پير سائين روضي ڌڻي، پنهنجي گفتگوءَ ۾، شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ عبدالرحيم گرهوڙيءَ کي سڪ سان
ياد ڪندا هئا، ۽ سندن بيت محبت سان پڙهندا هئا.
هڪڙي ڏينهن، مريدن مان ڪنهن شخص سندن حضور ۾، شاهه
ڀٽائيءَ ۽ گروهوڙي فقير بابت عرض ڪيو ته ”ڪهڙي طرح
هئا؟“ پير سائينءَ فرمايو ته ”شاهه صاحب کي عشق ۽
محبت ۽ طلب جو شوق بيحد گهڻو هو ۽ گرهوڙي بزرگ وري
حقيقت ۽ اسرار جا درياهه هئا.“
ملفوظات شريف ۾، شاهه ڀٽائيءَ ۽ گرهوڙي فقير جا ڪي
اهڙا بيت به آهن، جي غالبا ٻين گهڻن رسالن ۾ نه
آهن. مون ته گرهوڙي فقير جو هي بيت ملفوظات شريف ۾
ئي پڙهيو آهي:
”هردم حج پڙهن، ڪعبو پسن نه ڪاپڙي“
بيتن کان سواءِ، سنڌ جي اوليائن ۽ عارفن، قلندر
لعل شهباز، غوث بهاؤالحق، مخدوم نوح سرور ۽
لنواريءَ جي لعل خواجه محمد زمان جا ڪيئي دلپذير
نقل ۽ نصيحت آميز نڪتا پڻ ملفوظات شريف ۾ موجود
آهن، انڪري اهو اسان جي ديني، علمي ۽ ادبي ميراث
جو هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن جي ورق ورق ۾، سونهاري
سنڌ پنهنجي سموري جمال ۽ جلال سان جلوه گر آهي.
سڄي عظمت بلند ڪردار جي خوبي آهي. مسلمانن جي
اڳيان انهيءَ جو مثالي نمونو رسول الله ' آهي.
سندن سنت جي پائبندي جيتري پير سائينءَ وٽ آهي، ان
جو ٻيو مثال ڪٿي سجهي ئي ڪونه ٿو. ملفوظات شريف ۾
ان جا مثال ڪثرت سان موجود آهن. منجهانئن ڪي هي
آهي:
پير سائين سردار ارشاد فرمايو ته اسان جو خوشين ۾
وڏي ۽ بهترين خوشي رسول الله ' جن جي ڄمڻ جو عرس
مبارڪ آهي. سندن سهڻي عادت هئي، جو جڏهن حضور ' جن
جي عرس جي خوشي ڪندا هئا، تڏهن فقيرن جي جماعت کي
حويلي ۾ طعام کارائيندا هئا ۽ سندن هٿ پنهنجن هٿن
مبارڪن سان ڌئاريندا هئا. هر هڪ کي مرحبا ۽ خوش
آمديد چوندا هئا. قسمين قسمين طعام، شادين کان به
وڌيڪ سٺا، تيار ڪرائيندا هئا.
***
خليفو محمود نقل ٿو ڪري ته هيڪر آءٌ ميان سلطان
فقير نظاماڻيءَ سان گڏجي درگاه مبارڪ تي سندن خدمت
اقدس ۾ حاضر ٿيس. سندن حضور مبارڪ ۾ ان وقت ڪوبه
حاضر ڪونه هو. پاڻ فرمايائون ته ”هن کان اڳ اسان
جي دل ۾ خيال آيو ته فقيرن جي اچڻ ۾ الائي ڇو دير
ٿي آهي؟ پر حديث شريف ۾ نظر آيو ته هڪ ڀيري رسول
الله ' جن جي حضور ۾ هڪ به اصحابي موجود ڪونه هو.
پوءِ دل کي تسلي ٿي، ته هيءَ صورتحال به سندن سنت
سان متابعت هئي.“
***
سيد مرتضيٰ شاهه رهندڙ ڪڇ، ديده پانڊه جو، نقل ٿو
ڪري، ته هيڪر پاڻ فقيرن جي جماعت سميت، مسجد شريف
جي پترن لاءِ درياه جي ڀڪ تي ڪک وڍڻ هليا. آءٌ به
سندن خدمت ۾ حاضر هئس. واٽ تي پاڻ منهنجو هٿ،
پنهنجي هٿ ۾ جهلي فرمايائون، ته حضرت رسول الله '
جن اصحابن سڳورن سان هٿ هٿ ۾ ڏئي پنڌ ڪرڻ
فرمائيندا هئا. اڄ اسين سندن سنت جي متابعت ڪريون
ٿا. پوءِ منهنجو هٿ ڏئي اڌ ڪوهه کن پنڌ ڪندا هليا.
***
غازي خان ويٺل ڳوٺ ٺري روپاه جو ڳالهه ٿو ڪري ته
هيڪر سفر ۾ مان ۽ حاجي هڪ ٻئي جي ڳچيءَ ۾ ٻانهون
وجهي پئي وياسيون. پاڻ پٺيان گهوڙي تي پئي آيا.
مون کي فرمايائون ته غازي خان تون اچي اسان جي
گهوڙي تي چڙهه. پاڻ گهوڙي تان لهي پيا. مان گهوڙي
تي چڙهيس. پاڻ حاجي جعفر سان گڏ هڪ ٻئي جي ڪنڌ ۽
ڪلهن تي ٻانهون رکي اڳتي روانا ٿيا. فرمايائون ته
”اهڙيءَ طرح هلڻ به رسول الله ' جن جي سنت آهي.“
***
هيڪر پاڻ سياري جي موسم ۾ ڪنهن ديه ۾ لٿل هئا.
موليڏني فقير وضو سارڻ جي جاءِ باهه جي ڀرسان ٺاهي
ڇڏي، پر اتان قبلي ڏانهن منهن ڪري وضو ساري نه
سگهيا. سندن روش هئي ته سنت موجب قبلي ڏي منهن ڪري
وضو ساريندا هئا. سو، پاڻ فرمايائون ته ”سنت نه
ڇڏينداسون.“ پوءِ پاڻ ٿڌ ۾ ويهي، قبلي ڏانهن منهن
ڪري، وضو ساريائون.
***
هڪ دفعي حضرت جن لاڙ جي سفر ۾ ڪارياڻي ۾ تشريف
فرما ٿيا ۽ پاڻ وضو ڪرڻ جي خيال سان جهنگ ڏانهن،
جيڪو ڪجهه پرڀرو هو روانا ٿيا. موسم مينهن جي هئي.
جهنگ ۾ مينهن اچي ويو. پاڻ رحم فرمائي، ٻانهي کي
چادر جي هيٺيان پاڻ سان گڏ ڍڪي، جلدي جلدي اوطاق
تي آيا. اتي به مينهن کان بچڻ جي ڪا جاءِ ڪانه
هئي. سمورن فقيرن جا سڀ ڪپڙا گوڏ کان سواءِ، گڏ
ڪري، تن جي مٿان تل جيڪو خاص مينهن کان بچڻ واسطي
تيار ڪبو آهي، سو وجهي کٽ تي چڙهي ويٺا.
جڏهن مينهن بس ڪئي، تڏهن ٻانهي عرض ڪيو ته سائين
زمين سڄي گپ ٿي ويئي آهي. نماز ڪيئن ادا ٿيندي؟
فرمايائون ته حضرت رسول الله (') جن جي زماني ۾ هڪ
دفعو تمام گهڻو مينهن پيو ۽ سڄي زمين گپ ٿي ويئي.
حضرت ابوبڪر صديق رضه ڪوشش ڪئي، ته ڪٿان سڪي مٽي
ملي، ته آڻي سجدي واريءَ جاءِ تي رکان. پر، حضور
'جن فرمايو ته ”اڄ پنهنجي خدا کي گپ ۾ سجدو
ڪنداسون.“
پوءِ پاڻ فرمايائون ته ”اڄ حضور ' جي تابعداريءَ ۾
اسان به پنهنجي خداوند کي گپ ۾ سجدو ڪنداسون.“
ان کان پوءِ، سڄيءَ جماعت کي گپ ۾ نماز ادا
ڪرايائون. سجدي ڪرڻ وقت، منهن، وات ۽ ڏاڙهيءَ تي
گپ جا نشان هئا.
***
هيڪر پاڻ مير رستم پٽ مير سهراب ٽالپر وٽ تشريف
فرما هئا. قاضي محمد عاقل کهڙن وارو به محفل ۾
موجود هو. مير قاضيءَ کان پڇيو ته ”رسول الله ' جي
دستار مبارڪ جي بندش ڪهڙيءَ طرح هئي؟“
قاضيءَ چيو ته ”ائين نه، قبي وانگر.“
تڏهن پاڻ قاضيءَ کي چيائون ته، ”اي بزرگ! رسول
الله ' جن به نماز پڙهندا هئا. تون به پڙهين ٿو.
پوءِ تنهنجي نماز سندن نماز جهڙي آهي؟“
اتي قاضي لڄي ٿيو ۽ چيائين ته ”سائين، نه.“
***
هڪ ڏينهن حضرت جن ارشاد فرمايو ته صحيح بخاري شريف
جي مصنف ٻڌو ته فلاڻي ماڻهوءَ وٽ رسول الله ' جن
جي هڪ حديث آهي. پوءِ پنهنجي شهر مان روانو ٿي،
اچي ان شهر ۾ پهتو ۽ پڇا ڪيائين ته اهو شخص بزرگ
ڪٿي آهي؟ کيس ٻڌايائون ته ان جو گهوڙو ڇڏائي ويو
آهي، سو ان کي وٺڻ ويو آهي.
بخاري شريف جو مصنف ان شخص جي پويان ويو. ڏٺائين
ته خالي توٻري سان ڌوڪو ڏيئي گهوڙي کي پيو وٺي. ان
وقت ئي واپس پنهنجي شهر ڏانهن موٽيو ۽ ماڻهن کي
چيائين ته ”جيڪو خالي توٻري سان گهوڙي کي ڌوڪو
ڏيئي وٺي ٿو، ان جي حديث پنهجي ڪتاب ۾ داخل نه
ڪندس.“
***
سيد موليڏنو شاهه رهندڙ ٽنڊي مير باگي جو نقل ٿو
ڪري ته هيڪر پاڻ کهڙن جي ڳوٺ ۾ قاضي محمد عاقل جي
مسجد منجهه، ورود فرمايو هئائون. جڏهن نماز پڙهي
فارغ ٿيا ته ڳاليهن ڪندي، قاضيءَ ٻانگ ڏيڻ جي
ڀلائيءَ جي گفتگو ڪئي ۽ ان ۾ مبالغو ڪيائين.
پاڻ فرمايائون ته ”قاضي صاحب اهو اجر ۽ ڀلائي
انهيءَ شخص لاءِ آهي، جيڪو خالص الله جي عبادت
لاءِ ٻانگ ڏئي. پر، جيڪو مانيءَ جي مزوريءَ تي
ٻانگون ڏئي، ته اهو نه رڳو اجر کان محروم ٿيندو،
پر عذاب جو به حقدار ٿيندو.“
***
پاڻ فرمايائون ته نبي ڪريم ' جن جي روش مبارڪ
هوندي هئي، ته ڪهڙو به عمدو طعام ميسر ٿيندو هو،
ته الله سائينءَ کان ان کان بهتر نعمت لاءِ سوال
ڪندا هئا. پر، جيڪڏهن کير ملندو هو، ته ان کان
بهتر ڪنهن به شيءِ جي طلب ڪونه ڪندا هئا.
***
پاڻ فرمايائون ته نبي ڪريم ' جن جي روشن هوندي هئي
ته صبح جو ضروريات،عبادت ۽ نماز کان فارغ ٿي، گهر
۾ پڇندا هئا ته ”کاڌي لاءِ ڪا شيءِ آهي؟“ جيڪي به
موجود هوندو هو، سو
بسم الله ڪري کائي ڇڏيندا هئا. پر جي ڪجهه به ڪونه
هوندو هو، ته چوندا هئا ته ”مان روزي سان آهيان.“
(روزي جي نيت ڪري ڇڏيندا هئا).
***
خليفي ميان لقمان رحه نقل ڪيو ۽ خليفي ميان محمود
کي به سندس بيان ڪرڻ کان پوءِ يادگيري آئي ته هيڪر
رمضان شريف جي مهيني ۾ فاقي جو تمام گهڻو زور هو.
اڪثر ڪري کاڌو ڪونه ملندو هو ۽ ٻه ٽي ڏينهن بک ۾
گذري ويندا هئا. عيد جو ڏينهن به فاقي ۾ گذريو.
حضرت پير سائينءَ جن جو وجود لاغر ٿي پيو. جڏهن
عيد نماز ادا ڪري آياسون ۽ پاڻ مسجد شريف ۾ کٻڙ جي
هيٺيان اچي ويٺا، تڏهن خليفو لقمان ٿو چوي ته مون
سندن خدمت ۾ عرض ڪيو ته سائين مون ڪنهن ڪتاب ۾ ڏٺو
آهي، ته خواجه محمد معصوم قدس سره جي وقتي کاڌي تي
چاليهه رپيا خرچ ٿيندا هئا ۽ خواجه صاحب جن
فرمائيندا هئا ته هن لطيف طعام کائڻ سان ڏاڍي
روحاني ترقي حاصل ٿئي ٿي.
پاڻ فرمايائون ته توهان لطيف طعام ڇا کي چوندا
آهيو؟ جي لطيف طعام ٻوڙ، پلاءَ ۽ حلوي کي چئجي، ته
ائين ته مير سهراب ٽالپر کي ڏاڍي روحاني ترقي ٿئي!
***
پير سائين روضيءَ ڌڻيءَ جن کي سندن والد بزرگوار
ميان صاحب قدس سره علم پرائڻ لاءِ پهريائين
شڪارپور ۾ مشهور بزرگ فقير الله علوي رحه جي مدرسي
۾ داخل ڪرايو هو. پير سائينءَ فرمايو ته، ”اتي
اسان کي ٻه وقتي مانيءَ ۽ ٻوڙ وڏيءَ تعظيم تڪريم
سان ملندو هو. هيڪر ميان صاحب قدس سره اتي آيا.
انهيءَ ڳالهه جي خبر پين، تڏهن فرمايائون ته ابا،
جنهن مدرسي ۾ ٻه وقتي ماني ٻوڙ سان ملندي، اتي علم
حاصل ڪرڻ مشڪل آهي.“
پوءِ پاڻ اسان کي اتان ڪڍي ٻئي هنڌ آڻي
وهاريائون.“
***
خليفي محمود لکيو آهي ته هيڪر پاڻ ڏهاڪي ۾ ويٺا
هئا ۽ مان وقت بوقت سندن خدمت ۾ پيو ايندو ويندو
هوس. هڪ دفعي سانجهيءَ جي نماز کان پوءِ سندن طعام
آندائون. پاڻ فرمايائون ته ”ويهه ۽ اسان سان گڏجي
ماني کاءُ“. سندن فرمودي موجب ساڻن گڏجي ماني کاڌم
جوئر جا ڪوهر هئا، ٻه مانيون سنهيون جوئر جون ۽
دال جو ٻوڙ هو. ٿوري لسي به هئي. پاڻ پهريائين
ڪوهر کاڌائون ۽ پوءِ ماني.
***
هيڪر پاڻ لاڙ جي سفر ۾ تلهار کان سوار ٿيا ۽ ڪنهن
فقير جي دعوت تي اسريا. مڪئي جوئر جا ڦلا خريد
ڪرايا هئائون، سي ميان غازي خان ٽالپر کي جماعت ۾
ورهائڻ لاءِ ڏنائون. پاڻ پنهنجو حصو پاند ۾ وٺي،
کائيندا هليا ۽ فرمايائون ته ”هيءَ به سنت آهي.“
***
خليفو ميان لقمان نقل ٿو ڪري ته هڪڙي ڏينهن درگاهه
شريف تي، مسجد شريف ۾، سندن حضور مبارڪ ۾ حاضر
هئاسون ته پاڻ پيئڻ ڪاڻ پاڻي گهريائون.
هڪڙي فقير مسجد جي دريءَ مان منهنجو کئونرو کڻي
اچي حاضر ڪيو. پاڻ پڇيائونس ته ”هي کئونرو اوهان
جو آهي؟“
فقير عرض ڪيو ته ”نه، سائين.“
پاڻ ان تي جوش ۾ اچي ويا ۽ فرمايائون ته ”پرائو
کئونرو بنا موڪلائڻ جي اسان کي کڻي ٿو ڏئين؟
تڏهن مون عرض ڪيو ته ”قبلا اهو کئونرو منهنجو آهي.
سائينءَ جن پاڻي پين.“
پوءِ پاڻ انهيءَ مان پاڻي پيتائون ۽ مون اهو
کئونرو تبرڪ طور پاڻ وٽ رکي ڇڏيو.
***
هيڪر پاڻ حاجي ايوب قدس سره (جو پنجين واسطي سان
سندن مرشدن مان آهي) جو نقل بيان فرمايائون ته
سندس وڏي نينگر کانئن سوال ڪيو ته، ”فقه جي ڪتابن
۾ آهي، ته ٽن ڏينهن جي فاقي کان پوءِ حرام کائڻ
درست ٿي پوي ٿو.“ حاجي صاحب پٽ کي جواب ڏنو ته
”درست نه آهي.“ نينگر وري وري چيو ته ”علماءَ ظاهر
جا ته سڀ فتويٰ ڏين ٿا ته درست آهي.“
تڏهن بزرگ ڪاوڙجي چيس ته، ”پٽ، ڀانئجي ٿو ته
تنهنجي حرام سان ڏاڍي ڪا دل آهي. الله مون کي شال
تنهنجي گهر جو پاڻي به نه پياري.“
پوءِ ٿيو به ائين. انهيءَ بزرگ ڪڏهن به پٽ جي گهر
جو پاڻي نه پيتو.
***
سندن روش هوندي هئي ته حيدرآباد جي حاڪمن جي دعوت
تي تشريف فرما ٿيندا هئا ته سندن ماني ڪونه
کائيندا هئا. ڪن شاهوڪار ماڻهن جي جاءِ تي به سندن
کاڌو ڪونه کائيندا هئا.
***
شاهه شجاع سنڌ تي ڪاهه ڪري آيو. سنڌ جي حاڪمن، پير
سائينءَ کي منٿ ۽ ايلاز ڪري، شاهه شجاع ڏي ميڙ ڪري
موڪليو ته سنڌ تي ڪاهه نه ڪري ۽ لشڪر موٽائي وڃي.
پاڻ جڏهن شاهه شجاع جي لشڪر ۾ تشريف فرما ٿيا،
تڏهن فقيرن کي حڪم ڏنائون ته، ”لشڪر جي بازار مان
ڪوبه ڪابه شيءِ خريد ڪري نه کائي.“ پوءِ جيترا
ڏينهن به اتي ترسيل هئا، تيسائين اناج يا کاڌي
پيتي جي ٻي ڪابه شيءِ استعمال نه فرمايائون. جيڪي
ڪجهه درگاه مبارڪ تان پاڻ سان آندو هئائون، ان مان
گذران ڪيائون.
پير سائين روضي ڌڻيءَ جا والد بزرگوار، حضرت ميان
صاحب قدس سره، پريان لوءِ جي بزرگن حضرت مخدوم
محمد اسماعيل قدس سره جا عقيدتمند هئا. پير سائين
روضي ڌڻيءَ جن فرمايو ته:
هڪ ڏينهن مخدوم صاحب مسجد شريف ۾ ويٺا هئا ته هڪ
هندو اڦراٽا پچائي، گرم گرم، ڌوتيءَ جي پلو ۾ ٻڌي،
مسجد جي دروازي تي اچي سڏ ڪيو ته ”مخدوم صاحب! هي
ٻه ٽي مانيون خدا ڪارڻ آنديون اٿم، سي ته وٺو.“
حضرت مخدوم صاحب جن هڪ فقير کي چيو ته ’هندوءَ کان
مانيون وٺي اچ.‘ فقير مخدوم صاحب جي حڪم سان هندو
کان مانيون وٺي، مخدوم صاحب جي اڳيان رکي عرض ڪيو
ته ”سائين، هي مانيون هندو گهه ۾ پچائي، پليت
ڌوتيءَ ۾ ٻڌي کڻي آيو آهي. انهن جي کائڻ بابت ڪهڙو
حڪم آهي؟“
مخدوم صاحب جواب ۾ فرمايو ته ”الله جي نالي ڏانهن
ڏسون، يا هندوءَ ڏي؟“
***
جامع ملفوظات لکيو آهي ته هڪ دفعي درگاه مبارڪ تي،
حضور ۾ حاضر هئس، انهن ڏينهن ۾، مظفر خان ملتان جو
حاڪم حرمين شريفين کان ٻيڙيءَ رستي موٽي رهيو هو ۽
سرڪاري ماڻهن درگاه مبارڪ جي هندن تي رسد جي سامان
جي تياريءَ جو حڪم ڪيو. هندو گڏجي پير سائين سردار
وٽ دانهين ٿي آيا. سائينءَ جن کين صلاح ڏني ته
”توهان هڪ هڪ ٿي لڪي هليا وڃو.“
هنن ائين ئي ڪيو. سرڪاري ماڻهن سائين جن وٽ اچي
عرض ڪيو ته، ”سرڪاري ڪم ضروري آهي. شهر جا هندو
حاضر نه آهن. ان جو تدارڪ ٿئي.“
پاڻ فرمايائون ته، ”وڏي صاحبزادي کي وڃي چئو.
جيڪڏهن تدارڪ ٿيو ته ان کان ٿيندو.“
سرڪاري ماڻهن عرض ڪيو ته ”صاحبزادو ڪنهن طرف سوار
ٿي ويو آهي.“
پاڻ فرمايائون ته، ”اسان فقير ماڻهو آهيون. اسان
کي هنن ڪمن سان ڪهڙي مناسبت؟ جيڪڏهن شهر جا ماڻهو
نه آهن، ته پوءِ ٻيءَ جاءِ تي وڃي تدارڪ ڪريو.“
جڏهن سرڪاري ماڻهو هليا ويا، تڏهن خليفي ميان
سلطان عرض ڪيو ته ”سائين، قيامت جي ڏينهن اسان
ضعيفن تي به ائين رحم فرمائجو، جيئن اڄ هندن کي،
دنيا جي قرض ۽ حاڪمن جي بيگر ۽ ڇيڙ کان آزاد ڪرايو
اٿو.“
سائين جن اهو ٻڌي مرڪيا.
***
اميد علي ٽالپر نقل ڪري ٿو ته هڪ ڀيري درگاه مبارڪ
جي لڳ، مير سهراب جي شڪارگاهه مان پير سائين تجر
ڌڻي ٻه ڦاڙها شڪار ڪري آيا. ٻئي ڏينهن مير سهراب
کي شڪار گاه جي نگران، شڪايت ڪئي ته پير صاحب جن
جو وڏو صاحبزادو ٻه ڦاڙها ماري ويو آهي. مير صاحب
ڪاوڙجي پير سائينءَ جن ڏانهن پيغام موڪليو ته
”قبلا پاڙي جو شرم ٿو ٿئي، ورنه شڪار جي سزا ڏيان
ها.“
مير صاحب جو پيغام ٻڌي، پاڻ انتهائي بي نيازيءَ
سان فرمايائون ته ”مير کي چئبو ته اسان تنهنجي
پاڙي ۾ نه، پر تون اسان جي پاڙي ۾ ويٺو آهين. توکي
موڪل آهي، جيڪي ڪري سگهين، سو ڀلي ڪر.“
مير سهراب صاحب اهو پيغام ٻڌي ڊنو ۽ معافي
ورتائين.
***
خليفو ميان لقمان نقل ڪري ٿو ته هڪ دفعي درگاه
مبارڪ تي حاضر هئس. هڪ هندو حضور ۾ حاضر ٿيو ۽
فرياد ڪيائين ته ”سائين، پنج ڇهه ڏينهن ٿيندا، جو
ملا واحد ڏنو، مون کان هڪ رپئي جو ان وٺي ويو هو ۽
ڪوڙو رپيو ڏئي ويو. هاڻي مٽائي نٿو ڏئي.“
فقير چيو ته ”سائين، هي هندو ڪوڙو آهي. مون هن کي
صرافن کي ڏيکاري هڪ رپيو ڏنو آهي. هاڻي خواه مخواه
گوڙ ڪيو اٿس.“
هندوءَ عاجزيءَ ۽ نياز سان چيو ته ”سائين مان ڪوڙ
ڪونه ٿو چوان.“
سائينجن غصي ۾ فرمايو ته ”توکي الله سائين ڪوڙ کان
پناه ۾ رکي. تون سچ ٿو چوين.“ واحد ڏني فقير کي
ڪاوڙجي چيائون ته ”توهان جي عجيب سمجهه آهي، جو هڪ
رپئي لاءِ کڻي معاملو اٿاريو اٿو. جلدي وڃ ۽ هن کي
هڪ رپيو ڏي.“
هندوءَ کي گهڻي دلداري ڏنائون.
***
سندن فقير رمضان شريف جي ڏهاڪي ۾ وهندا هئا. جڏهن
عيد جو چنڊ ڏيکاربو هو، تڏهن ڪي فقير ڏينهن واري
ڏهاڪي مان نڪري، رات واري ڏهاڪي ۾ وڃي وهندا هئا.
پوءِ پاڻ انهن فقيرن مان هرهڪ کان سندس جاءِ تي
وڃي دعا گهرندا هئا ۽ حديث شريف مان نقل بيان
فرمائيندا هئا ته ”حضور ' جن پڻ حضرت بلال ۽ هڪ
پوڙهيءَ عورت کان دعا گهري آهي.“
***
خليفي محمود فقير لکيو آهي ته هيڪر سندن حضور ۾
حاضر هئس. هندو سونارن جي قوم مان، مولي نالي هڪ
مجذوب شخص به مون سان گڏ هو. الله تعاليٰ کيس
پنهنجي جذب محبت سان ڪاملن منجهان ڪيو هو. پاڻ
انهيءَ مجذوب شخص کي ڀاڪر پائي، کانئس دعا طلب
ٿيا. پر، هو مجذوب منهن ڦيرائي، هر ڀيري، ٻئي پاسي
پيو ڪري. جي سائين جن سڄي پاسي کان منهن پئي ڪيو،
ته هن شخص کٻي طرف ٿي ڏٺو، ۽ جي کٻي پاسي کان ٿي
ڪيائون، ته سڄي پاسي ٿي نهاريائين. سو ڪنڌ کان
جهلي چيومانس ته ”احمق، پير سائينءَ جن پاڻ توکان
دعا ٿا گهرن، تون وري ٻئي طرف ٿو نهارين.“
تڏهن چيائين ته ”ڀلا موچارو هوندين.“
***
صاحبزادو ميان هدايت الله شاهه رحمت الله عليه نقل
ٿو ڪري ته هيڪر پاڻ امين فقير جي جنازي سان، جو،
سندن مريدن مان هو، گڏجي شيخ طيب جي مقبري ڏانهن
اسريا. واٽ تي اتفاقا هڪ هندو نظر آين. پاڻ گهوڙي
تان لهي پيا ۽ هڪ وڻ جي پاڇي ۾، سڀني ماڻهن کان
گوشو ڪري، ان سان صحبت فرمايائون.
صاحبزادو ٿو فرمائي ته هي فقير سندن ڀرسان ويٺو
هو. پاڻ مون سان ڳالهه ڪيائون ته ”بابا هي هندو
حضرت ميان صاحب قدس سره جي صحبتين مان آهي ۽ اهڙو
اديب آهي، جو جنهن رستي سان حضرت ميان صاحب قدس
سره جن هڪڙو ڀيرو به کڻي لنگهيا آهن، ته هي اتان
نه ايندو آهي. پر جي اتان لنگهندو، ته به رستي جو
پاسو وٺي ويندو، نه وچ. هن ڪري ته متان سندن پير
مبارڪ جو نشان اورانگهجي پوي.“
***
قرآن ڪريم ۾ ارشاد آهي ته رسول الله ' جن جي اٿڻي
وهڻيءَ ۾ مومنن لاءِ اعليٰ اخلاق جو مثال موجود
آهي. روايت آهي ته پاڻ سڳورن پنهنجو وقت ٽن حصن ۾
ورهايو هو. هڪ حصو خدا جي عبادت لاءِ، ٻيو حصو خلق
خدا جي لاءِ ۽ ٽيون حصو آرام ۽ گهر وارن لاءِ
هوندو هو. اها پڻ روايت آهي ته پاڻ سڳورن جي پهرين
پهرين شادي بيبي خديجه سان ٿي. بيبي صاحبه جيسين
حيات هئي، تيسين نبي ڪريم ' جن ٻي شادي ڪانه ڪئي.
پير سائين، روضي ڌڻيءَ فرمايو ته حضرت بيبي صاحبه
شاديءَ واري رات، حضور ' جن جي قرب، محبت ۽ خوشيءَ
۾ پنهنجو سڄو مال ۽ ملڪيت حضور ' جن جي مٿان گهوري
قربان ڪري ڇڏيو.
جڏهن پاڻ سڳورا بيبي صاحبه جي حويليءَ ۾ آيا، تڏهن
کين ان گهر ۾ رهڻ دل تي بار ٿي پيو، ۽ بيبي صاحبه
کي فرمايائون ته ”هت رهڻ مون کي ڏکيو لڳي ٿو.“
بيبي صاحبه عرض ڪيو ته ”سائين، هي گهر توهان جي
قدمن مبارڪن تان قربان آهي. جيڪا توهان جي مرضي.
آءٌ ان تي راضي آهيان.“
پوءِ حضور ' جن پنهنجي اصلي گهر، حضرت عبدالله جي
۾ اچي، بغير بستري جي زمين تي سمهي پيا.
بيبي صاحبه جن فرمايو ته مون کي ان ڏينهن جيڪا
خوشي ٿي، سا وري عمر ڀر ڪانه ٿي.
پير سائين، روضي ڌڻيءَ جن پڻ سنت جي متابعت موجب،
پنهنجن حرمن سڳورن جو خيال رکندا هئا. يعقوب فقير،
خليفي ميان غازي خان ٽالپر کان نقل ٿو ڪري ته:
هڪ دفعي حضرت جن ڪوهستان جي سفر تي چڙهيا ۽ ان سفر
۾ حرم پاڪ به ساڻن گڏ هئا. هڪ جاءِ تي جهنگ مان
پاڻ ٻارڻ جي ڪاٺين جي ڀري ڪري آيا. پر ڪنهن به
فقير کي ان لاءِ فرمان نه ڪيائون.
***
گهر جي ڀاتين سان محبت ۽ انسانن سان همدرديءَ جو
سلوڪ ته عام خاص انسانن جو شيوو آهي. پير سائين
روضي ڌڻيءَ جن ته جانورن ۽ پکي پکڻ جو به خيال
ڪندا هئا. محمد ذاڪر، رهندڙ ٽنڊي قيصر نظاماڻيءَ
جو نقل ٿو ڪري ته:
هيڪر پاڻ رمضان شريف جي پوئين ڏهاڪي ۾، اعتڪاف ۾
ويٺا هئا ۽ سائين جن جي لنگهه تي خليفو ميان محمد
حسن شاهه ڏهاڪي ۾ ويٺل هو. هڪڙو وڏو ڊگهو ڪانو
ڪبوترن جي تڙڻ لاءِ، جن جو اتي آکيرو هو، پاڻ وٽ
رکي ڇڏيو هئائين.
خليفي کان پڇيائون ته ”هي ڪانو ڇالاءِ رکيو اٿئي؟
خليفي چيو ته ”ڪبوترن جي تڙڻ لاءِ“.
پاڻ جوش سان فرمايائون ته ”هي ڪبوتر توکان اڳ ويٺا
هئا، يا تون اڳ اچي ويٺو هئين؟ هوش ڪر! ائين نه
ڪر.“
اهو ٻڌي خليفي صاحب ڪانو ڀڃي ڇڏيو.
***
هڪ دفعي پاڻ فرمايائون ته محمد عالم نالي بزرگ هو،
جنهن کان مير بهرام خان سوال ڪيو ته، ”ڀنگيءَ جي
ڪٺل شيءِ جائز آهي يا نه؟”
بزرگ فرمايو ته ”وڏي ڀنگيءَ بابت پڇو ٿا يا ننڍي
بابت؟“ مير صاحب عرض ڪيو ته، ”ننڍا ۽ وڏا الائي
ڪهڙا آهن.؟“
بزرگ فرمايو ته، ”وڏا اوهان آهيو، جو يتيمن جو
مال، ظلم ۽ زبردستيءَ سان کائي ويندا آهيو، جيڪو
حرام آهي. ننڍا اهي آهن، جيڪي ڍونڍ کائيندا آهن،
جيڪو بيڪار پيو هوندو آهي.“
***
هڪ دفعي پاڻ مير ڄام جي ٽنڊي ۾، سندس بنگلي تي لٿل
هئا، جيڪو هڪ ٿلهي تي ٺهيل هو. پاڻ وضو اڪيلائپ ۾
ڪندا هئا تنهنڪري آءٌ تمام پري بيٺو هئس. پاڻ مون
کي اشارو ڪري سڏيائون ۽ فرمايائون ته ”رات عبادت ۾
نقصان ۽ ڏاڍي سستي ٿي آهي، جو شايد هيءَ جاءِ دنيا
وارن جي آهي.“
***
خليفي محمود فقير لکيو آهي ته هڪ ڀيري، حضرت جن جي
مريدن، ڪپڙو، سون ۽ چانديءَ جا زيور نذراني طور
ڏنا. مون اهو نذرانو سائينجن جي حضور ۾ پيش ڪيو.
پاڻ ٻانهي کي فرمايائون ته ”تون ڏسي وائسي ائين ٿو
ڪرين. پنهنجي گهر مان ڪچرو ٻهاري، اسان جي گهر ۾
اڇلائين ٿو. ائين ڪرڻ نه گهرجي.“
ٻانهي عرض ڪيو ته ”مون پنهنجي گهران هي شيون نه
آنديون آهن. درگاهه مبارڪ جي مريدن نذراني طور
ڏنيون آهن. مون کي جو ڪجهه ملندو آهي، سو خيرات
ڪري ڇڏيندو آهيان.“
پاڻ فرمايائون ته ”جيڪو به مال هجي اسان جو، يا
تنهنجو سو، سڀ غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو ڪر.“
ان کان پوءِ، مون ڪڏهن به نذرانو پاڻ سان نه کنيو،
جيڪو ملندو هو، سو اتي ئي خيرات ڪري ڇڏيندو هوس.“
***
ملفوظات شريف ۾ نقل آهي ته هڪ ڏينهن حرم خاني ۾
حضرت جن جي گهر وارين مان ڪنهن گهر واريءَ پراڻن
ڪپڙن جي شڪايت ڪئي ۽ نوان ڪپڙا گهريا.
پاڻ جوش ۾ اچي فرمايائون ته ”جيڪڏهن خدا تعاليٰ جي
مدد کان اڳ ۾ گهرين ٿي، جيڪو مخلوقات کي ڏيندڙ
آهي، ته چرخو پاڻ وٽ رک ۽ ان تي سٽ ڪتي، ڪپڙا تيار
ڪر.“
***
ملفوظات شريف ۾ ائين به آهي ته هڪ ڀيري حضرت جن
لاڙ جي سفر تي اسريا، ته کين پراڻي گوڏ ٻڌل هئي.
اتان ڪڇ جي طرف روانا ٿيا. گوڏ ايتري قدر ته پراڻي
ٿي ويئي، جو هڪ مسڪين ماڻهو به اهڙي گوڏ نه ٻڌي.
هر روز ڦاٽندي ٿي ويئي. فقير ان کي سبندا هئا.
سائينجن ڪڏهن به مڏيءَ وارن کي نه چيو ته نئين گوڏ
سبايو. جڏهن ڪڇ جي سفر کان موٽي، سيد مٺي ۽ آخوند
محب جي دعوت تي تشريف فرما ٿيا، تڏهن پيرزادي سيد
ميان احمد شاهه جيڪو غوث الاعظم جي اولاد مان هو ۽
سائينجن جو مريد هو، سڀ ڍڪڻ جا ڪپڙا آڻي نذرانو
ڪيا. پوءِ سائينجن ان جي چوڻ تي اهي ڪپڙا ڍڪيا.“
***
ملفوظات شريف ۾ محمود فقير نظاماڻي لکيو آهي ته هڪ
ڏينهن پاڻ ڀتر گاهه لڻڻ لاءِ (جنهن جي مسجد ۾
ضرورت هئي) درياءَ جي ڪناري تي ويا. ٻيا فقير به
خدمت ۾ حاضر هئا. ڏاٽو هن فقير جي هٿ ۾ هو. جڏهن
گاهه لڻيم، تڏهن فرمايائون ته توهان لڻيو آهي،
هاڻي ڏاٽو مون کي ڏيو ته توهان جي ڀريءَ جيترو لڻي
وٺان. مون ڏاٽو حضرت جن کي پيش ڪيو. پاڻ ٻه ڀريون
لڻي ورتائون. ايتري ۾ درويش محمد وارث مجذوب آيو ۽
چيائين ته سائين، ڀتر گاهه جي ڀري، مون لاءِ به
لڻي وٺ.“ ان کي به ڀري لڻي ڏنائون.
ان کان پوءِ، سائينجن فقيرن سان گڏجي، ڀتر گاهه
جون ڀريون کڻي روانا ٿيا. جڏهن مسافرن جي مقبري
کان، جيڪو درگاهه مبارڪ کي ويجهو آهي، گذر
فرمايائون، تڏهن مجذوب محمد وارث پنهنجي ڀري کڻي
سائينجن جي ڀريءَ مٿان رکي ۽ وڏي آواز سان چيائين
ته ”اسان سڀني جو بار سائينجن تي آهي.“
سائينجن پاڻ ٻئي ڀريون کڻي اچي مسجد شريف ۾ پهتا. |