سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مثالي عالم

باب-

صفحو :19

ڊاڪٽر صاحب جي رڳو ان هڪڙي ڪتاب کي پڙهي ئي ڊاڪٽر صاحب جي دور رس نظر، سندن علمي ۽ ادبي توجيحات، سندس علم، ڄاڻ، ادراڪ ۽ سندن منطقي انداز بيان جو دل سان قائل ٿيڻو پوي ٿو. ايڏي ڄاڻ، ايڏي علم ۽ ايڏي مطالعي لاءِ ايڏي وقت، ايڏي عقل ۽ ايڏي رياضت جي ضرورت آهي. ان سموري علم کي لکي سگهڻ جي لاءِ انشاء جو صاحب هجڻ پڻ ضروري آهي. ان سان گڏوگڏ ايڏن وڏن علمي ڪمن ڪرڻ لاءِ گهڻي ڌيرج ۽ گهڻي برداشت جو هجڻ ئي سڀ کان وڏو صبر آزما مرحلو آهي ۽ اهو سڀ ائين ئي بنا محنت جي، مفت ۾ نه ملندو آهي، پر ان لاءِ پنهنجو خون جگر جلائڻو پوندو آهي. جيئن ”ڌوڙ ڌويو“ ڌوڙ مان سون ڪڍي ٿو، تيئن ڊاڪٽر بلوچ پڻ هڪ”ڌوڙ ڌوئي“ وانگر سنڌي جاتيءَ جي ٻوليءَ، ادب ۽ سڀيتا جي سون سريکين ڳالهين، ريتن، روايتن، ڳيچن، ڳاهن، هنرن، فنڪارن، شاعرن ۽ ٻين تاريخ ساز هستين بابت علم جو اهو اڻميو خزانو مڻين مٽيءَ منجهان ڇاڻي، ذرو ذرو ڪري ميڙيو آهي. جيئن هڪ ”سچو شاعر“ لکن ۾ پڌرو هوندو آهي، تيئن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙو سچو پچو عالم، شارٽ ڪٽ ٽائيپ عالمن جي هيڏيءَ پيهه ۾ پڌرو هوندو آهي. شال، سنڌ جو هي بي بها عالم وڏو ڄمار ماڻي، جو اهڙن پارس صفت ماڻهن جي سنڌ کي اڃا ضرورت آهي!

 عبدالرحمان پليجو

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ:

لوڪ ادب جو مطالعو

سنڌ تي جڏهن ون يونٽ مڙهيو ويو هو، هيءَ تن ڏينهن جي ڳالهه آهي.

سنڌي ادبي بورڊ کي ترقي وٺائڻ لاءِ بورڊ اختياريءَ وارن طرفان سنڌ جي مشهور اديب، صحافي ۽ پبلشر جناب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. پٺيان سندس نگرانيءَ ۾ هلندڙ اسلاميه دارالاشاعت جو ڪتابي سلسلو، قرآن پريس، جتي سنڌي معنى سان قرآن شريف ڇپجي رهيو هو، ۽ ”عبرت“ ۽ ”انسان“ ٻه هفتيوار اخبارون نڪرنديون هُين. انهيءَ انتظام لاءِ مون کي مقرر ڪيو ويو. هڪ ئي وقت آءٌ هفتيوار ”عبرت“ ۽ هفتيوار ”انسان“ جو ايڊيتر ۽ ”قرآن پريس“ جو مئنيجر به هئس ته ”اسلاميه دارالاشاعت“ جي اداري جو هڪ ادنى ڪارڪن پڻ هئس. اتي ئي اڪثر محمد خان غني ۽ محمد سومار شيخ بدين واري سان ملاقاتون ٿينديون هيون. اهو ئي دور هو جو سنڌ جو سدا ملوڪ فنڪار استاد جمن حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي شايد هڪ سارنگي نواز جي حيثيت ۾ اچي ڀرتي ٿيو ۽ منهنجي ان سان دوستي ٿي هئي. بورڊ ۾ مرزا همايون بيگ جي به زيارت ٿيندي هئي. اهي سڀ سنڌ جو سينگار هئا.

اهي ئي ڏينهن هئا، جو پڙهيل لکيل طبقي ۾ هڪ نئون نالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي جاءِ والارڻ لڳو. هن صاحب سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس جي هڪ ڪنڊ ۾ ”سنڌي لغت“ آفيس قائم ڪئي. سنڌ جا پڙهيل لکيل ماڻهو ان ۾ پارٽ ٽائيم جاب ڪرڻ لڳا هئا. مون کي اتي جونيئر ورڪر ڪري رکيو ويو. ڏاڍو زنده دليءَ ۽ خوش طبيءَ جو سٺو ماحول هو. آخوند حبيب الله سانوڻيءَ پراڻن هالن واري جا چرچا گهٻا اڃا به ياد آهن:

چريون ڏيئي چار، واڇان ورتيم هڪڙي،

تنهنجا ڪهڙا پار، جو رسو کڻي هلي ڇيڻن تي.

ڪم جون ٻه شفٽون هيون، صبح ۽ شام. سيد سردار علي شاهه، محترم غلام علي الانا ۽ مخدوم غلام احمد به اتي پارٽ ٽائيم ڪم ڪندا هئا. رشيد احمد لاشاري ۽ لوڪ ادب جي ڄاڻو ۽ محقق محترم عبدالڪريم سنديلي جون خدمتون به هڪ مختصر مدت لاءِ حاصل ڪيون ويون هيون. اسان ان کي ”ڊڪشنري ڊپارٽمينٽ“ چوندا هئاسين. ممتاز مرزا مرحوم به اتي نظر ايندو هو ۽ ڪارڪنن جا ننڍڙا ڪم شوق سان ڪندو هو. ننڍو هو ان ڪري لغت جي عملي ڪم ۾ شمال نه هو، پر کيس ڏاڍو شوق هوندو هو لکڻ پڙهڻ جو. سيد سردار علي شاهه جي ”مهراڻ“ ۾ ايڊيٽر ٿيڻ سان ان جي جاءِ تي محترم محمد اسماعيل شيخ کي انچارج ڪري رکيو ويو. شيخ صاحب ڌُر کان ئي هڪ محنتي ۽ اورچ ۽ صبر سان مسلسل قلمي پورهيو ڪندڙ انسان آهي. اڄ به هو پنهنجي سونپيل ڪم سان سچو آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش ”سنڌي لغت“ جو اهو ٿڪائيندڙ ۽ ڊگهو ڪم وڏين ڏکين ۽ اڻانگين واٽن تان ورندي، ڪيترن مسئلن کي منهن ڏيندي، خير خوبيءَ سان پورو ڪيو. اهو به سندس سنڌ لاءِ هڪ وڏو ڪارنامو آهي.

ڊاڪٽر صاحب اڃا ٻن ٽن سالن جو صغير ٻار هو ته سندس والد صاحب ڦوهه جوانيءَ ۾ 1919ع ۾ هي جهان ڇڏي ويو. سندس لبن تي آخري اکر اهي هئا ته ”منهنجي پٽ کي پڙهايو وڃي“ مرحوم جي وصيت وڌ کان وڌ شايد سندس تصور کان به وڌيڪ تڪميل تي پهتي.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 1936ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ 1941ع ۾ شيخ بهاؤالدين ڪاليج جهونا ڳڙهه مان بي. اي آنرز پاس ڪئي، ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽيون نمبر کنيو. (هڪ دوست ان ڪاليج کي بهاؤ الدين ذڪريا ڪاليج لکيو آهي. شيخ بهاؤ الدين جهونا ڳڙهه جو وڏو وزير هو، ان جو غوث بهاؤ الدين ذڪريا سان ڪو به واسطو نه هو.) ان کان پوءِ پاڻ علي ڳڙهه مان ايم. ايم، ايل. ايل. بي پاس ڪيائون.

اتان اچي 1945ع ڌاري ”گڏهه“ نالي هڪ ڪتاب لکيائون، جنهن تي پڙهيل لکيل طبقي ۾ سندن نالو توجهه طلب ٿيو. اهو ئي دور هو، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب جو ذهني لاڙو سنڌ جي ”اصل روح“ يعني ”سنڌ جي لوڪ ادب“ ڏانهن ٿيو. 1945ع ڌاري ڳوٺ مير محمد خان هيسباڻي (دؤڙ) ۾ پهريون ڀيرو سگهڙ دودو عاقلاڻي کين گڏيو، ان جي ڪچهريءَ ۾ لس ٻيلي جي سگهڙن ۽ شاعرن ڏانهن سندن توجهه ٿيو. وري اسان جي ضلعي ٺٽي واري گهاري ساڪري جي تر ۾ راڄ ملڪ ۾ رئيس احمد خان، عبدالمجيد ۽ عبدالله خان ملڪاڻين جي اوطاق تي ٿيل رهاڻ ۽ مارڪي ۾ سگهڙ حاميد خان رند کان شيخ ابراهيم لس ٻيلي واري جا بيت ٻڌائون ۽ ڪبير شاهه ۽ شيخ ابراهيم جي شاعرانه مناظري جو به ذڪر ٿيو هو. انهن مڙني ڳالهين بلوچ صاحب کي لس ٻيلي ڏانهن اسهائي سنباهيو. پوين ڏينهن ۾ ٺٽي ضلعي ۾ ساڪري جي سگهڙ حاجي سرماڻ بگهياڙ سان ڪچهريون ٿيون ۽ سندس لائق فرزند حاجي محمد سوڍي سان گهري دوستيءَ جي ابتدا ٿي، جيڪا تا زندگي قائم رهي. سندن ٻيو قابل ذڪر دوست محمد اسماعيل نون هو، جنهن ٺٽي ۾ ڊپٽي ڪمشنريءَ دوران 1960ع ۾ مون کي ٺٽي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو پبلسٽي آفيسر مقرر ڪيو هيو. سندن نون صاحب سان دوستي به توڙ تائين رهي. پاڻ صالح محمد بلوچ سان گڏجي 23 جون 1946ع ۾ لس ٻيلي روانا ٿيا ۽ رات جو ٻين بجي وڃي اٿل ۾ منزل انداز ٿيا، اتي ٽي ڏينهن مقامي سگهڙن سان ڪچهريون ڪيائون. 11 آگسٽ تي لاسي سگهڙ شيخ سائينداد جي ڪلام جو ڪتاب نظر مان ڪڍيائون.  شيخ سائينداد جي پٽ شيخ غلام حسين مهربانيءَ لاڳو اهو ڪتاب سندن نذر ڪيو. اڃا ڳالهه اتي هئي ته مٿان سندن آمريڪا وڃڻ جو هاواڻو هليو. پاڻ 14 ۽ 15 تاريخن جون ٻه راتيون سانده ان ڪتاب جو مطالعو ڪيائون ۽ نوٽ ورتائون. 16 آگسٽ تي ان ساري ميڙي چونڊيءَ سميت بمبئيءَ کان سامونڊي جهاز ”جنرل گارڊن“ ۾ سوار ٿي فرانسسڪو آمريڪا روانا ٿيا.

آمريڪا جو سامونڊي سفر ڪندي،ر وزا رکندي، نمازون پڙهندي  ۽ هندي وڏي سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ کي جهاڳيندي، قلمي ڪشالا ڪڍندي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب علمي پورهيو عبادت سمجهي ڪندو رهيو. سفر هلندي ڪتاب جي سٽا ٺاهي، ٽي باب مقدمي سميت لکي پورا ڪيائين. چوٿون ۽ پنجون باب نيويارڪ ۾ لکيائين، نيٺ 1949ع ۾ اتان اعلى تعليم پرائي، سنڌ جا وڻ اچي وسايائين. هتي 1949ع جي نومبر مهيني ۾ ”ٻيلاين جا ٻول“ ڪتاب جو مسودو مڪمل ڪيائين، جيڪو ”سنڌي لوڪ ادب“ جي پيڙهه جو پٿر  ثابت ٿيو. ”ٻيلاين جا ٻول“ سنڌين لاءِ هڪ نئين ڳالهه هئي. ان اسان کي ادبي ۽ ثقافتي سوچ جي هڪ نئين واٽ ڏيکاري.

ڊاڪٽر صاحب کي آمريڪا مان موٽندي، پنج ڇهه سال ٿيا هئا، تڏهين به هن ۾ ٻاهرين کلي فضا جا اثرات اڃا باقي هئا. پاڻ اڪثر شام جو ڊنر سوٽ (اڇو ڪوٽ، ڪاري پينت ۽ اڇي بوٽ) پائي، ٻاهر هوا خوريءَ لاءِ يا ڪنهن دعوت يا فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ لاءِ نڪرندا هئا. ان زماني ۾ آءٌ سندس شاندار شخصيت کان بيحد متاثر هئس.

انهيءَ دور ۾ پاڻ ترت ئي سنڌي لوڪ ادب جو گران بار پنهنجن ڪلهن تي کڻي. الله توهار ڪيائون. لوڪ ادب جا ادارا دنيا جي سڀني سڌريل ملڪن ۾ قائم آهن، يورپ ۽ آمريڪا ۾ ”لوڪ ادب“ تي نهايت سرجوشيءَ ۽ سنجيدگيءَ سان ڪم ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ ملڪي حڪومتن جي مالي سهائتا کان سواءِ، ملڪ جا خانگي ادارا  ۽ فائونڊيشنون به لوڪ ادب جي سلسلي ۾ تحقيق ڪندڙ ادارن توڙي جاکوڙي محققن جي ڀرپور مالي امداد ڪنديون آهن، پر هتي ڊاڪٽر نبي بخش کي ڪي ايڏا وڏا فنڊ نه مليا هئا. مون کي ياد آهي ته سنڌي لغت جي ڪارڪنن کي پارٽ ٽائيم پنجويهن کان پنجاهه روپين تائين ڏيڻ جي شروعات ٿي هئي، پوءِ آهستي آهستي پئسا وڌيا هئا. ڊاڪٽر صاحب پئسي ۽ وسيلن جي اڻ هوند باوجود هي جبل جيڏو بار کڻي منزل تي پڄايو.

”سنڌي لوڪ ادب“ ڇا آهي؟ هي صديون اڳ اسان جي سنڌين جا تصور، خواب، ڏک سور، خوشيون، مرڻا پرڻا، ريتون رسمون ۽ عقيدا آهن، جيڪي لوڪ ڪهاڻين، ڏند ڪٿائن، آکاڻين، ڏورن بيتن، ڏٺن، هنرن، پرولين، ڳجهارتن، لولين، اوراڻن ۽ پارن، لانئُن، گيتن، ڳيچن، ڳاهن، مولودن، مداحن ۽ ڪافين جي صورت ۾، جُڳن کان وٺي اڄ تائين ارتقائي منزلون طئي ڪري موجوده صورت ۾ آيا آهن: جن کي سنڌين صدين کان پنهنجي سيني ۾ سانڍي، تاتي، نپائي، وڏو ڪري، هن صورت ۾ آندو آهي. اها ئي اسان جي تاريخ آهي، اهو ئي اسان جو ماضي آهي. سنڌ جي تاريخ جي ڪيترن دورن تي اونداهي ڇانيل آهي. اسان ان کي فقط ڌرتيءَ جو سينو چيري، آثار قديمه جي کوٽائيءَ وسيلي يا لوڪ ادب وسيلي ڏسي ۽ ڄاڻي سگهون ٿا. اسان وٽ فقط اهي ٻه وسيلا وڃي رهيا آهن.

اهو هن سنڌ جي لائق فرنزد جي سالن جي قلمي ڪاوشن ۽ علمي پورهئي جو نتيجو آهي، جو اسين ان جي طفيل- چوئيتاليهه جلد لوڪ ادب جا، هي اُٺ ڪتابن جا، ڏسون ٿا، اڄ اسان وٽ جيڪو لوڪ ادب جو هي زبردست خزانو گڏ ٿيو آهي، ان لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لڳاتار جدوجهد ڪئي آهي، جاکوڙ ڪئي آهي، جهنگ جهر ووڙيا آهن، چوڏس سڄاڻ سنڌين مان وڙولون ڪري، ونگارون ورتيون آهن. سنڌي سڄڻن سڏ تي سڏ ڏئي، سندس واهرون ڪيون. سنڌ جي لوڪ ادب، لوڪ گيتن، بيتن، آکاڻين، ڏٺن ڏورن، ڳيچن، ڪافين، مولودن، مداحن، عشقيه داستانن، لوڪ ڪهاڻين، مطلب ته صدين کان سنڌين جي سيني ۾ سانڍيل خزانن کي آڻي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي اڳيان ڀيٽا رکيائون. هن صاحب سنڌ جي ڪاڇن، ٿر کان ڇپر، سري کان لاڙ تائين لوڪ ادب کي ڏوري ڏٺو آهي. سنڌ جي حال ۽ ماضيءَ جي جذبن، خوابن ۽ تصورن جي ترجماني ڪندڙ ادب ۽ شاعريءَ کي قلمبند ڪيو آهي. اهو سڀ ڪجهه جيڪو صدين کان سنڌ امڙ جي سيني ۾ سانڍيل آهي، سنڌي لوڪن جو جيڪو ادب، شاعري، هنر ۽ فن آهي، سونهن ۽ سچائيءَ جا جيڪي ماپا ۽ معيار آهن، صدين گذرڻ سان انهن جيڪي ارتقائي منزلون طئي ڪري موجوده شڪل اختيار ڪئي آهي، اهو سڀ ڪجهه، سمورو خزانو، سنڌ جي هن عظيم ۽ قابل فخر فرزند اسان جي آڏو رکيو آهي. هي هڪڙو سر، جيڪو پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو آهي، ان پنهنجي سونپيل ڪم سان سچو رهي اڻٿڪ، اورچ ۽ اڏول ٿي، پنهنجي قلمي، علمي ۽ تحقيقي پورهئي جو فرض عبادت سمجهي ادا ڪيو آهي.

اڄ اسين دنيا جي ترقي يافته قومن جي لوڪ ادب سان پنهنجي سنڌي لوڪ ادب جي ڀيٽ ڪنداسين ته اها ڳالهه چٽي نظر ايندي ته اسان جو لوڪ ادب ڪنهن به قوم جي لوڪ ادب کان گهٽ ناهي، بلڪ گهڻين قومن جي لوڪ ادب کان سنڌي لوڪ ادب وڌيڪ سٺو ۽ شان مان وارو آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌي موسيقيءَ جي فن کي به عوامي رنگ ۾ آڻڻ، ان کي حقيقي عوام جو ورثو بنائڻ جي ڏس ۾ به قابل قدر خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. پاڻ سنڌي فنڪارن کي عوام اڳيان نمايان ٿيڻ ۾ مددگار ٿابت ٿيا آهن. ريڊيو تي سرڪاري توڙي عوامي تقريب م سنڌي فنڪارن جي همت افزائي ڪندا رهن ٿا. سنڌي راڳ، جنهن کي گوين جي پڪي راڳ ۾ قيد ڪري درٻاري حدن تائين محدود ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پئي ويون، پاڻ تن کي ناڪام بنايائون. سنڌي راڳ کي گويه گهراڻن مان ڪڍي، اصل صورت ۾ عوامي راڳ بنائڻ م سندن قابل قدر ڪوششن جو وڏو عمل دخل آهي. ان سلسلي ۾ سنڌي موسيقيءَ تي لکيل سندن ڪتاب قابل ذڪر آهي. واشنگٽن (آمريڪا) جي نئشنل ميوزيم (سمٿسونين انسٽيٽيوشن) ۾ پاڻ پنهنجي ذاتي ڪوشش سان ”سنڌي گهر“ قائم ڪيائون. ٽوئن، پکن، ڪانن ڪاٺين ۽ نوڙين سان پنهنجي مبارڪ هٿن سان ”سنڌي گهر“ ٺهرائي، ان کي سنڌي ثقافتي سين. ”جنڊن، مهرين، تون ۽ تونرين سان سينگاريو اٿن. اهو اڄ به ان شهر ۾ سنڌ جي هڪ نمائنده ثقافتي نشانيءَ جي حيثيت سان قائم آهي.

شل ڌڻي سڳورو کيس ڏينهن ڏئي. پاڻ سنڌ لاءِ وڏي ڏس آهي، وڏي وٿ آهي. آخر ۾ منهنجي گذارش آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جيڪو لوڪ ادب جو خزانو گڏ ڪيو آهي، ان کي ڪمپيوٽر وسيلي هميشه لاءِ محفوظ ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ لئنگئيج اٿارٽيءَ کي پنهنجو فرض ادا ڪرڻ گهرجي.

عزيز جعفراڻي، سجاول

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

جا چند عرب مداح ۽ متعرف

سنڌ جي تاريخ ڄاڻڻ لاءِ مشرقي لسانيات جي ڄاڻ تمام ضروري محسوس ڪئي وئي آهي. هيل تائين جن به سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن، تهذيب ۽ ثقافت تي تحقيق ۽ جاکوڙ ڪئي آهي، پوءِ چاهي اهي ملڪي محقق حضرات هجن يا مستشرقين حضرات، انهن سڌي يا اڻ سڌي طرح سنڌ متعلق انهن تاريخي ماخذن مان استفادو حاصل ڪيو آهي، جيڪي عربيءَ ۽ فارسيءَ  ۾ آهن. چچ نامي کان وٺي تحفة الڪرام تائين، تاريخ معصوميءَ کان وٺي لُبِ تاريخ سنڌ تائين سمورن ڪتابن مان ڪي عربيءَ ۾ آهن ۽ ڪي عربيءَ مان فارسيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن.

هن صديءَ ۾ جن علمي شخصيتن، پنهنجي عربي ۽ فارسي فهميءَ جا سنڌ جي سونهري تاريخ تي ابدي اثر مرتب ڪيا آهن، انهن ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، مولانا غلام محمد گرامي، پير حسام الدين شاهه راشدي، مولانا غلام مصطفى قاسمي، مخدوم غلام احمد، نياز همايوني، مولانا غلام مصطفى دادوي، علامه عبدالعزيز الميمني ۽ جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن جا نالا قابل ذڪر آهن.

ڊاڪٽر صاحب جي همه گير شخصيت جو هڪ پهلو سنڌي لُغت نويسيءَ ۾ عالم آشڪار آهي. اتي تعليقات و حواشي ’چچنامه‘ ۽ ’تعليقات معصومي‘ ۾ سندن فارسي دانيءَ جو عنصر پڻ ملي ٿو. ديوان ابوالعطاء سنڌيءَ جي ترتيب ۽ تشريح سندن عربي علوم تي عبور جو بين ثبوت آهي.

1945-1943ع علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾ سندن تحقيقي مقالي عنوان هو: ’عربن جي دؤر ۾ سنڌي جي تاريخ‘ انهيءَ مان پڻ سندن عربي علوم تي دسترس هئڻ جو ثبوت ملي ٿو. واضح رهي ته سندن اهو مقالو  ملڪ جي مشهور و معروف عالم فاضل علامه عبدالعزيز ميمنيءَ جي زير نگرانيءَ مڪمل ٿيو، جيڪو ان وقت علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ ۾ عربي شعبي جو سربراهه هو.

1995ع ۾ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ منهنجو سعودي عرب وڃڻ ٿيو. مڪي ۾ رهائش دوران مڪي جي مختلف لائبررين ڏسڻ جو اتفاق ٿيو. شارع ستين ۽ شارع اُمه القرى جي ڪراسنگ جي ڀرسان مڪتبة الحرم شريف (حرم شريف جي لائبرريءَ) جي ٻه ماڙ عاليشان عمارت موجود آهي. لائبرريءَ ۾ جديد قسم جون تقريباً سڀ سهولتون موجود آهن. لائبرريءَ ۾ اڪثر ڪتاب عربي زبان ۾ موجود آهن، انگريزي يا ٻين زبانن ۾ ڪتاب نهايت مختصر آهن. تقريباً سمورن علمن تي ڪتاب وافر تعداد ۾ موجود آهن. شعبه تاريخ ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايل آهي. انهن مان هڪ حصو ’تاريخ بلاد اسلاميه‘ جي نالي سان آهي، اوچتو منهنجي نظر انهيءَ شعبي ۾ رکيل هڪ ڪتاب ”موضوعة التاريخ اسلامي والحضارة الاسلامية لبلاد السند والبنجاب في عهد العرب“ تي پئي، جيڪو سنڌ متعلق هو. ڪتاب جو مصنف الدکتور عبدالله مبشر الطرازي آهي، جيڪو جامع عبدالعزيز جده ۾ ڪلية الاداب والعلوم الانسانيہ“ ۾ پروفيسر آهي. منهنجي حيرت جي انتها نه رهي، جڏهن ان ڪتاب ۾ ڀيرومل آڏواڻيءَ، ڊاڪٽر دائودپوٽي ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا حوالا ڏنل هئا ۽ هڪ هنڌ تي ڊاڪٽر بلوچ متعلق فٽ نوٽ پڻ نظر مان گذريو.

مڪي جي رهائش دوران ئي مڪي ۾ 60 سالن کان رهندڙ هڪ علمي شخصيت جناب احمد عليءَ سان ملاقات ٿي. هن صاحب وٽ ناياب ڪتابن جو ذخيرو ڏسڻ ۾ آيو ۽ انهيءَ سان گڏ بيت الله شريف جون ڪيتريون ئي اڻلڀ ۽ ناياب تصويرون موجود هيون. احمد علي صاحب اصل ۾ پنجاب جي اوڪاڙه شهر سان تعلق رکي ٿو ۽ کيس سعودي شهريت حاصل آهي. علمي گهراڻي سان تعلق هئڻ ڪري ڪتاب گڏ ڪرڻ ۽ مطالعو ڪرڻ، اڄ به سندن دلچسپي ۾ شامل آهن. هن صاحب اسان کي ٻه ڪتاب ڏيکاريا، جن مان هڪ محمد طاهر الڪرديءَ جو ڇهن جلدن تي ڪتاب ”تاريخ القويم لمکة و بيت الله“ ۽ ٻيو ڪتاب ”تاريخ ادب العربية في الهند والباکستان“ هو. پوئين ڪتاب جو مصنف ڊاڪٽر فتهيه عبدالقدوس العطاس آهي. ڪتاب ۾ پاڪ و هند جي عالمن جو تزڪرو ۽ عربي ادب جي حوالي سان انهن جي ڪوشش جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ علامه ابو الحسن ندوي، مولانا ظفر احمد انصاري، خليل جامدي، علامه عبدالعزيز ميمني، ڊاڪٽر عمر دائودپوٽي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ وغيره جا نالا شامل آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ضمن ۾ سندن ڪتاب ”نطف من شهر ابي عطاءِ السندي“ جو تذڪرو ڪيو ويو آهي.

مڪي شريف ۾ ئي مشهور عالمي اسلامي تنظيم ”رابطه عالم اسلامي“ جو صدر دفتر ’شارع جده قديم‘ تي واقع آهي. رابطي جي ’شعبه قرآن ڪريم‘ م صوبي سرحد جي هڪ اسڪالر سيد عنايت الله شاهه ڪاڪا خيل سان سندن دفتر ۾ ملاقات ٿي. هن صاحب رابطي جي شعبي نشر و اشاعت جي سربراهه سيد محمد السوداني سان ملاقات ڪرائي. رابطي جي اشاعتي سلسلي جو ذڪر ڪندي هن ٻڌايو ته رابطي جي طوفان ايندڙ منصوبن ۾ دنيا ۾ ”اسلام ڪيئن پهتو ۽ پکڙيو“؟ جي عنوان هيٺ هڪ اشاعتي سلسلو شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ مختلف مصنفن جون تصنيفون عربيءَ ۽ انگريزيءَ م شايع ڪرايون وينديون. هن صاحب جتي ٻين صاحب حضرات جو ذڪر ڪيو آهي، اتي هن صاحب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڪتاب Islam in Indonesia  جو پڻ ذڪر ڪيو ته اهو ڪتاب پڻ رابطي جي اشاعتي پروگرام ۾ شامل آهي.

سيد عنايت شاهه ڪاڪا خيل سان گڏجي رابطي جي لائبرريءَ جو معائنو ڪيو ويو. لائبرريءَ جي شعبه تاريخ ۾ هڪ ڪتاب ”موسوعة العلماءِ کبير – متخصصين في العلوم العربية في بلاد اسلاميہ“ نظر مان گذريو، ان ۾ علامه عبدالعزيز ميمنيءَ سان گڏ، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو تذڪرو موجود آهي. اهو ڪتاب مراڪش جي فيض يونيورسٽي جي ’شعبه عربي ادب‘ جي استاد الدڪتور ياسين صبوحي بعل بڪيءَ جو لکيل اهي ۽ انهيءَ کي ’دارالشروق فيض‘ طرفان شايع ڪرايو ويو آهي.

رابطي جي ئي لائبرريءَ ۾ هڪ رسالو ”الزيت العربية“ نظرن مان گذريو. رسالو عربين آئل ڪمپني سعودي عرب، دمام مان شايع ٿئي ٿو. رسالو تيل ۽ ان جي مصنوعات ۽ ٻين لاڳاپيل موضوعن تي مشتمل هوندو آهي، پر ان سان گڏ ان م هڪ ٻه علمي، ادبي ۽ ثقافتي مضمون به شامل هوندا آهن. رسالي ۾ هڪ مضمون ”اقليم سنده“ تحرير و استطلاع ابو زيد بخران، نظرن مان گذريو. اصل مضمون ڪويت مان شايع ٿيندڙ رسالي ”العربي“ مان ورتو ويو آهي، جيڪو خليج جي جنگ کان پوءِ بند ٿي ويو آهي، انهيءَ مضمون ۾ پڻ ڊاڪٽر دائودپوٽي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي علمي ڪاوشن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.

مون کي اعتراف آهي ته هن مختصر مقالي جي حوالي سان آءٌ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي علمي شخصيت سان کماحقہ‘ انصاف ڪري نه سگهيو آهيان، پنهنجي سعودي عرب جي دوري دوران پنهنجيءَ ڊائريءَ ۾ جيڪي ڪجهه سنڌ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ متعلق نوٽ ڪري سگهيس، اهو پيش ڪيو اٿم. اميد ته سامعين حضرات جي ڄاڻ ۾ اضافي جو سبب بڻبو.

حافظ حبيب سنڌي

ڊاڪٽر بلوچ: سنڌ جو ابن بطوطه

تاريخ ڪي اهڙا انمول ۽ املهه ماڻڪ انسان پيدا ڪندي آهي، جنهن ڪري انهيءَ ڌرتيءَ جي رونق ئي دوبالا ٿي ويندي آهي. انهن انمول ماڻڪن جي روشنيءَ جي ڪري، اتان جو هر حصو منور ۽ روشن رهندو آهي، ۽ انهن جي علمي مهڪ، ساري علائقي کي مهڪائي ڇڏيندي آهي.

ڪنهن ڪيڏو نه سُٺو چيو آهي ته ”ڪي ماڻهو تاريخ ساز ٿين ٿا ۽ اهي ئي پنهنجي تاريخ ساز ڪارنامن جي ڪري تاريخ ٿي وڃن ٿا“. يقيناً اهي ماڻهو ئي ان خطي ۾ جنم وٺن ٿا، ۽ اهڙن عظيم اَملهه انسانن جي عظيم مائرن تي لک رحمتون، جن اهڙن عجيب ۽ بيش بها جواهرن کي جنم ڏنو:

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org