تڪليفن لاءِ
ويڙهو جوان. سندس زندگي جا رخ عجيب هيا. مولانا
گرامي جو دور ڪجهه هن طرح لڳيم ٿو جو ان دور جون
نمايان شخصيتون جيڪي سندس ويجهو رهيون يا پاڻ سندن
ويجهو رهيو، ڪجهه هن طرح آهن مخدوم طالب الموليٰ،
شيخ عبدالمجيد سنڌي، حيدر بخش جتوئي، پير حسام
الدين راشدي، محمد ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو
ابن حيات پنهور محمد عثمان ڏيپلائي، تنوير عباسي،
شيخ علي محمد، خير محمد کوکر، خانصاحب عبدالله
چنا، مظهر جتوئي، شمشر الحيدري ۽ ٻيا کوڙ بزرگ
ساٿي.
اِنهن شخصيتن سان گهٽ وڌ جو ساٿ ڪجهه گهڙيون ڪجهه
گيهرايون، ڪجهه اهنج ڪجهه خوشيون سندس شخصيت کي
چٽو ڪري بيهارين پيون. جڏهن هو انهيءَ ساٿ سفر در
سفر مان پچي پچي نڪتو ته هاڻ سائين ڪير کيس روڪي.
سندس تقرير ۽ تحرير ۾ جيڪا تکائي هئي تنهن ون يونٽ
واري دور ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. سه ماهي مهراڻ جا
ايڊيٽوريل هجن يا جشن روح رهاڻ جي موقعي تي ڪيل
تقريرون. ادبي ڪانفرنس هجن يا ميلا، کيس ڳالهائڻ
سو ڏيو، باهه ٻري ويندي هئي. مان گهڻو ڪري کيس
پنهنجي ”فوڪسيءَ“ ۾ عبدالله چنه صاحب ۽ ٻين جهونن
سان گڏ کڻي ون يونٽ واري دور ۾ ڀنڀٽ ڀنڀٽ باهه
لڳائڻ لاءِ ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر پهچائيندو هيس. هڪ
دفعي ٽنڊي محمد خان ۾ جلسو هجي، ڪي يار بس ۾ ته ڪي
جهونا مون سان، مون واري ”فوڪسيءَ “ ۾ هجن (جنهن
ڪار انهي دور ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو)
جڏهن ٽنڊي پهتاسين ۽ اڃا شهر ۾ داخل ٿياسين ۽
سينيما وٽ پهتاسين ته هڪ ٽانگي تي سينيما جا بورڊ
ٽنگيل ڏٺاسون، ٽانگو لائوڊ سوڌو پڙهي لاءِ تيار هو
. مون جئين بورڊ پڙهيا ته ڪار کڻي جهليم. سامهون
لکيل هو. ”اڄ جو شاهڪار عظيم الشان جلسو“ ستارا
فلاڻا فلاڻا (اديبن جا نالا) ۽ دشمن جي دل
ڏهڪائيندڙ هنيان ڦاڙ خوفناڪ مقرر غلام محمد گرامي.
لائوڊ تي به هڪ همراه لڳو پيو هو ”اچي ويو، اچي
ويو اهو شاهڪار جنهن جو انتظار هو. طوفاني پروگرام
دونهان دار تقريرون مولانا غلام محمد گراميءَ جو
خوفناڪ پروگرام، زبردست تماشو، اڄ رات اڄ رات“
گرامي صاحب باهه ٿي ويو.
وڏا ڪي حرامي آهن. اسان ايڪٽر آهيون هيءَڪهڙي
حرامپائي
آهي؟ ماڻهن جو تماشو پڻهن جو تماشو“
”سائين توهان ايڪٽر آهيو لکيو به آخر ۾ اٿن ته
ڏهڪائيندڙ ڦٿڪائيندڙ ۽ هنيان ڦاڙيندڙ خوفناڪ غلام
محمد گرامي“.
تون ته بس ڪر بدمعاش“
”هلو پنڊال تي ته ڪئين ٿو حرامين کي ڦٿڪايان. اهي
ڪم هوندا لچ پرواني جا“
پنڊال تي هليو، پرواني ۽ ٻين کي گاريون ڏئي بالم
ٿي ويهي رهيو. سندن هنيان ته نه ڏاريائين باقي ون
يونٽي سرڪار جون ليڙيون ڪري ڇڏيائين. مجال جو ڪو
هو انقلابين جو جلسو ڇڏي، ان زماني نئين فڪر ۽
انقلاب جي ڳالهه ڪرڻ ڪفر هو. اسان تي ملحدي ۽ ڪفر
جي فتويٰ هئي ۽ اسان ڇا به هياسين پر اسان جي فڪر
۽ نظريي جي سند مولانا غلام محمد گراميءَ جهڙو جيد
عالم ۽ مفڪر هو. جيستائين گرامي صاحب جيئرو هو،
تيستائين سنڌ ۽ ان جي ماڻهن جي ڳالهه ڪرڻ اسان
لاءِ ڏکي نه رهي. ڇاڪاڻ ته بقول مولانا گرامي جي
ته طاغوتي قوتون هميشه ٻيو ٻيو لبادو اوڍي سچ جي
ڳالهه ڪرڻ وارن تي وار ڪنديون آهن. هن جشن روح
رهاڻ ۾ جڏهن چيو.
”عزيزو“ تازه فڪر پيدا ڪريو ستلن کي جاڳايو.
جاڳيلن کي وڌايو. انسان ذات جي خدمت کي عبادت
سمجهيو. حق چئو ۽ حق قبول ڪريو اهوئي آهي اسلام“.
ڄڻ ته اسان جي سڄي لڏي کي جيئاري ڇڏيائين. ڇاڪاڻ
ته اسين سڀ ان وقت سڄي سنڌ ۽ سنڌ جي ايندڙ نسل کي
نئين سر جيارڻ جو متو کڻي اڳتي وڏي رهيا هياسين.
گرامي صاحب جي زندگي جا ڪئين ئي رخ آهن. هڪ رخ
سندس چرچي گهٻي وارو به آهي. سندس چرچي ۽ گارين
کان اسين ڏاڍا لطف اندوز ٿيندا هياسين ۽ وري جوابي
چرچا ڪرڻ اسان جو ڪم هو. جي ساڻس چرچو نه ڪيو ته
دل ۾ ڪندو هو. پر هڪ دفعي ڏاڍو چڙي ويو. سکر ۾
ادبي سنگت جو سالانه ميڙ هجي. هتان اديبن جو لڏو
ساڻ هجي. خاص طرح شيخ عبدالمجيد سنڌي ساڻ هجي ۽
شيخ صاحب جو ڇوڪراڻي ڇيڙ ڏني، ڏاڍو ڪو لطف آيس. ور
ور ڪيو چوي ته ابا حميد! ماٺ ڇو ٿي وئي آهي. گرامي
صاحب کي واندو نه ڇڏيو“. ڀلا نياز همايوني جهڙو
ڀوڳائي گڏ هجي ته پوءِ اسان جهڙن کي به همٿ ٿيو
پوي. هونئن ته مان ڀوڳائي نه آهيان پر ٻن ماڻهن
سان جيترا مون چرچا ڪيا. اهي منهنجي حياتيءَ جو
وڏو سرمايو آهن. ڇاڪاڻ ته ان عيوضي جيڪي به هنن
گاريون ڏنيون، اهي جهول پائي مون جهليون. اڄ جڏهن
به کين يا د ڪرڻو هوند اٿم ته سندن گارين وارن مٺن
ٻولن کي پهريائين ياد ڪندو آهيان. اهي ٻه ماڻهو
هيا. هڪ غلام محمد گرامي ٻيو رشيد ڀٽي. سو ڳالهه
ٿي ڪيم ريل جي سفر جي، جنهن ۾ اسان سڄي واٽ گرامي
صاحب کي تنگ ڪندا رهياسين. ڪڏهن سندس کاڌي تي ٽوڪ
ڪڏهن ٿولهه تي پر گرامي صاحب بنهه نه چڙيو. رڳو
چوندو هو ، ڇورا مستي ڀل ڪيو پر کارائيندا هلو“
اسان جا به شيون آڻيندي بهرحال... ٿيا کيسا خالي.
جي ڪنهن اسٽيشن تي گاڏي نه ٿي بيٺي ۽ گرامي صاحب
جو موڊ ٿيو ته هن اسٽيشن جي هيءَ شيءَ مشهور آهي
ته زنجير ڇڪي به گاڏي روڪائي ڊوڙي وڃي، ڪڏهن کير
پيڙا ڪڏهن ڪوهر ڪڏهن کٽ مٺڙا، ڪڏهن پڪوڙا ڪڏهن
ڪيلا، بس سکر تائين ڀينگ ٿي وئي. اسان به ان عيوض
ڏاڍا چرچا ڪيس. چڙيو ڪونه پر جڏهن ڪيلا اندران
خالي، آلا پڪوڙا ڪوهرن ۾ پٿريون ڏنيوسين ته بنهه
چڙي ويو. هو کاڌي جي سلسلي ۾ نهايت حساس هو. هاڻي
پرچي ڪيئن، سکر ۾ به ڪاوڙيل. رات جو سڀ صلاح ڪري
گڏجي وياسين ۽ سڌو ”ماتا! ماتا کميا ڪريو! “ ڪري
سندس پيرن تي ڪرياسين بنهه پيرن کي چنبڙي وياسين.
”اڙي ڇورا! ڇڏيو، اڙي ڇڏيو!
ڪو چوي ”ماتا مان يڌشتر“ ڪو چوي ”ماتا مان ارجن“
ڪو چوي ماتا مان ڌريو ڌن. بس کلي ويٺو دل تي بجا ۽
گاريون ڏنائين.
ڇورا! وڏا ڪي ايڪٽر آهيو! بس اوهان جي سزا آهي ته
کاڌي جو بندوبست
ڪريو. بک لڳي آهي هاڻي رات جو ٻاهرين وڳي ماني
ڪٿان اچي.
”سائين توهان ديڳ پوري کاڌي آهي، ڪجهه ته رحم
ڪريو“
”بڪواس بند ڪريو، کاڌي جو بندوبست ڪريو“
رباني سان شوڪت جماڻي ملڻ آيو هو. انهيءَ گراميءَ
صاحب کي اسڪوٽر تي پويان وهاريو ۽ روهڙي اسٽيشن تي
وڃي ورهين جا رکيل باسي پڪوڙا ۽ ٻوٽيون کارائين.
تڏهن اسانجي جان ڇٽي. واپسي تي به شيخ عبدالمجيد
صاحب گاڏي ۾ وهندي ئي دانهن ڪئي ”اڙي نياز، حميد
ڇاهي ڀلا ڇو ماٺ آهي. شروع ٿي وڃو“ هٿ سان مولانا
گرامي صاحب ڏانهن اشارو به پيو ڪري. گرامي صاحب
ڪجهه ٿڪل هو ۽ چرچا به گهڻا ٿيا هيا. نيٺ چڙي پيو
۽ خار ۾ اٿي هليو ويو. گهڙي کان پوءِ ڪجهه خيال
آيو. ڳوليوسين ته هلندي گاڏي مان گرامي صاحب گم.
ڏاڍا پريشان ٿياسين. نيٺ هڻي هنڌ ڪيوسين. ٻين
مسافرن ٻڌايو ۽ ڏٺو گرامي صاحب
(Toilet)
۾ بند هيو. بس پوءِ در ڀڃي گرامي صاحب کي موٽائي
وٺي آياسين. پيرن تي هٿ رکياسين ته کلي پيو.
ڇورا ايڏو گستاخ ٿبو آهي ڇا “.
مون ان وقت کان پوءِ ساڻس چرچا ڪرڻ ڇڏي ڏنا. نيٺ
زينت پريس تي هڪ ڏينهن لنگهي آيو.
”اڙي ڇورا ڇاهي، آفيس ۾ به نه آيو آهين. تنهنجا
ٽهڪ نه ٻڌا اٿم ته دل بي چين ٿي پئي آهي.
”ها سائين ڪجهه پريشان آهيان.“
”مون کي تنهنجي پريشانيءَ جي خبر آهي. تو سان
ڏاڍيون ناانصافيون ٿيون آهن. پر ڏس مون سان نه
ٿيون آهن ڇا؟ سڄي سنڌ سان ناانصافي نه ٿي آهي ڇا؟
همٿ ڪر حميد. تنهنجيون قربانيون رائگان نه
وينديون. همٿ ڪر!.
گرامي صاحب هر انهي ويلي پهچي ويندو هو. جڏهن مان
سندس ٻڌايل طاغوتي طاقتن سان وڙهي وڙهي ٿڪجي پوندو
هيس. مون لاءِ اهي شامون اڻ ميو ملهه رکن ٿيون،
جڏهن گرامي صاحب مون سان گڏ هوندو هيو ۽ ڪلاڪن جا
ڪلاڪ زينت پريس ۾ مون تي آيل ڏکين ڏينهن کي سکن
ڏينهن جو آواڻ سمجهي سبق ڏيندو هيو ۽ مان سندس ڏيل
کي ڏسي ٽپ ڏئي اٿندو هيس. گڏجي وڃي ڪراچي هوٽل تي
ڪباب کائيندا هياسين.
گرامي صاحب جي گهڻ رخي شخصيت کي بيان ڪرڻ لاءِ
دفتر کپن. هڪ همٿ وارو. دل جو امير. عالم مفڪر.
وقت جي هٿان ٻين اديبن عالمن وانگر پاڻهيءَ پاڻ
گذاري ويو. اسان نه سندس علاج ڪرايو. نه سندس لاءِ
اپيلون ڪيون. هو شايد ايئن وڃڻو هو. اڄ ورهيه
گذريا. ڏاڍي ڌام ڌام ڌوم سان دفن ڪري آيا هياسين.
هڪ وڏي قبرستان ۾ انهي وعدن سان ته هت مقبرو ٺهندو
۽ هن مزار تي ادبي ڪانفرنسون ٿينديون. ميلا لڳندا.
پر ٿيو ايئن جو، ڪڏهن سندس مزار ڀرسان لنگهندي
لڳندو اٿم ته گرامي صاحب چئي پيو.
بر مزار ما غريبان ني چراغي ني گلي
تنهن ڪري شايد اڄ مان يادن جا چراغ ٻاريو ويٺو
آهيان. کيس ياد ڪرڻ، ان اڇي اجري ٿلهي ٿنڀري ماڻهو
کي، ڪيترو وقت ”عبرت“ جي گهٽيءَ وٽ پڪوڙن جي دوني
سان بيٺل ڏسندو هيس. پر جڏهن کان گاڏي کاتو، گاڏي
کاتو نه رهيو آهي، ان پاسي ويندي ڀو ٿو ٿئي، گولين
جا ٺڪاءَ ٻڌان ٿو. بس پوءِ انهيءَ ۾ ڀلائي سمجهندو
آهيان ته يادگيرين جو سفر جاري رهي، ساري رهي.
ايئن منهنجا همسفر ساٿي بزرگ مون سان ساٿ ڏئي
هلندا رهندا، هلندا رهندا، جيسين شايد سسي ۾ ساهه
اٿم. |