سيڪشن:شخصيات

ڪتاب: اسان جو قلم هڪ عَلم

 

صفحو:13

سُر ڪاپائتي

ٻاروچي ساڻُ، ٻَڙي! اي جيڏِيُون!

هيڪَرَ ٿِيا هيڪاندي.

چَڙهي نه سَگهان چوٽئين، يارَ بِنا، دِلِ ماندي!

هيڪَرَ ٿِيا هيڪاندي.

شاهه سائين سان ڏاڍي دل اٿم ته ’هيڪر ٿيان هيڪاندي‘، شايد ائين ڪو چوٽين چڙهي سگهان، پر هيءُ دل ڌتاريندڙ دنيا، ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان وچڙائيندڙ وچتر وستيون، ڪئين دلبريون ڪئين دلبا، ڪئين دستور، وک وک تي ڪئين راهون، ڪئين رستا، هر طرف واٽون ويهه ٿيون واري ڪار آهي.

شاهه سائين جي تخليق ڪيل دُنيا ۾ جڏهن به داخل ٿيو آهيان ته پاڻ کي هڪ طلسم ۾ وڪوڙيل ڀانيو اٿم، پر هيءُ طلسم ڪو ٽٽڻ جو هجي ته مان سائين کي ساحر کڻي چوان. پر سائين اُڀو کنيو وڃي، اهڙي هنڌ هڻي ٿو جت طلسم، طلسم نه ٿو رهي، پر حق حقيقي واري واٽ نظر اچيو وڃي، پر سوال آهي ته اُن واٽ تي پهچڻ کان پوءِ اسان مان ڪيترا آهن، جيڪي اُن حق حقيقيءَ واري واٽ تي هلي منزل ماڻين ٿا. شاهه سائينءَ جي ڪلام کي پڙهڻ سان ايئن ضرور ٿيو آهي ته:

ويٺي آهيان واٽ تي، آهيان آسروندي،

مون کي تان سي نه ڇڏيندا هوتا.

شاهه سائينءَ جن ڪهاڻين کي کنيو آهي، اُهي ديون پرين جون نه پر عام ماڻهن جون آهن، سورما هجن يا سورميون سڀ جيئرا جاڳندا ماڻهو، شاهه جي مهر ۽ قرب ڪَڻي جا محتاج رهيا آهن. شاهه سائين سڀني کي جاودان بڻايو آهي. اُن سان گڏ بنهه عام ماڻهوءَ کي هيرن کاڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ”سر سامونڊي“ جا ناکئا هجن يا سندن آسروند نمايوڻيون، سر گهاتوءَ جو مورڙو ميربحر هجي، يا سندس ڀائر ۽ سندن راڄ جا ماڻهو، مارئي سان گڏ سندن ماروئڙن جا لافافي ڪردار، نوريءَ سان گڏ سندس مڪڙي ۽ ملاح، سُر ڪاپائتيءَ جي ڪاپائتي، چرخو چورڻ واريون جيڪي ڪتن به ته ڪنبن پڻ.

شاهه سائينءَ جي ڪلام کي جنهن جنهن جهونگاريو آهي، اُهو سندس طلسم ۾ گرفتار وڃي ٿيندو ۽ جڏهن مست ٿيو وڃي ته کيس خبر پوي ٿي ته هي طلسم نه آهي پر ”چت جي ورتين کي بند ڪرڻ بعد ساکي پنهنجو پاڻ ۾ ٿو رهي. پاڻ سڃاڻڻ جو اول رستو آهي، من مارڻ، يعني ڪوڙي ”پاڻ“ کي وڃائڻ، جنهن طلسم مان نڪرڻ بعد جزو ڪل ۾ ٿو سمائجي، سڀ ڪجهه سائين ٿو پسجي.“

شاهه سائين اصل ۾ ڳالهه اثبات Affirmation جي ڪئي آهي، پر Negation يعني نفي ڏانهن نئون طلسم پسايو اٿس، اهو رستو همه اوست جو آهي، جنهن ۾ Negation يعني نفي ضرور آهي، يعني مان هيءُ نه آهيان، هيءُ به نه آهيان، پر پنڌ اثبات Affirmation جو آهيان، جت اُها واٽ وٺي ماڳ پهچڻ وارا يڪدم چون ٿا، مان هيءُ به آهيان، هو به آهيان، سڀ آهيان. شاهه سائين ڳالهيون ڳچ ڪري، واٽ اُها ئي ڏسي پر سچل ڳالهين جو ڳهير گهٽ رهيو ۽ سڌو سنئون ائين به چيائين ”مٿي ڪٿ نهين، ساروئي سر آهي، ڪاٿي سچو، ڪاٿي ذات سچل دي.“ سچل، شاهه سائين جي مام پروڙي طلسم ٽوڙي هن ڳالهه کي به کوليو آهي: ”حق هويا اثبات جڏهان تڏهان گم هويا اهو دعويدار.“

هونئين به ائين آهي ته فنا جي رستي ۾ پنڌ ڪندي، نفس ۽ من کي مارڻ ۾ جهد ۽ جفا ڪبي آهي، تنهن ڪري هر طالب کي تڪليف ٿي ڀاسي. شاهه سائين اِن ڪري چوي ٿو:

کوءِ هاڙو، پَنُ هوت، کوءِ پنهون، ٻن پريتڻو

مادر مون موت پسڻا پرايو.

سچل به چيو:

آءٌ ادا سالڪ صحي ڪر تون ته طلسمات کي

ڀڃ دوئي تان ڪل پويئي دور ڪر درجات کي

ڪيئن وساري ويهي رهين هر هر نفس اثبات کي

اثبات کؤن اڳتان لنگهي، ڪرتم تون طاعات کي.

مان نه انهيءَ طلسم سمجهي صحي کي سگهيو آهيان نه نفي ۽ اثبات تائين پهتو آهيان، مون کي خبر نه آهي بس ايتري خبر اٿم:

رَتيءَ جي رهاڻ جيءُ اڙايُم جيڏيون

اِن ڪري اها به ڀلي ڀت ڄاڻ اٿم ته:

ڀايم جي سرواڻ، ڇُلائينديم ڇپرين

کايم هُند پَلاڻ، اُڍ گڏايم اُن جا.

منهنجي لاءِ اڃا اهو به مونجهارو آهي ته شاهه سائين جيڪو سر ڪاپائتي ۾ چرخو چوريو هو، اُهو سائينءَ جي سڄي ڪلام ۾ چرندو رهي ٿو. شاهه سائينءَ جي ڪپهه جي هڪ پوڻي ايڏي ته تند پيدا ڪئي آهي، جو مڻين سُٽ مهيا ٿي ويو آهي. ڪاپائتي ويچاري حيران آهي ته هو ڪتي ڪٿي بيٺي آهي، پر سُٽ بي حساب نه آهي، شاهه سائين فڪر جي هڪ پوڻي مان اٿاهه ڍڳ لڳائي ڇڏيا آهن، هو اسان وانگر شاهه سائين واري اُن سٽ کي ڦولهي ٿي ۽ اڄ تائين ڦولهيندي رهي ٿي، ڏسون اسان وانگر کيس رُڳو سُٽ مليس ٿو، جيڪو وڃي سوديندي يا ڪو اهڙو سٽ مليس ٿو، جنهن سان سندس سودو سڦرو ٿي وڃي ٿو. هيءَ ته شاهه سائينءَ جي ڪاپائتي هئي، جنهن نه چرخو ڇڏيو نه آتڻ. پر سچل ڳالهه ئي عجيب ڪئي:

آئون ڪيئن آتڻ وڃان ڙي ڀينر،

منهنجو چرخو چيو ناڪري.

منهنجي دوستن ساٿين، محققن ۽ مفڪرن ڪاپائتي جي سُٽ کي ڦوليو آهي ۽ سندن قول ۽ ٻول اوهان جي آڏو آهن، شال صاب پون، اُن کان اڳ انهن ساٿين انهن مفڪرن جي شاهه سائين جي عرس جي موقعي تي منعقد ڪيل ادبي ڪانفرنس ۾ ڪئين ليک پڙهيا ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ سنڌ ثقافت کاتي جي تعاون سان اُهي ليک ڪتابي شڪل ۾ پڻ آندا ويا. تفصيل وڏو آهي، پر جيڪي ڪتاب منهنجي جهوليءَ ۾ پيا، سي هي آهن:

سُر ليلا چنيسر، سُر گهاتو، سور ڪاموڏ، سُر مارئي ۽ هاڻ سُر ڪاپائتي. جيتوڻيڪ سر ڏهر به منهنجي جهوليءَ ۾ لطيف سائين جي دعا سان پلئه پيو هيو، جڏهن ٺاهي سنواري تيار ڪيم ته ڪنهن دلبر کي اهڙو وڻيو جو اُهو ڇپيو ۽ مٿس سهيڙيندڙ ۽ تدوين ڪندڙ جو نالو ئي ڪو ٻيو هو. مان هن موقعي تي ورجائي چوندس ته اها مهر لطيف سائين جي آهي، جو مون نِڌر کي انهي قابل سمجهي سندس نانءُ تي منعقد ٿيندڙ ڪيترين ادبي ڪانفرنسن جي اڳواڻي نصيب ڪيائين ۽ هيءُ هيرن ۽ لعل سنديون کاڻيون آڏو ڪيائين، جن مان ڪي چونڊي اوهان آڏو آڻڻ جي اجازت ڏنائين.

مان ٿورائتو آهيان، هميشه جيان دوست ۽ ساٿي حميد آخوند جو جنهن مون کي نه رُڳو مانُ پئي ڏنو آهي، پر لطيف سائينءَ جي خدمت ڪري جس کٽيو آهي. ڌڻي هميشه کيس اِنهي ڀلائيءَ جا ڀاڙا ڏيندو.

مان دوست ممتاز مرزا جو به ٿورائتو آهيان، جنهن وارو وارو ڪري مون جهڙي هڄ هڄان ۾ ورتل ماڻهوءَ کان هن ڪتاب جو ڪم مڪمل ڪرايو آهي.

ٿورا ساٿي پرواني ڀٽي ۽ نفيس احمد ناشاد جا جن هن ڪتاب جي سهيڙڻ ۽ ادبي ڪانفرنس جي ڪم ڪار ۾ هميشه پئي هٿ ونڊايو آهي.

سُر ڪاپائتيءَ جو اهم ڪردار ڪاپائتي اوهان آڏو آهي ۽ سندس ٻول، ورجاءُ ۽ آلاپ جڏهن وَرُ وَرَ پڙهبا ۽ ٻڌبا ته اها ڪِرت، نه رُڳو پورهيئي واري ڪرت نظر ايندي ۽ اُن ۾ اسان جا ثقافتي اُهڃاڻ نظر ايندا پر اُن سان گڏ اُهو سٽ ڦولهڻ سان مَن جا مونجهارا لهي ويندا، ڇاڪاڻ ته ڪاپائتي جو سڄڻ ته پورهيت کي ’پر ۾‘ سڏي پُڇڻ وارو آهي، ۽ اهڙي سٻاجهي سائين آڏو ته مون وارو حال، اهو ئي آهي:

اَگلڙي آءٌ، مون کان ڀِڙا ڀڳا نه ٿيا.

[مرتب جي حيثيت ۾ سُر ڪاپائتي بابت سهيڙيل مقالن واري ڪتاب جو مهاڳ]

 

 

آڻي ڏنائون، هيرا لعل هٿن سان

 

 [نوٽ: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 244 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽيءَ طرفان گذريل سال منعقد ڪيل ادبي ڪانفرنس ۾ سُر ڪاموڏ تي جيڪي مقالا پيش ڪيا ويا هئا، انهن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو ويو. ادبي ڪانفرنس جي ڪنوينر ۽ ڪتاب جي فاضل مرتب جناب حميد سنڌيءَ جي طرفان جيڪي ٻه اکر ڪتاب جي مهڙ ۾ ڏنا ويا آهن، سي ادبي جامعيت ۽ علمي افاديت جي لحاظ کان مهراڻ جي قارئين لاءِ پيش ڪجن ٿا. ـــ ادارو.]

تاريخ جي صفحن تي مون ڪئين نقش اڀرندي ڏٺا آهن ۽ ڪي ته دائمي ٿي رهجي ويا آهن ۽ ڪن کي توهان نشان نه پر اهڃاڻ چئي سگهو ٿا، سي نالي ماتر رهجي وڃن ٿا. تاريخ قومن جي هجي، ان جي نشانن يا اهڃاڻن جي هجي يا ان جي فردن جي هجي، ايندڙ نسل لاءِ هڪ روشن مشعل جو ڪم ڏئي ٿي. اها مشعل انهن پنڌن ۽ پيچرن کي چٽو ڪري بيهاري ڪري ٿي. قومون انهن شخصيتن کي رهبر ڄاڻي پنهنجي مقدر جا فيصلا انهن جي هدايتن ۽ عمل پٽاندر ڪن ٿيون.

هن خطبي جي تاريخ جيتري پراڻي آهي، ان جا ماڻهو ايترائي قديمي ۽ پراڻن قدرن جا سنڀاليندڙ آهن. انهن لاءِ حق ۽ سچ جا قدر سندن ورثو آهن. سچ ۽ حق جي مبلغن جو درجوئي وٽن تمام گهڻو مٿانهون آهي. اهي مبلغ نه رڳو کين راهه ڏسين ٿا يا حق ۽ سچ جو درجوئي وٽن تمام گهڻو مٿانهون آهي. اهي مبلغ نه رڳو کين راهه ڏسين ٿا يا حق ۽ سچ جو پيغام ڏين ٿا پر سندن اُٿڻي ويهڻي ۽ روايتن تي به اثرانداز ٿين ٿا، اهي پوءِ هڪ ثقافتي علامت بڻجي سندن درگاهن، اوطاقن، ڪچهرين ۽ گهرن کي روشن ۽ منور ڪن ٿا. لطيف منهنجي نظر ۾ انهن شخصيتن جو اڳواڻ آهي، جيڪي قومن جي جياپي سان تعلق رکن ٿيون. سندس ڪلام سندس شخصيت جو نقش آهي، انهيءَ سنڌ جي سرزمين کي سهڻو، سکيو ۽ ستابو رکيو آهي. انهيءَ ئي سنڌ جي فڪر کي رستو ڏيکاريو ۽ ذهن کي سنڌو درياهه جي موجن واري رواني ڏيکاري.

هر نقش که بر تختهءِ هستي پيداست

اين صورت آن ڪس است ڪه اين نقش آراست

درياي ڪهن که مي زند موج تو

موجش خوانند في الحقيقت درياست

شاهه صاحب ”حق، حسن ۽ خير“ وارن قدرن جو پڻ علمبردار آهي. اِهي قدر ئي انسان ذات جو جياپو آهن.

لطيف سائينءَ جي پوئواريءَ ۾ سچل، سامي، بيدل، ۽ ٻين صوفين بزرگن گهٽايو ڪونهي، وک اڳتي وڌائي آهي، جو ظاهر کان اڳڀرو هلي باطن جا رازدار پڻ بڻيا آهن. پر لطيف هر حالت ۾ پنهنجي ماڻهن جي ظاهر ۽ باطن جو مطالعو ڪري جنهن عوامي تحريڪ جو محرڪ بڻيو، اها هر درگاهه، هر گهٽي، هر گام پئي پنڌ پيرا کڻي.

ان پيغام جا پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ هر لحاظ کان تصوف جي فڪر، ”علم“ ۽ مستي جي فرق کان آجا ٿي، لطيف جي عوامي پڻي کي سرمايو بڻائي، جيءَ اندر جايون ڏيو ويٺا آهن. لطيف هر ماڻهوءَ لاءِ ”صاحب ــ ڪيف و حال“ بزرگ آهي ته ان سان گڏ سندن غم، فڪر ۽ ڏکن جو ساٿي پڻ آهي. لطيف سنڌ جي ماڻهن جي وجود کان بنهه ڌار نه آهي. ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي ڪلام ۾ توڙي ذاتي زندگيءَ ۾ پاڻ کي سنڌ جي مسئلن ۽ ماڻهن کان بنهه ڌار نه ڪيو آهي.

لطيف درگاهه جي پراڻي پانڌيئڙي ۽ منهنجي اُستاد محترم مرحوم و مغفور پروفيسر عبدالعلي قلباڻي چواڻي:

”شاهه جي سقنڌ سَنڌ ۾ سِنڌ آ،

سِنڌ جي سَنڌ سَنڌ ۾ شاهه آ،

سنڌ ساري شاهه جي آ، شاهه سنڌ جو ساهه آ.“

ان ڪري لطيف جي درگاهه اڄ به آباد آ. نه رڳو عام ماڻهوءَ جي عقيدت واري نظريي کان، پر سڄي دنيا اچيو گڏ ٿئي، اِن لاءِ به ته لطيف جي ڪلام کي ور ور ڳائي، اُن جي لفظ لفظ کي ورجائي، لطيف کي زنده رکيو وڃي. ڇاڪاڻ ته لطيف سنڌ جي عام زندگي ۽ جياپي جي علامت آهي. هر ماڻهو سندس نينهن واري نياپي کي سمجهيو ۽ پرجهيو آهي ۽ ائين ڪئين ئي ماڻڪ ميڙيا آهن.

ايءَ گت غواصن جيئن سمنڊ سوجهيائون

پيهي منجهه پاتار جي ماڻڪ ميڙيائون

آڻي ڏنائون، هيرا لعل هٿن سان.

ڀٽ ڌڻيءَ جي عقيدتمندن جو ڪاٿو ئي ڪونهي. ڪو ڏينهن خالي ڪونهي جو سندس درگاهه تي ميڙو نه هجي. خاص طرح سندس ورسيءَ تي سڄو عالم اچيو مڙي. اُن ۾ اسان جي سنڌ جو سڄاڻ طبقو، ادب سان چاهه رکندڙ عقيدتمند شاهه صاحب کي نذراني طور عقيدت جا گل اچيو چاڙهين. ادبي ڪانفرنس، ڀٽ ڌڻيءَ جي ورسيءَ جي موقعي تي ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ اهم گڏجاڻي آهي، خاص طرح گذريل ٽن ــ چئن سالن کان جنهن نموني سان سڄي سنڌ جي ادبين گڏجي ڀٽ ڌڻيءَ جي خدمت ۾ اچي حاضريون ڀريون آهن، اُنهن جي شاهدي ورسيءَ جي موقعي تي پڙهيل مقالا آهن، جن کي گڏ ڪري ڇپايو پڻ ويو آهي. ادبي ڪانفرنس جي نئين دور جا ٻه مجموعا ”سُر ليلا چنيسر“ ۽ سُر گهاتو“ هن مهل تائين پڌرا ٿي چڪا آهن. هيءُ ”سُر ڪاموڏ“ وارو ڪتاب پڻ اُن سلسلي جي ڪڙي آهي.

هيءَ ادبي ڪانفرنس، ان جا ڪتاب ڇپائڻ، لطيفي راڳ جون محفلون منعقد ڪرائڻ جو سڀ ڪم ڪار ”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ جي ذمي آهي. ”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ جنهن نموني سان هن وقت شاهه سائين جي ڪلام ۽ فڪر کي سنڀالڻ ۽ عام ڪرڻ جي سلسلي ۾ هن قدم کنيا آهن، سي ساراهه جوڳا اهن. خاص طرح سان شاهه صاحب جي ڪلام جا مختلف رسالا ڇاپي عام ڪيا آهن. ان جي ڪلام تي ٿيندڙ تحقيق کي پڻ نوان رخ ۽ لاڙا بخشيا آهن، جنهن لاءِ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ ان جا ميمبر جس لهن. خاص طرح ان جي سيڪريٽري مسٽر حميد آخوند هميشہ وانگر هن ڪم کي سنڀاليو ۽ نڀائيندو اچي. جيتوڻيڪ هاڻ هو سنڌ جي ثقافت کاتي جو سيڪريٽري پڻ آهي. لطيف سائينءَ سان سندس عقيدمندي، عجز ۽ نيازمندي ئي سندس مان ۽ مرتبو بلند ڪيو آهي. هو شاهه سائين جي ڪلام جي سلسلي ۾ سنڌ جي اديبن جي ڪيل جاکوڙ کان چڱيءَ پر واقف ۽ آگاهه پڻ آهي، جو نه رڳو ڪتاب ڇپجن ٿا يا ادبي ڪانفرنسون ٿين ٿيون، پر ان سان گڏ هن سال (1988) گورنر جو ڏهن هزارن وارو اوارڊ، جو بهترين تحقيقي ڪتاب يا مقالي لاءِ آهي، سو سندس ئي ڪوششن سان جاري ٿيو آهي.

مان هن موقعي تي بدلي ٿي ويندڙ ڀٽ شاهه ڪلچر ڪاميٽي جي چيئرمين محترم علي محمد شيخ صاحب جي لاءِ اهو ضرور چوندس ته سندس ايامڪاريءَ ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جي ڪم وارن اسمن ۾ نه رڳو واڌارو ٿيو، پر بهتري پڻ آئي. مان هن موقعي تي نئين چيئرمين محترم سالڪ نذير صاحب جي آجيان ڪيان ٿو، جو سندس دلچسپي جو اظهار ثقافتي مرڪز جي هر پهلو کي نمايان ڪرڻ واري رخ مان ٿئي ٿو. سندس سڄي ميڙي، ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ جي محفل جي منعقد ڪرائڻ واري رخ مان ٿئي ٿو. سندس سڄي ميڙي، ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ جي محفل جي منعقد ڪرائڻ لاءِ ڪيل مثبتي قدمن کي ساراهڻ کان سواءِ نه ٿو رهي سگهجي. اميد اٿم ته سندس ايامڪاريءَ ۾ لطيف جي درگاهه سان لاڳاپيل سڀ ڪم ڪاريون توڙ تائين پهچندا. مان هن موقعي تي وري به اهو چوندس ته جن اديبن جنهن نموني سان هر سال ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي پري پري کان ڪهي اچي ساٿ نڀايو آهي، تن لاءِ شاهه سائين چواڻي ته:

ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا

ڀلائي جا ڀيرا ڳڻي ڳڻيان ڪيترا.

هونئن به سنڌ جي اديب تي نه رڳو شاهه سائينءَ پر ساڻس لاڳاپيل هر ماڻهوءَ جو حق آهي ۽ جيسين سنڌ جو اديب ”پاڻ“ ماري اندر اجاري ماڻهوءَ اندر نه ٿو پيهجي وڃي ته شايد سندس فڪر ۽ فن اڌگابرو رهجي ويندو. ان لاءِ ئي شايد ڀٽائي گهوٽ چيو آهي:

جان تن ڪيوءِ نه تيئن سوئيريان ئي سنهڙو

پرين پائيندا ڪيئن، توکي اکڙين ۾.

”سر ليلا چنيسر“، ”سر گهاتو“ ۽ هاڻ ”سر ڪاموڏ“ جي مرتب جي حيثيت ۾ مشهور ليکڪ ليلارام وطڻمل چواڻي ته ڪجهه به نه ٿو چئي سگهان. هو پنهنجي ڪتابThe Greatest Poet of Sind ۾ چوي ٿو:

“The present work is chiefly a compilation and as a mere complier I do not in the least to be considered an original authority. I have compiled this book more from love than ambition and if it serves the purpose of making the greatest poet of Sind and his poetry more familiar to people in general my object is gained.”

مٿينءَ پئراگراف کي بحيثيت Complier يعنيٰ مرتب جي منهنجي جذبات جي عڪاسي سمجهڻ کپي. هونئن به هڪ مرتب جي آڏو ڪتاب ترتيب ڏيڻ لاءِ اهو ئي اصول سامهون هجڻ کپي ته هو ڪيئن مفڪر ۽ سندس فڪر جي وڌيڪ اپٽار ڪندڙن لاءِ پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو گهڻي کان گهڻو اظهار ڪري.

هن مهل تائين آيل سرن جهڙوڪ؛ سر ليلا چنيسر، سر گهاتو ۽ هاڻ سر ڪاموڏ سان گڏ جيڪي نوان موضوع آندا ويا ۽ جن تي مقالا لکيا ويا، اُهي هيءُ آهن:

1.   سر ڪاموڏ جو مطالعو.

2.  شاهه لطيف جي ڪلام ۾ اخلاقي قدر.

3.  برصغير ۾ شاهه لطيف جا همعصر صوفي شاعر.

ايندڙ سال جو سر ”سر ڏهر“ آهي. ساڻس گڏ ٻه موضوع نوان پڻ آهي، جيڪي هيءُ آهن:

1.   شاهه لطيف - بحيثيت عوامي شاعر.

2.  شاهه-انسانيت جو علمبردار.

سر ڪاموڏ، نوري ڄام تماچي جي عشقيه داستان جو اهڙو سُر آهي، جنهن مان اندر ۾ پيدا ٿيل اڃ اجهاميو وڃي ۽ ماڻهوءَ جي اندر گيرب ۽ گاءُ، نئڙت ۽ نياز جو جذبو جنم ٿو وٺي. ان سان گڏ عشق محبت، غريب پروري، انسان دوستي، خوابن جهڙا خيال جيئرا ٿيو پون. ليلا رام وطڻمل انهيءَ ئي ڪتاب ۾ جڏهن چوي ٿو ته

I think it was the first Tamachi and not his son Tamachi، who fell in love with the beautiful fisher woman named Nur or Nurahin who lived in village on the banks of lake Kinjhar. The woman was Gandari by caste، and the king gave her a place in his palace and raised her above his queens.

يڪدم شاهه جو هيءُ بيت ياد اچيو وڃي، جيڪو نوريءَ جي نياز جو نذرانو آهي:

جي، ڪَرَ ڄاڻي ڄام ته ڪو نوازيندو نورئين،

ته سندو مئي مقام، کڻي سمي سيرانديءَ ڪيو.

آخر ۾ مان سڀني ساٿين جو ٿورائتو آهيان، خاص طرح لطيف سڄاڻ ساٿين جو، جن مون ۾ هيءُ فڪر پيدا ڪيو آهي:

هڏ نه پڙان هيڪڙي ٿور ٿر ڄاين،

مون کي ماروئڙن ميري ڪري نه مٽيو.

(شاهه)

 

مرزا قليچ بيگ جا ناٽڪ

 

هيءَ اُنهي زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن سماجي ۽ پنگتي مسئلن جي تبليغ ۽ انسان جي جوڙيل سماج ۾ سڌارن ۽ نون پنڌن پيچرن لاءِ ڪتاب ته هئا پر سڌو سنواٽو تُز پيغام ڏيڻ لاءِ ”ناٽڪن“ وسيلي به ماڻهن کي اهڙي آگاهي ڏني ويندي هئي، جنهن سان هنن جي تفريح طبع به ٿي ويندي هئي.

مان اڃا ٻار هئس، جو ورهاڱي کان ڪجهه اڳي نوشهري فيروز ۾ پنهنجي چاچي مرحوم سيٺ عبدالغني (جيڪو بابي جو سؤٽ هو ۽ جنهن کي اسين ”ڏاڏو“ ڪري چوندا هئاسين) سان گڏ ٿيئٽر ڏسڻ ويو هئس، جنهن کي اُن زماني ۾ ”ٺيٽر“ چوندا هئا. عجب ”ٺيٽر“ هو!... هڪ پراڻي جاءِ جي اڱڻ جي هڪ حصي ۾ ننڍي کڏ کڻي اُن ۾ هيٺ ويهارڻ لاءِ جاءِ ٺهيل هئي، باقي ۾ ٿلهو ٺهي ويو هو، جيڪا ڄڻ اسٽيج ٺهيل هئي. اسان سيبتن کي ته کڻي ڪرسين تي ويهاريائون، باقي ماڻهو هيٺ ويٺل هئا. هڪ ڊائلاگ ياد ٿي ويو هئم، جنهن سان بعد ۾ خبر پيئي ته اُهو آغا حشر ڪشميري جو ڊرامو هو.

”رفيق کس حال مين هي؟“

”شير پنجري کي جال مين هي.“

نوشهري ۾ نوجوانن جي هڪ ناٽڪ منڊلي هئي، جنهن ۾ گهڻو تڻو هندو ديوان هئا، منهنجو سڳو چاچو ۽ مرحوم عبدالرؤف، جنهن کي ناٽڪ ۾ اداڪاري ڪرڻ جو جنون هو، سو رات جو دير سان گهر موٽندو هو ته کيس حويليءَ جا در بند ملندا هئا. پوءِ هو ننڍي هوندي کان ئي مون کي ڀائيندو هو ۽ مون کي هنج ۾ کڻي بازار مان ٽول وٺي ڏيندو هو. وڏڙو ٿيس ته به سندس اِهو پيار قائم رهيو، تنهنڪري منهنجي کٽ سندس ڀرسان ئي هوندي هئي. آهستي اچي منهنجي ڀرسان آهلي پوندو هو ۽ مٿي تي هٿ ڦيري پڇندو هو:

”مِٺل! جاڳين پيو؟“

مان گهڻو ڪري سندس انتظار ۾ هوندو هئس ته هو اچي ۽ مون کي اُنهيءَ رات واري ناٽڪ جي باري ۾ ٻڌائي. اسان ننڍن لاءِ ناٽڪ تي وڃڻ جي منع هوندي هئي. خود چاچو رؤف، جيڪو ڇوڪراٽ هو، اُنهيءَ تي به بندش هئي، تنهنڪري هو به لڪي ويندو هو. کيس وڏا وار هوندا هئا، جيڪي پويان چهنبڙيون ٺاهي بيهندا هئا ۽ سندس شڪل بجاءِ هر ماڻهوءَ جي نظر اُنهن زلفن تي پوندي هئي. وڏڙا کيس ٽوڪيندا هئا يا وار لهرائڻ جي ڪندا هئس، پر هو ڀڄي ويندو هو. هو سڄي عمر پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ به ناٽڪن جو ڪردار رهيو. ڪڏهن گيڙو رتا ڪپڙا پائي، وڏيون ڪنٺ مالائون وجهي، ملڪان ملڪ گهمندو هو ته ڪڏهن سفيد اَلفي پائي بزرگ بابا بڻجي، ماڻهن کي دُعائون ڏيندو هو. اُن وقت تائين سندس ڪيل ناٽڪن ۽ اداڪاري کي ڏٺو ڪو نه هئم. سو ٽپ ڏيئي اُٿي ويهندو هئس.

”چاچا! اَڄ ڪهڙو کيل هو؟“

هو آڱر چپن تي رکي شُش...شُ...شُ... ڪندو هو ۽آهستي ڳالهائڻ لاءِ چوندو هو ته متان اوريان پريان وڏڙا جاڳي نه پون. پوءِ هو ڀڻ ڀڻ ڪري ناٽڪن، اُنهن جي ليکڪن ۽ پنهنجن پارٽن متعلق ٻڌائيندو هو.

”اَڄ مان هئمليٽ هئس... اَڄ مان خانچند درياڻيءَ جي ڊرامي ’زمينداري ظلم‘ ۾ دلمراد هاريءَ جو پارٽ ڪيم... اڄ نل دمينتيءَ ۾ دمينتيءَ جو پارٽ ڪيم... اڄ مرزا قليچ بيگ جي ’حسنا دلدار‘ ۾ حسنا هئس...“

جڏهن زالاڻو پارٽ کڻندو هو ته سندس منهن تي زنڪ آڪسائيڊ جي پائوڊر جي اَڇاڻ ڪجهه سرس لڳل هوندي هئي. هُن جي واتان ڪيترن ئي ناٽڪن ۽ ناٽڪ نويسن جا نالا ٻڌم. جيئن وڏو ٿيندو ويس، تيئن اُهي نالا ياد بيهندا ويا. خانچند درياڻي، ديوان ڪوڙو مل چندنمل، احمد چاڳلا، ليکراج عزيز، ڄيٺمل پرسرام، منگهارام ملڪاڻي، اُڌو جهانگياڻي، عثمان علي انصاري ۽ ... مرزا قليچ بيگ! مرزا صاحب جا اصلوڪا ۽ ترجمو ٿيل ٽيهارو کن ڊراما آهن، جن مان گهڻا اسٽيج تي آيل آهن.

بابي مرحوم جي چاچي لالا (خان صاحب) مرحوم عبدالفتاح جي هڪ وڏي اوطاق، مال متاع ۽ مڏي الڳ هئي. هڪ الڳ بنگلو به ٺهيل هو. سندس هڪ فرزند سيٺ اعجاز حسين، جيڪو مون کان سال کن ننڍو هو، اُن سان منهنجي مڙوئي گهڻي لڳندي هئي ۽ اڄ به ساڻس اُهائي قرب ۽ محبت جي واٽ آهي. اُن اوطاق تي گهڻو ڪري اعجاز حسين سان ويندو هئس. اوطاق جي ڀرسان جوڙيل بنگلي تي مولا عليءَ جا قدم رکيل هئا. اُهي به عقيدت وچان پسند هئس. هڪ ڏينهن چيائين، ”هل ته سنڌ جي مشهور اديب مرزا قليچ بيگ جي خاندان جي هڪ هستي مرزا سڪندر بيگ سان ملايانءِ، بابي وٽ وڏي ڪچهري لڳي پيئي آهي.“ مرزا قليچ بيگ جي ڊرامن، ناولن ۽ ڪتابن جو گهڻو ٻڌو هُئم ۽ اسڪول جي ڪتابن ۾ سبق به پڙهيو هئم، سو ٽپ ڏيندو سندس اوطاق تي ويس.

لالا (ڏاڏا) عبدالفتاح سان پيرين پئي مليس، سندس ڀاءُ لالا عبدالرزاق (مرحوم غلام شبير ترابيءَ جو پيءُ) کي به پيرين پيس، لالا عبدالفتاح اشارو ڪيو. سندس ڀرسان مُوڙي تي هڪ ڀورو، چٽو، هڏ ڪاٺ جو مضبوط ۽ ڀريل، منهن تي ڏيا ۽ حشمت، سنواريل اَڇين مڇن ۽ ترڪي ٽوپي سان شخص ويٺل ڏٺم. مان کيس پيرين پئي مليس، هو پاڻ اُٿي مليو. مون ڏي ٿوري دير چتائي ڏٺائين ۽ پوءِ چيائين:

”بابل!... تون اَبي سيٺ محمد اسماعيل جو پٽ ته ناهين. مهانڊا ته اُهي ئي اٿئي.“

مون ها ڪئي، پوءِ هُن مون کي شفقت وچان پنهنجي ڀرسان هڪ موڙي تي ويهاريو. هُن بزرگ پوءِ ڳالهه کي وري اُتان کنيو جت ڇڏيو هئائين. وڏي مدبرانه ۽ مفڪرانه گفتگو هئي. مون کي في الحال ته سمجهه ۾ ڪانه آئي پر پوءِ جڏهن سنڌي ادب، ناٽڪن ۽ خاص طرح مرزا قليچ بيگ جو ذڪر ڪيائين، ته منهنجا ڪن کڙا ٿيا ۽ منجهس منهنجي دلچسپي وڌي ساڻس ڪيتريون ملاقاتون به رهيون. اُن سببان مون ’عبرت‘ لائبرري نوشهر فيروز مان مرزا صاحب جا ڪجهه ناول ۽ ڪجهه ڊراما وٺي پڙهيا. هيءُ لائبرري محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جي تحريڪ هيٺ قائم ڪيل سنڌ اندر شهر شهر ۾ ”عبرت“ سيريز جي لائبررين جو هڪ حصو هئي، جيڪو ڏيپلائي صاحب جي ڪارنامن مان اهم ڪارنامو هو.

هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ پنجين انگريزي پڙهندي، استاد عبدالرشيد (ڊرائنگ ٽيچر) جي ٺاهيل ”اسڪول ڊراميٽڪ سوسائٽي“ پاران ڪرايل خانچند درياڻيءَ جي ڊرامي ’بُک جو شڪار‘ ۾ پارٽ مليو. ٽريننگ لاءِ اُستاد عبدالرشيد ڪڏهن ڪڏهن ناٽڪن جا پراڻا ڊائريڪٽر يا اداڪار گهرائيندو هو. سندن ڳالهائڻ ۽ هلت چلت مان ئي لڳندو هو ته هي ماڻهو ناٽڪ جي دُنيا جا رهواسي آهن! اڌڙوٽ عمر جو هڪ ديوان آيو ته محفل ئي مست ڪري ويو. هُن مرزا قليچ بيگ جي منظوم ناٽڪ (اوپيرا) ”ليلى مجنون“ (جيڪو 1880ع ۾ سرجيو ويو هو) مان ڪجهه حصو پاڻ ڪري ڏيکاريو. واهه جي دلپذير ادائگي هئس. بُت مان سيسراٽيون نڪري ويون، مون هن مهل تائين اسٽيج تي به اهڙو دل کي ڇُهندڙ منظر نه ڏٺو آهي. پاڻ ئي ليلى پيو ٿئي، ته پاڻ ئي مجنون پيو بڻجي! ”آپي هير هوئي آپي رانجها“ وارو منظر هو. بيٺي پير هو ليلى آهي، ته اچانڪ زپڪو کائي زمين تي ڪري مجنون بڻجي ڳالهائڻ شروع ڪري ڏئي. ليلى جو آواز زالاڻو ڪڍي ته اُتي ئي اوڏيءَ مهل مرداڻو ڪري. اِهو سندس وڏو ڪمال هو!

منهنجي زندگيءَ تي ناٽڪ، ٿيئٽر ۽ اداڪاري جي ڇاپ اهڙي ته ڇانئجي وئي، جو اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ڊرامن ۾ لاڳيتو حصو وٺندو رهيس. اڳتي هلي ريڊيو لاءِ به ڊراما لکيم، پر شروع کان وٺي مرزا صاحب جي ناولن ۽ ناٽڪن کي غور ۽ دلچسپيءَ سان پڙهندو پئي رهيس، جن مان گهڻو ڪجهه پرايم، ننڍپڻ ۾ چاچي مرحوم عبدالرؤف جي ڏنل نقلي ڏاڙهين ۽ وارن جي وِگن سان گهر ۾ هڪ منڊلي به ٺاهيم، جيڪي مٽ مائٽ ۽ ٻارڙا شوق سان ڏسندا هئا.

1955ع ۾ حيدرآباد آيس ته ”بابِ قليچ“ وٽان لنگهڻ ٿيندو هو ته سمجهندو هئس ته اُن اوطاق اندر وڃان ۽ قليچ جي دنيا ڏسان. ٿي سگهي ٿو ته اُت اڃان به زندگيءَ جا ڪئين ڊراما سرجندا هجن. ڪي ليکڪ، ڪي ڊرامانگار، ڪي ڪردار پڻ سرجندا هجن!

”بابِ قليچ“ جي اندر جي دنيا مون لاءِ پهريان ڏاڍي پراسرار هي، پوءِ آهستي آهستي اُهو دَرُ کُليو. عزيزم اعجاز حسين ڀانيان ٿو ته مون کي پهريون دفعو وٺي هليو هو، جڏهن هو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هو. پهريون دفعو رئيس مرزا سڪندر بيگ وٽ وياسين، ٻيو دفعو وياسين ته مرزا اسد بيگ صاحب نوادرات ۽ لائبرري ڏيکاري، جيڪا شايد موجوده عمارت ۾ نه هئي؛ پر جي هئي، ته اُن لاءِ گهٽين ۽ گهرن اندران لنگهڻو پوندو هو. هڪ ٻه دفعا ٽنڊي ٺوڙهي ۾ مجلس ۾ به ويس. پراسراريت تڏهن ختم ٿي ويندي آهي، جڏهن آگاهي ۽ ڄاڻ اُن جي جاءِ وٺندي آهي ۽ اُن هنڌ جا ماڻهو ويجها اَچي پنهنجا لڳندا آهن.

حيدرآباد ۾ بابو سائين اسسٽنٽ ڪمشنر هو، ته ڪم سانگي ڪمشنر آفيس وڃڻ پيو ٿيندو هو، محمد اسماعيل نُون جي آفيس سان گڏ خوراڪ کاتي جي هڪ وڏي هال ۾، شايد سپرنٽينڊنٽ جي ٽيبل تي، هڪ ڀورو چٽو نوجوان ويٺل نظر ايندو هو، جيڪو گهڻو ڏٺل وائٺل لڳندو هو. معلوم ڪيم ته شڪ صحيح نڪتو. اُهو مرزا قليچ بيگ جو فرزند مرزا اجمل بيگ هو، جنهن سان پڇاڙيءَ تائين محبت جو رشتو قائم رهيو. مشاعرن ۽ ادبي محفلن جو مور، هميشہ پيار سان ملڻ وارو. محترم اعجاز علي مرزا سان ته نوڪريءَ کان اڳ ئي پنهنجائپ وارو رستو ٿي ويو هو. پوءِ نوڪري دوران ته وڌيڪ ويجها ٿياسين. سندس ننڍو ڀاءُ مرزا حبيب بيگ به اسان سان ادبي محفلن ۽ مجلسن ۾ ملندو آهي، جو نهايت قربائتو وضعدار آهي. هاڻ ته مرزا قليچ بيگ جو پوٽو، اسان جو دلبر سهڻو ساٿي نصير مرزا هر گهڙي هر پل اسان سان گڏ آهي ۽ روح ۾ رچيل آهي. سائين شمس العلماء جو گهراڻو اوپرو نه پر ”پنهنجو“ لڳندو آهي. مان وٽن مرڻي پرڻي ته شريڪ ٿيندو آهيان، پر عزا جي مجلسن ۾ به ڪيترا دفعا ويل آهيان. ٿي سگهي ٿو ته مرزا صاحب مرحوم سڪندر بيگ ۽ ٻين سهڻن سيبتن مرزائن سان عقيدت ۽ محبت جي ڪري ائين ٿيندو هجي يا سندن ڏات جي ڏيهه ۾ رهڻ جي ڪري کانئن ڪجهه پرائڻ خاطر هجي.

مرزا قليچ بيگ ڪيترائي ناٽڪ لکيا ۽ اُهي ڇپيا ۽ اسٽيج تي آندا ويا. سندس ناٽڪن جو تعداد ٻين سڀني ناٽڪ نويسن جي تعداد کان گهڻو مٿي آهي. مون کي چٽيءَ طرح سان ياد آهي ته 1980ع ۾ ”سنڌي ناٽڪ صدي“ ملهائي ويئي ۽ اِن سڄي ڳالهه جا محرڪ، سرپرست اعلى ۽ مهندار مرحوم عبدالله ميمڻ صاحب، ڪمشنر حيدرآباد سنڌ، جن هئا ۽ هن پروگرام ۾ پاڻ غير معمولي دلچسپي ورتائون. اِها سندن نگاهه هئي، جو سڄي پروگرام جي ذميواري منهنجي ڪمزور ڪلهن تي وڌائون. حسن اتفاق سان مون سان گڏ ساٿي به نهايت ڄاڻو ۽ ناٽڪ جا عاشق هئا. مراد علي مرزا اسڪرپٽ ۽ رڪارڊنگ وغيره جو انچارج هو. مرحوم محمد يوسف پنهور سندس مددگار هو. علي محمد چنا انتظامي ساٿي ۽ ريهرسل وغيره جو بندوبست ڪندڙ هو. عبدالقادر جوڻيجو، مير محمد نظاماڻي ۽ ٻيا ڪيترا ساٿي هئا. ڀاءُ غلام رباني سووينئر سهيڙيو ۽ سُهڻو ڪري ڇاپيو. هيءُ هڪ يادگار سووينئر آهي، جنهن ۾ مراد علي مرزا ۽ محمد يوسف پنهور جا سنڌي ناٽڪ تي ٻه تحقيقي مضمون ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ”حيدرآباد شهر“ تي لکيل يادگار مضمون ۽ اسٽيج تي ٿيندڙ ڇهن ڊرامن جو تفصيل ڏنل آهي. جيئن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون ناٽڪ ’ليلى مجنون‘ مرزا صاحب جن 1880ع ۾ لکيو هو. تنهن ڪري 1980ع ۾ ’سؤ سال‘ پوري ٿيڻ تي، شمس العلماء کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هيءُ جشن ملهايو ويو، جنهن جي انتظامي ۽ عملي ڪمن جي سعادت منهنجي حصي ۾ آئي.

هن جشن ۾ مرزا صاحب جا ٻه مشهور ڊراما ”ليلى مجنون“ ۽ ”انڪوائري

آفيسر“ اسٽيج تي آندا ويا. ’”ليلى مجنون“ منظوم ناٽڪ هو. اُن ۾ مرزا صاحب جا گيت عابده پروين ڳايا هئا. ڪيترن ئي مشهور اداڪارن اُن ۾ حصو ورتو هو. ٻيئي ناٽڪ نهايت ڪامياب ويا. خاص طرح سان ”ليلى مجنون“ ناٽڪ ته ناظرين رُئاري ڇڏيا. عبدالله ميمڻ صاحب ”ليلى مجنون“ پهريائين فائينل ريهرسل دوران ڏٺو ته ڊرامي جي پوري ٿيڻ تي بي اختيار ڳوڙها ڳڙي پيس ۽ ڪي منٽ ته سُن ٿيو ويٺو رهيو. مرزا قليچ بيگ جي قلم ۾ ايڏي ته وڏي طاقت هئي، جو سندس ٻولي، ڏسندڙن جو هيانءُ نپوڙي وڌو!

هن جشن جو ٻيو اهم ناٽڪ ”انڪوائري آفيسر“ هو، جو پڻ ڏاڍو ڪامياب رهيو. اُن وقت تائين اڃا سنڌ اندر نه رڳو ڊرامي جا شائق موجود هئا پر اُن سان گڏ ڊرامي جي هڪ پوري دُنيا آباد هئي. ڪئين ڊائريڪٽر، ائڪٽر ۽ ليکڪ موجود هئا، جن هن دُنيا کي ئي پنهنجي دنيا مال متاع سڀڪجهه سمجهيو هو. اَڄ ڪٿي ڪٿي، ڪڏهن ڪڏهن، نوجوان ڪا نه ڪا ناٽڪ منڊلي ٺاهي ويٺا آهن پر ماڻهو ڪنهن ٻيءَ دُنيا ۾ غرق آهن، جو ’ڪئبل‘ جي زماني ماڻهن جو ذوق ئي بدلائي ڇڏيو آهي! ڇا به هجي، ڪڏهن نه ڪڏهن ”بابِ قليچ“ جو دَرُ وري کُلندو ۽ اُتان ئي ڪا تحريڪ هلندي ۽ سنڌي ناٽڪ وري جيئاربو.

[نوٽ: هي ”يادگيرين جا ورق“ اڻپورا آهن. هن جو موضوع عزيزم انعام شيخ ڏنو ۽ عزيزم ناشاد مٿان ويهي لکرايو، جنهن لاءِ مان سندن ٿورائتو آهيان. ناٽڪن جون ساروڻيون اڃان ڳچ آهن. يار زندهه صحبت باقي.] قلم تازو: ڪاوش اخبار ۾ ڏنل انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جا هنن ملهايل ناٽڪ صدي ۽ سوينيئر بابت تفصيل منجهائيندڙ اڻپورا ۽ غلط تاثر ڏيندڙ آهن، اُهي هن مضمون جي آڌار تي ڪجهه سڌاري سگهجن ٿا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org