”ھن منھنجي اھا سڄي ڳالھھ ٻڌي ۽ پوءِ پنھنجي ان مخصوص ٽوڪ واري
انداز ۾، اوتريءَ ئي معصوميت سان جواب ڏنائين، جيترو
پاڻ کي اٻوجھھ ظاھر ڪندو آھي، ”منھنجا پيارا
السيبيادس! تنھنجو آدرش تھ واقيع اعليٰ چئبو ۽ تون
ڏاڍو ذھين چئبين. تون ھينئر منھنجي لاءِ جيڪو ڪجھھ چيو
جيڪڏھن اھو سچ بھ آھي ۽ اھو تھ مون ۾ اھڙي قابليت ۽
لياقت آھي، جنھن سان تون بھتر بڻجي سگھين ٿو ۽ تون مون
۾ ڪا اھڙي اڻلڀ سونھن ڏٺي آھي، جيڪا تنھنجي خوبصورتي
جي ڀيٽ ۾ بھ تمام مٿانھين ۽ اعليٰ آھي. سو جيڪڏھن
پنھنجي ان کوجنا کان پوءِ تون مون سان ڏيتي ليتي ڪرڻ ۽
پنھنجي سونھن جي مٽا، منھنجي سونھن سان ڪرڻ ٿو چاھين
تھ پوءِ ظاھر آ تون مون کي سودي ۾ ماري وئين. ڇو تھ
پوءِ تون کوٽي سونھن جي بدلي، سچي سونھن ٿو حاصل ڪرڻ
گھرين. حقيقت ۾ تون ڊايومڊي وانگر سون سان مٺ مٽائڻ ٿو
گھرين. پر منھنجا مٺا دوست! تنھنجي مٿان رحمتون! ٿورو
وڌيڪ غور ڪر ۽ چڱي نموني کوجنا ۽ جاسوسي ڪري ڏس تھ
توکي معلوم ٿيندو تھ مان ڪجھھ بھ نھ آھيان ۽ اھو تھ
تون منھنجي قدر قيمت جي ڪاٿي ڪرڻ ۾ ڪٿي ڀليل تھ نھ
آھين؟ ڇو تھ عقلي مشاھدو ۽ اندر جي نظر ان وقت ئي درست
۽ صاف ڏسڻ ۽ پرکڻ شروع ڪري ٿي، جڏھن عام اکين جي نظر ۽
مشاھدو پنھنجي منزل گذاري چڪي ٿو ۽ تون اڃا ان ماڳ کان
گھڻو پوئتي آھين.“
(27).
”اھو ٻڌندي مون چيو ”بس، مون کي، توکي اھو ئي ٻڌائڻو
ھيو ۽ مون جيڪو ڪجھھ بھ چيو، سو منھنجي سچن جذبن جو
ترجمان ئي آھي. مون پنھنجو بار لاٿو، ھاڻي اھا تنھنجي
ذميواري آھي تھ تون منھنجي ۽ پنھنجي لاءِ جيڪو مناسب ۽
بھتر سمجھين اھو سوچ.“
”چڱو، ٺيڪ آ“ ھن وراڻيو ”پوءِ ڪنھن ٻئي دفعي اسان ويھي
غور ڪنداسين ۽ ھن معاملي ۾ ۽ ٻين معاملن ۾ بھ، جيئن
پاڻ ٻنھي لاءِ بھتر ۽ مناسب سمجھھ ۾ آيو، تيئن کڻي
ڪنداسين.“
”ان گھڙيءَ ئي مون کي گمان ٿيو تھ ھي بس ڪسجي ويو، جو
مون سندس جواب ٻڌي اھو اندازو ھنيو تھ لفظن جا تير،
جيڪي مون کيس کپايا ھئا، تن ھن کي زخمي ڪري وڌو آھي،
سو ان کان اڳ جو ھو وڌيڪ ڪجھھ چئي، مان ٽپو ڏيئي اٿيس
۽ پنھنجو چوغو، ھن جي مٿان اڇلي، مان پاڻ سندس کٿل
چوغي جي اندران لڪي ويم – ڇو تھ اھا سياري جي مند ھئي
- ۽ ائين ھن عجيب ۽ حيرت ۾ وجھندڙ شخص، ھن راڪاس کي،
مان پنھنجي ٻانھن ۾ ويڙھي ۽ وڪوڙي، سڄي رات سمھيو رھيس
۽ سقراط! ھتي بھ تون ائين نھ چئي سگھندين تھ مان ڪو
ڪوڙ ٿو ڳالھايان. بھرحال منھنجي ان سموري جدوجھد ۽
جاکوڙ جي باوجود، ھي شخص، منھنجي سونھن، وينتين ۽ منٿن
کان مٿانھون ثابت ٿيو ۽ انھن جي مٿان سوڀارو ٿيو ۽
منھنجي حسن کي ايڏي کان مٿانھون ثابت ٿيو ۽ انھن جي
مٿان سوڀارو ٿيو ۽ منھنجي حسن کي ايڏي ڌڪار، نفرت ۽
مغرورائپ سان ٿڏي ڇڏيائين، جنھن سونھن جي بنياد تي ئي
مان ڪڏيم پئي ۽ اھو گمان ھيم تھ سچ پچ ان ۾ ڪشش ۽ سحر
آھي. پر او جج صاحبو! او منصفو! ٻڌو- ۽ مان توھان کي
ان ڪري منصف سڏيان ٿو، جو ھن مھل اوھان جي آڏو سقراط
جي ان مغرور ۽ ھٺيلي رويي جو ڪيس داخل آھي ۽ توھان کي
ان بابت فيصلو ڪرڻ ۽ فتويٰ ڏيڻي آھي- مان آسمان ۾
موجود سمورن ديوتائن ۽ ديوين جو قسم کڻي چوان ٿو تھ
اسان ٻنھي جي وچ ۾ وڌيڪ ڪجھھ بھ نھ ٿيو ۽ جڏھن مون کي
صبح جو جاڳ ٿي تھ ائين لڳو ڄڻ رات مان پيءُ يا وڏي
ڀاءُ سان ستو ھيس!.
”توھان ڇا ٿا سمجھو تھ اھڙي نامنظوري کان پوءِ منھنجي
ذھني ڪيفيت ۽ محسوسات ڇا ھوندا. ھڪ طرف مون محسوس ڪيو
تھ منھنجي بيعزتي ڪئي وئي آھي. پر ٻئي طرف مون کي
سقراط جي اخلاق، پاڻ تي ضابطي ۽ مردانگي جي لاءِ ڏاڍي
عزت ۽ احترام پيدا ٿيو. مان ھڪ اھڙي شخص سان مليو ھئس،
ھن ڌرتي تي جنھن جھڙي ڏاھپ، بردباري ۽ ڌيرج جو مشاھدو
ماڻڻ جو، مون ڪڏھن تصور بھ نھ ڪيو ھو. نتيجو اھو نڪتو
تھ نھ ئي مان مٿانئس ڪاوڙ ڪري سگھيس ۽ کانئس سنگت ياري
نھ ڇني سگھيس ۽ نھ ئي کيس فتح ڪرڻ لاءِ ڪو ٻيو ئي
طريقو سوچي سگھيس. مون تي اھو واضح ٿي ويو تھ ھي
ھمراھھ رشوتن قبول ڪرڻ ۾ ان کان بھ گھڻو گھڻو سخت ۽
پڪو پختو ھيو، جيترو اجيڪس تلوار جي زخم کائڻ کان.
پنھنجي خوبصورتيءَ سان کيس زير ڪرڻ جي ان آخري ڳالھھ ۾
جنھن ۾ مان سوچيو ھو تھ ھو نازڪ آھي ۽ مان کيس گھائي،
ڪاميابي ماڻي سگھان ٿو، ان ۾ آءٌ ناڪام ٿي ويس، سو
منھنجا ھوش حواص ۽ عقل بس جواب ئي ڏئي ويٺا- ڪير بھ،
ڪڏھن بھ، ڪنھن جو اھڙو غلام ۽ قيدي ڪو نھ ٿيو، جھڙو
مان ھن جو بڻيس.
”اھو سڀ ڪجھھ اسان جو پوٽيڊيا جي مھم
(28)
تي وڃڻ کان اڳ ٿيو ھو. ان مھم
دوران ھو منھنجو ويسي – ڀائي ھيو. اتي مون کي، سنس
تڪليف سھڻ ۽ ٿڪ برداشت ڪرڻ جي حيرت انگيز قوت جو
مشاھدو ٿيو ۽ ان معاملي ۾ ھن پنھنجو پاڻ کي نھ صرف مون
کان، پر سڄي فوج کان مٿانھون ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ ڇا تھ
شاندار سندس سھپ ۽ صبر جي قوت ھئي. جڏھن اسان رسد کان
ڪٽجي ويندا ھئاسين، جيئن اڪثر جنگ ۾ ٿيندو آھھ- ۽ اسان
کي کاڌي پيتي کانسواءِ ئي اڳتي وڌڻو پوندو ھو، تھ نھ
صرف مان، پر ڪير بھ اھڙو نھ ھيو، جنھن جي ان معاملي ۾
ساڻس ڀيٽ ڪري سگھجي. ھو اسان سڀني کان مٿانھون ھو ۽
وري جڏھن پاڻي جھجھو ھوندو ھو يا ڪو جشن ڪندا ھئاسين
تھ ڪير بھ اھڙو ڪو نھ ھو، جيڪو واقعي ان مان حقيقي طور
لطف اندوز ٿي سگھي، خاص ڪري مڌ پيئڻ مھل. جيتوڻيڪ ھو
تڏھن پيئندو ھو، جڏھن ڪو کيس مجبور ڪري ۽ پوءِ ھو پيئڻ
۾ اسان سڀني کي مات ڏئي ويندو ھو - ۽ وڌيڪ عجب جي
ڳالھھ اھا تھ اڄ ڏينھن تائين، ھن دنيا ۾ ڪنھن بھ
ماڻھو، ڪڏھن بھ کيس مدھوش نھ ڏٺو آھي ۽ ان جو ثبوت
اجھو ئي اوھان ڏسندؤ جي مان غلط نھ آھيان. ۽ بس رڳو
اھو ئي نھ ھيو. سرديءَ کي سھڻ جي سندس سگھھ بھ ھڪ عجيب
اسرار ھئي. انھن علائقن ۾ سيءَ بھ قھر جا پوندا ھئا.
ھڪ دفعي جي ڳالھھ آ تھ ٻاھر پارو پئي پيو ۽ ھر ماڻھو
يا تھ در اندر ويٺو رھيو يا جيڪڏھن ڪو ٻاھر ويو بھ پئي
تھ پاڻ کي لٽن ڪپڙن سان ويڙھي سيڙھي، سٿي ۽ ٻٽون ھڻي
ٻاھر نڪتو پئي ۽ پنھنجي پيرن کي ان يا ر جي کل سان
ويڙھي ۽ ٻڌي پوءِ گھميو پئي. اھڙي صورتحال ۾ سقراط،
اگھاڙن پيرن سان ۽ پنھنجي ان عام چوغي ۾ ئي ٻاھر نڪتو
۽ برف تي انھن ماڻھن کان وڌيڪ آرام سان گھميو پئي، جن
کي بوٽ پاتل ھئا. ٻين فوجي سپاھين ھن کي شوخيءَ ۽ شڪ
سان پئي ڏٺو. ھنن ائين سمجھيو تھ ھن جي ائين ڪرڻ جو
مقصد کين شرمندو ڪرڻ ھيو.
”مون ان موضوع تي ڪافي ڳالھايو. پر ”ھڪ ڪارنامو ٻيو،
سورمي جيڪو ڪيو“ بھ ٻڌڻ وٽان آھي. جڏھن ھو جنگي ھم تي
ھيو. ھڪ صبح جو ھو ڪا ڳالھھ سوچي رھيو ھو پر اھا ڪا
کانئس حل نھ پئي ٿي ۽ ھي ان ئي جاءِ تي، ان بابت سوچ ۾
بيٺو رھيو. اڃا بھ ھو ان کي سلجھائي نھ سگھيو ۽ ان تي
سوچڻ ۾ محو رھيو، تان جو منجھند ٿي وئي. ان مھل ڪنھن
جي نظر تي سوچڻ ۾ محو رھيو، تان جو منجھند ٿي وئي. ان
مھل ڪنھن جي نظر مٿانئس پئجي وئي ۽ ان عجب وچان ٻئي
کي، جنھن وري ٽئين کي ٻڌايو. ائين اچرج ۾ اچي ويندڙ
انبوھھ ۾ اھو ھل ٿي ويو تھ سقراط، سج اڀري کان وٺي
ڪنھن سوچ ۾ ٻڏو پيو آھي. آخرڪار سانجھيءَ جو رات جي
مانيءَ کان پوءِ ڪن آيونن، تجسس وچان پنھنجا تڏا ٻاھر
آڻي وڇايا- اھي اونھاري جا ڏھاڙا ھئا- تھ جيئن ٿڌڙي
ھوا ۾ آرام بھ ڪن ۽ ساڳئي وقت سقراط کي بھ ڏسن تھ ڇا
ھو سڄي رت بھ ائين ئي بيٺو رھندو ۽ ھو سڄي رات ائين اڀ
پيري، کتل بيٺو رھيو. تان جو وري اچي سج اڀريو. پوءِ
ھن سج جي پوجا ڪئي ۽ ھليو ويو.
”اوھان جي اجازت سان ھينئر مان توھان کي جنگين جي باري
۾ بھ ٻڌائڻ چاھيندس. ھن اتي بھ ڪيڏي نھ جرئت ڏياکري
ھئي! سو ساڻس، ان حوالي سان بھ اسان کي انصاف ڪرڻ
گھرجي، جنھن جنگ ۾ مون کي بھادري ۽ شجاعت ڏيکارڻ ڪري
انعام عطا ڪيو ويو ھو. ان ۾ اھو سقراط ئي ھيو، جنھن
منھنجي جان بچائي ھئي. جڏھن تھ ٻيو ڪير بھ مون کي
بچائڻ ڪو نھ آيو. مان زخمي ٿي پيو ھيس، پر ھي ڪٿي ٿو
مون کي ائين ڇڏي ڏي. ھن مون کي بھ ۽ منھنجي ھٿيارن کي
بھ بچائي ورتو. شجاعت ۽ بھادري جو اھو انعام کيس ملڻ
گھرجي ھا، جيڪو جنرلن مون کي بخشڻ پئي چاھيو ۽ سقراط
توکي ياد ھوندو تھ مان جنرلن کي ان وقت بھ ائين ئي چيو
ھو ۽ سقراط، تون ھتي بھ تھ ان کان انڪار ڪندين ۽ نھ ئي
مون کي الزام ڏيندين. جنرل منھنجي حق ۾ ٿي بيٺا ھئا.
ان ڪري جو ھڪ تھ منھنجو عھدو وڏو ھو ۽ ٻيو تھ ھي سقراط
خود، جنرلن کان بھ اڃا سرس، ان جو خواھشمند ھيو تھ
اھوا نعام ھو نھ، پر، مان وصول ڪيان. مھربانو! مان
اوھان کي ھڪ ٻيو واقعو بھ ٻڌايان، جنھن ۾ سقراط جو
نظارو ڏسڻ وٽان ھيو. جڏھن ڊيليم جي جنگ ۾ فوج وٺي ڀاڄ
کاڌي. مان گھوڙي سوار دستي ۾ ھيس. جڏھن تھ ھي پيادن ۾
ھيو. ھي ۽ ليڪيس گڏ ھئا. مان بھ ھنن وٽ اچي پھتس ۽ کين
چيم تھ دل نھ لاھجو. مان بھ اوھان سان سان آھيان ۽
توھان کي اڪيلو ڇڏي نھ ويندس. ۽ ھتي مون کي سقراط جو
پوٽيڊيا کان وڌيڪ بھتر نموني مشاھدو ڪرڻ جو موقعو
مليو. ڇو جو مان گھوڙي تي سوار ھيس. ۽ ان ڪري خطري کان
ٻاھر ھجڻ ڪري، گھٽ خوفزده ھيس. پھرين ڳالھھ تھ مون ھن
کي ليڪيس کان وڌيڪ پرسڪون ۽ استقلال سان پر ڏٺو ۽ ٻي
اڳلھھ تھ – ارسٽوفينز، جيڪڏھن مان توکان تنھنجو ھڪ
محاورو اڌارو وٺي انھن لفظن ۾ چوان تھ ھن جي ٽور ۽ چال
اھا ئي ھئي، جيڪا عام طور اٿينس جي گھٽين ۾ ھوندس
اٿس.“ پيئڻ پکي وانگر، مٿو ھوا ۾ جھلي، ٽيڳر سان سيٽجي
ھلندي، ٻنھي پاسن تي اکيون ڦيرائي نگاھھ وجھندي“ ۽
بلڪل آرام سان دوستن ۽ دشمنن جي حرڪت کي نظر ۾ رکندي،
پري کان ئي ائين ظاھر ۽ واضح ڪري رھيو ھو تھ جيڪڏھن
ڪنھن مٿس آڱر بھ رکي تھ ان جو کيس منھن ٽوڙ جواب ملندو
۽ ائين ھي ۽ سندس ساٿي سلامتي سان نڪري آيا. جيڪي جنگ
۾ ائين بھادري سان وڙھن ٿا. تن جو خير ڪو وار ونگو ٿئي
ٿو، پيڇو انھن جو ٿئي ٿو، جيڪي اٻھرو وٺي ڀاڄ کائين
ٿا.
”سقراط جي ساراھھ ۾ سندس کوڙ ساريون اھڙيون حيرت ۾
وجھندڙ ڳالھيون آھن، جيڪي بيان ڪري سگھجن ٿيون، سندس
عام زندگي جا ڪي وھنوار ۽ عادتون ٻين ماڻھن ۾ بھ
ساڳيون ٿي سگھن ٿيون. پر ھن جي حقيقي اچرج ۾ وجھندڙ
ڳالھھ ھيءَ آھي تھ ھي دنيا جي ڪنھن بھ ٻئي ماڻھو،
آڳاٽي يا ھاڻوڪي، جھڙو نھ آھي، جي اڪائليس جھڙو ڪو ٻيو
ڳوليندؤ تھ توھان کي بريسيبياس (29) ملي ويندو ۽ اھڙا
کوڙ مثال ملي ويندا. جي اوھان ائين ڪيترن ئي ٻين مشھور
ماڻھن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪيو. پر ھي اسان وارو يار اھڙو تھ
منفرد ۽ عجيب آھي پنھنجي شخصيت ۽ گفتگو ۾، جو مجال آ
جو ھن جھڙو ڪو ٻيو لھي وڃو، ھن ئي پيڙھي ۾ يا ڪنھن
اوائلي جڳ ۾، جيڪو ھن سان پري جي بھ مشابھت رکندو ھجي!
نھ، جيستائين توھان انسانن سان ڀيٽ ڪرڻ کي ڇڏي ڏيو ۽
سائيلينس ۽ ون ديوتا جي مجسمن سان ڀيٽ ڪري ڪا واھھ ۽
تدبير ڪڍو، جنھن جو مون خود بھ پنھنجي تقرير ۾ ذڪر ڪيو
آھي ۽ اھي نھ صرف پنھنجي شڪل شباھت ۾، پر پيغام ۽ شبدن
۾ بھ ساڻس مشابھت رکن ٿا.
”اصل ۾ مون کي منڍ ۾ اھو ٻڌائڻ وسري ويو ھو تھ ھن جون
ڳالھيون بھ سائيلينس جھڙيون آھن، جڏھن انھن کي کوليو
وڃي. ڪير بھ جڏھن سقراط سان کيس ڳالھائيندو ٻڌندو تھ
پھريائين اھي ڳالھيون کيس مسخري لڳنديون. اھي اھرن تھ
عجيب اکرن، جملن ۽ ٻوليءَ ۾ اوڍيل ھونديون، ڄڻ ڪنھن
گھڻي ڳالھائيندڙ ون ديوتا جي گل آھن. ڇو تھ ھن جو
ڳالھائڻ، خچرن، لوھار، موچي، سوچي ۽ چمار (چمڙو
رنڱيندڙ) جي باري ۾ ھوندو آھي. ۽ ڄڻ تھ سدائين ساڳيون
ڳالھيون، ساڳين لفظن ۾ ورجائيندو پيو وتندو. سو جيڪڏھن
ڪو جاھل ۽ ھن کان اڻ واقف ماڻھو، سندس اھي ڳالھيون ٻڌي
تھ کلڻ کان سواءِ رھي نھ سگھندو. پر جيڪڏھن ڪو ھن
مجسمي کي کولي، اندر بيھي وڃي سقراط جي ڳالھين جو مول
متو سوجھي، پروڙي ۽ پڌرو ڪري تھ ھن کي خبر پوندي تھ
سندس لفظن ۾ ھڪ واضح معنيٰ ۽ مقصد رکيل آھي ۽ اھو تھ
سندس گفتگو ڄڻ ديوتا جي آھي ۽ اھا پنھنجي اندر اعليٰ ۽
آدرشي گڻ، خصلتون ۽ خوبيون سانڍي ۽ سمائي ٿي ۽ ان جو
اطلاق وسيع آھي. حقيقت ۾ سندس گفتگو جي وستار ۽ وسعت
انھن سمورن موضوعن مٿان آھي، جن جي ان ماڻھو کي ضرورت
آھي، جيڪو ھڪ سٺو، معتبر ۽ مانوارو انسان بڻجڻ چاھي
ٿو.
”دوستو! مون کي سقراط جي ساراھھ ۾ بس اھو ئي چوڻو آھي. مان
پنھنجي تقرير ۾ ھن جي مٿان مون کي اھنج ۽ ايذاءُ رائڻ
جو ڏوھھ ۽ ميار بھ مڙھي آھي ۽ توھان کي ٻڌايو اٿم تھ
ھن ڪيئن منھنجي بيعزتي ڪئي. مان اوھان کي اھو بھ
ٻڌايان تھ رڳو مان ئي نھ آھيان، جنھن ائين ڀوڳيو ھجي.
پر گلاڪون جو پٽ ڪارميدس ۽ ڊايوڪليس جو پٽ يوٿائيڊيمز
۽ ٻيا ڪيترائي اھڙا آھن، جن سان بھ ساڳيو ڪجھھ وھيو
واپريو آھي. ھي شروعات ۾ تھ انھن سان پيار ڪرڻ جو سانگ
رچائي ٿو ۽ پوءِ حقيقت ۾ پاڻ عاشق بدران معشوق بڻجي
وڃي ٿو، تنھن ڪري اگيٿون، مان توکي اھو ٻڌايان ۽
خبردار ٿو ڪيان تھ متان ھن جي ھٿان لڳيو آھين، منھنجي
تجربي مان پراءِ ۽ بيوقوف نھ ٿي. ھوشيار رھج ۽ جيئن
چوني آھي تھ ”ان ٻار وانگر نھ ٿيو، جيڪو باھھ کان ڊڄڻ،
ان ۾ سڙڻ کان پوءِ سکندو آھي.“
”جڏھن السيبيادس ڳالھائي بس ڪئي تھ سنس، ان بنا رک
رکاءُ جي سڀ ڳالھيون چئي ڏيڻ تي سڀئي ويٺل ڏاڍو کليا.
ڇو تھ ڏسڻ ۾ ائين آيو تھ ھي ھمراھھ اڃا تائين سقراط
سان عشق ۾ گرفتار ھيو. پوءِ سقراط ڳالھائڻ شروع ڪيو ۽
چيو ”السيبيادس، تون تھ بلڪل باھوش آھين، نھ تھ ٻي
صورت ۾ تون پنھنجو اصل مقصد لڪائڻ لا٣، پنھنجي ان ون
ديوتا جي واکاڻ م اھا ايڏي ڊيگھھ پٽاڻ نھ ڪرين ھا ۽ ڄڻ
آخر ۾ چيل ڳالھھ واقعي توکي اجھو ياد آئي ھجي. جڏھن تھ
حقيقت ۾ تنھنجي تقرير جو مکيھ مقصد ۽ تنھنجي منشا،
منھنجي ۽ اگيٿون جي وچ ۾ وئي وجھڻ آھي. تنھن جو مطلب
اھو آھي تھ مان تنھنجو عاشق ھجان ۽ ٻئي ڪنھن سان بھ
نھ، پر رڳو توسان پيار ڪريان ۽ اگيٿون تنھنجو ئي معشوق
ھجي ۽ ٻيو ڪير بھ نھ پر رڳو تون ساڻس پيار ڪرين. پر
تنھنجي ان ون ديوتا ۽ سائلينس ڊرامي جو پلاٽ پڌرو ٿي،
پڪڙجي پيو آھي. منھنجا پيارا اگيٿون! کيس ان ۾ ڪامياب
ٿيڻ نھ ڏجان پنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ ڪنھن بھ ماڻھو کي
اڻبڻت ۽ ڦڪائي وجھڻ ۽ پاڻ ۾ جھيڙجي پوڻ کان پاسو
ڪجان.“
”سقراط! تون بلڪل سچو آھين“ اگيٿون وراڻيو، ”مان تھ
سمجھان ٿو تھ ھن جو تنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ اچي ويھڻ جو
مقصد بھ اھو ئي اسان کي ڌار ڪرڻ ھيو، پر ھي پنھنجي ان
چال ۾ ڪامياب ٿي نھ سگھندو، جو مان اٿي، ايڏانھن
تنھنجي پرئين پاسي اچي ويھان ٿو.“
”ھا، ھا، اچ- منھنجي ھن پاسي اچي ويھھ.“ سقراط وراڻيو.
”يا خدا!“ السيبيادس چيو“ ڏسو تھ سھي، ھي ھمراھھ مون
سان ڪھڙو نھ ورتاءُ ٿو ڪري. ھن ڄن تھ ھتي ئي نھ پر ھر
ھنڌ ۽ ھر ڀيري مون تي سوڀارو ٿيڻ جو پڪو پھھ ڪري ڇڏيو
ھجي. ڀلا اي آزار! جي تون ائين راضي نھ ئي آھين تھ
پوءِ مان توکي منٿ ٿو ڪريان تھ اگيٿون کي پرئين پاسي
نھ پر گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ ئي ويھڻ ڇڏ.“
”اھو ممڪن نھ آھي“ سقراط وراڻيو، ”ڇو تھ تون ھينئر
ھينئر منھنجي واکاڻ ۾ ڳالھايو آھي. ۽ ھاڻي اھو منھنجو
وارو آ تھ، مان وري پنھنجي ساڄي پاسي واري ھمراھھ جي
ساراھھ ۾ ڳالھايان. سو جيڪڏھن اگيٿون تنھنجي مرضيءَ
مطابق اتي اچي ويٺو تھ ھن کي وري ٻيھر منھنجي ساراھھ
ڪرڻي پوندي ۽ ائين تقريرن جي ترتيب بگڙجي ويندي. جڏھن
تھ واري مطابق اڳ ۾ مون کي ھن جي ساراھھ ڪرڻ گھرجي. سو
منھنجي ڳالھھ مڃ ۽ منھنجي، سندس ساراھھ ڪرڻ تي ارھو نھ
ٿي، ساڙ نھ ڪر، ۽ ھونئن بھ مون کي ھن جوانڙي جي ساراھھ
ڪرڻ جي ڏاڍي سڌ آھي.“
”واھھ واھھ!“ اگيٿون رڙ ڪئي. ”السيبيادس مان تھ ھئي ھن
گھڙيءَ ترسي ئي نھ ٿو سگھان. مون کي ھاڻي جو ھاڻي ضرور
پنھنجي جاءِ مٽائڻي ئي پوندي، تھ جيئن سقراط طرفان
ساراھھ جي سعادت ماڻيان!“
”سدائين ائين ئي ٿيندو آ، ”السيبيادس مان تھ ھتي ھن
گھڙيءَ ترسي ئي نھ ٿو سگھان. مون کي ھاڻي جو ھاڻي ضرور
پنھنجي جاءِ مٽائڻي ٿي پوندي. تھ جيئن سقراط طرفان
ساراھھ جي سعادت ماڻيان.!“
”سدائين ائين ئي ٿيندو آ.“ السيبيادس وراڻيو، ”جتي
سقراط ھجي، اتي ٻئي ڪنھن لاءِ ڪو بھ موقعو ڪونھي تھ ھو
بھ ڪنھن خوبرو سان سر ملائي يا ياري رکي! ڏسو تھ سھي
ھن ڪيئن نھ ات جو اتي اگيٿون کي پنھنجي پاسي ڪرڻ جو
بظاھر ھڪ سچو بھانو ھٿ ڪري ورتو!“
اگيٿون، سقراط جي ڀرسان ويھڻ جي خيال کان اٿيو ئي مس
تھ اوچتو ھڪ مست، البيلن ۽ نچڻن ٽپڻن جو ٽولو، جيڪو در
وٽان پئي لنگھيو، سو گھر جو در کليل ڏسي – جيڪو شايد
ٻاھر ويل ڪو ھمراھھ کليل ڇڏي ويو ھو- تنھن مان ٽپي اھي
ڪمري ۾ اندر گھڙي آيا ۽ سڄي محفل جو مزو خراب ڪري،
ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. ائين رولو پئجي ويو ۽ ھل ھنگامو
مچي ويو. ڪو بھ تسلسل برقرار رھي نھ سگھيو ۽ مجبورا
سڄي سنگت کي جھجھي مئي پيئڻي پئجي وئي.“
ارسٽوڊيمز ٻڌايو تھ اريڪسيميڪس، فيڊرس ۽ ڪجھھ ٻيا ان
گھڙيءَ ھليا ويا ۽ ھن کي پاڻ کي بھ ننڊ اچي وئي ۽ جيئن
تھ سال جي انھن ڏھاڙن ۾ راتيون ڊگھيون ھيون. سو ننڊ جا
ھڪ ٻھ سوپا ھڻي ورتائين. پرھھ ڦٽي مھل، ڪڪڙن جي ٻانگن
تي اچي کيس جاڳ ٿي ۽ ھن ڏٺو تھ ٻي سڄي سنگت يا تھ وڃي
چڪي ھئي يا ستي پئي ھئي. باقي رڳو ٽي ڄنا، ارسٽوفينز،
اگيٿون ۽ سقراط جاڳي رھيا ھئا. ھو ھڪ وڏي صراحي منجھان
پي رھيا ھئا، جيڪا ھنن واري تي کاٻي کان ساڄي پاسي پئي
ڦيرائي ۽ سقراط ساڻن بحث ۾ رڌل ھيو. ارسٽوڊيمز ٻڌايو
تھ ھو بحث جو گھڻو حصو ياد نھ رکي سگھيو. جو اڃا کيس
ننڊ جا جھوٽا اچي رھيا ھئا. باقي اھا ڳالھھ جيڪا ھو
ياد رکي سگھيو، سا اھا تھ سقراط ٻين کي اھو مڃڻ لاءِ
زوري ڀري رھيو ھو تھ مزاحيھتھ ناٽڪ لکندڙ، ڏک ڀريل
ناٽڪ بھ ليک سگھي ٿو ۽ ھڪ قابل ڏک ڀريل ناٽڪ لکندڙ ھڪ
ماھر مزاح نويس بھ ھوندو آھي. ھو ھن جي جواب ۾ بس
ھائوڪار پئي ڪندا ويا، جو سندن اکيون ننڊ سان ڀريون
پئي ويون ۽ ھو سندس دليلن ۽ بحث کي پوري ريت ۽ صحيح
نموني نھ سمجھي رھيا ھئا. ائين پھريائين ارسٽوفينز
ڦڙھھ ٿي سمھي رھيو ۽ پوءِ جڏھن سج ڪني ڪڍي چڪو ھو تھ
اگيٿون کي بھ ننڊ کڻي وئي.
سو سقراط، ساڻس ٻنھي گفتگو ڪندڙن کي ائين ننڊ ڪرائي
اٿي کڙو ٿيو ۽ ھلڻ لڳو ۽ ارسٽوڊيمز معمول مطابق سندس
پويان لڳو. لائڪيم (30) وٽ ھن تڙ ڪيو ۽ پوءِ روزاني جي
معمول مطابق سڄو ڏينھن گذاريائين ۽ شام جو آرام ڪرڻ
لاءِ گھر ڏانھن راھي ٿيو.
(وڌيڪ پڙهندا) |