سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جا بَر، بَحرَ ۽ پهاڙ

باب:

صفحو:5 

هندستان ۾، مشهور ۽ ممتاز صوفين جا جيڪي به تذڪرا سندن زماني ۾، يا کانئن پوءِ، لکيا ويا، تن ۾ سندن ذڪر سر فهرست آهي. اهي سڀ تذڪرا فارسي زبان ۾ هئا، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اردوءَ کي وڏي هٿي آئي. سو، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ هاڻي روزمره ڪيئي ڪتاب اردوءَ ۾ ترجمو ٿي ڇپجي رهيا آهن، جن ۾ گهڻا اهڙا به آهن، جن ۾ غوث پاڪ جو احوال آهي.

اخبار الاخيار:

شيخ عبدالحق محدث دهلوي برصغير جي تذڪري نويسن ۾ تمام وڏو نالو آهي. سن ٩٩٨هجريءَ ۾ ڄائو ۽ ١٠٥٢ هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس تذڪرو ”اخبار الاخيار“ ڏاڍو مشهور آهي. منجهس لڳ ڀڳ ٽن سون اوليائن، صوفين ۽ مشاهيرن جو احوال اختصار سان ڏنل آهي. ڪنهن تي ٽي صفحا ته ڪنهن تي چار صفحا. غوث پاڪ متعلق ٽي صفحا آهن. پنهنجي هڪ مريد کي خط ۾ لکيو اٿن ته:

١. جسم جي سلامتي گهٽ کائڻ ۾ آهي.

٢. روح جي سلامتي گناهن کان بچڻ ۾ آهي.

٣. دين جي سلامتي درود پڙهڻ ۾ آهي.

”فوائد الفواد“

خواجه نظام الدين اولياءَ جي ملفوظات جو نالو آهي، جنهن جو مولف حسن سجزي هو. لاهور جي اداره ثقافت اسلاميه جي ڊئريڪٽر رشيد جالنڌريءَ مون کي چيو ته هن تذڪري کي صدق دل سان پڙهبو ته هڪ قسم جو ذهني سرور ايندو. مون واقعي ائين محسوس ڪيو. شايد سندس چوڻ جو نفسياتي اثر ٿيو.

خواجه نظام الدين اولياءَ جي معتقدن ۾ سڀني کان مٿانهون مرتبو حسن سجزيءَ جو ڪونه هو، امير خسروءَ جو هو. بلاشبه، خسرو، ”مسلم-هندستان“ (Muslim-India) جي نهايت قدآور شخصيت آهي. تازو، فارسيءَ ۾ سندس ڪليات جو ۽ سهڻو ڇاپو پئڪيجز لاهور جي مالڪ، سيد بابر عليءَ ٽن جلدن ۾ شايع ڪيو آهي. (١١) امير خسروءَ هندي زبان ۾ به شعر چيو آهي. چون ٿا ته موسيقيءَ جو جيترو علم کيس هو، اوترو هندستان ۾ ٻئي ڪنهن کي مشڪل سان هجي، پر، سندس دل جو لاڙو تصوف ڏانهن هو. خواجه نظام الدين اولياءَ جي هٿ تي بيعت ڪيائين ۽ سندس قدمن ۾ ئي روح کي راحت ايندي هئس. خواجه نظام الدين اولياءَ جي هندستان ۾ حيثيت آسمان ۾ چمڪندڙ سج واري هئي، دهليءَ جا تاجدار هجن يا فقير فقراءَ، سڀ سندن آستاني تي حاضري ڀريندا هئا. امير خسروءَ کي ته خواجه سان عشق هو. سندن ملفوظات کي وڏيءَ عقيدت سان قلمبند ڪيو اٿس. پر ان کي اها مقبوليت ڪانه ملي، جا ”فوائد الفواد“ کي نصيب ٿي. خود امير خسرو چوندو هو ته ”حسن سجزي منهنجا سمورا ڪتاب پنهنجي نالي ڪري ڇڏي، مون کي رڳو ’فوائدالفواد‘ ڏئي.“

”فوائد الفواد“ ۾ حضرت نظام الدين اولياءَ جي زباني، غوث بهاؤالحق ملتانيءَ جا فرمودا ۽ روزمره جي زندگيءَ جا احوال، مختلف نقلن نظيرن ۾ بيان ٿيل آهن. انهن مان ڪي هي آهن:

١. غوث بهاؤالحق ملتانيءَ هڪ ڀيري، هڪ رڪعت ۾، سڄو قرآن پاڪ پڙهيو.

٢. غوث پاڪ جي حويليءَ تي عبادت جو ايڏو ته زور هوندو هو، جو سندن ٻانهيون، جنڊ پيهندي به ذڪر ڪنديون رهنديون هيون.

٣. غوث پاڪ جن سير سياحت گهڻي قدر ڪندا هئا. هزارين ماڻهو سندن هٿ تي مسلمان ٿيا.

٤. غوث پاڪ جو دسترخوان تمام وسيع هوندو هو. طرح طرح جا طعام رکيل هوندا هئا. کين مسافرن ۽ درويشن کي ماني کارائڻ ۾ مزو ايندو هو.

٥. غوث پاڪ ”نفس گيرا“ رکندا هئا، يعني کين حالتن پرکڻ ۽ واقعن جو اڳواٽ اندازو ڪرڻ ۾ غير معمولي درڪ هوندو هو. ساڳئي وقت سندن زبان ۾ وڏو تاثير هوندو هو.

٦. هڪ دفعي غوث پاڪ گهر مان ٻاهر نڪتا ۽ چيائون ته ”انالله وانا اليه راجعون.“ ڪنهن سبب پڇيو؟ فرمايون ته ”شيخ سعدالدين حمويه گذاري ويو.“ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندن قول جي تصديق ٿي ويئي.

٧. هڪ فوجي غوث پاڪ جي خذمت ۾ آيو ۽ چيائين ته، ”سائين، رات خواب ڏٺو اٿم ته منهنجي نماز قضا ٿي ويئي آهي.“ چيائونس ته، ”تنهنجو وقت پورو ٿيڻ تي آهي. وڃي توبهه تائب ٿي.“ فوجي اٿي ويو، ته خانقاهه جو هڪ صوفي آيو ۽ چيائين ته، ”سائين مون به ساڳيو اهڙو خواب ڏٺو آهي.“ غوث پاڪ چيو ته ”هو شخص ته فوجي هو، شايد جنگ ۾ مارجي وڃي. هن صوفيءَ کي ڇا چئجي، جو بظاهر کيس ڪا بيماري به ڪانهي.“ ستت خبر آئي ته اهو فوجي مارجي ويو ۽ انهيءَ صوفيءَ جي فجر جي نماز قضا ٿي وئي.

٨. هڪ دفعي چنگيزي مغلن جو وڏو لشڪر ملتان تي ڪاهه ڪري آيو. ناصرالدين قباچه ملتان جو حاڪم هو. ڏاڍو دلگير ٿيو. تن ڏينهن ۾ غوث بهاؤالحق، شيخ جلال الدين تبريزي ۽ خواجه بختيار ڪاڪي، ٽئي بزرگ ملتان ۾ هئا. کين دعا لاءِ عرض ڪيائين. خواجه بختيار ڪاڪيءَ کيس هڪ تير ڏنو ۽ چيائينس ته، ”رات جي اونداهيءَ ۾ دشمن جي لشڪر ڏانهن هڻو.“

قباچه ائين ئي ڪيو. صبح ٿيو ته هڪ سپاهي به ڪونه بچيو هو. مغلن جو سڄو لشڪر رات جي اونداهيءَ ۾ شهر جو گهيرو ڇڏي هليو ويو هو.

٩. غوث پاڪ جن ڪنهن کي ڪا شيءِ ڏيندا هئا، ته سٺي ڏيندا هئا. جيڪي استاد سندن اولاد کي تعليم ڏيندا هئا، تن کي ته سون ۽ چاندي به ڏيندا هئا.

١٠. غوث پاڪ جن ماڻهن کي پرکڻ ۾ سخت احتياط ڪندا هئا. مشڪل سان ڪنهن ڏانهن راغب ٿيندا هئا. پر، مخلص ماڻهوءَ جو قدر ڪندا هئا. سندن هڪ سعادتمند مريد حسن افغان نالي هو. هڪ دفعي چيائون ته جيڪڏهن قيامت ڏينهن مون کان پڇا ٿي ته ”زڪريا، تو ڇا آندو آهي؟“ ته مان بارگاهه الاهيءَ ۾ عرض ڪندس ته، ”مون حسن افغان آندو آهي.“

١١. هڪ دفعي خواجه نظام الدين اولياءَ فرمايو ته اهو ڪهڙو نه سٺو زمانو هو، جڏهن هي پنج بزرگ حيات هئا.

(١) ابوالغيث يمني

(٢) سيف الدين باخرزي

(٣) سعيد سعدالدين حمويه

(٤) بهاؤالحق زڪريا

(٥) فريد الدين گنج شڪر.

١٢. هڪ دفعي غوث جا ڪي مريد تلاءَ تي وضو ڪري رهي هئا. کين ڏسي سڀ اٿي بيٺا. پر هڪڙو ڄڻو وضو ڪندو رهيو. جڏهن واندو ٿيو، ته غوث سان اچي مليو. پاڻ فرمايائون ته”سمورن مريدن ۾ هيءَ ئي شخص سچو درويش آهي، جو وضو پورو ڪري، پوءِ اچي مون سان مليو آهي.“

”تذڪره بزم صوفياءَ“

هاڻوڪي دور جو هڪ اهم تذڪرو آحي، جنهنجو مؤلف سيد صباح الدين عبدالرحمان اسان جي زماني ۾ هندستان جو هاڪارو عالم هو. ٻه چار سال اڳ، موٽر جي حادثي ۾ وفات ڪيائين. زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين علامه شبلي نعمانيءَ جي قائم ڪيل اداري دارالمصنفين اعظم ڳڙه سان وابسته رهيو.

سائين حسام الدين شاهه راشديءَ جي پاڪستان، هندستان ،ايران، افغانستان، روس، اولهه جرمنيءَ، انگلستان ۽ ٻين ملڪن جي عالمن، دانشورن ۽ مستشرقين (Orient lists) سان گهري ڏيٺ ويٺ هوندي هئي. سندس گهر علم ۽ عالمن جو مرڪز هوندو هو. ٻاروهي دعوتن ڪندو رهندو هو. اتي، ڪنهن موقعي تي، سيد صباح الدين عبدالرحمان سان منهنجي ملاقات ڪرايائين، جو ڪجهه ڏينهن لاءِ هندستان کان آيو هو. عمر ۾ مون کان پنجويهه ٽيهه ورهيه وڏو ٿي لڳو، پر سندس نشست برخواست ۾ وڏائيءَ يا ”عالمانه نخ نخستين“(١٢) جي بوءِ به ڪانه هئي. مٺو ماڻهو هو. وضع قطع ۾ خالص هندستاني عالم هو ۽ قول فعل ۾ ”تن صفا، من صفا، قول محمد مصطفيٰ“ جو پيڪر هو.

١٩٨٣ع ڌاري جڏهن ٻيهر ڪراچيءَ آيو، ته مون کيس حيدرآباد جي دعوت ڏني. قبول ڪيائين. ناشاد کي بورڊ جي گاڏيءَ ۾ موڪليم، سو ڪراچيءَ مان کيس ڊاڪٽر فرمان فتح پوريءَ سان گڏ منهنجي غريب خاني تي وٺي ايو. بعد ۾، سنڌي ادبي بورڊ جا ڇپيل ۽ قلمي ڪتاب ڏٺائين ۽ پوءِ پير صاحب مرحوم جي ادبي ۽ تحقيقي خدمتن تي حيدرآباد جي نيشنل سينٽر ۾ ليڪچر ڏنائين، جنهن جو مون بورڊ طرفان بندوبست ڪيو هو. موٽ تي آءٌ کيس ٺٽو، شاهجهاني مسجد ۽ مڪلي گهمائيندو ڪراچيءَ ڇڏي آيس.

سيد صاحب ”بزم صوفياءَ“ ۽ ”تذڪره اولياه ڪرام“ نالي سان ٻه تذڪرا لکيا آهن، جن ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي ناميارن مشاهيرن جو احوال آهي. غوث بهاؤالحق ملتانيءَ جي تذڪري ۾ اهڙي احوال کي درگذر ڪيو اٿس، جيڪو علمي لحاظ کان مستند نه هجي. خاص ڪري ڪانين ڪرامتن بيان ڪرڻ کان پرهيز ڪئي اٿس. سندس تحرير عالمانه، باوقار ۽ نهايت سنجيده آهي. ”تذڪره اولياءَ ڪرام“ جي تمهيد ۾ لکيو اٿس ته:

”ممڪن آهي ته هن تصنيف ۾ پڙهندڙن کي مشايخ ڪرام جون ڪي اهڙيون تصويرون ملن، جي ٻين تذڪرن ۾ نه هجن، هن ڪتاب ۾ اڪابر صوفين جا حالات ۽ سندن تعليم جو احوال، ملفوظات ۽ مڪتوبات ٻين ڪتابن جي مدد سان پيش ڪيل آهي. عام طرح، اها غلط فهمي آهي ته چشتي طريقي جي بزرگن جي تعليم ۾ زياده تر رنگيني، مستي ۽ نغمه و سرور جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. هن ڪتاب جي مطالعي مان اهو خيال ختم ٿي ويندو.“

سيد صاحب جي راءِ اکين تي آهي. پر، حقيقت اها آهي ته چشتي طريقي ۾ سماع جو رواج آهي. سهروردي مسلڪ ۾ انهيءَ کان پاسو ڪندا آهن. سيد صباح الدين عبدالرحمان خود ”تذڪره اولياءَ ڪرام“ ۾ غوث پاڪ جو هڪ قصو لکيو آهي ته هڪ دفعي عبدالله روميءَ نالي هڪ قوال وٽن آيو ۽ عرض ڪيائين ته شيخ الشيوخ شهاب الدين سهرورديءَ سندس قوالي ٻڌي آهي. اهو ٻڌي غوث پاڪ چيو ته ”جيڪڏهن شيخ الشيوخ ٻڌي آهي ته زڪريا به ٻڌندو.“

سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ قوال کي سڏ ٿيو. رات جو پهريون پهر گذريو ته غوث پاڪ جن حجري ۾ آيا. پهريائين قرآن شريف جا ٻه سيپارا تلاوت ڪيائون. پوءِ قوال کي سڏيائون ۽ حجري جو در بند ڪيائون. قوال قوالي شروع ڪئي، جنهن جو آغاز هن طرح هو:

مستان که شراب ناب خوردند
از پهلوڍ خود کباب خوردند.

 

(جن مستن خالص شراب پيتو،
تن پنهنجي ئي اندر کي ڪباب ڪري کاڌو.)

 

سيد صباح الدين لکيو آهي ته ”غوث بهاؤالدحق زڪريا وجد م اچي ويو ۽ ڪمري جو ڏيئو وسائي ڇڏيائين.“

تذڪره سيرالعارفين

هن تذڪري جو مولف حامد بن فضل الله جمالي آهي. پنهنجي دؤر جو نامور شاعر، اديب، سياح ۽ صوفي هو. کيس خسرو ثاني به ڪوٺيندا آهن. سندس لکيل تذڪرو فارسي نثر ۾ هندستان ۽ پاڪستان جو اولين ليکيو وڃي ٿو. مؤلف هن تذڪري لکڻ ۾ جن ڪتابن تان مدد ورتي آهي، تن ۾ هي شامل آهن:

١. طبقات ناصري

٢. سير الاولياءَ

٣. خيرالمجالس

٤. فوائد الفواد

٥. ضرف المجالس

٦. مناقب قطبي

٧. خزانه جلالي

سيرالعارفين جي اردو مترجم محمد ايوب قادريءَ ان مان مطلب ڪڍيو آهي ته غالبا تيسين هيٺيان تذڪرا يا ته اڃا لکيا ئي ڪونه ويا هئا، يا وري جماليءَ انهن کي پاڻ ئي رد ڪري ڇڏيو:

١. انيس الارواح

٢. دليل العارفين

٣. فوائد السالڪين

٤. اسرار الاولياءَ

٥. راحت القلوب

٦. افضل الفوائد

٧. مفتاح العاشقين

ايوب قادري مرحوم منهنجو دوست هو، پر، مان ڀانيان ٿو ته سندس اها راءِ صحيح نه به هجي. ٿي سگهي ٿو ته اهي يا انهن مان ڪي تذڪرا موجود ته هجن، پر جماليءَ کي مطالعي لاءِ نه مليا هجن.

”سيرالعارفين“ ۾ غوث پاڪ سميت ستن سهروردي ۽ ڇهن چشتي مشاهيرن جو احوال آهي. هن تذڪري جي خصوصيت ان جو شاهڪار مقدمو آهي، جو سونهاريءَ سنڌ جي هاڪاري عالم، پير سائين حسام الدين شاه راشديءَ لکيو آهي. ان باري ۾، مترجم ايوب قادري جا اکر هي آهن:

”پير صاحب پنهنجي مقدمي ۾ تذڪره سيرالعارفين جي مولف حامد بن فضل الله جمالي جي سيرت ۽ سوانح تي ڀرپور بحث ڪيو آهي ۽ ڪو ڪنڊ پاسو ڇڏيو ئي ڪونهي.“

سنڌ جا اهي عالم، جن کي پير صاحب کي تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪندي ڏسڻ جو موقعو ڪونه مليو، سي هاڻي هن مقدمي جي مطالعي مان ئي ان حقيقت جو مشاهدو ڪري سگهن ٿا، ته هو جڏهن ڪو ڪم هٿ ۾ کڻندو هو، ته ان تي ڪيڏي نه محنت ڪندو هو.

پير صاحب پنهنجي مقدمي ۾ لکيو آهي ته:

١. شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي جانشين جماليءَ کي ’عوارف المعارف‘ جو اهو نسخو ڏنو، جو غوث بهاؤالحق ملتاني مطالعي ڪيو هو.

٢. جماليءَ بغداد ويندي، سنڌ جي سفر ۾، مخدوم بلال سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ’عوارف المعارف‘ جا ڪي سبق پڙهايائين.

٣. سنڌ ۾ ”ريل“ نالي بستيءَ ۾ هڪ بزرگ جي خاندان سان ملاقات ڪيائين، جو غوث بهاؤالحق ملتانيءَ جو مريد هو.

٤. مخدوم بلال جي ابدي آرام گاهه واري بستيءَ ۾ حاجي آرام (آدم؟) نالي هڪ ٻئي بزرگ سان ملاقات ڪيائين، جو پلاءَ جو ڏاڍو شوقين هوندو هو. سو، الاهي ڍڳيون ۽ ٻڪريون ڌاريون هئائين، جيڪي ڪنهن به ڌنار کان سواءِ جهنگ ۾ پيون چرنديون هيون. ڪوبه شخص نه ته ڪڏهن ڪا ٻڪري چورائي ويو ۽ نه ڍڳي ڪاهي ويو. حاجي آرام جماليءَ جي وڏي خذمت چاڪري ڪئي ۽ پلاءُ به رڌي کارايائينس.

٥. جمالي جڏهن سنڌ ۾ آيو ته سنڌ جو هاڪارو سمو حاڪم ڄام نظام الدين خان حڪومت ڪري رهيو هو.

پير صاحب جو مقدمو، ضخامت، ١١٤ صفحا آهي. ان جي پڇاڙ:ءَ ۾ لکيو اٿس ته:

”شيخ جماليءَ جي باري ۾ پاڪستان ۾ جيڪو به مواد ملي سگهيو آهي، سو پڙهي، سندس حياتيءَ جي باري ۾ هي احوال لکيو اٿم. ٿي سگهي ٿو ته هندستان يا دنيا جي ٻين ڪتبخانن ۾، ٻيا به ڪي معلومات جا ذريعا ملي وڃن، جن جي مون کي خبر ڪانهي ۽ نه انهن تائين پهچ اٿم:

کار دنيا کسڍ تمام نه کرد.“

جماليءَ کي غوث پاڪ سان خاص انس هو، جيڪو سندس تذڪري ۾، غوث پاڪ جي احوال پڙهڻ سان صاف نظر اچي ٿو.

***

هندستان ۾ لکيل صوفين جي تذڪرن کان علاوه، سنڌ جي لوڪ ادب جي بيتن ۾ به غوث پاڪ جو ذڪر آهي. اهي بيت سندن مدح ۾ چيا ويا آهن. سنڌي نثر جي ڪتابن ۾ به غوث پاڪ جا حوالا ملن ٿا. پر، سنڌ زبان ۾ مٿن لکيل مستند ڪتاب اڃا تائين نه مون ڏٺو آهي ۽ نه وري ٻڌو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪي ننڍا مضمون هجن. محترم سرفراز احمد ڀٽيءَ جي ڪتاب Religious Movements in sindh in the pre-Akhbar times جو هڪ باب غوث پاڪ تي آهي، پر اهو ڪتاب اڃا ڇپيو ناهي. هڪ هنڌ لکيو اٿس ته:

“Muhammad Tahir Nisyani writes in ‘Tarikh-e-Tahri’ that Shaikh Baha al-Din Zakriyya was originally a Sindhi and was born in 565 A.H at سکور Sakur (Sukkur), then migrated to Multan with his other parents, after the downfall of Habbari dynasty of sindh.”

]يعني محمد طاهر نسيانيءَ ”تاريخ طاهريءَ“ ۾ لکيو آهي ته شيخ بهاؤالدين زڪريا اصل ۾ سنڌي هو ۽ سنه ٥٦٥هجريءَ ۾ سڪور (سکر) ۾ ڄائو هو. پوءِ سنڌ ۾ هباري خاندان جي زوال اچڻ ڪري، پنهنجن والدين سان گڏ ملتان لڏي ويو.[

منهجي پنهنجي راءِ اها آهي ته غوث پاڪ جي ولادت بابت اڪثر علماءَ جو اهو چوڻ صحيح آهي ته پاڻ ڪوٽ ڪروڙ ۾ ڄاوا هئا ۽ شيخ الاسلام، رڪن عالم ملتانيءَ، مشهور سياح ابن بطوطي سان جنهن سنڌ جو ذڪر ڪيو آهي، ان جون سرحدون ملتان ۽ اچ تائين هيون.

غوث جي وفات:

غوث پاڪ جي وفات جي سن بابت اختلاف آهي. ”راحت القلوب“ ۾ ٦٥٦ هجري لکيل آهي، ”سير الاولياءَ“ ۾ ٦٦٧ هجري، ”سفينة الاوليا“ ۾ ٦٦٦ هجري، ”مراته الاسرار“ ۾ ٥٦٥هجري ۽ ”اخبار الاخيار“ ۾ ٦٦١ هجري لکيل آهي. سندن عرس ٧ صفر تي ٿئي ٿو، سو اهائي صحيح تاريخ چئبي. چنانچه عالمن جي اڪثريت جو رايو آهي ته پاڻ ٧ صفر ٦٦١ هجري تي وفات ڪئي هئائون.

مشاهيرن جي وفات يا ولادت جي باري ۾ اهڙي قسم جا اختلاف هڪ عام ڳالهه آهن. ڏانهن ٻيون به ڪيتريون ئي روايتون منسوب ڪيون وينديون آهن، جي اڪثر ڪري معتقدن جي ذهني پرواز جو ڪرشمو هونديون آهن. مثال جي طور، شاهه ڀٽائيءَ ڏانهن هڪ روايت منسوب آهي ته پاڻ هالين ويو ته اتان جي ڪن بزرگن کيس کير سان ڀريل پيالو موڪليو، جنهن جو مطلب اهو هو ته ”هي شهر درويشن سان اڳيئي ڀريو پيو آهي.“ ڀٽائي صاحب پيالي جي مٿان گلاب جو گل رکي موڪليو، ته ”منهنجي حيثيت هن گل واري هوندي.“

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائينءَ سان منهنجي محبت هئي، سو کانئن اها ڳالهه پڇيم. جواب ۾ چوائي موڪليائون ته ”اها ساڳي روايت مون به ٻڌي هئي، پر پوءِ خبر پيم ته ٻين به گهڻن بزرگن سان منسوب آهي.“

ان ڳالهه کي ورهيه گذري ويا، تازو غوث پاڪ جي زندگيءَ جي مطالعي لاءِ ڪي مکيه تذڪرا ورتم، ته ڏٺم ته ساڳي روايت ”اخبار الاخيار“ ۾، غوث پاڪ متعلق پڻ لکي پيئي آهي.

شيخ عبدالحق محدث دهلويءَ فرمائي ٿو ته:

”ڳالهه ڪندا آهن ته جڏهن پاڻ بغداد مان ملتان آيا ته ملتاني صوفين کين کير سان ڀريل هڪ پيالو موڪليو. مطلب ان جو هي هو ته شهر ملتان ۾ اسان کان سواءِ ٻئي لاءِ جاءِ ڪانهي. شيخ زڪريا، انهن حاسدن جي اشاري ۽ رمز کان واقف ٿي، کير جي پيالي تي گلاب جو گل رکي، واپس ڪيو، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته ملتان ۾ اسان جو وجود ائين هوندو، جيئن کير تي گل بيٺو آهي.“

غوث پاڪ جي وفات بابت به هڪ اهڙي روايت مشهور آهي، جنهن مان ظاهر ظهور خوش اعتقاديءَ جي خوشبو اچي ٿي. ”درر نظاميءَ“ ۾ سندن وفات بابت هڪ ٻي روايت بيان ٿيل آهي، جا معقول لڳي ٿي.

بهرحال، عام مشهور روايت هيءَ آهي ته هڪ ڏينهن پاڻ حسب دستور حجري ۾ عبادت ڪري رهيا هئا ته هڪ شخص خط کڻي آيو. صدرالدين عارف خط کڻي حجري ۾ اندر ويو ۽ غوث جي حضور ۾ پيش ڪري ٻاهر نڪتو، ته قاصد هئوئي ڪونه. سو، پاڻ وري موٽي حجري ۾ ويو، ته غوث پاڪ ڪونه هو. سندن ساهه جو پکيئڙو پرواز ڪري چڪو هو. اهو لقاءُ ڏسي، صدرالدين عارف ائين سمجهيو ته ”دوست بدوست رسيد“، يعني ”دوست وڃي دوست سان مليو.“

لنواريءَ جي لعل، خواجه محمد زمان به اهڙي ڪا ماجرا من ۾ رکي، فرمايو هو:

اوڏڻ اوري آءُ، توکي لاکي ڪوٺيو،
لهي تو مٿاءُ، سندو مٽيءَ مامرو.

 

غوث جي وفات جي سلسلي ۾ هڪ ٻي روايت به مشهور آهي، سا هيءَ ته جنهن وقت پاڻ وصال ڪيائون ته پاڪ پتڻ ۾ بابا فريد گنج شڪر بيهوش ٿي ويو. جڏهن هوش ۾ آيو ته چيائين ته ”برادرم بهاؤالدين زڪريا کي فنا جي هن بيابان مان بقا جي شهر ڏانهن کڻي ويا.“ پوءِ مريدن سان گڏ، غائبانه جنازي نماز پڙهيائين.

غوث جا لکيل ڪتاب:

سيد صباح الدين عبدالرحمان لکيو آهي ته غوث جي لکيل ڪتابن يا ’ملفوظات‘ جو ڪو پتو ئي ڪونهي. البت پنهنجن ڪن مريدن ڏانهن جيڪي خط لکيائون، سي موجود آهن. ليڪن، محمد نسيم عباسيءَ پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ لکيو آهي ته ”سندن ملفوظات ’خلاصته العارفين‘ نالي سان قلمي ڪتاب جي صورت ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهي.“ جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي، ته پوءِ ان قلمي ڪتاب کي سانڍي رکڻ ۾ ته ڪو فائدو ڪونهي. ان کي سهڻي نموني ۾ ايڊٽ ڪري، ڪڏهوڪو ڇاپڻ کپندو هو! قلمي نسخو به پنهنجيءَ جاءِ تي برقرار رهي ها، ۽ ڇپيل نسخو غوث پاڪ جي معتقدن عالمن ۽ تاريخنويسن جي مطالعي لاءِ موجود هجي ها.

غوث پاڪ کان پوءِ جيڪي مشاهير هند سنڌ ۾ پيدا ٿيا، تن جون ملفوظات ته ڪڏهوڪو ڇپجي ويون. نه رڳو ايترو پر پاڪستان ۾ انهن جا اردو ۽ ڏيهي ٻولين ۾ ترجما به شايع ٿي ويا آهن. غوث پاڪ کي رحلت ڪئي ڀريا ست سؤ ورهيه ٿيا، ايڏي عرصي ۾ اهو ڪتاب ڇو ڪونه ڇپيو، سا ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ٿي اچي. خدا جي فضل سان غوثيه جماعت جا عقيدتمند هر سال وڏي تعداد ۾ عرس جي موقعي تي ملتان ۾ گڏ ٿين ٿا. هاڻي ته غوث پاڪ جي نالي تي ملتان ۾ هڪ يونيورسٽي به قائم ٿي آهي. ان کان اڳ غالبا سندن نالي تي هڪ چيئر قائم ٿيل هئي، جنهن جو ڪم ئي تحقيق ۽ تصنيف هوندو آهي. ازانسواءِ، غوث پاڪ جو خاندان خود به علم، قلم ۽ ڪتاب جي اهميت کان بخوبي واقف آهي. پوءِ به غوث پاڪ جي ملفوظات گمناميءَ ۾ ڇو پئي هجي؟

غوث پاڪ پاڻ داتا گنج بخش هجويريءَ جو ڪتاب ”ڪشف المحجوب“ نقل ڪيو هو، جو سندن تصنيف تاليف جي شوق جو دليل آهي. اهو ڪتاب لاهور جي مولوي محمد شفيع جي فرزند احمد ربانيءَ جي ڪوشش سان هاڻي ڇپجي چڪو آهي. ان جو هڪ نسخو مون کي غوث پاڪ جي سجاده نشين، مخدوم سجاد حسين قريشي صاحب عنايت ڪيو هو. ان کان اڳ، مولوي محمد شفيع جو فرزند احمد رباني صاحب، جو ريلوائيءَ ۾ وڏو عهديدار هو، حيدرآباد آيو هو ۽ مون سان ۽ سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سان سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملاقات ڪئي هئائين.

تازو، مون هڪ تذڪري ۾، ڪنهن عالم جو ذڪر پڙهيو ته هن هڪ عمدو ڪتاب لکيو، پر جڏهن پورو ڪيائين، تڏهن خيال آيس ته پاڻ کان وڏي ڪنهن عالم کي ڏيکاريان ته ان ۾ ڪا ڀل چڪ ته ڪانه آهي. سو، غوث پاڪ کي عرض ڪيائين، جن سندس لکيل ڪتاب جو مطالعو ڪري، تعريف ڪئي ته عمدو لکيل آهي. سو، غوث پاڪ جهڙي بلند پايه عالم لاءِ ائين سوچڻ ته دنيا جي وڏن وڏن علمي مرڪزن ۾ تعليم ورتائون، اسلامي دنيا جي مشاهيرن سان مليا، ”شيخ الاسلام“ جي منصب تي فائز رهيا، هزارين لکين ماڻهن کي کانئن هدايت ۽ رهبري حاصل ٿي بلند پايه عالمن سان سندي صحبتون رهيون، پر پاڻ پوءِ به ڪوبه ڪتاب ڪونه لکيائون، اعتبار جهڙي ڳالهه نه آهي.

غوث جو اولاد:

غوث پاڪ کي ست پٽ هئا. وفات کان پوءِ سندن وڏو پٽ، صدرالدين عارف سجاده نشين ٿيو. ٻين خوبين سان گڏ، سخاوت لاءِ مشهور ٿيو. ”خزينة الاولياءَ“ جي مصنف لکيو آهي ته غوث پاڪ جي هر هڪ فرزند کي لکين سونيون اشرفيون والد جي وفات کان پوءِ، ورثي ۾ مليون، پر صدرالدين سڄو ارڪو ترڪو خدا جي واٽ ۾ خيرات ڪري ڇڏيو.

ڪنهن زماني ۾، صدرالدين عار ف۽ ملتان جي حاڪم شهزادي محمد جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيا. ڳالهه ايتري وڌي ويئي، جو شهزادي محمد ملتان ۾ غوث جي درگاهه تي حملي جو ارادو ڪيو. اها خبر باهه وانگر سڄي شهر ۾ پکڙجي ويئي. ڪي ماڻهو مسجدن ۾ امن امان لاءِ دعائون گهرڻ لڳا، ته ڪي وري تراريون کڻي درگاهه جي حفاظت لاءِ پهتا. مولانا نور احمد فريديءَ لکيو آهي ته:

”محمود خان سنڌيءَ، صدرالدين عارف کي ادب سان عرض ڪيو ته ’سائينجن جي اجازت ملي ته سڀ کان اول سنڌي مجاهد شاهي لشڪر جي مقابلي ۾ نڪرن ۽ سرخرو ٿين. صدرالدين عارف اها ڳالهه ٻڌي پنهنجن سنڌي مريدن جي مٿن تي پيار سان هٿڙا گهمائيندو، غوث پاڪ جي روضي ۾ دعا لاءِ داخل ٿيو.“

قدرت خدا جي، جو مقابلي جي نوبت ئي ڪانه آئي. مغلن جي حملي جي اوچتو خبر آئي. سو، شهزادو لشڪر ڦيرائي، اوڏانهن ويو، ۽ مقابلي ۾ مارجي ويو.

صدرالدين عارف اڪثر ڪري، سنڌ جو سفر ڪندو هو، جن ۾ ٻين مشاهيرن سان گڏ قلندر لعل شهباز به ساڻس گڏ هوندو هو.

وفات کان پوءِ سندن وڏو فرزند رڪن عالم مسند نشين ٿيو. وڏو عالم هو. چوطرف سندس علم ۽ پرهيزگاريءَ جي هاڪ هئي. ستت، سڄي هندستان جو ”شيخ الاسلام“ ٿيو.

شيخ السلام شاهه رڪن عالم ملتاني پڻ پنهنجي نامور ڏاڏي ۽ والد بزرگوار وانگر، سنڌ جو سفر ڪثرت سان ڪندو هو. هڪڙو سفر خلجي دور حڪومت ۾ ڪيائين، جنهن ۾ به قلندر لعل شهباز ساڻس گڏ هو.

سنڌ ۾ شيخ ريحاڻ نالي هڪ درويش هوندو هو، جو ڏاڍو مشهور هو. جڏهن شاهه رڪن عالم ملتاني سنڌ ۾ آيو ته سندس هاڪ ٻڌائين يا وري قلندر شهباز ساڻس اهو ذڪر ڪيو. بهرحال، ٻئي ڄڻا گڏجي، شيخ ريحاڻ سان ملڻ ويا، جو هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ رهندو هو. هنن ٻنهي بزرگن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. گهڻي دير تائين ٽنهي پاڻ ۾ روح رهاڻ ڪئي. بعد ۾، اهو ڳوٺ اول رڪن پور ۽ پوءِ رڪن جي نالي سان مشهور ٿيو. اڃا تائين موجود آهي. دادو ضلعي ۾ پياري ڳوٺ ريلوائي اسٽيشن کان پاٽ ويندڙ رستي تي آهي.

سنڌ ۾، ان زماني ۾، ٻيو هڪ بزرگ شيخ بوسن نالي هوندو هو، جو غوث پاڪ جو مريد هو. جڏهن شاهه رڪن عالم ملتاني سنڌ جي سفر تي هو، ته کيس ماڻهو موڪليائين. شيخ بوسن ته وفات ڪري ويو هو. سندس ٻه فرزند نصير ۽ امام پيغام ٻڌي، شاهه رڪن عالم ملتانيءَ سان اچي مليا. هو کين ملتان ساڻ وٺي آيو، ۽ شهر جي اتر ۽ اوڀر ۾ زمينون ۽ باغ ڏنائين. سندن اولاد محنت ڪئي، زمينون آباد ڪيون. هاڻي اهو سنڌي خاندان ”حاجي“ سڏبو آهي. وڏو ديندار آهي ۽ ايترو آسودو آهي، جو رڳو ملتان شهر ۾ نه پر سڄي ضلعي ۾ مشهور آهي.

مولانا نوراحمد فريديءَ پنهنجي ڪتاب ”شاهه رڪن عالم ملتاني“ ۾ ٻين به ڪيترين سنڌي ذاتين ۽ خاندانن جو ذڪر ڪيو آهي، جو غوثيه درگاهه مان مستفيد ٿيا. انهن ۾ خاص طره جويا ذات جي ماڻهن جو ذڪر ڪيو اٿس، جي سنڌ ۽ پنجاب ۾ پکڙيل آهن ۽ شاهه رڪن عالم مسلمان ڪيا هئا.

غوث جو سنڌ تي اثر:

غوث پاڪ تقريبا سؤ سالن جي ڄمار ماڻي. طبعي لحاظ کان اها ڀرپور زندگي چئبي ۽ معنوي لحاظ کان ايترو چوڻ ئي ڪافي ٿيندو ته تاريخنويسن سندن دور کي ”سڀ کان سٺو دور“ ڪوٺيو آهي.

وقت هر ڳالهه جي وڏي پرک آهي. غوث پاڪ پنهنجيءَ حياتيءَ جو وقت اهڙو ته سجايو گذاريو، جو وفات کان پوءِ، ستن سون سالن جو ڊگهو عرصو به سندن علم ۽ عمل جي سهڻن نقش ونگارن کي نڪي ته تاريخ جي ورقن تان ميساري سگهيو آهي ۽ نه وري ماڻهن جي دلين مان مٽائي سگهيو آهي. سنڌ ۾ ”غوث جا دمبها“ انهيءَ حقيقت تي شاهد آهن.

شيڪسپيئر ٽن ڳالهين کي ڪامياب زندگيءَ جو ڪليو قرار ڏنو آهي: Love, Honors & Troops of Friends ڀٽائيءَ جي نگاهه اڃا به پرڀرو پهتي. حضور پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جن جي ڪمال ڪاميابيءَ جو ذڪر ڪندي چيائين ته:

ٻئي ڏنائين، سرايون سيد کي

(يعني قدرت کين ٻئي جهان عطا ڪيا: هي جهان به ۽ هو جهان به)

غوث پاڪ حضور پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جن جي راهه جو پانڌيئڙو هو. کين زندگيءَ جون مڙئي نعمتون نصيب ٿيون. خدا جي عبادت، خلق جي خذمت، عزت ۽ عظمت، دولت ۽ سخاوت، عوام ۽ خواص ۾ مقبوليت، بي پناهه شهرت، دوستن، معتقدن ۽ مريدن جا ڪٽڪ ۽ صالح اولاد. ايڏيءَ وڏيءَ شخصيت جي اٿي وڃڻ سان صفن جون صفون خالي ٿي وينديون آهن. ڪنهن ڪنهن خوشنصيب خاندان ۾، عزت ۽ عظمت جي دستار، هڪ نسل کان پوءِ ٻئي نسل کي ملندي آهي ۽ ورلي ڪو ائين ٿيندو آهي ته اها سعادت ٽئين نسل جي قسمت ۾ به لکيل هوندي آهي. پر، غوث پاڪ جي متبرڪ خاندان ۾ نور ۽ هدايت جا چراغ، نسل در نسل، روشن رهيا.

سيد صباح الدين عبدالرحمان لکيو آهي ته ”غوث بهاؤالحق ملتاني رئيس الاولياءُ هو. سندس وڏو شان هو.“ حقيقت اها آهي ته سڄو هندستان، پوري اڌ صدي، غوث پاڪ جي فيض ۽ برڪت سان منور هو، پر جنهن علائقي يا سرزمين، کانئن گهڻي ۾ گهڻو اثر ورتو، سا سنڌ هئي، غوث پاڪ جي اهل سنڌ سان ايتري ته قربت هئي، جو ڪن تذڪره نگارن کين ”زڪريا سنڌي“ ڪوٺيو آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ساڻن ايڏي محبت آهي، جو ورهين جا ورهيه ۽ صدين جون صديون ٿر، بر، بيابان، جهنگ، ٻيلا ۽ درياءَ پار ڪري، سندن در تي هر سال حاضري ڏيندا رهيا آهن. امير خسرو عشق ۽ عقيدت جي انهيءَ ڪيفيت کي ڪهڙن نه سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:

من تو شدم تو من شدي،
من تن شدم تو جان شدي،
تا کس نه گويد بعد ازين
من ديگرم تو ديگري.
                       *


 

غوث پاڪ جي مضمون جا حوال ۽ اضافا

(1) For a long time than, through centuries brohies, particularly of ‘jhalwan’ continue migrating into Sindh, during the winter season. Thus, sir dennys bray says “visiting sindh winter after winter, he (Brohi) comes to look upon it, as a land of ease, after his own inhospitable mountains.” The whole belt (jacobabad) running through larkana, finally emering into dadu district, became a “Balochi-Brohi Belt.” According to the 1941 census, Balochi population constituted 23 percent of the total muslim population of the province of sindh.

Nasser Brohi: “studies in Brahui History.” Pp96-98.

(٢) ڊاڪٽر سرفراز ڀٽيءَ جي تحقيق موجب، خواجه فريد جا وڏا ٺٽي مان لڏي ويا هئا. ذات جا ڪوريجا هئا ۽ سيد انيس شاهه جيلاني (صادق آباد) جي تحقيق موجب، ٻه ٽي سؤ سال اڳ، سنڌ مان لڏي چاچڙيان شريف آيا هئا. خواجه صاحب سنه ١٩٠١ع ۾ وفات ڪئي.

 

(3) “Sindh jo Ajrak” By Noor jehan bilgrami.

(4) “As far as written records are concerned, it would appear that poetry in the Sindhi Language was composed as early as the soomra period (1032-1350). L.H. Advani argues that prior to sumra rule no specimen of sindhi poetry has survived. According to him the sindhi literature of the hindu period and pre-sumra period has perished byond recall.”…

During the sumra and samma periods the use of sindhi language was encouraged.” Durr-e-shahwar sayed: “The poetry of shah abdul latif” pp. 3-4.

(٥) ’لب تاريخ سنڌ‘ جي مصنف ان کان مختلف اکر ڪم آندا آهن.

(6) The origin of thatta by Dr. N.A Baloach.

(7) Ahmed nabi khan “Multan-history & Architecture.”

(٨) لاهور ملتان جي پسگرداين مان هڪ آهي.“

(9) The History of ancient Multan remains shrouded in mystery, until the close of the fifth century. A.D Ahmed Nabi khan: “History & Architecture of Multan.” Pp-21.

(10) M.H. Panhwar: “A chronological Dictionary of sindh.”

(١١) سيد بابر علي ملڪ جي امير خاندانن مان هڪ سان تعلق رکي ٿو. سندس وڏو ڀاءُ سيد امجد علي، ايوب خان جي زماني ۾ وزير خزانه هو. سياستدان ۽ اهل قلم هو. سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ ۾ سٺو رول ادا ڪيائين. تازو وفات ڪئي اٿس. وچون ڀاءُ سيد واجد علي، اداره ثقافت اسلاميه جو روح روان ۽ وڏو زندهه دل انسان آهي. سندس اڪيلو پٽ، سيد شاهد علي، اداري جي اسٽئنڊنگ ڪاميٽيءَ جو چيئرمن ۽ پنهنجي والد وانگر وڏو وضعدار انسان آهن. سيد بابر علي ننڍو ڀاءُ آهي. علم ۽ ادب جو سرپرست آهي. هن خاندادن جي توجهه ڏيڻ کان ڪيترا اهم علمي ڪتاب، خاص طرح پنجاب جي صوفي شاعرن جا ڪليات ضايع ٿيڻ کان بچي ويا ۽ ڏاڍي سهڻي نموني ۾ شايع ٿيا. پير سائين حسام الدين شاهه اداره ثقافت اسلاميه جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر هوندو هو ۽ مون سان اداري جي ڪم جي ساراهه ڪندو هو. هاڻي مون کي بورڊ جو ميمبر ڪيو اٿن ته چئي سگهان ٿو ته پير صاحب اداري جي جيڪا ساراهه ڪندو هو، سا حرف بحرف صحيح آهي. افسوس رڳو اهو آهي ته سنڌ ۾ هاڻي اهڙو ڪوبه علم پرور خاندان ڪونه بچيو آهي.

(١٢) پير علي محمد راشدي صاحب هڪ دفعي ڪنهن سنڌي دانشور جو ذڪر ڪندي مون کي چيو ته ”هائو، وڏو پڙهيو آهي، پر منجهس ’نخ نخستين‘ گهڻي آهي. ”ڳالهه ڪيائين ته ’نصرالله‘ نالي هڪڙو عالم هو، سو پنهنجي طالب سان گڏ ڪنهن ڳوٺ ۾ مسافر ٿي ويو. اتي جي ماڻهن کين پاڻ وٽ ٽڪايو ۽ نالو پڇيو. عالم سڳوري جواب ڏنو ته ’نخ نخستين نصرالله‘. سندس طالب اهو ٻڌي وائڙو ٿي ويو. ڳوٺ جي ماڻهن سندن سٺي خدمت چاڪري ڪئي. رات خير سان گذري ويئي. صبح ٿيو ته ٻيئي ڄڻا پنڌ پيا. واٽ تي طالب پنهنجي استاد کان پڇيو ته ’سائين‘ رات اوهان پنهنجو نالو سنئون سڌو ڪونه کنيو ۽ ۽ وڏي مخرج سان چيو ته ’نخ نخستين نصرالله‘. تڏهن عالم سڳوري چيس ته ’اي درويش! جي مان ائين نه ڪريان ها، ته ڄٽن تي رعب ڪيئن پوي ها!‘

(١) مهن جو دڙو: سنڌ جي قديم تهذيب جي هن يادگار جي نالي جي صحيح خبر ڪانهي. اڳي ان کي ’موهن جو دڙو‘ لکندا هئا. پر پاڪستان کان پوءِ ان کي هندڪو نالو سمجهي، ’مئن جو دڙو‘ لکڻ لڳا. هڪ دفعي مون عبدالله چنا صاحب سان اهو ذڪر ڪڍيو. چنا سنڌ جا قديم رهاڪو آهن. چچ نامي ۾ به سندن ذڪر آحي. مرحوم جي سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب ۾ وڏي دلچسپي هئي. چيائين ته انگريزن جي حڪومت ۾ هڪ دفعي ان پاسي ضلعي عملدار ٿيس. نالي جي پڇا ڳاڇا ڪيم. تر جي ماڻهن چيو ته اسان ان کي ’مهين جو دڙو‘ ڪوٺيندا آهيون.

ساڳي ڳالهه مون سان پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن به ڪئي. اسان جو ڳوٺ آڳرا ڪنڊياري تعلقي ۾ آهي. درياءُ ان کان چار پنج ميل اتر ۾ وهي ٿو. اونهاري جي مند ۾ ته ويجهو وهي ٿو. درياءَ جي پرئين پار لاڙڪاڻو ۽ دادو ضلعو آهن، جتي آڳرن جا ٻه ٽي ڳوٺڙا آهن، جن جي رهاڪن سان اسان جي ڳوٺ جي ماڻهن جون مٽيون مائٽيون آهن. سو هونئن ته پاڻ ۾، سڄو سال پيا ايندا ويندا آهن، ليڪن، مناسب مند ۽ موسم ۾، اسان جي ڳوٺ مان ڪڻڪ جون ڳوڻيون کڻي پار ويندا آهن ۽ موٽ ۾ اتان وري چانور آڻيندا آهن. هڪ دفعي، مون پنهنجي ڳوٺائيءَ کان پڇا ڪئي ته چيائين ته ”اسان سياري جي مند ۾، درياءُ ٽپي پار ويندا آهيون ۽ ’مهين‘ تي وڃي لهندا آهيون.“

عبدالله چنا صاحب ۽ پنهنجي ڳوٺائيءَ جون اهي ڳالهيون ٻڌي، مون ٻيڙي فقير کان پڇيو ته ’اهڙو ڪو بيت آهي، جنهن ۾ ’مهين‘ لفظ آيو هجي؟‘ هڪڙو بيت ٻڌايائين جنهن جي پوئين سٽ ياد اٿم:

”سي ئي ماءُ محن، سي ئي راحت روح جي“

سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي ۽ فارسي اکر ڳاڻاٽي کان ٻاهر آهن، پر عام ماڻهو اڪثر ڪري، جڏهن انهن کي استعمال ڪندا آهن، ته سندن اصلوڪو عربي يا فارسي اچار بدلائي، سنڌي ٻوليءَ جو ويس پهرائيندا آهن. هن سٽ ۾ ’محن‘ لفظ ’راحت‘ لفظ جي ابتڙ آيو آهي، جنهن جي معنيٰ وڃي بيهندي ’ڏک ڏولائو.‘ سو، ڀانئجي ٿو ته هتي ’محن‘ اهوئي لفظ آهي، جيڪو ’رنج و محن‘ محاوري ۾، عام طور استعمال ٿيندو آهي.

محترم محمد علي جوهر، مهراڻ رسالي ۾، موهن جي دڙي بابت هڪ خط لکي ’موئن جو دڙو‘ لفظ جو رد ڏنو آهي، وضاحت اها ڪئي اٿس ته ميرزا قليچ بيگ جي لغات لطيفيءَ ۾ ’مهڻ‘ لفظ جي معنيٰ آهي عذاب ڏيڻ ۽ فنا ڪرڻ وغيره. ڪاڪي ڀيرومل وري (محن) ’مهن‘ لفظ جي معنيٰ ڪندي چيو آهي ته سنڌيءَ ۾ ماهو معنيٰ خون يا ڪوس. ڪي ماڻهو اڦٽ مري ويندا آهن ته چئبو آهي ته ’ماهو‘ ٿيو. ماهو جو بينياد آهي مش ۽ معنيٰ ڪهڻ يا ناس ٿيڻ. ’مهن جو دڙو‘ معنيٰ ’مات ٿيل يا فنا ٿيل جو دڙو‘. جوهر صاحب اهو پڻ چيو آهي ته بيت ڀٽائي صاحب جو آهي ۽ اتي به، موت ۽ تباهيءَ جي معنيٰ ۾ آيو آهي:

ڪهن تان ڪر لهن، ڪر لهن تان ڪهن
سي ئي ماءُ مهن، سي ئي راحت روح جي.

 

مٿينءَ تشريح موجب، چئي سگهجي ٿو ته ’مهين‘ يا ’مهن جو دڙو‘ معنيٰ ته ڏک ڏولائي وارو دڙو. جي ائين آهي ته پوءِ جوهر صاحب جنهن ڳالهه جو رد ٿي ڏنو، تنهن جي ٻين اکرن ۾ پاڻ ئي تصديق ڪري رهيو آهي، ڇو ته ’مهن جو دڙو‘ يا ’مئن جو دڙو‘ ڳالهه ته وڃي ساڳي ٿي!

پر، منهنجي خيال موجب، ڳالهه ساڳي ڪانه ٿي. جيڪڏهن ’مهين جو دڙو‘ کي ’مئن جو دڙو‘ ڪوٺڻ صحيح آهي، ته پوءِ ’ڪاهوءَ جو دڙو‘، ’چانهوءَ جو دڙو‘ ۽ ’جهڪر جو دڙو‘ نالا ڇو پيا؟ سڀئي ’مئن جا دڙا‘ آهن، ان ڪري ساڳئي نالي سان سڏجن ها. پر، ڪاهو، چانهو ۽ جهڪر ته اسم خاص آهن!

مان ڀانيان ٿو ته ’موهن‘ لفظ به هت اسم خاص آهي. ان جو اچار ’مهن‘ آهي يا ’مهين‘ آهي، يا ’موهن‘ آهي، سا جدا ڳالهه آهي. پر، آهي اسم خاص. دليل هي آهي ته ’مهين جي دڙي‘ کان هڪ سو ميل ڏکڻ اولهه ۾ ’آمريءَ جو دڙو‘ آهي. ٽيهارو ورهيه اڳي، فرانس ۽ اٽليءَ جي ماهرن جي هڪ ٽولي آئي هئي، جنهن انهيءَ دڙي کي کوٽيو. مون سندس رپورٽ جي ڪاپي، ڪراچيءَ واري نيشنل ميوزيم ۾ پڙهي آهي. اصل ته فرانسيسي ٻوليءَ ۾ ڏنل آهي. منجهس لکيل آهي ته ’آمريءَ جي تهذيب موهن جي دڙي جي تهذيب کان ڇهن سون کان اٺ سو ورهيه زيادهه قديم آهي.“ ٻئي ڪنهن هنڌ لکيل آهي ته ”موهن جي دڙي جي تهذيب جا معمار آمريءَ مان آيا هئا.“

آمريءَ ۽ سن کان اٽڪل ويهارو ميل اولهه طرف، جبلن ۾ رني ڪوٽ جو قلعو آهي، جو پڻ هڪ قديمي يادگار آهي. ٽيهارو ورهيه اڳ، سائين جي. ايم. سيد مون کي ٻڌايو هو ته رني ڪوٽ جو پراڻو نالو موهن ڪوٽ آهي ۽ پاسي واريءَ ديهه جو نالو موهن مڪان آهي. نه رڳو ايترو، پر رني ڪوٽ کي پاڻي پهچائڻ جو ذريعو هڪ نئن آهي، جنهن جو نالو نئن رني ڪوٽ يا نئن رني آهي. ليڪن، اڳوڻن ڪتابن ۾ ان جو نالو نئن موهن به لکيل آهي. تازو، بدر ابڙي رني ڪوت تي تحقيق ڪري، هڪ ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو اٿس ته موهن ڪوٽ، رني ڪوٽ جي هڪ برج جو نالو آهي ۽ رني ڪوٽ جي هڪ حصي کي موهن ماٿري (وادي) ڪوٺين ٿا. نئن موهن جي نالي جي به تصديق ڪئي اٿس.

رني ڪوٽ جي ٺهڻ جو زمانو اسان جي زماني کان موهن جي دڙي کي ويجهو آهي، تڏهن ته موهن ڪوٽ، موهن مڪان ۽ نئن موهن نالا پيا. عام سمجهه جي ڳالهه آهي ته اهي نالا ڪڏهن  به تباهيءَ ۽ برباديءَ جي معنيٰ ۾ ڪونه رکيا هوندائون. البت ائين هوندو ته مهن يا مهين يا موهن نالو، انهيءَ زماني ۾، ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري، سنڌ ۾ مقبول ۽ مروج هوندو.

(٢) ”لب تاريخ سنڌ“ جي مصنف لکيو آهي ته ”انگريزن جي حڪومت ۾ سنڌ جي اٺين ڪمشنر سر وليم ميري ويدر جي حڪومت ۾ روهڙيءَ ۽ سکر جي بندرن تي، ٻيڙين جي عيوض، جهاز مقرر ڪيا ويا، جن ۾ وڏو آرام ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال جي سلامتي آهي.“ سنڌ ۽ ملتان جي وچ ۾ دريائي سفر جو زڪر ڪندي وڌيڪ لکيو اٿس ته ”ڪمشنر صاحب ڪراچيءَ کان، ڪن معززن سان گڏجي، راقم الحروف کي ساڻ ڪري، ڪوٽڙيءَ پهتو ۽ اتان جهاز تي سوار ٿي، ڏينهن رات سفر ڪندي، ملتان جي ڀرسان شيرشاهه بندر تي لنگر انداز ٿيو ۽ پوءِ ريل گاڏيءَ تي چڙهي ملتان آيو.“ ائين به لکيو اٿس ته ”سن ١٨٧٤ع ۾، ڪوٽڙيءَ کان وٺي ملتان تائين سنڌونديءَ جي کاٻي ڪپ سان ريل گاڏي هلڻ شروع ٿي.“

(٣) تحفته الڪرام مان چٽو ظاهر ٿئي ٿو ته ٺٽي جي آبادي انڪري جلد وڌي، جو منجهس ڀنڀور، ديبل، بڪار ۽ ٿرڙيءَ نالن سان چئن جدا جدا شهرن مان ماڻهو لڏي آيا. هيءَ ڳالهه تمام اهم آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته ڀنڀور ۽ ديبل جدا جدا شهر هئا.

آثار قديمه کاتي، ڀنڀور جي دڙي جي کوٽائي ڪئي آهي. ڀنڀور جو سنڌ جي تاريخ ۾ وڏو نالو آهي. پر، آثار قديمه کاتي جي دلچسپي ديبل ۾ هئي. ديبل ته صدين جي مفاصلي ته لڪو پيو هو. البت، ڀنڀور جو دڙو ڪراچيءَ کان چاليهارو ميل پرڀرو، پڪي رستي جي پاسي سان، اکين اڳيان بيٺو هو. سو، مٿس ئي کڻي ڪوڏر وهايائون ۽ اعلان ڪيائيون ته ”اهو اٿو ديبل جو دڙو.“

”ديبل ڪهڙي هنڌ تي هو؟“..... ان باري ۾ علامه شبليءَ پنهنجي شاهڪار ڪتاب ”الفاروق“ ۾ لکيو آهي ته ”نشيبي هنڌ تي هو.“ ميجر ريورٽيءَ پنهنجي ڪتاب The mehran of sind ۾ جاگرافيائي لحاظ کان ديبل جي باري ۾ ڪارآمد معلومات ڏني آهي ۽ محمد حسين پنهور مون سان ان جي تعريف ڪئي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ديبل تي حيدرآباد دکن جي ”اسلامڪ رويو“ جرنل ۾ هڪ اهم مضمون لکيو آهي. پير سائين، حسام الدين شاهه صاحب به ”جنگ“ اخبار ۾ مضمون لکيو آهي، جنهن ۾ ديبل ۽ ٺٽي جو تقابلي جائزو وٺي ڏيکاريو اٿس ته سنڌ جي تاريخن ۾ ديبل جو نالو ڪيستائين اچي ٿو، ڪڏهن کان وٺي ديبل- ٺٽو ٻئي نالا اچن ٿا، ۽ ڪڏهن کان وري ديبل جو نال گم ٿي وڃي ٿو، فقط ٺٽي جو نالو اڳتي نظر اچي ٿو. هڪ دفعي ٺٽي مان پئي موٽياسين، ته رستي تي مون کي چيائين ته ”پير پٺي وارو دڙو ديبل هجي ته عجب ڪونهي.“

پير پٺي تي جيڪو پٿر جو ڪتبو لڳل آهي، ان تي ’پير پٺو ديبلي‘ اکر اڪريل اهن. اتي هڪڙيون چرون آهن، جن کي ڏاهر جي هاٿين جي چرن سان منسوب ڪندا آهن. هڪ مسجد به آهي، جنهن کي محمد بن قاسم جي مسجد ڪوٺيندا آهن.

سو، ديبل، تيستائين، اختلافي موضوع رهندو، جيسين ان جو صحيح هنڌ معلوم نه ٿيو آهي.

تازو، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽر رياض الاسلام جي اداري طرفان، انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب ڇپيو آهي، جنهن ۾ ديبل تي ڪارائتي معلومات ڏنل آهي. ڪتاب جو نالو آهي:

THE DUTCH EAST INDIA COMPANY AND “DEWAL- SINDH.”

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org