سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: ڏاهيون ڏک ڏسن

باب: --

صفحو :20

 

اي ٿاينس جا رھواسيو! مون جيڪو اڳ پئي چيو سو نيٺ سچ ئي نڪتو تھ: ميليٽس کي ھنن معاملن سان گھڻو يا ٿورو. اصل ڪو چاھھ ئي ڪونھي. پر ميليٽس! ان ھوندي بھ مان اڃا بھ ڄاڻڻ چاھيندس تھ مان آخر ڪھڙي حساب سان نوجوانن کي بگاڙيان ٿو. منھنجي خيال ۾ جيئن تنھنجي بيان مان ظاھر آھي تھ، مان انھن کي اھو سيکاريان ٿو تھ اھي انھن ديوتائن کي نھ مڃين، جن کي رياست مڃي ٿي، پر ٻين نون ديوتائن کي مڃين – تون اھو ئي ٿو چوين  نھ تھ، مان کين اھو سيکاري بگاڙيان ٿو؟

ھا، مان بلڪل اھو ئي ٿو چوان.

تھ پوءِ ميليٽس، توکي انھن ئي ديوتائن جو قسم، جن جي باري ۾ اسين ڳالھائي رھيا آھيون، مون کي ۽ عدالت سڳوري کي سولي نموني ۾ سمجھاءِ تھ تنھنجو مطلب ڇا آھي؟ ڇو تھ مان اڃا تائين اھو نھ سمجھي سگھيو آھيان تھ تون ائين ٿو چئين تھ مان اھو پرچار ڪري رھيو آھيان تھ ڪجھھ ديوتا آھن. ان جو مطلب تھ منھنجو ديوتائن ۾ يقين آھي ۽ مان بلڪ دھريو نھ آھيان- تون منھنجي خلاف اھڙو الام ھنيو بھ نھ آھي، پر تون صرف اھو چئين ٿو تھ اھي ديوتا ساڳيا تھ آھن، جن کي رياست مڃي ٿي پر ٻيا آھن- پوءِ مون تي الزام رڳو اھو بيھي ٿو تھ مان ٻين نون ديوتائن کي مڃان ٿو. يا تنھنجو مطلب اھو آھي تھ مان ديوتائن کي مورڳو مڃان ئي ڪو نھ ٿو ۽ ماڻھن کي بھ اھو سيکاريان ٿو.

”منھنجو مطلب اھو آھي، جيڪو تون آخر ۾ چيو تھ، تون ديوتائن جي وجود جو ئي انڪاري آھين.“

”او عجيب مخلوق ميليٽس! تون ائين ڇا جي ڪري ٿو چئين؟ ڇا تنھنجو مطلب اھو آھي تھ مان ائين نھ ٿو مڃان. جيئن عام طور سڄي انسان ذات مڃي ٿي تھ سچ ۽ چنڊ ديوتا آھن؟

زيوس ديوتا جو قسم! جج صاحبان، ھي ائين نھ ٿو مڃي، ھي چئي ٿو تھ سچ پٿر جو ٺھيل آھي ۽ چنڊ مٽيءَ جو.

منھنجا پيارا ميليٽس! خبر پوئي ٿي تون اھي الزام ائين ھڻي رھيو آھيان ڄڻ تون اناڪسا گورس (9) تي مقدمو داخل ڪيو ھجي ۽ اھو تنھنجي آڏو بيٺو ھجي. ڇا تون ججن جي باري ۾ ايڏو خراب ٿو سوچين ۽ اھو سمجھين ٿو تھ اھي ايڏا تھ جاھل آھن جو انھن ڪالزوميني جي باشندي اناڪسا گورس جا ڪتاب نھ پرھيا ھجن، جيڪي اھڙي قسم جي ڳالھين سان ڀريا پيا آھن. ۽ اھو تھ نوجوانن کي وري اھو سڀ ڄڻ مان سيکاريندو ھجان. جڏھن تھ ھو ڪھڙي بھ وقت، وڌ ۾ وڌ ھڪ مينا ڏئي، اھي ڪتاب مارڪيٽ مان خريد ڪري پڙھي سگھن ٿا. ۽ پوءِ سقراط تي ٺٺوليون ڪندا جي ھن اھڙين اڍنگين ڳالھين جي ابي ھجڻ جي دعويٰ ڪئي. توکي زيوس ديوتا جو قسم ميليٽس! ڇا تون منھنجي باري ۾ بھ ائين ٿو سمجھين تھ مان ڪنھن بھ ديوتا ۾ يقين نھ ٿو رکان؟

مون کي زيوس ديوتا جو قسم! تھ تون ڪنھن بھ ديوتا کي نٿو مڃين اصلي ذرو بھ نھ.

ميليٽس! توتي ڪو بھ يقين ڪو نھ ڪندو ۽ مون کي پڪ آھي تھ توکي پنھنجو پاڻ تي بھ يقين ڪونھي.

اي اٿينس جا باشندؤ! مون کي ھي ھمراھھ بلڪل اياڻو ۽ ڇڙواڳ ٿو لڳي. ھن ھيءُ بيان رڳو پنھنجي اڍنگائپ، البيلائپ ۽ اڙٻنگ جواني جي جوش وچان ڏنو آھي. لڳي ٿو ھن منھنجو امتحان وٺڻ لاءِ ھڪ آزمائش يا پرولي گھڙي ھجي ۽ پوءِ پنھنجي دل ۾ چيو ھجي.

”ڇا اھو نام نھاد ڏاھو سقراط سمجھي ويندو تھ مان رڳو مذاق ڪيان ٿو ۽ رونشي خاطر ھڪ ڳالھھ ۽ پوءِ وري ٻي ڳالھھ ڪري. پاڻ کي پان ئي رد ڪيان ٿو. يا مان کيس ۽ بين حاضرين کي ائين ڀوڳن ئي ڀوڳن ۾ ٺڳي ويندس؟“ ڇو تھ ھيءُ شخص مون تي لڳايل الزامن ۾، پاڻ کي پاڻ ئي رد ڪندو نظر اچي ٿو. ڄڻ چوندو ھجي تھ ”سقراط ديوتائن کي نھ مڃڻ جو نھ، پر انھن کي مڃن جو ڏوھاري آھي.“ ۽ اھڙو بيان بلڪل ھڪ گستاخي آھي.

.او اٿينس واسيو! اچو مون سان گڏجي اوھين سڀ بھ ڏسو تھ ھي ڪيئن نھ پنھنجو پاڻ کي رد ڪري ٿو ۽ ميليٽس، تون جواب ڏيندو ھلجان، مان اوھان ٻڌندرن کي وري بھ ياد ڏياريان. جيئن مون منڍ ۾ بھ چيو تھ، گوڙ نھ ڪجو، جي مان پنھنجي ان انداز ۾ ڳالھايان، جنھن جو مان ھيراڪ آھيان.

ميليٽس! ڇا ڪو اھڙو ماڻھو آھي، جيڪو انساني معاملن جي وجود ۾ تھ ايمان رکي، پر انسانن جي وجود ۾ نھ؟.... (حاضرين گوڙ ڪن ٿا)..... ڇڏيو ھن کي تھ ھو جواب ڏئي ۽ توھان گھڙيءَ گھڙيءَ وچ ۾ ھگدا ھڻي، ھن کي رنڊڪائڻ جو اعتراض ڪرڻ نھ ڏيو. ڀلا ڪو اھڙو آھي، جيڪو گھوڙن سان لاڳاپيل معاملن ۾ تھ يقين رکي پر گھوڙن ۾ نھ؟ يا بانسري جي سرن ۾ تھ يقين ڪري پر باسري وڄائيندڙ جي وجود کي نھ مڃي؟ نھ منھنجا دوست – مان ئي کڻي توکي بھ ۽ عدالت کي اھو جواب ڏيان. جي تون نٿو ڏين. چڱو ڀلا ھاڻي ھن سوال جو جواب ڏي. ڇا ڪو اھرو ماڻھو آھي جيڪو روحاني ۽ خدائي ڳالھين ۾ تھ يقين رکي، پر روحن ۽ خدائن ۾ نھ؟

”نھ اھرو ڪو بھ نھ آھي“.

ڀلا ڀاڳ منھنجا، جو تو جواب تھ ڏنو پوءِ کڻي ارھو ٿي، عدالت جي چوڻ تي ئي. ھاڻي تون جيئن چوين ٿو تھ مان روحاني ۽ خدائي ڳالھين ۾ ايمان رکان ٿو ۽ ائين پرچار بھ ڪيان ٿو. پوءِ ڀلي اھي نيون ھجن يا پراڻيون ان سان ڪو فرق نھ ٿو پوي پر آخر آھن تھ روحاني ۽ خدائي نھ. ۽ تنھنجي ئي بيان مطابق مان انھن ۾ يقين رکان ٿو. ۽ سچ چ تون پنھنجي تھمت نامي ۾ قسم تي اھا ڳالھھ چئي آھي، سو جي مان روحاني ۽ خدائي معاملن ۽ عملن ۾ ايمان رکان ٿو تھ پوءِ مان لازمي طور روحن ۽ ديوتائن تي بھ ايمان آڻيندو ھوس؟ ڇا اھو صحيح ناھي؟- يقينا ائين ئي آھي ۽ مون کي ائين ئي سمجھڻ گھرجي تھ تنھنجي خاموشي جو مطلب رضامندي آھي. ڀلا روح يا ديوتا (DEMI-GODS) ڇا آھن؟ ڇا اھي خدا يا خدائن جا پٽ نھ آھن؟- ھا يا نھ؟

ھائو اھي اھن.

تھ پوءِ جيئن مون چيو تھ اھا ئي تنھنجي مسخري ۽ دليؤن ٺاھيل پرولي آھي، روح يا ديوتا خدا آھن ۽ تون پھريائين چيو تھ مان خدائن کي نھ ٿو مڃان ۽ وري اھو تھ مان مڃان ٿو، ڇو تھ ديوتائن کي جو مڃان ٿو. ٻئي طرف جي ديوتا خدائن جو اولاد آھن جيئن چيو وڃي ٿو تھ اھي خدائن کي حورن، پرين، سامونڊي ديوتائن يا ڪن ٻين عورتن مان ڄاول ناجائز اولاد آھن تھ آخر اھو ڪھڙو انسان ھوندو، جيڪو انھن خدائن جي اولاد جي وجود ۾ تھ يقين رکندو ھجي پر خدائن ۾ نھ؟ اھا تھ پوءِ اھڙي اڍنگي ڳالھھ ٿي جو ڪنھن جو گھوڙن يا گڏھن جي ڦرن ۾ ايمان ھجي پر گھوڙن ۽ گڏھن جي وجود کي مڃي ئي و نھ. ميليٽس، تون اھڙي بي عقلي ۽ اڍنگائپ وارو بيان رڳو ان ڪري ڏنو آھي جو يا تھ تون منھنجو امتحان وٺڻ پئي چاھيو آھي يا توکي مون تي الزام لڳائڻ لاءِ ڪو بھ اھڙو ڏوھھ ھٿ نھ لڳو،جيڪو مون ڪيو ھجي تون ڪنھن بھ طريقي سان، ڪنھن بھ ٿوري عقل واري انسان کي اھو يقين نھ ٿو ڏياري سگھين تھ ھڪڙو ۽ ساڳيو ئي ماڻھو الاھي، روحاني ۽ فوق البشرشين ۾ يقين بھ رکي ٿو ۽ اھو ئي ساڳيو ماڻھو ديوتائن، روحن ۽ سورمن جو انڪاري بھ آھي.

مانوارا جج صاحبو! مان ميليٽس جي بيان ۾ لڳل الزامن جي جواب ۾ ثبوت طور گھڻو ڪجھھ چيو آھي. مان ميليٽس پاران لڳايل ان ڏوھھ جو ڏوھاري نھ آھيان. بس ايترو ڪافي آھي. پر مان چڱيءَ ريت ڄاڻان ٿو تھ ائين سچ جي ڳولا ڪندي مان کوڙئي دشمنيون پرايون آھن ۽ اھي ئي منھنجي بربادي آڻينديون جي ڪنھن بربادي آندي تھ – نھ ئي ميليٽس ۽ نھ ئي اينٽيس، پر دنيا جي دشمني، حسد ۽ گلا، جيڪا ڪيترن ئي سٺن انسانن لاءِ موت جو فرشتو بڻي آھي ۽ شايد اڃا بھ ڪيترن لاءِ بڻجي، اھو انديشو بھ نھ اٿم تھ ڪو مان سندن آخري شڪار آھيان.

توھان مان ڪير بھ ائين چئي سگھي ٿو تھ: سقراط، ڇا توکي ان تي ڪو پڇتاءُ ڪونھي تھ تون جيڪو ڌنڌو شروع ڪيو، ان جي ڪري ھن وقت توکي موت جي سزا ملڻ جو خطرو بھ موجود آھي؟“ تھ پوءِ ان کي آءٌ اھو جواب ڏيڻ ۾ درست ھوندس، منھنجا سائين، اوھين ڀليل آھيو، جيڪو ماڻھو سڀ لاءِ سٺو سوچي ٿو، جنھن ماڻھو ۾ فضيلت ۽ شائستگي جو ذرو بھ موجود آھي، اھو زندگي يا موت جي پرواھھ نھ ڪدو آھي. ھن کي جي ڳن آھي تھ رڳو ان ڳالھھ جي تھ ھو، جيڪي ڪجھھ عمل ڪري ٿو، سي صحيح بھ آھن يا غلط اھو تھ ھڪ نيڪ انسان وارو عمل ڪري ٿو يا بدڪار وانگر.“ جڏھن تھ تنھنجي خيال ۾ ٽراءِ جي ويڙھھ ۾ مارجي ويل سمورا سورما ايڏا چڱا نھ ھئا. خاص ڪري ٿيٽس جو پٽ (اڪائيلس) جنھن کي خوف ۽ خطري کان نھ، پر بدنامي ۽ گلا کان چڙ ھئي. جڏھن ھو ھيڪٽر کي قتل ڪرڻ لاءِ اسھيو تھ ھن جي ديوي ماءُ کيس، منھنجي خيال ۾ ھنن ئي لفظن يا ڪجھھ ھن جھڙن ئي لفظن ۾، مخاطب ٿي، خبردار ڪيو، ”منھنجا پٽ! جيڪڏھن تو پنھنجي اٿي پيٽروڪلس جو بدلو ورتو ۽ تو ھيڪٽر کي قتل ڪيو تھ تون پاڻ بھ قتل ٿي ويندين. ڇو تھ ھيڪٽر جي قتل کان پوءِ سگھو ئي تنھن جو موت لکيل آھي.“ اھو ٻڌڻ کان پوءِ بھ ھن ڪنھن بھ خطري يا موت جو ڪو خيال نھ ڪيو. انھن کي ليکيو ئي ڪو نھ ۽ بجاءِ انھن کان ڊڄڻ جي، دوست جو پلئھ نھ ڪڙڻ ۽ پاڙي وانگر زندگي گذارڻ کان کيس ڊپ لڳو، ”مون کي ان گھڙيءَ ئي مرڻ کپي“. ھن چيو ”جڏھن مان ڏوھي کي سندس ڪئي جي سزا ڏئي ڇڏي ھجي، بجاءِ ان جي جو ڀڳل جنگي جھازن وانگر، ڌرتي تي بار بڻجي، پاڻ تي ٺٺوليون ڪرايان.“ ڇا اڪائليس  (10)، خطري يا موت کان ذرو بھ ڊڳو؟ جڏھن بھ ڪو ماڻھو ڪنھن اھڙي ھنڌ يا حالت ۾ پھتو آھي، جيڪا ھن جي پنھنجي خيال ۾ بھتر آھي يا سندس اڳواڻ کيس اتي مقرر ڪيو آھي تھ پوءِ منھنجي خيال ۾ ھن کي اتي مضبوطي سان بيھي خطرن کي ڏيڻ گھرجي ۽ بدنامي ۽ گلا کانسواءِ باقي موت يا ڪنھن ٻئي خطري کي نھ ليکي ۽ معززو، اھو ئي سچ آھي.

اٿينس واسيو! منھنجو اھو عمل ڪيڏو نھ عجيب ھجي ھا، پر پوٽيڊيا، ايمفيپولس ۽ ڊيليم (11) وٽ مان بھ ٻين وانگر، اوھان جي چونڊيل جنريلن جي حڪم مطابق مقرر جڳھھ تي بيٺو رھيس. توڙي جو موت جي منھن ۾ ھيس ۽ وري جڏھن منھنجي سوچ، سمجھھ ۽ يقين مطابق، خدا مون کي امر ڪيو تھ آءٌ ھڪ فسلفي وانگر زندگي گذاريان ۽ پنھنجو پاڻ ۽ ٻين کي پرکيان. پوءِ جي مان اھا ڪرت موت جي خوف يا ڪنھن ٻئي خوف خطري سب ڇڏي ڏيان ھا- ھا پوءِ اھو سڀ ڪجھھ ڏاڍو خراب ۽ عجيب ٿئي ھا ۽ پوءِ مون کي بجا طور موت کان ڊڄندي، الھام جي نافرماني ڪندي، يعني خدا کي نھ مڃڻ جي ڏوھھ ۾ ھن عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي ھا ۽ جي مان اھو سمجھيو ھجي ھا تھ مان ڏاھو اھيان ۽ حقيقت ۾ ھيس بھ ڪو نھ. ڇو تھ معززو، موت کان ڊڄڻ بھ انھيءَ سوچ جو ٻيو روپ آھي، تھ ڪوئي ائين سمجھي تھ ھو ڏاھو آھي جڏھن تھ ھو آھي بھ نھ. ڇو تھ اھا بھ ساڳي سوچ آھي تھ ھو اھو ڄاڻي ٿو، جنھن جي کيس ڄاڻ ئي ناھي. جيتوڻيڪ ڪنھن کي اھا ڄاڻ ڪونھي تھ موت سڀ کان وڏي سٺائي ۽ رحمت بھ تھ ٿي سگھي ٿو. پر ان ھوندي بھ ھو ان کان خوفزده ھوندا آھن، ڄڻ تھ کين اھا خبر ۽ پڪ ھجي تھ موت وڏي ۾ وڏي بڇڙائي آھي ۽ يقينا اھا بي شرميءَ جھڙي جھالت آھي تھ ڪو دعويٰ ڪري تھ ھو اھو ڄاڻي ٿو، جيڪو حقيقت ۾ ھو ڄاڻي ئي ڪو نھ ٿو، ان ڳالھھ ۽ نسبت ڪري مان شايد گھڻن انسانن کان مختلف آھيان ۽ جي مان اھا دعويٰ ڪيان تھ مان بھ ڪنھن معاملي ۾ ٻئي ڪنھن کان وڌيڪ ڏاھو آھيان تھ اھو بلڪل ان بنياد تي تھ، جيئن تھ مون کي ٻي جھان بابت گھڻي ڪا ڄاڻ ڪانھي. ان ڪري چوان ٿو تھ مان ڄاڻان ئي نٿو. پر مان ڄاڻان ٿو تھ پاڻ کان مٿانھين جي نافرماني، ڀلي پوءِ اھو انسان ھجي يا ديوتا -  بي شرمي ۽ بڇڙائي آھي سو مان ھڪ يقيني بڇڙائي جي مقابلي ۾ ھڪ ممڪن سٺائي کي ترجيح ڏيندس ۽ نھ تھ ان کان ڊڄندس ۽ نھ ئي نٽائيندس.

سمجھو کڻي تھ اوھان ھينئر مون کي بي ڏوھي قرار ڏئي، آزاد ڪري ڇڏيو ۽ اوھان اينيٽس تي يقين نھ ڪيو، جنھن توھان کي چيو آھي تھ، يا تھ مون کي عدالت آڏو پيش ئي نھ ڪيو وڃي ھا ۽ جي پيش ڪيو ويو آھي ۽ مقدمو ھليو آھي تھ پوءِ مون کي موت جي سزا ڏني وڃي. ڇو تھ مون کي جي ھن دفعي ڇڏيو ويو تھ پوءِ توھان جا پٽ منھنجي ويچارن ۽ سکيا تي عمل ڪري پنھنجو پاڻ کي بلڪل بگاڙي ۽ برباد ڪري ڇڏيندا.“ سو ان صورت ۾ جي اوھان مون کي چئو تھ ”سقراط! اسان ھن ڀيري اينيٽس تي يقين نٿا ڪيون ۽ توکي آزاد ٿا ڪيون، پوءِ ھن ھڪ شرط تي تھ تون ھاڻي پنھنجي ان سوچ ۽ لوچ کي وڌيڪ جاري نھ رکندين. پر جي اڄ کان پوءِ بھ توکي ائين ڪندي پڪڙيو ويو تھ ان صورت ۾ سمجھي ڇڏ تھ بس موت ئي تنھنجو مقدر آ جيئن مون چيو، جي توھان ان شرط تي مون کي آزاد ڪرڻ چاھيو تھ پوءِ منھنجو اوھان کي ھيءُ جواب ھوندو تھ:

”معززو! توھان جا لک لائق ۽ ٿورا جو مون تي اھا مھرباني ڪيو ٿا، پر مان اوھان جو چوڻ وٺڻ بدران، ديوتا جو چيو مڃيندس ۽ جيستائين منھن جي سسيءَ ۾ ساھھ ۽ جسم ۾ جان آھي تھ مان فلسفي جي پرچار ۽ عمل کان مرؤن نھ مڙندس ۽ پنھنجي ان مخصوص انداز ۽ طريقي سان، ھر انھيءَ ماڻھو کي سچ چوندس جيڪو بھ مون کي مليو. ھن کي سمجھائيندس ۽ پڇندس: منھنجا مٺا دوست! تون تھ اٿينس واسي آھين – ڏاھپ ٧ طاقت جي وڏي ھاڪ واري شھر جو واسي – توکي لڄ نٿي اچي. جو تون پنھنجي ھاڪ شھرت ۽ دولت جي ھصول لاءِ ڪيڏا ھيلا ھلايا آھن. پر ڏاھپ، سچ يا پنھنجي روح جي ڪماليت ڏانھن ڪو بھ ڌيان نھ ڏنو ۽ ڪڏھن ڪو ٿورو گھڻو سوچيو بھ اٿئي.“ جي توھان مان ڪنھن ائين چيو تھ، نھ ھن کي تھ ان جي ڳڻتي ۽ ڳڻ نھ آھي تھ پوءِ نھ ئي مان کيس ان گھڙي وڃڻ ڇڏيندس ۽ نھ ئي ڪو پاڻ روانو ٿيندس، پر ترسي کانئس سوال جواب ڪندس، کيس پرکيندس ۽ آڏي پڇا ڪندس. پوءِ جي مون ڄاتو تھ منجھس ڪو گڻ يا سٺائي ڪونھي، جنھن جي ھجڻ جي ھو دعويٰ ڪري ٿو تھ مان کيس ڏوراپو ڏيندس تھ ھو تمام اھم ڳالھين کي گھٽ اھميت ۽ بيڪار ڳالھين کي گھڻي اھميت ڏئي ٿو ۽ مان اھو ساڳيو ورتاءُ، جيڪو بھ مون سان مليو، تنھن سان ڪندس- ڀلي اھو جوان ھجي يا ٻڍو، شھر جو ھجي يا ڪو پرديسي پر شھرين سان گھڻو، ڇو تھ ھو منھنجي برادريءَ جا آھن. پڪ ڄاڻو تھ مان اھو جيڪو ڪجھھ ڪري رھيو آھيان، سو خدا جو حڪم آھي ۽ منھنجو اھو ويساھھ آھي تھ منھنجي خدا جي ان خدمت کان وڌيڪ، ٻي ڪا بھ رحمت اوھان جي ھن شھر تي ڪڏھن بھ نازل نھ ٿي آھي. ڇو جو مان بيو ڪجھھ بھ نھ ٿو ڪيان. سواءِ ان جي جو رمندو رھان ٿو ۽ توھان مان نوجوانن توڙي ٻڍن، ٻنھي کي سمجھائيندو ٿو وتان تھ پنھنجي جسم يا دولت جي پرواھھ نھ ڪريو، پر اھو ڳالھھ اھا اٿو تھ پنھنجي سوچ ۽ روح جي سٺائي ۽ سڌاري ڏانھن ڌيان ڌريو ۽ اوھان کي اھو ئي بڌايان تھ، ”دولت گڻ پيدا نھ ڪندي، پر گڻ دولت ب پيدا ڪندا آھن ۽ انسان ذات لاءِ ذاتي يا اجتماعي، ٻيون سموريون ڀلايون ۽ سٺايون بھ آڻيندا آھن.“ ھاڻي منھنجي ائين چوڻ سان نوجوان بگڙجي وڃن ٿا تھ پوءِ ھي نصيحت نقصانڪار چئبي پر جيڪڏھن ڪو ائين ٿو چوي تھ مان اھو نھ پر ٻيو ڪجھھ سيکاريندو آھيان تھ پوءِ ھو سچ نٿو ڳالھائي. اي اٿينس واسيو! مان وڏي واڪي چوان ٿو ”اوھان اينيٽس تي پٽ ڪيو يا نھ. مون کي بي ڏوھي قرار ڏئي آزاد ڪيو يا نھ، اوھان جيڪو بھ فيصلو ڪيو، پر اوھان کي ھيءَ خبر ھجي تھ مان پنھنجن ويچارن ۽ ڪرت کان مورؤن نھ مڙندس، ڀلي پوءِ مون کي انھيءَ جي ڪري ھڪ نھ پر سؤ ڀيرا مرڻو پوي.“

(وڌيڪ پڙهندا)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org