سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: اسان جو قلم هڪ عَلم

 

صفحو:17

 اُتر واءُ اوتي، جِتي عطر توتي

 

جيجي زرينه بلوچ جي ڪتاب جيجيءَ جو مهاڳ

زرينه بلوچ لاءِ ٻه چار اکر لکڻ ويٺو آهيان، ته لفظ هٿ نه ٿا اچن. مضمون جوڪو فريم نه ٿو جُڙي، مان جڏهن به تمام ويجهن ۽ زندگي جي پل پل سان جُڙيل سڄڻن ۽ ساٿين لاءِ لکڻ لاءِ ويهندو آهيان، ته ائين ٿيندو آهي. ان ويل ضرورت محسوس ڪندو آهيان، ڪنهن شاعر جي اڌمن وارن بيتن، يا شعر سان جيڪر شروع ڪيان.

شاهه سائين جا ڪجهه بيت، اهڙن موقعن لاءِ ڏاڍا مناسب هوندا آهن. جهڙوڪ:

”اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين....!“

”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.“

۽ اهڙن بيتن سان شروعات ڪبي آهي ته ان ماڻهو جي ڪا نه ڪا خوبي يا خوشبو ڳولي وٺبي آهي، پر ڇا زرينه بلوچ لاءِ مان گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ تعزيتي يا تعريفي دستور موجب لکي سگهان ٿو؟ جيئن سڀ ڪو لکي سگهي ٿو، ته پوءِ ڪنهن ٻئي اهڙي شاعر جا اکر ڇو نه ڳوليان، جنهن جا ٻول خود زرينه جي سيني ۾ وڌي وڻ ٿيا هجن ۽ اهي ٻاهر نڪرن ته هڳاءُ خوشبو ڦهلائيندا نڪرن. اياز کانسواءِ ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو. سوچيم ۽ اياز مليو ته هينئن مليو. ۽ سندس اکر اکر جي پاڻ لاءِ هو، ته زرينه جي وڃڻ کان پوءِ هوا جي ڪيفيت به اها ئي ٿيڻي هئي. يعني هوا هينئن به گهُلندي آهي.

ڪڏهن هوا دروازو کولي.

منهنجي گهر ۾ پيهي ايندي،

۽ مون کي ڪرسيءَ تي ڳولي،

مايوسيءَ مان موٽي ويندي.،

منهنجيءَ ميز مٿان سَوَ ڪاغذ،

پکڙيل هوندا، آءٌ نه هوندس!

گيت اڌورا آءٌ نه هوندس!

۽ ٻيو ڇا ڇا، آءٌ نه هوندس!

مان انهن هوائن جي جهوٽن جي پوئتي ورڻ جو انتظار ٿو ڪيان ۽ جيئن واءُ پوئتي وري ماضيءَ ۾ موٽي ٿو وڃي، مان سندس رَٿ تي سوار ٿي اتي پهچان ٿو، جت زرينه آهي ۽ سندس چهري تي پريشاني آهي، ”ادا! تون هيڏي ڪاڏي اچين ٿو، هيءُ ماضي نه آهي، هيءُ حياتي جو سپنو نه آهي، هيءَ موت جي وادي آهي. پوئتي موٽ. الله تو کي ڏينهن ڏئي، شال وڏي حياتي ماڻين، ٻچن سان خوش هجين.“ ۽ مان انهيءَ ويل حال ۾ موٽي آيو هيس. زرينه ته ڪانه هئي. پر سندس دعائون ساڻ هيون، جيڪي منهنجي ماضيءَ جو سرمايو هيون. هن هميشه مون کي پي دعائون ڏنيون، ڇاڪاڻ ته سندس جيڪو به سفر هو، ان ۾، ڏکن سکن ۾، هن سان ساڻ هيس. هوءَ اسان جي گهر جو ڀاتي هئي، جيجي بيگم زينت چنا جو گهر هجي،جيڪو ڄڻ منهنجو گهر به هو. يا لطيف آباد وارو گهر هجي. هوءَ پئي ڀيرا ڀڃندي، پئي خوشيءَ غميءَ وارا پير ڀريندي هئي، پر مون کيس بطور حب الوطن شخصيت جي تڏهن سڃاتو، جڏهن مون کيس هٿ ڦهلائي ۽ آسمان ڏي نهاري سنڌ لاءِ صدائون هڻندي ٻڌو. سنڌ لاءِ انقلابي گيت سندس مُک تي اهڙي جوت ڦهلائي ڇڏيندا هئس، ڄڻ شعلا ڀڙڪندا هجن. شايد سندس اندر وارو کانئس ئي ڪي سوال پيو پڇندو ۽ پيو جهوريندو هوس.

جوت ڪٿي آهي؟ جوت جڳاءِ،

باهه برهه سان جوت جڳاءِ

ڏک پيو تنهنجو در کڙڪائي،

پرينءَ وٽان پيغام پڄائي،

هڪڙو دم ڀي دير نه لائي.

[ٽئگور جو گيت]

ڪيترا دوست سڄڻ پڇندا آهن ته ڇا زرينه بلوچ ڪا خاص وصفن واري عورت هئي؟ هائو، سندس وصفن جا ڪيئي، تهه در تهه هيا، هر تهه هيٺان ڪونه ڪو دُرَ (موتي) لڪل هو، جي هوءَ لکيل پڙهيل عورت هئي ته ذميدار گهريتڙي عورت به هئي. ان سان گڏ پنهنجن ٻارن کي جنهن نموني محدود وسيلن هوندي به پالي وڏو ڪيو، اهو هڪ مثالي ماءُ ۽ هڪ پورهيت عورت جو مهان ڪردار ليکبو. بحيثيت وَرَ جي رسول بخش پليجو سندس اهليت لياقت جو معترف هو ۽ سندس بحيثيت استاد جي ڪردار، اڄ به ماڊل اسڪول جي ٻچي ٻچي جي وات آهي. ماڊل اسڪول جي انهيءَ دؤر جي پرنسپل، پرائمري سيڪشن، ڊاڪٽر قمر واحد، سندس قول فعل ۾ ڪوبه تضاد نه پسي، بطور محبتي دوست جي کيس پنهنجي ايترو ته ويجهو ڪيو، جو هوءَ اسڪول ختم ٿيڻ کان پوءِ به وٽس ويهي جهونگاريندي ۽ ڌنون جوڙيندي هئي، سندس ڌنون جوڙيندڙن ۾ وڏو هٿ محترم رسول بخش پليجي جو پڻ هيو.

سنڌي ادبي سنگت جي سالانه ميڙن ۽ ڪاليجن جي لطيفي مجلسن ۽ شامن ۾ سندس ڳايل گيتن کيس نانءُ بخشيو. خاص طرح ون يونٽ وارن ڏينهن ۾ ڪرايل جلسا سندس ڳايل انقلابي گيتن سبب سڄي سنڌ ۾ گونجي اٿيا. ماهوار روح رهاڻ جي هلايل جديد ادبي تحريڪ ۾ هيءُ اسان جي سٿ جي ساٿياڻي هئي، جشن روح رهاڻ سنڌيت ڦهلائڻ جو وڏو ڏڻ هو. سڄي سنڌ مڙندي هئي، اسان جي ان دؤر جي شاعرن جو هڪ ئي پسنديه آواز هو، جيڪو کين ڳائي پي سگهيو ۽ سندس آواز هوائن جي جهوٽن وسيلي سنڌ جي ڳلي ڳلي گونجيو. اياز جي پڪار ۽ زرينه جا آواز:

مان توکي گيت ڏيان اي ڌرتي!

تون مون تي زنجير وجهين.

جشنِ روح رهاڻ ۾ سندس ڳايل اياز جي لولي، عجب اثر رکندڙ هئي. اکيون آليون ۽ وار اڀا ي ويندا هئا.

شال دولهه ٿئين! شال دودو ٿئين!

شال سورهيه ٿئين، سنڌ تي سر ڏئين

لوليون، او ابا! لوليون! لوليون.

مون اڄ به ڪيترن ئي گهرن ۾ سنڌ تان سر جان گهوريندڙ مائرن کي هيءُ گيت انهيءَ ڌن ۾ سُرَ ۾ جهونگاريندي ٻڌو آهي.

مون سندس اندر ۾ موجود ڪيترن تهن ۾ هر تهه هيٺان موتيءَ دُرَ جو جو

ذڪر ڪيو آهي، سندس ڳائڻ جو هنر هڪموتي آهي ته سنڌيت جو جولائي جذبو ٻيو موتي آهي.

اسان جي دوست مشهور ليکڪ مرحوم رشيد ڀٽي جشنِ روح رهاڻ 1968ع جو احوال ”ڏيئا ڏيئا ڳاٽ اسان“ جي عنوان سان لکيو هو. هو زرينه بلوچ جي ڳايل گيتن جو باب کوليندي چوي ٿو: ان بعد زرينه بلوچ اسٽيج تي آئي. سنڌ جي اُم ڪلثوم،، جنهن جي آواز ۾ ڄڀيون ۽ ڄَرَ آهي، جنهن جو آواز سندس جيءَ جي جهوري ۽ زخمي روح جو ورلاپ هوندو آهي. هوءَ رڳو ڳائڻي نه آهي پر صحيح معنيٰ ۾ هڪ وڏي فنڪاره آهي. ادب جي پارکو ۽ خود مانُ جوڳو مقام رکندڙ ڪهاڻيڪاره، ”جيجي“ جهڙي اڻمٽُ افساني جي خلقيندڙ (هڪ ٻيو دُرُ چون ٿا ته هن ڪهاڻيءَ تان مٿس نالو جيجي پيو، پر مان سمجهان ٿو ته سندس شفقت ڀريي مَکَ هردي ۽ هر وقت مادرانه محبت جو اظهار بخشيندڙ رويي کيس جيجي بڻائي ڇڏيو هو، جو ان کان اڳ سنڌي اديبن جي جيجي بيگم زينت عبدالله چنا هئي ۽ سندس مادرانه ۽ سنڌيت واري روش سنڌ جي پراڻن اديبن کي اڄ به ياد هوندي.

رشيد ڀٽي لکندو هلي ٿو ته زرينه بلوچ جي فن آڏو پليجي جهڙو سخت جان پارکو به سِرُ جهڪائي بيٺو هوندو هو. زرينه هن جشن ۾ اوپري ڪانه هئي. ان جو هڪ ازلي ۽ ابدي حصو هئي. هن ڪورس ۾ اياز جي مشهور وائي: ”سهندو ڪير ميار او يار، سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو“ ڳائي، جنهن جي ڌن زرينه جي ئي ٺهيل هئي. هو اڳتي هلي لکي ٿو: ”وري زرينه اسٽيج تي آئي ته هن هيل حيدر بخش جتوئي جو نطم:

جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!

جام محبت پيئي سنڌ!

ڳايو نظم جي سُرن تي زرينه جو آواز، اتساهه ۽ چاهه جو ڪم ڪري رهيا هيا. من موهيندڙ ڌن تي، ٻڌندڙ جهومڻ لڳا. هڪ هڪ ٿي سامعين ساڻس ساٿ ڏيڻ لڳا ۽ آخر ۾ سڄي پنڊال ساڻس گڏ اٿي بيهي ڳائڻ ۽ جهومڻ شروع ڪيو. راڳ ۾ جادو هوندو آهي! اهو اُت ڏٺوسين. سڄي محفل پاڻوساري مستي ۾ اچي چڪي هئي. مان هت ٻڌائيندو هلان ته پليجي صاحب جي رهبري هوندي به جن شخصيتن زرينه بلوچ جي آواز کي جلابخشي، ڪيتريون ڌنون ٺاهيون ۽ درست ڪيون، اهي هيا ميوزڪ لوَرس ڪلب ۽ روح رهاڻ ميوزڪ سرڪل جا ساٿي ۽ اڳواڻ، محترم محمد ابراهيم جويو صاحب، مرحوم احسان علي شاهه، مرحوم نصرالله عباسي صاحب، مرحوم عنايت الله عباسي صاحب، (ٻه مشهور موسيقي جا ڄاڻو ڀائر جن منجهان مرحوم عنايت الله تازو گذاري ويو آهي جيڪو پڇاڙيءَ تائين ميوزڪ لورس ڪلب ۽ روح رهاڻ ميوزڪڳ سرڪل کي هلائيندو رهيو.) سندس هر وقت ساٿ ۾ جويو صاحب، آءٌ، نذير ڪمال ميمڻ ۽ ٻيا دوست رهياسين ۽ اها هڪ الڳ تاريخ آهي. ڊاڪٽر قمر واحد ۽ سندس ٻيون به ڪيتريون سرتيون هيون، جن کيس همٿايو ۽ سنواريو.

زرينه بلوچ جو فورم رڳو ريڊيو يا ٽي وي نه هو. هن جو وڻندڙ پليٽ فارم اديبن، شاگردن ۽ عوام جا جلسا هئا، جن جون رونقون رڳو سندس آواز سان نه پر سندس دم سان هيون، سندس شرڪت، ۽ ڪاريءَ ٻاٽ رات ۾ جوش جذبي ۽ آٿت وارا ٻه ٻول سڀني کان نعرا هڻائي ڇڏيندا هئا.

”جيئي سنڌ... جيئي سنڌ“ زرينه وٽ ڏات جا ڪيئين موتي هئا، جن جي ڪيترن کي خبر نه به هجي. زرينه بلوچ جو ريڊيو تي آواز گونجيو ته منهنجي لکيل ڊرامي ”طوفان ۽ رات“ ۾ سندس ادا ڪيل ڪردار هڪ نفسياتي مونجهاري ۾ مبتلا نينگري جو هو، جيڪا شڪ جي بنياد تي گهڻو ڪجهه وڃائي ويهي ٿي. هيءُ ريڊيائي ڊرامو ڪيترا سال ورائي ورائي هلندو رهيو. ڪيترن جو چوڻ ه ته زرينه بلوچ جي، ڊرامي ۾ ڊائيلاگن جي ادائگي لاجواب هئي. ڀلا ٽي وي ڊرامن ۽ لوڪ گيتن ۽ سهرن تي سندس پرفارمنس ڪنهن کان وسري آهي. علي بابا جي ڊرامي”دنگي منجهه دريا“ نه ته زرينه بلوچ جي پرفارمنس تاريخي آهي.

سندس وصفن جون ڳالهيون ايتريون آهن جو هيءُ صفحا ڪافي ناهن، سندس پاڻ شاعر هجڻ واري وصف به وڏي وصف آهي، سندس هڪ گيت روح رهاڻ آڪٽوبر 1965ع ۾ ڇپيو هو ۽ محترم عبدالله چنا جي جاري ڪيل عورت ليکڪائن لاءِ مارئي انعام لاءِ ان کي چونڊيو ويو هو. هيءُ گيت سندس اندر جي ڪيفيتن کي ظاهر ڪري ٿو.

منهنجا نيڻ اداس ٿو بن،

ياد ۾ تنهنجي نير وهائن،

جڏهن اچي ٿي مون لئه شام،

رات اڪيلي مون کي ماري،

ڏينهن ڏکن جو ڏيل ٿو ڏاري،

دل کي ناهي ڪو آرام،

من مندر ۾ توکي ويهاريان،

پڳ پڳ تو لئه ڏيئا ٻاريان،

تن من بيڪ بي آرام،

اکڙيون تنهنجي لئه واجهائن،

روئي روئي من پرچائن،

ڪونه ڪڏهن ٿيون ڪن وسرام.

زرينه بلوچ سان ذهني يا جذباتي ويجهڙائپ رکندڙ ڪيترائي عقيدت مند آهن پر ساڻنس عقيدت رکندڙن پاران، هي ڪتاب واري ڀيٽا وڏي ڀيٽا يه، توڙي جو مُئي کانپوءِ ڪيترائي ڪتاب لکجن پر جيئرو ماڻهو وٿ آهي، جنهن جي هڪ ئي صدا سڄي ساري تاريخ کي جنم ڏئي وجهي ٿي.

اڄ زرينه بلوچ ڪانهي پر مون کي جشنِ روح رهاڻ ۾ سندس ڳاتل اياز جو گيت جهوري وجهي ٿو ۽ سندس صدا... تاريخ جي صدا بڻجي منهنجي ڪنن ۾ گونجڻ ٿي لڳي:

نه تڙ تي تماچي، نه گندري گذارا،

آسارا آسارا ڪينجهر جا ڪنارا،

اتر واءُ اوتي جتي عطر توتي،

هيا هنج تنهنجا اتان جي اڏارا.

اسلم ۽ اياز لطيف، ننڍڙا هئا جو زرينه بلوچ جي هٿن ۾، هنجنَ مثل کين وڏو ٿيندي ڏٺم. اختر بلوچ انقلابي هجڻ جا اهڃاڻ پَسيم. زرينه بلوچ جا ڏات وارا چڳيل موتي هنن هنجن وٽ اميد ته محفوظ آهن، پر سڄي سنڌ، اڄ به کيس ساري ٿي، جنهن جو مظهر هيءُ ڪتاب آهي. اڌمن ۽ جذبن سان ڀريل هڪ اهڙو ڪتاب. جيڪو شايد زرينه کي جيئرن وانگر ئي زندهه رکي. ڀلي ڪيترا جُڳ گذري وڃن. زرينه بلوچ جهڙيون موتين مالها هستيون، ورلي ئي پيدا ٿينديون.

 

پن ڇڻ کان پوءِ جا ورق

فتاح ملڪ جي ڪتاب:’جيڪي ياد پيوم‘ جو مهاڳ

 

عجب هيءَ داستان حيات آهي، ٽٻي هڻ ته ٽٻي، نه لڳي، ترڻ جي ڪر ته تري نه سَگهُه پر هن داستان جو اَنتُ ڪونهي، کُٽڻ جو ئي ڪونهي. بَحر هوندي به تراکڙو آهي. ڇا وطن جي عشق سان لاڳاپيل داستان ائين هوندا آهن؟ ڇا حياتي جي بي ثباتي جي ڪري يا داستان پوري ٿيڻ کان اڳ حياتي ختم ٿيو وڃي پوءِ نه داستان گو رهيو نه داستان پورو ٿيو. حياتي اڳ ئي پوري ٿي وئي.

اسان جو فتاح ملڪ هيءَ ڪهڙا داستان، ڪهڙا سفر کڻي ويٺو آهي حياتيءَ جو سُٽ سلجهائڻ بابا! جي ائين هيءُ منجهيل سُٽ سلجهي ها ته پوءِ اسين سڀ هيءُ گانو نه ڳايون ها!

لَٽِ اُلجهي، سُلجها جاري بالم

فتاح سائين جو سُٽ انهيءَ ڪري منجهي پيو آهي، جو ڪالم لکندي داستانِ حيات بيان ڪرڻ ويهي رهيو آهي. ڀلا ڪالمن ڪڏهن حياتي جي لاهن چاڙهن جي سَٽ جهلي آهي. اهي ڪٿائون هجن. يا ”عمر رفته کو آواز دِينا“ واريون آپ بيتيون جن کي نه منڍ هوندو آهي نه بڇاڙي پيون بيان ٿينديون آهن، دفترن جا پنا، کٽي ويندا پر هيءُ آتم ڪٿائون هيءُ جيوڻيون، هيءُ من موهڻيون سهڻيون سلوڻيون يادگيريون، هر هڪ پڙهندڙ کي اهڙي وَڪڙ ۾ آڻي ڇڏينديون آهن جو ڄڻ ائين پيو ڀاسبو آهي ته بيان ڪندڙ ۽ ٻڌندڙ يا پڙهندڙ وچ ۾ ڪو سنڌو نه رهيو آهي، تڏهن ئي حياتي جو داستان ڪنهن نه ڪنهن فلسفي يا عقيدي سان آخر تائين ڪمٽيڊ هجڻ سان ئي، پير کپي سگهي ٿو، وفا جا گيت ڳائي سگهجن ٿا. پر جيئن ته ”جيڪي ياد پيوم“ (يادگيريون) عبدالفتاح ملڪ (عفي عنه) جو نئون ڪتاب آهي. هيءُ هڪ اهڙو داستان آهي جنهن ۾ ايترا ته ور وڪَڙ، لاها چاڙها آهن جو ماڻهو سمجهي وڃي ٿو ته سچ پچ حياتي ائين ئي ٿيندي آهي.

حسينائن جي زلفن جيان پُر پيچ هنيانءَ ۾ جهير وجهندڙ ڏکڻ ڏونگرن جا لڙڪ آڻيندڙ Episodes هر وقت سفر وسيلئه ظفر، لاءِ تيار. لڙڪن سان گڏ ٽهڪ، ”نامڪمل مرڪون اُن سان گڏ ڪي ڪاميابيون ۽ ڪي ناڪاميون جيڪي ياد پيوم“ جيئن مان عرض ڪري چڪو آهيان. ته اخباري ڪالمن وسيلي بيان ڪيل داستان حيات آهي، ڪجهه جهوريندڙ يادگيرين، ڪجهه نه ياد رهندڙ گهڙين ۽ پلن جون ڪي اڌوريون يادگيريون، ڪي مڪمل ڪهاڻيون آهن.

فتاح ملڪ جيڏو وڏو شاعر آهي اوڏو سٺو ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس آهي جيئن هُن کي اوچتو خبر پئي ته هو شاهر آهي ۽ دوستن نئين زندگي ۽ ”روح رهاڻ“ کيس مهميز ڏني ۽ هو اڳتي وڌي شاعر بڻجي ويو. ائين کيس خبر پئي ته هو ڪهاڻيون به لکي سگهي ٿو. ائين روح رهاڻ ۾ سندس ڪهاڻيون ”مامو“ اُڃايل بکايل“ ۽ ٻيون ڪهاڻيون ڇپيون.

عبدالفتاح ملڪ ائين ڪمالات ڏيکاريندو رهيو، جيئن هن ”هلال پاڪستان“ ۾ ڪالم لکيا. اُنهن جو به هڪ ڪتاب جڙيو ”ڀينر هن ڀنڀور ۾“ سندس شاعري مختلف رسالن ۾ رنگ ڏيکاريندي رهي . هن سنهڙي سيپڪڙي جا شاعري جا (ٻه يا هڪ) ڪتاب ڇپيا.

اِجهو هاڻ سندس ”جيڪي ياد پيوم“ جي هيءُ ضخيم ڪتاب ڇپيو آهي وزن ڪبو ته سندس وزن کان سندس ڪتاب ڳرا بيهندا.

عبدالفتاح ملڪ صاحب جي يادگيرين جو سفر ڪجهه عجيب آهي، سندس ڪي ڳالهيون ته ٺيڪ پر ڪجهه ڳالهيون نه اعتبار ۾ ايندڙ آهن ۽ ڪيترن هنڌن تي پنهنجا سڀ ڏوهه گناهه دوستن جي ڪاني ڪراتبين جي حوالي آهن، سندس ڪاني ڪراتبين لکڻ کان آجا ويٺا آهن.

مان پنهنجي همسفر ساٿين ۽ دوستن کي پنهنجو همزاد سمجهندو آهيان. اڳين زماني ۾ اعتبار ۽ ڀروسا هوندا هُيا. هن زماني ۾ بقول جوڳي (اشفاق قاضي) جي ته

”همزاد به ائين ڏنڊي هڻي ويندو،

اِها جوڳي کي خبر نه هئي.“

هيءُ 300 صفحا پڙهڻ کان پوءِ خبر پئي ته فتاح سائين ڪيترن هنڌن تي تارازي کڻي ڏنڊي هڻي پنهنجو بچاءُ ڪيو آهي. مون کي پوءِ ياد آيو ته هيءُ ڪالم آهن، جيڪي آتم ڪٿا جو حصو بڻجي سگهن ٿا پر خود آتم ڪٿا نه آهن. هن ۾ جوڙ توڙ ٿي سگهي ٿو، پر اصل آتم ڪٿا ۾ ڀڃ ڊاهه جي گنجائش نه هوندي آهي.

فتاح سائين ڪيترن هنڌن تي پاڻ کي صحيح سمجهندي خبر هوندي به اصل نسل کان پاسو ڪيو آهي. اسان بابا انهيءَ ۾ خوش آهيون ته اوهان اسان کي ياد ته ڪيو، ناڪردهه گناهن ۾ به شامل ڪيو.

هيءُ ڪتاب يادگيرين کي اُٿلائڻ With Reference to Context لاءِ ڪتب اچي سگهي ٿو پر ڪيترن انهن ساٿين کي ڏکوئڻ جو باعث بڻجي سگهي ٿو جن لاءِ پاڻ لکيو هو.

ولر کان جدا ٿي پکيئڙي پڪاريو

ڪٿي آهيو ساٿي ڪٿي آهيو، آهيو

خوشيءَ ساڻ لهرون ڪنارن لڳن ٿيون

اُڃايل اُمنگن اوهان لاءِ نهاريو.

ڇا مان هت اُن آصف فصيح وردگ لاءِ اُهو ايڊيٽوريل هت اُتاريان جيڪو اُن وقت جي روح رهاڻ ۽ هاڻوڪي روح رهاڻ ۾ ڇپيو جيڪو اياز ۽ اوهان کي نه وڻيو هو، جيڪو آصف جي اڍنگي رويي ۽ ڪيل تقرير جي جواب ۾ هو.اُتي اسان حيدرآباد مان آيل دوست به موجود هئاسين.

توهان مرحوم عبدالسميع (فرزند) جي وڇوڙي تي اڪيلائي جو اظهار ڪندي ڪجهه يارن جي ساٿ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ڪيترن کي وساريو آهي. پر يار، پاڻ ته اُن ويلي کان گڏ هئاسين. جڏهن مومل ڄائي هئي. عبدالقيوم، عبدالسميع جي بيماري ۽ عبدالسميع صحتمند ۽ ارشد، تمڪنت، عائشه ڄاوا هئا. موڪلاڻي تي به پل پل گڏ هئاسين توهان حيدرآباد مان سان لنگهيو ته به پي پڇتايم. بيماري ۽ جڏي جيءَ ڪري مان نڪري نه پي سگهيس. اُمالڪ ارشد کي ڏياري موڪليم، ٻئي ٽئين ڏينهن مان به سکر اچي نڪتس. ڪافي گهڙيون ۽ پل تڏي تي گذاريا هئاسين. اَسين الڳ ڪڏهن ٿيا هئاسين جو تو دوستن ڀائرن کي پنهنجو هم غم نه سمجهيو تو پنهنجا درد لڪائي ۽ سانڍي اسان کي کلائيندو اسان سان ڀڳتيون وجهندو هلندو هلين. تو، ڪالمن وسيلي اندر جي سانڍيل ٻاڦ ڪڍڻ جي ڪوشش ته ڪئي پر اُها اسان لاءِ نه هئي. اِهي ڪالم به اسان لاءِ نه هئا جيڪي اهڙي اخبار ۾ ڇپيا جيڪا نه تنهنجي سڄڻ هئي نه منهنجي. جو اُن ۾ هڪ ٻئي دوست نما دشمن جا ڪالم به ڇپيا هئا. جنهن ۾ اسان جي خاندان ۽ ٻچن کي پڻيو ويو هو. اُها اخبار ان ڪري نه مون وٽ ايندي هئي نه ٻين دوستن وٽ. پوءِ ڪِن وٽان خبر پئي ته اسان جي ڦتن ملڪ کي رنج سپريان رَسيو آهي.

اصل ۾ هيءُ ڪتاب، اُنهي Depressistion جو نتيجو آهي، جڏهن فتاح انهيءَ Depression جي دور مان گذريو هو. اسان کي ان ڳالهه تي حيرت ٿيندي هئي ته فتاح جهڙو اُميد ڀريا گيت ڳائيندي هن وٽان اهڙا گيت نه کٽندا هئا. ڪو وقت اهڙو به آيو جو فتاح جشن روح رهاڻ ۾ ڳايو ويو، اياز کان پوءِ فتاح ۽ پوءِ تنوير، اُستاد بخاري، نياز ۽ ٻين جا شعر ڳلي ڳلي ڳائجڻ لڳا. فتاح جا ڪيترا اُميد ڀريا گيت، نظم ۽ شعر ”صبح ڇو نه ٿو اُڀرين اَڃا“ اُن نظم ۾ هو چئي ٿو.

او صبح!

تو ساڻ منهنجو آهه اهڙو ڀي پيار

جهڙو ڪنهن ڪنواري جو

رتل

اکڙين ڀريل

انتظار

معصوم

اهڙو ئي

جهڙو ڪنهن ٻارڙيءَ جو ننڊ ۾ ٽهڪ

اهڙو ئي سچو، مٺو ۽

اڻٿڪ

جيئن مامتا جي چُمي.

ههڙا شاعر انهيءَ دور پيدا ڪيا جڏهن نوجوان نسل، ون يونٽ جي قهري نظام، سماج ۽ ناانصافي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هو، جنهن شاعر مايوسين مان ڪنڌ مٿي کڻي حياتي کي وزندار سمجهي، مرڪي منهن ڏيڻ لاءِ هيئن چيو هو.

هاڻ حياتي هلڪي ناهي، مرڪي نيٺ نڀايو

پنهنجو من پرچايو.

پيو جي راڳ رڳن ۾ ناهين، گيت خوشي جا ڳايو

پنهنجو من پرچايو.

ڪوئي ناهين جي ڪو همدم ڳوڙهن سان ڳالهايو،

پنهنجو من پرچايو.

سارو ڏيهه ڏکن ۾ سائين، ڪنهن کي ٿا پرچايو،

پنهنجو من پرچايو.

منهنجا فتاح سائين، توهان پنهنجين تخليق ڪيل هنن سٽن تي غور ڪيو. خاص طرح ”سارو ڏيهه ڏکن ۾ سائين. ڪنهن کي ٿا پرچايو.“

هيءُ ڪتاب پنهنجي Catharsis جو ڪتاب آهي. هن ۾ ٻين جي ڏکن ۽ ٻين کي آيل تڪليفون بيان ناهن ٿيل. شابش اوهانجي. والدين، ڀائرن، عزيزن، قريبن کي آهي جو انهي ڏکيي دور مان اوهان کي ڇپر ڇانءَ بڻجي ڪڍي آيا ۽ باقي واري دور ۾ اوهان ڏاڍ ڏمر کي منهن ڏئي پاڻ کي ۽ پنهنجن ٻچڙن کي ڪڍي آيا آهيو. اِهي سڀ اوهان سان گڏ جيئا آهن ۽ سَٺو به اٿن. پر ٿوري آسپاس تي نظر ته ڪيترا سڄڻ ساٿي اوهان سان گڏ رهيا آهن. ڪي مُئا، ڪي جيئري ئي مئل آهن. اُنهن جي سارَ ڪيو ها ته جيڪر باقي بچيلن مان ڪو ڪنڌ کڻي چئي ها.

جي ديپ وسامي ويو، سڪرات هلي ويندي

۽ تيل ٻرڻ کان پوءِ، فڪرات هلي ويندي

جيسين هيءُ جياپو تيسين ته رڳون رڙنديون

تارون جي ڇڳيون هيڪر، هر لات هلي ويندي.

هيءُ ساروڻيون سنڌ جي هڪ وطن پرست شاعر جي ڏکن سکن جي وارتا آهي. جيڪا جڏهن مٿانهس گذري ته هُو سنڌ سان عشق ڪرڻ لڳو ۽ اُت عشق ۾ هُو شاعر بڻيو. هن جي سڃاڻپ شاعري آهي. هُن جي وڪالت سندس پروفيشن آهي. اُن ۾ مهارت سندس شاعري ۾ مهارت کان سيڪنڊري ڳالهه آهي.

نثر نويسي، ڪهاڻي نويسي، ڪالم نويسي سندس ”آءُ ڪبوتر توکي ساز سڏي ٿو“، ”محفل مست بڻايون يار“، ”اسان مست الستي هون“، ”ڪنهن پر ڪاڪلي کٽي ٿي“، ”سنڌڙي جا سينگار اڃا ڀي ساڳياڙي“ ۽ ”هيءُ شهر به ڪو شهر هيو“ جهڙن گيتن کي ڌڪي پوئتي نه ٿي ڪري سگهي. هنن ڪالمن جو مقصد سنڌ جي مظلومي واري صورتحال بيان ڪرڻ هو، جنهن ۾ ڪٿي ته مصنف يقينن ڪامياب ويو آهي ۽ سندس ادائيگي هڪ سٺي داستان گو جيان ڌيان ڇڪي وٺي ٿي، ڪٿي جڏهن هُن کي پنهنجو خيال اچي ٿو ته ڪيترين حقيقتن کان منهن موڙيو اٿس. هو ڪيترن هنڌن تي ڪي ڳالهيون سچي مچي ڪرڻ کان الائي ڇو لنوائي ويو آهي، جنهن جا ڪي ساکي ڀلي مرڻ ڪنڌي تي هجن پر ڪي جيئرا جاڳندا ويٺا آهن. فتاح جا هيءُ ڪالم اُميدن ۽ مايوسين جو سنجوڳ آهن. انهيءَ خود بياني کي بنهه بياني ته نه ٿو چئي سگهجي پر سنڌڙي جي غم گاڏڙ سنهري داستان جا ڪيترا ورق چئي سگهجن ٿا. جن کان منهن موڙي نه ٿو سگهجي. فتاح جي خوبصورت انقلابي شاعري کان پوءِ هيءُ پن ڇڻ کان پوءِ جا ورق ضرور سُڪل پنن جيان پهريان محسوس ٿيندا پر پوءِ فتاح جي ڳلن تان وهندڙ ڳوڙهن سان اُهي پن توهان کي ترو تازو نظر ايندا. هيءُ هڪ شاعر جو داستان حيات آهي ڪو مذاق ناهي، سنڌ سان عشق جي رُوداد آهي ۽ اُنهي شاعر جي جنهن چيو هو:

ڌرتي پنهنجي سَر تي آهي،

توکان ڪهڙو لَڪُ لڪاءُ

سوري سيج اسان جي آهي،

مُرڪي لائج ميندي ماءُ

 

 

پنهنجي وجود جي ڳولا ۾

خواجه سليم جي ڪتاب:ڪهاڻيون ساروڻيون ۽ خط جو مهاڳ

 

سليم خواجا کان سليم نورحسين تائينءَ جو هيءُ سفر مڃيل تخليقڪار کان پڪي پختي مترجم جو سفر آهي. هن مجموعي ۾ جيڪي به لکڻيون خلقيون ويون آهن، اُهي اُنهيءَ دؤر جون آهن جڏهن ممدوح سليم خواجا هو ۽ سندس شمار گهڻو تڻو ڪهاڻيڪار يا اصلي تخليقن خلقڻ وارن منجهان هو. هو ڪڙين تلخ حقيقتن جو نه رڳو اکين ڏٺو شاهد هو پر ڪٿي پاڻ به هڪ ڪردار وانگر ڪهاڻين ۽ ٻين لکڻين اندر جذب ٿيل هو. هي ڪهاڻيون ۽ ٻيون لکڻيون رڳو وقت گذارڻ يا مزي وٺڻ لاءِ نه لکيون ويون. هيءَ سليم جي رولڙي واري زندگيءَ جي انهيءَ حصي جي وارتا آهي، جڏهن سليم صرف سليم خواجا هو. هو جڏهن مزاحمتي ادب ۽ ان جي پرچارڪ ٽوليءَ جو ساٿي بڻيو، تڏهن هو وري سليم احمد بڻيو. هو انهيءَ دؤر لاءِ صرف ’روح رهاڻ‘ جو ٿورائتو آهي.

هُن هِن ڪتاب ۾ ساروڻيون لکڻ ويل ڪيترين تلخ ڳالهين کي ڍڪي بيان ڪيو آهي. ڪيترا مضمون، خط ۽ ڪهاڻيون هن ڪتاب ۾ نه آنديون آهن. ڇاڪاڻ ته سندس پاتل چهنڊڙيون ئي کيس مطمئن ڪري سگهن ٿيون. بنانpricks جي کيس لکڻ ۾ مزو نه ايندو آهي. ائين ئي سڀ ڪهاڻيون ۽ انهن جا ڪردار وري سڄي سماج کي چهنڊڙيون پائي پاڻ به رَتو رَتُ روئن ٿا ۽ ٻين کي به روئارين ٿا. انهن ڪهاڻين ۾ سليم خواجا جو پنهنجو ڪردار نروار بيٺو آهي پر بحيثيت تخليقڪار يا ڪهاڻيڪار جي سندس ٻولي ۽ لکڻ جو انداز مڃيل ۽ لازوال آهي.

سليم خواجا ۽ سليم احمد ته هتي ڏسڻ ۾ اچن ٿا پر جي سليم نور حسين کي ڏسڻو آهي ته سندس ترجمو ڪيل ڪتاب Songs of Freedom ۽ Glimpses of Sindhi Short Fiction ۾ ڏسڻ گهرجي.

ڇا به هجي، سليم پلس جون لکڻيون ۽ ترجما سندس سالن جي پورهيئي ۽ اعلى فن جو مظهر آهن، جن کي ساراهڻ ۽ مان ڏيڻ لاءِ الڳ صفحن جا صفحا لکڻ جي ضرورت آهي، جنهن جي اجازت سليم خواجا نه ڏني ان ڪري Back Cover Title تي گذارو ڪجي ٿو.

(2)

سليم نورحسين هڪ فڪرمند وڏو ليکڪ. ها! سائين اَسين اُنهي سليم خواجه يا سليم احمد يا سليم نور حسين جو ذڪر ڪري رهيا آهيون جيڪو اڄ تائين شايد طئي نه ڪري سگهيو آهي ته هو ڪير آهي. ڇا هو پنهنجي وجود جي ڳولا لاءِ ’Brown girl in Search of God‘ وانگر خود اُنهي خدا جي ڳولا ۾ آهي جنهن کيس تخليق ڪيو آهي. هونئن به هن پنهنجي تخليقڪارکان گهٽ ۾ گهٽ فن ۽ ڪردارن جي تخليق جو هنر سکي ورتو آهي اُنهي ءَ زندگي جي سفر ۾ جيڪا کيس بخشي وئي آهي. اڄ جي سليم نورحسين هن ڪتاب ڪهاڻيون ۽ ساروڻيون تخليق ته ڪيون پر شايد تَمت باالخير ڪرڻ چاهي ٿو پر اڃا سفر جاري آهي: يار سليم! فلم تو اڀي باقي هئي.

هيءُ شخص جيڪو نالا مٽائيندو وتي ٿو سو پنهنجي وجود جي تلاش ۾ ئي لڳي ٿو. پر هن يتيمي ۽ فقيري جي عرصي ۾ جيڪي پرايو آهي اُهو هن کي هڪ داناءُ پر هنرمند بنائڻ لاءِ ڪافي هو جنهن هن کي حياتي جا ڪيئي رنگ پسيا ۽ سندس اندر ۾ اُڌمن جنم ورتو.

هيءُ مرحوم حفيظ شيخ جي معرفت اسان وٽ روپ محل ۾ رُڳو بقول سندس جي ته “رهڻ ڪرڻ لاءِ 19 روپ محل کي استعمال ڪندا هئاسين.” هيءُ ڪيئن روپ محل کي پرداخت ۽ جيئاپي جي عمل سان گڏ کيس سڃاڻپ ملي. هيءُ ادارو هو جنهن سليم صاحب جهڙا ڪيئي هنرمند پيدا ڪيا ۽ هيءُ ساٿي ٻوٽن جيان هن وڻ جي ٿڌي ڇانءَ ۾ نسريا ۽ رُڳو هوا کائي پاڻي پي وڏا ٿيا. هنن ساٿين کي خبر نه رهي ته جياپي لاءِ، گهر جي وهنوار کي هلائڻ لاءِ ڪيڏا پاپڙ ويلڻا پون ٿا، جڏهن ته مٿس “روح رهاڻ” جي به ذميواري هئي. جي سندس يتيمي جا ڏينهن هُئا ته منهنجي مٿان ذميوار ۽ هوشمند ساٿين جي بي پناهه ذميوارين ۽ طعنن تنڪن جا وسڪارا به هئا. بي علمي، جاهليت ۽ اڻڄاڻ هجڻ جا الزام به هُئا. هر قلعي فتح ٿيڻ تي منهنجي بجاءِ سندن پذيرائي ٿيندي هئي. ڪا سٺي تقرير ڪندو هوس يا سٺو ايڊيٽوريل لکجي ويندو هو يا ”روح رهاڻ“ رسالي جي ماهوار سنگ ميلن جي منزل درمنزل ماڻبي هئي ته ڪونه ڪو همراهه (لسٽ وڏي آهي) کڻي وڌي ڇاتي تي هٿ هڻي چوندو هو ته هيءُ سڀ مون ڪيو آهي. مونکي القاب اِهي پلئه پوندا هئا هيءُ صرف ”چاڪليٽي هيرو“ آهي، يا ”ادبي هيرو“ يا وري ڪم عقل، ٿورو پڙهيل سنڌي خواندو آهي يا وري گگدام اسڪينڊلن جي ور چڙهيل آهي. هاڻ ائين به چوندا آهن ته ”روح رهاڻ“ جي ٽيم سٺي هئي، باقي حميد سنڌي سنڌي ادب ۽ ٻولي جي واڌاري لاءِ ڪَکُ ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. پر يارو جي ٻيو جنم مليو ته اُن کان وڌ ڪم ڪبو. ڪيئي اُميدن ڀريا سپنا هن پڇاڙي ويل به ڏسندو آهيان. دوستن ساٿين جي صدمن جو ماريل آهيان. ڇو ويٺو ڦورا ڦوليان ۽ آقي باقي چند بچيل دوستن کان محروم ٿيان. سليم جي ساٿ کان انڪاري ناهيان پر پنهنجن ڏجهن عيوض ٻين دوستن کي رَنج رسائڻ، قلم وسيلي چهنڊڙيون پائڻ نادان ساٿين جو ڪم ٿي سگهي ٿو. مان دوستن ساٿين جي همسفر هجڻ جو قائل ضرور آهيان، پر گل اُڇلائڻ ڀل شو مئي قسمت پٿر ٿي پون پر آه و فغان واري رسم کي جاوداني نه بخشڻي آهي. جيڪا گذري يارن جي صحبت ۾ سٺي گذري. هت مونکي ضيا جالنڌري جي نظم جون ڪجهه سٽون ياد آيون آهن. انهي کان اڳ جو هيءَ روڄ راڙو بند ڪجي ۽ بقول اشفاق ته روڄاري (سليم جي ترجمي سان منهنجي لاءِ استعمال ٿيل اکر) جو روڄ پٽڪو نيٺ ته ختم ٿيندو.

گلوں کی خبر نہیں

جن کی دنیا میں شام و سحر نہیں

آنکھ کی اُن جڑوں تک رسائی نہیں

اور اُن میں خواہش خود نمائی نہیں

پھر بھی دردِ آگہی دل کا دستور ہے

ایسا لگتا ہے جیسے لہو کی دھمک میں کہیں

کوئی ان دیکھا مردنگ ہے

جو جڑوں کے جنوں سے ہم آہنگ ہے جڑیں جن کو خنداں

دوستو اچو ته هن ڪتاب متعلق ڳالهايون جنهن جو عنوان آهي،

”ڪهاڻيون، ساروڻيون ۽ خط“ هي چوڻ ته سندس خواهش تي هن ڪتاب هيءُ شڪل اختيار ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته سندس اڳيون ڪتاب تقريباً ڪي سال ٿيا انهيءَ ساڳئي عنوان سان زندگي پبليڪيشن پاران ارشد حميد ڇاپي پڌرو ڪيو هو رڳو اُن جو انتساب ۽ سندس پيش لفظ ٻيا هُيا قارئين هن مهاڳ ۾ چند سٽون نوٽ ڪرڻ جهڙيون آهن جنهن ۾ نانءُ ڳڻائڻ لاءِ بندي جا ٿو را پڻ مڃيا ويا آهن.

منهنجو مطلب صرف کيس اُن ڳالهه جي يادگيري ڪرائڻي آهي ته هن ڪوبه ڪنهن کي رنجائڻ جو گناهه نه ڪيو آهي. ”دردوندي جو ديس“ جو ٽائٽل Back Cover جيڪو هن ٽي دفعا منهنجي خلاف لکيو پر تاج بلوچ آخرڪار کائنس پڇيو ته ”حميد تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“ پوءِ مون کيس ٻڌايو ته سليم خواجا يا سليم احمد منهنجو سخت هيڊ ماستر جيان نقاد رهيو آهي پر مان سندس حياتي جو Well wisher نيڪ تمنائي رهيو آهيان ۽ سندس تخليقي لکڻين ساروڻين جي طرز تحرير جو وڏو مداح رهيو آهيان. ”الا ڪنهن پر“ سندس شاندار ڪهاڻي آهي جنهن ۾ سندس ذاتي زندگي جي اولڙن سان گڏ درد ڀريون ڪيفيتون جهلڪا ڏين ٿيون.

سندس ڪهاڻي ”آڏ تراڇا آئڙا“ جديد ڪهاڻي جو انوکو موڙ آهي. مون سندس لکڻ جي ڏانءُ جي هميشه کُليءَ دل سان کيس ٿورين ڪهاڻين لکڻ باوجود هڪ وڏو ڪهاڻيڪار ۽ سٺو مترجم بنا ليکي چوکي مڃيندو آهيان. اها ٻي ڳالهه آهي ته منهنجي هڪ ڪهاڻي ”ٺوٺ ڌرتي“ کيس وڻي هئي ۽ هُن مڃتا ۾ منهنجي نراڙ تي هڪ عدد چمي به ڏني هئي ۽ مون اُها گهڙي پاڻ وٽ سنڀالي رکي آهي. سليم جي ٻي يادگار ڪهاڻي ”درد جو رشتو“ آهي. هيءُ گگدام موتي جو رشتو آهي. اهڙيون ڪهاڻيون هاڻي ڪاٿي ٿيون لکجن يا ”انٽريسٽ“ سچ پچ ته زندهه ڪردارن جون ڪهاڻيون آهن. سندس ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل ”پيار آٿڌي ڇانو“ هڪ اهڙي رومانٽڪ ڪهاڻي آهي جا نوجوانن جي لکيل ڪهاڻين جن ۾ صرف هڪ ڪردار هوندو آهي يعنى ”مان“ پوءِ رُڳو هڪ ڪردار جا جذبا، سيڪس اُڀارڻ ۽ چمين ڀاڪرن جو داستان. هيءُ آفتاب ۽ نشاط جي ناڪام عشق جو داستان آهي، اُن ۾ ڪيئي ڪردار سي به جيئرا جاڳندا ڪردار موجود آهن. هڪ سچي ڪهاڻي جا ڪردار هڪ ٻئي لاءِ جڏهن اوپرا ٿي پون ٿا ته ڪوبه ممڻ ڪونه ٿو مچي نه ڪو طوفان ٿو اچي. عام زندگي جيان هر ڪو راهه وٺي رمندو رهي ٿو. ائين اصلي زندگي ۾ ٿيندو آ ۽ ٿيندو رهندو. جيئن جواني جهوٽو آ تيئن زندگي تلخ شراب جو ڍڪ آهي. سليم جي ڏات نرالي ۽ لکڻي جو انداز پنهنجو آهي. آخر ته حفيظ، مرغوب، پوهو ۽ سوڀي جي سکيا ۽ ساڻن گهاريل ذهني انقلاب آڻيندڙ اٿاهه وقت جو اثر ٿيندو. جيتوڻيڪ سندس لکڻيون، ترجما پرانهون ۽ مٿانهون پنڌ ڏسين ٿيون. سندس ساروڻيون يادگيرين کي سانڍڻ جو کيس هڪ گُر هٿ اچي ويو آهي جيئن قاضي خادم کي يادگيرين جو جهان اڏڻ جو به ڏانءُ اچي ويو آهي. اسان کي ته نه لکڻ جو ڏانءُ نه وري سانڍڻ، سنڀالڻ جو ۽ نه ورتائڻ جو سليقو آيو. هيءُ به ٽيم ۽ ليڊر سليم نه هجي ها ته مان ادبي ميدان ۾ اڃان رنڊا روڙيان ها. پر بقول سليم جي ته ذاتي زندگي ۾ جيڪڏهن عشق عقاب پکي وانگر جهٽ هڻان ها ته منهنجو ڪو وڏو حرم هجي ها ۽ عيش ئي عيش هجن ها.

سليم جي نئين سر هن مجموعي کي ڇپائڻ جو وڏو سبب خط آهن جيڪي مارن کيس مڪا آهن. هيءُ خطن جو عجيب خزانو آهي جنهن ۾ هن ٻين جي راءِ کي ريٽيو نه آهي مون به کيس خط موڪليا هئا پر شايد انهن ۾ اُها چاشني نه هُئي جيڪا اشفاق ۽ ٻين دوستن جي خطن ۾ آهي. هي خط، فڪر ۽ ذڪر ٻنهي جا پابند آهن، انسان شناسي جو وڏو مظهر آهن. سليم هينئر هيترا ڪتاب لکي ۽ سنڌي ادب لاءِ قيمتي ترجما ڪري سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي هڪ وڏي گهڻگهري جي حيثيت اختيار ڪئي آهي. سليم صاحب جي ڪم تي نظر وجهبي ته سليم هڪ دشت ۾ وڃايل شخص هو. اڄ هو ڪيترن ڪتابن جو مترجم، ليکڪ، ايڊيٽر، جوڙيندڙ ۽ ڇا ڇا نه آهي. هُن جي ڄاڻ ۽ هُنر جو انت ڪونهي.

تو جا ڀانئين موج، سامڙيئي مهراڻ ٿي.

 هيءُ اُنهن جا اوج، جن سنبت سوري پار ڏي.

(شاهه)

سليم اشفاق قاضي، آغا سليم، شيام، رشيد ڀٽي ۽ پيا ڪيترا سٺا دوست هئا ۽ آهن. ڪن هن سفر ۾ ساٿ ڇڏيو يا دوستيءَ جي واٽ وڃائي. دوستي جو ڀرم رکڻ ڪو سولو ناهي، ريت نڀائڻ ڪو ڪو ڄاڻي. هاڻ سليم نو رحسين اسان کان گهڻو ڇڊو آهي پر ادبي حيثيت ۾ اسان گهڻن کان گهڻو مٿي ٿي ويو آهي. هونئن به هر دوست جي نڀائڻ ۽ وفا جي انداز جا ماپا پنهنجا پنهنجا هوندا آهن. جيئن شاهه سائين چيو آهي:

ڪڏهن تاڪيون ڏين ڪڏهن کُليا در دوستن جا،

ڪڏهن اچان اچڻ نه لهان ڪڏهن ڪوٺيو پيا نين،

ڪڏهن سڪان سڏ کي، ڪڏهن ڳجهاندر ڳرهين،

اهڙا ئي آهين، صاحب منهنجا سپرين.

سليم هيءُ هجي يا سليم خواجا يا سليم نورحسين جيتوڻيڪ اڄ جو سليم مونکي ڪجهه اوپرو اوپرو لڳندو آهي، دوستي کي مال پاڻي سان ماپڻ وارو پر سندس فن، ڏاهپ ۽ دانائي جا گهڻا ئي معترف ملندا مون سوڌو. (ڀاءُ شمس، آغا سليم، تنوير، حميد آخوند، شيام ۽ ٻيا ڪيترا)مان ته ائين چوندو آهيان ته هيءُ ادبي ستارا سدائين چمڪندا رهن.

جوت اوهانجي جي نه هجي

واٽهڙو ڪَر واٽ مُنجهي

[7 مارچ 2015]

 

جوڳيءَ جاڳايوس

نذير ناز جي ڪتاب: اديون عبداللطيف چئي جو مهاڳ

 

 

ڪڏهن تاڪيون ڏين، ڪڏهن کُليا در دوست جا!

ڪڏهن اچان اچڻ نه لهان، ڪڏهن ڪوٺيو پيا نين،

ڪڏهن سِڪان سڏ کي، ڪڏهن ڳجهاندر ڳرهين،

اهڙا ئي آهين، صاحب منهنجا سُپرين.

شاهه سائينءَ جي ڪلام جي هيءَ گهرائي ۽ گيرائي ڏسو، حق ۽ سچ جي ڳولا اُن جو مقصد آهي ته نفي ۽ اثبات جو مظهر پڻ. ههڙو لقاءُ جيڪو مٿئين بيت ۾ آهي، ڪڏهن سُڻيو ڪڏهن پسيو، تصوف جي رمزن، حق ۽ سچ جو آواز ٻڌڻ لاءِ ڪي سال ٿيا جو ڪن ديوانن گڏجي ڀٽ تي لطيف جي نگريءَ ۾ ڪي سانگ رچايا هُئا. راڳ رنگ سان گڏ ادبي ڪانفرنس وسيلي هن تصوف جا ڦورا ڦوليا هئا. جيئن لطيف جو سڀني صوفي شاعرن ۾ پلڙو ڪجهه سرس هو ۽ ڀٽائيءَ هڪ مرڪز به هو. ته ڪئين مفڪر هر سال هتي اچي سندس شانُ ۽ مانُ مٿانهون ڪرڻ لاءِ کيس ڀيٽا پيش ڪندا هُئا.

انهي اَدبي ڪانفرنس جي رونق ئي ٻي هئي. ڪهڙو مفڪر يا اديب اُنهن ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيندو هو! اُهي ڪانفرنسون قومي ڪانفرنسون هُيون. جنهن ۾ هر سال ٽيهه چاليهه کن مقالا پڙهيا ويندا هئا. نمايان شخصيتون صدارت ڪنديون هُيون، خاص مهمان دانشور حضرات هوندا هُئا، رات جو راڳ جون محفلون ٿينديون هيون. ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ.“ ادب ۽ موسيقيءَ جي کيتر ۾ ڏنا ويندا هُيا.

ادبي ڪانفرنسن ۾ خواتين ليکڪائن جي همٿ افزائيءَ لاءِ کائن مقالا لکايا ويندا هُيا. جتي ڊاڪٽر دُر شهوار سيد جهڙيون هستيون مقالا پڙهنديون هيون. اُتي نذّير بيگم ناز، نسرين نوري، نسيم شيخ، عربيه نُور، ۽ ٻيون ڪيتريون ئي خواتين پنهنجا شاهه پارا کڻي اچي پڙهنديون هيون.

هيءَ ڪتاب نذير ناز جي انهن مقالن تي مشتمل آهي، جيڪي هُن اُتي پڙهيا ۽ سانڍيا. هي مقالا انهن ادبي مقالن ۾ شامل ڪيا ويا. جيڪي مختلف سُرن کي راقم مرتب ڪري ڪتابن جي سُر وار ترتيب ڏني، ۽ ڀٽائي ثقافتي مرڪز (هاڻوڪو سنڌ ثقافت کاتو) ڇاپيا.

اَڄ جڏهن ته هي مقالا (سُروار) ۽ ٻين مقالن کي گڏي پاڻ نذير ناز ڇپائي پئي، پر ٿيڻ ايئن گهرجي ها ته اهي سنڌ ثقافت کاتو ڇپرائي ها. پر سائين! هت حالت اها آهي ته ناچيز جا مرتب ڪيل ٻارنهن سُرن وار ڪتاب اڻلڀ آهن. جيڪي ورائي ڇپايا نه ويا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي دور جا سندس مرتب ڪيل سُروار ڪتاب به اڻلڀ آهن. اسان (مان ۽ نذير ناز) ڪهڙي باغ جي موري آهيون. منهنجي ٻن ترتيب ڏنل ڪتابن جو مواد ٻين دوستن جي ور چڙهي ويو آهي، انهن جي نالي ئي ڪتاب ڇپبا. بس آهي ته ائين، (جسي پيا چاهي، وه سهاگن ڪهلائي.) مان پاڻ انهن مقالن جو مرتب ۽ ايڊيٽر رهيو آهيان، تنهن ڪري انهن مقالن جي ورائي تعريف ڪرڻ ڪجهه عجيب ٿو لڳي. سر پرڀاتيءَ هجي، سُرڪارايل، سُربروو، شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ اخلاقي قدر ۽ ٻين سُرن سان گڏ ٻيا مضمون به شامل ڪيا اٿائين، جيڪي موضوع ۽ فڪري لحاظ کان نهايت ئي معتبر ۽ اهميت وارا آهن. خاص طرح سورٺ جو راءِ ڏياچ سان جنم جنم جو ساٿ، سُرڪيڏارو ۾ سمايل عورت جو ڪردار، شاهه سائين ۽ تاريخ يا سائين ڀٽائيءَ جي ڪلام سان هٿ چراند ۽ ٻيا مقالا فڪري طرح سان پڙهندڙ کي سوچ ۽ سمجهه بخشين ٿا. اُن جو محور رُڳو شاهه سائينءَ جو ڪلام، فڪر ۽ سندس ذات جو مڪمل اظهار آهي.

مون جڏهن نذير ناز جي هنن مقالن جو هاڻي مڪمل جائزو ورتو، ته مون کي حيرت ٿي ته جنهن کي لطيف جي پانڌيئڙي ۽ عقيدت رکندڙ هڪ خاتون ليکڪا جي صورت ۾ سڃاڻندو هُئس، ڪا اهڙي هستي لطيف جي فڪر ۽ سندس هستيءَ ۽ ڪلام سان ايڏو چاهه رکندي، جو هيءَ ننڍڙو ڪتاب، پر سوچ ۽ لطيفي فڪر سان هڪ وڏو ۽ ڳرو ڪتاب ٿي ويندو ۽ سندس ليکڪا نذير ناز هوندي. نذير بيگم ناز جي شخصيت مون لاءِ هميشه احترام جوڳي رهي آهي مون کي پڪ آهي ته سندس تخليق ڪيل ڪتابن سان گڏ، هن ڪتاب جي اُٽل به اوڏانهين ٿيندي ۽ کيس ضرور اُن جي مڃتا ملندي.

کيس هن ڪتاب کي هن دور ۾ ڇپائي پيش ڪرڻ سان احساس ٿيندو ته هُن هڪ وڏو ادبي ڪم سرانجام ڏنو آهي. جڏهن ته اسان جا علمي ادبي ادارا ههڙي فڪري ڪم کي سطحي سمجهي پُٺي ورائي ڇڏين ٿا، ۽ اُن سان گڏ اکين ٻُوٽ ۽ ٻوڙا بڻجي وڃن ٿا. هو نه ورائي نوشته ديوار پڙهن ٿا نه پنهنجي هاڃيڪار عمل کان آگاهه آهن. هن بي قدري دور ۾ نذير ناز پاران، انساني قدرن جي شاهه سائينءَ جي ڪلام وسيلي آگاهي يا اٿاهه ڄاڻ ڏيڻ، مون جهڙي جُهريل حقير فقير لاءِ گهٽ ۾ گهٽ وڏي وَٿ آهي شاهه سائينءَ جو ڪم ئي جاڳائڻ آهي، ۽ اسين سُتل سُتل رهيا آهيون.

فيض فراق فقير، جوڳي جاڳائي ويو

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org