سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: سنڌي گلدستو

 باب--

صفحو :21

هت هڪڙا ٻه مثال پيش ڪجن ٿا، جن مان شاعر جي تخيل جا مثال ملن ٿا. هي ٻئي مثال شاعر ميان غلام سرور قادري فقير جا آهن:-

مثال:

(1)

اکين دلبر منجهان ٻاهر ڪجل جي ڌار نڪري وئي،

قتل لئه کپ مان قاتل جي گويا تلوار نڪري وئي.

(فقير)

مٿئين مثال مان ظاهر ٿئي ٿو ته، هڪ محبوب پنهنجي اکين ۾ ڪجل پاتو آهي. اُن ڪجل جي هڪ ڪاري ليڪ سندس اکين مان ڪجهه گولائيءَ جي شڪل ۾ ٻاهر نڪري پئي آهي. شاعر جي نظر ۾ اها وريل ليڪ ائين پئي محسوس ٿئي، ڄڻ ته قاتل جي کپ مان هڪ تلوار ڪنهن جي قتل ڪرڻ واسطي ٻاهر نڪري آئي آهي.

(2)

تنهنجي فُرقت ۾ رُنو مون ايترو جو بي وفا،

چشم وهندي وهندي ڄڻ پاڻيءَ جي نالي ٿي وئي.

مٿي ڏنل مثال مان ڏسجي ٿو ته، شاعر پنهنجي محبوب کي بي وفا سڏيندي پنهنجي رئڻ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ هو ايترو نه رنو آهي، جو سندس اک پاڻيءَ جي ناليءَ وانگر وهڻ لڳي آهي.

ڏسجي ٿو ته ’محاڪات‘ ۽ ’تخيل‘ ٻئي شعر جا اهم ۽ لازمي جزا آهن، جن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪري نه سگهبو. تنهن ڪي ائين چئبو ته محاڪات شعر جو ڍانچو آهي ته تخيل ان جو روح آهي.

محاڪات

”محاڪات“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”باهمي ڳالهه ٻولهه.“ اصطلاحي معنيٰ موجب، ڪنهن شيءَ کي شعر جي ذريعي ٻئي جي اڳيان اهڙي نموني ۾ بيان ڪجي، جو اُن جي اصلي تصوير ٻڌندڙ يا پڙهندڙ جي اڳيان تري اچي. ٻئي نموني ۾ ائين کڻي چئجي ته، شاعر جيڪي ڪجهه چوڻ گهري ٿو، ’محاڪات‘ ان جو عڪس آهي.

شعر ۾ موقعي مطابق موزون ۽ صحيح الفاظ آڻڻ، باريڪ نقطن کي منجهس سهڻي نموني ۾ سمائڻ ۽ چٽڻ، متضاد پهلوئن کي پوريءَ طرح جاءِ ڏيڻ، موزون تشبيهون ۽ تمثيلون پيش ڪرڻ، وغيره سال ’محاڪات‘ پيدا ڪري سگهجي ٿي.

مطلب ته اصلي شيءَ جي هر هڪ ضروري ۽ اهم جُزي کي اهڙيءَ طرح سان بيان ڪيو وڃي ٿو، جو اُن جي سچي پچي تصوير ٻڌندڙ يا پڙهندڙ جي ذهن ۾ اچي وڃي ٿي. هڪ ٻار جي واتان نڪرندڙ نصيحت آموز گفتا به ’محاڪات‘ ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا.

ديوان

”ديوان“ فارسي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، ”ماڻهو جي گڏ ٿيڻ جي جاءِ،“ مجازا ’ڪچهري‘ اصطلاحي معنيٰ موجب، ڪنهن شاعر جي الف- ب واري قافيي تي جوڙيل غزل جي مجموعي کي ”ديوان“ چئبو آهي. هن جي ڪن غزلن ۾، قافيي جي پٺيان ’رديف‘ به استعمال ڪيو ويندو آهي، پر اهو ضروري نه آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ الف-ب جي 52 (ٻاونجاهه) اکرن جي قافيي تي، پهريون مڪمل ديوان، آخوند گل محمد هالائيءَ جوڙي تيار ڪيو، جو ”ديوان“ گل“ جي نالي سان سنه 1272هجريءَ ۾ پهريون دفعو بمبئي مان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن کان پوءِ ٻين سنڌي شاعرن به ديوان لکڻ شروع ڪيا. هن وقت سنڌي زبان ۾ اهڙا ڪيترائي ديوان ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. ”ديوان گل“ کان پوءِ جيڪي ديوان هن وقت تائين سنڌيءَ ۾ ڇپجي چڪا آهن تن جا نالا هت پيش ڪجن ٿا:

ديوان قاسم    -               ديوان فاضل    -       ديوان سانگي-

ديوان بلبل     -               ديوان حامد     -       ديوان بيدل-

ديوان قليچ     -               ديوان فدا       -        ديوان مجروح-

ديوان بيڪس  -              ديوان بيوس     -       ديوان مسڪين

ديوان نجفي    -               ديوان خاڪي   -       ديوان واصف-

ديوان حافظ    -               ديوان قادري    -       ديوان حفيظ-

ديوان صوفي   -               ديوان ڪوجهي  -       ديوان مفتون-

ديوان احسن    -               ديوان غلام اڪبر       ديوان سام-

ديوان عطا      -               ديوان انجم،            وغيره.

 

ڪليات

”ڪليات“ عربي لفظ ”ڪلي“ جو جمع آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”سڀ“. اصلاحي معنيٰ موجب اُهو ڪلام جو مجموعو، جنهن ۾ ڪنهن هڪ شاعر جو سمورو ڪلام پيش ڪيل هجي؛ يعني منجهس هر ڪنهن قسم جو شعر ڏنل هجي.

مطلب ته ڪليات ۾ شاعر جو هر فن تي چيل شعر موجود هوندو آهي هن ۾ الف- ب وار قافين تي جوڙيل غزل جو مجموعو (ديوان) به شامل هوندو آهي.

ڪليات چي ترتيب اڪثر ٻن نمونن جي ٿيندي آهي. جيئن ته ڪنهن ڪليات ۾ پهريائين الف-ب وار غزلن جو مجموعو (ديوان) ڏئي، پوءِ باقي ٻيو سمورو ڪلام ڏنوويندو آهي، جنهن ۾ عروضي توڙي غير عروضي شعر شامل هوندو آهي ۽ ڪنهن ۾ وري سواءِ ڪنهن ترتيب جي سڀ ڪلام لکيو ويندو آهي.

ڪي ڪليات اهڙا به ملن ٿا، جن ۾ رڳو غير عروضي شعر پيش ڪيل هوندو آهي، جنهن ۾ حمد، نعت، ڪافيون، ڏوهيڙا، وغيره شامل هوندا آهن. اهڙي قسم ۾، ڪليات مصري شاهه، ڪليات حمل، وغيره اچي وڃن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن وقت تائين جيڪي به ڪليات ڇپجي چڪا آهن، سي هي آهن:-

ڪليات مصري شاهه- ڪليات حمل- ڪليات مسافر-

ڪليات عزيز- ڪليات- گدا ڪليات خادم-

ڪليات فاروقي- ڪليات امين- ڪليات دلگير-

ڪليات ڪمال- ڪليات مائل- ڪليات نورل-

ڪليات شيخ الهه بچايو- ڪليات حسين ديدڙ-

ڪليات سانگي- ڪليات ميران محمد شاهه، وغيره.

صوفي

”صوفي“ عربي زبان جي لفظ ”صوف“ مان جڙيو آهي ”صوف“ جي معنيٰ آهي، ”پشم يا اُن جو جوڙيل ڪپڙو“. اهڙيءَ طرح ”صوفي“ لفظ جي معنيٰ ٿيندي ”ان يا پشم جو ڪپڙو ڍڪيندڙ؛ يعني سادو لباس پهريندڙ يا کٿيوال.

”صوفي“ جو تعلق ”تصوف“ سان آهي. ”تصوف“ جو مطلب آهي، ”حقيقت کان واقف ٿيڻ“ يا ”الله تعاليٰ جي واٽ ۾ پاڻ کي گم ڪرڻ.“ مطلب ته صوفي اهو الله لوڪ انسان آهي، جو پنهنجي دل ۾ هڪ خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به تمنا يا شوق نه ٿو رکي. هو دينا جا لڳ لاڳاپا لاهي، دل جي گهراين سان الاهي عشق ۾ اهڙو ته محو ٿي وڃي ٿو جو مٿس سرمستي ۽ بيخوديءَ جي حالت طاري ٿي وڃي ٿي. هن جو اندر (دل) هميشه پاڪ ۽ صاف رهي ٿو. هن جي دل ۾ ڪنهن به انسان يا ساهواري لاءِ وير ۽ دشمني، بغض ۽ ڪينو، حسد ۽ ساڙ نه ٿو رهي. هو سارو وقت پنهنجي پروردگار جي ديدار پسڻ واسطي ڪوشان رهي ٿو، جنهن لاءِ هو رياضتون ڪڍي ٿو ۽ سندس بندگيءَ ۾ پاڻ کي هر وقت رُڌل رکي ٿو. کيس سڀني انسانن ۽ سندن مذهبن لاءِ عزت، احترام ۽ احساس ٿئي ٿو. هو پنهنجي ۽ اُنهن جي وچ ۾ ذري جيترو به فرق نه ٿو رکي. اهڙيءَ قسم جا صوفي فقير پنهنجي جسم تي اڪثر سادا ڪپڙا پهريندا آهن. انهن کي بدن تي هڪ ڊگهي ڪفني يا جبو پهريل هوندو آهي. اڄڪلهه صوفي گيڙو رنگ جا ڪپڙا به اوڍيندا آهن.

صوفي عاشقن جون چار منزلون ٿين ٿيون، جن مان هو پاڻ کي پار ڪرڻ لاءِ رياضتون ڪن ٿا. اُهي چار منزلون مختصر وضاحت سان هت ڏجن ٿيون:-

1ـ شريعت:

هن منزل ۾ سالڪ کي پهريائين اسلام جي ظاهري اُصولن تي هلڻو پوي ٿو. هي اُهو رستو آهي، جو حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي آخري پيغمبر حضرت محمد ﷺ جن تائين، سڀ نبي ٻڌائيندا آيا. هن رستي تي هلڻ سان انسان ٻئي جهان (دنيا ۽ آخرت) سڌاري سگهي ٿو. هن م عبادت جي ظاهري اُصولن جي پوري بجا آوري ڪرڻي آهي؛ ڇاڪاڻ ته هن کان سواءِ ڪوبه شخص ڪامل ۽ خدارسيده ٿي نه ٿو سگهي.

 

2ـ طريقت:

هن منزل تي سالڪ کي پنهنجي دل جي صفائي ڪرڻي آهي، يعني دل کي آئيني وانگر صاف ۽ پاڪ بڻائڻو آهي ۽ هن ۾ پنهنجي نفساني خواهشن کي ترڪ ڪرڻو آهي ۽ پاڻ کي خدا تعاليٰ جو خادم سمجهي، سندس مخلوق جي خدمت ڪرڻ ۾ وقت صرف ڪرڻو آهي. دراصل طريقت جو مطلب ئي آهي خدا جي پيدا ڪيل مخلوق جي خدمت ڪرڻ. باقي گودڙيون ڍڪي ۽ مصلا وڇائي، وڏيون تسبيحون هٿ ۾ کڻي ماڻهن کي ڏيکارڻ، حقيقت ۾ دنيا کي ڌوڪو ڏيڻو آهي.

3- حقيقت:

طريقت جي منزل ۾ پورو رهڻ کان پوءِ، طالب هن منزل ۾ قدم رکي ٿو ۽ هتي کيس حق جي جستجو رهي ٿي. هو هر خوبصورت شئي ۽ حقيقي حسن کي ڏسڻ جو خواهشمند ٿئي ٿو هتي کيس مجاز جي اوٽ وٺڻي پوي ٿي؛ يعني جڏهن به هو ڪا سهڻي شئي ڏسي ٿو تڏهن ان کي مائل ٿيڻ جي بدران ان جي سچي ۽ حقيقي نقاش يعني خدا تعاليٰ جي طرف متوجهه ٿئي ٿو.

4ـ معرفت:

هيءَ صوفين جي چوٿين ۽ آخري منزل ٿئي ٿي، جتي طالب کي حق (خدا تعاليٰ) جو ديدا نصيب ٿئي ٿو. هن منزل ۾ هو پنهنجي رب کي سڃاڻي ٿو، جنهن ڪري مٿس هر وقت نوراني تجلي پوندي رهي ٿي ۽ هر شئي ۾ هن کي حق جو جلوو ۽ جمال نظر اچي ٿو. هاڻي هتي هو ماٺ ۾ اچي وڃي ٿو ۽ سندس زبان تي خاموشيءَ جي مهر لڳي وڃي ٿي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ صوفين جي مٿين چئني منزلن جو ذڪر پنهنجي شعر ۾ هن طرح ڪيو آهي:-

ساري سک سبق، شريعت سندو سوهڻي،

طريقتا تکو وهي، حقيقت جو حق،

معرفت مَرڪ، اصل عاشقن کي.

صوفي اڄڪلهه ٻن گروهن ۾ ورهايل نظر اچن ٿا. منجهانئن هڪ گروهه ”همه اَوست“ (وحدت الوجود) جو قائل آهي ته ٻيو وري ”همه آزوست“ (وحدت الشهود) ۾ ايمان آڻي ٿو. هت ٻنهي طريقن جي مختصر وضاحت ڪجي ٿي.

همه اُوست

”همه اوست“ هڪ فارسي مقولو آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”همه=سڀ+اُو=اهو+اَست=آهي“. يعني ”سڀ ڪجهه اهوئي (الله تعاليٰ) آهي.“ صوفين جو اهو ٽولو جو هن متي جو قائل آهي، چوي ٿو ته، دنيا ۾ جيڪا به شئي پيدا ڪئي وئي آهي، تنهن ۾ الله تعاليٰ جل جلا لہ خود ئي موجود آهي. انهيءَ ڪري هو هر هڪ شيءَ کي خدا تصور ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح انهن کي جهان ۾ هڪڙي پالڻهار کان سواءِ ٻي ڪابه چيز نظر نه ٿي اچي. درازن جو مشهور صوفي بزرگ ۽ شاعر ”سچل سر مست“ به هن ئي متي جو قائل هو.

همه اَزوست

”همه اَزوست“ فارسي مقولو آهي، جنهنجي لفظي معنيٰ آهي ”هم= سڀ+آز=کان+اُو=اُهو (الله) اَست= آهي.“ يعني ”سڀ ڪجهه خدا تعاليٰ جي طرفان ئي آهي.“ صوفين جو ٻيو گروهه وري رڳو هن ئي اُصول تي ايمان آڻي ٿو. سندن قول مطابق، دنيا جي هر هڪ شيءَ الله جل جلالہ جي ئي پيدا ڪيل آهي؛ يعني هر هڪ چيز جو جوڙيندڙ يا ٺاهيندڙ خود خدا آهي. تنهن ڪري هو انهيءَ ڳالهه تي ڀروسو رکن ٿا ته، جا به شيءَ دنيا ۾ نظر اچي ٿي، سا الله تعاليٰ جي طرفان ئي آهي.

سرمست

”سرمست“ فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، (سر=مٿو+مست=متوالو، مدهوش، ديوانو)؛ جيڪو عشق ۽ محبت ۾ ڀرپور ۽ ديوانو هجي، يعني اُهو صوفي بزرگ، جو پنهنجي حياتيءَ جو سمورو وقت پنهنجي پروردگار جي يادگيريءَ ۾ خرچ ڪندو رهي ۽ هن فاني دنيا جي لالچن تي توجهه ئي نه ڏئي. اهڙو بزرگ، خدا تعاليٰ جي بندگي ڪندي، جوش ۽ مستيءَ ۾ اچي جهومڻ لڳندو آهي.

سنڌي جي صوفي بزرگ ۽ شاعر، ”سچل“ کي ”سرمست“ سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته، هو جڏهن به پنهنجو پالڻهار جي بندگيءَ ۽ ساراهه ۾ مشغول ٿي ويندو هو، تڏهن مٿس الاهي محبت جو اهڙو ته رنگ چڙهي ويندو هو، جو هو بيخود ٿي ويندو هو ۽ اُن وقت دنيا جون شيون ته ڇڏيو، پر پنهنجي جان جي به خبر ڪانه پوندي هيس.

”سچل“ جو اصل نالو عبدالوهاب هو، مگر سندس مائٽ پياروچان کيس ’سچو‘ يا ’سچيڏنو‘ ڪري ڪوٺيندا هئا، جو پوءِ ”سچل سرمست“ جي نالي سان مشهور ٿيو.

وجد

”وجد“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”جذبو“ يا ”بي خوديءَ جي حالت“. جڏهن ڪو صوفي بزرگ يا الله جو نيڪ ٻانهو، خدا جي بندگيءَ ۽ ذڪر ۾ مشغول هوندوآهي، تڏهن اُن م اهڙو ته غرق ٿي ويندو آهي؛ جو کيس دنيا جي ڪنهن به شيءَ جي ڄاڻ نه رهندي آهي. اُنهي مستيءَ جي حالت ۾ اچي هو جهولڻ ۽ جهومڻ لڳندو آهي. اُن وقت کيس رب العزت جي ذات پاڪ کان سواءِ ٻي ڪابه شيءَ ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي. انهيءَ حالت ۾ سندس زبان مان رڳو ”تون ئي تون“ ۽ ”الله! الله!“ جو آواز ئي اُڌما کائي پيو ٻاهر نڪرندو آهي. اهڙي حالت کي ”وجد“ چئبو آهي.

ضميمو

خليل بن احم، عرب ملڪ جو هڪ بر گزيده شخص ۽ اهل ادب وارن جو سردار ٿي گذريو آهي. هو سنه 100 (هڪ سؤ) هجريءَ ۾ بصري (عراق) شهر ۾ ڄائو هو ۽ اُتي ڪجهه عرصو گذارڻ کان پوءِ اچي ”مڪہ معظمہ“ ( جو اڳ ”عروض“ جي نالي سان مشهور هو) شهر ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هو پهريون ئي شخص هو، جنهن ’مڪہ معظمہ’ ۾ ”علم عروض“ جو بنياد وڌو. هن انهيءَ علم بابت نه ڪنهن استاد کان تعليم پرائي هئي ۽ نه وري اهو علم سندس ڏينهن ۾ موجود ئي هو، جنهن مان هن ڪو فائدو ورتو هجي. پر انهيءَ علم جو ايجاد ڪندرڙ پاڻ ئي هو.

خليل بن احمد، انهيءَ علم کي 15 بحرن ۾ بند ڪيو ۽ کانئس پوءِ سندس شاگرد جي شاگرد ”اخفش“ نالي، انهن ۾ هڪ بحر جو اضافو ڪيو، جنهن کان پوءِ ڪنهن به انهن ۾ وڌاءِ نه ڪيو، جنهن تي ڀروسو ڪري سگهجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: