پنج آڱريون برابر ڪونه آهن. ڪنهن به طبقي جا سڀ ماڻهو نڪي ته
ڀلا آهن، نڪي برا آهن. سنڌ جي خانصاحبن ۽
خانبهادرن واري طبقي م به ڪي ماڻهو سون وانگر سچا
هئا. مثال طور، آنربل غلام محمد ڀرڳڙي يا ڊڀري
وارو خانبهادر الله آندو شاهه، سنڌ ۾ قوميت جي
تحريڪ اڀارڻ ۾ آنربل ڀرڳڙيءَ جو وڏو هٿ آهي.
ساڳيءَ ريت، سنڌ ۾، جڏهن ڪابه درسگاهه مسلمان ٻارن
کي تعليم ڏيڻ لاءِ تيار ڪانه هئي. تڏهن آنربل الله
آندي شاهه نوشهرو مدرسو قائم ڪيو. سنڌ جا ڪيئي
مشاهير انهيءَ درسگاهه مان مستفيد ٿيا، جن ۾ علامه
آءِ. آءِ. قاضي، ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ ڊاڪٽر بلوچ
جهڙا اڪابر شامل آهن. پاڪستان جي اڳواڻن ۾ رئيس
غلام مصطفيٰ خان جتوئي به نوشهري فيروز جو شاگرد
آهي. هاڻوڪي دور جي اديبن ۾ حميد سنڌيءَ جو نالو
نمايان آهي.
پر، اجتماعي طرح جڏهن به ڪنهن خاص طبقي جو ذڪر ايندو، تڏهن سنڌ
جو تاريخنويس، بک، بيماريءَ ۽ جهالت واري موجوده
ماحول جي ذميواري، جاگيردار طبقي (Feudal
Class) تي ئي وجهندو. سنڌ ۾ ستر فيصد ماڻهو ڳوٺن ۾ رهن ٿا، جتي
آمدنيءَ جو مکيه ذريعو زمين آهي ۽ انهيءَ تي
جاگيردار طبقي جا مٺ جيترا ماڻهو پشت بپشت قابض
آهن. عام خلق هاري ناري آهي يا وري ڪمي ڪاسبي.
انگريزن کان آزادي ملڻ کان
پوءِ به انهن جي حالت ساڳي اڳين آهي، يعني ”مڙئي
دم گذر“. تعليم کان محروم! طبي سهوليتن کان محروم!
ووٽ تي ”اختيار“ يا وڏيري جو يا پير جو. ڀلا،
جيڪڏهن ڪنهن هاريءَ جا ٻارڙا پڙهي به پون، ته به
نوڪرين لاءِ محتاج وري به وڏيرن جا، ويچارا وتن
رئيسن جي درن تي ڌڪا کائيندا.
سنڌ ۾، جاگيردار طبقي جي جبرل کي ٽوڙڻ لاءِ مرحوم حيدر بخش
جتوئيءَ وڏو جهاد ڪيو. ”هاري حقدار“ تحريڪ
هلايائين ۽ هفتيوار اخبار ڪڍيائين. مرحوم ڏيپلائي
صاحب نام نهاد پيرن جا وکا پڌرا ڪرڻ لاءِ سندن
داستان لکيا ۽ ”عبرت“ اخبار ڪڍي. رسول بخش پليجي
”عوامي تحريڪ“ هلائي. جويي صاحب ادبي تحريڪ اڀاري
۽ دانشور طبقي ۾ ذهني سجاڳي آندي. بلاشبه، اهي سڀ
قابل قدر ڪوششون هيون ۽ سنڌ جي سوچ کي نئون موڙ
ڏنائون. هڪ دفعي پير سائين حسام الدين راشديءَ مون
کي چيو ته ”اسان کي سنڌي قوميت جو سبق محمد
ابراهيم جويي ڏنو.“ پر، حقيقت اها آهي ته جاگيرادر
طبقي جو جبل اڄ به اڳي وانگر قائم آهي. ان ۾ ڪو
فرق ئي ڪونهي. ان جو صحيح منظر عبدالڪريم گدائيءَ
جي لافاني نظم کي پڙهڻ سان اکين اڳيان ايندو، جنهن
جي پهرين سٽ هيءَ آهي:
سنڌڙيءَ جا سينگار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!
سنه ١٩٧٦ع ۾، ڊيوڊ چيزمئن نالي هڪ انگريز محقق، ”اڻويهينءَ
صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سنڌ جو سماج ۽ سياست“ جي
موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تحقيق ڪرڻ آيو. مان
پرو- وائيس چانسلر هئس. مون سان گهرو گهاٽو ٿي
ويو. ڊگهيون ڪچهريون ڪندو هو. هڪ دفعي سنڌ جي
حالتن تي پنهنجي پڪي پختي راءِ ڏيندي چيائين ته
”جيسين سنڌ مان جاگيرداري نظام ختم ڪونه ٿيندو،
تيسين ڪوبه سوجهرو ڪونه ٿيندو.“
انگريزن جي ڏينهن ۾ سنڌ جا اهي مخلص مسلمان رهنما، جيڪي عام
مسلمانن جي ڀلائيءَ ۽ انگريزن کان آزاديءَ لاءِ
جهدوجهد ڪندا هئا، تن جا نالا اڄ اسان جي نئين نسل
جي ذهنن مان غائب آهن. هند ۾ چٽو مثال ”شيخ الهند“
جو آهي، جنهن کي انگريزن ”ڪاري پاڻي“ جي سزا ڏئي
ماريو. سنڌ ۾ ساڳيو اهڙو مثال مولانا عبيدالله
سنڌيءَ جو آهي، جنهن انگريزن جي خلاف جدوجهد ڪئي ۽
ٽيهن سالن جو عرصو ڏک بک ۾، جلاوطنيءَ ۾ گذاريو.
پير علي محمد راشدي شروع کان مسلم ليگ سان وابسته رهيو ۽ سنڌ ۾
ان جون پاڙون پختيون ڪيائين. اول اخبار نويسي
ڪيائين پوءِ سيات. آخرڪار، وزارت ۽ سفارت
ماڻيائين. زندگيءَ جي ڀرپور تجربي کان پوءِ،
پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيائين. سندس ڪتاب ”اهي
ڏينهن، اهي شينهن“ جو پهريون جلد ته هاڻي هڪ
تاريخي دستاويز آهي. سندس ٻه ڳالهيون مون کي
ڏاڍيون وڻيون: ”هڪ وڏيرڪي زندگيءَ جو تصوير“، جيڪا
انگريزن جي حڪومت ۾ مسلمان وڏيرن جي افغالن جو
صحيح عڪس آهي. ٻيو مولانا عبيدالله سنڌي واري
مضمون ۾ سندس اهو اعتراف ته: ’هو صحيح هو. پر،
اسان کيس ڪونه سڃاتو.‘ ليڪن، مولانا سنڌيءَ جي سڀ
کان سهڻن لفظن ۾ ساراهه مون جويي صاحب کان ٻڌي.
ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته آزاديءَ کانپوءِ اسان جي درسي
ڪتابن ۽ تاريخن مان شيخ الهند ۽ عبيدالله سنڌيءَ
جا نالا ئي غائب آهن. ٻئي ڄڻا عظيم روحاني رهنما
به هئا ۽ آزاديءَ جا پروانا پڻ، پر اسان کين وساري
ڇڏيو.
٥
مون هن ڪتاب جو ورق ورق ڏاڍي توجهه سان لکيو آهي. ڪوشش ڪئي اٿم
ته سنڌ جي اعليٰ شخصيتن جو گهڻي کان گهڻو مستند
احوال جمع ڪريان. پر، اهڙي ڪابه روايت بيان نه
ڪريان، جيڪا غير مصدقه هجي، اهو ڪم سولو ڪونه هو،
ڇو ته صحيح روايتن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ مون وٽ ڪتاب
ڪونه هئا. پر، ڪي تاريخي تذڪرا لاهور جي ”اداره
ثقافت اسلاميه“ (Institute
of Islamic culture, Lahore)
جي فاضل ڊئريڪٽر، ڊاڪٽر رشيد احمد جالنڌريءَ کان
عاريتا مليا ڪي ڇپيل ڪتاب، غريبي حال جي باوجود،
پاڻ پئسن سان خريد ڪيم. ڪي ”اڻلڀ ڪتاب پاڪستان جي
نيشنل لئبرريءَ جي ڊئريڪٽر جنرل محترم عبدالحفيظ
ذاتي دوستيءَ ڪري، پڙهڻ لاءِ ڏنا. ڪي قربداريون
سنڌ جي سڄڻن ڪيون. سڀ کان اول عزيزم الطاف آگري
”قلندر نامي“ سنڌيءَ جي فوٽو ڪاپي هٿ ڪري ڏني.
ڊاڪٽر رفيعه، سنڌ يونيورسٽيءَ جي لئبرريءَ مان،
قلندر شهباز تي ٻه ٽي انگريزي ڪتاب اڌارا وٺي ڏنا.
پوءِ ته گهڻائي يار ڪم آيا. سندن ازحد شڪرگذار
آهيان. ڊاڪٽر سرفراز ڀٽيءَ ۽ ڀاءُ غلام محمد لاکي
ته قرب ۽ محبت جو ڇيه ڪري ڇڏيو. آعا نور محمد
پٺاڻ، پير سائين روضي ڌڻيءَ وارو مضمون سڀ کان اول
پنهنجي رسالي ۾ قسطن ۾ ڇاپيو. ائين هن ڪتاب جو
آغاز ٿيو.
سنڌي ادبي بورڊ جي ڪارڪنن جي مون سان ۽ منهنجي ساڻن هميشه محبت
رهي آهي. هو مون کي گهر جي ڀاتين وانگر پيارا آهن.
ڪتاب جي ڇپائيءَ ۾ ڀرپور تعاون ڪيائون.
ڪجهه عرصي لاءِ، وچ تي نفيس احمد ناشاد، عارضي طرح سيڪريٽري
ٿيو. عمر جو وڏو عرصو مون سان گڏ گذاريو اٿس. ڪتاب
جي ڪم ۾ منهنجيءَ توقع کان وڌيڪ دلچسپي ورتائين ۽
منهنجو بار هلڪو ڪري ڇڏيائين. ڪمپوزنگ جي ڪم جي
شروعات حاجي ڀٽيءَ ڪئي ۽ ان کي پورو محمد يوسف مغل
۽ عبدالصمد ٻٻر ڪيو. ڇپائيءَ جو ڪم سڪندر شاهه،
مئنيجر سنڌي ادبي بورڊ پرنٽنگ پريس، پنهنجن رفيقن
محمد اقبال، عبدالستار، علي رضا شاهه، ممتاز علي،
محمد مٺل ۽ گل حسن درس سان گڏجي، سهڻي نموني ۾
اڪلائي ورتو. پر، سڄي ڪم کي پايي تڪميل تي پهچائڻ،
پروفن جون غلطيون درست ڪرڻ، بلڪ جملن ۽ پئرائن جي
نوڪ پلڪ درست ڪرڻ ۽ مڙني رهجي ويل ڳالهين جي
پوئواري ڪرڻ جو سهرو مسٽر شمس الدين سومري،
پبليڪيشن آفيسر جي سر تي ئي سونهين ٿو. دراصل ڪتاب
جي سمورو ڪم سندس ئي حوالي هو. شمس جهڙا سچا ماڻهو
ٿورڙا ٿيندا. مون ”پس نوشت“ جا چند ورق پڻ سندس ئي
چوڻ تي لکيا.
هي ڪتاب گهڻو اڳي ڇپجي وڃي ها، پر، ڪي مسئلا هئا، مثلا، ڪاغذ
ڪونه هو. پر، صورتحال آخرڪار ائين ئي وڃي درست ٿي،
جيئن ڀٽائي صاحب پنهنجيءَ ٻاجهاريءَ ٻوليءَ ۾
فرمايو آهي:
”جڏهن سائينءَ سبب ڪيون، تڏهن ستڙ ٿيا سيد چئي.“
جناب عبدالحميد آخوند، سيڪريٽري ڪلچر حڪومت سنڌ ڪتاب لاءِ گهربل
ڪاغذ مهيا ڪيو. مون کي پنهنجي خلوص سان ڏاڍو متاثر
ڪيائين.
ماڻهوءَ کي پنهنجن محسنن جي محبت جي مڃتا کليءَ دل سان ڪرڻ کپي،
پر، مون کي هنن مڙني مهربانن جي شڪر ادائيءَ
لاءِ لفظ ئي ڪونه ٿا سجهن. البت، هڪ شعر ياد اچي
ٿو، جيڪو منهنجيءَ دل جو ترجمان آهي:
خلل پذير بود هر بنا که مي بيني
بجز بنائي
محبت که خالي از خلل است
ڪتاب جو مفصل ”مقدمو“ لکڻ کان مون دانسته گريز ڪيو. ”مقدمو“
معنيٰ ”منڍ“. سوڀانيم ته متبرڪ شخصيتن جي اڳيان
لنگهڻ کين اورانگهڻ برابر ٿيندو ۽ اها وڏي بي ادبي
ٿيندي.
شيخ الهند، مولانا محمود الحسن ديوبنديءَ اردو زبان ۾ قرآن ڪريم
جو ترجمو ڪيو آهي، جو ايتريقدر ته مقبول آهي، جو
سعودي حڪومت ان کي ڇپائي، لکن جي تعداد ۾ مفت
ورهايو آهي. مون کي به هڪ مهربان ٻه چار ورهيه
ٿيا، جو هڪ ڪاپي موڪلي هئي. شيخ الهند ترجمي جو
مختصر مقدمو به لکيو آهي. پر، اتي ئي ڏنل آهي، جتي
قرآن ڪريم ۽ ترجمو ٻئي ختم ٿين ٿا. اها قرآن ڪريم
جي ابد جي تقاضا آهي. مون به سندس پيروي ڪئي آهي.
”پس نوشت“ جي عنوان هيٺ، هي مختصر تاثرات ڪتاب جي
آخر ۾ئي ڏنا اٿم.
***
منهنجو مشاهدو آهي ته هي سڄو جهان ”عالم اسرار“ آهي. رات جو،
جڏهن چانڊوڪي ڪانه هوندي آهي، تڏهن آسمان ۾ جرڪندڙ
تارن جو جنسار ڪيڏو نه سهڻو لڳندو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن وري سڄو آسمان ڪڪرن سان ڍڪجي ويندو آهي. وڏڦڙو وسندو
آهي. جڏهن وسي وسي، بس ڪندو آهي، تڏهن ڪڪرن جي
اونداهيءَ ۾، اوچتو آسمان ۾، دور دور، هڪڙو ننڍڙو
پتڪڙو تارو ٽمڪندو نظر ايندو آهي، ته ڪيڏو نه
وڻندو آهي!
خاڪ جي ذرڙن مان سائي سلي جو ڦٽڻ ۽ وڌي وڏو وڻ ٿيڻ، سرها گل ۽
مٺو ميوو جهلڻ ڪيڏو نه حيرت جو منظر آهي. اهي سڀ
رنگ ۽ ذائقا سڪل کوکڙن ۽ ککڙين ۾ سمايل هئا!
اسلام آباد ۾، منهنجي سرڪاري گهرڙي جي اڳيان، ڇٻر جي ٻاري جي
پاسن کان مالهيءَ گلن جا ٻج پوکيا. کين پاڻيءَ
ڏيندو رهيو ۽ مسلسل سيوا ڪندو رهيو. مقرر مداءَ
تي، انهن ٻجن مان ڪي سهڻا گل ٽڙيا! ڪهڙي ڳالهه
ڪجي! ڪي سرخ ڳاڙها ته ڪي هلڪا گلابي، ڪي سرمائي،
ته ڪي ساوا، ڪي وري واڱڻائي. مان جڏهن مٿن غور
ڪندو هوس، ته ائين ڀائيندو هوس، ته هر گل کي رنگ
سان گڏ، پنهنجي پنهنجي زبان به آهي.
جاندارن، پکين ۽ پوپٽن جي دنيا ڪيڏي نه عجب آهي. من موسڙي جو
گهر ته دنيا جي اٺن عجائبات ۾ شمار ٿيڻ جهڙو آهي.
الائي ڪيئن ٿو ٺاهي! ڪاٺ ڪٽي جي سر تي ڪلنگي ڪيڏي
نه سهڻي آهي، شهنشاهي تاج کان ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ گهٽ
آهي؟ چانهه جا رنگ ڇا چئجن! ايڏي سهڻي پکيءَ کي،
سنڌ ۾ چانهه الائي ڇو ٿا ڪوٺن؟ پٽ ڳيريءَ جي چال
ڪيڏي نه پياري آهي. منجهند جي مهل ڪبوتر ۽ ڳيري جو
ذڪر ڪيڏو نه پراسرار آهي. جهرڪي پاڻيءَ جي ڇنڀ ۾
وهنجڻ مهل، پر پکيڙي، ڪهڙا نه مزا ٿي ڪري.
اونهاري جي اونداهيءَ رات ۾، جڏهن آڳر ۾، بتي ٻاري رکجي ٿي، ته
پتنگ ڪيئن نه مٿس پاڻ گهورن ٿا. عشق جو شعلو شايد
باهه جي تپش کان به تيز ۽ تکو ٿئي ٿو.
ڪونجون جڏهن قطار در قطار اڏامن ٿيون، ته ڪيڏيون نه سهڻيون لڳن
ٿيون! تڏهن ته خواجه فريد، يار جي فراق جو ذڪر
ڪندي، کين سڪ سان ڳايو آهي:
يار فريد مين ايوين وڇڙي
جيوين وڇڙي ڪونج قطاران
انسان ته مڙني جاندارن ۾ ’اشرف المخلوقات‘ آهي. سندس ڪمال جي
ڪهڙي ڳالهه ڪري، ڪهڙي ڪجي! پر، قرآن ڪريم جو قول
آهي ته ’خدا جا نيڪ ٻانها ڌرتيءَ تي نياز ۽ نوڙت
سان هلندا آهن.‘
بيشڪ، ڏاهي ماڻهوءَ کي وک وک وڏي احتياط سان وجهڻ گهرجي، ڇو ته
هي جهان سڄو عالم اسرار آهي. تڏهن ته سنڌ جي سنتن،
صوفين، درويشن ۽ بزرگن، ماڻهوءَ کي پهريون پهريون
سبق، نياز ۽ نوڙت جو ڏنو آهي. فارسي زبان ۾ هڪ شعر
آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ”وک وڏي احتياط سان کڻ،
بلڪه نه کڻ، ڇو ته تنهنجي قدمن جي هيٺان هزار
دليون دفن ٿيل آهن.“
دل ڏاڍي نازڪ ۽ نفيس آهي. پنجابي زبان جي هاڪاري مسلمان صوفي
شاعر، غالبا، سلطان باهوءَ چيو آهي ته، ”مندر
ڊاهه، مسجد ڊاهه، ۽ اهو سڀڪجهه ڊاهه جيڪو ڊهي سگهي
ٿو. پر دل نه ڊاهه، ڇو ته دل خدا جو گهرڙو آهي.“
پنجابي زبان جي ئي ٻئي هڪ هاڪاري شاعر چيو آهي ته
”رب دلين ۾ رهندو آهي.“
گهڻو ڪري، سمورن صوفي شاعرن ساڳي ڳالهه ڪئي آهي.
پر، اسلامي دنيا جي سڀ کان هاڪاري شاعر، جلال
الدين روميءَ ته ائين به چيو ته ”دل هزار ڪعبن کان
به وڌيڪ آهي.“ شاهه سائينءَ ساڳي ڳالهه پنهنجي
انداز سان ڪئي آهي. فرمايو اٿس ته:
”نائي نيڻ نهار ته تو ۾ ديرو دوست جو.“
اهوئي سبب آهي، جو عظيم سنڌي صوفي شاعرن اسلام جي صفت ۽ ثنا
ڪندي، ٻاجهاريءَ ٻوليءَ ۾ فرمايو آهي ته:
”عشق سارو اسلام، مذهب محبت عين مبارڪ“
هن ڪتاب ۾ جن باڪمال انسانن جو ذڪر آهي، سي انسانيت جي اعليٰ
اصولن جا علمبردار هئا. غير معمولي هستيون هئا،
تڏهن ته بشري ڪمزورين تي غالب پيا. گپ چڪ جي هن
جهان ۾ ڪنول جي گل مثل رهيا. دنيا ۾ رهندي دنيا
کان بي نياز.
محبت جو اهڙو ڪو درس ڏئي ويا، جو کين هن دنيا مان وئي، صدين
مٿان صديون گذري ويون آهن. پر، پوءِ به سندن ابدي
آرامگاهن تي، روزانو، صبح شام، ماڻهن جا ميڙا متا
پيا آهن.
هڪ دفعي لاهور ۾ صبح جو جهانگير جو مقبرو
ڏسڻ ويس. اڳيان بهشت جهڙو باغ اٿس. اهو لنگهي،
اندر عمارت ۾ گهڙيس، جا محلات وانگر تجلا پئي ٿي
ڏئي! ويرانڊا ۽ صفحا لنگهي، نيٺ وڃي قبر وٽ بيٺس.
جڏهن هندستان جو بادشاهه هو، تڏهن الائي ته ڪيڏا
پهريدار، چوبدار، خنجربردار، نيزي بردار، شمشيرزن
سپه سالار ۽ خلق جا هشام هر وقت سندس حضور ۾ حاضر
هوندا. پر، انهيءَ ڏينهن ته نالي کڻڻ لاءِ به ڪو
ماڻهو موجود ڪونه هو. سنگمرمر جي قبر ۽ سناٽو.
ساڳئي ڏينهن، شام جو وري لاهور ۾ داتا گنج بخش جي درٻار تي
حاضري ڏيڻ ويس. زيارتين جا ايڏا انبوهه، جو مقبري
تائين پهچڻ مشڪل. جاڏي نگاهه ڪر، تاڏي ماڻهن جي
هٿن ۾ گلن جا هار ۽ اکين ۾ عقيدت جا ڳوڙها.
اهڙو ئي لقاءُ، سنڌ جي هاڪاري حاڪم غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري
تي ڏٺم. سنگمرمر جي قبر وٽ دعا گهرڻ وارو مان
اڪيلو شخص هئس. ساڄي کاٻي نهاريم، رڳو سناٽو هو.
پر، جڏهن وري ڀٽائيءَ جي روضي تي حاضر ٿيس، ته
ماڻهن ج اهي ئي انبوهه ۽ گلن جا ڍير. سرهاڻ، هٻڪار
۽ نعرا: ”ڀيڄ ڀٽائي، ڀيڄ.“ عجب اسرار آهي. هڪ
بادشاهه هو ۽ ٻيو فقير.
تصوف جي ڪنهن تذڪري ۾ پڙهيم ته دهليءَ جي نظام الددين اولياءَ
جو رهنما خواجه بختيار ڪاڪي هو. جڏهن هي جهان
ڇڏيائين، تڏهن هڪ شعر سندس چپن تي هو. هي ڪتاب جن
اعليٰ انسانن جو تذڪرو آهي، تن تي اهو شعر حرف به
حرف صحيح ۽ صادق آهي:
کشتگان خنجر تلسيم را
هرزمان از غيب جان ديگر است
اسلام آباد غلام رباني آگرو
٥-١١-١٩٩٦ع
|