سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: سنڌي گلدستو

 باب--

صفحو :9

ريح (ع) = خراب واءُ جيڪا انسان جي پيٽ مان نڪري.

ريهه (سن) = دانهن، رڙ.

زن (ف) = زال، عورت.

ظن (ع) = شڪ، گمان.

زهر (ف) = ماريندڙ يا مهلڪ شيءَ.

ظهر (ع) = پُٺي، پشت.

سادي (ق)= رواجي، گهٽ

سعدي (ف) = شيخ مصلح الدين شيرازي جو تخلص.

سايو (ف) = پاڇو.

سعيو (ع) = ڪوشش، محنت.

صحيح (ع) = برابر، پورو، هٿ اکر، دستخط.

سهي (سن) = سڃاڻڻ.

سدا (سن) = هميشہ، سدائين.

صدا (ع) = سوال، عرض.

سرير (ع) = تخت،

سرير (هه) = بدن، جسم.

صرير (ع) = قلم هلڻ وقت رهڙيندڙ آواز.

سفر (ع)= مسافري، سير

صفر (ع) = اسلامي مهيني جو نالو.

سفير (ع) = ايلچي، قاصد.

صغير (ع) = سيٽي، پکين جو آواز.

سماءُ (س) = خبر، سڌ، ڄاڻ.

سماءُ (ع) = آسمان.

سماع (ع) = ڳائڻ وڄائڻ، راڳ.

سُور (سن) = ڏک، درد، بيماري.

صور (ع) = بِگل، جو قيامت ڏينهن ڦوڪيو ويندو.

سورءِ (ع) = قرآن پاڪ جو هڪ باب.

سورت (ع) = ڀارت ۾ هڪ بندر ۽ شهر.

صورت (ع) = تصوير، شڪل.

سياح (ع) = مسافري ڪندڙ.

سياهه (ف) = ڪارو.

سيد (ع) = سردار، پيشوا، اهلبيت.

صيد (ع) = شڪار.

شق (ع) = چيرڻ، ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ.

شڪ (ع) = گمان، شبهو.

عارضو (ع) = بيماري، درد.

آرزو (ف) = تمنا، خواهش.

فقر (ع) = محتاجي، مفلسي.

فڪر (ع) = خيال، سوچ، ويچار.

قابل (ع) = هوشيار، لائق، ڀڙ.

ڪابل (ف) = افعانستان جي گاديءَ وارو شهر.

قاصد (ع) = پيغام پهچائيندڙ.

ڪاسد (ع) = نڪمو، کوٽو.

قاصر (ع) = ڪوتاهي ڪرڻ وارو، ڪم نه ڪندڙ.

ڪاسر (ع) = ڇنندڙ.

قال (ع) = قول، ٻول، گفتگو.

ڪال (هه) = موت، اجل.

قتل (ع) = خون، ڪوس.

ڪتل (س) = کجيءَ جو ميوو.

قدح (ع) = گلا، عيب جوئي.

ڪده (ف) = جاءِ، هنڌ، گهر.

قرار (ع) = آرام، سڪون.

ڪرار (ع) = بار بار حملو ڪرڻ وارو، حضرت علي سائين جو لقب.

قطب (ع) = برگزيده هستين جو لقب.

ڪتب (ع) = ڪتاب جو جمع.

قول (ع) = چؤ، قرآن مجيد ۾ چار سورتون.

ڪل (ع) = سڀ.

قلب (ع) = دل.

ڪلب (ع) = ڪتو.

قلي (ع) = مزدور، غلام.

ڪلي (ع) = سڀ.

قمر (ع) = چند.

ڪمر (ف) = چيلهه.

قوس (ع) = ڪمان، دائري جو هڪ حصو.

ڪوس (س) = خونريزي، ڪُهڻ، نقارو، دهل.

قند (ع) = مٺاس، کنڊ.

ڪند (ف) = ڳوٺ، ديهه.

قول (ع) = چوڻي، ڳالهه.

ڪول (هه) = بيماريءَ جو قسم.

قي (ع) = بندي خانو، جيل.

ڪيد (ع) = مڪر، فريب.

قيس (ع)= مجنون جو نالو

ڪيس (انگ) = مقدمو، دعويٰ.

قيصر (ع) = روم جي بادشاهه جو لقب.

ڪيسر (هه) = زعفران، زرد رنگ جو هڪ خوشبودار گل.

ڪثرت (ع) = گهڻائي.

ڪسرت (هه) = ورزش.

لال (ف) = ڳاڙهو.

لعل (ع) = قيمي پٿر، جواهر.

مادو (ق) = اصل، بنياد، جڙ.

معدو (ع) = پيٽ ۾ کاڌي جي ڳوٿري.

محرق (ع) = سڙيل، ساڙيل.

محرڪ (ع) = تحريڪ هلائيندڙ، چرچر ڪندڙ.

محل (ع) = محلات، گهر.

مهل (س) = وقت، گهڙي، ساعت.

مَشق (ع) = استعمال.

مَشڪ (ف) = پاڻيءَ لاءِ چمڙي جي ڳوٿري.

مقرر (ع) = چونڊيل، ٿاڦيل.

مڪرر (ع) = ٻيهر، وري دهرائڻ.

ميار (س) = ڏوراپو.

معيار (ع) = درجو، مرتبو، مان.

ناثر (ع) = نثر لکندڙ، مضمون نگار.

ناصر (ع) = مددگار.

نارو (س) = پاڻيءَ جو وڏو واهه.

نعرو (ع) = بلند آواز، للڪار.

ناقص (ع) = گهٽيل، گهٽتائي وارو.

ناڪس (ف) = اونڌو، ڪميڻو، نالائق.

ناقہ (ع) = اُٺڙي.

ناڪو (ع) = محصول اُڳاڙڻ وارو هنڌ.

نذر (ع) = قرباني، صدقو، تحفو، سوکڙي.

نظر (ع) = ديد، روشني، نگاهه.

نذير (ع) = ڊيڄاريندڙ، خدا جي رسول جو لقب، ماڻهوءَ جو نالو.

نظير (ع) = مثال، ٽوٽڪو، آکاڻي.

نسب (ع) = خاندان، پيڙهي، قبيلو خانداني سلسلو.

نصب (ع) = قائم ڪرڻ، مقرر ڪرڻ، مشاهدو.

نُقطو (ع) = ٽُٻڪو، ٻڙيءَ جو نشان، مرڪز.

نڪتو (ع) = معمولي ڳالهه، تمام ننڍو لطيفو.

واضح (ع) = ظاهر.

واضع (ع) = (شڪل) بڻائڻ وارو، ٺاهڻ وارو.

وحي (ع) = خدائي پيغام.

وهي (سن) = ليکي جو ڪتاب، ڦوهه جواني.

وصيت (ع) = هدايت، نصيحت.

وسعت (ع) = طاقت، زور.

جانورن جا نالا

گهرو جانور: ڏاند (ڍڳو)، ڳئون (ڍڳي)، سانُ، مينهن، ڪتو، ٻڪري، گهٽو، رڍ، ٻلي، گهوڙو، گڏهه، خچر، اُٺ.

جهنگلي جانور: شينهن، رڇ، بگهڙ، لومڙ، گدڙ، هرڻ، ڦاڙهو، گڊ، زيبرا (پٽاپٽي گڏهه)، ڀولو، جهنگ ٻلو، سيهڙ، چراغ، سوئر، زراف، گينڊو، هاٿي، سيڙهه، ڄاهو، ڪوئو، نور، سانڊو، ڳوهه، نوريئڙو.

پالتو جانور: هاٿي، رڇ، ڀولو، هرڻ، سيهڙ.

پاڻيءَ جانور: دريائي گهوڙو، لڌڙو، مانگر مڇ، واڳون، ڪڇون، ڪمي، ڏيڏر، ڪيڪڙو، ڄؤر، مڇي، پلو.

کير ڏيندڙ جانور: مينهن، ڳئون، رڍ، ٻڪري، ڏاچي.

حلال جانور: ڏاند، ڳئون، مينهن، سانُ، ٻڪري، گهٽويا دنبو، رڍ، هرڻ، ڦاڙهو، گڊ، اُٺ، مڇي، پلو.

پکين جا نالا

گهرو پکي: ڪڪڙ، بدڪ، ڪاز.

جهنگ جا پکي: چمڙو، ڳيرو، ڪبوتر، ڪاٺڪتو (هدهد)، هنس، پاريهر، طوطو، سرڻ، عقاب، چنڊول، بلبل، تتر، مور، جهرڪي، باز، هيڙهو، گونهه خور، ميٽر (ملان)، ڦوسڙي، ڪٻر، ڪانءُ، مينا، چيهو، گهگهه، ابابيل، چانهه، ڪوئل، وهيو، ڪڻڇي، ٽڪلو، ملهالي، پرمار، چڪور، شڪرو، قمري، چٻرو.

پالتو پکي: ڪبوتر، طوطو، تتر، مور، بلبل، مينا، باز.

ڍنڍ جا پکي: ٽيٽيهر: ٽُهڙ (ٽُٻڻي)، ڪوڪڙاٽ (ٻاراهي)، ٻگهه، آڙي، نيرڳي. ڪانئر، سانءِ تلور، بدڪ، ڪاز، هنج، جهنگ ڪڪڙ، ڪرڙو، ٻولاهي، ٽگوش، ميربحر، ڪنگ، ڪهلنگ، ڍرو.

جابلو پکي: ڳجهه، ڪونج، پيئڻ.

واريءَ جا پکي: شتر مرغ (اُٺ پکي)، چِٻَ، ڇاپاڪو.

ڳائيندڙ پکي: بلبل، مينا، طوطو، ڪوئل، چڪور.

سڪاري پکي: پرمار، باز، عقاب، شِڪرو.

حلال پکي: ڪڪڙ، بدڪ، ڪاز، ڪبوتر، تتر، ڳيرو، پاريهر، جهرڪي، ٽُهڙ، ڪوڪڙاٽ، آڙي، نيرڳي، ڪانئر، وهيو، هيڙهو.

نوٽ: (1) چمڙو ٻچا ڄڻيندو آهي ۽ باقي ٻيا سڀ پکي آنا لاهيندا آهن. (2) جن جي ساهوارن جا ڪن ٻاهر نڪتل هوندا آهن، اُهي ٻچا ڄڻيندا آهن. (3) چٻرو اڪثر ويران هنڌن ۾ رهندو آهي.

جيتن جا نالا

نانگ، وڇون، ڏينڀو، ڪنڌاري ڏينڀو، گهريتڙو، ماڪوڙو، ڪِول، سوپاري، ڪينئون، سانپو، مک، ڀبنڊ، ڀؤنر، ٽنڊڻ، ٽنڊڻي، مهلو، رتي، اُڏهي، سُرو، ڪوريئڙو، ماکيءَ جي مک، ڪرڙي، مڇر، تڏ، پٽ ڪينئون، ماڪڙ، اڪمڪڙو، پوپٽ، ڪُت، منگهڻ، ڪاڪروچ، چچڙ، ڪُتي جي مک، جونءَ، مکو، ميوي جي مک، وغيره.

زهريلا جيت: نانگ، وڇون، ڏينڀو، ڪنڌاري ڏينڀو، گهريتڙو، سوپاري، ماکيءَ جي مک، ڪتي جي مک، ڪرڙي، مڇر، ڪُت.

اڏامندر جيت:- ڏينڀو، گهريتڙو، مک، ڀينڊ، ڀؤنر، ٽنڊڻي، مهلو، رتي، ماکيءَ جي مک، ڪُتي جي مک، مڇر، تڏ، ماڪڙ، اڪ مڪڙو، پوپٽ، ڪُت، ڪاڪروچ، ڪنڌاري ڏينڀو.

ساهوارن جون ٻوليون ۽ آواز

ساهواري جو نالو-      ٻولي   -       آواز

اُٺ                     ڀڀڪي         ڀَڀَ ڀڀه ڀڀه ڀڀه

باز                     چينهاٽ       ٽِين سِين

بدڪ                   ڪڻڪڻ       ڪُعاڪِ ڪعاڪ

بگهڙ                  اُونائي          اُعا هُوا

بلبل           ٻولڻ                   ٽُڙُ ڙُ ڙُو

ٻڪري         ٻيڪ                  ٻي ٻي

ٻلي            مِيڪ                  مِيائو

ڀولو            کيکراٽ               کِ که که ک

ڀؤئر            ڀَڻڪار                ڀَئنئن

تتر             تنوارڻ                 ٽِريَڪ ڪَ ڪَ

تِڏ              تِر تِر                   تِر رر- تِر رر

ٽيٽيهر         ٽِين ٽِين               ِي- ٽي ٽِيٽيههَ

جهرڪي       چُون چُون               چِين- چين

خنزير (سوئر)   ٻُهڪار                 ٻُهڪ – ٻهڪ

چٻرو           چرڙاٽ                  چرڙ- چرڙ (کهرو آواز)

چمڙو           چرڙاٽ                  چرڙ- چرڙ (هاڪو آواز)

ڳئون (ڍڳي)   رنڀ                     ڀان

ڏاند (ڍڳو)     ٽاڏ                      اُوٽهان

ڏيڏر            ڏاڪ                   ٽان – ٽان

رڇ             راڙ                      ها ها ها ها

رڍ              ٻيڪ                    ٻي – ٻي (ڳورو آواز)

سانُ            ڍِڪ                     اينئن

سرڻ            ڪرڙاٽ                شِين

سيڙهه          خُرڪو                 خُررر- خُررر

شينهن         گروڙ                    اُوئها

طوطو           تنوار- چانگار           ٽِيون ٽيون

ڦوسي          ٽِرڪ- ٽرڪ            ٽرڪ ٽرڪ

ڪاٺڪتو      ٽُڪ ٽڪ               ٽُڪ ٽڪ

ڪازُ            رڙڻ                    ڪاغ ڪاغ

ڪانءُ          لنوڻ، ڪانگيرو      ڪان ڪان

ڪبوتر         گهوگهٽ              هُو هُو هُو

ڪتو           ڀؤنڪ                  ڀَئون ڀئون- هُئو هئو

ڪٻر           ٽِريڪو                 ٽريچڪ ٽريچڪ

ڪِرڙي         ڪَرڙاٽ                ڪِررر ڪررر

ڪُڪُڙ         ڪُڙ- ڪُڙ              ڪُڪ- ڪڪ

ڪُڪُڙ         ٻانگ                  ڪُڪڙو ڪُو

ڪنگ         رڙڻ                    ڪاغ- ڪاغ

ڪونج          ڪَرڪو                 ڪغا- ڪغا

ڪوئل          ڪوڪ، ڪونجار       ڪُو- ڪُو

گدڙ            اُونائي                  اُعا- هئا

گڏهه           هينگ                 هين- هين

ڳيرو            گهوگهٽ              گهوُ گهو گهو

گهوڙو           هڻڪار                هِه هه هه

لومڙ            اُونائي                  اُعا هوا

مڇر            ڀُڻڪو                  ڀُون ڀون

مک           ڀُڻ ڀڻ                 فُون فون

مور             دانهن                  ٽان- ٽان (وڏو آواز)

ميٽر           ٻولڻ                   ٽِرڪ، ٽرڪ، وِير وير

مينهن         ڍِڪ                    اينئن

نانگ          شوڪڻ، ڦوڪار         شو- فُهه

نور             چرڙاٺ                 ترتر چرچر

هاٿي           ڪيڪٽ              اِ اِ اِ

هرڻ            ٻڪ                    ٻي- ٻي

مٿي ذڪر ڪيل مختلف جاندارن جي آوازن مان معلوم ٿئي ٿو ته هر هڪ ساهوارو پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ڪو نه ڪو آواز ڪڍي ٿو. هنن جا اهي ظاهري آواز آهن، جن جو مطلب اسان سمجهي نه ٿا سگهون، پر هو هڪ جاندار پنهنجي جنس واري جو آواز سمجهي ٿو ۽ ان سان ڳالهائي ٿو.

الله تعالي جل حلالہ پنهنجي پياري پيغمبر حضرت سليمان عليہ السلام کي نه رڳو بي جان شين سان، پر سڀني جاندارن ۽ خاص طور سڀني پکين سان ڳالهائڻ وارو معجزو عطا ڪيو هو. پوءِ جيئن اهي جاندار هڪ ٻئي جو ڳالهائڻ سمجهن ٿا، تيئن الله تعاليٰ جو پيارو رسول به انهن جو ڳالهائڻ سمجهندو هو ۽ ساڻن ڳالهائيندو به هو. قرآن مجيد جي پاره نمبر 19 ۾، ”سوره النمل“ ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي.

”ولقد آتينا داؤد و سليمان علما................وورث سليمان داؤد و قال يا اَيها الناس علمنا منطق الطير و اُوتينا من کل شيءَ اِن هاذا لهو الفضل المبين 0“

]معنيٰ:- ۽ اسان دائود ۽ سليمان کي علم عطا ڪيو... ۽ (دائود عليہ السلام جي وفات کان پوءِ) حضرت سليمان عليہ السلام ان جي جاءِ تي مقرر ٿيو ۽ چيائين (جنهن چيو) ته اي انسانو! اسان کي پکين جي ٻوليءَ (سمجهڻ) جي تعليم ڏني وئي آهي ۽ اسان کي هر قسم جون (ضروري) شيون ڏنيون ويون آهن. واقعي اها الله تعاليٰ جي کليو کلايو شفقت آهي.[

انهيءَ مان معلوم ٿيو ته رب العالمين حضرت سليمان عليہ السلام کي سڀني جاندارن ۽ خاص طور تي پکين سان ڳالهائڻ ۽ انهن جي آواز سمجهڻ جي توفيق عطا ڪئي هئي. تفسير لکن ٿا ته حضرت سليمان عليہ السلام جن جي لشڪر ۾ وڏو تعداد پکين جو هو ۽ سندن ڪم ڪار ۾ به پکين کي وڏي اهميت حاصل هئي. ايتري قدر جو هو خدا تعاليٰ جي پياري نبيءَ جي مٿان پنهنجا پر کولي ڇانوَ ڪري بيهندا هئا ۽ هر وقت سندن اڳيان حڪم جي تعميل لاءِ حاضر هوندا هئا.

دراصل هر هڪ شيءَ، پوءِ چاهي اها جاندار هجي يا بيجان، هر وقت الله تبارڪ و تعاليٰ جي ذڪر ۾ مشغول آهي. جيئن ڪائنات جي مالڪ ۽ خالق پاڻ پنهنجي قرآن مجيد ۽ پاره نمبر-15 جي سورءِ بني اسرائيل ۾ فرمايو آهي ته.

”تسبح لہ السماوات السبع والارض ومن فيهن ط و اِن من شيءِ اِلايسبح بحمده ولا کن لاّ تفقهون تسبيحهم ط اِنہ کان حليما غفورا 0

]معنيٰ:- سڀئي ست آسمان ۽ زمين ۽ جيترا اُن ۾ آهن، اُن (الله تعاليٰ) جي ئي پاڪائي بيان ڪري رهيا آهن ۽ ڪا شيءَ اهڙي نه آهي، جا تعريف سان ان جي پاڪائي بيان نه ڪندي هجي، ليڪن اوهين ماڻهو انهن جي پاڪائي بيان ڪرڻ کي نه ٿا سمجهو.[

هت چند پکين جي آوازن جو مفهوم پيش ڪجي ٿو، جو ڪتاب ”مفتاح رشدالله تفسير ڪلام الله حصو ٽيون“ ۾ تفاسير ”روح البيان“، ”خازن“ ۽ ”جُمل“ جي حوالي سان پيش ڪيو ويو آهي. هن ۾ آهي ته هڪ دفعي حضرت سليمان عليہ السلام جن هڪ هنڌ ڪن ماڻهن سان گڏ ويٺا هئا ته هڪ پکي کين آواز ڏئي لنگهي ويو. پوءِ حضرت سليمان عليہ السلام جن انهن پاڻ سان گڏ ويٺل ماڻهن کي ٻڌايو ته پکي پنهنجي آواز ۾ اسلام عليڪ (يعني توتي سلامتي هجي) چئي هليو ويو. اهڙيءَ طرح پوءِ پاڻ کي رستي ۾ ڪيترائي پکي مليا اٿن، جن پنهنجي پنهنجي زبان ۾ ڳالهايو آهي، جنهن جو مفهوم پنهنجي ماڻهن کي ٻڌائيندا رهيا آهن. جهڙوڪ:

بلبل چوي ٿي ته، (اذا لڪلت نصف تمرء فعلي الدنيا العقاءُ) يعني ”جڏهن اڌ کارڪ جو کاڌئي ته پوءِ دنيا تي خاڪ هجي“. حاصل مطلب آهي ته، .اي انسان! جيئن کارڪ کائڻ کان پوءِ ختم ٿي وئي، تيئن تون به هڪ ڏينهن فنا ٿي ويندين.

ڳيرو چوي ٿو ته، (ليت الخلق لم يخلقوا وليتهم اذ خلقوا علموا اما خلقوا لہ) يعني ”افسوس! جو نه خلقجي ها ۽ افسوس! جڏهن خلقيل ٿي، تڏهن ڄاڻن ها ته ڇا لاءِ خلقيا ويا آهن.“ مطلب ته اها ڄاڻ رکڻ گهرجي ته انسان ڪهڙي مقصد لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي؟

هد هد چوي ٿو ته، (من لا يَرحم لا يُرحم) معنيٰ ”جو ٻئي تي رحم نه ڪندو، تنهن تي رحم نه ڪبو“.

ملهالي چوي ٿي ته، (اِستغفر و الله يا مذنبون) يعني ”اي گنهگارو! الله تعاليٰ کان بخشش گهرو“.

نر قمري چوي ٿو ته، (لِد و للموت وابنوا للخراب) يعني ”ڄڻيو مرڻ ڪاڻ ۽ اڏيو ڦِٽڻ ڪاڻ“.

مور چوي ٿو ته، (ڪما تديدُ تدان) يعني ”جهڙي روش تون هلندين تهڙي توکي جزا ملندي“.

ابابيل چوي ٿو ته، (قد موا خيرا تجدوّ) معنيٰ ”چڱائي موڪليو ته سڀاڻي ان کي ڏسندؤ“.

قمري چوي ٿي ته، (سبحان ربي العظيم المهيمن) معنيٰ ”پاڪائي آهي رب منهنجي کي، جو بزرگيءَ جو صاحب ۽ نگهبان آهي“.

تتر چوي ٿو ته، (الرحمان علي العرش الستويٰ) معنيٰ رحمان عرش تي غالب ٿيو.“

ڪبوتر چيو ٿو ته، (سبحان ربي الاعليٰ عدد ما في السملواتہ و ارضد) يعني ”پاڪائي آهي رب منهنجي کي انهن ٽولن جي عدد موجب، جي سندس آسمانن ۽ زمين ۾ آهي.

پٽ تتر چوي ٿو ته، (من سڪت سلم) معنيٰ ”جنهن ماٺ ڪئي سو سلامت رهيو.“

چتون چوي ٿو ته، (ويل لمن الدنيا همہ) معنيٰ ”ان شخص لاءِ ويل آهي، جنهن جو مقصد يا ارادو رڳي دنيا آهي.“

ڪانءُ چوي ٿو ته، (اللهم العن العشعار) معنيٰ ”يا الله! ڍلن اڳاڙيندڙن تي لعنت وجهه.“

سرڻ چوي ٿي ته، (ڪل شيءَ هالڪ الا وجهہ) معنيٰ سڀڪا شيءَ فاني آهي، مگر ذات پاڪ الله تعاليٰ جل جلالہ جي.“

باز چوي ٿو ته، (سبحان ربي وبحمده) يعني ”پاڪائي آهي منهنجي رب کي، سندس ثنا سان گڏ.“

ڏيڏر چوي ٿو ته، (سبحان ربي القدوس) معنيٰ ”پاڪائي آهي منهنجي رب پاڪ کي.“

حسن بصري رضي الله تعاليٰ عنہ جي روايت آهي ته حضرت رسول الله ﷺ جن فرمايو ته:-

ڪڪڙ چوي ٿو ته، (اُذڪر و الله يا غافلون) معنيٰ ”اي غافلو! (غافل انسانو) الله تعاليٰ کي ياد ڪريو.“

حضرت امام حسن ابن کي رضي الله تعاليٰ عنهما کي روايت آهي ته حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ و آلہ و اصحابہ وسلم جن فرمايو ته:-

ڳجهه چوي ٿي ته (يا ابن آدم عس ما شعت فاخرڪ الموت) يعني ”اي آدم جا پٽ! جيترو گهرين تيترو جيءُ، پر نيٺ عاقبت تنهنجي موت آهي.“

عقاب چوي ٿو ته، (في العبد من الناس راحہ) يعني ”ماڻهن کان پري رهڻ راحت آهي.“

چنڊول چوي ٿو ته، (الاهي اَلعن مبغض اَل محمد) يعني ”اي منهنجا الله! حضرت محمد صلي الله عليہ اَلہ و اصحابہ جن جي اولاد سان بغض رکندڙ تي لعنت وجهه.“

مطلب ته هر هڪ پکيءَ يا ساهواري جو آواز مقصد کان خالي نه آهي. تنهن ڪري انسان کي انهيءَ مان سُبق حاصل ڪرڻ گهرجي ته هو به پنهنجي پالڻهار کي هر وقت ياد ڪري ۽ سندس پاڪائي بيان ڪندو رهي، جيئن سندس عاقب موچاري ٿئي. باقي رڳو دنيا جي لالچن ۾ ڦاهي ويهڻ ۽ نفس کي راضي رکڻ لاءِ ڪُڌن ڪمن ڪرڻ مان ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندو؛ اُٽلندو پنهنجي زندگي تباهه ۽ برباد ٿيندي.


1. ڪانون جي گڏجي ماتم ڪرڻ واري گڏيل آواز کي ”ڪانگيرو“ چئجي

 ڪتاب ”مفتاح رشد الله تفسير ڪلام الله، حصو ٽيون (سنڌي) مصنف خليفو فتح محمد خان نظاماڻي، بحڪم پير ضياءُ الدين شام جهنڊي وارو، ڇاپو پهريون سال 1372 هجري، صفحو نمبر 135 کان 140 تائين

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: