سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي

 باب--

صفحو :7

 

باب نائون

 

رسالي جي سُرن جو مختصر مضمون ۽ تصوف سان لاڳاپو – سر ڪلياڻ: مضمون ۽ انتخاب- سر جمن: مضمون ۽ انتخاب- سر سرراڳ: مضمون ۽ انتخاب- سر سامونڊي: مضمون ۽ انتخاب- سر کنڀات: مضمون ۽ انتخاب- سر سارنگ: مضمون ۽ انتخاب- سر ڪيڏارو: مضمون ۽ انتخاب- امان جي شهادت جو بيان، مضمون ۽ انتخاب- سر آبري: مضمون ۽ انتخاب- سسئي پنهون جو قصو، مضمون ۽ انتخاب- سر معذوري: مضمون ۽ انتخاب- سر ديسي: مضمون ۽ انتخاب- سر ڪوهياري:

مضمون ۽ انتخاب- سر حسيني: مضمون ۽ انتخاب.

 

هاڻي اسين شاهه جي رسالي جي هڪ هڪ سر جي مضمون جو مختصر بيان ڏينداسين ۽ ڏيکارينداسين ته ان مان حقيقي معنيٰ ڪيئن ٿي نڪري. سڀ ڪنهن سُر جي پڇاڙي ۾ انتخاب جي طرح رسالي مان بيت چونڊي ظاهر آنداسين، جنهن مان جهڙي شعر جي خوبي، تهڙي خيال جي نزاڪت معلوم ٿيندي ۽ صوفين جي حڪمت سان جيڪو انهن جو لاڳاپو آهي، سو به ظاهر ٿيندو. جيڪڏهن پڙهندڙن مٿئين باب ۾ دخل ڏنو ته ڪئين نڪتا چڱي طرح معلوم ٿيندا، شاهه جي ڪلام جي باطني معنيٰ سمجهڻ ۾ ايندي، ۽ ڪابه ڏکيائي نه ٿيندي.

 

سُر پهريون: ڪلياڻ

هن سر ۾ توڙي هن کان پوءِ جيڪو ٻيو سُر اچي ٿو، تنهن ۾ صوفين جي فلسفي جا عجيب نڪتا ۽ غريب اشارا ڏنل آهن. هن سر جو مضمون فصل بفصل هيٺ ڏجي ٿو.

]مضمون [

فصل-1: خدا تعاليٰ جي تعريف- سندس وحدت ۽ سندس هر جاءِ

هئڻ- وحدت ۽ ڪثرت- نبي ڪريم جي واکاڻ ۽ سندس شفاعت مومنن جي لاءِ برحق آهي.

فصل-2: عاشقن جي لاءِ موت به حياتي وانگي آهي- موت جي

وسيلي سان هو پنهنجي معشوق (خدا) سان واصل ٿين ٿا-  زهري شراب عاشقن جي ڪاڻ هڪ لذت واري شيءِ آهي.

فصل- 3: عشق جي مريض جي دوا محبوب کان سواءِ ٻي ڪانه

 آهي. هو عشق ماري به ٿو ۽ جياري به ٿو.

انتخاب

1-      وحدتان ڪثرت ٿئي، ڪثرت وحدت ڪل

حق حقيقي هڪڙو، وائي ٻي مَ ڀل

هو هلاچو هل، بالله سندو سڄڻين.

2-     سو هي، سو هو، سو اجل، سو الله

سو پرين، سو پساهه، سو ويري، سو واهرو.

3-     سو هيڏانهه، سو هوڏانهه، سو ئي من وسي

سوئي سو پسي، تنهين سندي سوجهري.

4-     ڪا هلندي جيڏيون، سوريءَ سڏ ٿيو

وڃڻ تن پيو، نالو نينهن ڳنهن جي.

5-      ڪاتي ڪونهي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾

پسيو پر عظيم جي،لچيو وڃي لوهه.

عاشق اوندوهه، سدا معشوقن جو.

6-     وڍيو هئين تان ويهه، نا وڍيين ته واٽ ٿي

هي تني جو ڏيهه، جني آهين ڪات هٿن ۾.

7-     سڌڙيا شراب جون، ڪوهه پچارون ڪن

ڪات ڪلالن ڪڍيا ته موٽيو پوءِ وڃن

پِڪون سي پين، سِر جنين جا سٽ ۾.


 

سُر ٻيو: جمن

]مضمون [

فصل- 1:  عشق جو درد ۽ انهي درد جو سڄڻ طبيب.

فصل- 2:  ساڳين مضمونن بابت.

فصل- 3:  عشق جي باهه- عشق جي ترار.

فصل- 4: عشق جي غيرت- عشق جو شراب، جنهن جي پيئڻ

 سان موت جي سڌ ٿي ٿئي.

فصل- 5: صوفي حق جا طالب- حقيقت جو سبق پڙهڻ- ظاهري ۽ باطني            علم جو تفاوت- ملن ۽ آخوندن تي ٽوڪ، جو ظاهري علم بيان            ڪري ماڻهن کي سڌڙيو ٿا چون.

         (في فقيري علم ٻاجهون درد باشد لادوا)

فصل- 6:  عشق جو دڪان- عشق جي نانگ سان مشابهت.

فصل- 7:  عاشقن جي سچي حالت ۽ معشوق سان سندن واسطو.

فصل- 8: عشق جو درد ۽ ان جو دارون- عشق جي لاءِ صبر

 ۽ تحمل ضرور آهي- ڏوهه جي معافي ۽ هيڻائي.

فصل- 9: عاشق جو عشق ۾ مرڻ اهڙو آهي، جهڙو پروانن جو

 باهه ۾ جيءُ جلائڻ.

انتخاب

1-      تن تسبيح، من مڻيو، دل دنبورو جن

تندون جي طلب جون، وحدت ساڻ وڄن

وحده لاشريڪ له، اهو راڳ رڳن

سي ستائي سونهن، ننڊ عبادت جن جي.

2-     آيل آن نه وسهان، هنجون جي هارين

آڻيو آب اکين ۾، ڏيهه کي ڏيکارين

سڄڻ جي سارين، نڪي روُن نه چُون ڪي.

3-     وڍي جن وڍياس، وري سي ويڄ ٿيا

ترت ٻڌائون پٽيون، روز ڪيائون راس

هينئڙا تنهي پاس، گهار ته گهايل ٿيين.

4-     جي کاڻا، تنهين کٽيو، اجهاڻن اونداهه

جن ٻري اندر باهه، سڌ سڀڪا تن کي.

5-      ايڪ پيالو ٻه ڄڻا، عشق نه ڪري ات

ماپن ڪين مياڻ ۾، ٻه تراريون تت

ايءَ پر آهي ات، جتي ناتو نانهه ڪو.

6-     صوفي سير سڀن ۾، جئن رڳن ۾ ساهه

سا نه ڪري ڳالهڙي، جا پريون پروڙي پساهه

آهيس اي گناهه، جي ڪا ڪري پڌري.

7-     صوفي صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو

تهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرين جو.

8-     جسي ۾ جبار جو، خفي خيمو کوڙ

جلي سين زبان کي چار ئي پهر چور

فڪر سين فرقان ۾، اسم اعظم ڏور

ٻيا در وڃي مَ ڏور، اي امل اتاهين اپجي.

9-     الف جنهن جي اڳ ۾، سا سٽئي نه سارين

ناحق نهارين، پنا پيا پرين لاءِ.

10-    پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾

پاڻان ڏوهه چڙهن، جيئن ورق ورائين وترا.

11-    احد احمد پاڻ ۾، وچان ميم فرق

آهي مستغرق، عالم انهي ڳالهه ۾.

12-    پائي ڪان ڪمان ۾ ميان مار مَ مون

مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو توکي لڳي.

13-    عاشق چئو نه ان کي، مَ ڪي چئو معشوق

خالق چئو مَ خام تون، م ڪي چئو مخلوق

سلج تنهن سلوڪ، جنهن ناقصيائي نڱيو.

14-    اڻ چوندن ڪيم چئو، چوندن چيو وسار

اٺئي پهر ادب سين، پر اها ئي پار

پايو مُونه مونن ۾ غربت سان گذار

مفتي منجهه وهار، ته قاضي ڪاڻيارو نه ٿئين.

15-    پڇو پتنگن کي، سنديون کامڻ خبرون

آڻيو وجهن آڳ ۾، جيءَ پانهنجا جي

جيري جني جي، لڳا نيزا نيهن جا.

 

سُر ٽيو: سر راڳ

]مضمون [

فصل- 1: ماڻهو هن جهان ۾ هڪڙي مسافر وانگي آهي، جو

  واپار خاطر وکر لاءِ نڪتو آهي.

فصل- 2: سمنڊ، ۽ جي ماڻهو سمنڊ ٽٻن ٿا.

فصل- 3: ٻيڙيءَ جو لهرن تي لڏڻ.

فصل- 4: سچ جو سون- ان جي پرکڻ وارا جواهر ۽ جواهري آهن.

فصل- 5: ڪهڙي وکر سان پنهنجو جهاز ڀرڻ گهرجي- ٻڏڻ جو ڊپ.

فصل- 6: تري پار لنگهڻ ۽ ٻڏڻ

مٿئين مضمون مان حقيقي معنيٰ جي آساني سان خبر پئجي سگهندي ته هن جهان ۾ انسان پاڻ کي ڪيئن ڄاڻي ۽ ڪهڙي ريت هلت ڪري.

 

 

انتخاب

1-      ٻيڙياتا ٻيئي، تو نه ڦٻنديون ڳالهيون

سڄيون راتيون سمهين، ڀر سکاڻ ڏيئي

صبح سڀيئي، پار پڇندئي خبرون.

2-     جي نه سڃاڻن سچ کي.ويهه مَ تنهين وٽ

امل کي اڌ ڪري، پاڻ هڻندا پٽ

مهر تنهين وٽ مٽ، جي پارکو پارس جا.

3-     اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي

پلئي پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.

سر چوٿون: سامونڊي

سُر جي نالي مان معلوم ٿيندو ته ان ۾ سمنڊ جي مسافري ۽ سامونڊين جي ٻاهر وڃڻ ۽ مائٽن مٽن کي پٺتي ڇڏي وڃڻ بابت فراق ۽ محبت جو ذڪر آهي. حقيقي معنيٰ آهي هن جهان مان لڏي هن جهان ڏي وڃڻ.

]مضمون [

فصل- 1: داستان سمنڊ جي مسافريءَ تي نڪرڻ، جهازن، سڙهن،

            لنگرن ۽ ٻين سامانن بابت- عزيزن جي جدائي ۽ ڏورائي.

فصل- 2:   سامونڊين جو سانباهو

فصل- 3:   انهن جي موڪلاڻي ۽ پرين کي خدا حافظ ڪرڻ.

انتخاب

1-      اونهي ۾ اوهري، جڏهن جي ويا

سانداري سمونڊ جي، نهوڙي نيا

وڃي تت پيا، جت نهايت ناهه ڪا.

2-     ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباهيا

مٿان مند اتر جي، اوچتي آئي

وڻجارن وائي، آهي پرين پار جي.

سر پنجون: سهڻي

هن سر ۾ سهڻي ۽ مهيار جو ذڪر آهي، جو سندن عشق جي ڳالهه هن طرح بيان ڪندا آهن:

]سهڻي ۽ مهيار جو قصو [

گجرات ۾ هڪڙو پئسن وارو ڪنڀار هوندو هو، جنهن جو نالو ”تلا“ هو. هن کي هڪڙي سهڻي ڌيءَ هئي، جنهن جو نالو ”سهڻي“ هو. ٻيو هڪڙو سوداگر بخارا ۾ رهندو هو، جو ’جغنان‘ پاڙي جو مغل هو، ان جو نالو ’مرزا عالي‘ هو. هن کي ٻيو اولاد ڪونه هو، فقط هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو ’عزت بيگ‘ هو. اهو سورهن ورهين جو سهڻو جوان هوندو هو هي پنهنجي پيءُ کان موڪل وٺي، سير ڪرڻ لاءِ دهلي ۽ لاهور۽ ٻين وڏن شهر ڏسڻ جو ارادو ڪري نڪتو. هن ٿورو گهڻو سوداگري جو مال به پاڻ سان کنيو. هن اهي شهر وڃي گهمي ڏٺا. انهن ڏينهن ۾ دهلي جي تخت تي شاهجهان بادشاهه هوندو هو. هو (عزت بيگ) راوي ندي لنگهي، ننڍي گجرات واري شهر ۾ آيو. اتي جو نظارو گهڻو پسند آيس. تنهنڪري ٻه ٽي ڏينهن انهي هنڌ رهي پيو. تلا ڪنڀار به اتي رهندو هو. هڪ ڏينهن عزت بيگ کي ڪن سنگتين کان معلوم ٿيو ته تلا جي هٿ جا جُڙيل ٿانوَ انهي ملڪ ۾ مشهور آهن ۽ هي به جو شهرن ۾ عجيب غريب سوکڙيءَ جهڙيون شيون گڏ ڪندو وتندو هو، تنهن پنهنجو نوڪر ’تلا‘ جي گهر ڏياري موڪليو ته ته وڃي ڪي صراحيون ۽ ٻيا سهڻا سهڻا ٿانوَ وٺي اچ. نوڪر، ڪنڀار جي گهر آيو ۽ ٻه ٽي ٿانوَ چونڊي نموني لاءِ خريد ڪيائين، پر هن جو نظر تلا جي ڌيءَ ”سهڻي“ تي پئجي وئي ۽ هن جو حُسن ڏسي هن کي حيرت وٺي ويئي.

هن ٿانو آڻي پنهنجي ڌڻي کي ڏنا جو اهي ڏسي خوش ٿيو. پوءِ نوڪر ڪنڀار جي ڌيءَ جي وٽس اهڙي واکاڻ ڪئي ، جو هي جوان مغل اڻ ڏٺي ان تي موهجي ويو. هن جي اچي دل ۾ پيو ته اها صورت ڏسان ته چڱو. سو ٻين ٿانون وٺڻ بهاني پنهنجي نوڪر سان گڏجي ’تلا‘ جي گهر آيو. هن جي اڃا ’سهڻي‘ تي اک پيئي ته سندس محبت ۾ گرفتار ٿي ويو. پوءِ هي لاهي پاهي انهي شهر ۾ رهي پيو ۽ ٿانون وٺڻ جي عذر تي هنن جي گهر پيو ويندو هو. هو انهي خيال ۾ اهڙو محو ٿي ويو، جو پنهنجو توڙي پنهنجي مال متاع جو ڪوبه سماءُ نه رهيس. جيڪا قيمتي ملڪيت هيس، سا سندس ساٿي ۽ نوڪر وجهه ڏسي ٿورو ٿورو ڪري چورائي ويندا رهيا. جيڪو ٿورو گهڻو پئسو وٽس بچيو، سو به هن ٺڪراٽي تي سمورو خرچي کڻي ڇڏيو.

هاڻي ته هن کي قوت گذران جي تنگي اچي ٿي ۽ سڄو گهر ٿانون سان ڀريو پيو هئس، تنهنڪري هن ٺيڪري جو دڪان کڻي کوليو، پر ان مان به گهڻي حاصلات ڪانه ٿيس. نيٺ لاچار ٿي اچي ’تلا‘ وٽ نوڪر بيٺو. پهريائين ته مٽيءَ جي ڪم ۾ وڌائونس، پوءِ مينهن سان ميهار ڪري ڇڏيائونس، جو وتندو هو جهنگ ۾ مال چاريندو. انهي حالت ۾ وجهه ڏسي، هن پنهنجي ڌڻي جي ڌيءِ سان اندر جو سور اوريو، جنهن کي هن جي هيتري محبت ۽ سختيءَ جي حالت ڏسي گهڻو رحم آيو ۽ سندس دل به هن ڏانهن ڇڪي کاڌي. انهيءَ طرح ڪن ڏينهن تائين هو ڳجهه ڳوهه ۾ هڪٻئي سان محبت پيا ونڊيندا هئا. نيٺ اهڙي ڳالهه مِٽن کان ڳجهي ڪين رهي. ۽ هنن کي شڪ پيو ته هنن جو پاڻ ۾ ناتو ٿي ويو آهي، تنهنڪري ڪاوڙ مان هنن عزت بيگ کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو ۽ سهڻيءَ کي ڪنهن پاڙيسري مائٽ جي پٽ سان پرڻائڻ جو بندوبست ڪيو.

ڪنوار ڪيترا ڏينهن ته گهوٽ کي هٿ لائڻ به ڪين ڏنو. هن کي جا اندر ۾ لوري لڳل هئي، تنهنڪري نڪي دل لائي کائيندي هئي ۽ نه پيئندي هئي. رڳو رئڻ ۽ راڙي ۾ هئي، تنهنڪري سندس مڙس جي ساڻس نه پيئي. جو هو به کانئس پاسو ڪندو هو. سهڻيءَ  کي ڪا سهيلي هئي، جنهن جي معرفت هوءَ ميهار سان نياپي نڙي جو رسو رکيو آئي.

ميهار به پهرين ڪي ڏينهن شهر جي آسپاس رلندو وتندو هو. نيٺ چناب ندي جي پرينءَ ڀر وڃي ڪنهن مڪان ۾ ٿانيڪو ٿي ويٺو ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪري ڇڏي هئائون، ان موجب رات جو درياءَ تري سهڻي کي اچي ملندو هو. ڪن ڏينهن کان پوءِ ميهار کي ران ۾ پٽ ٿي پيو، جنهن جي آزار کان هو ڏاڍو بيمار ٿي پيو، تنهنڪري (سهڻي) ڏهاڙي رات جو دلي تي درياءَ تري، ميهار وٽ ملاقات لاءِ ايندي هئي. ڪن ڏينهن تائين هي ڪارخانو ائين پئي هليو.

هڪڙي ڀيري سهڻي جي مڙس جي ڀيڻ کي هن ڳالهه جي چڱي طرح خبر پئجي ويئي ته سهڻي گهر ۾ ڪانهي. تنهن چاريو ڪري نيٺ سهي ڪيو ته ڳالهه هيئن آهي. سهڻي جي عادت ٿي رهي هئي، جو جڏهن پاران موٽندي هئي، تڏهن دلو درياهه جي ڪنڌيءَ تي ڪانهن جي ٻوڙي ۾ لڪائي ايندي هئي. هن رن هيئن ڪيو، جو اهو دلو کڻي، ان جي جاءِ تي ٻيو دلو، جو ڪچو مٽي جو هو، رکي ڇڏيائين. جڏهن ٻيءَ رات سهڻي هميشه وانگي پار وڃڻ لاءِ سنڀري آئي، تڏهن ماٺ ڪري، اهو دلو ڪانهن جي ٻوڙي مان ڪڍي، پاڻي ۾ ڪاهي پئي. اڃا اڳڀرو مس ٿي ته دلو ڀڄي پيو ۽ سهڻي ويچاري غوطا کائڻ لڳي. گهڻيون دانهون ۽ ڪوڪون ڪيائين ۽ ميهار کي سڏ ڪيائين، پر هن جي ڪن نه پئي هوندي، سا رئندي رڙندي پاڻي ۾ هلي وئي.

پوءِ ٿوري ويرم کان پوءِ ميهر کي خبر پئي ته سهڻي ٿي ٻڏي، سو ويچارو گهڻو ئي ڊوڙيو، پر هوءَ اڳهين ٻڏي وئي هئي. ڏک ۽ ساڙ ۾ ڪاهي، ميهر به ٽپو ڏئي درياءَ ۾پيو، جو وري ڪين نڪتو. انهي طرح سان هنن ٻنهي جو پاڻ ۾ ميلو ٿيو.

اشارو:- سهڻي ۽ ميهار جو قصو سنڌ ۾ ٿورو (ڦريل) ڪندا آهن. هتي ته چوندا آهن ته سهڻي ذات جي ’واهوچي‘ هئي، جا سنڌو نديءَ جي الهندي ڪناري تي رهندي هئي ۽ سندس مڙس جنهن جو نالو ’ڏم‘ چوندا آهن، سو ذات جو ’سامٽيو‘ هو ۽ درياءَ جي اڀرندي پاسي ڏانهن رهندو هو، ۽ ميهار جو نالو ’ساهڙ‘ چوندا آهن. جڏهن سهڻي ۽ ڏم جي شادي ٿي ۽ ڄڃ پتڻ تي آئي تڏهن ميهار کي کير چڪو وٺي، سڳڻ خاطر گهوٽ ڪنوار کي ڏنائون، جنهن جي پيئڻ کان سهڻي جي دل ميهار سان اٽڪي وئي ۽ منجهن عشق مجازي کان عشق حقيقي پيدا ٿيو ۽ هي به چوڻ ۾ ايندو آهي ته سهڻي جي قبر شهدادپور شهر ۾، حيدرآباد ضلعي ۾ هالن واري ڀاڱي ۾ آهي، جنهن هنڌان ڪنهن زماني ۾ درياهه وهندو هو ۽ ٻي خبر نه آهي. پر اسان جيڪو احوال ڪتاب پنجابي ٻوليءَ ۾ نئين ڪوٽ جي ويٺل پڙهيل ماڻهو فاضل شاهه نالي جو جوڙيل آهي ۽ پنجاب ۾ ڇپيو آهي، انهي ڪتاب مان اسان اهو قصو چڱي طرح بيان ڪيو آهي.

هاڻي هن ڳالهه مان حقيقي مطلب هن طرح سمجهڻ گهرجي: ’سهڻي‘ مان مراد عاشق طالب جي، يعني انسان جي. ’ميهار‘ مان مطلب آهي معشوق جو، يعني خدا تعالي جو. ’درياءَ‘ آهي ازل کان وٺي ابد تائين جيڪو عرصو آهي. ’دلو‘ چئبو هن جهان جي وسيلن کي يا توڪل جي ترهن کي. ’ڏم‘ هن دنيا جون رنڊڪون ۽ اٽڪون، طعنا ۽ مهڻا، ڪُن ۽ لهريون آهن، ’ڪاري رات‘ وغيره اهي سڀئي هن جهان جا ڏک ۽ جاکوڙا، مشڪلاتون ۽ حرڪتون آهن. ’ٻڏڻ‘ مان مراد آهي محبوب سان ملڻ ۽ ’پرينءَ ڀر‘ چئبو هن جهان يا آخرت کي. وغيره وغيره.

]مضمون[

فصل- 1: سهڻي جي محبت ۽ سندس توڪل- انجام جي پورائي

   ۽ مرڻ جي ڪري پنهنجي محبوب سان ملڻ.

فصل- 2: درياءَ جي دهشت ۽ خوفناڪ حالت، لهريون وغيره.

فصل- 3:    سهڻيءَ کي ميهار جو حد کان زياده عشق.

فصل- 4: سهڻي جي ڪن تي ميهار جي مينهن جي چڙن جو

          آواز پوي ٿو.

فصل- 5:  سهڻي ٻڏي مري وڃي ٿي.

فصل- 6: سهڻي ۽ ميهار جو حقيقي عشق، هن جهان جي پيدا

   ٿيڻ کان اڳي هو.

فصل- 7:  ميهار، سهڻيءَ جي ڇوٽڪاري لاءِ دانهون ڪري ٿو.

فصل- 8:  درياءَ ترڻ جو دلو- لکيو ڪين ٽرندو.

فصل- 9:  محبوب ڏي وڃڻ جو زياده شوق.

انتخاب

1-   جڏهن وسيلن، لوڙهي ڇڏيا تار ۾

پارارا پرين، تڏهن پڇي سهڻي.

2-  پاڻ ۾ کڻج پاڻ سان، ريءَ وسيلي وڌ،

لالن تهين لڌ، عشق جهين کي آڪرو.

3-  پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميهار

فاذ ڪروني اذڪر ڪم، اچي پروڙج پار

ترهو تهين بار، عشق جهين کي آڪرو.

4-  ساوڻ سرهي سڀڪا، هي سرهي سياري

تن وڌائين تار ۾، ارواح جي آري

محبتي ماري، ڪونهي داد درياء ۾.

5-  هن ڀر سُيم هاڪ، ستي سنڀارن جي

محبتي ميهار جي، چڙن چوريا چاڪ

انهي جي اوطاق، وڃڻ واجب مون پيو.

6-  پاڻي پسڻ هڪڙو، لهرين لک لباس

انهي تنهن عميق جا لهرين لک لباس

جت ناهي نهايت نينهن جي، ات ڪو پهچي خاص.

ترڻ جي تلاس، لاءِ ته لالن لڳ ٿئين.

7-  ته ڪر ڪين سُئي، جي سِير نه گهڙي سهڻي

هت حياتي ڏينهڙا، هڏهن تان نه هئي

چُڪي تنهن چري ڪئي، ڏس اُن ڏهي

هئي هئي هوند مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.

8-  ساهڙ جا سينگار، مون اڻ لکيا اڳي هئا

نڪا ڪن فيڪون هئي، نڪا ٻي پچار

نڪو سج نه چنڊ هو، نڪا ڌوڌوڪار

محبت ساڻ ميهار، لاتائين لطيف چوي.

9-  نڪا ڪاڻي ڪانهه، نڪو ڏوهه قلم جو

انگ اتيئي لکيو، جت ترسي ٻانهه

ڪنهن کي ڏيان دانهه، قضا قلم وهائيو.

سر ڇهون: کنڀات

هن سُر ۾ چانڊوڪي رات جي مزن بابت، محبت بابت، جدائي بابت، وغيره احوال ڏنل آهن.

]مضمون[

فصل- 1: چانڊوڪي رات جا مزا- اونداهي رات مان ڪي فائدا.

فصل- 2: چنڊ عاشق جو معشوق ڏي نياپو نِئي ٿو ۽ تکي اُٺ

   تي چڙهي محبوب ڏي وڃڻ- اُٺ ۾ سڌ ۽ طلب آهي.

انتخاب

1-   سهسين سجن اُڀري، چوراسي چنڊن

بالله ري پرين، مون سڀ اونداهي ڀائيان.

2-  چنڊ تنهنجي ذات، پاڙيان ڪين پرين سان

تون اڇو منجهه رات، سڄڻ نت سوجهرو.

3-  اونداهي اڌ رات، پرين پسايو پاڻ

چنڊ ڪتي ساڻ، پيهي ويو پاتار ۾.

4-  اُٺ نه وڃي وڳ سين، چري نه لاڻو

ميي کي مجاز جو ٿوهي ۾ ٿاڻو

ڀٽاري ڀاڻو، مرندي سينءَ نه مٽيو.

5-  نو نِيرڙ، ڏهه ڏاوڻيون، پنڌرهه پينڌ پياس

بغل ۾ بگهاڙيون، لڱين لوهه لڳياس

جڏهن سڄڻ ياد پياس، تڏهن ڇرڪ ڇنائين هڪڙي.

سُر ستون: سارنگ

هن ۾ رڳو مينهن ۽ ان جي سامان ۽ ان جي نتيجن جو ذڪر آهي. گوڙ ۽ کنوڻ، مينهن جا وسڪارا، برسات کان پوءِ مزي جهڙا ڏيک ويک ڏسڻ.

]مضمون[

فصل- 1: سڀئي مِينهن جي انتظار ۾ آهن ۽ ڪڪر پيا گڏ ٿين.

فصل- 2: مينهن ۾ خوشي جي حالت

فصل- 3: برسات جي موسم کان پوءِ سردي جي موسم اچي ٿي.

فصل- 4: برسات جا چڱا نتيجا- سڪار جون نشانيون.

انتخاب

1-   مِينهان ۽ نين هان، ٻئي اکر هڪڙو

جي وسڻ جا ويس ڪري ته ڪڪر ڪن ڪيهان

آءٌ بادل ٿي بيهان، جي آگم اچڻ جا ڪري.

2-  سڄڻ سانوڻ مينهن جان، آگم ڪيو اچن

پاسي جن وسن، سي سڀ ڄماندر سکيا.

 

سر اٺون: ڪيڏارو

هن سر ۾ نبي صلي الله عليه وسلم جي ڏهٽن جي شهادت جو ذڪر آهي ۽ اشارا ڏنل آهن. انهي جو مختصر احوال اول کان وٺي آخر تائين هن طرح آهي:

]امامن جي شهادت جو بيان[

حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي وفات کان پوءِ سندس چار يار يا خليفا گاديءَ تي ويٺا. انهن مان پويون حضرت علي هو، جو نبي جو سئوٽ ۽ نياڻو هو. پر جڏهن حضرت علي واري سان گاديءَ تي ويٺو، تڏهن معاويه پٽ ابوسفيان جي، سندس حقداريءَ تي اعتراض آندو ۽ پنهنجي لاءِ دعويٰ ڪرڻ لڳو. اهو ابو سفيان، نبي جو وڏو دشمن هوندو هو. پر پوءِ وڃي مٿس ايمان آندو هئائين. سندس پٽ معاويي کي حضرت عمر پنهنجي خلافت جي ڏينهن ۾ شام جو حاڪم مقرر ڪيو هو، سو وري هاڻي ڏاڍو زور وٺي ويو هو ۽ پاڻ خلافت جي دعويٰ ڪرڻ لڳو. پر ڪوفي ۽ مصر ۽ ٻين پاسن جا ماڻهو، حضرت علي جي پاسي ٿيا، تنهنڪري معاويي جي ڪانه هلي ۽ حضرت علي کي کڻي گادي تي ويهاريائون.

حضرت علي جي وفات کانپوءِ سندس وڏو پٽ امام حسن، سندس مسند تي ويٺو. امام حسن توڙي سندس ننڍو ڀاءُ امام حسين، ٻئي نبيءَ جا ڏهٽا هئا، يعني نبي جي نياڻي بيبي فاطمه جو اولاد هئا.

حضرت حسن تمام نرم طبع جو ۽ صبر وارو ماڻهو هو، تنهنڪري جڏهن ٻڌائين ته معاويي، جنهن سندس پيءُ سان سخت لڙايون ڪيون هيون، سو هاڻي ڪاهيو ٿو اچي، تڏهن ماٺ ڪري حڪومت جي دعويٰ ڇڏي گاديءَ تان لهي پيو، جا انهيءَ طرح آسانيءَ سان معاويي کي هٿ لڳي ويئي ۽ حضرت حسين اگرچه همٿ ڀريو ۽ عقل وارو به هو، ته به کيس گادي نه ڏنائون.

معاويي جي مرڻ کان پوءِ حڪومت سندس پٽ يزيد کي ملي. پر ڪوفي ماڻهو اڃا به حضرت حسين جي فائدي ۾ هئا،تن سڀني گڏجي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته حضرت حسين کي خلافت جي مسند تي رکون ۽ڪمر ٻڌي يزيد سان جهيڙو ڪريون. انهي ٺهراءُ جي پٺيان هن حضرت حسين ڏي ڳجها سلام ڏياري موڪليا ته ’تون سگهو اسان وٽ آءُ ته اسين توسان همراهه ٿي تنهنجي خلافت جو بندوبست ڪريون.‘ پوءِ جڏهن مضمون جي خبر يزيد کي پيئي، تڏهن هن عبدالله بن زياد کي ڪوفي جو حاڪم مقرر ڪري موڪليو ۽ اڳوڻي حاڪم کي موقوف ڪري ڇڏيائين.

يزيد هن (عبدالله بن زياد) کي سخت حڪم ڏنو ته ڪنهن به طرح وڃي حضرت حسين کي سندس ساٿين ۽ طرفدارن  سوڌو کپائي ۽ ماري ڇڏي. حضرت حسين به ڪوفين جي چوڻ تي اڳئي مديني  مان پنهنجا ٻار ٻچا وٺي ۽ يار دوست وٺي نڪتو هو، جي سڀ ٻاهتر ڄڻا هئا. حضرت حسين کي سندس خيرخواهن گهڻو سمجهايو ته هيتري پنڌ تي نه وڃ، متان ڌارئي ملڪ ۾ ڪو خلل پهچي. پر امام حسين لاهي پاهي کڻي توڪل تي رکيو ۽ الله تعاليٰ جو آسرو ڪري ڪاهي هليو. جڏهن ڪوفي جي حدر اندر پهتو، تڏهن غنيم جو ٿورو لشڪر اچي مليس، جنهن چيس ته ’يا يزيد جو حڪم مڃ ۽ سندس تابع ٿيءُ يا ته موت قبول ڪر!‘ امام حسين کي معلوم ٿيو هو ته عبدالله جي ظلم کان ۽ زبردستي ڪري، ڪوفي سڀ مون کان ڦري ويا آهن ۽ هڻي منهنجو طرف ڇڏي ڏنو اٿن، تنهنڪري هن کي اها ڏاڍي سخني ۽ لاچاري جي گهڙي نظر آئي. انهي فڪر ۽ ڳڻتيءَ ۾ هو ته سامهون ڪوفين ۽ شامين جو ٻاويهه هزار لشڪر اچي نڪتو. بس ڪري فرات نديءَ جي ڪنڌيءَ ڌاري، ڪربلا نالي هڪڙي جاءِ تي لهي پيو.

انهي دشمن جي لشڪر جو سردار عمرو بن سعد هو. انهي حضرت حسين کي اماڻي درياهه کان ٻاهر پري ڪيو. پوءِ ته هنن ويچارن تي اُڃ جي سختي توڙي ٻيا عذاب ڏاڍا ٿي گذريا، جي هو صبر ڪري سهي ويا، پر تڏهن به يزيد کي خليفو ڪري نه مڃيائون. اهي سختيون محرم جي مهيني ۾ پهريان نو ڏينهن هليون. ڏهين ڏينهن فجر جو حضرت حسين پنهنجي سڀني ساٿين سوڌو شهادت جو سندرو ٻڌو ۽ پنهنجي ساهه تان آسرو کڻي، دشمنن سان وڙهڻ لاءِ سنڀريو. ٽن پهرن ۾ سڀئي هڪڙو هڪڙو ٿي بهادريءَ سان وڙهندا مارجي ويا. رڳو هڪڙو ڇوڪرو علي نالي حضرت حسين جو پٽ بچيو ۽ ٻيون بيبيون، جن کي کڻي قيد ڪيائون. امامن جي تنبن کي باهيون لڳايائون. مال متاع جيڪي به هين سو ڦُر ڪيائون. سندن سسيون نيزن تي چاڙهيائون ۽ سندن ڌڙ رڻ ۾ ڇڏي ڏنائون. انهي صورت ۾ قافلو شام ڏي وٺي ويا.

جڏهن يزيد کي هيءَ خبر پهتي ته حضرت حسين سان اهي عقوبتون ٿي گذريون ۽ پاڻ توڙي واسطيدار سڀ قتل ٿي ويا ۽ باقي سڀ قيد ٿي آيا آهن، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو. پوءِ چاليهن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ هن سڀني قيدين کي موڪل ڏني، جي موٽي ڪربلا واري جنگ جي ميدان ۾ ويا، جتي سسيون ڌڙ ملائي دفن ڪيائون. پوءِ ڦري پنهنجي وطن آيا. امام حسين جي بُڻ مان فقط اهو هڪڙو سِرُ ’علي‘ جو بچيو هو، جنهن کي اڪثر  ماڻهو ’زين العابدين‘ ڪري سڏيندا آهن. انهي مان وري ٻيا امام پشت به پشت پيدا ٿيا ۽ انهن جو نسل اڃا هليو ٿو اچي، جنهن کي هاڻي ’سيّد‘ چوندا آهن.

انهي واقعي مان شاهه عبداللطيف هيٺيون نصيحتون ڪڍيون آهن: نصيب جو لکيو ڪين ٽرندو آهي. الله تي توڪل رکڻ گهرجي. الله جا عاشق ڏاڍا سورهيه ٿيندا آهن. هن دنيا جون سختيون رڳو آزمائش وانگي آهن، جي صبر ۽ تحمل سان سهڻ گهرجن. مرڻ يا شهيد ٿيڻ سان، الله جو وصال موجود ٿي سگهي ٿو.

اشارو: هي ڏک ڀريو تاريخي احوال سنڌ جي هڪڙي ٻئي شاعر به ڏنو آهي، انهي جو نالو ”ثابت علي شاهه“ آهي، جنهن جا مرثيا مشهور آهن ۽ حيدرآباد، روهڙي، سيوهڻ ۽ ڪن ٻين هنڌن ۾ عاشورن جي ڏينهن ۾ پڙهبا آهن. هي ماڻهو گذريل صديءَ ۾ ٽالپورن جي راڄ ۾ رهندو هو. سندس قبر سيوهڻ ۾ آهي ۽ سندس پوٽو، جنهن جو پڻ ’ثابت علي‘ آهي، سو ۽ ٻيا سندس ڏهٽا پوٽا هاڻي حيات آهن ۽ حيدرآباد ۾ رهندا آهن.

سو اسان مٿي صفحي 43 ۾ ڏيکاريو آهي ته هي ڪيڏاري جو سر، شاهه عبداللطيف تڏهن چيو هو جڏهن سنڀري ڪربلا جي زيارت تي نڪتو هو، جو نيٺ پرتي وڃي نه سگهيو ۽ موٽي ڳوٺ آيو.

]مضمون[

فصل- 1: محرم يعني افسوس جي مهيني جو اچڻ- امامن جي

    شهادت ڳو سندن عشق جو امتحان هو.

فصل- 2: امامن جي ظاهري سختي ۽ تنگي جي حالت.

فصل- 3: هنن جي بهادري- سندن شهادت الله جي خواهش هئي.

فصل- 4: مرڻ کانپوءِ هنن جو الله سان وصال.

فصل- 5: ڪوفي دغاباز ۽ ظالم هئا- هنن ويچارن امامن کي هر

   طرح ساڻ ستايو ٿي.

فصل- 6: امامن جي مڙهن تي ڳجهن جا لامارا ڏيڻ.

انتخاب:

1-   سختي شهادت جي،ڄڻ شادي جو ڏينهن

ذرو ناهه يزيد کي، اي نسورو نينهن

محبت وٺو مينهن، علي جي اولاد تي.

2-  سختي شهادت جي، نسورو ئي نار

ڪي رند پروڙين راز، قضيي ڪربلا جو.

3-  قضيو ڪربلا جو، مڙيو ئي ملهار

ڳالهه سڄيائي ڳجهه جي، الــٰـهي اسرار

مالڪ ٿو مختيار، پنهنجن جون پرکون لهي.

4-  دوست ڪهاڻئي دادلا، محب مارائي

خاصن خليفن کي، سختي سهائي

الله الصمد بي نياز، سا ڪري جا چاهي

انهي ۾ آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.

5-  فائق هليا فردوس ڏي، جنت سندين جوءِ

فاني ٿي في الله ۾، هوءِ سان ٿيا هوءِ

رب ڏيکارين روءِ، انهي جي احسان سين.

6-  سورهي مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار

هڻ ڀالو، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار

مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.

سر نائون: آبري

هي سر ۽ ٻيا چار سر، جيڪي هن کان پوءِ اچن ٿا، سي سڀ سسئي پنهونءَ جي عشق بابت آهن. انهن جي ڳالهه مشهور آهي. هتي اسين رڳو مختصر احوال ڏيون ٿا:

]سسئي پنهون جو قصو[

سسئي، نائون نالي هڪڙي ٻانڀڻياڻي هئي. سندس ڄمڻ مهل نجومين سندس مائٽن سان خبر ڪئي ته هن نينگر جي قسمت هڪڙي مسلمان سان لکيل آهي، جنهن سان هوءَ نيٺ شادي ڪندي. هيءَ خبر هنن کي نه وڻي، تن ڇا ڪيو جو انهي تازي ڄاول ٻار کي ڪنهن صندوق ۾ وجهي درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيائون ته متان هيءَ وٽن وڏي ٿئي ۽ نيٺ بدنامي مٿن آڻي.

پوءِ هيءَ صندوق محمد نالي کٽي جي هٿ آئي، جو ڀنڀور جو رهندڙ هو. انهي محمد ۽ سندس زال زينب، ٻار کي ڏاڍي سنڀال سان پاليو، جا ٿوري گهڻي ڏينهن ساماڻي ۽ ڏاڍي خوبصورت جوان زال هئي. اتفاق سان انهين ڏينهن ۾ ڪيچ مڪران ۾ اچي ڏڪار پيو، سو اتي جي سردار ڄام، اَن سودڻ لاءِ هڪڙو ساٿ تيار ڪيو ۽ سنڌ ڏي موڪليو ۽ ساڻن پنهنجي پٽ پنهونءَ جي ٻانهن ڏنائين. هي ڀنڀور ۾ اچي لٿا. پوءِ اوچتو پنهون ۽ سسئي هڪٻئي کي ڏسي ورتو ۽ هڪٻئي تي عاشق ٿي پيا ۽ هڪٻئي سان ملاقات ٿيڻ ڪري هو ٻئي محبت ۾ ڦاسي ويا. جڏهن ساٿ اَن سودي ڪيچ موٽڻ لڳو، تڏهن پنهون ساڻن وڃڻ جي نه ڪئي ۽ اتي جو اتي رهجي ويو.

پوءِ جڏهن پنهونءَ جي مائٽن کي خبر پئي، تڏهن ڏاڍي انتظار ۾ اچي پيا. سندس ڀاءُ ۽ ڪي ٻيا ماڻهو سنبري نڪتا. ڀانيائون ته ڪنهن به حيلي سان پنهونءَ کي ڀنڀور مان وٺي اچون. جڏهن هو اتي آيا، تڏهن سسئي ويچاري هنن کي پنهنجو ڏير ڄاڻي، سندين گهڻي خدمت ڪئي. پر نيٺ هو رهيائي ڪين. وجهه ڏسي هڪڙيءَ رات، چوريءَ پنهونءَ کي اُٺ تي چاڙهي هليا ويا ۽ سسئي کي ڇڏي ڏنائون.

پوءِ صبح جو سسئي ننڊ مان جاڳي. ڇا ڏسي ته نڪو پنهون آهي، نڪي ڏير آهن. ويچاري منهن مٿو پٽڻ ۽ گهوڙا گهوڙا ڪرڻ لڳي ۽ هنن جي پٺي پئي. پر هو ته سرحد وارا لڪ به لنگهي ويا. سسئي چرين وانگي ڪپڙا گنديون ڦاڙي، جهنگن، ٻيلن ۽ ٽڪرن ۽ مامرن مان هلي پئي ويئي. گهڻا ئي مٿا هنيائين ۽ هيڏي هوڏي ڊوڙي پر پنهون هٿ نه آيس. انهي حالت ۾ هڪڙو ٻڪرار مليس، جنهن هن جي موچاري صورت کي ڏسي، جوان زال برپٽ ۾ هيڪلو ڄاڻي، هٿ وجهڻ جي نيت ڪئي. سسئي پٺتي هٽي دانهون ڪرڻ لڳي ته ائين ڪندي زمين سندس پيرن جي هيٺيان ڦاٽي پئي ۽ سسئيءَ تائين منجهس گهڙي ويئي.

ٻڪرار کي هي رنگ ڏسي ڏاڍو عجب لڳو، تنهن انهي هنڌ پهڻ ميڙي گڏ ڪري، قبر وانگي ڍير ڪري ڇڏيو. ڪن ڏينهن کان پوءِ پنهون وجهه ڏسي، پنهنجي مائٽن کان جند ڇڏائي ڀنڀور ڏي ڀڳو. اتفاق سان انهي قبر وٽان اچي لنگهيون. ڄاتائين ته ڪنهن ولي يا فقير جي قبر آهي، تنهنڪري لهي، اُتي دعا گهرڻ آيو ته قبر مان هڪڙو آواز آيو ۽ پنهون کي سڏ ٿيو ۽ انهي مهل ٻه ٻانهون نڪتيون، جي پنهون کي کڻي اندر ويون. انهي طرح سسئي ۽ پنهونءَ جو ميلو ٿيو آهي. والله اعلم.

اشارو:   پنهون  ذات جو بلوچ يا ٻروچ هو ۽ هارون جي اولاد مان هو، جنهن کي بغداد جي خليفي وليد، ڪيچ جو مالڪ ڪيو. جن ڏينهن ۾ انهي ملڪ تي لشڪر موڪليو هئائين. پنهونءَ جي پيءُ آري ڄام کي سندس ڏاڏي جي نالي ”هوت“ به ڪري سڏيندا هئا. ڀنڀور جو شهر، ڪراچي ۽ ڪوٽڙي جي وچ تي جنگشاهي ڌاران هوندو هو. جنهن قبر ۾ سسئي ۽ پنهون ٻئي پيا، سا ’منهبار‘ نالي ٽڪر جي اڀرندي چئن ميلن پنڌ تي آهي. اهو ٽڪر لسٻيلي ۾ آهي. جن ٽڪرن ۽ لڪن ۾ سسئي،پنهونءَ جي پٺيان پئي وئي، سي هي آهن: وندر، وڻڪار، هاڙهو، ڏمريو وغيره وغيره جبل آهن.

هن قصي بابت شاهه عبداللطيف جيڪي اشارا ڏئي ٿو ۽ ان مان جيڪي نصيحت جهڙيون ڳالهيون ۽ عبرت جا قصا ڪڍي ٿو، سي هي آهن: سسئي ۽ پنهون جي پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هئي. سسئي ڏاڍي غفلت ۽ بيعقلي ڪئي، جو ننڊ ۾ پئجي رهي ۽ پنهون جو سماءَ نه رکيائين. پنهونءَ جي طلب ۾ سسئي گهڻو رلي ۽ رستي جا ڏاکڙا ۽ وڇوڙي جو عذاب ڏٺائين. نيٺ مري پنهونءَ سان ملي. حقيقي معنيٰ موجب سسئي آهي عاشق يا موليٰ جو طالب. پنهون معشوق يا مطلوب يعني خدا. ننڊ هن دنيا ۾ غفلت سان گذارڻ ۽ دير ڪرڻ. جبل وغيره هن دنيا جون مشڪلاتون ۽ سختيون. ڀنڀور هي جهان يا دنيا. ڪيچ هو جهان يا آخرت. جَت يا ڏير، انساني هوا ۽ هوس، نفس ۽ هن جهان جون رنڊڪون، جي انسان جي دشمنن وانگي آهن. مرڻ، خدا سان وصال ٿيڻ آهي.

]مضمون[

فصل- 1: سسئي پنهونءَ جي ڳولا ۾- سسئي ۾ عشق جي اُچاٽ.

فصل- 2: عاشق کي گهرجي ته معشوق جي طلب ۾ جبلن ۽

رستن ۾ رلڻ ۽ مشڪلات کان نه ڊڄڻ- ٽڪرن جو خوفناڪ    ڏيکاءُ.

فصل- 3: سسئي پنهونءَ ڏي وڃڻ جو رستو ڀلجي وڃي ٿي-

   حقيقت ڪري پنهون پاڻ سان کنيو وتي.

فصل- 4: اهڙا جاکوڙا سڀڪو سهي نه سگهندو، رڳو عاشق

 سهي سگهندا- سسئيءَ جا پير پهڻن تي هلڻ ڪري ڦٽجي پيا آهن، تڏهن به پٺتي ڪين ٿي موٽي ۽ اڳتي هلي وڃي نيٺ پهچندي.

فصل- 5: سسئي ۽ پنهون ٻه نه آهن- هڪ آهن، سسئي وڃي

ڪيچ مڪران کي رسي ٿي (جو درحقيقت سندس اندر ۾       آهي)

فصل- 6 : جبلن کي آزيون ڪري ٿي ته مون کي زياده نه ستايو

(بعضي چوندا آهن ته هي ڇهون فصل فتح فقير جو آهي، شاهه   صاحب جو نه آهي)

فصل- 7: ننڊ جي ڪري جدائي ٿي ۽ هوءَ عذابن ۾ گرفتار ٿي-

  نياز ۽ هيٺاهين جو رستو سسئي جي ڪاڻ چڱو آهي.

فصل- 8: سسئي پنهونءَ کي واهر ڪرڻ لاءِ سڏي ٿي ۽ هوت

  لاءِ واجهائي ٿي.

فصل- 9:  جدائيءَ جا ڏک، عذاب ۽ سختيون.

فصل- 10: وري پنهونءَ کي مدد لاءِ سڏي ٿي- تحمل ۽ توڪل

        جهڙو ٻيو علاج ڪونهيس- ٻيا علحده خيال ۽ اشارا.

”ٽرمپ صاحب“ واري رسالي ۾ هڪڙو ننڍو سر ”آبري ڇوٽڪي“ جو آهي، تنهن جو مضمون به اهوئي آهي ته سسئي پنهونءَ جي ڳولا ۾ حيران آهي.

انتخاب

1-   محبت جن جي من “ تن تشنگي تار

پي پيالو اُڃ جو، اُڃ سين اُڃ اُتار

پنهون ساڻ پيار، ته اُڃ سين اُڃ اُجهائيان.

2-  پاڻي مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ مرن

ساهان اوڏو سپرين، لوچي تان نه لهن

دم نه سڃاڻڻ، دانهون ڪن مُٺن جيئن.

3-  نااميدي جي نجهري، پيهي پس الله

چٽي رباني راهه، مرادن مخفي ڪئي.

4-  هوت تنهنجي هنجهه ۾، پڇين ڪوهه پهي،

وفي انفسڪم افلاتبصرون،، سوجهي ڪر سهي

ڪڏهن ڪانه وئي، هوت ڳولڻ هٽ تي.

5-  جت تو ڀوري ڀانئيو، ڪونهي اُت ڪوهيار

پنڌ مَ ڪر پهاڙ ڏي، وجود ئي وڻڪار

ڌاريان ڀانئج ڌار، پڇ پريان ڪر پاڻ تون.

6-  هوت تنهنجي هنجهه ۾، پڇين ڪوهه پرياڻ

ونحن اقرب اليه من حبل الوريد، تنهنجو توئي ساڻ

پنهنجو آهين پاڻ، آڏو عجيبن کي.

7-  پنهنجي ڏٺم پاڻ ۾، ڪري روح رهاڻ

ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ

پنهون ٿيس پاڻ، سسئيءَ تان سوارا ٿيا.*

8-  سوئي ڏوري سسئي، سوئي کڻيو ساڻ

ڪڏهين ڪين ٿيو، ڄلڻ منجهان ڄاڻ

پڇ پريان ڪر پاڻ، ته تون تيائين لهين.

9-  وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي

لڪو ناهه لطيف چئي، پنهل چئو ٻئي پار

ٿيءُ سسئي، ٻڌ سندرو، پرت پنهون سين پار

نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.

10- هل هيين سين هوت ڏي، سسي کڻ مَ ساڻ

جني ڀانيو پاڻ، سي آرياڻيون اوري رهيون.

11- ڪڏهن پئجي ڪن ٿي، ڪڏهن ٿجي وات

ڪڏهن ٿجي ڪات، ڪڏهن ٿجي ٻڪرو.

 

سر ڏهون: معذوري

]مضمون[

فصل- 1: ڪيچ مڪران جا ڪتا سسئيءَ تي بهن ٿا- ڪتن جون

    عادتون ۽ انهن بابت ٻيا خيال.

فصل- 2: سسئي ڏکن ۾ روئي رڙي ٿي پر هلندي به وڃي-

    محبوب سان ملڻ جا ضروري شرط.

فصل- 3: سسئي جبلن کي ڏوراپا ڏئي ٿي ۽ هنن سان پنهنجو

   حال اوري ٿي.

فصل- 4: پنهون کي ملڻ جو سولو رستو مرڻ کان سواءِ ٻيو ڪونهي.

فصل- 5: جيئن پڄي سگهي، تيئن محبوب ڏي پيو هلجي.

فصل- 6: هو اُٺن کي پٽي ٿي،  جو ماٺ ۾ پنهون کي کڻي

   هليا ويا.

فصل- 7:  جدائي ۾ دانهون ڪري ٿي.

انتخاب

1-   مر ته موچاري ٿيئن، جيئڻ آڏو جت

هاري ڪر همت، ته دم ڏيئي دوست لهين.

 

2-  هردم هوت پنهون جو ڏسڻ ڀانئج ڏک

ورهوءِ پنهون سان پلڪ، ٻن ٻارهن ماه ٻين سان.

 

3-  ٿور وير مي ٿيءُ، وڃڻ ويرم نه سهي

ڏئي مرج ڏونگرين، جتن ڪارڻ جيءُ

هڏ نه هوندو هيءُ، ساهه پريان تان صدقو پئي.

 

4-  اوڏو آ اڻ هوند کي، هونديان هوت پري

ساجن تن سري، لائين ٿيو لڏجي.

 

5-  مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات

هوندا سي حيات، جيڻا اڳي جي جيا.

 

6-  ڪهان تان ڪيچان پري، سمهان ته سر هيٺ

ٻاروچي سين ڏيٺ، جيڏيون جيهيءَ پر ٿئي.


 

سُر يارهون: ديسي

]مضمون[

فصل- 1: سسئي ٽن دشمنن جي گلا ڪري ٿي جبلن ۽ اُٺن ۽

   ڏيرن جي- ٻيو وڌيڪ دشمن سسئيءَ جي چُڪ هئي،

   انهن جي سنڀال نه ڪيائين.

فصل- 2: سسئيءَ کي سرتيون جهلين ٿيون ته پنهون جي پٺيان

   نه وڃ، متان ڏکي ٿين، پر سسئي جهلجڻ جي ناهي.

فصل- 3: ڪيچ کان قافلو آيو آهي، تنهن تي سسئي ڏاڍي خوش

    ٿي آهي.

فصل- 4:  هو اوچتو پنهون کي کڻي وڃن ٿا- سسئي جاڳي ٿي

   ۽ پاڻ کي ڏوهه ڏئي ٿي ته ناحق اهڙي نند ۾ پيس.

فصل- 5: هوءَ انهي اميد ۾ رهي ٿي ته جت موٽي ايندا- پر

    جڏهن هو نه آيا، تڏهن نيٺ پاڻ نڪري پوي ٿي ۽

           جبلن ڏي مُنهن رکي ٿي.

فصل- 6:  جبلن ۽ لڪن جون ڏکيائون.

فصل- 7: جَت ٻڌي ڪري، چوري پنهون کي وٺي وڃن- پنهون

             وڃي ڪيچ رسي ٿو.

انتخاب

1-   لڏيندي لباس، جتن جيڏو ئي ڪيو

اچي آري ڄام جو، وڻن منجهان واس

جي مرون کائنم ماس، ته به هڏ هلندم هوت ڏي.

2-  مرون پاڻ مهمان، هميشه هوندا پرين

ڪهي ڪميڻي هليا، ڪهل ڪيائون ڪانه

جورو رات جوان، جيڏيون جت ڪري ويا.

3-  سنجهي مون نه سنڀاليو، ماريس سور صبوح

نيڻ هيرايم ننڊ سان، جتن لنگهي جوءِ

هاڃو ڪري هوءِ، آڌي رات اُٿي ويا.

4-  سمر جن نه ساڻ، هوت ته آهي تن جو

ڪري ڇيڄ ڇپر ۾، پنهون ايندو پاڻ

ٿيندي روح رهاڻ، لحظي منجهه لطيف چئي.

5-  سڪي جان ستياس، ته سڪ سمهڻ نه ڏئي

جاڳي ستيس جن لاءِ، آيا تان نه اُٿياس

ڀينر آءٌ ڀلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي.

 

سر ٻارهون: ڪوهياري

]مضمون[

فصل- 1: ننڊ نڀاڳي ۽ ندوري آهي، منجهانئس خير ڪونهي.

فصل- 2: سسئي ڏونگر سان ڳالهيون ڪري ٿي.

فصل- 3: پنهون کي واهر لاءِ سڏي ٿي- سسئي ۽ پنهون جي

         پاڻ ۾ ڪهڙي سنبت آهي.

فصل- 4: پنهون جي حسن جو پرتوو.

فصل- 5: سسئيءَ جي عشق جو ڏکارو اثر.

فصل- 6: هوءَ پنهونءَ لاءِ رڙي ٿي- رستي جا اهنج ۽ ڏک.

انتخاب

1-   مُنهن ويڙهي مئن جيئن، ستينءَ سنجهيئي

اوجاڳو اکين کي، ڄاتئي نه ڏيئي

هٿان ته پيئي، ٿي ڪچو ڪيچين کي ڪرين.

2-  تو نه سيون ڪڏهين، هاڪون هاڙهي جو

ڪيچن اوري ڪيتريون، معذوريون ميون

واٽون ويهه ٿيون، ڪوهه ڄاڻان ڪهڙي ويا.

3-  سڃ ويندي کي، جوش جلايا جي

طالب جي تخليق جا، نينهن تنهين وٽ ني

ٽيڏي پس تي هوت ته آهي هڪڙو.

 

سرُ تيرهون: حسيني

]مضمون[

فصل- 1:  سج لهڻ ڪري پاڻ سسئي جا ڏک زياده ٿين ٿا.

فصل- 2: هو پنهنجين ساهڙين کي ٻڌائي ٿي ته آءٌ ضرور ڀنڀور

   ڇڏي، پنهون جي پٺيان ويندس.

فصل 3:   سسئي پنهنجو اندر ماءُ سان اوري ٿي.

فصل- 4: سنگتي ساٿي اڳتي هليا ويا آهن- کيس پٺتي ڇڏي ويا

   آهن، جا رڙيون ڪري ٿي.

فصل- 5:   هو پنهنجا زيور ۽ سينگار اڇلائي، پنهون جي پٺيان وڃي ٿي.

فصل- 6:   عشق جا عذاب

فصل- 7: هوءَ پنڌ ڪري ڪري ٿڪجي ٿي- پنهون جي لهڻ

            لاءِ حيران ۽ منتظر آهي.

فصل- 8:   جدائيءَ جي درد کان دانهون ڪري ٿي.

فصل- 9:   پنهون لاءِ ڳوڙها ڳاڙي ٿي.

فصل- 10:  پنهون کي سڏ ڪري ٿي.

فصل-11: ڪيچ جي وڃڻ لاءِ ڏاڍا مٿا هڻي ٿي- ڏک کان

            سواءِ خوشي ڪهين ڪم جي نه آهي.

فصل- 12: جيئن سسئي پنهون کي ڏسي ٿي، تيئن ٻيا ماڻهو هن

    کي نٿا ڏسن- هنن جو پنهنجو رستو ۽ هن جو پنهنجو رستو.

فصل- 13:  پنهون جي وڃڻ ڪري سسئي ارمان ڪري ٿي.

 

انتخاب

1-   ڪانهي جاءِ جلڻ ريءَ، جان جيِئن تان جل

تتي ٿڌي هل، ڪانهي ويل ويهڻ جي.

2-  جان جان آهي سوجهرو، تان تان ڪرهل ڪاهه

متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.

3-  نڪي مئي آهيان، نڪي ٿي جيان

ساجن ساهه ڏيان، توکي ساريو سپرين.

4-  ڪوهيارو ٿي ڪات، مُيون مارڻ آئيو

هُئي مر هوت حيات، آءٌ ميائي گهوري.

5-  گوندر وڏي وٿ، ڪني ڪني ماڻهئين

ٻنڌي گوڏ گرٿ، ساٽو ڪجي سور جو.

6-  جي هئا هوت پنهون سين، مون جيئن ملاقات

ٻانهون وجهي وات، هوند ريهون ڪريو رڃ ۾.

7-  سرتيون سڀوئي، ٿيو اندر آرياڻي

ويٺي پسان پاڻ ۾، ڏونگر ڏهاڻي

هيس جن هاڻي، سي ڪيچني گڏيم ڪوهه ۾.

8-  پڇيئي جان ٻروچ، تان پاسي ڪر پرهيز کي

ڏٺو جن بلوچ، تن دين سڀئي دور ڪيا.


 


* اصل. سسئي سوارا ٿيا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org