ڊاڪٽر بلوچ صاحب جهڙي آفاقي ماڻهوءَ جي انهن
ڪارنامن کي تحقيق جي نظر سان ڏسڻ جي گهڻي آڳاٽي
ضرورت هئي، پر اسان جا اديب ۽ محقق يا ته ٻين وڌيڪ
اهم ڳالهين ۾ مصروف هئا، يا ته ادب جي دنيا ۾ پيدا
ڪيل غير ادبي ماحول جي ڪري ڊنا ٿي ته متان ڪو
اَنُ-داتا ڪاوڙجي پوي، ان ڪري ڊاڪٽر بلوچ جو نالو
وٺڻ يا ان جي ڪنهن ڪتاب جي ذڪر ڪرڻ کان ڪيٻائيندا
هئا. بخل ۽ مردم ناشناسيءَ جي انهيءَ ماحول کي نيٺ
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي،
جنهن همت ڪري زبان ۽ قلم جي چهنب تي چڙهندڙ نالو
ورتو ۽
”ڊاڪٽر بلوچ- منهنجي نظر ۾.“
لکي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي زندگيءَ، شخصيت ۽ سندن
لکيل ڪتابن (تصنيفن) جي مختلف پهلوئن کي، سڀني جي
آڏو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي
ادارن مان ڪمپوز ٿيل ۽ ڇپايل ان ڪتاب جي ڊمي مون
پاڻ پنهنجي اکين سان حيدرآباد ۾ اسان جي يار احمد
شيخ وٽ ڏٺي، پر ڌڻيءَ کي خبر ته ڇا ٿيو، جو اهو
ڪتاب گم ٿي ويو ۽ پڌري ٿيڻ کان نابري واري ويهي
رهيو. ان ڳالهه کي سالن جا سال لڳي ويا. نيٺ ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجي صاحب مڙسي ڪئي ۽ حيدرآباد جو شهر
ڇڏي، بدين مان اهو ڪتاب ڇپايائين ۽ معلوم ٿو ٿئي
ته جيڪڏهن هو ائين نه ڪري ها ته اهو ڪتاب ڪڏهن به
ڇپجي پڌرو نه ٿئي ها. ان مان ماڻهن اهو انومان ٿي
ڪڍيو ته سنڌي ٻوليءَ جي ادارن تي جن ماڻهن جو قبضو
هو، انهن جي آڏو ڊاڪٽر بلوچ جو نالو وٺڻ ڪفر جو ڪم
هو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جي ڪتاب لکڻ ۽ ان جي
ڇپجڻ دوران ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي شخصيت ۽ سندن علمي
ڪمال جي بلندين تي پهچڻ جي ڳالهه، منيزه شمسيءَ
انگريزيءَ ۾ هڪڙو مضمون لکي ڪئي. منيزه جو هيءَ
مضمون ڊان اخبار جي جمعي، 18 مارچ 1994ع جي شماري
۾
“Achieving The Heights of Knowledge”
جي نالي سان ڇپيو.
وري
به جس هجي سنڌ يونيورسٽيءَ جي اردو ڊپارٽمينٽ وارن
کي جن ”نصف صديءَ کان به وڌيڪ عرصي جي خدمت جليله“
تي ڊاڪٽر بلوچ کي تهنيت پيش ڪرڻ لاءِ
”گوشهء بلوچ“
جي نالي سان اردوءَ ۾ ڪتاب ڇپرايو، جنهن ۾ مسلم
بنگال جي فارسي ادب جي هڪ اهم تنصيف ”شرف نامہ
احمد مَنيري“ تي لکيل ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيقي مقالي
کان سواءِ، جهونا ڳڙهه، علي ڳڙهه، ڪراچي ۽ نيويارڪ
۾ گهاريل زماني ۾ سندن علمي ۽ ادبي يادگيرين تي
مشتمل ڊائرين مان ورتل ”ايام گذشته کـﻶ چند اوراق“
جي نالي سان باب رکيا. انهيءَ مان علم جي طلب
رکندڙ شاگرد (ڊاڪٽر بلوچ صاحب) ۽ علم جو ڪمال
رکندڙ علم جي دريائن (سندن استادن) جي علم سان
نينهن ۽ عشق ۽ ڪمال جو پتو پوي ٿو. ڊاڪٽر مختيار
الدين احمد، جيڪو ڪنهن ٻئي زماني ۾ استاد
عبدالعزيز الميمنيءَ جو شاگرد هو ۽ انهن ٽن ماڻهن
مان هو، جنهن الميمنيءَ جي گائيڊنس هيٺ ڊاڪٽريٽ
(پي.ايڇ.ڊي) ڪئي، تنهن آخر ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي مضمون
”علامه الميمنيءَ جو هڪ نهايت ممتاز شاگرد“ جي
نالي سان لکي ڏيکاريو ته ڪيئن سنڌ جي هن بلوچ
شاگرد جو ذڪر خير پنهنجي استاد جي محفلن ۾ ٿيندو
رهندو هو. چئجي ته جهڙو غير معمولي ۽ ممتاز استاد
(الميمني) هو، تهڙو غير معمولي۽ ممتاز سندس شاگرد-
جو جڏهن استاد جو ذڪر خير اچي ته سندس ان هڪڙي
شاگرد جو به ذڪر ضرور اچي. ڊاڪٽر هدايت الله آخوند
کي به شاباس هجي، جو ان اردوءَ جي ان ڪتاب ”گوشهء
بلوچ“لاءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي مضمون جو
اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو.هدايت پريم صاحب اهو چڱو ڪم
ڪيو.
اهڙيءَ طرح علمي حلقن تي حڪومت ڪرڻ وارن جي ايوان
۾ ڊاڪٽر بلوچ جي نالي نه وٺڻ جو جيڪو دستور ڇانئجي
ويو هو، تنهن مان ڪي ماڻهو مٿي اڀري آيا. اها هڪڙي
وڏي تبديلي هئي. وري به شاباس هجي ثمينه وقار
صاحبه کي جنهن اڃا به ڳالهه کي هڪ قدم اڳتي ڪيو،
جو سنڌ جي وڏن اديبن کي همٿائي، کانئن ڊاڪٽر بلوچ
بابت مضمون لکرائي، ڊسمبر 2000ع جي
’نئين زندگي‘
جي شماري کي
”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نمبر“
ڪري ڇپرائي پڌرو ڪيائين. هن شماري ۾ پنجاهه سال جي
ان هٻڪ ۽ ڊپ جون جهلڪيون ملن ٿيون، جڏهن غلام
رباني آگري ۽ حميد سنڌيءَ جهڙا ليکڪ اشارتاً ان
ڇڪتاڻ جو ذڪر ڪن ٿا، جنهن جي ڪري پاڻ ڊاڪٽر بلوچ
جي هيترين ڀلاين هوندي به کانئس ڏور رهيا. اها
ڳالهه ڄام ساقيءَ کلي ڪئي، جنهن پنهنجي مضمون جو
عنوان رکيو ”ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، جنهن سان
ناانصافيون ڪيون سين.“ مضمون ۾ ٿيل ناانصافين جو
ذڪر ڪونهي، پر ڄام ساقي صاحب اشارو ڪيو ته انهن
ناانصافين جو سبب اهو هو، جو کين ڪنهن اهڙيءَ
جماعت جو سمجهيو ويو، جنهن سان سنڌ جي نيشنلسٽ يا
ترقي پسندن جي نه پوندي هئي، حالانڪ پاڻ فقط علمي
ماڻهو آهن ۽ ڪنهن به پوليٽيڪل پارٽيءَ سان سندن
تعلق ناهي. بهرحال ’نئين زندگيءَ‘ جي ڊسمبر 2000ع
واري انهيءَ پرچي ۾ گهڻن اديبن پنهنجا مضمون لکيا،
جن ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لغت نويسيءَ، لوڪ ادب،
شاهه جي رسالي تي ٿيل ڪم ۽ ٻين ڪارنامن جو ذڪر
ڪيائون، جنهن مان خبر پئي ته ايتري عرصي تائين
ڏهڪاري اديبن جي هٿان هيسايل اديبن جي جان ۾ ساههُ
پيو آهي ۽ هو پنهنجن بزرگن جي خوبين کي سچي پرک جي
اکين سان ڏسڻ لاءِ تيار ٿيا آهن.
تاج
جويي صاحب جو ڊاڪٽر بلوچ جي لغت نويسيءَ متعلق
لکيل مضمون تمام عالمانه ۽ اهميت جو حامل آهي.
اهڙيءَ طرح محمد حسين ڪاشف، شاهه جي رسالي تي
ڊاڪٽر صاحب جي ڪيل ڪم جو ذڪر تمام سهڻي نموني ڪيو
آهي. علي اڪبر اسير قريشي، ڊاڪٽر صاحب جي لوڪ ادب
تي ٿيل ڪم بابت لکيو. آپا ڊاڪٽر خديجہ بلوچ سندن
ذاتي زندگيءَ ۽ لکڻ پڙهڻ جي طريقي جون جهلڪيون
ٻڌايون.
سنڌ
ماڻڪ موتيءَ تنظيم طرفان علم دوست شخصيت محمد
عثمان منگيءَ، تاج جويي ۽ مشتاق چنگيزي جي همت ۽
اتساهه سان ٻين دوستن جي طرفان ڊاڪٽر بلوچ سان روح
رهاڻ رچائڻ ۽ سندن خدمت بابت مختلف عالمن کان
مضمون لکائي، ڪتاب شايع ڪرائڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو
ويو آهي، اهو ڊاڪٽر بلوچ جي ڳولا جو هڪڙو باب آهي.
ڊاڪٽر بلوچ جي ادبي ۽ تاريخي ڳولا جو وقت هاڻي
شروع ٿيو آهي. اها ڳولا جاري رهندي. انهيءَ ڳولا ۾
مون به ٻه ماڻڪ هٿ ڪيا آهن. هڪڙو سندن حياتيءَ
بابت ۽ ٻيو حر تحريڪ بابت جيڪي ٻئي اڃا منهنجيءَ
گودڙيءَ ۾ لڪا پيا آهن. ڌڻي مدد ڪري ته انهن کي
دنيا جي اڳيان پيش ڪجي.
آءٌ
ڪيئن آتڻ وڃان ڙي جيڏيون،
منهنجو چرخو چيو نا ڪري!
مراد
علي مرزا
اڄ
وري تاريخ جا دفتر کليا
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ريڊيو انٽرويو)
]
سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب، ٻوليءَ، موسيقيءَ، ۽ حضرت
شاهه عبداللطيف ڀٽائي
رح
جي موضوعن تي سنڌ جي برک محقق، تاريخدان، عالم ۽
دانشور، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو
انٽرويو، جيڪو 15 جنوري 1985ع تي ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد تان نشر ڪيو ويو.[
سوال:
سائين ڊاڪٽر صاحب، توهان تاريخ تي ڪم ڪيو آهي ۽ خاص طرح سنڌ جي عرب دؤر تي،
مهرباني ڪري ٻڌائيندا ته سنڌ ۾ عرب دؤر کان اڳ جي
تاريخ جي سلسلي ۾ اوهان ڪا تحقيق ڪئي آهي يا
آئيندي ڪو اهڙو ارادو آهي.
جواب:
مهرباني مرزا صاحب! ”تحقيق“ جو لفظ منهنجي لاءِ ڳرو آهي.آءُ چوندس ته
شاگردي ڪريون پيا، مطالعو ڪريون پيا. عرب، اسلامي
دؤر کان اڳ جي تاريخ ۾ جيڪو خاص مسئلو آهي، اهو نه
فقط سنڌ جي تاريخ جو، پر سڄي هند جي تاريخ جو به،
سو آهي سنن ۽ سالن مرتب ڪرڻ جو؛ ڇاڪاڻ ته لکت ۾ ڪا
شيءِ موجود ڪانهي. جيڪا شاهدي ملي ٿي، يا جيڪي
اهڃاڻ ملن ٿا، سي آثارقديمه مان ملن ٿا. اهو اهڙو
مسئلو آهي، جو جيئن وقت گذرندو، تيئن اسان کي
انهيءَ تي ڪجهه وڌيڪ مواد ملندو: ڇاڪاڻ ته تحقيق
ٿئي پئي ۽ ڪيترن ئي قديم آثارن جون کوٽايون ٿين
پيون. البت اسلام جي دؤر سان لاڳيتي سنڌ جي جيڪا
اڳين تاريخ آهي، ان بابت مسلمان محققن لکيو آهي، ۽
اهو مواد ”فتح نامي“ يا ”چچ نامي“ ۾ موجود آهي.
اهو مواد برهمڻ گهراڻي جي تاريخ ۽ اُن کان اڳ ۾
راءِ گهراڻي جي تاريخ بابت آهي. پر ڳالهه اها آهي
ته ان تي وڌيڪ ويچار ڪجي ۽ اُن کي سنن وار مرتب
ڪجي. انهيءَ تي مون ڪجهه ڪم ڪيو آهي ۽ ان موضوع تي
هڪ تحقيقي مضمون ڇپجي چڪو آهي.
جنهن ۾ مون سن ۽ سال متعين ڪيا آهن. سوال آهي ته
برهمڻ گهراڻي جا جيڪي حڪمران هئا، مثال طور: چچ
ٿيو، پوءِ چندر ٿيو ۽ اهڙيءَ طرح ويندي ڏاهر
تائين، انهن جا سن ۽ سال ڪيئن مرتب ڪجن. يا اُن
کان اڳ راءِ گهراڻي جي حڪمرانن، مثال طور: راءِ
سهاسي وغيره جا سن سال ڪيئن مرتب ڪجن؟ ان مسئلي
بابت تحقيق کي ٿورو اڳتي ڪيو ويو آهي. انهيءَ
سلسلي ۾ اسان کي جيڪا هڪڙي وڏي معلومات حاصل ٿي
آهي، سا هيءَ ته تنهن وقت سنڌ جو پنهنجو ڪئلينڊر
موجود هو، يعني سن ۽ سال
”سنڌي سنبت“
موجب هلندا هئا. اُها سنڌي سنبت، وڪرماجيت جي سنبت
۽ ٻين سنبتن کان جدا هئي. محقق بيرونيءَ انهيءَ
سنڌي ڪئلينڊر جو حوالو ڏنو آهي، ۽ مون ان تي تحقيق
ڪري، ان کي متعين ڪيو آهي
اها
جيڪا اڳين سنڌ جي تاريخ آهي، اُن بابت ڪيتريون
ساريون غلط فهميون پيدا ٿيون آهن، پر ڳالهه آهي ته
ڪير انهن جو مطالعو ڪري ۽ انهن کي صاف ڪري! مثال
طور: چين جي سياح ”شُوان سينگ“ جي ”هند“ ۾ اچڻ جو
جيڪو سفرنامو آهي، تنهن کي آثار قديمه جي محققن،
خاص طرح ”ڪننگهام“ مرتب ڪيو آهي، پر هن جيڪي نتيجا
ڪڍيا آهن، تن سان اسان جو اتفاق ڪونهي. هن جي خيال
۾ چيني سياح لکيو آهي ته ”سنڌ شودرن جو ملڪ آهي“،
انهيءَ غلط نظريي کي پوءِ وٺي گهڻو وڌايو ويو آهي
ته سنڌ ۾ شودر رهندا هئا، پر قديم آثارن مان ظاهر
اهي ته سنڌ جي وڏي تهذيب هئي، شودرن جو ته ڪو سوال
ئي نه ٿو اُٿي. ان اڳئين دؤر بابت ٻي ٿوري گهڻي
روشني سنڌ ۾ ساساني ايران جي تعلقات مان ملي ٿي.
انهن لاڳاپن بابت اسان موسيقيءَ جي سلسلي ۾ ۽ ٻين
سلسلن ۾ تحقيق ڪئي آهي، ته اتان ڪجهه ٿوري گهڻي
روشني ملي ٿي. اڃا به جيڪا اڳ جي تاريخ آهي، تنهن
کي اسان ”قبل تاريخي دؤر“ (Pre
History Period)
چئون ٿا، اُن دؤر ۾ مُهن جي دڙي جي لکت تي ڪم ٿئي
پيو. مُهن جي دڙي جي تهذيب ڪيئن پوءِ ٻئي هنڌ
پکڙي، تنهن جا آثار ڪوٽ ڏيجيءَ مان يا هندستان جي
ڪن قديم آثارن (لوٿل وغيره) مان مليا آهن. سنڌ جي
موجوده حدن اندر اهڙن ”قبل- تاريخي دؤر“ جي آثارن
جي تلاش بابت مون مقالو لکيو آهي ته انهن کي ڪيئن
ڳولجي. هڪ ”خاص سروي“ جي ضرورت آهي، خاص طرح سان
”رِوَر سسٽم“ وارين ايراضين جي.سنڌونديءَ جا پراڻا
وهڪرا ۽ شاخون قديم آثارن جي ڳولا لاءِ ڪارگر آهن،
ڇاڪاڻ ته گهڻو اڳ جيڪي بستيون هيون، سي پاڻيءَ سان
ٻڌل هيون. سنڌونديءَ جو جيڪو الهندي طرف وارو
وهڪرو آهي، تنهن جي ڪن قديم بستين جي اسان کي خبر
آهي، مثال طور آمري هئي ۽ مهن جو دڙو هو، پر
”اُڀرنديون نارو“، جيڪا هڪ نهايت پراڻي ندي آهي،
تنهن لڳ جيڪي آثار آهن، تن تي توجهه ڪانه ٿي آهي.
مون پنهنجي هڪ مضمون ۾ اها ڳالهه سمجهائي آهي ته
اڀرنديون نارو، جيڪو ڪنهن وقت هڪ وڏي ندي هئي،
تنهن سان لاڳو جيڪي آثار آهن، تن کي اسان ڳولي
ڏسون. اهڙو هڪ خاص قديم آثار ”نهُٽو“ آهي، جيڪو
عمر ڪوٽ تعلقي جي مهراڻي سان آهي، جنهن جو مون
گهڻو مطالعو ڪيو آهي. اُتان مون کي جيڪي شيون
مليون، تن مان مُهن جي دڙي جي مهرن جهڙي هڪ مهر
ملي آهي. بهرحال، اسلام جي آمد کان اڳ وارو جيڪو
زمانو آهي، سو وڏو ڊگهو آهي. اُنهيءَ جا مسئلا به
گهڻا آهن ۽ هر علم ۽ ذوق واري ماڻهوءَ جو ڪم آهي
ته اُن جو مطالعو ڪري، آءٌ به پنهنجي حال موجب
ڪريان پيو.
سوال:
مطلب ته توهان جي گفتگو مان اها خبر پئي ته اهو
جيڪو زمانو آهي، انهيءَ جي تاريخ مرتب ڪرڻ لاءِ
آثار قديمه مان مدد ملي سگهي ٿي.
ڀلا سائين، انهيءَ کان پوءِ عرب دؤر کان وٺي سمن جي دؤر
تائين جيڪا تاريخ آهي، تنهن تي توهان جا ڪتاب به
آهن، توهان جي تحقيق به آهي ۽ توهان کي سَنَد ڪري
سمجهيو وڃي ٿو. انهيءَ موضوع تي توهان سنڌي ٻوليءَ
جي مختصر تاريخ، سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ، سومرن جي
دؤر، لوڪ ادب جي سلسلي جي ڪتابن، خصوصاً ”جنگ
ناما“ ۾ (اهي چند ڪتاب آهن، جن جا مون نالا ورتا
آهن)، ۽ انهن کان سواءِ لاتعداد مقالن ۽ مضمونن ۾
ڪافي ڪجهه لکيو آهي. انهيءُ تاريخي دؤر جي سلسلي ۾
اوهان ڪا وڌيڪ تحقيق ڪئي آهي؟ انهيءَ دؤر جون ڪي
ڪڙيون رهيل آهن، جن بابت ڪا نئين ڳالهه توهان جي
ذهن تي آئي هجي؟
جواب:
عرب-اسلامي دؤر بابت معتبر حوالا عربي تاريخن ۾ موجود آهن، پر ان دؤر بابت
جيڪا تاريخ هتي سنڌ ۾ مرتب ٿي ۽ جنهن کي ”فتح
نامو“ سڏيو ويو، ۽ جنهن کي پوءِ عام طرح ”چچ نامو“
چيو ويو، اهو نهايت ئي قيمتي ڪتاب آهي. اهو نه فقط
سنڌ جي تاريخ بابت هڪ بنيادي ڪتاب آهي، پر پهريون
”تاريخي ڪتاب“ آهي، جيڪو هن سڄي برصغير ۾ مرتب
ٿيو- يعني پاڪستان، بنگله ديش ۽ هندستان، سڀ ملڪ
ملايو ته انهن جي مڙني تاريخي ڪتابن ۾ فتح نامو
پهريون ”تاريخي ڪتاب“ آهي، جيڪو سنڌ جي سر زمين تي
ئي مرتب ڪيو ويو. اهو ڪتاب شهر اروڙ جي قاضين مرتب
ڪيو. اُنهيءَ جا ماخذ البت ٻيا اڳيان عربي ڪتاب
هئا. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اسلام کان اڳ واري تاريخ
توڙي اوائلي اسلامي تاريخ بابت اسان کي سڀ ڪجهه
ملي ٿو. هن ڪتاب تي شروعاتي تحقيق ڊاڪٽر دائودپوٽي
مرحوم ڪئي ۽ پهريون ڀيرو ان جو فارسي متن شايع
ڪيائون. 1952ع ۾ مخدوم امير احمد صاحب مرحوم اُن
جو جيڪو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، تنهن کي ايڊٽ ڪندي
مون ڪافي نوٽ ۽ حاشيا لکيا. ان وقت کان وٺي هن اهم
ڪتاب تي بنده طرفان تحقيقي ڪم هلندو هليو ۽ هاڻي
ڇهه مهينا کن ٿيا آهن، جو هن ڪتاب ” فتح نامي“ جو
فارسي متن انگريزي ۾ لکيل تفصيلي حاشين ۽ مقدمي
سان اسلام آباد جي تاريخي ۽ ثقافتي اداري طرفان
شايع ٿيو آهي.
اهو
ٽن- چئن سوَن صفحن جو جُلد آهي، جنهن ۾ نئين تحقيق
سامهون آئي آهي، جيڪا اڳ اسان جي آڏو ڪانه هئي.
گذريل ويهن پنجويهن سالن ۾ اسان کي جيڪا نئين
معلومات ملي هئي، سا اسان هن ايڊيشن ۾ ڏني آهي، پر
تنهن هوندي به اڃا گهڻي ڪجهه ڪم جي ضرورت آهي.
عربي
دؤر کان پوءِ آهي.
”سومرن جو دؤر“،
جنهن تي منهنجي مسلسل محنت ۽ ڪوشش سان ٽي وڏا جلد
شايع ٿيا آهن: ٻه جلد ”دودي چنيسر“ جي ”ڳالهه“
بابت آهن ۽ هڪڙو جلد خاص طرح سان ”سومرن جي دؤر“
بابت آهي، جنهن ۾ دودي چنيسر جي ڳالهه کي سامهون
رکي، اسان ان دؤر جي قابل قبول تصوير پيش ڪئي آهي.
اميد ته اهو ڪتاب اڳتي هلي”سومرن جي دؤر“ بابت هڪ
مکيه ماخذ ٿي رهندو. اهي ٽيئي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ
طرفان شايع ٿيا آهن.
سومرن کان پوءِ
”سمن
جو دؤر“
صحيح معنى ۾ هڪ تاريخي دؤر آهي، جنهن تي مون سڀ
کان پهريائين ڪم 1952ع ۾ شروع ڪيو، جو سمن سلطانن
جي حڪمرانيءَ جي سنن وار تحقيق ڪيم. اهو تحقيقي
مقالو، پاڪستان ’آرڪائي وز‘ ڪميشن جي پشاور واري
اجلاس ۾ پيش ڪيم، جيڪو پوءِ ان اجلاس جي
ڪارگذاريءَ ۾ ڇپيو. هاڻي سڀ لکندڙ بنيادي طور
اُنهيءَ تي ئي مدار رکن ٿا. ان دؤر جي تاريخ جا
ٻيا پهلو به اڃا روشن ڪين آهن: مثال طور سما حڪومت
۾ ڪيئن آيا، سومرن کان حڪومت ڪيئن ورتائون؟ آخر ۾
جيڪو سومرو حڪمران هو، سو ڪير هو ۽ پوءِ انهيءَ جا
پويان ڪيڏانهن ويا؟ انهن مسئلن کي، هندستان مان
جيڪي تاريخي ڪتبا مليا آهن، تن جي آڌار تي مون حل
ڪيو آهي ۽ مقالو رسالي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو آهي. سومرن
کان پوءِ سمن مان پهريون حڪمران ڄام هالو ٿئي ها،
پر حڪمران وڃي ٻيا ٿيا، جيڪي سوٽاڻن مان هئا. اِهو
ڇو ٿيو؟ اُنهيءَ جي اڃا پوري خبر نه پئي آهي. پر
ڀانئجي ٿو ته هيئن ٿيو: همير سومري جي مارجڻ کان
پوءِ سلطان فيروز شاهه وڏي ڪوشش ڪئي ته همير جا
ڀاءُ يا پُٽ تخت تي ويهن، پر سما مريد هئا مخدوم
غوث الحق بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جا، سو جناب
غوث رڪن الدين ۽ اُچ جو سيد جلال الدين جهان گشت
وچ ۾ پيا. اُنهن سلطان کي غالباً سفارش ڪئي ته
هاڻي حڪومت ڀل سمن وٽ هجي ۽ توهان سومرن کي زور نه
وٺايو. پوءِ سلطان فيروز شاهه، همير جي ڀائرن کي
خانديش ۾ جاگيرون ڏنيون. هاڻي اُتي جيڪي ڪتبا مليا
آهن، تن مان اسان کي خبر پئي آهي ته همير جا ٻيا
ڀائر ڪهڙا هئا ۽ انهن جو اولاد ڪهڙو هو. اُهي
مسجدن ۽ قبرن جا ڪتاب آهن، جن کي پنهنجي مضمون ۾
مون نقل ڪيو آهي جيڪو ”مهراڻ، ۾ ڇپيو آهي
.
اها هڪ نئين کوجنا آهي.
هڪ
ٻي تحقيق جو تعلق ڄام نظام الدين جي دؤر سان آهي،
جيڪو پنهنجي دؤر جو وڏي ۾ وڏو حڪمران ٿي گذريو
آهي. ساڳيءَ طرح سندس پرائيم منسٽر ۽ سپهه سالا
دريا خان هو، جا هڪ وڏي هستي آهي، پر ان بابت هن
کان اڳ فقط ڏند ڪٿائون هيون. يقيني طور ڪيل تحقيق
جي بنا تي هاڻي معلوم ٿيو آهي ته دريا خان اصل
لاشاري قبيلي مان هو، پر اهو ڇو هتي آيو؟ لاشارين
۽ رندن جي ڪيئن لڙائي ٿي؟ ڪيئن دريا خان هتي آيو؟
سبيءَ جون لڙايون ڪيئن ٿيون؟ ڄام سلطان نظام الدين
جي وقت ۾، لاشارين جا قبيلا سنڌ ۾ ڪهڙي هنڌ هئا؟
انهن سڀني مسئلن تي دريا خان بابت رسالي ”مهراڻ“ ۾
ڇپيل مضمون
۽ ان
بعد ”جنگ ناما“ ڪتاب ۾ تفصيل سان بحث ڪيو ويو
آهي. هاڻي سمن جي دؤر بابت اسان وڌيڪ تحقيق ڪري
سگهون ٿا. ڪي ڪتاب سمن جي دؤر ۾ لکيا ويا، جن مان
ڪن ڳالهين جي وڌيڪ خبر پوي ٿي. انشاءَ الله ته اهو
ڪم اڳتي هلي ٿيندو.
سوال:
معنى ته سمن جي دؤر جا اهي ڪتاب اوهان کي مليا
آهن؟
جواب:
سمن جي دؤر جا ڪتاب موجود آهن، گهڻا نه ته ٿورا،
انهن کي بنياد بنائي، اسان ڪنهن حد تائين ان دؤر
جي علمي تارخ مرتب ڪري سگهون ٿا.
سوال:
مهربان سائين، اوهان گهڻيون معلوماتي ڳالهيون ٻڌايون آهن. وڌيڪ ته ”لوڪ
ادب“ جي اسڪيم ۾ اوهان چاليهارو کن ڪتاب شامل ڪيا
هئا، جن مان تقريباً پنجٽيهه جلد ڇپجي چڪا آهن، ۽
باقي ڪتاب به انشاءَ الله جلدي ڇپجي ظاهر ٿيندا.
ان ”اسڪيم“ جي پوري ٿيڻ کان پوءِ اهڙي ڪا ٻي اسڪيم
به اوهان جي اڳيان آهي؟
جواب:
سڀڪو چاهي ٿو ته هيئن به ٿئي، هونئن به ٿئي، پر ڪنهن به ڪم کي اڳتي وڌائڻ
لاءِ ضروري آهي ته حالات سازگار هجن. انهيءَ کان
سواءِ ته ڪم نٿو ٿي سگهي. مثال طور منهنجي ذهن ۾
يا لکت ۾ جيڪو مواد آهي، تنهن جي آڌار تي ”سنڌ جي
سماجي تاريخ“ لکي سگهجي ٿي، اها ڪنهن ڪانه لکي
آهي. سنڌ جا نسب ناما، سنڌ جون قومون، قبيلا ۽
انهن مان جيڪي لائق ماڻهو ٿي گذريا، راڄن جون
ڳالهيون ۽ انهن جا لڳ لاڳاپا، اهو هڪ وڏو موضوع
آهي. انهيءَ سلسلي ۾ لوڪ ادب هيٺ اسان ريتين رسمن
تي هڪڙو ڪتاب مرتب ڪيو آهي، پر سنڌ جي نسبنامن
بابت ايترو ته مواد موجود آهي، جو اهو پنجن ستن
جلدن ۾ شايع ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جا ماڳ مڪان، ڳوٺ ۽
ديهن جا نالا يا ٻيا جيڪي جاگرافيائي نالا آهن، تن
۾ وڏي معنى آهي. ضروري آهي ته هڪ جامع فهرست يا
ڊائريڪٽري مرتب ڪجي، ۽ انهن نالن ۾ جيڪي معنائون
سمايل آهن، تن تي روشني وجهجي. اهو بذات خود هڪ
وڏو تحقيقي ڪم آهي، جنهن کي هٿ ۾ کڻجي، پر ضروري
آهي ته انهيءَ لاءِ حالات سازگار هجن.
سوال:
توهان سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ لکي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق جو ڪم توهان وٽ
جاري آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اوهان کي ڪو وڌيڪ مواد
مليو هجي، يا انهيءَ باري ۾ اوهان جي ڇا راءِ آهي؟
جواب:
سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ هڪ اهم مسئلو آهي ۽ ضروري آهي ته ان تاريخ کي اسان
پوريءَ تحقيق سان مرتب ڪريون. اوهان کي خبر آهي ته
پهريائين جڏهن انگريز آيا يا ٻيا جيڪي مغربي ماڻهو
هت آيا، تن پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ سببان چيو ته سنڌي
سنسڪرت مان نڪتل آهي؛ نه رڳو سنڌيءَ لاءِ بلڪ سنڌ
۽ هند جي گهڻين ٻولين لاءِ چيائيون ته اهي سنسڪرت
مان نڪتيون. سنڌي ٻوليءَ بابت انهيءَ غلط نظريي
کي درست ڪرڻ جي پهريون پهرين مون ڪوشش ڪئي ۽
انهيءَ طرح ڌيان ڏنو، ڇو ته سنڌي ٻولي ”سنڌوءَ جي
واديءَ“ جي قديم ٻولي آهي، ۽ سنسڪرت کان به اڳ جي
دؤر جي آهي. سنسڪرت جا اڪثر لفظَ پوءِ دير سان
پالي زبان ذريعي سنڌيءَ م داخل ٿيا. سنڌي ٻولي
”پروٽو پراڪرت“ (Proto-Prakrit)
دفعي جي ٻولي آهي،۽ انهن ماڻهن جي عوامي ٻولي آهي،
جيڪي ان دؤر ۾ هت رهندا هئا.
ان
آڳاٽي دؤر کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي جي
”دؤر وار تاريخ“
اسان وٽ ڪانه هئي، البت اڳيان بيان نقل ڪري هڪ
تاريخي ڪتاب ته ويچاري ڀيرو مل لکي ڇڏيو، پر
تاريخي لحاظ سان ڪو پڇا ته ڪري ته سومرن يا سمن جي
دؤر ۾ سنڌي ٻولي ڇا هئي ته ان لاءِ ڪو جواب ڪونه
هو. انهيءَ مسئلي تي پهريون مضمون مون آڳاٽو لکيو
هو 1952ع ۾، ان بعد وڌيڪ جيڪي حالات مليا، تن کي
هڪڙي ننڍڙي ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪيم. ويهه سال کن
ٻيا به ڪم هليو، ۽ ان عرصي واري تحقيق کي ڪتاب
”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“
۾ آندو ويو آهي. اها تاريخ، سمن جي دؤر جي آخر
يعني 1520ع تائين پهچي ٿي. ان بعد تحقيق جو سلسلو
جاري رهيو آهي، ۽ مغليه دؤر واري باب ۽ ٻئي مواد
جو اضافو ٿيندو. انشاءَ الله اڳتي هلي ڪلهوڙن،
ٽالپرن ۽ انگريزن جي دؤرن تي بحث ڪنداسون. اهو هڪ
خاص سلسلو آهي، جنهن تي غور ٿي رهيو آهي. پر اهو
آهي تاريخي سلسلو، انهيءَ کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ
جي اندروني مطالعي بابت هڪ ٻن جلدن جي لکڻ جي
ضرورت آهي.سنڌي ٻوليءَ جو اندروني مطالعو، يعني ته
ٻوليءَ جو نحو صرف ڪيئن بيٺل آهي، ٻوليءَ جا لفظَ
۽ اصطلاح ڪيئن بيٺل آهن، يا جملن ۾ انهن جي سٽاءَ
ڪيئن بيهي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو اندروني مطالعو
بذات خود هڪ اهم باب آهي. جڏهن تاريخي مطالعي جو
سلسلو پورو ٿيندو ته پوءِ ڌڻيءَ توفيق ڏني، ته ان
باب جو مطالعو ڪنداسون.
سوال:
سائين مهرباني، اسان اميد ٿا ڪريون ته الله تعالى توهان کي همت ڏيندو ته
توهان اهو قومي ڪم انشاءَ الله پورو ڪندؤ. ٻيو عرض
اهو ته توهان سنڌي موسيقيءَ جي جيڪا تاريخ لکي
آهي، تنهن کي اوهان مختصر ڪري ڄاڻايو آهي. ڇا ان
موضوع تي آئيندي تفصيل سان لکڻ جو ارادو آهي؟يعني
ته اهو ڪتاب وري تفصيلي طور لکندا ڇا؟
جواب:
مرزا صاحب، عرض آهي ته انسان ڪيترو به وڏو ڪم ڪري، پر حقيقي معنى ۾ اهو
نهايت مختصر آهي. ڪنهن به ڳالهه بابت دعوى ڪرڻ ته
هي تمام وڏي ڳالهه آهي، اها جڳائي ڪانه ٿي. هڪ ته
خود موسيقيءَ جو علم وڏو آهي، ٻيو ته سنڌ جي
موسيقيءَ جا جيڪي سلسلا آهن، سي به تمام وڏا آهن.
مون هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو اها تحقيق پيش ڪئي آهي
ته سڄي برصغير ۾ موسيقيءَ جون ٻه مکيه روايتون
آهن: هڪڙي ”هند“ جي ۽ ٻي ”سنڌ“ جي. سنڌ جي روايت
هڪ مستقل روايت آهي، جيڪا ٻئي ڪٿي به، ڪنهن به ملڪ
۾ ڪانهي؛ هن برصغير جي ٻئي ڪنهن به ڀاڱي ۾ ڪانهي.
انهيءَ کي ”مختصر“ چوڻو پيو، ڇاڪاڻ جو سنڌي
موسيقيءَ جي مختلف موضوعن تي هڪ کان وڌيڪ ڪتاب لکي
سگهجن ٿا: مثال طور هتي جا ڳائڻا وڄائڻا جيڪي ٿي
گذريا يا موجود آهن، تن تي هڪ جدا ڪتاب اچي سگهي
ٿو. مون سنڌي موسيقيءَ جي سازن تي هڪ مختصر ڪتاب
انگريزيءَ ۾ لکيو آهي، پر انهيءَ موضوع تي وڌيڪ
تفصيل سان گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو. اهڙيءَ طرح
سازن جي باري ۾ ۽ جيڪي ڳائڻا ۽ وڄائڻا ٿي گذريا
آهن، تن جي باري ۾ ٻن جدا ڪتابن جي ضرورت آهي، پر
سڀ ڪم ڪو به هڪ ماڻهو ڪري ڪونه سگهندو. البت
اميدون ڪري سگهجن ٿيون، پر سڀ اميدون به ڪي پوري
ٿيڻ جون نه آهن.
سوال:
سائين، اميد ته انهيءَ کي به توهان اڳتي وڌائيندؤ. ٻيو عرض ته حضرت شاهه
عبداللطيف ڀٽائيرح جي سوانح تي به
اوهان صاحبن ڪم پئي ڪوي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اوهان
ڪا نئين تحقيق ڪئي هجي يا ڪو آئيندي اهڙو ارادو
آهي؟
جواب:
عرض آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف جي سوانح جي سلسلي
۾ مون سوچيو آهي ۽ مطالعو ڪيو آهي، پر سمجهيو ڪجهه
وڌيڪ آهي ۽ لکيو به گهڻو آهي. هي مسئلو به اڃا
تحقيق طلب آهي. جيستائين ڪا ڳالهه پوري هٿ نه اچي،
تيستائين رڳو نالي طور ڪتاب لکڻ ٺهي ڪونه ٿو. البت
هن وقت تائين حضرت شاهه صاحب جي سوانح جا ٻه پهلو،
جيڪي اڳي مبهم هئا، تن کي مون واضح ڪيو آهي. پهرين
پهرين ڳالهه ته آڳاٽو پنهنجي پنهنجي هڪ مضمون ۾
مون ڪافي تحقيق سان اهو واضح ڪيو آهي ته حضرت شاهه
صاحب جن ڪٿي ڄاوا، سندن والده ڪير هئي ۽ ناناڻا
ڪير هئا. انهيءَ مسئلي بابت هن کان اڳ پوري تحقيق
جي بجاءِ نقلي روايتن کان ڪم ورتو پئي ويو. ٻي
ڳالهه، جيڪا روشن ڪئي ويئي آهي، سا حضرت شاهه صاحب
جي تعليم ۽ طريقي بابت آهي. ان سلسلي ۾ اسان ٻه خط
شايع ڪيا آهن. هڪ خط حضرت شاهه عبداللطيف، مخدوم
محمد معين ٺٽي واري ڏانهن لکيو ۽ ٻيو جوابي خط،
جيڪو مخدوم محمد معين لکيو. انهن خطن ۾ پهريون
ڀيرو اهو ثبوت مليو ته حضرت شاهه صاحب اڻ پڙهيل
ڪونه هو. مير علي شير قانع، شاهه صاحب کي ”اُمي“
ڪري لکيو آهي، پر اُمي جي معنى ڇا آهي؟ قانع جي
انهيءَ لکڻيءَ کان سواءِ ٻيا به دليل ۽ ثبوت آهن،
جن تي غور ڪرڻ ضروري آهي. حضرت شاهه صاحب باقاعدي
نصابي پڙهائي پوري ڪري عالميت جي پڳ ڪانه ٻڌي هئي،
پر اُن وقت جي رواج موجب شاهه صاحب بنيادي تعليم
يعني قرآن شريف ۽ ابتدائي فارسي استادن کان پڙهيا
هئا. وڌيڪ الله تعالى هن کي پنهنجو ذهن ڏنو هو.
ٽيون پهلو سندن سوانح بابت، شاهه صاحب جي راڳ جي
سلسلي جو آهي ته هنن ڪيئن طنبورو ايجاد ڪيو، ڪيئن
راڳ جو بنياد وڌو ۽ ڪيئن انهيءَ اداري کي قائم
ڪيو. انهيءَ کي مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي موسيقيءَ جي
مختصر تاريخ“ ۾ بيان ڪيو آهي. شاهه صاحب جي سوانح
جي انهن ٽن پهلوئن تي مون ڪوشش ڪري روشني وڌي آهي.
باقي توهان بلڪل صحيح چيو آهي ته شاهه صاحب جي
صحيح ۽ تفصيلي سوانح اڃا تائين لکي ڪانه وئي آهي.
”شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڪاميٽيءَ۾ جي تحقيقي
تجويز هيٺ شاهه صاحب جي سوانح کي روشن ڪرڻ پڻ اسان
جي آڏو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان ٻه ڪتاب مير
عبدالحسين سانگيءَ جو اصل ڪتاب، جيڪو فارسيءَ ۾
لکيل هو، سو قلمي صورت ۾ هو، اسان ان کي ڳولي هٿ
ڪري سهڻي نموني سان شايع ڪيو آهي. تنهن کان پوءِ
مرزا قليچ بيگ وارو ڪتاب، جيڪو بنيادي طور تي مير
صاحب واري مواد جو ترجمو آهي، پر اڳ ان کان اڳ سن
1887ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان بعد به ڇپيو، پر اهي ڇاپا
ناياب ٿي چڪا هئا، مون اهو ڪتاب دوباره شايع ڪيو
آهي. انهيءَ طريقي سان اميد ته حضرت شاهه صاحب جي
زندگيءَ تي اڳتي هلي ڪجهه وڌيڪ ڪم ڪبو.
سوال:
سائين، آخر ۾ هڪڙو سوال آهي ته شاهه سائينءَ جي
ڪلام جي مستند ايڊيشن کي تيار ڪرڻ ۾ اوهان جي راءِ
مطابق ڪهڙي دشواري آهي؟
جواب:
دشواريءَ جو سوال هيءُ آهي ته سڄي ڳالهه آهي تحقيق ۽ مطالعي جي، جنهن لاءِ
حالات سازگار هجن ۽ ماخذ معلوم هجن. آءٌ جڏهن شاهه
عبداللطيف ثقافتي ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري هوس، تڏهن
1966ع ۾ مون هڪ تفصيلي تجويز ڏني هئي ته صحيح معنى
۾ خدمت، جيڪا هي ادارو ڪري سگهي ٿو، اُها اِها آهي
ته شاهه صاحب جي زندگيءَ ۽ حضرت شاهه صاحب جي
رسالي جو تحقيقي مطالعو ٿئي. ڪميٽيءَ اها رٿ منظور
ڪئي، پر ڪنهن خاص تحقيقي شعبي قائم ڪرڻ بدران اهو
بار منهنجن ڪلهن تي وڌو ۽ پڻ اهو شرط لڳايو ته اول
بنيادي مطالعو پورو ڪيو وڃي۽ پوءِ رسالي جو جامع
مستند متن تيار ڪيو وڃي. اڪيلي سر، محدود ذريعن
سان، انهيءَ بنيادي مطالعي تي ڪم ڪندي يارهن سال
کن 1966ع کان وٺي 1977ع لڳي ويا. اهو بنيادي
مطالعو انهيءَ لاءِ هو ته اسان کي حضرت شاهه صاحب
جي رسالي بابت ضروري معلومات حاصل ٿئي. مثال طور
حضرت شاهه عبداللطيف جو رسالو ڪنهن ڇپيو ۽ ڪٿان
ڪٿان ڇپيو؟ حقيقت ۾ اها به خبر ڪانهي ته رسالو
ڪيترا دفعا، ڪٿان ڇپيو آهي. ”بمبئي ڇاپو“ عام طور
مشهور آهي، پر ڪهڙو بمبئي ڇاپو؟ بمبئيءَ مان اهو
ڪم از ڪم اٺ دفعا رسالو ڇپيو آهي. ٻيو ته رسالي جا
بنيادي قلمي نسخا ڪهڙا آهن؟ ڪهڙا اصل آهن ۽ نقل
ڪهڙا آهن؟ انهن قلمي رسالن جو پتو ڪيئن لڳائجي ۽
اهي قلمي نسخا ڪيئن هٿ اچن. اسان کان اڳ ۾ به
اهڙون ڪوششون ٿيون، جنهن ڪري ڪي قلمي رسالا هيٺ
مٿي ٿي ويا. بهرحال، بنده ڳولا شروع ڪئي ۽ خدا جي
فضل سان اٺٽيهه قلمي نسخا ڳولي ڪڍيا. گربخشاڻي
صاحب کي لنڊن ۾ هڪڙو رسالو مليو هو، پر اُتي ٻيو
به قلمي نسخو هو، جنهن جي کيس خبر ڪانه هئي. مون
اُهو ڳولي ڪڍيو. هڪڙو قلمي رسالو اتفاق سان مون کي
ايران جي شهر تهران جي هڪ ڪتبخاني ۾ مليو. اهڙيءَ
طرح وڏيءَ ڳولا سان 38 نسخا گڏ ڪيا ويا. ان کان
پوءِ اسان انهن جو غور سان مطالعو ڪيو، جن مان
انهيءَ نتيجي تي پهتاسون ته رسالي کي ٻن صورتن ۾
لکيو ويو آهي. شروع شروع ۾ جيڪي رسالا لکيا ويا،
تن ۾ ”سر سسئي“ پهريائين رکيو ويو ۽ ان کان پوءِ
ٻيا سُر. پهرين دؤر وارا رسالا، جيڪي اسان کي مليا
آهن، سي سڀ ”سسئي“ سان شروع ٿين ٿا. ان کان پوءِ
13 صدي هجريءَ (19 عيسويءَ) ۾ ٽالپر اميرن جي دؤر
۾ حضرت شاهه صاحب جي رسالي ۽ راڳ جو تمام گهڻو
رواج ٿيو. ٽالپر اميرن جا حرم به رسالو پڙهند اهئا
۽ سندن واسطي باقاعدي رسالا لکيا ويندا هئا.
حڪمران ۽ صاحبزادا پاڻ ڀٽ تي ويندا هئا. آخري دؤر
۾ عبدالحسين خان سانگي اهو سلسلو قائم رکيو ۽ پاڻ
پنهنجي وصيت موجب دفن به اُتي ڀٽائي صاحب جي روضي
جي ڇانو ۾ ٿيل آهي. انهيءَ توجهه سان راڳ به زور
ورتو ۽ راڳ جي لحاظ سان رسالي جي به نئين سر ترتيب
۽ تدوين ٿي. اهو هن طرح جو اڳيان لکيل جيڪي رسالا
هئا، سي ”سر سسئي“ سان شروع ٿي ٿيا، پر هاڻي راڳ
جي لحاظ سان سُر رکيا ويا: ڇاڪاڻ ته راڳ سانجهيءَ
کان پوءِ ئي شروع ٿئي ٿو ۽ اهو وقت ڪلياڻ جي ڳائڻ
جو آهي، ان ڪري پهريون سر ڪلياڻ لکيائون. اهڙي
طريقي سان اهي ”راڳناما-رسالا“ نئين سر مرتب ٿيا.
اهڙن رسالن منجهان پهرين پهرين ارنيسٽ ٽرمپ 1866ع
۾ جرمنيءَ جي شهر لپزگ مان رسالو ڇپايو، جنهن جي
شروع ۾ سُر ڪلياڻ آهي. اسان ڪوشش ڪئي ته اهو ڏسون
ته انهيءَ 1866ع يعني 1282هه ۾ ڇپيل رسالي کان اڳ
جو ڪو رسالو لکيل آهي؟ بمبئيءَ وارو ڇاپو به هڪ
سال پوءِ 1283هه ۾ ڇپيو. مسلسل ڪوشش سان اسان ٽي
اهڙا رسالا ڳولي ڪڍيا، جيڪي ٽرمپ واري ڇاپي کان 12
سال اڳ جا لکيل هئا. پوءِ اُهي ٽئي رسالا ڀيٽي
اسان هڪ ايڊيشن شايع ڪيو، جيڪو موجود آهي. اسان
انهن رسالن جا حوالا ڏنا آهن، اهي 1269هه، 1270هه
۽ 1271هه جا لکيل آهن.
هاڻي
تازو اسان کي اهو قلمي رسالو هٿ آيو آهي، جيڪو
1267هه جو لکيل آهي. اهو آڳاٽي ۾ آڳاٽو رسالو آهي،
جنهن جي شروعات سر ڪلياڻ سان ٿئي ٿي. انشاءَ الله
انهيءَ جون پڙهڻيون پهرين ٽن قلمي رسالن سان ڀيٽي،
ٻيو ايڊيشن شايع ڪنداسون، جيڪو سر ڪلياڻ سان شروع
ٿيندڙ رسالن جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو مستند متن هوندو.
سسئيءَ جي سر سان شروع ٿيڻ وارا نَوَ (9) قلمي
رسالا هٿ ڪري، انهن کي ڀيٽي اسان هڪ جدا متن شايع
ڪري چڪا آهيون. سُر سسئيءَ سان شروع ٿيندڙ رسالن
جو اهو هڪ جامع متن آهي. ٻه ٻيا جدا ڪتاب، ”شاهه
جي رسالي جا سرچشما“ ۽ ”شاهه جي رسالي جي ترتيب“
شايع ڪيا ويا آهن.
انهيءَ بنيادي مطالعي بعد، 1980ع کان وٺي اسان
رسالي جي جامع مستند متن تيار ڪرڻ طرف قدم وڌايو
آهي ۽ ان تي ڪم هلي رهيو آهي. هن وقت تائين هڪڙو
جلد تيار ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ سر ڪلياڻ ۽ سر يمن
اچي وڃن ٿا. هي وڏو ۽ ڏکيو ڪم آهي. اٽڪل ٻاونجاهه
رسالن جي ڀيٽ ڪرڻي آهي، جن مان چاليهه کن قلمي
آهن، ۽ ٻيا ”ڇاپي“ انهن پنجاهه کان مٿي رسالن مان
هر هڪ کي ڏسڻو آهي ته ان ۾ هڪ هڪ بيت ڪيئن لکيل
آهي. ان جي هر هڪ سٽ ۾ لفظ ڪيئن لکيل آهن، ۽ معنى
جي لحاظ سان ڪهڙا لفظ وڌيڪ صحيح آهن. اهڙيءَ طرح
راقم رسالي جي پهرين ٻن سرن جو جامع مستند متن
قائم ڪيو آهي. نه فقط ايترو، پر هر بيت ۽ وائيءَ
جي سٽ وار معنى به لکي آهي. لفظن جي معنى به ڏني
آهي. هيءُ وڏو ڪم آهي. پهريون جلد ڇپائيءَ هيٺ
آهي. ڇپجي پورو ٿئي ته ڏسون ته اڳتي ڪهڙو قدم
کڻجي.
(ورتل مهراڻ، 3، 1985ع)
نياز
همايوني
سنڌ جو برک اديب
عالم:
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
سنڌ
جي سر زمين بيشڪ ڀاڳوند آهي، جنهن تاريخ جي هر دور
۾ اهڙا علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي سڄاڻ ۽ سرواڻ
پيدا پئي ڪيا آهن، جن تي سنڌ واسين سميت سڄي جڳ کي
ناز آهي. اسان ٻهراڙين ۾ اهڙا عجيب ماڻهو ڏٺا آهن،
جيڪي ڳالهيون ڪندي ڪنهن وَسَن جهڙيءَ شيءِ جي
واکاڻ ٻڌي اُمالڪ چئي ڏيندا ته:
”اِها مون کي ايتري ٿي وڻي، جو وس پڄيم ته جيڪر
کڻي کيسي ۾ وجهي ڇڏيانس!۾
يعني، سونهاري لطيف جي لفظن ۾:
اکين
۾ ٿي ويهه، ته واري آءٌ ڍڪيان،
توکي ڏسي نه ڏيهه، آءٌ نه پَسان ڪِي ٻيو!
مون نيازمند کي علم ادب سان واسطيداريءَ جي ناتي
ڪيترن اديبن، عالمن ۽ دانشورن سان ٿوري گهڻي ڄاڻ
سڃاڻ رهندي ٿي اچي. انهن مان جيڪي ڀلارا پنهنجي
بلند ظرفيءَ جي ڪري مون کي قائل ڪري چڪا آهن، تن
مان محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به آهي؛ جنهن کي
سرائيڪي چوڻيءَ موجب
”هڪ ئي رانجهو لکان دا مَٽ“ چئي سگهجي ٿو.
ڊاڪٽر صاحب کي جيڪڏهن جاچي ڏٺو ويندو ته هڪ دُرو
انديش، مردم شناس، هر دلعزيز شخص ۽ وڏي ظرف وارو
برگزيدو ماڻهو نظر ايندو، جنهن کي سندس ادبي رياضت
۽ علمي فضيلت جي ڪري
”الهه لوڪ“
چئي سگهجي ٿو.
پاڻ نه رڳو علم ادب جي معاملن ۾ مصروف رهي، ٻين کي
فيض رسائيندڙ آهي، پر پنهنجي خانداني ذميوارين در
حق به بڙ جي وڻ وانگي وسيع آهي، جيڪا خوبي ڪن ٿورن
ماڻهن ۾ ٿئي ٿي.
اديب جي حيثيت ۾ اُٺ ڪتابن جا ڪيترن سڳورن لکيا ۽
گڏايا، پر پنهنجي خاندان جي سار سنڀال ڪن ٿورڙن
ڪئي؛ پر ڊاڪٽر بلوچ صاحب اهو ڪردار به مثالي حد
تائين ادا ڪندو رهيو.
ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت ۾ هڪ وڏي خوبي اها به آهي ته
ڪنهن ٻئي عالم يا اديب جي تنقيد به دل سان قبولي،
اُن جو ٿورائتو ٿئي ٿو. ڪيترا ڏينهن ٿيا ته شاهه
لطيف جي هڪ معتبر پارکوءَ ٻانهي خان (جنهن جي
ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي جا تازو ٻه حصا ڇپجي چڪا
آهن ۽ ٽيون حصو ڇپائيءَ هيٺ آهي) ڊاڪٽر بلوچ صاحب
جي شاهه لطيف واري تحقيق بابت ڪجهه تنقيد ڪئي. پاڻ
جڏهن اُها ڏٺائين ته اُن لاءِ ٻانهي خان جو
ٿورائتو ٿيو. اِهو ٻڌي مون کي اِها ڳالهه دل سان
لڳي ته ڊاڪٽر صاحب جيڪو پاڻ کي هميشہ
”خادم العلم“
لکندو آهي، سو واقعي اهڙي بلند ڪردار وارو ثابت ٿي
چڪو آهي. ان باري ۾ منهنجو ذاتي تجربو آهي ته مون
هڪ ٻن نام نهاد قداور ادبي شخصيتن کي سندن قلم جي
ڪوتاهيءَ بابت نشاندهي ڪندي، جڏهن اصل حقيقت نروار
ڪئي ته اُنهن اچي اهڙو ويرُ وڌو، جو سندن مرڻ کان
پوءِ به پنهنجي جند نه ڇُٽي!
چوندا آهن ته هڪڙن جون اوڻايون ڏسي، ٻين جون
چڱايون ياد اينديون آهن؛ ان ڪري اها ڳالهه ياد
آئي ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي سندس دريا دليءَ تي داد
ڏيڻو پيو. ڊاڪٽر صاحب جي رهڻي ڪهڻي ڏاڍي سادي، پر
وڏي سيبتائيءَ واري آهي، آئي کي آڌر ڏيندڙ، مهمان
جي خاطر تواضغ ڪندر، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ظاهر
داري ڪانه لکائيندي، مجلس ۾ ويهڻ سان پنهنجي ڳالهه
گهٽ ڪندو، پر ٻئي جي گهڻي ٻڌندو. ٻين کي عزت ڏيڻ
جو وٽس اهو طريقو آهي، تنهن ڪري ته هر ڪو کيس
مانائتو ڪري ليکي ٿو.
سچ چيو اٿن ته بزرگن جو قول ۽ فعل برخوردارن لاءِ
هڪ سبق آهي، جنهن کي ڌيان ۾ رکي، ڪنهن بزرگ سان
ملاقات ڪئي ويندي ته گهڻي تربيت حاصل ٿي رهندي.
اسان سڄي عمر ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪتابن جو مطالعو
پئي ڪيو آهي، سو ته جاري رکڻ کپي، پر اهو مشاهدو
به ضروري ليکيو وڃي ته هاڻ ڊاڪٽر صاحب جي بلند
ڪرداريءَ، وسيع ظرفيءَ، علمي محنت ۽ عملي رياضت کي
ڌيان ۾ رکي، پنهنجي ڪردار بابت سوچي، ان کي هڪ
برخوردار جي حيثيت ۾ بززرگن جي نقش قدم تي هلائڻ
جا جتن ڪرڻ به اچن. هن وقت اهڙي هوا گهُلي رهي
آهي، جو ماڻهو پنهنجو پاڻ کان پرانهان ٿيندا پيا
وڃن. اها ريت سنڌ جي اخلاق ۽ اخلاص ۾ نٿي اچي. اُن
تي جيڪڏهن ڪو يقين نٿو ڪري ته اها سندس ڀُل آهي.
**
ڪتاب: ”سنڌ صدين کان“، مرتب: ممتاز مرزا، ناشر: سنڌ ثقافت کاتو
ڪراچي، ڏسو ڊاڪٽر صاحب جو ان موضوع تي مقالو.
|