ڪتاب جو ٻيو موضوع آهي
”تاريخ“.
هي مضمون پڻ پهرئين مضمون جو منطقي نتيجو ۽ تسلسل
آهي. بلڪ ڊاڪٽر بلوچ جي منطقي سوچ ۽ نفسيات جو
پڙاڏو آهي، ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جون وستيون ۽ واهڻ ان
ڪري ڏٺا ته سگهڙن، سياڻن ۽ سپورنجن سان ڪچهريون
ڪري. ڪچهريون ان ڪري ڪيائين ته پنهنجيءَ ڌرتيءَ جو
سچو سپوت بڻجي، ان جي شاندار ماضيءَ جي تلاش ڪري ۽
انهيءَ خزاني کي محفوظ ڪري. مطلب ته سندس ڪچهرين
جو مقصد تاريخ، تاريخ شناسي ۽ تاريخ نويسي آهي.
گورنر هائوس ڪراچي ۾ 4 سيپٽمبر
1993ع تي پوليس سٽيزن ڪميٽيءَ جي افتتاحي تقريب ۾
گورنر سنڌ حڪيم محمد سعيد، جناب محمود هارون، جناب
ڊاڪٽر نبي بخش وزير تعليم، زراعت ۽ جهنگلي جيوت،
حڪومت سنڌ
1983ع ۾ وزيراعظم هائوس اسلام
آباد، ڊاڪٽر بلوچ صاحب صلاحڪار نئشنل هجره ڪائونسل
جي حيثيت ۾، جناب اي ڪي بروهي، چيئرمئن نئشنل هجره
ڪائونسل جي آجيان ڪندي.
1993ع ۾ نئشنل هجره ڪائونسل جي
ڪانفرنس جي موقعي تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب اڳوڻي
وزيراعظم جناب محمد خان جوڻيجي جي آجيان ڪندي
همدرد
يونيورسٽي ڪراچيءَ طرفان ڪوٺايل انٽرنئنشنل
ڪانفرنس جي موقعي تي ڊاڪٽر ايڇ، دانيءَ جي ليڪچر
تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب خيال آرائي ڪندي (29 نومبر
1993ع)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ريڊيو
پاڪستان تربت جي سالگره جي موقعي تي مهمان خاص طور
تقرير ڪندي
ريڊيو پاڪستان تربت (بلوچستان) جي
سالگره 4 جنوري 1994ع) جناب بشير بلوچ (اسٽيشن
ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان، تربت) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
۽ مرڪزي وزير اطلاعات
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
بلوچستان يونيورسٽي ڪوئيٽا ۾ ”بلوچي ادب جي
تاريخ“ تي ليڪچر ڏيندي (1999ع) |
سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي
سينيٽ جي گڏجاڻيءَ ۾، ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، وزير تعليم حڪومت سنڌ ۽ اڳوڻي وائيس
چانسلر جي حيثيت ۾ تقرير ڪندي (آڪٽوبر
1993ع) |
”سنڌي
ٻولي ۽ ٻارڙو“ سيمينار، بدين ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، چيئرمئن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، هڪ خاتون
استاد کي سرٽيفڪيٽ ڏيندي (1993ع)
سنڌي لئگئيج اٿارٽي جي پهرئين بورڊ
آف گورنرس (1991ع) جا ميمبر: ساڄي پاسي کان کاٻي
پهرين قطار: (1) ڊاڪٽر ايم اي قاضي (2) جناب سليم
خان، سينئر ميمبر بورڊ آف ريوينيو سنڌ (3) ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ (باني چيئرمين) (4) جناب هاشم
رضا (5) جناب علي نواز وفائي (صلاحڪار ثقافت سياحت
کاتو حڪومت سنڌ) (6) ڊاڪٽر غلام علي الانا. کاٻي
کان ساڄي پوئين قطار: (1) جناب ممتاز مرزا،
ڊائريڪٽر جنرل ثقافت سياحت کاتو (2) جناب
عبدالحميد آخوند سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتو (3)
جناب نذر محمد شيخ سيڪريٽري ناڻو کاتو حڪومت سنڌ
(4) پروفيسر محمد فاضل شيخ (5) جناب سيد علي مير
شاهه (6) ڊاڪٽر تنوير عباسي (7) جناب مراد علي
مرزا (قائم مقام سيڪريٽري سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (8)
جناب بشير مورياڻي سيڪريٽري تعليم (9) جناب شهزور
علي طيباڻي (ڊپٽي ڊائريڪٽر)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وائيس
چانسلر سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي حيثيت ۾، برٽش
ڪائونسل جي نمائندي کان ڪتابن جو تحفو وصول ڪندي،
ڀرسان سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر سيد
غلام مصطفى شاهه بيٺل آهي (28 فبروري 1974ع)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
ائڊمنسٽريٽو اسٽاف ڪاليج لاهور ۾ ليڪچر ڏيندي
(1995ع)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1 آگسٽ
1975ع تي هوٽل انٽر ڪانٽينيٽل راولپنڊيءَ ۾ حڪيم
محمد سعيد ۽ احمد نبي خان سان گڏ، نندنا فورٿ
(جهلم) تي ليڪچر ڏيڻ وقت
ان ڪري موضوع ”ڪچهريءَ“ کان پوءِ ”تاريخ، جي موضوع
تي اچڻ گهربو هئو، جيڪو هن ڪتاب ۾ موجود آهي. هن
ڳالهه مان پڻ ”لائق ۽ ماهر محقق“ جي ڪسوٽي ٺهي ٿي
ته تحقيق ۾ ماخذن جي تلاش کان علاوه مواد جي منطقي
ترتيب به وڏي اهميت رکي ٿي. اهڙين ڳالهين ڪري
ڊاڪٽر بلوچ جو هي ڪتاب هڪ طرف سندس ”مثالي محقق“
واري حيثيت تي روشني وجهي ٿو ته ٻئي طرف نون محققن
جي رهبري به ڪري ٿيو.
”تاريخ“ جي ڳالهه نڪتي ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي
تاريخ جي هڪ اهم موڙ ۽ تحريڪ
”خلافت حريڪ“
جو ذڪر ڪيو ۽ انهيءَ کي پنهنجي ڪتاب ۾ موضوع جي
حساب سان ٽئين نمبر تي رکيو.
”خلافت تحريڪ“ سنڌ واسين جي سياسي شعور ۽ بصيرت جو انوکو مثال
آهي، هن تحريڪ جي اڳواڻي سنڌ ڪئي. انگريز سرڪار
خلاف بغاوت جي خوشبوءِ ڏيندڙ واقعا سنڌ ۾ ئي ٿيا،
”بائڪاٽ“ جا ٺهراءَ، سنڌ ۾ پاس ٿيا، ترڪ موالات
جون ڳالهيون سنڌ ۾ ٿيون ۽ ”هجرت“ جو عمل سنڌ کان
شروع ٿيو. جيڪڏهن خلاف تحريڪ نه هلي ها ته شايد
عام مسلمانن کي فيل مست انگريز سان مهاڏي اٽڪائڻ ۽
اکيون اکين ۾ ملائڻ جو ڏانءُ ئي نه اچي ها، ۽
جيڪڏهن اهڙو ڏانءُ اچي ها ته ”پاڪستان“ ٺهڻ جو
تصور ڌنڌلو ٿي پئي ها. ان ڪري، ”خلافت تحريڪ“ جي
حوالي سان سنڌي جهڙوڪ پاڪستان جا باني آهن. هونئن
به پاڪستان جو باني سنڌي هو. منهنجي خيال ۾،
اهڙيءَ ريت جيڪڏهن ”هجرت تحريڪ“ نه هلي ها ته
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وڏي پئماني تي پناهگيرن جي
لڏ پلاڻ نه ٿئي ها. ان ڪري ”خلافت تحريڪ“ اسان جي
وڏڙن جي سياسي بصيرت خواه غلطين جو بي بدل رڪارڊ
مهيا ڪري ٿي. هن تحريڪ جي اهڙي افاديت ۽ اهميت کي
ڌيان ۾ رکندي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب ”تاريخ“ جي مضمون
کان پوءِ هن تحريڪ کي موضوع بڻايو آهي.
تاريخ جي حوالي سان جڏهن خوبين ۽ خامين جي ڳالهه نڪتي ته آدرشي
انسانن کي ياد ڪرڻ ضروري ٿي پيو. اهي آدرشي انسان
جيڪڏهن پنهنجي تن، من ۽ ڌن جي قرباني نه ڏين ها ته
هن وقت حالتون ڪجهه ٻيون هجن ها.
اهڙن آدرشي انسانن مان ” سورهيه بادشاهه صبغت الله شاهه راشدي“
هڪ هو. جڏهن پنهنجن ۽ پراون جي شعوري خواهه لا
شعوري ڪوشش ڪري، گڏيل هندستان جا ماڻهو ”هندو“ ۽
”مسلمان“ ڪئمپن ۾ ورهائجي ويا ته ان وقت ڏاڍن وڏن
۽ بي لوث ماڻهن کي ٻُڌو اڻ بڌو ڪيو ويو: مولانا
عبيدالله سنڌي ۽ سورهيه بادشاهه انهن مان ئي هئا،
جن اڪيلي سر فرنگين سان مهاڏو اٽڪايو ۽ وطن جي
آزاديءَ خاطر ديس تان صدقي ٿي ويا. سورهيه بادشاهه
آزاديءَ جي تحريڪ جو بي بدل هيرو آهي. سندس
زندگيءَ جي ڪهاڻي، جيڪڏهن مان پنهنجن ئي لفظن ۾،
بلڪ هڪ سٽ ۾ ٻڌايان ته اها سٽ هيءَ هوندي:
”هن ڏيهه ڏکيا جي ڏينهن ڏٺا، ڪي شاهه ڪٺا، ڪي
شينهن ڪٺا!“
پاڪستاني دؤر جي تاريخ نويسن تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌ جي حصي ۽ سنڌ
جي بي بدل آدرش کي نظر انداز ڪيو آهي. شايد اها
لاشعوري تنقيد هئي، جنهن ڪري تاريخ ۽ تحريڪن جو
ذڪر ڪندي، ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جي هڪ عظيم ۽ بي بدل
آزاديءَ جي تحريڪ جي هيري جو ذڪر ڪيو آهي.
اسان پنهنجا آدرش ڇو وساريا آهن؟ ان جو منطقي جواب ڊاڪٽر بلوچ
جي موضوعن واري منطقي ترتيب ۾ موجود آهي، جواب آهي
”زمانو بدلجي ويو.“
”زمانو بدلجي ويو“
هن ڪتاب جو پنجون موضوع/ مضمون آهي، هن مضمون ۾
اهو ٻڌايو ويو آهي ته ڏٺل وائٺل حالتون اسان لاءِ
بيرخيون ڇو ۽ ڪيئن ٿي ويون. اسان جا نظريا، قدر ۽
اصول ڪيئن بدلجي ويا. جڏهن تاريخ پنهنجو پاسو
بدلايو ته اسان ڇا کٽيو ۽ ڇا وڃايو. هي مضمون
بدلجندڙ حالتن تي وڏي کان وڏي شاهدي ۽ وڏي کان وڏو
احتجاج آهي. زنده ۽ باشعور قومون حالتن کي به معاف
نه ڪنديون آهن، بلڪ پنهنجو احتجاج رڪارد
ڪرائينديون آهن ته جيئن ايندڙ نسل ۾ وڌيڪ تميز ۽
شعور پيدا ٿي سگهي ۽ اهي انهيءَ روشنيءَ ۾ ڪجهه
سوچي ۽ لوچي سگهن.
”زمانو بدلجي ويو“ حالتون بيرخيون ٿي ويون، پر ڇو؟ ڊاڪٽر بلوچ
جي ڪتاب جي ترتيب ان ”ڇو“ جو به جواب ڏئي ٿي؛ جواب
آهي:
”ويا سي وينجهار“
اهو موضوع ۽ مضمون ان ڪري ڪتاب ۾ ڇهين نمبر تي
اچي ٿو.
جڏهن قومن ۾ قحط الرجالي ايندي آهي يا ماڻهن کي بيقدريءَ جي ول
ويڙهي ويندي آهي ته سياڻا ۽ سپورنج، ڏاها ۽ ڏونگر
ڏارڻا منهن مٽي ويندا آهن. ”ويا سي وينجهار“ ۾
ٻڌايو ويو آهي ته اسان کان ڪهڙا ۽ ڪيڏا نه ملوڪ
ماڻهو جدا ٿي ويا، ان ڪري ئي اهو حال ٿيو آهي:
ڪير چئي ٿو آهه انڌير،
يارو! ڪونهي مڙس مٿير.
جڏهن ملڪ ۾ سياسي،سماجي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي آدرشن جي اڻاٺ ٿي
پوي ته پوءِ اهو ضروري ٿي پوي ٿو ته ”قومي تشخص“
کي اجاگر ڪيو وڃي. قوم ڀلي ته ڪيترن ڪڙمن، قبيلن،
نکن ۽ پاڙن ۾ ورهايل هجي، ڀلي ته ڪي ٽوپيون
پائيندا هجن يا پٽڪا ٻڌندا هجن، پر ٻولي سڀني لاءِ
”ڪامن فيڪٽر“ برابر آهي. سمورا ماڻهو ٻولي هڪ ئي
ڳالهائيندا آهن: ان ڪري منطقي طور تي ڪتاب جي مواد
جي ترتيب ۾ ”ٻوليءَ“ کي اچڻ گهرجي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ به ائين ئي ڪيو آهي. ”وياسي وينجهار“ کان
پوءِ هن ”سنڌي ٻوليءَ“ کي موضوع بڻايو آهي ۽
انهيءَ حوالي سان هن ڀلوڙ محقق ٻوليءَ ۾ زير، زبر
۽ اعرابن واري اهميت ۽ ضرورت تي پنهنجا ويچار
ونڊيا آهن.
”ٻوليءَ“ وانگر ”ڌرتي“ به قوم جو ”ڪامن فيڪٽر“ ٿيندو آهي،
ڌرتيءَ جي حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جي اوڀڙ، ڏٿ،
ڏوٿين، واٽن ۽ راهن جي حوالي سان لڳاتار ٽي موضوع
پنهجي ڪتاب ۾ رکيا آهن؛ جن کي پڙهڻ سان ڌرتي
شناسيءَ ۽ ڌرتي دوستيءَ جا جذبي اڀري اچن ٿا ۽
پڙهندڙ کي سنڌ جي سکيي ستابي هجڻ ۽ قدرت طرفان
مليل نعمتن سان مالا مال هجڻ تي يقين اچي ٿو.
”ڌرتيءَ“
جي ڳالهه ڪرڻ کان پوءِ ڊڪٽر وري ڌرتيءَ ڌڻين کي ياد ڪيو آهي،
ان ڪري هن سنڌ جي راندين، ملهه ۽ ملهن، عوامي
فيلسوفن ۽ مانائتين ماين جا مذڪور ٻڌائيندي، سنڌ
جي هنرمندن مان لوهارن جي ڪاريگريءَ جا تفصيل ڏنا
آهن ۽ اهو تاثر ڏنو آهي ته لطيف سنڌ آهي ۽ سنڌ
لطيف آهي، لطيف کي سمجهڻ لاءِ سنڌ جي برٿر، وستيءَ
واهڻ قرب ڪچهرين ۽ هنرن ۽ ڪاريگرين کي سمجهڻو
پوندو.
ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ ٻيا ڪي متفرقه موضوع پڻ ڏنا آهن، جن جي پڻ
وڏي اهميت آهي ۽ انهن جو ڪجهه زڪر اسان هن کان
پوءِ ڪنداسين. اهڙيءَ ريت ٻي انوکي ۽ منطقي ڳالهه،
جيڪا ڪتاب جي ترتيب ۾ اسان کي نظر اچي ٿي، اها
هيءَ آهي ته ڪتاب جي مواد جي شروعات لفظ
”ڪچهري“ جي ڇنڊ ڇاڻ سان ٿئي ٿي ۽ پڄاڻي وري
”ڪچهري ناڙيءَ“
سان ٿئي ٿي. ڊاڪٽر صاحب بنهه ائين ڪتاب جي پڄاڻي
ڪئي آهي، جهڙوڪ چوندو هجي ته ”ڪچهريون قائم“!
ڪتاب جي ٻولي:
محقق جو اولين ۽ بنيادي ڪم هوندو آهي قوم جي نظرين، قدرن ۽
اصولن جي تشريح ڪرڻ؛ واقعن، ادارن ۽ آدرشن کي عوام
لاءِ مثالي، قابل قبول ۽ لائق تقليد بنائڻ ۽
تاريخ، علم ادب خواه ثقافت جي منجهيل سُٽ کي
سلجهائڻ، انهيءَ منصب ۽ ذميواريءَ ڪري محقق عام ۽
عوام جو استاد ٿيندو آهي ۽ ان ڪري ٻولي به عام فهم
۽ عوامي ڪم آڻيندو آهي.
ڊاڪٽر بلوچ انهيءَ ڪسوٽيءَ تي پورو پوندو به اسان کي پنهنجي هن
ڪتاب ۾ فصاحت ۽ بلاغت جي رنگ ۾ رتل ٻولي ڏني آهي. |