سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مثالي عالم

باب-

صفحو :12

ڊاڪٽر صاحب جيئن ئي ڏيساور کان وطن واپس وريو ته ايندي ئي ”سنڌي ادبي بورڊ“ سان وابسته ٿي ويو ۽ بورڊ کي ’سنڌي لوڪ ادب‘ کي سهيڙي ۽ سموهي پيش ڪرڻ جي جيڪا اسڪيم پيش ڪيائين، ان ۾ بنيادي چاليهه ڪتاب شامل هئا. بورڊ اها اسڪيم منظور ڪئي ۽ ڊاڪٽر صاحب پنهنجين محنتن ۽ مشقتن سان لوڪ ادب جا چاليهن کان به مٿي ڪتاب پيش ڪري، هر صنف جو بنياد مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انهن مڙني موضوعن تي هاڻي جيڪو به ۽ جيترو به ڪم ٿي رهيو آهي، انهيءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ميڙي چونڊي بنيادي ۽ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

چئي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب هڪ اهڙو ادبي محل تعمير ڪيو آهي، جنهن ۾ هر طرف وسعت ۽ ڪشادگي نظر اچي ٿي. هاڻي ڪير به ان ادبي محل ۾ پير پائي ٿو ته پاڻ به ان جي سينگار جو هڪ حصو بڻجي وڃي ٿو، پر انهيءَ محل جي هڪ هڪ سر رکڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جون ذاتي ڪاوشون ۽ ڪوششون نمايان نظر اچن ٿيون.

سنڌ م اسلام جي آمد کان پوءِ وقت گذرندي عارفن ۽ سالڪن سنڌي معاشري ۾ پنهنجو لازوال اثر ائين شامل ڪري ڇڏيو آهي، جيئن نئين ڄاول ٻار جي لاءِ ماءُ جو کير؛ ان ڪري سنڌي معاشري ۽ ماحول مان عارفن ۽ سالڪن جو اثر ختم ڪري نه ٿو سگهجي، جسم کان روح الڳ ڪري نٿو سگهجي ۽ اها هڪ مڃيل ۽ عالم آشڪار ڳالهه آهي.

ڊاڪٽر صاحب ڪلاسيڪل ادب جي بنيادي عارفن ۽ سالڪن کي سنڌي ادب جو بڻ بنياد بڻائي، ادب جي تسلسل کي قاضي قاضن، شاهه لطف الله قادريءَ، ميين شاهه عنايت رضويءَ، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ، شاهه شريف ڀاڏائي، خليفي نبي بخش لغاري، فقير محمد صديق سومري ۽ غلام محمد خانزئي جي رسالن کان علاوه ڪليات حمل فقير لغاري ۽ ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري توڙي ٻين لا تعداد صوفياء ڪرام جي رسالن ۽ ڪلامن کي مرتب ڪري، پنهنجي ڇنڊ ڇاڻ، تصحيح ۽ حاشين سان شايع ڪرائي لائق تحسين ڪم ڪيو آهي.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه اهو عظيم عارف ۽ آفاقي شاعر آهي، جنهن کي حضرت علامه آءِ. آءِ. قاضي دنيا جو عظيم تر شاعر ثابت ڪري چڪو آهي، پر شاهه سائينءَ جي ڪلام ۽ پيغام کي هن کان اڳي ڪنهن به محقق، دانشور ۽ مفڪر پنهنجي باريڪ بين نظر سان پرکي، اهڙي انداز ۾ مرتب ڪونه ڪيو آهي، جو ان جي هڪ هڪ بيت جو اصول ۽ صحيح پڙهڻي مقرر ٿي وڃي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب اهو پهريون محقق آهي، جنهن شاهه جي ڪلام کي هر نڪته نظر سان ڇنڊ ڇاڻ ڪري، ڏهن ضخيم جلدن ۾ مرتب ڪيو آهي ۽ اهڙو عظيم ڪم ۽ ڪارنامو وڏي عرق ريزيءَ، اورچائيءَ، جانفشانيءَ ۽ مسلسل محنت سان پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب ته مسلسل ڪم جو عادي، ڪا لنؤ لڳل، دل ۽ دماغ جو مالڪ آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته رات جو گهر ڀاتي ڀلي ڪيڏيءَ به دير سان سمهن پر ڊاڪٽر صاحب جي ڪمري جي بتي پئي ٻرندي آهي ۽ صبح جو ڪير ڪيترو به سويل ڇو نه اٿي، ته به بتي پئي ٻرندي آهي، ان ڪري گهر ڀاتين کي به اها خبر نه هوندي آهي ته هو ڪهڙي وقت سمهي ۽ اٿي ٿو. اصول جو بلڪل پابند، گهر ۾ هر وقت وٽس ڪيترائي فائيل کليل هوندا آهن، جڏهن ته وڏي عرصي کان پاڻ رٽائرڊ آهي، پر پوءِ به گهر کان ٻاهر سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي چيئر آفيس جو ڪم ڌار ڪندا آهن، ماڊل اسڪول ۾ سالن کان ڊڪشنري شعبي سان معروف هڪ وڏو ڪمرو آهي، جنهن ۾ چک آيل دروازي اندرا ڪڏهن محمد اسماعيل شيخ صاحب جي نظرداريءَ ۾، ڪڏهن ڪنهن ٻئي جي نظرداريءَ ۾ 1960ع کان ڪم جاري رهندو اچي ۽ ڊاڪٽر صاحب روزانو شام جو اتي ويهي ڪم جو جائزو وٺندو ۽ هدايتون ڏيندو آهي. اهو ڪم هاڻي ڊڪشنريءَ  جو نه، پر شاهه جي رسالي جو هوندو آهي، جتي ٻه ٽي ماڻهو ڪم ڪندي نظر ايندا آهن ۽ اهو ڪم ائين نه هوندو آهي، جو صرف آفيس کلي، ماڻهو آيا ۽ وقت ختم ٿيڻ بعد بنا ڪنهن ڪم ڪرڻ جي هليا ويا، پر چپ چاپ ۾ اتي هر وقت، هر روز سنڌي ادب جي اوسر تي ڪم جاري رهندو آهي. ڊاڪٽر صاحب جيترو پاڻ سٺو ڪم ڪرڻ وارو آهي، اوترو ئي سٺو ڪم وٺڻ وارو يعني منتظم به آهي، وٽس هڪ معيار آهي، طريقو آهي ۽ سوچ آهي، پاڻ هر وقت متحرڪ آهي، بلڪ هڪ تحريڪ آهي. هو اصول صحت جو مڪمل پابند آهي، صبح جو تيز رفتاريءَ سان مقرر ڪيل پنڌ ضرور ڪندو ۽ شام جو ان تي پابنديءَ سان عمل ڪندو نظر ايندو. کائڻ پيئڻ ۾ بلڪل محتاط نتيجي ۾ پنهنجي مقرر ڪيل هدفن يا نشانن تي ڪاميابيءَ سان پهچندو رهي ٿو. هڪڙا هدف مڪمل ته ٻيا شروع، ٻيا مڪمل ته ٽيان شروع. وٽس ڪيترن ئي موضوعن جا فائيل کليل هوندا آهن ۽ انهن موضوعن تي جتي جتي مواد مليو يا جتي وڃڻو پيو ته وقت ڪڍي ضرور اتي پهچندو ۽ اڳلي سان ائين رهاڻ ڪندو، جيئن پاڻ ڪجهه ڄاڻي ئي ڪونه ٿو، سندس انهيءَ انداز، قرب ۽ تعلق جي ڪري سنڌي جا عام توڙي خاص ماڻهو خاص طور تي ۽ سنڌ کان ٻاهر پاڪستان يا پاڪستان کان ٻاهر دنيا جي لائبررين ۽ علمي ادبي شخصيتن تائين سندس رسائي ۽ سڃاڻپ آهي. هر ماڻهو ڊاڪٽر  صاحب کي هر اها معلومات فراهم ڪئي هوندي، جنهن جي کيس تلاش ۽ جستجو هوندي آهي ۽ پوءِ سندس مفڪرانه، مولفانه، مرتبانه، مصنفانه ۽ محققانه صلاحيتون ئي آهن، جن جي آڌار تي جڏهن به سندن ڪو ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ ايندو آهي ته عام توڙي خاص ماڻهن لاءِ انهيءَ موضوع جو ڄڻ هڪ رهبر ۽ رهنما ڪتاب اچي ويندو آهي ۽ عام محققن، اديبن ۽ مصنفن لاءِ ڄڻ ته نيون سوچون ۽ راهون کلي پونديون آهن ۽ نوان موضوع ملي ويندا آهن.

ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي تهذيب، ثقافت، ادب ۽ ٻوليءَ تي جيڪا گڏيل ۽ مسلسل کوجنا ڪئي آهي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ سالها سالن کان ڪيترائي سيمينار ۽ ڪانفرنسون به ٿينديون رهيون آهن، انهن جو اهو بهترين ڦل سامهون آيو آهي، جو سنڌ جي وڏن شهرن: ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مثالي ميوزيم قائم ٿي ويا ۽ ننڍن شهرن يا ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ به مقامي سطح جا ميوزيم ننڍن شهرن يا ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ به مقامي سطح جا ميوزيم ۽ لائبريريون قائم ٿيون آهن ۽ عوام توڙي انتظاميه ۾ هڪ قسم جو اتساهه پيدا ٿيل آهي. ڪيتريون ئي آرٽس ڪائونسلون ۽ ثقافتي ادارا قائم ٿي چڪا آهن، جن جي بنياد ۾ ڄڻ ته رت ۽ست ڊاڪٽر صاحب جو پيل آهي. پاڻ ڪيترن ئي عارفن، صوفين، ولين ۽ سالڪن جي آستانن تي جيڪي ڪانفرنسون ڪرايائين يا انهن محفلن ۽ ڪچهرين ۾شرڪت ڪيائين يا سنڌ جي سگهڙن سان روح رچنديون ڪيائين، انهن جي نتيجي ۾ جيڪي اتساهه پيدا ٿيا، جيڪي لوڪ ادب سان دلچسپيون پيدا ٿيون، انهن جي ڪري ريڊيو ۽ ٽي وي توڙي اخبارن ۽ رسالن ۾ عام جام ماڻهن کي پنهنجي احساسات ۽ جذبات يا جيڪي ڪجهه انهن وٽ هو ۽ حاصل ڪيو هو، اهو ڌڙاڌڙ منظر عام تي اچڻ لڳو. نتيجي ۾ ادبي، سماجي، ثقافتي لاڙا ۽ اهڃاڻ وڏي تيز رفتاريءَ سان پنهنجي پنهنجي وجود جو احساس ڏياري ۽ ترقي ڪري رهيا آهن. جيترو به پريس مواد هو، اهو هاڻي لڪل خزانو نه رهيو آهي ۽ انهن مڙني خدمتن ۾ ڊاڪٽر صاحب سڌو سنئون يا اڻ سڌيءَ طرح شامل رهيو آهي، رهبر ۽ اڳواڻ رهيو آهي، جيئن ته پاڻ سياست کان ڪوهين ڏور آهي، ان ڪري ئي يڪسوئيءَ سان علمي ادبي ۽ ثقافتي يا تمدني محاذن تي هڪ فاتح جي حيثيت ۾ هر نشان، منزل ۽ مينار تي پاڻ بيٺل نظر اچي ٿو ۽ فتح جو جهنڊو سندس هٿن ۾ آهي يا سندس هٿن سان کوڙيل ۽ نصب ڪيل آهي.

اهو ئي سبب آهي جو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي (هاڻي رٽائرڊ) ڊاڪٽر صاحب تي هڪ جامع ڪتاب بعنوان: ” ڊاڪٽر بلوچ، هڪ مطالعو“ لکيو آهي، جنهن جي رونمائي ”ڊاڪٽر بلوچ علمي ادبي ڪانفرنس“ طرفان 14 جنوري 1995ع تي ٿي هئي. اها ڪانفرنس ڊاڪٽر صاحب جي پنجاهه سالن جي علمي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ ’رهبر ادبي سوسائٽي‘ پاران منعقد ڪئي وئي هئي، جنهن م سنڌ جي ناميارن ادبين، شاعرن، محققن ۽ ادب جي پانڌيئڙن حصو ورتو هو. هيءَ ڪانفرنس پنهنجي نوعيت جي اڪيلي ڪانفرنس هئي، جيڪا مسلسل 9 ڪلاڪ کن جاري رهي. منجهند جو پوڻين ٻارهين کان رات جو ساڍي اٺين وڳي تائين هلي، جنهن ۾ صرف مانيءَ جو وقفو ڪيو ٿي ويو ۽ منجهند جو لنچ پيڪٽ به حاضرين مجلس کي ڪانفرنس هال ۾ ڏنا ويا هئا، اها ابتدائي ڪانفرنس منهنجي ادنى ڪاوشن جو ثمر هئي.

ڊاڪٽر صاحب جي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام ۽ رسالي تي ڪيل ڪم کي ڀيٽي ڏسبو ته اهو گذريل ڏيڍ صديءَ ۾ ڪيل مڙني اديبن، محققن ۽ اسڪالرن جي ڀيٽ ۾ تاريخي نوعيت جو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻ نه صرف اڳوڻن دانشورن جي ڪيل ڪم کي شايع ڪري چڪو آهي، بلڪ رسالي جي ڪيترن ئي ماخذن کي گڏ ڪري، انهن کي پڌرو ڪري چڪو آهي. پاڻ شاهه صاحب جي راڳ ۽ راڳاين جي سلسلي ۾ به بنيادي ڪم ڪري پاڻ مڃرائي چڪو آهي. نه فقط ايترو، پر لطيفي ڪلام کي سمجهڻ لاءِ جهر جهنگ جهاڳي، جبل، برپٽ ۽ وستيون ڏوري، ڍنڍون ڍورا، ماڳ مڪان ۽ ڪڙم قبيلا يا مسجدون ۽ خانقاهون يا وري سمنڊ ۽ درا،دڙا ڀڙا ۽ قبرستان ڏوري، هڪ هڪ هنڌ پاڻ وڃي ڏسي وائسي هر ڳالهه جي پڪ ڪري، پوءِ اهو مواد پيش ڪيو اٿس، ان لاءِ سنڌ ته ڇا پر هند، ايران يا برطانيه جي علمي مرڪزن تائين وڃي پهتو.

پاڻ شاهه جي مختلف سُرن جهڙوڪ سامونڊي، سريراڳ يا کنڀات جي ماڳن مڪانن کي سمجهڻ لاءِ سامونڊي ڪنارن جا سير سفر ڪيائين. ان کان علاوه پنجاهه کان وڌيڪ قلمي يا ڇاپي شاهه جي رسالن کي ڀيٽي ڏهن جلدن ۾ مستند متن شايع ڪيائين، انهيءَ لاثاني ڪاوش کي لطيف انسائيڪلوپيڊيا جو نالو ڏئي سگهجي ٿو.

اگر تعليمي ماهر طور سندس خدمتن کي ڏسجي ٿو ته محسوس ٿيندو ته لاتعداد علمي چاهه رکندڙ ماڻهن کي فرش تان کڻي عرش تي پهچائي چڪو آهي. انهن جي حوصلي افزائي، رهبري ۽ رهنمائي ڪرڻ سان لاتعداد ماڻهو علمي ادارا بڻجي، سنڌي علم ادب ۽ تحقيق کي ٿوري ئي وقت ۾ ڪٿان جو ڪٿي پهچائي چڪا آهن. لا تعداد سيمينارن ۽ ورڪشاپن سان سندن وائيس چانسلريءَ وارو دور اڄ به هر ڪنهن کي ياد آهي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن  کي نئين علمي ڄاڻ، سمجهه ۽ شعور عطا ٿيو.

 جيئن ته لوڪ ادب هر قوم ۽ ٻوليءَ توڙي ادب جو بي مثال سرمايو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان م عام ماڻهن جي دلچسپين، اميدن، آسرن، ارمانن يا وري مايوسين ۽ محرومين سان گڏ وندر ورونهن، ريتن رسمن سان گڏ معاشي معاشرتي حالتن، جذبن، امنگن ۽ احساسن سان گڏ عقيدن جي ترجماني ڪيل آهي. ان ۾ شعريت سان گڏ معنويت به لازمي طورتي هوندي آهي ته وري ٻولي به سولي ۽ سلوڻي هوندي آهي، ان ڪري اسان جي لوڪ ادب ۾ لاتعداد ماڻڪ، لعل ۽ موتي لڪا ۽ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، جن کي ڊاڪٽر صاحب ٿوري ئي وقت ۾ سهيڙي سموهي ۽ ايڊٽ ڪري محفوظ ڪيو آهي. انهن ۾ مداحون ۽ مناجاتون، مناقب، معجزا، مولود، ٽيهه اکريون، هفتا ڏينهن، راتيون ۽ مهينا، واقعا تي بيت، مناظرا، سينگار جا بيت، پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول، ڳجهارتون ۽ هنر، ڏور ۽ بيت، ڳيچ ۽ لوڪ ڳيچ، بيت ۽ نڙ بيت، ڪافيون ۽ لوڪ ڪهاڻيون، جنگناما ۽ قصا، جن ۾ دودي چنيسر، سهڻي ميهار، نوري ڄام تماچي، ليلان چنيسر، سسئي پنهون، مومل راڻي، مورڙي ۽ مانگر مڇ، سورٺ ۽ راءِ ڏياج يا هير رانجهي کان علاوه رسمون، واج يا سوڻ ساٺ يا ٻيا ڪيترائي مشهور قصا انهن ۾ شامل آهن.

دنيا ۾ لاتعداد لوڪ ساز آهن، جيڪي انهن علائقن ۽ تهذيبن جي سڃاڻپ آهن، ڊاڪٽر صاحب سنڌي لوڪ سازن کي نه صرف اجاگر ڪيو، پر انهن کي متعارف پڻ ڪرايو آهي. پاڻ سنڌي موسيقيءَ تي ڪتاب لکي، ان کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڪئي آهي، ان کان علاوه سنڌي لغت، اردو سنڌي ۽ سنڌي اردو لغت تي به وڏو ڪم ڪيو اٿن. جامع سنڌي لغات ته پنجن جلدن تي مشتمل آهي.

انگريزن پنهنجي دور ۾ سنڌ جي آثار قديمه تي توجهه ڏئي، دنيا کي سنڌ جي تهذيب سان متعارف ڪرايو، پر انهن جي وڃڻ کان پوءِ هي ئي اهو پهريون ماڻهو آهي، جنهن سنڌ جي آثار قديمه تي صحيح نموني توجهه ڏئي، ڪيترين ئي ٽيمن جي رهبري ۽ رهنمائي ڪندي، مختلف آثار قديمه منصوره، مُهن جي دڙي يا ڀنڀور وغيره کي توجهه جو مرڪز بڻايو. نتيجي ۾ مختلف اهم تاريخي مقامات تي ڪانفرنسون ٿيون ۽ هاڻي به هر سال ڪنهن نه ڪنهن ضلعي ۾ ٿينديون رهن ٿيون.

ڊاڪٽر صاحب صرف سنڌي ادب ۽ تاريخ جو محقق، عالم ۽ اسڪالر نه آهي، پر پاڻ هفت زبان عالم آهي. پاڻ سنڌيءَ کان علاوه اردو، عربي، فارسي، سرائڪي، بلوچي ۽ انگريزي زبان جا ماهر آهن. مرزا قليچ بيگ سنڌ ۾ سڀني عالمن کان گهڻا ڪتاب لکيا، جن کي سنڌي ادب جو هاڻي ڏاڏو ۽ ڊاڪٽر صاحب کي ابو چئي سگهجي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته هن وقت گذريل پنجاهه سالن ۾ سڀني عالمن ۽ اسڪالرن کان گهڻا ۽ بنيادي ادب جا ڪتاب ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي، پنهنجي انداز جو بي مثال رڪارڊ قائم ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جو هر ڪتاب نهايت ئي جامع ۽ جديد تحقيق جي معيار تي پورو ايندڙ بينظير آهي. پاڻ فارسي ۾ تاريخ طاهري، بيگلارنامه، نهج تعليم، لب تارخ سنڌ ۽ بلوچي شاعري تي حاشيا تعارف پنهنجي جڳهه تي تمام وڏي حيثيت ۽ اهميت جا حامل آهن.

ڊاڪٽر صاحب انگريزي توڙي اردو ۽ عربي ۾ به ڪتاب ايڊٽ ڪيا آهن، انهن ۾ مولانا آزاد سبحاني، طلبه اور تعليم، فتح نامه سنڌ، تاريخ معصومي، سندهه مين اردو شاعري کان علاوه باقيات از احوال کلهوڙا (فارسي)، فتح نامه سندهه چچنامه (فارسي)، سندهي فارسي لغت کان علاوه ديوان شوق افزا (اردو). ديوان ماتم (اردو). اردو زبان کي قديم تاريخ، تحفة الکرام (اردو ترجمه) تي مقدمو، حاشيا ۽ تعليقات سان گڏ تصحيح، بيگلارنامه (فارسي متن جي تدوين) البيروني جي ڪتاب جي عربي متن جي تصحيح ۽ تدوين انهن ۾ شامل آهن.

ساڳئي وقت ڊاڪٽر صاحب شرف نامه، عربي ادب، مقدمه تاريخ زبان اردو، سندهي زبان و ادب ۽ مقاله برمنصوره (اردو انسائڪلوپيڊيا) تي سندن خدمتون بي مثال آهن، جڏهن ته ڪيترائي مضمون ۽ مقالا انگريزيءَ ۾ لکيا اٿن. ڪيترين ئي اعلى سطح جي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ سندن ڪليدي (Key Note) خطاب به پوري پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر رڪارڊ اهن.

ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي اها معتبر شخصيت آهي، جنهن جي حوالي سان سنڌ ۽ بلوچستان تي معلومات انسائيڪلوپيڊيا آف برٽينيڪا ۾ پڻ موجود آهي ۽ اهو وڏو اعزاز آهي.

آخر ۾ سندس انگريزي ڪتابن جو تفصيل ڪجهه هن طرح آهي.

(1)  Sindh Studies in History, vol: PP 373

(2) Advent of Islam in Indonasia (Monograph)

(3) Lands of Pakistan Perspectives, Hostorical & Cultural

(4) Development of Music in Sindh

(5)  Education in Sindh before the British conquest & the educational policies of the British Government.

(6) Great Books of Islamic civilization.

مددي ڪتاب

1.   اسان جو ڳوٺ جعفر خان لغاري  از: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

2.  تحريڪ آزادي ۾ سنڌ جو ڪردار  (اردو) از: ڊاڪٽر عابد لغاري.

3.  تحقيق شعبه اردو سنڌ يونيورسٽي جو مجلو شمارو 11-10

4.  سپاسنامو ڊاڪٽر نبي بخش خان سيمينار، 14 جنوري 1995ع از: ڊاڪٽر عباد لغاري.

5.   ستن ڪلاسيڪل شاعرن تي ڪيل ڊاڪٽر نبي بخش جون خدمتون: از: ڊاڪٽر عابد لغاري.

6.   ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، هڪ مطالعو: از: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

7.  ڊاڪٽر بلوچ جون شاهه لطيف ۽ رسالي تي خدمتون، تقرير ۽ مقالو. از: سيد علي مير شاهه ( هي مقالو مذڪوره سيمينار ۾ پڙهيو ويو)

8.  ڊاڪٽر بلوچ تي ڪيل تقريرن ۽ مقالن مان استفادو ڪيو ويو.

     (1) لوڪ ادب تي ڊاڪٽر صاحب جون خدمتون، از: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي.

     (2) ڊاڪٽر صاحب بحيثيت هڪ تعليمي ماهر، از: ڊاڪٽر قمر واحد

     (3) ڊاڪٽر صاحب بحيثيت هڪ استاد جي. از: ڊاڪٽر غلام رسول بلوچ

     (4) ڊاڪٽر صاحب جو شعبه سنڌي، سنڌ يونيورسٽي لاءِ خدمتون. از:پروفيسر علي نواز جتوئي.

     (5) ڊاڪٽر صاحب جون انگريزي ۾ خدمتون، از: پروفيسر سيد قلندر لڪياري.

     (6) ڊاڪٽر صاحب جون فارسي ۾خدمتون. از: پروفيسر مير خادم حسين ٽالپر.

     (7) ڊاڪٽر صاحب جن عربي ۾ خدمتون، از: ڊاڪٽر مدد علي قادري.

     (8) ڊاڪٽر صاحب جون نعتيه لوڪ ادب ۾ خدمتون. از: پروفيسر مريم نوحاڻي.

     (9) سنڌي اعلم ادب جو محسن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، از: ڊاڪٽر عابد لغاري ماهنامه السند اسلام آباد آگسٽ 1999ع

نوٽ: محترم ڊاڪٽر صاحب تي ماهنامه نئين زندگي طرفان خاص نمبر شيع ڪيل آهي پر ان جو مطالعو هن مقالي ۾ شامل نه آهي، هي مقالو اصل ۾ ان خاص نمبر کان اڳي جو لکيل آهي.

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتاب: ”رهاڻ هيرڻ کاڻ،

جلد ٻئين جو مطالعو

تعارف:

نامياري محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هي تازو ڪتاب، نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد جي ڪتاب نمبر 261 طور اپريل 2001ع ۾ ڇپجي پڙهندڙن اڳيان آيو آهي. 174 صفحن وارو هيءُ ڪتاب، مهاڳ کان سواءِ 21 موضوعن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي قيمت ته اسي روپيا آهي، ليڪن علم ادب، تاريخ ۽ ثقافت جي پارکن لاءِ هن ڪتاب ۾ لکن جو مواد موجود آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو هي ڪتاب سندس مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي جو نچوڙ آهي. هن ڪتاب جي اوراق گردانيءَ مان معلوم ٿيندو ته ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي محبت  هاڻي محنت ۾وسيع تر مطالعي کان علاوه کان علاوه مشاهدي جي حوالي سان به پنهنجي دؤر جي عالمن ۽ محققن کان گهڻو مٿي آهي. سنڌ جي هن سيلاني محقق جي سفر ۽ ڪچهرين جا تفصيل سندس هن ڪتاب ۾ موجود آهن. شاهه ڪريم بلڙيءَ واري چواڻي:

پِنندي پرين سان، ويلا ڪندي وت،

ڪتان ملندءِ ڀورڙو، ڪٿان ملدءِ ڀت.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي تاريخ، علم ادب ۽ ثقافت جي ورثي ۽ اهڃاڻن جي تلاش ۾ وستيون  واهڻ، ڳوٺ ۽ شهر گهميا آهن. هن اتي سگهڙن ۽ سپورنجن سان روح رچنديون ڪيون ۽ انهن منجهان ئي ڪتاب ”رهاڻ هيرن کاڻ“ جو ٻيو جلد تخليق ٿيو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ هن ڪتاب ۾ جتي جتي رهاڻيون ڪيون آهن، انهن جا تفصيل هن ڪتاب ۾ موجود آهن. انهن جو وچور اسان هن ريت ٺاهي سگهون ٿا:

1953. 3. 6 (حيدرآباد)،1955. 1. 9 (راڄوخاناڻي)،1958. 1. 15 (حيدرآباد)،1960 (ٺٽو)،1962. 3. 7 (ڳوٺ گل محمد پتافي)1962. 7. 24 (حاجي ماڪو ٻٻر) 1965. 1. 5 (ميرپور بٺورو)، فئبروي 1995 (نوابشاهه 1968. 5. 02 خليفي صاحب جو ڳوٺ، 1968. 7. 7 (ڳوٺ گوپانگ)ڊسمبر 1968 (مٽ)، 1969. 3. 9 (ڳوٺ جيوڻ خان)،  1975. 9. 6 (کاکڻهار)، 1975. 9. 16 (ڊرهه)، 1977. 1. 7 (شهر مولوي)، 1977. 1. 10 (گندارا)، 1978. 1. 14 (فتح محمد سنگراسيءَ وٽ)، 1978. 5. 5 (ڳوٺ حاجي شير خان)، 1979. 1. 15 (شهر مولوي)، 1980. 9. 9  (شادي شهيد)، 1980. 12. 26 (ڳوٺ پڌريو)1982. 2. 2 (ڳوٺ قائم ڀنڀرو)، 1982. 3. 28 (ڳوٺ شوڪت ڀنڀرو)1982. 11. 4(ترائي)1982. 11. 15(مٺي)1983. 8. 31 (ڳوٺ ڏيڻيون)سيپٽمبر 1983 (هٿرائي)1983. 10. 16 (کينسر)1985. 2. 9 (ڳوٺ عبدالله)، 1985. 11. 1 (جهنگ ڪنڊ)، 1986. 2. 13 (سومريجي)، 1985. 12. 15 (سومريجي)، 1989. 12. 3 (بدين تعلقو)، 1990. 1. 7 (ڳوٺ جنوجي)1992. 7. 24 (لڪ ستهن جو)1992. 10. 19 (مٺي)، 1994 (چونڊڪو) 1994. 5. 9 (ٽڪر)، سيپٽمبر 1994 (تڙدوس)، 1996. 11. 26 (ڀاڳناڙي)، 1997. 8. 24 (منگي جو تڙ) ۽ 2000. 11. 1 (لڳ ميرپور بٺورو).

اهي چاليهه ٻائيتاليهه ڪچهريون آهن، جن ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي حيدرآباد شهر جي رنگينين، روشنيءَ ۽ گهر جي سڪون ۽ آرام واري سک کان هٿ کڻايو. وچور مان اهو به ثابت ٿئي ٿو ته مواد ۽ معلومات جي تلاش ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪيترن هنڌن تي هڪ کان وڌيڪ دفعا به ويو آهي. کيس جهڙوڪ سنڌ جي چپي چپي ڪنڊ ۽ ڪڙڇ ۾ ڄاڻ جي کاڻ جو يقين هجي ۽ هن ورور ڏئي پنهنجي ماتر ڀوميءَ جي مٽيءَ مان عظيم ۽ قديم ماضيءَ جي خوشبوءِ تلاش ڪئي آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي سيلاني صفت تحقيق جي طالبن لاءِ تحقيق جي نئين طريقه ڪار جي نشاندهي برابر آهي، ڇو ته تحقيق ۾ فيلڊ ورڪ ۽ بنيادي معلوماتي ذريعن خواه ماخذن جي تلاش وڏي اهميت جي حامل ٿيندي آهي. جنهن ماڳ، ماڻهوءَ يا واقعي جي معلومات گهرجي، محقق جو ڪم آهي ته انهن تائين پاڻ پهچي. هن وقت سنڌ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واحد ۽ منفرد محقق آهي، جيڪو مواد، معلومات ۽ ماخذن لاءِ لاڳاپيل ماڳن، مڪانن ۽ ماڻهن تائين وڃي ٿو، ان ڪري ڊاڪٽر صاحب جي تحقيق ”ٻُڌ“ تي نه، پر ”ڏِٺ“ تي مشتمل ٿئي ٿي. هو جن ماڻهن جي ڳالهه ڪري ٿو، انهن سان پاڻ مليو آهي، يا انهن جي پونئيرن سان ڪچهريون ڪيون اٿس. ڊاڪٽر بلوچ جهڙوڪ پنهجي قلم ڪهاڻيءَ جو اکين ڏٺو شاهد آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هن پنهنجي ڪتاب جو نالو ”رهاڻ هيرن کاڻ“ رکيو آهي، ڪتاب جو موزون ۽ منطقي نالو ٻيو ٿي ئي ڪونه پيو سگهي. ڪتاب جي نالي مان ڊاڪٽر صاحب جي ثقافت دوستيءَ کان علاوه سلاست ۽ بلاغت به ان ڪري نظر اچي ٿي.

مواد:

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو هي ڪتاب هڪ ئي وقت مواد ۽ معلومات جو خزانو آهي، جنهن ۾ ايڪيهه موضوع گلدستي برابر آهن. وڏي ڳالهه اها آهي ته ڪتاب ۾ موضوع اهڙي نموني رکيا ويا آهن. جن ۾ منطقي تسلسل موجود آهي: مثال طور هن ڪتاب جو نالو آهي ”رهاڻ هيرن کاڻ“، يعني ڪتاب ۾ روح رچندين ۽ قرب ڪچهرين جا مذڪور آهن، ان ڪري ڪتاب ۾ سڀ کان پهريون ”ڪچهري“ لفظ کي موضوع بڻائي، انهيءَ کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.  ته ڪچهري سنڌي سماج ۽ ثقافت ۾ ڪهڙي ۽ ڪيتري جاءِ والاري ٿي ۽ لفظ ڪچهريءَ جو آغازڪڏهن ٿيو. ڊاڪٽر بلوچ جي خيال موجب ته سنڌي لکت ۾ ”ڪچهري“ لفظ ٻارهين. صدي هجريءَ جي پهرئين اڌ ۾ ڪم آندو ويو.

ڊاڪٽر بلوچ جي نشاندهي  ڪرڻ جو اهو ڏانءُ ڏسي، مون کي علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جو اهو چوڻ ياد اچي ٿو، جنهن چيو هو ته هر هڪ لفظ کي پنهنجي پنهنجي تاريخ ٿئي ٿي. انگريزيءَ م Man of Letters جو اصطلاح به انهيءَ معنى ۽ مفهوم ۾ آهي ته عالم اهو آهي، جيڪو لفظن جي تاريخ ۽ تقدس جو ڄاڻو هجي ۽ هو لفط لفظ جو حق ادا ڪري سگهي. پنهنجي ڪتاب جي پهرئين موضوع ۾ ڊاڪٽر بلوچ اسان اڳيان صحيح معنى ۾ ’مين آف ليٽرس‘ طور اچي ٿو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org