پس نوشت
Post Script
سنڌ جي مشاهيرن جا ڪي ٿورڙا تذڪرا لکيل آهن. هڪڙو شمس العلماء
ميرزا قليچ بيگ جو ”قديم سنڌ جا مشهور شهر ۽
ماڻهو“ آهي، ٻيو مولوي دين محمد وفائيءَ جو
”مشاهير سنڌ“ آهي. ٽيون سائين جي. ايم. سيد جو
”جنب گذاريم جن سين“ آهي ۽ چوٿون پير علي محمد
راشديءَ جو ”اهي ڏينهن، اهي شينهن.“
ان قسم جا ٻيا ٻه ٽي ڪتاب به اهم آهن: جيتوڻيڪ انهن مان ڪو،
بنيادي طرح، ”يادگيرين“ (Memoirs) جي نموني تي لکيل آهي، جيئن پير سائين حسام الدين راشديءَ جو
”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“، ته ڪي وري شاعرن يا شعر جي
اتنخاب (Anthology) جي نموني تي آهن، مثلا: شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود
پوٽي جو ”سرها گل“ ۽ مخدوم محمد زمان ”طالب
الموليٰ“ جو ”ياد رفتگان.“
انهن ڪتابن کان سواءِ ٻيا به ڪي اهم ۽ عمدا ڪتاب هوندا. سردست،
مون کي اهي ئي سجهي آيا. انهن جا لکندڙ، اسان جا
قابل احترام بزرگ اديب هئا، جيڪي هاڻي هن جهان کان
پردو اختيار ڪري چڪا آهن. دعا آهي ته خداوند ڪريم
کين جنت ۾ جايون ڏئي.
***
١٩٤١ع ۾، جناب جي. ايم. سيد جي ڪوشش سان، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي
وڌاري واسطي سنڌي ادبي بورڊ ٺهيو سنه ١٩٥١ع ۾،
سندس ئي ڪوشش سان حڪومت ان کي موجوده قالب ۾ وڌو.
هو ڏهاڪو سال لاڳيتو بورڊ جو نائب صدر ۽ اسٽئنڊنگ
ڪاميٽيءَ جو چيئرمن رهيو. شروع ۾ سنڌ جو وزير
تعليم بورڊ جو صدر هوندو هو. پر، اڳتي هلي، جڏهن
اها صورتحال بدلي، تڏهن به بورڊ جو سمورو ڪم ڪار
سيد صاحب ئي هلائيندو رهيو. اصل سبب اهو هو ته
انهيءَ زماني ۾، سنڌي اڳواڻن ۾، پاڻ اڪيلو شخص
هوندو هو، جيڪو سنڌ جي مسئلن تي لکندو هو. بورد جو
اهوئي شروعاتي ڏهن سالن جو تعميراتي دور هو، جنهن
۾ سنڌ جي ادب، تاريخ ۽ زبان جي مڙني مکيه تحقيقاتي
اسڪيمن تي بنيادي ڪم شروع ٿيو.
ڀٽ شاهه تي، ابتدائي ’ادبي ڪانفرنسون‘ ڪوٺائڻ ۾ به سندس ئي هٿ
هو. البت، ان ڳالهه ۾، مرحوم ميران محمد شاهه سندس
ٻانهن ٻيلي هو، جنهن جي وفات کان پوءِ سندس خاندان
مان اها شمع وسامي وئي.
سيد صاحب جي ڪراچيءَ واريءَ رهائشگاه ’حيدر منزل‘ تي روزانو شام
جو ڪچهري ٿيندي هئي، جنهن ۾ ٻين سان گڏ ، نامور
سنڌي اديب، عالم ۽ دانشور به شريڪ ٿيندا هئا ۽ سنڌ
جي تاريخ، ادب ۽ ثقافت جون ڳالهيون ڪندا هئا. ڪي
ته مقرر ايندا هئا، مثلا: شيخ عبدالمجيد سنڌي، پير
حسام الدين راشدي، سيد ميران محمد شاهه، رئيس غلام
مصطفيٰ ڀرڳڙي، سيد غلام مصطفيٰ شاه. سنڌ جو محب
وطن دانشور، جناب محمد ابراهيم جويو، بورڊ جو
سيڪريٽري هو، سو ته پابنديءَ سان انهن ڪچهرين ۾
شريڪ ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن، حاتم علوي، ڊاڪٽر دائود
پوٽو، جي. الانا، هاشم گذدر، سيٺ سکديو ۽ ماڌوجي
به ڀيرو ڀريندا هئا. رئيس الله بخش گبول، ڪباب
پچرائي، ٿالهه ڀرائي، سنگت جي کائڻ لاءِ کڻي ايندو
هو. نوجوانن مان مسٽر پوهومل ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٻه چار
چار ڏينهن لاڳيتا سائينءَ وٽ ٽڪندو به هو ۽ هڪ طرح
سندس سيڪريٽريءَ جي ڊيوٽي ڏيندو هو. رئيس ڀرڳڙي
ساڻس چرچا ڪندو هو ۽ کيس ’بيريا‘ ڪوٺيندو هو، جيڪو
روس ۾ اسٽالن جو وزير هو. ڪنهن زماني ۾، پير علي
محمد راشدي به ائين سائينءَ جي ”حيدر منزل“ واري
بنگلي ۾ مهينن جا مهينا ٽڪندو هو. مون خان بهادر
غلام علي نانا جي زيارت به سائينءَ جي ڪچهرين ۾
ڪئي. اسي ورهين جي پيٽي ۾ هو. پر، وڏو زندهه دل
انسان هو.
***
آڪٽوبر ١٩٥٧ع ۾، سائين جويو صاحب، مون کي مرڪزي سرڪار جي
ماهنامي ’نئين زندگي‘ جي آفيس مان ڪڍي، سنڌي ادبي
بورڊ ۾ وٺي آيو، ته سائين جي.ايم. سيد جي انهن
ڪچهرين جي رونق ڏٺم. ڪراچيءَ ۾ هڪڙيءَ اهڙيءَ
ڪچهريءَ ۾، سائينءَ تجويز ڏني ته، ”رباني، شيخ
عبدالمجيد صاحب جي حياتيءَ جو احوال لکي.“ شيخ
صاحب نوٽ بڪ جي سائيز جا سؤ کن صفحا لکايا، جي مون
وتان پير صاحب کڻي ويو، ته موٽائي ڪونه ڏنائين.
سن ۾، سائينءَ جي ٻيءَ اهڙيءَ ڪچهريءَ ۾ اها تجويز ٺهي ته سنڌ
جي بزرگن جو تذڪرو لکڻ گهرجي. ’قرعه فال بنام من
ديوانه زدند.‘ حڪم ڏنائون ته ’اهو ڪم به رباني
ڪري.‘ بروقت، ڏهن ٻارهن مشاهيرن جي لسٽ لکايائون.
پر، انهن جي باري ۾، بنيادي معلومات ڪٿان ملندي،
تنهن بابت ڪوبه مشورو يا مدد ڪونه ڏنائون. نه وري
مجوزه مشاهيرن جي تذڪري جا ڪي تفصيل ئي طئي
ڪيائون. پر، ايترو سو ڪيائون، ته منهنجي من ۾
انهيءَ تذڪري لکڻ جو خيال وڌائون. انهيءَ ڳالهه کي
ڀريا چاليهه ورهيه گذري ويا. ان وچ ۾، دنيا ئي
بدلجي وئي. جوڳي جوءِ ڇڏي ويا. هاڻي ته ڀٽائيءَ جي
لفظن ۾:
بندر بازاريون، سڃا سامونڊين ريءَ.
*
٢
اسان جي بزرگن، قبلا علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ، شمس العلماءَ
ڊاڪٽر عمر بن محمد دئاود پوٽي، سائين جي. ايم.
سيد، پير سائين حسام الدين راشديءَ ۽ شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ جو رايو هو ته ’سنڌ دنيا جي هڪ
قديم ترين تهذيب آهي. سو، ان کي سڄيءَ انسانذات جي
امن ۽ ڀلائيءَ لاءِ هڪ خاص پيغام آهي.‘
اها ڳالهه ورهين جا ورهيه، منهنجي مٿي ۾ گهمندي رهي آهي. ڪجهه
ڪتاب پڙهيا اٿم، ڪن چئن چڱن جي صحبت نصيب ٿي اٿم.
پر، مون کي خبر ڪانهي ته سنڌ وٽ اهو ڪهڙو ’خاص‘
پيغام آهي، جنهن مان سڄيءَ انسانذات جو مستقبل
روشن ٿيندو!
بلاشبه، سنڌ هن ڌرتيءَ جي انهن ٿورڙن خوشنصيب خطن مان آهي، جتي
انساني تهذيب جا اوائلي گونچ ڦٽا هئا. سنڌ جي
تهذيب، مصر، عراق، ايران، ۽ چين جي قديم تهذيبن جي
همعصر آهي. پنج ست هزار ورهيه ته واهه جو قديم
هوندي.
تهذيب ۽ تمدن جا ساوا سلا به وڻن ٽڻن وانگر، پاڻيءَ جي سانگي
سان ڦٽندا آهن. مغربي مستشرقن سنڌ کي مصر سان
تشبيه ڏني آهي. جيئن نيل نديءَ مصر ملڪ کي ٺاهيو
آهي، تئين سنڌو نديءَ سنڌ کي. ڪئپٽن ايسٽوڪ انهي
ئي نسبت سان سنڌ تي پنهنجي ڪتاب جو نالو
The young Egypt
رکيو هو.
***
انساني تهذيب جي اوسر ۾ ٻه ڳالهيون تمام اهم آهن: هڪ ٻولي ۽ ٻيو
مذهب. هند ۽ سنڌ جي قديم اتهاس تي ڊي. ڊي. ڪوسمبي،
اٿارٽي جي حيثيت رکي ٿو. سندس چوڻ آهي ته ”سنڌو
ماٿريءَ جي قديم رهاڪن جي ايڪي ۽ اتحاد سان رهڻ جو
سبب ڪنهن بادشاهه يا حڪومت جو زور (Force) ڪونه هو. پر، مذهبي اثر هو.“
مون اها ڳالهه سندس ڪتاب ۾ ڏنل لفظن جي روشنيءَ ۾ پنهنجن مضمونن
’سنڌي ڪلچر - پس منظر ۽ پيش منظر‘ ۾ لکي آهي. هت،
اها ڳالهه ذهين نشين هئڻ گهرجي ته ڪوسمبي سڪيولر
ذهن وارو مڃيل ۽ ممتاز محقق ۽ دانشور هو.
دنيا جا اڪثر آڳاٽا معاشرا مذهبي هئا. آثار قديمه جي ماهرن،
تازو، آسٽريليا جي پهاڙن ۾ اڪريل تصويرن جو اڀياس
ڪرڻ کان پوءِ، اتان جو هڪ مذهب دريافت ڪيو آهي، جو
”ڊان“ اخبار ۾ ڇپيل خبر موجب، ”هن وقت، دنيا ۾ سڀ
کان آڳاٽو آهي ۽ لڳ ڀڳ ڇهه هزار ورهيه قديم آهي.“
سنڌ، مذهب وانگر، ٻوليءَ ۾ به چين، مصر ۽ عراق جيان ترقي ڪئي ۽
هزارين ورهيه اڳ، لکڻ جي ڪاريگري ايجاد ڪري ورتي.
لکڻ جو نمونو البت هرڪنهن جو پنهنجو هو. پر، ٻين
ٽنهي قومن هاڻي پنهنجين قديم تحريرن کي پڙهي ورتو
آهي ۽ ان زماني جي پنهنجيءَ رهڻيءَ ڪهڻيءَ جي طور
طريقي جي معلومات حاصل ڪري ورتي آهي. رڳو سنڌ
پوئتي رهجي وئي آهي، جنهن جي قديم ٻوليءَ کي پڙهڻ
لاءِ اڃا ته ڪابه رٿائتي ڪوشش ڪانه ٿي اهي. ائين،
پنهنجي ليکي، شوقيه نموني ۾، سو ڪن اشرافن وڏا وس
ڪيا آهن. پر، ڪم سولو ڪونهي. اهڙا ڏکيا ڪم، سرڪاري
ادارن جي مڪمل توجهه ۽ ماهرن جي ورهين جي محنت کان
پوءِ مس مس وڃي نتيجي خيز ثابت ٿيندا آهن. سنڌي
ٻوليءَ جي بااختيار اداري (Sindhi
Language Authority کي هن ڪم کي سڀ کان زياده اهميت ڏيڻ گهرجي.
***
دنيا ۾، ڪاغذ سڀ کان اول چين ايجاد ڪيو ۽ ان تي ڪتاب لکيا. قديم
چيني ڪتابن ۾ اخلاق جي تعليم ڏنل هوندي هئي. چين
جو دنيا ڀر مشهور ڏاهو ڪنفيوشس سڀ کان گهڻو زور
اخلاق تي ڏيندو هو. اسلام، عيسائيت، يهودين جي
مذهن، هندو ڌرم ۽ ٻڌ مذهب به اخلاق تي گهڻو زور
ڏنو. اخلاق، پرهيزگاري ۽ تقويٰ ڳالهه مڙئي سڀ ساڳي
آهي.
ڪتابن انسان جي زندگيءَ ۾ انقلاب آندا. سنڌ ڪاغذ ته ايجاد ڪونه
ڪيو، پر ان جي ٺهڻ کان پوءِ به ڪو اهم ڪتاب ڪونه
لکيو: ”ري پبلڪ“ افلاطون لکيو: ”المقدمه“ ابن
خلدون لکيو: ”القانون“ بو علي سينا لکيو: ”سياست
نامه“ نظام الملڪ طوسيءَ لکيو: ”سماجي معاهدو“
روسي لکيو: ”پرنس“ ميڪاوليءَ لکيو: ”ڪئپيٽل“ ڪارل
مارڪس لکيو: ”ڪشش ثقل“ جا قانون نيوٽن لکيا:
ساهوارن جي جسماني ارتقا تي سڀ کان اهم ڪتاب (Origin
of Species) چارلس ڊارون لکيو ۽ اسان جي زماني جو شاهڪار ’نطريه اضافت‘ (Theory of Relativity)
آلبرٽ آئنسٽائين لکيو.
سنڌ ۾، اسلام کان اڳ، ٻڌيمان نالي هڪ وزير هوندو هو. چون ٿا ته
هن پنهنجي راجا جي چوڻ تي، ’حاڪمن جي فرضن ۽ حڪومت
هلائڻ جي طريقن‘ تي ڪتاب لکيو هو. پر، اهو ڪاٿي
آهي، ان جي ڪابه خبر ڪانهي. ڳالهه صحيح آهي يا
غلط، ايتري به پڪ ڪانهي. سنڌي مسلم ادبي سوسائٽيءَ
جي ڇپايل ”سنڌ جي تاريخ“ ۾ سو ان جو ذڪر آهي.
اها به روايت آهي ته اسلام کان پوءِ دنيا ۾ قرآن ڪريم جو پهريون
پهريون ترجمو سنڌي عالم ڪيو. پر، اهو ڪاٿي آهي، ان جي به ڪا خبر ڪانهي. رڳو ’عجائب
الهند‘ جي مصنف، بزرگ بن شهريار جي ٻڌايل ڳالهه
موجود آهي، جنهن ۾ به حقيقت ڪل ايتري آهي، ته اهو
مترجم، تاڃي پيٽي، سنڌي ڪونه هو. عربي نسل جو هو.
سنڌ جي فتح کان پوءِ عربن جي نئين ٻڌل شهر، منصوري
۾ اچي، ائين ئي گهرڙو اڏي ويٺو هو، جيئن انگريزن
جي ڏينهن ۾ پنجابي آبادگار، سانگهڙ جي پاسي چڪ
ٻڌي، گهر ٺاهي وهندا هئا.
***
يونان، هڪ مهذب ملڪ جي حيثيت ۾، دنيا جي نقشي تي، سنڌ کان گهڻو
پوءِ ظاهر ٿيو. پر يوناني تهذيب وڏا ڏاها پيدا
ڪيا، جن مان فيثا غورث، سقراط، افلاطون ۽ ارسطو جا
نالا ته اڃا پيا ڳائجن.
اسلامي تهذيب به وڏا وڏا پيدا ڪيا، جن ۾ بوعلي سينا جي ته اڃا
دنيا تي ڌاڪ آهي. مغربي ملڪن ۾ کيس اويسينا ۽
مشرقي مسلمان ملڪن ۾ ابن سينا ڪوٺيندا آهن. کيس
انسانذات جي ’معلم ثاني‘ جو خطاب پڻ مليل آهي. پر،
’معلم اول‘ جو لقب اڄ به يوناني ڏاهي ارسطوءَ لاءِ
مخصوص آهي. سنڌ، نه معلم اول پيدا ڪيو، نه معلم
ثاني.
ارسطوءَ لاءِ ائين به مشهور آهي ته هن سڪندر اعظم پيدا ڪيو،
جنهن دنيا کي فتح ڪيو. هڪ ڀيري چيائين ته: ’منهنجي
پيءُ مون کي عرش تان فرش تي آندو. پر، منهنجي
استاد مون کي فرش کان عرش تي پهچايو.‘
سنڌ، ڪوبه سڪندر اعظم پيدا ڪونه ڪيو. نه اڳي نه پوءِ.
البت، ايران، سڪندر اعظم کان
اڳ، ڪوروش اعظم پيدا ڪيو. جنهن ايران ۾ هخامنشي
خاندان جي حڪومت قائم ڪئي. ابوالڪلام آزاد لکيو
آهي ته قرآن ڪريم، جنهن ’ذوالقرنين‘ جو ذڪر ڪيو
آهي، سو ڪوروش اعظم آهي. ڪن عالمن چيو آهي ته
حمورابي آهي ۽ ڪن جو رايو آهي ته سڪندر اعظم آهي.
ڪوروش اعظم توڙي سڪندر اعظم، ٻنهي سنڌ کي مطيع ڪيو ۽ مٿس پنهنجي
حڪومت قائم ڪيائون. سڪندر جي حڪومت ته سندس وفات کان پوءِ ستت ختم ٿي وئي.
پر، ايران جو لٺ باٺو چڱو عرصو سنڌ تي وسندو رهيو.
سو، سنڌ ڍل ڀري، پنهنجو سر بچاءُ ڪندي رهي.
ايران ۾، پرسي پولس جي کنڊرن ۾، پٿر جا ڪي منارا ۽ ڀتيون اڃا
بيٺيون آهن. اهو شهر ايران جي بادشاهن جو تختگاهه
هوندو هو. دارا کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ، سڪندراعظم
ساڙي ٻاري ڇڏيو هو. پر، هڪڙيءَ ڀت تي، انهن غلام
قومن جون پٿر تي اڪريل تصويرون اڃا قائم آهن، جيڪي
ايران جي بادشاهن کي ڍل ڀري ڏينديون هيون. مون
١٩٧٦ع ۾، نواب نور احمد لغاريءَ سان گڏ، ڏٺيون
هيون. هڪ منظر ۾، سنڌي ماڻهو، ڪپهه جون ڳٺڙيون مٿي
تي کڻي وڃي رهيا هئا. اهو منظر ڏسي، نواب نور احمد
لغاريءَ چيو ته: ”سائين، نسل در نسل غلام ڏسو ٿا؟“
نواب صاحب جي ڳلاهه ۾ ڪيترو سچ آهي، سو ته سنڌ جو تاريخ نويس ئي
ٻڌائي سگهندو. پر، مان ايتري شاهدي ڏيندس ته نواب
صاحب اهي اکر ڏاڍي ڏک مان چيا.
***
دنيا ۾ بارود به سڀ کان اول چين ايجاد ڪيو ۽ ٻه هزار ورهيه اڳ،
جنگ جي فن تي ڪتاب لکيا. انهن ۾ هڪ سن زو جو لکيل
آهي.
هاڻي بارود کان سواءِ جنگ جو تصور ئي ممڪن ڪونهي. پر، چين جي ڀر
پاسي،قديم زماني ۾، گوبيءَ جي رڻ پٽ ۾، هڪ خانه
بدوش شخص (Nomad)
ساماڻو، جنهن بنا بارود جي چين جي ڪرنيلن، جرنيلن
۽ فيلڊ مارشلن کي شڪست ڏيئي، مٿن پنهنجي حڪومت
قائم ڪئي. هنن وٽ بارود جا اوزار هئا. پر، وٽس رڳو
تير ڪمان، ترار ۽ نيزن جهڙا پراڻا هٿيار هئا.
البت، بهادر بي مثال هو.
سنڌ نه بارود ايجاد ڪيو، نه بندوق ٺاهي ۽ نه وري جنگ جي فن تي
ڪتاب لکيا. ٻيو ته ٺهيو، گوبيءَ جي رڻ پٽ جهڙو ڪو
بهادر شخص به پيدا ڪونه ڪيو. ڪتابن ۾ سو، اسلامي
خليفي عمر جي زماني کان اهي روايتون هلنديون اچن
ٿيون، ته ’سنڌ جا چور ڏاڍا بهادر آهن.‘
تاريخ جي جديد تشريح موجب، چنگيز خان، سڪندر ۽ اٽيلا توڙي ٻيا
اهڙا فاتح به، هڪ طرح، چور، چڪار، ڦورو ۽ لٽيرا
هئا. پر، ايڏا ته دلير هئا، جو پراون ملڪن ۽ قومن
کي سٽي ڪٽي، منجهن ڦرلٽ ڪيائون، بلڪ گهڻن تي
پنهنجي حڪومت به قائم ڪيائون.
سنڌ جي چورن ۽ ڦورن ڪڏهن به اهڙي همت ڪانه ڏيکاري. البت، رن زال
جي رڍ ٻڪري چورائڻ، غريب جي گهر کي کاٽ هڻڻ ۽ بيوس
واٽهڙو مسافر کي ڦرڻ ۾ سو ڏاڍو نالو ڪڍيائون. ٻه
ٽي سال ٿيا، جو رڍون، ٻڪريون ڇڏي، صوبي سرحد جي
’علاقه غير‘ جي نموني تي، اوڙي پاڙي جا اشراف
ماڻهو کڻڻ شروع ڪيائون. اڳي ڀنگ وٺي، ڍور موٽائي
ڏيندا هئا. هاڻي جو نئون واءُ لڳو، ته ماڻهن تي
ڀنگ وٺڻ شروع ڪيائون. ڪوشش ڪري، غير سنڌي ماڻهوءَ
جو نالو ڊپ ڊاءِ ڪري ڪونه ورتائون. سنڌين تي مارو
لاتائون. ’شيرو ٻلو شاهه جو، ڪڪڙ ماري گهر جا.‘
بلاشبه، اها ارمان جي ڳالهه آهي، پر، ان کان به وڌيڪ ارمان جي
ڳالهه اها آهي ته سنڌي مائرون ٻچڙا انهيءَ لاءِ
ڪونه ڄڻينديون آهن، ته جڏهن پالي وڏا ڪن، ته بک ۽
بي روزگاريءَ ڪري وڃي ڌاڙيل ٿين ۽ پوليس کين ائين
گوليون هڻي ماري، جيئن ڇتا ڪتا ماربا آهن. هڪ
دفعي، مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“
(مرحوم) مون کي ڏاڍي ڏک مان چيو ته، ”هي ڌاڙا ۽
ڌاڙيل، بک ۽ بي روزگاريءَ جي ڪري ئي ته آهن.“
انگريزن کان آزادي ملڻ کان پوءِ، به، ڪنهن حڪومت، سنڌ جي ڏکين،
بکين، مسڪين ۽ مفلوڪ الحال ماڻهن کي عزت ۽ آبروءَ
سان روزگار مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ موثر قدم ڪونه کنيو.
ٺلها واعدا ۽ سکڻيون ڳالهيون سو گهڻن ڪيون. پر،
ٻين پرڳڻن وارن پهريائين پنهنجي گهر ۽ پاڙي پنبي
جي سار سنڀال لڌي.
ڪنهن زماني ۾ قاضي فضل الله ون يونٽ گورنمنٽ جو وزير داخلا هو.
پرل ڪانٽيننٽل هوٽل لاهور ۾، منهنجي اڳيان، مخدوم
صاحب طالب الموليٰ (مرحوم) کي افسوس سان چيائين ته
”هڪ دفعي ڪينجهر ڍنڍ تي ڪئمپ ڪيم. چيائون ته
ماهيگيريءَ ۾ سکيا وٺڻ لاءِ ويهارو کن ڄڻا ڍنڍ تي
آيل آهن، سي وزير صاحب سان ملڻ گهرن ٿا.“ قاضي
صاحب چيو ته ”مون کين پاڻ وٽ سڏيو ۽ پڇيو ته ’ابا،
ڪٿان جا ويٺل آهيو؟‘ ويهن جو ويهن ئي چيو ته
’ڪئمبلپور جا آهيون.‘ اهو ٻڌي حيرت لڳم، پر ستت
خبر پيم ته ڪينجهر ڍنڍ تي تڏهن اي. ڊي. سي جو
ڪنٽرول هو، جنهن جو چيئرمن ڪئمبلپور جو رهاڪو هو.“
***
گوبيءَ جي رڻ پٽ جو رولاڪ شخص تيموجن، جيڪو پوءِ چنگيز خان جي
لقب سان مشهور ٿيو، سو پاڻ ته سنڌ ۾ پهچي ڪونه
سگهيو، پر سندس پونير پهچي ويا. مغلن جي شاهي
گهراڻي جو باني، بابر بادشاهه، توڙي ارغون گهراڻي
جو باني، شاهه بيگ، ٻئي ڄڻا سندس اولاد مان هئا.
بابر بادشاهه هند کي ۽ شاهه بيگ ارغون سنڌ کي سٽي
ڪٽي، پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. سنڌ جي ارغونن ۽ مغلن
مان جان ڇٽي، ته وري ايرانين ۽ افغانن مان ڦاٿي.
نادر شاهه ايرانيءَ ۽ مدد خان پٺاڻ ته قهر ڪيا ۽
ڏاڍا راڱا ڪيا.
اڪثر ڪري اهي رهزن قنڌار مان
سنڌ تي لشڪرچاڙهي ايندا هئا، سو عام چوڻي ٿي وئي
ته ”جڏهن تڏهن سنڌڙي، توکي قنڌاران جوکو“.
انهيءَ ئي زماني ۾ ٻيو به هڪ پهاڪو ٺهيو. تڏهن
ٽئنڪون ۽ بڪتر بند گاڏيون هيون ڪونه. سو، حملا
گهڻو ڪري گهوڙن تي چڙهي ڪندا هئا. گهوڙن کي ڏسڻ
سان ماڻهوءَ کي خوف وٺي ويندو هو ۽ وٺي دانهون
ڪندو هو، ته ”گهوڙا ڙي گهوڙا.“
|