عين ممڪن آھي تھ ”پيار“ (سمپوزيم) ۾ سقراط ۽ الڪيبيادس جون
تقريرون پڙھڻ کان پوءِ، ڪنھن کي سقراط جي ڪردار جي
باري ۾ ڪا غلط فھمي ٿئي. حقيقت ھيءَ آھي تھ خود سقراط
۽ الڪيبيادس جون تقريرون، ڪنھن اھڙي غلط فھمي کي دور
ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن. بھرحال پوءِ بھ ان بابت ٻھ اکر
ڳالھائڻ ئي گھرجن.
مصر ۽ عربستان ۾ ”عورت جو حسن“ تھ ايران ۽ يونان ۾ وري ”مرداڻو
حسن“ مقناطيسي رھيو آھي ۽ سقراط يوناني ھيو. يقينا
جسماني خوبصورتي، فطري طور، ڪنھن بھ ماڻھو لاءِ ڪجھھ
نھ ڪجھھ ڪشش ضرور رکي ٿي. ان کان ڪير بھ انڪار نٿو ڪري
سگھي. ان معاملي ۾ سقراط بھ
Exeption نھ ھيو. پر اصل ڳالھھ اھا آھي تھ ڪنھن
ماڻھوءَ جو ان سونھن ڏانھن رويو ۽ سوچ ڇا آھي – نيڪ يا
بري؟- ھو ان جسماني سونھن کي ئي سڀ ڪجھھ
/
منزل سمجھي ويھي ٿو يا ڪنھن ۾
موجود گڻن، خصلتن، خيالن جي سونھن کي اھم ڄاڻي ٿو.
جيڪڏھن ھو پوئين ڳالھھ کي درست سمجھي ٿو تھ پوءِ ماڻھو
ڪھڙي بھ جسماني خوبصورتي کان متاثر ٿئي ۽ انھن ڏانھن
ڇڪجي، جيڪا مرد جي ھجي يا عورت جي – فرق نھ ٿو پئي.
ڳالھھ اھا آھي تھ توھان جي اندر سچائي ڪيتري آھي،
خيالن جي پاڪائي ۽ اخلاق جي بلندي ڪيتري آھي.
ڳالھھ ٿا ڪن تھ شاھھ لطيف کي مغلن جي نياڻي جي صرف چيچ جي سونھن
ئي لوڏي وڌو. بيدل کي وري ڪرمچند جي نظاري اھڙو گھائي
وڌو جو فقير صاحب باقاعده صبح جو روزانو، روھڙي مان
نڪري، سکر روانو ٿيندو ھو. جتي ڪرمچند جو دڪان ھيو ۽
درشن ڪري، شام جو واپس ٿيندو ھو. سقراط جي سلسلي ۾ ھي
تھ نوجوان ھن جي پويان ڦرندا وتندا ھئا. الڪيبيادس
سندس ويجھرائي ۽ قرب حاصل ڪرڻ لاءِ حرفتون ۽ حيلا
ھلائي ٿو. چوي ٿو: ”ڄڻ ھو (سقراط) ڪو حسين محبوب ھجي ۽
مان ڪو حرفتي عاشق“ پنھنجي آخري وار ۾ بھ ناڪام ٿيڻ
کان پوءِ، السيبيادس خود چوي ٿو: ”مون کي سقراط جي
اخلاق، پاڻ تي ضابطي ۽ مردانگي لاءِ ڏاڍي عزت ۽ احترام
پيدا ٿيو.“ برٽينيڪا لکي ٿي: ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي تھ ھو
نيڪ ۽ اعليٰ اخلاق جو مالڪ ھيو، پر ايترو سو ھيو، جيئن
چئجي تھ، ھن جو مزاج عاشقاڻو ھيو.“
ڊبليو – ايڇ ٿامسن لکي ٿو: ”اخلاقي طور بلڪل پاڪ ۽ صاف، پر
ظاھري طور ھو جذبن جو غلام لڳندو ھو.“ مسھور ۽ مڃيل
محقق ول ڊرانٽ لکي ٿو: ”اسان کي ھن اڻ – گھڙيل پٿر
منجھان ھڪ انساني سڄڻپائي
/
دوستائپ، نھٺائپ ۽ پاڪدامني واري
اھڙي سادگي نظر اچي ٿي، جنھن ھن بي زيبي مفڪر کي اٿينس
جي خوبصورت ترين نوجوانن جو محبوب استاد بڻائي ڇڏيو.“
اڻ گھڙيي
/
تراشيل پٿر وانگر بي زيب – ھي
سقراط – خود ”ايترو بھ خوبصورت نھ ھيو، جيترو ھڪ
فلاسافر کي ھجڻ ئي گھرجي. گنجو مٿو، وڏو گول منھن،
گھوريندڙ اکيون، ويڪرو ٽڙيل پکڙيل نڪ – اھو ڄڻ تھ ھڪ
عظيم فلاسافر جو نھ پر ڪنھن ڦلي جو منھن ھيو.“ قد جو
بندرو، ٿلھو متارو مضبوط جسم، نڪ بينو، ويڪريون ناسون،
اکيون ٻاھر نڪتل، وڏو وات ۽ ٿلھا چپ. عمر گذرڻ سان گڏ
گنجو ٿيندو پئي ويو. کھريون ۽ بي ترتيب ڀرؤن، ڏاڙھي –
وري ٻاھرين ٺاھھ ٺوھھ ۽ لٽن ڪپڙن جو کيس ايڏو خيال بھ
ڪو نھ. ”ڀڪليا ڀوڻن، ڌڙ کي گڏيو ڌور ۾“ (ساھھ) (کاھوڙي
بت کي مٽيءَ سان ملي، ميرا ٿيو پيا گھمن) اونھارو توري
سيارو سندس لٽا ساڳيا. اھو گھنجيل، ڦاٽل ڪڙتو اوڙھيل
اٿس ۽ دسوس تھ سھي، اھو اٿينس جي گھٽين ۽ بازارن ۾ وتي
ٿو پيرين اگھاڙو گھمندو. نھ سيءُ ٿو سٽيس ۽ نھ ئي اس
ٿي ساڙيس. توھان ٻڌو تھ سافسٽ اينٽيفون ھن باري ۾ ڇا
چئي ورتو: ”جي ڪنھن غلام کي بھ ھن جھڙي حالت ۾ رھايو
وڃي تھ ھو ڀڄي پٽ ڪندو.“
سقراط کي خوشيءَ سان اھو مڃيندو ھو تھ ھن جي شڪل شباھت اھڙي
آھي. پيٽ جي باري ۾ چوندو ھو تھ ھن کي اميد آھي تھ
ھوڊآنس جي ذريعي ان کي گھٽائي وجھندو. ڌن، دولت ۽
ڏيکاءُ سان نھ لڳيس. ھڪ دفعي بازار ۾ کوڙ ساريون شيون
ڏسندي چيائين، ”اھي ڪيتريون نھ شيون آھن، جن جي مون کي
طلب ئي ڪانھي.“ جيئن پنھنجو نھ، تيئن گھر ٻار جو بھ
اونو نھ ھوندو ھئس. زينٿپي جي نظر ۾ ھو ”ڪنھن ڪم جو
نھ، ھڪ سست ۽ واندو ماڻھو ھو، جنھن پنھنجي ڪٽنب لاءِ
ماني ڳڀي کان وڌيڪ، بدنامي آندي.“ کيس شڪايت رھي تھ ھو
مارڪيٽ ۾ پنھنجي نھ کٽندڙ بحث ۾ رھي. پنھنجي ان گھر
ٻار ٻچن کان بلڪل لاپرواھھ رھي ٿو ۽ ھڪ طرف سقراط
پنھنجي ڪوتاھي جو اعتراف بھ ڪندو ھو تھ ٻئي طرف جھيڙڻ
جي باوجود زينٿپي ساڻس پيار ڪندي ۽ کيس پسند ڪندي ھئي.
”ھو ستر سالن جو پيرسن ٿي ويو تھ بھ ھوءَ سندس مرڻ تي
خوش ۽ راضي ڪو نھ ھئي.“ آخري ڏينھن تي ھو زال ۽ ٻارن
کان موڪلائڻ کان پوءِ ڪريٽو کي چوي ٿو تھ ڪو ھنن کي
گھر وٺي وڃي. سقراط سان زينٿپي جو پيار ڏسو: ”پوءِ
ڪريٽو جا ڪجھھ ماڻھو کيس ٻاھر وٺي ويا. ھوءَ روئي، رڙي
۽ پنھنجو سينو پٽي رھي ھئي.“ سقراط کي زينٿپي کان نفرت
ڪو نھ ھئي. پر ھن کي وڌيڪ پيار پنھنجي آدرش سان ھيو.
اسان کيس صبح جو ڪثرت خاني ۾ ورزش ڪندي ڏسون ٿا ۽
”سندس اھو روز جو معمول ھيو تھ صبح جو گھران نڪري،
اٿينس جي مارڪيٽ يا ڪنھن ٻي اھڙي جاءِ تي ويندو ھو،
جتي ماڻھو گڏ ٿيندا ھئا ۽ پوءِ انھن سان گفتگو ۽
ڳالھين ۾ شروع ٿي ويندو، جيڪو بھ ھن سان زندگي ۽ موت
جي اونھن معاملن تي ڳالھائڻ لاءِ تيار ھوندو. امير
توڙي غريب، نوجوان توڙي پوڙھو، دوست يا اڻ واقف جيڪو
بھ آيو ۽ بيھي ٻڌندو تھ اھو سقراط جي اھا گفتار مفت ۾
پئي ٻڌي سگھيو.“
سقراط نھ ئي ڪنھن ٻئي کي بحث جي ”جبري الحاق“ ۾ زوري جڪڙيو ۽ نھ
ئي ”مھاڏاھن“ وانگر سمورو وقت پاڻ ڳالھائيندو ھيو.“ ھو
ڊگھيون تقريرون ڪو نھ ڪندو ھو ۽ نھ ئي ٻين تي ڇوھھ
ڇنڊڻ يا ڇنڊ ڪڍڻ واريون غصي ۾ ڀريل تقريرون ڪندو ھو.
نھ ئي رڳو پاڻ ڳالھائيندو ھيو. ھن ڪڏھن گفتگو ۽ بحث
مباحثي ۾ پنھنجي ھڪ ھٽي قائم ڪو نھ ڪئي ۽ اڪثر اھا ٻي
ڌر ھوندي ھئي، جيڪا گھڻو وقت ڳالھائيندي ھئي.“ ۽ اھڙن
بحثن ۾ يا ڪنھن بھ ٻئي وقت ھن ”ڪڏھن بھ منھن ۾ گھنج نھ
وڌو ۽ نھ ئي ڪو مھڻو ڏئي ڳالھائيندو ھو. سندس طبيعت ۾
غير معمولي حد تائين خوش مزاجي ھئي ۽ ھو کل مک سڀاءُ
وارو ھيو.“ ان ڪري نھ ھو جوشيلو ۽ جذباتي ھوندو ھيو ۽
نھ ئي رکو. ”مون کي اڃا بھ ڪجھھ ٻڌاءِ، لڪاءِ نھ“ ”تون
رڳو ٿورو وڌيڪ چٽو ڪري چئھ تھ تنھنجو مطلب ڇا آھي تھ
جيئن مان پھريائين توکي سمجھي تھ سگھان“، ”منھنجي سوال
ڏي تھ ڏس، اھو ڪيڏو نھ سادو ۽ آسان آھي.“ ھن جو اھو
دستوري انداز ۽ محبوباڻو حجاب آھي ۽ سندس اھا خوش
طبعي، سندن مخالفن چواڻي ھن جي ”ٺٺولي“ ھوندي ھئي. ڇو
تھ ”اھڙي گفتگو دوران سقراط سوال پڇندو. مليل جوابن کي
غلط ثابت ڪندو، ان جي جاءِ تي جواب طور مختلف رايا
رکندو، شڪ ظآھر ڪندو، مخالفن جي نقطئھ نظر ۾ تضادن کي
واضح ڪندو ھو.“
ڇا ڀلا سقراط رڳو اھڙو ئي ھيو جيئن فلاسافر لاءِ اسان وٽ عام
تصور آھي. فلاسافر بابت اسان جو عام تصور ڪانٽ تي بلڪل
پورو لھي ٿو. اڳتي لڙڪندڙ سوڙھا ڪلھا، غير حاضر ۽
پنھنجي خيالن ۾ گم، جيڪو رڳو پنھنجي گھر ۽ يونيورسٽي
وچ ۾ مقرر وقت تي ايندو ويندو ھو ۽ ھر صبح جو جڏھن ھي
ليڪچر ڏيڻ لاءِ لنگھندو ھو تھ ڪانسبرگ شھر جي گھرن جون
زالون ھن کي ڏسي پنھنجي گھڙيالن جو وقت درست ڪنديون
ھيون.“ سقراط اھڙو نھ ھيو. ھڪ يوناني ھجڻ جي ناتي ھو
اھڙو ٿي ئي نھ پئي سگھيو.“
ايمپيڊو ڪليس فلاسافر بھ ھيو ڊاڪٽر بھ، مقرر ۽ شاعر بھ تھ
سياستدان ۽ سائنسدان بھ ھيو، ۽ ائين سقراط بھ سڀ ڪجھھ
ھيو، ھڪ زنده دل انسان وانگر، پھرين ڳالھھ تھ ھو بيحد
رلڻو ملڻو ۽ صحبتي ھيو. ھن کي سنگت ۾ ھجڻ ۾ ڏاڍو مزو
ايندو ھو. ”مان ڄاڻ جو عاشق آھيان“ ھو پنھنجي لاءِ چوي
ٿو، ”۽ ماڻھو منھنجا استاد آھن.“ گروني مطابق ھو شھر
جي سڀني ڄاڻ ۽ تجسس رکندڙ ماڻھن سان ملاقاتون ڪندو
رھندو ھو. پيريڪلس جي سريت، ايسپيزيا سان بھ سندس
واقفيت ۽ دوستي ھئي.
حقيقت ۾ ھن جي نرم دل، ڳالھھ کي جلدي سمجھي وٺندڙ ذھن، اندازو
غلط نھ وڃڻ، صبر، سھپ ۽ خوش مزاجي – انھن سڀني سان گڏ
وري سندس، ڪنھن جي دل کٽي وٺڻ جو اندازو کيس ھڪ مثالي
سنگتي بنائڻ لاءِ ڪافي ھو ۽ ماڻھن کي سندس سنگت ۾ مزو
ايندو ھو. پوڙھا توڙي ٻار ٻئي ھن جا يار. ھن جو ھم عمر
ڪراڙو ڪريٽو بھ سندس سنگتي تھ پٽھس ڪريٽو بولس کي بھ
ھن سان پيار، ڪريٽايس چاچو افلاطون ڀائيٽيو، ٻئي سندس
سلامي، ھو سادگي پسند بيشڪ ھيو پر دل جي زندھ جذبن کان
وانجھيل نھ ھيو. پنھنجي عادتن، اطوارن ۽ سڀاءَ ۾ بلڪل
سادو ۽ صاف دل، مادي لطفن ۽ فرحتن کان آزاد، انھن
ڏانھن لاپرواھھ تھ بلڪل رھيو. پر پنھنجو پاڻ کي تپسيا،
فقر ۽ رياضت ۾ گم ڪري، بيراڳي ۽ راھب بڻجڻ بھ نھ
ڏنائين. ھو ڪنھن بھ کل خوشيءَ جي موقعي تي محفل جي جان
ھوندو ھو. اھڙي طرح شراب ڪڏھن بھ ھن جي حاجت ۽ ضرورت
نھ رھيو، پر وري جڏھن ڪو اھڙو موقعو ٿيندو ھو تھ ھو نھ
صرف پيئندو ھو، پر محفل ۾ موجود ٻئي ڪنھن بھ ماڻھو کان
وڌيڪ ئي پيئندو ھو. ۽ کيس ڪجھھ اثر بھ نھ ٿيندو ھو ۽
مڌ ڪيڏي ذوق سان پيئڻ گھري ٿو. زينوفون اسان کي ٻڌائي
ٿو. گولائي ۾ ويٺل سڀني ڄڻن کي مڌ ننڍن پيمانن ۾ ڏنو
وڃي. پر ان انداز سان تھ جام جلدي جلدي ھڪ ٻئي پٺيان
ائين ايندا وڃن جيئن ڦوھاري مان پاڻيءَ جون ڪڻيون
نڪرنديون آھن.
فطرت جي سونھن جي باري ۾ ڪيڏو نھ باذوق ۽ حساس آھي. ھاڙ جا
ڏھاڙا ۽ ڪچڙي منجھند جو وقت آ. ھو فيڊرس کان ڪنھن
ڪچھري جو حال احوال ٻڌڻ چاھي ٿو. پر ڪھڙي جاءِ تي
ويھن؟ فيڊرس کيس ٻڌائي ٿو ان ڊگھي چنار جي وڻ ھيٺان
جتي ڇانورو بھ آھي. ٿڌڙي ھوا بھ گھلي ٿي ۽ ويھڻ يا
سمھڻ لاءِ ڇٻر بھ آھي. سقراط کيس ورندي ڏيندي چوي ٿو،
”ھائو، واقعي ھڪ خوبصورت ۽ آرامده جڳھھ، اونھاري جي
سرن ۽ سرھاڻين سان واسيل، چنار جو اوچو ۽ گھاٽو ويڪرو
وڻ، واھڙ جو وھندڙ ٿڌڙو پاڻي پيرن کي ڪيڏو نھ وڻندو ۽
ھيٺ بيٺل ڇٻر ڄڻ تھ مٿي ھيٺان نرم ترڪندڙ وھاڻو مان
تھ ليٽي پوندس...“ ۽ پوءِ ڪيترا ڪلاڪ ان چنار جي وڻ
ھيٺان ويٺي گذري وڃن ٿا.
وري ڪٿي دعوت ۾ اسان سقراط کي ائين گھنجيل، گابي چٻاڙيل چوغي ۾
پيرين اگھاڙو ويندي نھ ٿا ڏسون. جيئن ھو عام طور تي
ھوندو آھي. ”پيار“ ۾ ئي پڙھو. ھو اگيٿون جي دعوت تي
وڃڻ لاءِ سنبريو آھي، اجھو ھو تڙ ڪري نڪتو آھي ۽ اڄ تھ
پيرن ۾ چونپل بھ پاتل اٿس، اچو تھ کانئس پڇون. ”ڀلا اڄ
اھي پوشاڪون پھري ڪيڏانھن ڪاھھ آھي؟“ ”اگيٿون جي
مانيءَ تي.... ان ڪري اڄ اھي تيل ڦليل ڪيا آھن، ڇو تھ
ھو بھ سھڻو جوان آھي ۽ جڏھن بھ ڪو، ڪنھن خوبصورت
ماڻھوءَ سان ملڻ وڃي تھ پاڻ سينگاري وڃي.“ بڌو توھان
جواب. اچو تھ ڀلا ھاڻي وري زينوفون جي سمپوزيم
/
ڪچھري ۾ ٿا ھلون. جتي افلاطون جي
سمپوزيم وارا وڏا عالم ۽ دانشور نھ پر عام ماڻھو گڏ
ٿيل آھن. سواءِ سقراط ۽ زينوفون جي. ھن پرئين ھمراھھ
جي ڳالھھ ٻڌو. بصر نھ ٿو کائي. چي: نئين شادي ڪئي اٿم،
اجھو ھن ڇوڪريءَ جا ڪرتب تھ ڏسو، ھوءَ ڪيئن نھ ڊانس بھ
ڪري رھي آھي ۽ ٻارنھن رنگون مٿي ھوا ۾ اڇلائي،
ڦيرائيندي ۽ انھن کي وڄندڙ موسيقي تي پوري وقت تي
پڪڙي. وري اڇلائيندي رھي ٿي! سقراط کي تھ ڏسو ڪيڏي نھ
ڌيان سان، ٽِڪ ٻڌي ويٺو ڏسي. اجھو ڪجھھ چيائين: ”رڳو
ھن ڇوڪريءَ جا ڪمال ڏسڻ کانپوءِ نھ، پر ٻين سببن ڪري
بھ مان چوان ٿو تھ ھڪ عورت جي قابليت ۽ گڻ، مرد کان
ڪنھن بھ صورت ۾ گھٽ نھ آھن.“ پوءِ ھو ويٺلن کان پڇي
ٿو. ڀلا اوھان مان ڪير اھڙو آھي، جيڪو مون واري زال کي
ڪجھھ سيکاري؟ ريٽي کي؟ تون پنھنجي پاڻ کي سٺا لڇڻ ڇو
نھ ٿو سيکارين؟“ ”جيئن تھ منھنجي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو
مقصد رلي ملي رھڻ آھي. سو مان رينٿپي جي چونڊ ان ڪري
ئي تھ ڪئي ھئي تھ جي مان ھن سان گذارو ڪري ويس تھ پوءِ
سڀني سان گذاري ويندس.“
توھان ٻڌو سندس جواب، يار حاضر جواب بھ آھي. ڏسو سندس ان جواب
سان سنگت بھ مطمئن ٿي وئي. وري سندس ھيءَ ڳالھھ بھ
ٻڌو. پاڻ ٻڌائي ٿو تھ ھو ھر روز صبح جو ڊانس ڪندو آھي
تھ جيئن ھلڪو ٿئي ۽ سندس ان ڳالھھ جو ھي شاھد بھ ويٺو
آ، ”اھو بلڪل سچ آ، مان کيس ائين ڪندو ڏسي سمجھيم تھ
ھي چريو ٿي ويو آ الاجي ڇا، پر ھن مون سان گفتگو ڪئي ۽
مان اوھان کي ٻڌايان تھ ھو مون کي مچائي ويو. ۽ جڏھن
مان گھر موٽيس – توھان يقين ڪندؤ؟ مان ڊانس تھ نھ ڪئي،
مون کي اھا نھ ايندي آھي. پر پوءِ بھ مون پنھنجون
ٻانھون ھيڏانھن ھوڏانھن گول پئي ڦيرايون.“ ٺھيو. ھن
ھمراھھ شاھدي نھ ڏني پر ويل ۾ ويچارو سقراط پئجي ويو.
اڳھون انگل ڪري سقراط کان گانو ٻڌائون. تڏھن وڃي خوش
ٿيا ۽ ھاڻي وري ھي اشڪيل کيس وڌو اٿائون، ”سقراط! اسان
کي بھ ڊانس ڪري ڏيکار.“ پر ھن جو خيال ھوڏانھن ڇوڪريءَ
ڏانھن ڇڪجي ويو آھي. ھيڏي ڏسو تھ ھوءَ ڪھڙو نھ خطرناڪ
ڪرتبَ پئي ڪري. ھو جمناسٽڪ جو ڪرتب ”سمر سالٽ“ ڪري رھي
آھي ۽ تلوارن سان ٺھيل گول دائري مان منڍي ٽپائي رھي
آھي! توھان کي ڪجھھ نھ ٿو ٿئي ائين ڏسندي؟ ڏاڍا سخت دل
آھيو. پر سقراط – ھن جي پريشاني نھ ڏسو، ”ان ۾ ڪو شڪ
ڪونھي تھ اھو واقعي بھتر ۽ اچرج ۾ وجھندڙ ڪرتب آھي. پر
اھا بھ ڪا وندر چئبي، ھڪ نوجوان ۽ خوبصورت جيو کي
پنھنجي جان اھڙي جوکي ۾ وجھندي ڏسڻ ۾؟ مون کي اھو بلڪل
قبول ڪونھي.“ ۽ سندس حساس نرم دل جو قدر ڪندي، ھنن
ڇوڪريءَ کي بس ڪرائي.
اھو ھو سقراط، زينوفون جي سپوزيم ۾. پر ھن جي ھڪڙي ٻھ بھ ڳالھھ
اوھان کي ٻڌايان. ھي تھ اسڪولي ڇوڪرن سان بھ اھڙو ٿو
رلي ملي وڃي، جو ھو ڄڻ پاڻ کي گھر ۾ ٿا محسوس ڪن. ڪا
اوپرائپ ئي ڪونھي نھ. سقراط ۽ ڪجھھ ٻيا ڪمري جي ھڪ
پرسڪون ڪنڊ ۾ وڃي ويھن ٿا ۽ گفتگو شروع ڪن ٿا.
مينيڪسينس ھن کي اوڏانھن ويندو ڏسي، پنھنجي راند ڇڏي
اچي ٿو ۽ پوءِ سندس سنگتي لائسس بھ سري اچي ھن جي
ڀرسان ويھي ٿو ۽ ائين پيا ڇوڪرا بھ اچي مڙن ٿا. ھو
مينيڪسينس کان پڇي ٿو: ”توھان ٻنھي نوجوانن مان وڏو
ڪير آ؟“ ”اھو ئي تھ مسئلو آ، اسان ٻنھي جي وچ ۾.“ ”ڀلا
اوھان وچ ۾ اھو مسئلو بھ آھي ڇا تھ ٻنھي مان خوبصورت
ڪير آ؟“ ٻئي ڇوڪرا کلي ٿا ويھن. ”مان توھان کان اھو نھ
پڇندس تھ ٻنھي مان شاھوڪار ڪير آ، ڇو تھ توھان ٻئي
دوست آھيو. ڇا نھ آھيو؟“ ”ھا، آھيون.“ ”۽ دوستن جون سڀ
شيون گڏيل ھونديون آھن. تنھن ڪري توھان مان ڪير بھ ٻئي
کان شاھوار ٿي نھ ٿو سگھي. جي توھان پاڻ ۾ سچا سنگتي
آھيو.“ ”ھا، اھو بلڪل صحيح آ“ ھو، ھن سان متفق ٿين ٿا،
۽ سندس چواڻي، ھنن ٻن ”نوجوان نينگرن“ ۽ ھن پوڙھي
نينگر، وچ ۾ دوستيءَ تي ھڪ گفتگو شروع ٿي وڃي ٿي، جيڪا
تڏھن وڃي، اتي اچي ٽٽي ٿي، جڏھن ڇوڪرن جا استاد،
زوريءَ ڪچھري
/
چؤنڪڙي کي ڦٽائن ٿا ۽ ڇوڪرن کي اچي
کنڀي اٿارين ٿا، جو کين گھر وڃڻ لاءِ ڪافي دير ٿي چڪي
آھي.
ائين اٿينس آھي ۽ سقراط آھي – ڪجھھ ڄاڻڻ لاءِ، چاھھ ۽ اتساھھ
سان ڀريل نوجوان ھن کي وڪوڙيون بيٺا آھن. اسان کي ھي
ٻڌاءِ - اسان کي ھو ٻڌاءِ، ھو وٺي ھل ڪن ٿا. دوستي ڇا
ٿيندي آ؟- انصاف ڇا کي چئبو آ؟- سقراط! اسان توکي ائين
ڪو نھ ڇڏينداسين، سچ – اسان کي سچ گھرجي. ”ڪيڏو نھ مزو
آ“ ھو ھڪٻئي کي چون ٿا، ”ڏاھي ماڻھو کي ڳالھائيندو ٻڌڻ
۾.“
۽ سقراط کين سچ ٻڌايو. سڀني اٿينس وارن کي سچ ٻڌايو. سچ چوڻ جي
ڏوھھ ۾ اچي عدالتن ۾ پھتو. ھن تھ اتي پھچي ججن کي بھ
سچ ٻڌايو ۽ سچ سان اھڙي سچي ياري رکڻ جي ”ڏوھھ“ ۾ کيس
موت جي سزا ملي ٿي. ڪريٽو کيس جيل مان ڀڄائڻ جي رٿ رٿي
آھي. ھن کي اچي ٻڌائي ٿو، پر ھي يار ان کي ٻڌو اڻ ٻڌو
ڪري ڇڏي ٿو. چي: ”فيصلو جيتوڻيڪ حقيقت تي ٻڌل نھ آھي.
پر پوءِ بھ اھو ھڪ قانوني ۽ جائز عدالت پاران، آھي سو
مون کي اھو قبول ڪرڻ گھرجي“، ۽ ھو ھڪ پٽ يا ڌيءُ وانگر
پنھنجي وطن جي قانونن جي فرمانبرداري ڪري ٿو. پورو
مھينو کيس جيل ۾ گذري چڪو. مقدس جھاز ڊيلاس مان موٽيو
آھي. سو ھاڻي سندس سزا تي عمل ٿي سگھي ٿو. اڄ کيس
”زھر“ پيئڻو آھي. صبح سندس پيرن مان ٻيڙيون کليون
ھيون. ھينئر سچ لھڻ جو وقت ويجھو اچي ٿيو آھي. ھن جا
چاھڻ وارا سڀ ھن جي چوڌاري ويٺا آھن... جيلر اچي ٿو،
چيئ ٿو: ”سقراط! مون کي توکان اھڙي شڪايت نھ رھندي،
جيڪا ٻين کان رھي اٿم تھ اھي مون سان ڪاوڙجي پوندا آھن
۽ مون تي لعنتون ۽ ڦٽڪار وجھندا آھن. جڏھن مان آفيسرن
جي حڪم موجب کين زھر پيئڻ جو اطلاع اچي ڏيندو آھيان.
پر مان ھن سڄي عرصي دوران توکي اشراف خاندان، صبر ۽
ڌيرج وارو بھترين انسان ڏٺو آھي. انھن مڙني کان
مٿانھون، جيڪي بھ ھتي آيا آھن. سو ھينئر بھ مون کي پڪ
آھي تھ تون مون تي رنج نھ ٿيندين. ڇو تھ تون ڄاڻين ٿو
تھ اھو مان نھ پر ٻيا آھن، جيڪي ان ڏوھھ جا ذميوار
آھن. سو ھاڻي خدا ھافظ ۽ ان اڻٽر کي آرام سان سھڻ جي
ڪوشش ڪر. تون منھنجي اچڻ جو مطلب سمجھي ئي ويو
ھوندين.“ پوءِ ھو مڙي ٿو ۽ ٻاھر وڃڻ لڳي ٿو. ڳوڙھا
سندس اکين مان نار ڪري، ڳلن تان وھڻ لڳن ٿا. سقراط ھن
ڏانھن ڏٺو ۽ چيو: ”توکي بھ خدا حافظ ۽ نيڪ تمنائون،
مان ائين ئي ڪندس، جيئن تون چوندين“ ۽ پوءِ سقراط،
ڪريٽو کي زھر آڻائڻ لاءِ چوي ٿو. ڪريٽو اصرار ڪري ٿو
”اڃا تھ سچ بھ پھاڙين مٿان بيٺو آھي، ايتري تڪڙ نھ
ڪر.“ سقراط انڪار ڪري ٿو.
جيل جو جلاد زھر کڻي اندر اچي ٿو. سقراط کيس ڏسندي ئي چئي ٿو،
”منھنجا دوست! تون انھن معاملن ۾ ماھر آھين، ڏس تھ مون
کي ھاڻي ڇا ڪرڻو آ؟“ ”ٻيو ڪجھھ بھ نھ، بس رڳو ھي پيءُ،
۽ پوءِ ايستائين گھمندو رھھ، جيستائين توکي پنھنجون
ڄنگھون ڳوريون محسوس ٿين. تنھن وقت ليٽي پئجان ۽ پوءِ
زھر پنھنجو عمل پاڻ ڏيکاريندو.“ ۽ ائين چوندي ھو زھر
جو پيالو سقراط ڏانھن وڌائي ٿو ۽ ھو پنھنجي ساڳي ئي
ھريل انداز ۾، کنڀير اکين سان گھوريندي. ھن کان پڇي
ٿو. ”تون ائين سمجھين ٿو تھ ھيءَ سرڪ
/ چڪو مون کي آرام ڪرائڻ لاءِ ڪافي ئي آھي؟“
سقراط! اسان صرف گھربل مقدار تيار ڪندا آھيون. ان کان
وڌيڪ نھ.“ ۽ پوءِ ھن جي ھٿن مان پيالو، وڏي سرھائي
سان، خوش ٿيندي وٺي ٿو- ”عاشق زھر پياڪ، وھھ ڏسي وھسن
گھڻو“ – ”نھ تھ ائين ڪندي ھو ڪو ڏڪي ٿو، نھ ئي سندس
منھن جو پتو لھي ٿو، يا ڪو رنگ ئي مٽجيس ٿو. پوءِ
پيالو، پنھنجي چپن تي رکندي (ڄڻ تھ ان کي چاھھ مان
چمندي) ان گھڙيءَ ئي سڪون سان پي ڇڏي ٿو.“ اپالودورس،
ڪريٽو، فيدو ۽ کوڙ ٻيا، جيڪي سڀ ھن مھل تائين تھ ڪيئن
بھ ڪري پاڻ کي قابو ڪيون ويٺا ھئا، پر ھن کي زھر
پيئندي ۽ پيالو خالي ڪندي جو ڏٺائون تھ ھاڻي پنھنجي وس
نھ رھيا آھن. ڪوئي روئي ٿو. ڪوئي رڙي ٿو.... ماتم پئجي
وڃي ٿو.... ”ھو تھ يتيم ٿي ويندا.... ھھڙي پيءُ، ھھڙي
دوست جي جدا ٿيڻ تي...“ ھو اھو سوچين ٿا ۽ وري سڏڪن ۾
پئجي وڃن ٿا... آھون اڀ ڏارين ٿيون.... رڳو سقراط ئي
خاموش آھي. ”سچ پڇ تھ مان ان سبب ڪري زائفن کي اڳ ۾
اماڻي ڇڏيو تھ متان اھي اھڙي ناسمجھي جو مظآھرو ڪن. ڇو
تھ مان ٻڌو آھي تھ ماڻھوءَ کي سڪون سان مرڻ گھرجي،
پوءِ بس ڪيو ۽ صبر کان ڪم وٺو.“ ھو پشيمان ٿي کڻي چپ
ڪن ٿا. سقراط گھمندو رھي ٿو ۽ پوءِ ٻڌائي ٿو تھ سندس
ڄنگھن مان ھاڻي ست ڇڏائي ويو آ، جو اھي ڳوريون ٿي،
گھلجڻ لڳيون آھن.“ ھو کٽ تي اھلي پئي ٿو، ۽ سندس جسم
آھستي آھستي مٿين پاسي ڏانھن سن ٿيندو وڃي ٿو. سقراط
پاڻ کي ھٿ لائي ڪجھھ محسوس ڪري ٿو ۽ چوي ٿو: ”جڏھن زھر
دل تائين پھتو اھا پڄاڻي ھوندي. ”ھاڻي اثر پيٽ جي
ھيٺين حصي تائين پھچي چڪو. ھن پنھنجي منھن تان لٽو
لاٿو ۽ جھيڻي آواز ۾ چيائين، ”ڪريٽو! اسان ايسڪليپيس
(ديوتا) جو ھڪ ڪڪڙ لھڻو. اھو قرض لاھڻ نھ وسارجان.“
”ھائو ائين ضرور ڪيو ويندو. توکي ٻيو ڪجھھ بھ چوڻو آ؟“
کيس ڪو جواب ڪو نھ ٿو ملي. اچو تھ ڀلا اسان کانئس
پڇون، من سقراط ڪو جملو، ڪو اکر ڳالھائي وجھي.... نھ
ھو ڪو جواب ڪو نھ ٿو ڏئي.... بس سندس جسم ۾ ٿوري جنبش
پيدا ٿئي ٿي. جيل وارو عملدار سقراط مٿان وڌل لٽو لاھي
ٿو. سقراط جون اکيون..... اچو، توھان بھ سري اچي، سندس
منھن ڏسو. .... اکيون تھ ڏسوس. ڪيئن نھ ٽِڪ ٻڌي بيٺيون
آھن. الائي ڇا کي چتائي ڏسن ٿيون، شايد ڪجھھ چون
ٿيون... ڪريٽو اٿي ٿو. سندس وات ۽ اکيون بند ڪري ٿو.“
ھن جھڙو بااخلاق، داناءُ ۽ انصاف پسند ھنن پنھنجي سڄي
عمر ۾ نھ ٻڌو نھ ڏٺو.“ اھڙو ”ساٿي“ سندن اکين اڳيان،
سندن ھٿن مان، کانئن کسجي وڃي ٿو. لطيف بيتاب ٿي چوي
ٿو: گل ڇنو گرنار جو، گل ڇنو گرنار جو...“
چنڊ جي چوڏھين رات لکيو ويو.
ڊاڪٽر گل
(وڌيڪ پڙهندا)
|