سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: سنڌي گلدستو

 باب--

صفحو :20

مطلع

”مطلع“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معني آهي ،

”اُڀرندڙ، ظاهر ٿيندڙ.“ اصطلاحي معنيٰ م قصيدي يا غزل جي شروعاتي يا پهرئين بند جي ٻن مصرعن کي ”مطلع“ چئبو آهي. هن ۾ ٻئي مصرعون قافيي واريون هونديون آهن؛ يا وري قافيي سان گڏ رديف به شامل هوندوآهي. خاص ڪري غزل ۾ مطلع جو هجڻ تمام ضروري آهي. باقي ٻين شعرن ۾ انهيءَ جي ايتري ضرورت نه هوندي آهي.

مقطع

”مقطع“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي، ”وڍيندڙ يا ڪاٽيندڙ“. اصطلاهي معنيٰ ۾ غزل يا قصيدي جو اهو آخري ٻن مصرعن وارو بند، جنهن تي سڄو نظم اچي پورو ٿئي. مقطع ۾ شاعر اڪثر پنهنجو تخلص آڻيندا آهن. پوءِ اهو شاعر تي منحصر آهي ته، هو انهيءَ ۾ پنهنجو تخلص پيش ڪري يا نه. جنهن لاءِ ڪا به پابندي نه آهي.

تخلص

”تخلص“ عربي ٻوليءَ جي لفظ ”خلاصه“ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”مختصر“. اصطلاحي معنيٰ موجب، ”تخلص“ شاعر جو مختصر نالو هوندو آهي، جو سڃاڻپ لاءِ هو پنهنجي هر هڪ شعر يا نظم جي آخري بند يا ان جي آخري سٽ ۾ ڪم آڻيندو آهي. مطلب ته ”تخلص“ هڪ شاعرانو نالو آهي، جو شعر جي پڇاڙيءَ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، انهيءَ لاءِ ته هڪ شعر جوڙيندڙ شاعرن جي سڃاڻپ ٿي سگهي.

تقطيع

”تقطيع“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو بنياد يا اشتقاق آهي، قَطعَ=وڍڻ، ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ. تنهن ڪري ”تقطيع“ جي لفظي معنيٰ ٿيندي ”وڍيل“ يا ”ٽڪرا ٽڪرا ڪيل“. اصطلاحي معنيٰ موجب، ڪنهن شعر جي مصرعن ۾ ڪم آندل لفظن کي، مقرر بحر جي ارڪان ۾ توري ۽ کين جدا جدا ڪري بيهارڻ کي ”تقطيع“ چئبو آهي. شعر جي بحر جا اهي ارڪان، خود الفاظ آهن، ڪن آوازن (اُچارن) جا ٺهيل آهن.

آواز (اچار) ٻن قسمن جا ٿيندا آهن:

(1)   اهي آواز، جي ڪنهن حرف يا اکر تي ڪا اعراب (زبر-، زير-، يا پيشُ) ڏيڻ سان اچارڻ ۾ اچن ٿا. جيئن ت؛ بَ، بِ، بُ، وغيره. اهڙي قسم جي آوازن کي ”ننڍو“ يا ”هيڪوٽو“ آواز چئبو آهي. شعر ۾ اهڙي هيڪوٽي آواز کي ظاهر ڪرڻ لاءِ، انهيءَ حرف جي مٿان جزم (8) جي نشاني ڏبي آهي. اهڙي حرف کي ”ساڪن“ حرف به چئبو آهي.

(2)  اهي آواز، جي ٻن اکرن جي ملائڻ سان جڙن ٿا جھڙوڪ، ڪنهن به اکر پٺيان ”الف“، ”و“، يا ”ي“ گڏڻ سان، يا هڪ اکر ٻئي اکر سان جزم رستي ملائڻ سان ٺهي ٿو. مثلا:- م+ا=ما،م+و=مو،م+ي=مي؛ يا م+ت=مت، ڀ+ت=ڀت،ن+چ= نچ، وغيره. اهڙي قسم جي آوازن کي ”ڊگهو“ يا ”ٻٽو“ آواز ڪري چئجي ٿو. شعر ۾ اهڙي ڊگهي يا ٻٽي آواز کي ظاهر ڪرڻ واسطي، انهيءَ ٻٽي حرف جي مٿان ليڪ (-) جي نشاني ڏبي آهي. اهڙي حرف کي ”متحرڪ“ حرف چئبو آهي.

آواز، جن مان مختلف الفاظ ٺهن ٿا، سي اصل ۾ ڏهه آهن، جهڙوڪ؛

اَ-اِ-اُ؛اَ-او-اي؛اَو-اُو؛اِي-اَي.

مٿين آواز جي پهرين ٽن اکرن (اَ-اِ-اُ) مان ننڍو آواز نڪري ٿو ۽ باقي رهيل ست ٻٽا اکر، ڊگهو آواز ظاهر ڪن ٿا، جن کي ”ڊگهو“ يا ”ٻٽو“ آواز چئبو آهي. انهن آوازن جي مدد سان ئي شعر جي مصرعن کي مختلف ڀاڱن يا حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

مطلب ته ڪنهن به شعر کي، سندس مقرر بحر ۽ اُن جي وزن موجب ٽڪرا ٽڪرا ڪري ۽ ورهائي رکڻ کي، شعر جي تقطيع چئبو آهي.

ڪنهن به شعر جي تقطيع ڪرڻ وقت تقطيع جي هيٺين اُصولن کي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي.

تقطيع جا اصول

(1)    شعر ۾ ڪم آيل لفظن ۾ ڪي اهڙا حرف به هوندا آهن، جي رڳو لکڻ ۾ ايندا آهن، پر پڙهڻ وقت انهن جو اچار ظاهرئي نه ٿيندو آهي. اهي حرف يا اکر شعر جي تقطيع ڪرڻ وقت شمار ۾ نه ايندا. جهڙوڪ؛ ”خود“ لفظ ۾ ”و“ لکڻ ۾ اچي ٿو، پر پڙهڻ يا اچارڻ ۾ نه ٿو اچي، تنهن ڪري ان کي ”خد“ شمار ڪبو. ساڳيءَ طرح، ”خواهش“ کي ”خاهش“ ۽ ”معاف“ کي ”ماف“ ڪري ليکبو.

(2)  شعر جي لفظن ۾ شامل ٿيل حروف علت (ا-و-ي) جيڪڏهن ساڪن هجن ۽ سندن آواز چٽو نه نڪري، ته تقطيع وقت، انهن اکرن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق خارج ڪري يا شمار ڪري سگهجي ٿو.

جهڙوڪ؛ ”منهنجا- خوب- آهي.“

(3)  جنهن اکر جي مٿان شد (- ّ) هجي، سو ٻٽو حرف ڪري ليکبو. جيئن ته؛ ”عزت“ لفظ ۾ ”ز“ حرف تي شد آهي، تنهن ڪري اهو لفظ ”عززت“ ڪري شمار ڪبو. اهڙي طرح ”قوت“ کي ”قووت“ ۽ ”محبت“ لفظ کي ”محببت“ ڪري ليکبو.

(4)  جنهن الف جي مٿان مد (8) اچي اهو حرف ٻٽو ٿيندو ۽ ان جو آواز ڊگهو نڪرندو، جنهن ڪري اهو ٻه الف (آ=اا) ڪري شمار ڪبو. مثلا:- ”آهي“ لفظ م ڪم آيل حرف ”آ“ کي ٻه الف (اا) ڪري ليکبو. ساڳي نموني ”م آب“ کي ”مااب“ ۽ ”آفتاب“ کي ”افتاب“ ڪري شمار ڪبو.

(5)  تقطيع ۾ نون غنو ”ن“ شمار نه ٿيندو. جيئن ته؛ ”مان، کان، چوان، آسمان“ لفظن جي پٺيان آيل نون ”ن“ ڪڍي باقي ”ما، کا، چوا، ۽ آسما،“ آواز شمار ڪبا.

(6)  ”ڦاڙهو، ماڻهو، ڳوڙهو،“ وغيره الفاظ ۾ شامل حرف ”هه“ تقطيع ڪرڻ وقت ڳڻپ ۾ نه ايندو. اهي الفاظ ڦاڙو، ماڻو، ڳوڙو“ ٿي شمار ٿيندا.

(7)  فارسيءَ واري زير اضافت (/) تقطيع ۾ ”ي“ شمار ڪئي ويندي. جيئن ته ”مال غنيمت“ کي ”مالي غنيمت“ ڪري ليکبو ۽ ”روز محشر“ کي ”روزي محشر“ ۽ ”حضرت عشق“ کي ”حضرتي عشق“ ڪري شمار ڪبو.

(8)  جڏهن ڪي به ٻه، حرف صحيح گڏ اچن ۽ اهي ٻئي ”ساڪن“ هجن، ته انهن ٻنهي مان پويون حرف شمار نه ٿيندو.جهڙوڪ؛ ”پوسٽ“ لفظ ۾ ”س“ ۽ ”ٽ“ ٻئي حروف صحيح آهن ۽ ٻئي ساڪن ٿي ڪم آيا آهن، تنهن ڪري انهيءَ لفظ کي ”پوس“ ڪري شمار ڪبو ۽ اهڙي طرح ”گوشت“ کي ”گوش“ شمار ڪبو.

هت هڪ ٻن شعرن جي تقطيع ڪري ڏيکارجي ٿي:-

1

ادا حضرت عشق جي نوڪريءَ ۾،

ڏناسون ڏکيا امتحان ڪهڙا ڪهڙا!

(سانگي)

 

مٿين تقطيع مان صاف ظاهر آهي ته تقطيع جي اصولن مطابق، (1) شعر جي پهرين مصرع ۾ ”حضرت“ جي زير اضافت جي بجاءِ ”ي“ استعمال ڪئي ويئي آهي.

(3)  ٻيو نمبر مصرع ۾ ”ڏناسون“ ۽ ”امتحان“ ٻنهي لفظن جو نون غفو ”ن“ شمار نه ڪيو ويو آهي، ۽ (3) ”ڏکيا“ ۽ پهريون لفظ ”ڪهڙا“، انهن ٻنهي لفظن جي آخر ۾ آيل حرف الف ”ا“ وزن پوري رکڻ لاءِ خارج ڪيا (ڪيرايا) ويا آهن.

هاڻي ڏسبو ته مٿئين شعر جو وزن، ”فعولن فعولن فعولن فعولن“ آهي ۽ جيئن ته ”فعولن“ ٻنهي مصرعن ۾ اٺ ڀيرا ساڳيءَ شڪل ۾ آيو آهي ۽ منجهس ڪٽ سٽ يا کاڌ آهي ئي ڪانه؛ تنهن ڪري اهو ”بحر تقارب (متقارب) مثمن سالم“ ٿيندو.

2- ٿا چون عاقل، محبت جرم آ،

عشق وارن تي عجب الزام ڏس.

(ناشاد)

 

مٿي تقطيع ۾ ”محبت“ جي ”ب“ حرف تي شد آيل آهي، جنهن ڪري اُهو حرف ٻٽو ليکيو ويو آهي ۽ پهرين سٽ جي آخر ۾ ”الف“ جي مٿان مد واري نشاني آيل آهي، تنهن ڪري ان کي به ٻٽو اکر شمار ڪيو ويو آهي. مٿئين شعر جو وزن آهي، ”فاعلاتن فاعلاتن فاعلن“؛ ”بحر رمل مسدس محذوف“ آهي. ڇاڪاڻ ته منجهس ٻنهي مصرعن ۾) ڪل ڇهه ارڪان آهن ۽ ٻنهي وزنن جي پوئين رڪن مان ڪجهه حروف حذف ڪيل يعني ڪاٽيل يا ڌار ڪيل آهن.

3- وڃي ٿو بگڙبو، ڪاوڙبو، هر هڪ ڳالهه تي اڪثر،

آهي هن شوخ کي شايد ته اڄ تڪرار جي خواهش.

(فقير)

مٿئين شعر جي تقطيع ڪندي، شعر جي پهرين مصرع ۾ ”ڪاوڙبو“ لفظ جو پويون ”و“ ساڪن، شعر جي وزن پوري رکڻ لاءِ شمار ۾ نه آندو ويو آهي. ساڳي مصرع ۾ ”ڳالهه“ جي ”هه“ ڳڻپ ۾ نه آئي آهي. شعر جي ٻيو نمبر مصرع جي شروع ۾ ڪم آيل ”آ“ کي ننڍو ڪري، مٿانئس زبر ڏئي، وزن پورو ڪرري رکيو ويو آهي ۽ آخري لفظ ”خواهش“ جو ”و“ جيئن ته اچارڻ ۾ نه ٿو اچي، تنهن ڪري اهو به شمار نه ڪيو ويو آهي.

تقطيع بعد معلوم ٿيو ته مٿئين شعر جو وزن ”مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن، آهي ۽ سندس بحر آهي، ”بحر هزج مثمن سالم“. ڇاڪاڻ ته انهيءَ ۾ ”مفاعيلن“ اٺ ڀيرا استعمال ٿيو آهي ۽ منجهس ڪا به ڪٽ سٽ ڪانه آهي.

جديد شعر:

گيت

”گيت“ اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جي ”گي“ لفظ مان نڪتو آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”ڳائڻ. اصطلاحي معنيٰ موجب، اهو شعر جو ڳائڻ ۾ اچي يا ڳائي سگهجي. گيت، اصل هندي شاعريءَ جو قسم آهي، پر گذريل ٿوري عرصي کان سنڌي شاعرن به گيت ڳائڻ شروع ڪيا آهن، جن ۾ گهڻا هندي لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا.

گيت هڪ مٺو ۽ من موهيندڙ راڳ آهي، جنهن ۾ پهريائين هڪ، ڏيڍ يا ٻه سٽون ٿل طور آڻبيون آهن ۽ باقي سڄي گيت جي هر هڪ بند ۾ هڪ، ڏيڍ، ٻه، اڍائي يا وڌيڪ سٽون رکبيون آهن.

گيت ۾ اڪثر ٿل جو پويون پد (حصو)، هر هڪ بند جي آخر ۾ وراڻي طور آڻبو آهي. ڪي شاعر وري مختلف وراڻيون پيش ڪندا آهن. هن ۾ وزن ۽ قافيي جي پابندي ڪانه هوندي آهي. البت ڪي شاعر منجهس وزن ۽ قافيو (ٻئي) استعمال ڪن ٿا.

گيت ۾ اخلاقي توڙي عشقيه مضمون پيش ڪيا وڃن ٿا. هت قلندر بخش بدويءَ جو گيت نموني طور پيش ڪجي ٿو:-

ڪانهي ويهڻ ويل

ويلن ويندي پهر ٿا بڻجن- پهرن کان پو ڏيهن ٿا ڳڻجن،

سڀ ڪي ڪرڻو هيل.

ٿڪلن ٿاڪ لڌا ٿانئيڪا- سورهه ڪين سمهن سانتيڪا،

سيج کي ڀانئين سيل.

ويل وڃائڻ مرڪ مَ مانجهن- مڙس ڪڏهن ڪا ويل نه وانجن،

ڇا جي ويل اَويل.

واريءَ واري واٽ نه روڪي- ٽاڪ منجهند ٻوساٽ نه روڪي،

کاراهن ۾ کيل.

ڪاريون راتيون ڪين ڪنبائن- ويل ڪِ ويل اڳي وک پائن،

سوڍن ڪاڻ سويل.

ويل وئي سا ويل نه ايندي- ويل ويل جان ويل نه ٿيندي،

ڪين وڃڻ ڏي ويل.

آريءَ جو اُهڃاڻ اڳي آ- ڀورل وارو ڀاڻ اڳي آ،

ڪوهه ڪٿائين ميل.

جر- ٿر ”بدوي“ مڙس جهوڪون- ۽ نه رنڊائن تن کي روڪون،

ڀل ڪو پائي نيل.

آزاد نظم

”آزاد نظم“، انگريزي شاعريءَ جي صنف ”فري ورس- “Free Verse جو ترجمو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، اُهو نظم، جو بلڪل فري Free يعني آزاد هجي ۽ ان ۾ ڪابه بندش يا پابندي نه هجي.

آزاد نظم ۾ نه بحر ۽ وزن جو قيد آهي نه وري منجهس قافيو ۽ رديف آهي. هن نظم ۾ لفظن ۽ سٽن جو انداز به مقرر نه هوندو آهي. مطلب ته شعر جو هيءَ قسم، شعر جي انهن جملي پابندين کان آزاد هوندو آهي. هيءَ نظم ذري گهٽ نثر وانگر ٿيندو آهي.

شاعر جي دل ۾ جيڪي اُمنگ ۽ جذبات اُڀرن ٿا، انهن کي هو آزاديءَ ۽ آسانيءَ سان هن قسم جي نظم ۾ ظاهر ڪري ٿو، هن صنف تي اڪثر سنڌ جا نوجوان شاعر طبع آزمائي ڪندا رهن ٿا. هت ”راز“ ناٿنشاهي جو آزا نظم مثال طور ڏجي ٿو:-

شهر جي هڪ چونڪ تي،

هڪ شام جو،

مانيءَ ڳڀي جي واسطي،

ٿي وڙهيا،

ڀائر ٻه پنهنجو پاڻ ۾!

هڪ ٻئي جي سخت چوٽن سان ٻئي،

ڦٿڪي، لڇي، کرڙيون هڻي،

ويندا رهيا،

پر سهي سگهيا نه مانيءَ جو ڳڀو!

هڪڙي جي هٿ مان،

ٿورڙي وقفي کان پوءِ،

ڏٻرو، هيڻو، نيم جان،

هڪڙو ڪتو،

ويو کڻي مانيءَ ڳڀو!

 

ماهيا

”ماهيا“ پنجاب جي شاعريءَ جي حسين ۽ مقبول صنف آهي. هن جو تعلق ’ماه‘ لفظ سان آهي. ”ماه“ اصل فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’چنڊ‘. جيئن ته چنڊ هڪ چمڪندڙ، خوبصورت ۽ خوشنما گره آهي؛ تنهن ڪري پنجاب جي ماڻهن محبوب کي اُن سان تشبيهه ڏئي کيس ”ماهي“ سڏيو آهي: يعني ’چنڊ جهڙو حسين ۽ خوبصورت چهرو‘. ساڳيءَ طرح سان محبوب جي تعريف ۾ چيل شعر کي پڻ ”ماهيا“ نالو ڏنو ويو آهي.

سنڌي شاعريءَ ۾ ماهيا جي صنف گذريل ٿورن سالن کان مروج آهي. سنڌي شاعرن هن صنف کي ساڳي ئي رنگ ۽ ڍنگ ۾ پيش ڪيو آهي، جهڙيءَ طرح پنجابي شاعريءَ ۾ پيش ڪئي وڃي ٿي. هن ۾ مضمون به ساڳيوئي پنجابي شاعريءَ وارو آندو وڃي ٿو، جنهن ۾ محبوب جي تعريف ۽ سندس وڇوڙي جا ورلاپ بيان ڪيا ويندا آهن ۽ کيس ملاقات ڪرڻ لاءِ التجا ڪئي ويندي آهي.

سٽاءَ جي لحاظ کان هيءَ صنف هڪ نرالي صورت رکي ٿي. هيءَ علم عروض جي قاعدن ۽ بحر وزن جي قيد کان بلڪل آزاد هوندي آهي، البت شاعر رڳو اُن سُر جي پورائي لاءِ مناسب الفاظ ڪم آڻيندو آهي. هن ۾ بندن جو انداز مقرر هجڻ لازمي نه آهي. هت اهڙو شعر پيش ڪجي ٿو، جو ”محسن“ ڪڪڙائيءَ جو چيل آهي:

اچي ويٺو ڀت تي ڪانءُ،

تو ته دل پنهنجي پلي آ؛

منهنجو تو لئي ڦاٽي هانءُ.

سانوڻ جو ٿو مينهن پوي،

اسان تنهنجي لاءِ سڪون ٿا؛

پر توکي ڪير چوي.

خالي خالي کوکو،

مون کي ڪهڙي ڄاڻ ته من!

تون ڀي ڏيندين دوکو.

تُوتن سان پُر ٿالهي،

اوهين شل بهار هجو،

اسين ساڳيائي مالهي.

مٽرن جهليون ڦريون،

اوهين پرديسي او پيارا؛

اسان ديس ۾ ڇا ڪريون؟

هائيڪو

”هائيڪو“ جپان ملڪ جي آزد شاعري آهي، جا گذريل ٿوري عرصي کان سنڌي شاعريءَ ۾ رواج هيٺ آئي آهي. سنڌي شاعرن مان ڪي هن صنف کي ”هيڪو“ سڏين ٿا. ته ڪي وري کيس ”هيڪونما“ چون ٿا. اصل ۾ ”هيڪو“ لفظ جي معنيٰ ئي آهي ’مفرد يا اڪيلو‘؛ يعني اهو شعر جو هڪ بند تي مشتمل هجي ۽ مڪمل معنيٰ رکندڙ هجي.

جپانين وٽ هن صنف ۾ سٽن جو انداز مقرر نه هوندو آهي، پر سنڌي شاعرن عام طرح ان ۾ ٽي سٽون شامل ڪيون آهن، جن مان پهرين ۽ ٽين سٽ پاڻ ۾ هم قافيه، ٿين ٿيون؛ باقي وچين سٽ قافيي کان آزاد رهي ٿي.

”هائيڪو“ جي انهن ٽنهي سٽن ۾ پورو مضمون سمايل هوندو آهي.

سٽاءَ جي لحاظ کان سنڌيءَ ۾ ”هائيڪو“ جي صنف مختلف نمونن ۾ پيش ڪئي وڃي ٿي. هن ۾ وزن جي پابندي آهي ئي ڪانه، جنهن ڪري ڪنهن سٽ ۾ ٿورا لفظ اچن ٿا ته ڪنهن ۾ وري گهڻا ٿين ٿا ۽ ڪي سٽون ته وري هڪ جيتريون به ٿين ٿيون. مطلب ته شاعريءَ جو هيءَ فن وزن جي قيد کان بلڪل آزاد رکيو ويو آهي ۽ منجهس سٽن جو انداز به هڪ جيترو هئڻ لازمي نه آهي.

جيڪڏهن غور سان ڏسبو ته ٽن سٽن وارو شعر علم عروض جي شاعريءَ ۾ اڳي ئي موجود آهي، جنهن کي ”مثلث“ ڪري چئبو آهي. فرق رڳو اهو آهي ته مثلث ۾ وزن جي پابندي آهي، پر هائيڪو انهيءَ قيد کان آزاد آهي. تنهن کان سواءِ ٻنهي ۾ قافيي جو به اختلاف آهي. هت هائيڪو جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا، جي مختلف شاعرن جا چيل آهن:

1

پن انڌ، پن ٻوڙا، پن بنا زبان،

ته به سندن رڳن ۾،

پيا ڌڙڪن ڪيترا ڳجهه، ڪيترا نوان گيان.

(”نعيم“ دريشاڻي)

2

اُچنيءَ چوکا چِٽَ،

تنهنجو منهنجو روح ائين جيئن،

گها گهر سينهو ٻِٽَ

(”عاجز“ اُڄڻ)

3

مٺڙي سُر ۾ سِينڍ،

ويٺو ڏئي ڪو مام ۾،

نينگر ڪنهن کي نينڍ.

(”اَثم ناٿنشاهي“)

4

ذهن انساني آ اڄڪلهه ويٽنام،

ڏنگ جون ڏهه ڏهه زبانون سوچ ۾،

هڪ ٻئي سان هم ڪلام.

(”ذوالفقار“ راشدي)

سانيٽ

”سانيٽ- “Sonnet اصل ۾ مغربي شاعريءَ جو هڪ قسم آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”چوڏهن سٽن وارو شعر“. هيءَ شاعريءَ جي صنف پهريائين اٽليءَ ۾ موجود هئي، جتا پوءِ انگريزن وٽ آئي ۽ اُتي گهڻي مقبوليت حاصل ڪيائين. تازو ٿورن سالن کان هيءَ صنف سنڌي شاعريءَ ۾ به رواج هيٺ آئي آهي.

سنڌ جي شاعرن، سنڌي سانيٽ ۾ به سٽن جو انداز ساڳيوئي چوڏهن رکيو آهي، پر قافيي جي لحاظ کان هر هڪ شاعر پنهنجي پنهنجي رٿا رکي آهي.

سانيٽ ۾ عام طرح پهرين ٽن بندن ۾ چار چار سٽون ٿين ٿيون ۽ چوٿون يعني آخري بند ٻن سٽن جو ٿئي ٿو.

ڪي سانيٽ سنڌيءَ ۾ اهڙا ملن ٿا، جن جي پهرين ٽن بسندن ۾ پهرين ۽ چوٿين سٽ پاڻ ۾ هم قافيه ٿين ٿيون ۽ باقي وچ واريون ٻه سٽون (يعني ٻي ۽ ٽين سٽ) پاڻ ۾ هم قافيه ٿين ٿيون ۽ آخري بند جون وري ٻئي سٽون (تيرهين ۽ چوڏهين سٽ) پاڻ ۾ هم قافيه رهن ٿيون، جي مٿين ٽنهي بندن کان قافيي ۾ مختلف هونديون آهن. هن قسم جي سانيٽ کي .شيڪسپيرن سانيٽ“ چيو ويندوآهي. هت اهڙي قسم جو سانيٽ ”بشير“ مورياڻيءَ جو چيل مثال طور ڏجي ٿو:

جذبن جي حقيقت

رات جذبن جي گلستان ۾ گذاري آيس،

راڳ ڳايا پئي تمنا ۽ خوشيءَ ڇيڄ وڌا،

رنگ ۽ نور نگاهن ۾ هم آغوش ٿيا،

غير فاني سي گهڙيون، هاءِ جي گهاري آيس.

تو کنيا نيڻ ته چوڌاري پکڙجي ويو نور،

تو ڏنو مرڪي ته چوڌاري ستارا مرڪيا،

تو اشارو ئي ڪيو مس ته سوين باغ ٽڙيا،

تنهنجي آئي ته مليو زخمي زمانن کي سرور.

ذهن سوچي ٿو ته جذبن جي حقيقت ڇا آ؟

شايد آ منهنجي خيالن جي اها بيخوابي،

شايد آ تنهنجي محبت جي حسين چانڊوڪي،

پر ٻڌائج ته اها تنهنجي محبت ڇا آ؟

بحر جي لهر آ، يا راڳ جي هڪ لئي آهي،

يا خوشي، غم جي مرڪب ڪا اها شيءَ آهي.

سانيٽ جو ٻيو قسم جو سنڌي شاعري ۾ پيش ڪيو ويو آهي، اُن جي  پهرين ٻن بندن ۾ پهرين ۽ چوٿين سٽ هڪ ٻئي سان هم قافيه ۽ ٻي ۽ ٽين سٽ پاڻ ۾ هم قافيه رکيو ويون آهن. ٽئين بند ۾ وري پهرين ۽ ٽين سٽ پاڻ ۾ ۽ ٻي ۽ چوٿين سٽ پاڻ ۾ هم قافيه آهن ۽ باقي آخري بند جون ٻئي سٽون (تيرهين ۽ چوڏهين) هڪ ٻئي سان هم قافيه آهن، جن جو قافيون پهرين ٽن بندن جي قافيي کان مختلف آهي. هت اهڙو مثال هري درياڻي ”دلگير“ جو پيش ڪجي ٿو:

بيماريءَ جي بستري تان

پرهه جي هير بڻي روز سويرو ٿي اچين،

صبح جو روز اچين سونهن جي سرهاڻ کڻي،

روح جي تازگي، دنيا جي خوشي ساڻ کڻي،

پيار جا پشپ کڻي، روز سويرو ٿي اچين.

نرم هٿڙن کي وجهي منهنجي تون وارن ۾ مٺي،

پيار پاٻوهه سان آهستي اچي جاڳائين،

رنگ ۽ روپ جي سپنن کي اچي جنهجهلائين،

ڄڻ ته جنبش ٿي وجهين رات جي تارن ۾ مٺي!

ٿي اچين عرش تان جنت جي بهارن کي کڻي،

دل جي ويرانيءَ ۾ ڀري ٿي جڏين گلزاريءَ کي،

تون جو آڻين ٿي محبت جي سهارن کي کڻي،

ٿو لڳان پيار ڪرڻ، پنهنجي مان بيماريءَ کي.

منهنجي لئي عرش تان تارا به ڇني آڻين ٿي،

ڇا ڏٺو مون ۾ اٿئي، تون ئي رڳو ڄاڻين ٿي!

سانيٽ جي ٽئين قسم ۾ پهريون بند رباعيءَ جي نموني تي آهي؛ يعني ان بند جي پهرين، ٻي ۽ چوٿين سٽ هم ڪافيه ۽ ساڳي رديف تي آهن. باقي ٽيون نمبر سٽ قافيي کان آزاد رکي وئي آهي.

بند نمبر ٻئي ۽ ٽئين ۾ وري ٻي ۽ چوٿين سٽ پاڻ ۾ به هم قافيه آهن ۽ ساڳئي وقت پهرئين بند جي پهرين، ٻي ۽ چوٿين سٽ سان به هم قافيه ۽ ساڳئي رديف ۾ آهن. باقي پهرين ۽ ٽين سٽ قافيي کان بلڪل آزاد آهن؛ ۽ آخري بند جون ٻئي سٽون (تيرهين ۽ چوڏهين) پاڻ ۾ هم قافيه آهن، جي پهرين ٽن بندن کان مختلف قافيو رکن ٿيون. هت اهڙي قسم جو سانيٽ مثال طور ڏجي ٿو، جو ”تنوير“ عباسيءَ جو چيل آهي:-

دل جي ڳالهه

ڳالهه جا دل ۾ اٿئي جيڪا چوڻ چاهين ٿي،

۽ ٻڌائڻ کان تون گهٻرائين ٿي شرمائين ٿي،

جيڪا سيني ۾ به سانڍي نه سگهين ٿي هڪ پل،

اڻ سڌيءَ طور تي هربار جا ورجائين ٿي،

نرڙ تي تنهنجي پگهر ٿي جا ڪڏهن ٿي چمڪي،

تنهن کي تون دل ۾ لڪائي به ته پڇتائين ٿي،

ڳل تي ڳاڙهاڻ ٿي ظاهر جا ٿئي ٿي هرهر،

سا ڀلامون کي چوڻ کان تون ڇو شرمائين ٿي؟

مون کي معلوم به آهي ته ڇا ڳالهه آهي اها،

جا لڪائڻ کان ۽ کولڻ کان تون گهٻرائين ٿي،

پر تڏهن ڀي مان اها تو کان ٻڌڻ ٿو چاهيان،

ڇڏ کڻي هاڻ، چئي ڏي جو چوڻ چاهين ٿي.

چؤ کڻي هاڻي ته توسان محبت آهي،

بس انهيءَ ڳالهه ٻڌڻ جي مونکي حسرت آهي.

ترائيل

”ترائيل“ فرانس ملڪ جو هڪ مقبول نغمو آهي. هن جو اصل نالو ”ٽريئوليٽ-“Triolet آهي، جنهن جي معنيٰ آهي (ٽريئو-Trio = ٽه ياري يا ٽه سُرو راڳ+ ليٽ- =Let روڪ يا بندش). اُهو نظم يا شعر، جنهن ۾ ساڳئي سُر واريون ٽي سٽون پوري شعر کي روڪ يا بندش ڪن. مطلب ته ’ترائيل‘ اُهو شعر آهي، جنهن ۾ ساڳي سٽ ٽي ڀيرا اچي، پوري مضمون کي هڪ هنڌ بند ڪري ٿي. هيءَ صنف گذريل ٿوري عرصي کان سنڌي شاعريءَ ۾ رواج ۾ آئي آهي.

”ترائيل“ جي سڄي نظم ۾ ڪل اٺ سٽون ٿينديون آهن، جي ٻن بندن ۾ ورهايل هونديون آهن، يعني هر هڪ بند ۾ چار سٽون ٿين ٿيون. اصل ۾ هر هڪ بند ٽن سٽن تي مدار رکي ٿو، جن جي سٽاءَ هن ريت آهي:-

پهرئين بند جي پهرين ۽ ٽين سٽ هڪ ٻئي سان هم قافيه ۽ ساڳئي رديف ۾ هونديون آهن، باقي ٻي (وچ واري سٽ انهن ٻنهي سٽن کان قافيي ۾ مختلف ۽ آزاد هوندي آهي. انهيءَ بند جي آخر م وري پهرين سٽ هوبهو ساڳي موٽي ايندي آهي، جا چوٿين سٽ هوندي آهي.

ٻئي بند جي پهرين سٽ وري پهرئين بند جي پهرين ۽ ٽين سٽ سان هم قافيه ۽ ساڳئي رديف ۾ ايندي آهي؛ باقي ٻي سٽ پهرئين بند جي ٻيو نمبر سٽ سان هم قافيه ۽ ساڳئي رديف ۾ هوندي آهي ۽ ٽين سٽ، پهرئين بند جي بلڪ ساڳي پهرين سٽ هوندي آهي. هن بند ۾ چئن سٽن جو وزن پورو رکڻ لاءِ، پهرين بند جي ٻي سٽ پڇاڙيءَ ۾ هوبهو ساڳي موٽي ايندي آهي.

اهڙيءَ طرح ڏسبو ته سڄي نظم ۾ پهرين سٽ ٽي ڀيرا اچي ٿي؛ يعني پهرين، ٽين ۽ ستين سٽ ٽئي (سٽون) هوبهو اکر به اکر ساڳيون ٿين ٿيون ۽ شعر جي ٻي سٽ موٽي اٺين سٽ ٿئي ٿي ۽ ڇهين سٽ انهن ٻنهي (ٻي ۽ اٺين) سٽن سان هم قافيه ۽ ساڳئي رديف ۾ اچي ٿي. اهوئي سبب آهي جو هن شعر کي ٽه سُرو راڳ يعني ”ترائيل“ نالو ڏنو ويو آهي. هت هڪ ترائيل جو نظم پيش ڪجي ٿو؛ جو امداد حسيني جو چيل آهي:

غبار

مون کي ڪنهن دوست يا همدم جي ضرورت ڪانهيءَ،

آءٌ تنهائي ۾ ڪجهه دير روئڻ ٿو چاهيان:

مون کي ڪنهن جي به جوانيءَ سان شڪايت ڪانهي،

مون کي ڪنهن دوست يا همدم جي ضرورت ڪانهي.

توکي مون سان ۽ مون کي توسان محبت ڪانهي،

انهيءَ عنوان سان هڪ گيت لکڻ ٿو چاهيان:

مون کي ڪنهن دوست يا همدم جي ضرورت ڪانهي،

آءٌ تنهائي ۾ ڪجهه دير روئڻ ٿو چاهيان.

ڪي شاعري وري ”ترائيل“ ۽ ٽين سٽ، پهرين سٽ سان رڳو هم قافيه رکن ٿا ۽ پنجين سٽ قافيي کان بلڪل آزاد رکن ٿا، جا سڄي نظم ۾ (يعني اٺن ئي سٽن ۾) ڪنهن به سٽ جي قافيي سان ڪو واسطو يا هڪجهڙائي نٿي رکي.

اهڙو ترائيل هت ڏجي ٿو، جو شفيع محمد ”مخفي“ جو چيل آهي:

آءُ تون جلد ستارن جي جوت آهه جوان،

پوءِ سهڻا، هي سهارو به رهي يا نه رهي:

بيرحم وقت جو اڄ تيز قدم آهه روان،

آءُ تون جلدي، ستارن جي جوت آهه جوان.

وڃي نه پيار وڪامي، اسان جي قسمت ۾،

پوِ روشن ڪو ستارو به رهي يا نه رهي:

آءُ تون جلد ستارن جي جوت آهه جوان،

پوءِ سهڻا، هي سهارو به رهي يا نه رهي.

پنجڪڙا

”پنجڪڙا“ صنف اصل ۾ ڀارت جي پيدائش آهي، جتي هندي ۽ سنسڪرت ٻولين جي عام واهپو رهيو آهي. هن صنف جو واسطو به انهن ئي ٻولين سان آهي. اوائل ۾ هيءَ صنف ”پنجڪا“ جي نالي سان مشهور هئي.

”پنجڪا“ جي معنيٰ آهي، اُهو شعر يا چوڻي، جنهن ۾ پنجن مختلف شين جون ذڪر پيش ڪيل هجي. هن ۾ وزن ۽ قافيي جي پابندي لازمي نه هوندي آهي.

موجوده دؤر جي سنڌي شاعرن انهيءَ (پنجڪا) صنف جي سٽاءَ ۾ ڪجهه ڦيرڦار آڻي، اُن کي نئين نموني ۾ پيش ڪيو آهي؛ يعني منجهس پنج سٽون پاڻ ۾ هموزن رکيون آهن، جن مان پهرين ۽ چوٿين سٽ پاڻ ۾ هم قافيه ۽ ٻي ۽ ٽين سٽ وري هڪ ٻئي سان هم قافيه رکيون آهن ۽ باقي پنجين سٽ جي جاءِ تي ساڳي پهرين سٽ آندي آهي.

’پنجڪڙا‘ جو وزن هندي ڇند وديا جي ماترائن تي ٻڌل هوندو آهي. هن ۾ اڪثر 15 يا 16 ماترائون ٿينديون آهن، پر اڄڪلهه ڪي شاعر انهيءَ ۾ وڌيڪ ماترائون به آڻين ٿا. پنجڪڙا جا ڪجهه بند هڪ هنڌ گڏ ڪري هڪ ڊگهو نظم ٺاهي سگهجي ٿو.

هن ۾ هر ڪنهن قسم جو مضمون پيش ڪيو وڃي ٿو. هت اهڙو نظم ”راز“ ناٿن شاهي جو مثال طور ڏجي ٿو:

نظم

لکان مان ڪنهن جا ڪنهن جا گيت،

گلن جا کِڙيل کِڙيل مُک،

رُسي ويا ڪن کان ڪيئي سُک،

سڄي ڌرتي ڏُک جا سنگيت،

لکان مان ڪنهن جا ڪنهن جا گيت.

هزارين رئندڙ رئندڙ ڀاڳ،

حياتي وِههُ جو ڀريل ٿانءُ،

ڇڄي ٿو قدم قدم تي هانءُ،

سمهي پيا سرها سرها راڳ،

هزارين رئندڙ رئندڙ ڀاڳ.

سموري ڀونءَ تي ڇانيل ٻاٽ،

ورڪا وِڄُ جا چپ چپات،

لنوي ڪو ڪانگ نه پنهنجي لات،

ڪري چمڪاٽ ڀلا ڪيئن لات،

سموري ڀونءَ تي ڇانيل ٻاٽ.

چونڪ

”چونڪ“ اصل ۾ هندي لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي، ”چئن جو ميڙ“؛ يعني اُها جاءِ، جتي چار شيون اچي پاڻ ۾ گڏ ٿين يا اُهو هنڌ، جتي چئني طرفن کان رستا يا واٽون اچي هڪ ٻئي سان ملن. اصطلاحي معنيٰ موجب، ”چونڪ“ هڪ شعر جو قسم آهي، جنهن ۾ چار هم وزن سٽون ٿين ٿيون. اُنهن مان پهرين ۽ چوٿين سٽ جو قافيو هڪ جهڙو ٿيندو آهي ۽ باقي وچ واريون ٻه سٽون (ٻي ۽ ٽين سٽ) قافيي کان بلڪل آزاد هونديون آهن.

چونڪ جي شروعات اصل ۾ ڀارت کان ٿيل ٿي ڀانئجي. هيئنر سنڌي شاعرن به انهيءَ صنف تي طبع آزمائي شروع ڪري ڏني آهي.

چونڪ ۾ اڪثر تشبيهي ۽ اخلاقي مضمون پيش ڪيا وڃن ٿا. هت اهڙا ڪجهه چونڪ، مير محمد پيرزادي جا نموني طور ڏجن ٿا:

1

ٻٻر ڪڏهن ڪو ٻير ڏئي ٿو!

سهڻا ٽوهه پٽن تي پيا هن.

هر ڪو پنهنجو بڻ ٿو ساري،

ڌاريو پنهنجو ٿي نه سگهي ٿو.

2

چڪور ته ڪيڏو ننڍڙو آهي،

مقصد پر ٿس مٿي اُڏامڻ.

هيڏو سارو اُٺ پکي ڏس،

واريءَ ۾ پيو منهن لڪائي!

3

ڀونر وڃي آ عرش لڳو،

رنگ جو پر ڏس ڪارو آهي.

۽ هي سهڻو سهڻو ڪنول،

ڌڌڙ اندر ڇو آهه ڀڳو؟

4

هتڙي سوئي ڊوهي آهي،

جنهن کي سچ چوڻ جي عادت.

اهڙو اُلٽو آهه زمانو،

ڏاهو هتڙي ڏوهي آهي.

شعر جون ادبي خوبيون

1- فصاحت:

”فصاحت“ جو واسطو عربي ٻوليءَ جي لفظ ”فصيح“ سان آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”خوش بياني يا مٺو ڪلام.“ اصطلاحي معنيٰ موجب، ”فصاحت“ شعر جي هڪ خوبي آهي جنهن مطابق شعر ۾ لفظ هلڪا ۽ رس ڀريا استعمال ٿيل هوندا آهن، جن جي پڙهڻ سان زبان ڪڏهن به نه هٻڪندي آهي. هت اهڙي قسم جا ٻه بيت ميان غلام سرور قادري ”فقير“ جا مثال طور پيش ڪجن ٿا، جن مان فصاحت ظاهر ٿئي ٿي:-

مثال:

1

رهي پئي رات من بارش سبب، هو ٿو وڃي تڪڙو،

اي چشم نم وسائي وڏڦڙي، باران پيدا ڪر.

2

داستان درد سڻندي هوش قاصد جو ويو،

اها عاشق سندي خوراڪ، آهي عشق بازي ۾.

2ـ بلاغت:

”بلاغت“ عربي ٻولي جي لفظ ”بليغ“ سان تعلق رکي ٿي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”پورو، ڪامل، موقعي مطابق“. اصطلاحي معنيٰ موجب، ”بلاغت شعر جي اُها خاصيت آهي، جنهن موجب، شعر ۾ موقعي مطابق موزون لفظن جي جڙاوت ٿيل هجي ۽ منجهس اهڙي ته صفائي ۽ چٽائي هجي، جو پڙهندڙ جو ڌيان هڪدم اوڏانهن ڇڪجي وڃي. هت اهڙي قسم جا ٻه شعر ميان غلام سرور قادري ”فقير“ جا مثال طور پيش ڪجن ٿا، جن مان بلاغت جو بوءِ اچي ٿي:-

مثال:

1

جئن وڃي وٽ پوندي، تئن سڪ تنهنجي وڌندي ٿي وڃي،

ڄڻ محبت جي رقم تي، هي گڏيل آهي وياج.

2

چشم عبرت کول ۽ گلشن جو ويهي سير ڪر،

شاخ برگ ۽ خار و گل ۾، يار جو مظهر سمجهه.

3ـ سلاست:

”سلاست“ جو واسطو عربي ٻوليءَ جي لفظ ”سليس“ سان آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”سولو، آسان، عام فهم“. اصلاحي معنيٰ موجب، ”سلامت“ شعر جي اُها خوبي آهي، جنهن مطابق شعر ۾ لفظ ۽ تشبيهون، وغيره تمام سولا ۽ سلوڻا استعمال ٿيل هجن، جيئن هر هڪ عام ۽ خاص ماڻهو اُن مان لطف اندروز ٿي سگهي ۽ ان ڪلام جي سادگي ۾ اثر اندازي ڏسي هر ڪنهن جي اها خواهش ٿئي ته، ”جيڪر مان به اهڙو ڪلام چوان،“ پر جڏهن چوڻ جي تياري ۽ ڪوشش ڪري ته سندس زبان مان اکرئي نه اُڪليس. هت اهڙي قسم جا ٻه بيت ميان غلام سرور قادري ”فقير“ جا مثال طور پيش ڪجن ٿا، جن مان سلاست جو نمونو ظاهر ٿئي ٿو:

مثال:

1

تون خدائي دو جهان، مان تنهنجو بندو آهيان،

مان فقط تنهنجي ئي آهيان، تون زماني واسطي.

2

ٿو لنوين اڄ ڪانگ ۽ اک ٿي ڦري،

آڻيندو احوال خوشتر نامبر.

4ـ جدت:

”جدت“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”تازگي، نئون ٿيڻ.“ اصطلاحي معنيٰ موجب، ”جدت“ شعر جي اُها خاصيت آهي، جنهن مطابق، شعر  ۾ نوان نوان لفظ ۽ موزون تشبيهون آيل هجن ۽ ڪلام ڪاريگريءَ جي فن سان مالا مال هجي، جيئن اُن مان جوش ۽ جذبي جون جهلڪيون ظاهر ٿين ۽ روح کي تازگي يا فرحت اچي. هت اهڙا ٻه شعر ميان غلام سرور قادري ”فقير“ جا ڏجن ٿا، جن مان جدت“ جو نمونو ظاهر ٿئي ٿو:-

مثال:

1

مرڪز منهنجي مراد جو، گهر يار جو آهي،

چوطرف ان جي ٿو ڦران، پرڪار جي طرح،

2

بوند ڳوڙهن جي وسي ٿي، اچڻو آهي يار اڄ،

ان سبب اک کي ڪرڻ، آيو آهي ڇڻڪار ياد.

تخيل

”تخيل“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي، ”تصور، خيال، سوچ.“ اصطلاحي معنيٰ موجب، اها قوت، جا خيالي صورت بڻائي ذهن جا اڳيان آڻي بيهاري. در اصل ”تخيل“ ايجاد جي قوت جو ئي نالو اهي.

”تخيل“ شعر جو هڪ عنصر آهي. انهيءَ تخيل جي قوت سببان هڪ شاعر جي نظر ۾ هن ڪائنات جون سڀ شيون عجيب و غريب نموني ۾ اڳيان اچن ٿيون، جن کي ڏسي هو اهي حقيقتون بيان ڪري ٿو، جيڪي هڪ فيلسوف يا سائنسدان به ڪڏهن ڪڏهن پيش نه ڪري سگهندو آهي. مطلب ته ’تخيل‘ صرف خيالي ۽ وهمي تصورات جو ئي نالو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: