باب ڇهون
]
شاهه عبداللطيف جا نيڪ رستا- عشق ۾ شادي ڪرڻ بابت
سندس راءِ – سندس ديني خيال- سندس مذهب جا ٻه طرف-
سندس راڳ جو شوق- سندس مريدن جو اعتقاد- سندس راڳ
جو عجيب اثر – متفرقه ڳالهيون – شاهه صاحب جي هلت
چلت جو بيان – ڪرامتن
۽ هشياري وغيره بابت- سندس ٻيون ڳالهيون تن جو بيان.[
]
شاهه عبداللطيف جا نيڪ رستا
[
شاهه عبداللطيف جي هلت چلت تمام چڱي هوندي هئي ۽
تعريف ڪرڻ جي لائق هوندي هئي. هو ٿورو ڳالهائيندو
هو، ٿورو سمهندو هو، ٿورو کائيندو هو. ٻين کي به
اها صلاح ڏيندو هو. زور ڪري وڃي ٻين تي بار ڪين
پوندو هو. نڪي اڻ ڪوٺيو وڃي ڪنهن جو مهمان ٿيندو
هو. پر هن جي گهڻو اشتياق ڪري ڪو دعوت ڪندو هو ته
انهي کي نااميد ڪري ڪين ڇڏيندو هو. زماني جي
وهنوار ۾ به صفا ۽ انصاف وارو رهندو هو. سندس چڱي
سڀاءَ ۽ هلت چلت چڱيءَ ڏانهن گهڻا ماڻهو مشتاق
هوندا هئا.
هڪڙو مريد ڪنهن پرانهين شهر ۾ رهندو هو. تمام
اعتقاد وارو هو ۽ ٻارهين مهيني سندس قدمبوسيءَ
لاءِ ايندو هو ۽ هڪڙو کٿو سوکڙي ڪري آڻيندو هو.
هڪڙي ڀيري هن ويچاري کي کٿو هٿ نه لڳو يا غريبي
ڪري آڻي نه سگهيو، تنهنڪري آيو ئي ڪين..
وري جڏهن ٻئي ڀيري شاهه صاحب وٽ آيو، تڏهن شاهه
صاحب پڇيس ته ”اڳيئن ڀيري ڇو ڪين آئين؟“ تڏهن هن
اشراف سچي ڳالهه ٻڌايس ته ”سائين! کٿو آڻي نه
سگهيس، تنهنڪري منهنجو اچڻ نه ٿيو.“ تڏهن شاهه
صاحب چيو ته ”اها شيءِگهوري، جا هڪڙي دوست کي ٻئي
دوست جي ڏسڻ کان رهائي ڇڏي سو به چڱو ڪم نه آهي.“
شاهه صاحب گهڻو بحث يا هوڏ ڪين ڪندو هو. هو اهڙيءَ
مهل تي ٻئي سان ضد ڪين ڪندو هو، پاڻ ماٺ کڻي ڪندو
هو ۽ هٺ ڇڏيندو هو ته هن جو ڀلي ڀت گهاٽو هجي.
جنگ ڪرڻ کان صلح وڻندو هيس. چوندو هو ته ”جيڪڏهن
هڪڙو ڪتو، ٻئي ڪتي تي ڪاهه ڪري ايندو ۽ اڳيان هو
ماٺ ڪري ويهي رهندو ته ويڙهه ڪانه ٿيندي. پوءِ
جيڪي ڪتا ڪن ٿا، سو ماڻهو ڇو نه ڪن؟“
حاڪمن ۽ عملدارن جي ڪا پرواهه ڪانه رکندو هو. مگر
چوندو هو ته ”هنن
سان رستو رکڻ بڇڙو نه آهي. ڇا لاءِ جو من ڪنهن
بيگناهه کي ڇڏائجي يا ته وري ڪنهن غريب جو اهنج
لاهجي.“
شاهه عبداللطيف پنهنجي نفس کي اهڙو ماري ڇڏيو هو،
جو جوانيءَ جي ڇوهه ۾، ۽ انڌ جي وقت ۾ به ان جو
زور مٿس
ٿي
هليو. جهان وارو انڌو عشق ڪونه هوندو هئس، جنهن جو
رڳو شهوت سان واسطو آهي.
جن ڏينهن ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو مٿس اعتبار نه
هوندو هو، تن ڏينهن ۾ ميان، شاهه صاحب کي دعوت ڪئي
۽ پاڻ وٽ گهرايو. جڏهن ماني ٽڪي کائي رهيا، تڏهن
ميان،ڪي حسين عورتون ڪڃريون کي گهرايو. ٿوريءَ مهل
کان پوءِ پاڻ ميان، ڪڃرين کي گهرايو ۽ شاهه صاحب
ساڻ ڇڏي، پاڻ ڪو بهانو ڪري نڪري ويو ۽ ڳچ تائين
ترسيو
. انهي ڳالهه جي ڪاڻ ته شاهه صاحب جي پرک لهي. پر شاهه صاحب ته
دستور موجب مراقبو وجهيو ويٺو هو، مٿي به نه
نهاريائين. جڏهن ميان
نور محمد ڪلهوڙو موٽي آيو، تڏهن چيائين ته ”اي شاهه صاحب! هي
ماڻهو جي اوهان جي لاءِ آيا هئا؟“ شاهه صاحب
ورنديءَ ۾ هيءَ بيت چيو ته:
ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪين مال
جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا.
سو رنن جو عشق ته شاهه صاحب کي ڪونه هوندو هو. زال
ذات سان اوتري محبت ڪانه هوندي هيس. سندس بيبي گهر
واريءَ سان، اسان مٿي ڏٺو آهي ته اوتري محبت ڪانه
هوندي هيس. نڪا عشق پئي ٻي ڪا شادي ڪئي هئائين.
رڳو شرع شريف جي حڪم پوري ڪرڻ لاءِ ۽ ڪم ڪار جي
سهنج لاءِ شادي ڪئي هئائين. اولاد جي مور ڳڻتي
ڪانه هيس. ٿئي ته ڇا، نه ٿئي ته ڇا. اگرچه شاهه
صاحب درويش هو ۽ ظاهري اسباب ڏي ڪو خيال نه هئس،
ته به مسلماني جي حد ڀڃڻي نه هيس. الله ۽ رسول جي
حڪمن تي قائم هو، تنهنڪري هن جي تابعداري فرض
ٿي
ڄاتائين. شادي ڪرڻ به هڪڙي سنت هئي، تنهنڪري هن
روا رکي.
تنهن کان سواءِ لوڪ جي ماڻهن سان هن کي گذارڻو هو
۽ هزارين مريد هئس، جي جيئن پاڻ ڪندو هو، تئين هو
به ڪندا هئا، تنهنڪري لاچار هئس ته ظاهري اسباب به
پورو رکي ته خلق گمراهه نه ٿئي ۽ سندس چئي ۾ رهي.
جهڙي طرح ڪو حاڪم ڪنهن ملڪ تي مالڪ مقرر ٿي اچي،
پوءِ هو سڀ بندوبست پورو رکندو، يعني خدمتگار
رکندو، گهوڙا اُٺ ٿيا، ڪپڙي گنديءَ جي صفائي، اٿڻ
ويهڻ اهڙو ٺاهه ٺوهه سان ڪندو ته اها رعيت به ڏکي
ڪين ٿيندي ته حڪومت جو ڪم به چڱي طرح هلندو، نه ته
سگهو ئي ڏڦيڙ پئجي ويندو ۽ ڦاٽل ڪپڙا ڍڪيندو يا
ڪنجوسائي ڪندو، پوشيده نه رهندو ته ڪنهن جي به اک
مٿس ڪانه ٻڏندي، پوءِ وري حاڪم ڇا جو ٿيو!
]
عشق ۾ شادي ڪرڻ بابت سندس راءِ
[
مطلب ڳالهه جو
ته
شاهه صاحب کي عشق حقيقي هو، پر زالن جو شوق مطلقاً
ڪونه هئس ۽ انهي شوق جي پٺيان شادي ڪين ڪيائين.
اگرچه پاڻ پرڻيل هو، تڏهن به ڇڙن وانگي واکاڻ ڪندو
هو. چوندو هو ته ”طالب کي مڙئي ڇڙو رهڻ گهرجي. نه
ته جيئن مک ماکي ۾ ڦاسي پوندي آهي، تيئن هو به
دنيا جي عيش ۾ ٽڪي پوندو. مطلب هٿ ڪين ايندس.“
شاهه صاحب اصلي آزادگي جو ڪوڏيو هوندو هو. جهڙي ڪم
ڪار جي آزادگي، تهڙي خيال ۽ عقل جي آزادگيءَ جو
ڪوڏيو هوندو هو. بندش اصل به ڪين وڻندي هيس. پرڻو
هن جي نظر ۾ هڪڙو بند جو قسم هو. ائين به چوندو هو
ته پرڻي جهڙي آفت ٻي ڪابه دنيا ۾ نه آهي. گناهه
کان به مٿي آهي. ڪيئن جو جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو گناهه
ڪري پوءِ پڇتايو ته الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان
بخشش ڪندس. پر جي پرڻيو ته پوءِ مٿو کڻي پٽ تي هڻي
ته به جند ڪين ڇٽنديس.
شاهه عبداللطيف کي پرڻي بابت اهڙي حقارت هئي، سو
شايد سندس پڙ ڏاڏي شاهه ڪريم جي قول پٺيان
جو
شاهه عبدالڪريم ننڍي هوندي شادي ڪئي هئي، ۽ وڏي
هوندي چوندو هو ته ”هيءَ عجب جي ڳالهه آهي، جو
جڏهن آءٌ پرڻيس ٿي، تڏهن مون کي ڪابه منع نٿي
ڪيائون، پاڻ سڀ ڪنهن
ٿي
چيو ته ڀلي شادي ڪر! هاڻي جڏهن مون پنهنجي سر
آزمايو آهي ۽ ٻين کي به جهليان ٿو، ته به جهلجن
نٿا ۽ نه رهندا، جيسين پاڻ به ڦاسندا. پوءِ رڙيون
ڪندا وتندا ته به ڪين ڇُٽندا.“
]
سندس ديني خيال
[
شاهه عبداللطيف جو مذهب ته هڪڙو عجائب اسرار هو،
سڀڪنهن جي سمجهه ۾ نه ايندو هو. منجهس درويشي ۽
مسلماني گڏي پئي هوندي هئي. اهڙي هلت ڪندو هو، جو
سڀ ڪنهن کي وڻندي هئي، جو ٻنهي جي حد ڪين ڀڃيندو
هو. صوفي ته پڪو هو، پر ظاهري مسلماني جون منجهس
پريون نه هجن ها ته اڳوڻن وڏن صوفين وانگي، زماني
جا ماڻهو سندس گلا ڪن ها ۽ اجايو ڳالهائينس ها.
قاضي ۽ آخوند تعزيرو ڪنس ها، جن سان في الحقيقت
پوندي به ڪين هيس، جو هو صوفي هو. جڏهن اسين شاهه
جي رسالي جو احوال ڏينداسين، تڏهن صوفي هئڻ جو
وڌيڪ ذڪر ڪنداسين. هتي رڳو سندس مذهب ۽ ديني متن
بابت لکون ٿا.
هو پنجئي وقت نماز جا پڙهندو هو. روزا به رکندو
هو، تسبيح پڙهندو هو، قرآن پڙهي ڄاڻندو هو. هن
مسجد جوڙائي ۽ منجهس پنهنجي هٿن سان پورهيو
ڪيائين، پر وري مستانن وانگي جهنگن ۾ گهمندو هو،
وڻڻ جي پورن ۾ لڪندو هو، ڏينهن جا ڏينهن گم هوندو
هو. مراقبي ۾ الله سان اندر اوريندو هو. هندن
فقيرن ۽ سناسين سان سندن تيرٿ ڪندو هو ۽ تڪيا
ڀيٽيندو هو. راڳ ٻڌندو هو، جنهن جو گهڻو شوق هوندو
هئس. بعضي اهڙيون ڳالهيون وات کان ڪڍندو هو، جو
مسلمانن کي جيڪر ڏاڍي بڇان لڳي. اهي سڀ لاهه چاڙهه
منجهه شاهه صاحب جي هئا.
هيٺين مثالن مان معلوم ٿيندو ته سندس مذهب ڪهڙي
ڊوءل جو هو. هڪڙي ڀيري پڇيائونس ته ”سني آهين ڪِ
شيعو؟“ جواب ڏنائين ته ”آءٌ ٻنهي جي وچ ۾ آهيان.“
چيائونس ته ”انهن ٻنهي جي وچ ۾ ته ٻيو ڪي ڪين
آهي!“ چيائين ته ”آهيان به اهو ڪي ڪين.“ ڪهڙو نه
عجيب نڪتو ڳالهايائين!
شاهه صاحب چوندو هو ته:
روزا نمازون، اي پڻ چڱو ڪم
اهو ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.
شاهه صاحب جو مذهب ڪهڙو به مونجهاري جهڙو هو، ته به کيس ڏاڍو
وڻندو هو ۽ جنهن ٻئي کي سندس رمز جي خبر ٿي پئي،
تنهن کان ٻيا سڀ رستا وسري ٿي ويا.
هڪڙي ڀيري شاهه لطيف ’ٿر‘ ۾ هو ۽ سندس اکيون اُٿي
پيون هيون، تنهنڪري پيلي ڪپڙي جو ٽڪر ائين اڳيان
ٿي
لڙڪايائين، جهڙيءَ طرح اکين جي اُٿڻ ۾ ماڻهو
لڙڪائيندا آهن. اهڙيءَ
حالت ۾ مخدوم صابر ولهاري، جو اتي جو وڏو ڪامل هو،
سو سندس ملاقات تي آيو. شاهه صاحب ته پنهنجي پور ۾
ويٺو هو، تڏهن اکين جي اڳيان ڪپڙو کڻي، چيائين ته:
”اي منهنجون اکيون! برابر جهڙو مون توهان کي چيو
ٿي، اهڙو ئي آهي نه؟“ مخدوم سان هڪڙو پڙهيل ماڻهو
ملا حسين نالي هو، تنهن کي شاهه صاحب جي ڳالهه نه
وڻي. ڀانيائين ته مخدوم صاحب تي ٽوڪ ڪيائين. تنهن
شاهه صاحب کي چيو ته ”شاهه صاحب! تنهنجو پيءُ ته
ڪهڙو نه مجتهد ۽ ديندار ماڻهو
هو،
تو کي ڇا ٿيو آهي جو هوش کان ٻاهر نڪري ويو آهين؟“
شاهه عبداللطيف مُرڪي چيو ته: مخدوم سو گلاب جو گل
هو، باقي جو ساڻس ڪنڊو هو، تنهن چُڀي ايذاءُ رسايو
آهي.“ پوءِ اُتي هيءُ بيت چيائين ته:
پنوَهارڪي ٻَرهي، جي هوند چکيائين
ته ميهارڪي مَهي، ساجهر ڇڏيائين.
يعني ته ”جيڪڏهن اسان جي سادي هلت جي لذت اچيئي ته هوند دنيا جي
لذتن جا سک به وسري وڃنئي.“
جيتوڻيڪ شاهه صاحب جي رڳو سني يا شيعي هئڻ ۾ شڪ ٿو
پوي، ته به ايترو ته چئي سگهبو، جي هو ’ٻئي‘ نه
هو. جي هو ته ’ٻئي‘ هو. پاڻ سيد هو ۽ نبي جي اولاد
مان هو، تنهنڪري شيعن وانگي امامن ٻين کان، موليٰ
علي ۽ سندس زال کي گهڻو گهرندو هو. شيعن وانگي
امامن جي لاءِ ماتم ڪندو هو. ’ڪيڏاري‘ جو سُر ان
مان شاهدي ڏيندو. عاشورن جي ڏينهن ۾ هو ڪارو ويس
ڪندو هو. امامن جي زيارت لاءِ ڪربلا ڏي سنڀري هليو
هو. اهي سڀ شيعن جهڙا ڪم هوندا هئس. پر وري سنين
وانگي نماز به پڙهندو هو. بعضي هٿ ٻڌي نماز کي ادا ڪندو هو. ٻين ٽن
يارن جي يا خليفن جي ڪڏهن گلا ڪين ڪندو هو. مطلب
ته اهڙي هلت ڪندو هو، جو جنهن
۾
سڀ فريقا خوش هوندا هئا.
سندس مذهب ۾ زور زبردستي اصلاً روا نه هئي. خوشي ۽
آزادگي هن سڀ ڪنهن لاءِ ٿي ڄاتي. هڪڙي ڀيري پير،
متعلوي جي سيدن مان هڪڙي شهمير شاهه نالي، ڪنهن
واڻئي کي زور سان مسلمان ٿي ڪيو. هو ويچارو
ته
رڙيون ڪرڻ لڳو. شاهه صاحب ڪو اُتان اچي لنگهيو. هو
لڙي ڏسي ته خلق واڻئي کي اچي ورايو آهي، مسلمان ٿا
ڪنس. تڏهن شاهه صاحب کي قياس ٿيو ۽ مٺيان به لڳس.
شهمير شاهه کي اچي چيائين ته: ” هي ڇا ڪو موچڙن
سان به ڪنهن کي دين تي آڻبو؟“ ائين چئي واڻئي کي
گهلي، گوڙ مان ڪڍي ٻاهر ڪيائين. هو واڻيو شاهه جو
ڏاڍو احسانمند ٿيو ۽ پوءِ وڃي سندس مريد به ٿيو انهيءَ رستي موجب
شاهه جا گهڻا مريد هئا. پاڻ اچي سندس دست ٿي
ورتائون. انهي هوندي به جڏهن ڪنهن ماڻهو سندس
جماعت ۾ گڏجڻ جي خواهش ٿي ڪئي ته پهريائين هن کي
پڇي ڪري پڪ ڪندو هو ته پنهنجي ۽ پنهنجي مائٽن جي
رخصت سان آيو آهين يا نه؟ پوءِ مريد ڪندو هوس.
ڪي ماڻهو کيس گهڻو گهرندا هئا، ليڪن هالن واري
مخدوم کان البته ڊڄندا هئا، جو هلنديءَ ۽ پڄنديءَ
وارا ماڻهو هئا. تنهنجي ٻچا پڙائي ڪري کيس چوندو
هو ته ”چڱي ماڻهو کي گهرجي ته هڪڙي ٻيڙيءَ ۾
(چڙهي، جي ٻن ٻيڙين ۾ چڙهندو ۽)ٻيڙيون ڇڄي ڌار
ٿيون ته ڪري ٻڏي مرندو.“ انهن ٽوڪن ٻڌڻ ڪري هو
مخدوم جو طرف ڇڏي، شاهه صاحب جي پاسي ٿيا ۽ سندس
اعتقاد ۾ گرفتار ٿيا.
]
سندس مذهب جا ٻه طرف
[
ڏسڻ ۾ ايندو هو ته شاهه صاحب جي مذهب جا ٻه پاسا
هئا: هڪڙو ’حقيقي‘، ٻيو ’مجازي‘. تنهنڪري هو هميشه
ٻن حالتن ۾ رهندو هو، جنهن کي صوفي ’عروج‘ يعني
چاڙهو ۽ ’نزول‘ يعني لاهو سڏيندا آهن. پهرين حالت
۾ هو روحانيت جي رستي پنهنجي خاوند سان اهڙو محو
ٿي ويندو هو، جو دنيا جي علائقن کان ڏور هوندو
هو. تڏهن دنيا
۽
دين جي خبر ڪانه هوندي هيس. ڪفر ۽ اسلام تڏهن گڏجي
پوندا هئا. خدا جي وحدت کان سواءِ انهي مهل ٻيو ڪي
به ڪين وڻندو هئس يا خيال ۾ ايندو هئس. ڄڻ ته الله
تعاليٰ سان هڪ ٿي ويندو هو. جهڙو قطرو قُلزم ۾
پوي. پر پوئين حالت ۾ هو ماڻهن جهڙو ماڻهو هوندو
هو. اهي ساڳيا ڪن ۽ اکيون ۽ ٻيا عضوا. مسلمانن
وانگي شرع تي هلت ڪندو هو ۽ ديني ڪم کان پير ٻاهر
نه ڪندو هو. پهرين حالت کي طريقت چئبو ۽ ٻي کي
شريعت. اهي ٻئي حالتون انسان جي روح کي ڪماليت
پهچائڻ لاءِ ضروري هيون. هڪڙي حالت وصال جي هئي،
ٻي حالت فراق جي. جيئن شاهه صاحب پاڻ ٿو چوي:
ٻاريو اجهائين پرين، اُجهايو ٻارين
مون کي ٿا مارين، پرين پر لوهار جي.
جيستائين ’ٻارڻ‘ ۽ ’اجهائڻ‘ اهي ٻئي ڪم نه هلندا، تيستائين لوهه
مانڪو ڪمائتو اوزار جڙي نه سگهندو. جي رڳو کوري ۾
پيو هوندو ته لوهه نيٺ سڙي کپي ويندو ۽ رڳو اجهاڻو
پيو هوندو ته ٺريل لوهه مان ڪجهه به جڙي نه
سگهندو. ٻئي حالتون ضرور آهن.
هڪڙي ڀيري شاهه صاحب کان پڇيائون ته: ” خلق مان
خلق کي ڏسڻ گهرجي يا خالق مان خلق کي؟“ تڏهن چوڻ
لڳو ته:” عروج جي حالت ۾ خلق کي خالق مان ڏسڻ
گهرجي ۽ نزول جي حالت ۾ خالق کي خلق مان.“ ايتري
هوندي به شاهه صاحب کي اهو خطرو هوندو هو ته متان
ماڻهو سندس رمزون نه سمجهي گمراهه ٿي وڃن، تنهنڪري
هنن کي شريعت تي هلڻ لاءِ ۽ ديني رستن وٺڻ لاءِ
صلاح ڏيندو هو ۽ پاڻ به ايئن ڪندو هو، ته ڀلي ڏسي
پيروي پيا ڪن، جو دين جي بانين به جيڪي رستا رٿيا
آهن، سي حقيقت ڪري سچ کان پري نه آهن، نڪي جهِل تي
ٻڌل آهن، رڳو سمجهه جو ڦير آهي.
]
سندس راڳ جو شوق
[
شاهه عبداللطيف جي رستن ۽ عادتن جي بيان ڪندي،
اسان کي (سندس) هڪڙي وندر وڻي آهي، اُها هي آهي ته
شاهه صاحب کي راڳ ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو ۽ راڳ
مان ڏاڍي لذت ايندي هيس
. اهڙو موهجي ويندو هو،
جو پنهنجو سماء به ڪين پوندو هوس بلڪ هڪ عي ويندو
هو .
جياپو ته راڳ تي هئس پر موت به راڳ تي آيس. سڄي
ڄمار ۾ هن کي اها وندر هوندي هئي
. جو پاڻ جيڏا ٻه ٽي ڄڻا گڏ ڪري، ويهي ڳائيندو هو
۽ سرود وڄائيندو هو
. راڳ به دنيائي يا مجازي عشق جو ڪين هئس، نڪو
ڳاڙهن چپن بابت، نڪو گلابي ڳلن بابت نڪو اکين
ڪارين بابت، نڪو اڇن پيشانين بابت، اهي ته سڀئي
شيطاني سامان هئا
. صوفين جا راڳ ۽ فقيراڻا راڳ وڻندا هئس
. راڳ جي معنيٰ
اها سمجهڻ نه گهرجي ته ڪڃرين جو راڳ آهي، انهن
راڳن سان ته اصل نه پئي هئس
. جهڙيءَ طرح مون مٿي ذڪر لکيو آهي ته رڳو هڪڙي
گلان نالي وٽس آئي هئي، جنهن کان راڳ ٻڌائين ۽ هن
کي دعا ڪئي هئائين، جو پوءِ هو ميان جي راڻي ٿي
ويئي
. ليڪن ٻين کي جهليندو هو ته ”اهڙن ماڻهن کي
ويجهو نه وڃو، متان ڦاسي پئو.“ مطلب ته زالن کان
نفرت وٺندو هو. ايتري قدر قاعدو جاري ڪيائين ته
”جنهن ماڻهوءَ ڪنهن کان سڱ ڇڪيو هجي ۽ پريندي جواب
مليو هجيس، پر پوءِ ميڙ ڪري اهو سڱ ورتو هجيس ته
اهڙو ماڻهو منهنجي گادي تي ويهڻ جو لائق نه آهي.“
شاهه صاحب کي خبر هئي ته مسلمانن وٽ راڳ حرام آهي،
تڏهن به انهي ڳالهه تي ڌيان ڪين ڏيندو هو، جو ان
کان سواءِ سرندي ڪانه هيس
. ڪيترائي ڀيرا اهڙي تهمت مٿس رکيائون
. هڪڙي ڀيري ته ڳچ جيترا ملا مولوي گڏجي وٽس آيا ۽
منجهن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي به هو. هنن کي پري کان
ايندو ڏسي، شاهه صاحب حڪم ڏنو ته جيڪي ساز هتي پيا
آهن، سي کڻي اندر ڪوٺيءَ ۾ وجهي ڇڏيو. پوءِ ته هو
آيا ۽ اچي ويٺا. راڳ جو گفتو چوريائون ۽ گهڻيون
حجتون آندائون ته ”راڳ حرام آهي، مسلمانن کي جائز
نه آهي.“ شاهه صاحب ماٺ ڪري ويٺي ٻڌو. پوءِ جڏهن
بس ڪيائون، تڏهن هڪڙو مثال ڏيئي ٻڌايائين ته ”ڪو
وڻ هجي، جنهن مان خلق کي گهڻو فائدو پهچندو هجي،
سو سُڪڻ تي اچي ۽ نڪي پاڻي جو دٻو سڻائو هجي ته
اهڙو پاڻي وڻن جي پاڙن ۾ ريج لاءِ وجهجي يا ڇڏجي
ته صاف پاڻي ڪونهي،تنهنڪري ڀلي سڪي وڃي.“ تڏهن هنن
چيو ته ”اهڙي حالت ۾ اهڙو پاڻي ڏيڻ جائز آهي.“
تڏهن شاهه صاحب چيو ”منهنجي دل ۾ الٰهي محبت جو وڻ
آهي، جو جيستائين راڳ نٿو چوان ۽ ٻڌڻ نٿو ڪريان،
تيستائين سڪندو وڃي. ان کان سواءِ مون کي آرام نٿو
اچي ۽ ان جي وسيلي منهنجو سڄو ڌيان وڃو پنهنجي
خالق سان لڳي.“ اڃا ايترو چئي بس ڪيائين ته اندر
ڪوٺيءَ ۾ ساز وڄڻ لڳا. علمائن جا ته چپ چپن سان
لڳي ويا. پوءِ ماٺ ڪندي ويندا رهيا. پر سازن جو وڄڻ،
سا اها ڳالهه برخلاف آهي.
شاهه عبداللطيف کي اهو راڳ جو شوق هيئن پيدا ٿيو،
جو
ميان
نور محمد جي راڄ ۾، ۽ ڪي چون ٿا ته غلام شاهه جي
راڄ ۾ ٻه ڄڻا، دهلي کان آيا هئا، هڪڙي جو نالو
”اٽل“ ۽ ٻئي جو نالو ”چنچل“ هو. اهي راڳ ۾ هوشيار
هئا. ميان جي معرفت هو شاهه صاحب جا واقف ٿيا ۽
وٽس گهڻو گذاريندا هئا ۽ ڳائيندا وڄائيندا هئا ۽
شاهه پنهنجي ڪلام مان به چونڊ چونڊ هنن کي ياد
ڪرايا. پاڻ ڪين ڳائيندو هو. پر ٻڌندو ۽ گهڻو
سمجهندو هو. هو ڳائيندا هئا ته هو هٿن جا نُنهن
نُنهن تي هڻي تال وٺندو هو ۽ راڳ جي ٻڌڻ ۾ محو ٿي
ويندو هو. درد به اتي، خوشي به اتي هئي. سرهو به
هو، اکين مان ڳوڙها به ڳاڙيندو هو. نيٺ دم به اهڙي
حالت ۾ ڏنائين.
]
سندن مريدن جو اعتقاد[
اها رسم ڳائڻ وڄائڻ جي سندس وفات کان پوءِ به سندس درگاهه تي
هلي ۽ اڃا سوڌو جاري آهي. جمعي جمعي جي رات گهڻا
ماڻهو اچي مڙندا آهن ۽ فقير، شاهه صاحب جو ڪلام
دردناڪ آواز سان چوندا آهن ۽ ساز وڄائيندا آهن.
]
سندس راڳ جو عجيب اثر[
عجب جي ڳالهه ته اها آهي، جو جيڪڏهن راڳ جو شاهه صاحب جي دل تي
هيترو اثر ٿيندو هو ته سندس مريدن تي به گهٽ اثر
ڪين ٿيندو هو ۽ هو راڳ تي مست ٿي ويندا هئا. تپ جو
جوش اچي چڙهندو هون. چون ٿا ته مريدن جي تپجي پوڻ
جي خبر شاهه صاحب کي ڪيائون ۽ علاج ان جو پڇيائون.
شاهه صاحب صلاح ڏنن ته جمعي جمعي جي رات منهنجي
پيءُ سيد حبيب شاهه جي درگاهه تي وڃي ڳايو. هنن
ائين ئي ڪيو ته تپ لهي وين ۽ وري اهو وچ ۾ ڇڏي
ڏنائون ته وري تپجي پيا هئا. تنهنڪري به وڃي ائين
ڪيائون. انهي وقت کان وٺي اها رسم هلي ٿي اچي.
]
متفرقه ڳالهيون[
هاڻي اسين پڙهندڙن جي خوشي لاءِ ڪي متفرقه ڳالهيون لکنداسين،
جنهن مان شاهه صاحب جي هلت چلت ۽ ڪرامت ۽ هوشياري
۽ طبع جي چالاڪي ۽ ٻين گُڻن جي خبر پوندي اهي
ڳالهيون اسان معتبر ماڻهن کان ٻڌيون آهن.
]
شاهه صاحب جي هلت ۽ چلت جو بيان[
هڪڙي سيد جهنگ ۾ ڳئون پئي چاريون. شاهه عبداللطيف پنهنجي فقيرن
سوڌو اچي اُتان لنگهيو. سيد کلي چيس ته ”ڇو هيتري
خلق خداءِ جي رلائي خراب ڪئي اٿئي. جو ويچاري جو
خراب حال آهي.“ شاهه وراڻيءَ ۾ هن طرح سان جواب
ڏنس ته ” سائين! تنهنجو اولاد انهيءَ
کان به وڌيڪ خلق کي خراب ڪنڌو.“ پوءِ نيٺ انهيءَ
سيد مان ”راشد شاهي“ پير پيدا ٿيا، جي روهڙيءَ جي
ويجهو ”ڪنگريءَ“ ۾ رهندا آهن. هنن کي مريد خدا
وانگي پوڄيندا آهن ۽ هنن ڏي ايترو اعتماد ۽ اعتقاد
اٿن، جو سندن نسبت ۾ اجايون ڪفر جهڙيون ڳالهيون
ڪندا آهن. اهي ”حرن“ جي نالي هيٺ مشهور آهن، جو
اڃا تائين آهن.
هڪڙو انڌو ماڻهو، شاهه عبداللطيف وٽ آيو ۽ اچي چيائين ته ”اي
صاحب مون کي دعا ڪر ته اکين جي روشنائي ٿئي.“ شاهه
انهيءَ مهل ته عروج جي حالت ۾ هو. جهان جي خبر
ڪانه هيس. ٿوريءَ دير کان پوءِ انڌي جي اکين ۾
روشني ٿي. خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو. جڏهن شاهه
تان اها حالت گذري ۽ فقير کي نهايت خوش ڏٺائين،
تڏهن پڇيائينس ته ”هيتري خوشي ڇا تي ٿو ڪرين؟“ هن
چيس ته ”آءٌ هتي انڌو آيو هوس، توکان دعا گهريم ته
منهنجون
اکيون
سڄيون ٿي پيون.“ شاهه صاحب چيو ته : ”اي ميان! مون
کي خبر ڪانهي. جنهن تنهنجو عرض ٻڌو، انهيءَ جي دعا
سان تنهنجون اکيون ٿيون.“ پوءِ وري هي بيت چيائين:
سوئي راهه رد ڪري، سوئي رهنماء
و تعز من تشاء وتذل من تشاء.
پوئين سٽ قرآن شريف جي آيت آهي، جنهن جي معنيٰ
هيءَ آهي ته : ”عزت ڏي واسطي انهي شخص جي گهري، ۽
ذلت ڏي واسطي ان شخص جي گهري عزت ۽ ذلت ان جي هٿ
آهي.“
جڏهن شاهه عبداللطيف لاهوت ڏي وڃڻ جي تياري ڪئي، تڏهن سندس والد
حبيب شاهه منع ڪيس ته ”اي ابا! اهڙي هنڌ وڃڻ جو
ڪهڙو ضرور آهي، جو ان رستي ۾ گهڻا جاکوڙا ڪرڻا پيا
آهن ۽ گهڻيون آفتون آهن، جن مان جان جي وڃڻ جو خوف
آهي. سو تون ايڏاهين هرگز وڃڻ نه ڪر!“ تنهن تي
شاهه صاحب هي بيت ورندي ۾ چيو آهي:
نڪو جن جهان ۾، نڪو سجهي نانگ
سسئ ڇڏيو سانگ، ته ڇپر مڙئي ڇاڙڪي.
پر عاشق سچن کي دوست ۽ دشمن جي ڪا پرواهه نه رهندي
آهي.
هڪڙي ڏينهن فقيرن جي ڪچهري ۾ شاهه صاحب جي روبرو ڪنهن ڳالهه ڪئي
ته ”فلاڻي جي زال پنهنجي يار سان ڀڄي وئي.“ تڏهن
شاهه چيو ته ”سچ ڀڄي وئي؟“ چيائون ته ”هائو“ شاهه
هن کي چيو ته ”شاباس هجيس، ڪرڻ به ائين گهربو
هوس.“ ائين چئي پنهنجي خيال ۾ ٽٻي کائي ويو. فقيرن
پڇيس ته ”ايتري ڳڻتي جو ڪهڙو سبب آهي؟“ شاهه چيو
ته ”ڏسو ته سهي ته هڪڙي ضعيف زال اهڙي همٿ ڪئي جو
پنهنجي يار سان هلي ويئي آهي، اسان مڙس ماڻهن ۾
ايتري همٿ نه آهي جو پنهنجي يار سان هليا وڃون.“
يعني پنهنجي خدا سان.
هڪڙي ڀيري شاهه عبداللطيف ڪنهن وڻ جي ٿڙ ۾ وڃي لڪو ويٺو هو ۽
ويٺي تسبيح تي خدا جو نالو ياد ڪيائين ته اتي ڪي
ٻه ڏڌ
واريون اچي نڪتيون. ڇانو ۾ ويهي ساهه کنيائون ۽ هڪ
ٻئي سان پنهنجو حال اورڻ لڳيون. هڪڙي ٻيءَ کي چيو
ته ”ادي! هن مهيني ۾ آءٌ پنهنجي يار کي هيترا ڪَ
هيترا ڀيرا ملي آهيان. تون پنهنجي يار کي ڪيترا
ڀيرا گڏي آهين؟“ هن ٻيءَ چيو ته: ”ڪهڙا ڀيرا ٿي
پڇين؟ ادي! يارن سان وري ڪهڙا ليکا آهن؟“ شاهه
صاحب جو ڪن ڏيو هنن جي ڳالهه پئي ٻڌي، تنهن کي هن
پوئين زال جو اشارو بس هو. تسبيح کڻي پاسي تي
اڇليائين، جو ڄاتائين ته ’سچ يارن سان ڪهڙا ليکا
آهن! جيترو ٿي سگهي اوترو ان کي ياد ڪرڻ گهرجي.‘
]
ڪرامتن ۽ هوشياري وغيره بابت[
ڀٽ ڌاري هڪڙو ٻڪرار رهندو هو، انهي کي شاهه صاحب جي فقيرن جي
سنگت اهڙي اچي وڻي، جو ڏهاڙي پنهنجو ڌڻ جهنگ ۾ ڇڏي
اچي شاهه صاحب جن وٽ ويهي رهاڻ ڪندو هو. ٻه ڪُتا
هوندا هئس، اهي ڌڻ ۾ ڇڏي ايندو هو جي نگهبان هوندا
هئس. هڪڙي ڀيري شاهه صاحب سان مرڪي ڳالهه ڪيائين
ته ”منهنجا ڪتا اهڙا خبردار آهن جو آءٌ پنهنجو ڌڻ
سندن سنڀال هيٺ ڇڏي اچان ٿو ته ڪنهن کي هٿ لائڻ به
نٿا ڏين.“ شام جو جڏهن گهر ويو ته تڏهن ڏسي ته ٻه
ٽي ٻڪريون گم آهن. وڃي ڳولا ڪيائين، ڏسي ته چراخن
ماري ڇڏيون آهن.
ٻئي ڏينهن به انهيءَ طرح چراخن ٻه ٽي پَهروُ ڦاڙي وڌا. جڏهن وري
شاهه صاحب وٽ آيو، تڏهن اهو احوال ڪري ٻڌايائينس.
شاهه صاحب چيو ته ”اي ابا! جيسين تو ڀانيو ته آءٌ
پنهنجو ڌڻ الله تعاليٰ جي سنڀال هيٺ ڇڏي ٿو اچان،
تيسين وار جو زيان ڪونه ٿي ٿيو. جڏهن چيئي ته ڪتن
جي سنڀال هيٺ ڇڏيو اٿم، تڏهن تنهنجو ايترو نقصان
ٿيو آهي.“
ننڍي هوندي شاهه صاحب گز ڪمان سان راند ڪندو هو، ٺڪر ڀتر چٽيندو
هو. هڪڙي ڏينهن مرزا لعل بيگ جي ڌيءُ
بيمار هئي، سو شاهه جي پيءُ سيد حيبب شاهه کان
تعويذ لکائڻ آيو هو. سيد تعويذ لکي مرزا صاحب جي
هٿ ۾ ڏنو. شاهه صاحب جنهن پاسي ۾ راند ٿي ڪئي.
تنهن جي هٿن مان جو اتفاق سان گز ڇٽي، سو مرزا جي
هٿن وچان، تعويذ منجهان لنگهي هليو ويو. اهڙيءَ
طرح جو هٿن کي به ايذاءَ نه ٿيو. پوءِ اها ساڳي
بيبي، جنهن جي لاءِ اهو تعويذ هو، سا شاهه جي گهر
واري ٿي.
جاني ڏيرو،
ڀٽ
جي آسپاس هڪڙو زميندار
هوندو هو، اهو شاهه صاحب سان ٺهيل نه هوندو هو.
هڪڙي ڏينهن شاهه صاحب بلال شاهه جي ڳوٺ کان موٽي
ڀٽ تي ٿي آيو ته رستي ۾ هڪڙو ڇوڪر ڏٺائين، جنهن
مينهون ٿي چاريون. نالو پڇيائينس، چيائين ته
”عنايت پٽ جاني ڏيري جو آهيان.“ خير، شاهه صاحب
هليو ويو. ڇوڪر کي اچي دل ۾ پئي ۽ شاهه جي سنگت
وڻي ويس سو مينهون ڇڏي سندس پٺيان لڳو ۽ وڃي ڀٽ تي
ويٺو. سج لٿي به گهر نه ويو. جڏهن پڻس کي خبر پئي،
تڏهن ڏاڍي ڪاوڙ ڪندو ڀٽ تي آيو. ۽ اچي شاهه کي
چيائين ته ”اسان جو ڇوڪر ٿو کارين!“ شاهه چيس ته
”فقير! اسان توهان جي ڇوڪر جي نانءُ نشان نه ورتو
آهي، پاڻهي هتي اچي ويٺو آهي.“ پوءِ ته هو بيعقل
ڇوڪر کي ڌڪ چنبا هڻي ۽ بجا ڏيئي وٺي هليو ويو. ذري
کان پوءِ وري ڇوڪر آيو، وري به پڻس موچڙا هڻي وٺي
ويو. پوءِ انهي ڳالهه کان ڇوڪر نه رهي، وري وري
پيو اچي. جڏهن اٺون ڀيرو جاني ڏيرو ڇوڪر کي وٺڻ
ڪاڻ آيو، تڏهن شاهه صاحب هي بيت چيس، جو سندس
رسالي ۾ اچي ٿو، جو اُتي به لکيو ويو آهي:
جاني جڙي
ٻنڌ،
عناتا اوتاهين
چکي ته چريو ٿئي، ميخاني جي منڌ
آهي گهڻو اوکو فقيري جو فند
ڪين ڪڍندو ڪنڌ، منجهان سِڪ سيد چوي.
اهو ساڳيو عنايت پوءِ شاهه صاحب جو مريد ٿيو هو ۽
بيت ٺاهيندو هو، جي شاهه صاحب کي گهڻا وڻندا هئا،
۽ سندس نالو شاهه جي بيتن ۾ به ڪٿي ڪٿي اچي ٿو.
]
سندس ٻيون ڳالهيون تن جو بيان[
هالن جي
قوم مان ڪي گهر شاهپور ۾ هئا ۽ اتي جو وڏيرو ”ڏهير
پليجو“ هو. هن وڏيري شاهه عنايت سان ڪا اجائي هلت
ڪئي هئي، تنهنڪري شاهه عنايت پٽيو هوس. سو هاڻي
شاهه عبداللطيف وٽ ڀڄي آيو ته هن کان دعا پني ۽ هو
شاهه صاحب کي دعوت ڏيو وٺيو ٿي ويو. رات اها وچ تي
راهوجن جي ڳوٺ ۾ پين، پر انهن ماڻهن، شاهه جي
فقيرن سان رهائي ڪانه. نه ڪا سندس خذمت ڪيائون.
سڄي رات ويچارا بک مئا ۽ ڳوٺ جي زالن جون جٺيون
جهليائون. جڏهن شاهه کي خبر پيئي، تڏهن چرچي مان
هي بيت چيائون:
راهوجن ۾ رات، شال قادر وجهي نه ڪنهن جي
رنون رب رلايون، آهر اڳلي واٽ
پليجن کان پاٽ، ڀرجي آئي ڀت جي.
هڪڙي ڏينهن ڪنهن مهاڻي، پلو آڻي شاهه صاحب کي ڏنو. شاهه ڏنو
فقيرن کي پچائڻ لاءِ. پلي جو ڦوٽو جو نڪتو، سو
فقيرن وڃي پچائي کاڌو، جو فقير ’بچو‘ نالي هو ۽
’محمد عالم‘ فقير وري پلي جي پڇڙي، بورچي کان وٺي
کاڌي. جڏهن پلو پچائي شاهه وٽ آيا، ۽ دستور موجب
فقيرن کي ورهائي ڏنو ويو، تڏهن معلوم ٿيو ته فلاڻا
فلاڻا پلي مان ذرو ڪڍي ويا آهن. تنهن تي چرچي مان شاهه هي بيت چيو
ته:
ڦوٽو هيو فڪرو، وروءَ ور پيو
ڪاڙهو ڪلين تي، بچي پر ڪيو
آيو جو ٽيو، تنهن پڇڙي ني پاڻ سان.
محمد عالم فقير البت عزت وارو ماڻهو هو، تنهنڪري سندس نالو بيت
۾ نه آندائين، بلڪ لڪائي بيان ڪيائين. شاهه صاحب
جي فقيرن منجهان ٻن ڄڻن ’هڏاڪٽ‘ ’راهن‘ جي ڳوٺ
ڌاري باراني پوک ڪئي هئي. جڏهن پڪي تڏهن شاهه صاحب
کي اتي وٺي ويا. شاهه صاحب کي ڏڌ گهڻو وڻندو هو.
ڏڌ گهريائين، پر ’راهن‘ جي ڳوٺ جون زالون ڏڌ کڻي
پاسي ۾ ’گجڻ‘ جو شهر آهي، اتي وڪڻڻ وينديون هيون،
تنهنڪري شاهه صاحب کي ڏڌ ڪين ملي سگهيو. تنهن تي
شاهه صاحب چرچي مان هي بيت چيو ته:
هڏاڪٽيون هليو، ڪپيارون ڪَهي
ڇڏيائون ڪانه پٺ تي، سندي ڏڌ ڏهي
گجن سان گهي، اونڌا
ڪري آئيون.
هڪڙي ڀيري شاهه صاحب، سناسين سان گڏ جبل ڏي هليو هو، اتفاقاً
انهن منجهان هڪڙو بيمار ٿي پيو هو. انهي جماعت جو
اهو دستور هوندو هو
ته واٽ هلندي سنگتي ڪو منجهائن بيمار ٿيندو هو ته
انهي
کي
ڇڏي هليا ويندا هئا. سو انهي بيمار کي به ائين
ڪيائون. پر شاهه صاحب کي انهي تي رحم آيو ۽ پنهنجي
سنگتي کي هيڪل ڇڏڻ روح نه ٿيس. تنهنڪري ان سان پاڻ
رهجي پيو ۽ جيڪا خدمت پڄي سگهيس سا ڪيائين. خدا
ڪيو ته فقير چڱو ڀلو ٿيو ۽ ٻئي ڄڻا اٿي گڏجي هليا.
اتفاق سان هو ٻيا رستو ڀلجي
وڃن، سو رستو رلي رلي مس منزل تي آيا. ڏسن ته
اولياء ۽ فقير صاحب بيمار اڳئي ويٺا آهن. تڏهن
اولياء صاحب کي آفرين ڪيائون ۽ انهي ڏينهن کان
وٺي، ڪنهن سنگتي کي پٺ تي نه ڇڏيائون ته هو ويچارو
ماندو نه ٿئي.
هڪڙي ڏينهن ڪنهن فقير ڳئون ويٺي ڏڌي ۽ گابي کي پري ٻڌي ڇڏيو
هئائين، جنهن ماءُ وٽ اچڻ لاءِ ٿي تاڻيو. شاهه
صاحب ڏسي چيو ته خدا جي واسطي هن ويچاري کي ڇڏ ته
وڃي ماءُ جو کير پئي، جنهن جي لاءِ هي کير آهي. هن
نٿي ڇوڙڻ جي ڪئي، پر شاهه زور سان گابو ڇوڙي ڇڏيو،
سو اچي ماءُ کي ڌائڻ لڳو، ۽ ٿونا هڻي نچوئي سڀ ٿڻ
خالي ڪري ڇڏيائين. تڏهن شاهه صاحب فرمايو ته ”طالب
کي گهرجي ته جنهن مطلب جي طلب هجي، تنهن کي اهڙي
طرح حاصل ڪري.“
هڪڙي ڏينهن اولياء صاحب رستي جي ڀر ۾ ويٺو هو ته ڪي مسافر اتان
اچي لنگهيا، جي حج تي ٿي ويا. اولياء صاحب به ان
مهل پانهنجي پهه ۾ ويٺو هو، تنهن کي به اچي دل ۾
ٿيو ته ساڻن گڏجي روانو ٿيڻ گهرجي. هڪڙي منزل تي
ڪنهن پاڻي جي دٻي تي اچي منزل ڪيائون. اتي ڏسن ته
ڌڻ ٻڪرين جو پري کان پاڻي ڪاڻ پيئڻ لاءِ دُٻي تي
ڊوڙندو اچي. ٻڪريون پاڻي پي ڍُءَ ڪري منهن ڦيرائي
بيهي رهيون ۽ وري پاڻي ڏي خيال نه ڪيائون، تڏهن
شاهه صاحب هي بيت چيو ته:
ڏوريان ڏوريان مَ لهان،
شال مَ ملان هوت
جيءَ اندر جا لوٿ، مڇڻ سان ماٺي ٿئي.
ائين چئي اڳتي هلڻ جي دعويٰ ڇڏي، پٺتي موٽڻ لڳو. پوءِ اتان اچي
ڀٽ تي نڪتو. چون ٿا ته انهي سفر ڪرڻ کان پوءِ ڪڏهن
ٻاهر نه نڪتو. پوءِ وري شاهه صاحب اهو سفر ڪيو،
جڏهن ڪربلا معليٰ جي زيارت لاءِ سنڀريو هو. ٻيو
سفر وري ڪوبه ڪونه ڪيائين.
باب ستون
شاهه جو رسالو، ان جو جڙڻ ۽ ان جون جدا جدا ڇاپون،
انهن تي راءِ، شاهه صاحب جي ڪلام جي خاصيت، شعر جو
قسم ۽ ان جو نمونو، سرن جي جوڙجڪ، رسالي جا ڀاڱا،
شاهه صاحب جي شعر جي ماهيت، شاهه عبداللطيف ۽ حافظ
شيرازيءَ جي ڀيٽ، سندس شعرن جون ٻه ٽي معنائون،
نبيءَ جي ڪلام سان
مشابهت.
]
شاهه جو رسالو، ان جو جڙڻ ۽ ان جون جدا جدا
ڇاپون، انهن تي راءِ[
اسان مٿي چيو آهي ته شاهه عبداللطيف پانهنجن هٿن سان ڪي به ڪين
لکيو، جيڪو ڪلام چيائين ٿي سو جدا جدا وقتن ۽ جدا
جدا جاين تي ۽ چيائين به زباني ۽ عجيب ٿي، جو سندس
مريد ۽ فقير لکي وٺندا هئا ۽ پوءِ پيا ڳائيندا
هئا. انهي طرح فقيرن شاهه جا ڪلام ٿي گڏ ڪيا، جي
پوءِ شاهه صاحب پنهنجي وفات کان اڳ ٿورا ڏينهن هٿ
ڪري، ’فرار‘ جي ڍنڍ ۾ اڇلائي ڇڏيا ۽ سندس مطلب اهو
هو ته متان عاصي ماڻهو اهو ڪلام نه سمجهن ۽ درويشن
جي ابتڙ ٽوپن تي گمراهه ٿي هلن يا اجائي شڪايت پيا
ڪن. پر سندس وفات کان پوءِ اڃا ڪو ڪتاب ڪنهن فقير
وٽ رهيو پيو هو، جو پوءِ فقيرن ڀيٽي صحيح ڪري،
سُرن موجب جوڙي گڏ ڪيو ۽ اهو ٿيو ”شاهه جو رسالو“.
اهو رسالو تنهن کان پوءِ ڪيترا ڀيرا ڇاپو ٿيو آهي. هڪڙو ’ٽرمپ‘
صاحب جي اهتمام سان، جرمني جي ليپزگ شهر منجهه سنه
1866ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو قاضي صاحب ابراهيم جي سعيي سان
بمبئي منجهه سنه 1867ع ۾ ڇپيو. معلوم ٿو ٿئي ته
ٽيو ڇاپو به بمبئي جو آهي، جا اڃا به غلط آهي.
پهرين ڇاپ لوهي قلم ۾ آهي ۽ ٻي ڇاپ هٿ جي لکيل
آهي. پويون نسخو بمبئي جي ڇاپ وارو اصلڪي رسالي جو
نقل چوڻ ۾ اچي ٿو. انهن ٻنهي صاحبن کي آفرين آهي،
جو سنڌ جي ماڻهن لاءِ فائدي جهڙو ڪم ڪيو آهي. پر
انهن ٻنهي نسخن ۾ ٿورا ٿورا عيب آهن ۽ سهوون ۽
غلطيون
تنهن کان سواءِ. ٻنهي ۾ اڳهين واري اڳوڻي صورتخطي
لکيل آهي ۽ هاڻي جو رواج عربي سنڌي ۾ آهي، سو ٻيءَ
طرح آهي. جيڪي ماڻهو سرڪاري مڪتبن مان پڙهي ٿا
نڪرن تن کي اها اڳوڻي صورتخطي تمام اوکي ٿي لڳي ۽
منجهي ٿا پون، تنهنڪري رسالي جهڙي عجيب ڪتاب کي
چتائي پڙهڻ کان محروم ٿا رهن. اگرچ سرڪاري تعليم
کاتي لاءِ رسالي جو انتخاب هاڻوڪي عربي سنڌي ۾
آهي، پر اهو مختصر
آهي ۽ رڳو ٻارن جي پڙهڻ لاءِ رٿيو ويو آهي. پر اهو عيب انهن نسخن ۾
هي آهي ته ٽرمپ صاحب واري ڪتاب ۾، سڀ سُر ڏنل نه
آهن. ڏهه سُر
۽ ٻيون سي حرفيون يعني ’الف – بي‘ ڇڏي ڏنا اٿس، جي
بمبئي واري ڇاپ ۾، جو صحيح نسخو آهي، ان ۾ موجود
آهن. پر وري انهي نسخي ۾ ٽن سرن جا ڀاڱا
ڏنل
آهن:جي
ٽرمپ صاءب واري ڪتاب ۾ ڏنل نه آهن،اهي هي آهن: بروو سنڌي ڇوٽڪو، آبري ڇوٽڪي، ۽ ڪاپاتي مت. اگرچ بروي
ڇوٽڪي ۾ شاه جو ڪلام ڪونهي، ’خاڪو‘ ۽ ’حيات‘ جا
بيت چيل آهن. وري ٻي اها ڳالهه ته هن بمبئي ڇاپ
واري ڪتاب ۾ ڪي ڀاڱا آهن، جي شاهه جو ڪلام نه آهن.
جهڙي طرح بيراڳ، هير رانجها، ڍول مارئي ۽ ٻئي سي
حرفيون انهن ۾ سنڌي، سرائڪي، پارسي ۽ سنڌي ٻولي جا
شعر آهن، جي ڀائنجي ٿو ته شاهه صاحب وٽ انهن سرن ۾
ڳائيندا هئا، تنهنڪري کڻي لکيا اٿن. ڪن جاين تي
شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جا بيت آهن. جنهن کي
شاهه ڪريم جي ڪلام جي خبر نه هوندي، سو بلڪل سهي
ڪري ڪين سگندو. مثال لاءِ اسين ٻه- ٽي بيت هت ڏيون
ٿا، جي رسالي مان آهن، جي شاهه ڪريم جا آهن:
بيت
1-
لله ڇڏ مَ لک سين، لام لوڌي ڪڍ
جو مظهر سندو مارئي، تنهن کي ڪري
رد.
2- لا لاهيندي ڪن کي، لا موراهين ناهه
ڪين ڏسجي ڪي ٻيو، بالله ري پريان.
3- وئي جي وهرو ڪري، ڏوروءن پسي ڏور
ته ماڪرائي مڇڙا هوند نه پئي هور.
ٻيو معلوم ٿئي ٿو ته انهن بيتن مان ڪي قاضي قاضن جا آهن، جي
شاهه ڪريم جي تصنيف وانگي آهن.
انهن سڀني ڳالهين تي ڌيان ڏئي ڏسبو ته صحيح ۽ سچو نسخو، جو شاهه
جي رسالي ۾ گهربل آهي، ته سگهوئي ڪنهن علم واري
کي دل ۾ خيال پوندو، جو اهڙو ڪتاب ڇاپائي پڌرو
ڪندو ته پڙهڻ وارا پڙهي، خوش ٿي دعا خير جي ڪندا.
ڏسڻ ۾ ايندو جو شاهه جي رسالي جو پهريون مصرع هاڻوڪن نسخن موجب
هي آهي: ”اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي“. پر
جئين مٿي چيو ويو آهي ته درحقيقت رسالي جو بيت اهو
آهي، جو مثنوي روم واري جو پهريون ترجمو آهي، اهو
بيت هي آهي:
بيت:
وڍيل ٿي واڪو ڪري، ڪٺل ڪوڪاري
هن
پڻ پنهنجا ساريا، هو هنجون هڏن لئي هاري.
چون ٿا ته شاهه عبداللطيف پنهنجي حياتي ۾ سڀ کان پويون ڪلام
جيڪو چيو هو، سو هي وائي آهي، جا سُر سهڻي جي
پهرئين فصل يا داستان جي پڇاڙيءَ ۾ ڏنل آهي ۽ ان
جو ٿل يا مهڙ هي آهي:
مصرع
ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ري.
]
شاهه صاحب جي ڪلام جي خاصيت[
شاهه صاحب جي ڪلام ۾ جيڪي خاصيتون آهن، تن تان ماٺ ڪري گذارڻ نه
گهرجي. ٿوريون گهڻيون اسين هت ڏينداسين.
اگرچه شاهه صاحب مسلمان هو، عربي، پارسي ٻوليءَ مان واقف هو،
تڏهن به گهڻو ڪري، نج (سنڌي) لفظ ڪم ۾ آندا اٿس ۽
پارسي ۽ عربي لفظن کي اهڙو نه وچڙيو آهي، جيترو هن
وقت جا اڪثر مسلمان وچڙن ٿا. رڳو جڏهن تصوف جا يا
ٻيا اصطلاحي لفظ ڪم ۾ آڻي ٿو، تڏهن سو عربي لفظ ڪم
۾ آڻي ٿو. رسالي ۾ ڪي پارسي لفظ ٿورا هوندا، ڪي
ٻه- ٽي جملا مس ڏسجن ٿا، جهڙو سر ڪوهياري جي ستين
داستان ۾ آهي ته:
منزل دور من تنها، جت ڪن ٻوليون ٻاٻيها
اتي ڀانئجي ٿو ته اڌ بيت پارسي مصرع ڪم ۾ آندو
اٿس، جا هيئن آهي:
مصرع: شب تاريک ره باريک و منزل دور من تنها
ٻئي هڌ وري سُر سهڻي جي پهرين داستان ۾ چوي ٿو ته:
مصرع: ”سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد، وصل اهو
ئي ونگ“ هتي اها پارسي مصرع ڪنهن ٻئي شاعر جي آندي
اٿس. ڪنهن ڪنهن هنڌ وري ٻروچڪي جا جملا آندا اٿس،
جي اڪثر جتن جي ڪم جا آهن. جيئن ته هيٺئين بيت ۾ آهن:
بيت
برو ڦازان بات جن جي، ٿانگ روان ٿيشي
هن ڀي پهيو پاڻ ۾، ايزا بليشي
ليڙن رات لطيف چئي، نڌايو نيشي
پنهو پرويشي، ڪج پيادي پنڌ ۾.
(سر ديسي: داستان – 7)
شاهه صاحب ذو لفظي معنيٰ جو ڪوڏيو آهي. گهڻين جاين تي ساڳيا لفظ
ڪم ۾ آڻي ٿو، جن جي جدا جدا معنيٰ ٿئي ٿي. اسين
هڪڙو مثال ڏيون ٿا، جنهن ۾ ساهڙ جو لفظ ڪم ۾ آندو
اٿس:
بيت
جا هڙ اندر جيءَ جي، ساهڙ ڏني ساهه کي
سا هڙ ڇڙي نه ساهه جي، ساهڙ ساهڙ ريءَ
ساهڙ ميڙ سميع، ته سا هڙ ڇڙي ساهه جي.
(سُر سهڻي: داستان – 5)
بعضي واري ساڳيءَ سٽ ۾ اهڙا لفظ آڻي ٿو، جن جي منڍ جو اکر هڪڙي
اُچار وارو آهي. گهڻو ڪري سندس ڪلام ۾ هيئن آهي ۽
اهو رستو اهڙو مٺو ٿو لڳي جو ڀانئجي ته پيو ٻڌجي.
بعضي ته هڪڙي مصرع جو اڌ يا ڪو ڀاڱو ڪيترن بيتن ۾
هڪٻئي پٺيان ورائي ورائي ٿو آڻي. پوءِ يا پهرين
مصرع ۾ يا پوئين مصرع ۾، جي تمام حظ ڏين ٿا.
بعضي بيتن ۾ وري ٻين جي بيتن جون مصراعون يا ڀاڱا تضمين وانگي
آڻي ٿو. انهي شاعر جو نالو اتي جو اتي ڏئي ڇڏي ٿو،
جهڙيءَ طرح:
بيت:
مند ٿي منڊل وڄئا، موٽي آيو مينهن
لال پرين لکمير چوي، ساريم سارو ڏينهن
جني نيڻن لايو نينهن، سي پرين پيهي گهر آئيا.
(سارنگ – 4)
ڍٽ ڍري پٽ پيون، وڄن ڪيا ورن
اونهين تي عيسو چوي، ڇاڇر سڀڪا ڇن
جي محب اندر من،سي پرين پيهي گهر آئيا.
(سارنگ – 4)
اهڙي طرح ’جُوڻي‘ ۽ ’محمود‘ جون مصراعون بيتن واريون لکيون اٿس
۽ عنايت جو نالو به ڪن بيتن ۾ آندو اٿس. ماڻهو
سمجهندا آهن ته اهو شاهه عنايت جو نالو آهي، جنهن
جا بيت ڪم ۾ آندا اٿس، پر ائين نه آهي، اهو عنايت،
جاني ڏيري جو پٽ، شاهه صاحب عبداللطيف جو مريد
آهي، جنهن جا بيت شاهه صاحب کي ڏاڍا وڻندا آهن ۽
دل کي پسند ايندا آهن ۽ ڪي چون ٿا ته شاهه پنهنجا
بيت ٺاهي محبت کان عنايت جو نالو وڌو اٿس، جو
انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ شبهو نه آهي ۽ سڄي ڳالهه
اعتبار جهڙي آهي، مڃڻ گهرجي.
اهڙو هڪڙو بيت اسان مٿي به ڏنو آهي، جو پڙهندڙن کي معلوم ٿيندو.
هڪڙو ٻيو بيت هتي ڏيون ٿا:
بيت
زر خريدي جتن جي، هي گولي بندي ڏاهه
آجپڻ عنايت چوي، هٿ آرياڻي آهه
سو مون سڏ سهاءِ، جئن ٻانهي ڪوٺين ٻاجهه سان.
(ڪوهياري- 3)
ڪنهن هنڌ وري پنهنجي ڏيهي وطن جي ڏيهه جي حب ڏيکاري اٿس. اگرچه
پاڻ ڌارين ملڪن ۾ گهمڻ ۽ سير ڪرڻ جو شوقين هو.
هيٺين بيتن ۾ سنڌ ملڪ کي دعا به ڪري ٿو ۽ رواجي
جغرافيه جي جيڪا خبر اٿس، سا به ان مان معلوم ٿئي
ٿي:
موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائون وار
وڄون وسڻ آئيون، چوءرنگ جو چوڌار
ڪي اُٿيون
استنبول تي، ڪن مغرب پار
ڪي چمڪيون چين تي، ڪي سمرقنڌ جي سار
ڪي رمي ويون روس
تي،
ڪي ڪابل ڪي قنڌار
ڪي دهلي دکن تي، ڪي گڙن ۾ گرنار
ڪي جنبيون جيسرمير ڏي، ڪن بيڪانير بهار
ڪن اچي عمرڪوٽ تي وسايا ولهار
سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار
دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد
ڪرين.
(سُر سارنگ: داستان- 4)
اسان مٿي ’شاهه عنايت‘ جو اشارو ڏنو آهي، اهو سيد شاهه
عبداللطيف جي ڏينهن ۾ هو ۽ انهي سان واسطو هئس.
تنهنڪري سندس مختصر احوال هتي هن هنڌ تي ڏيڻ ضروري
آهي.
شاهه عنايت رضوي نصرپور وارو، اصل روهڙي جو هو ۽ سندس اولاد
اڃان سوڌو ’شاهه پوٽا‘ سڏبا آهن، جو ڏهين امام
’علي نقي‘ جي نسل مان هو. هو چڱو شاعر هو ۽ شاهه
عبداللطيف وارن ڏينهن ۾ رهندو هو. هو پير مرد هو،
۽ شاهه صاحب تڏهن جوان هو. سندن ڪلام هڪ ڊول جهڙو
آهي، مگر هي تفاوت اٿن، جو شاهه عنايت جو ڪلام،
گناهن کان پاسو ڪرڻ ۽ موت ۽ قبر ۽ آخرت جي عذابن
کان ڊڄڻ ۽ ٻين خوف جهڙين ديني ڳالهين بابت آهي ۽
شاهه عبداللطيف جو ڪلام دل جي خوشي ۽ مرڻ جي سڪ ۽
انهن مان ڌڻي سان ملڻ ۽ سندس فضل ۽ رحم جي اميد
رکڻ بابت آهي. اهي ٻئي اولياء ۽ شاعر ڪڏهن ڪڏهن
ڪِن ڏي بيت چوائي موڪليندا هئا.
شاهه عنايت گهڻو ڪري پنهنجو سڄو نالو شعر ۾ ٿو آڻي. نه رڳو
عنايت، پر شاهه عبداللطيف پنهنجي شعر ۾ تخلص
وانگي، ڪڏهن ’سيد‘ ۽ ڪڏهن ’عبداللطيف‘ ۽ ڪڏهن رڳو
’لطيف‘ آڻي ٿو ۽ عام ماڻهو سندس ڪلام چوڻ مهل ڪڏهن
’لال‘ به چوندا آهن، جو مشهور آهي.
]
شعر جو قسم ۽ ان جو نمونو[
هاڻي سوال آهي ته شاهه جي ڪلام جو شعر ڪهڙي قسم جو آهي؟ يقين
آهي ته سڌريا ٻولين
۾ جا طرز شعر جي آهي، سا هن شعر جي ناهي. نڪو منجهس بحر آهي، نڪو
وزن آهي. نڪي علم عروض وارا ارڪان آهن. نڪي اصول
آهي. رڳو نالي جو رديف ۽ قافيو آهي. يعني سڀ ڪنهن
سِٽ يا مصراع جو پڇاڙيءَ جو هڪڙو يا ٻه اکر هڪجهڙو
آهي. اهو شعر بيتن جي صورت ۾ آهي. هڪ هڪ بيت ۾ ٻن
کان وٺي ڏهن تائين، بلڪه وڌيڪ به مصراعون اچن
ٿيون، جن جي پڇاڙي جو اکر هڪڙو آهي. مگر پڇاڙيءَ
واري مصراع جا اڪثر ٻه اڌ ٿيندا آهن، تن مان پهرين
اڌ جو قافيو، بيت جي ٻين مصراعن جي قافيي جهڙو
ٿيندو آهي. ڳچ جيترن بيتن کان پوءِ وري هڪڙو راڳ
اچي ٿو، جنهن کي وائي چون ٿا. انهيءَ ۾ به ٽي- چار
تُڪن واريون مصراعون آهن. هڪڙُو
ٿلهه يا مُهڙ آهي، جو ذري ذري سڀڪنهن مصراع جي
پڇاڙيءَ ۾ ڳائبو آهي. ڪنهن ڪنهن مهل وري هڪڙي
مصراع ۾ ڪا قرآن جي آيت يا حديث اچي
ٿي ته اها اِنگهي پوي ٿي. رڳو پڇاڙيءَ ۾ وڃي بيت وارو قافيو وٺي
ٿي. جهڙيءَ طرح هيٺئين بيت ۾ اشارو آهي، سمجهڻ آهي:
ڪونهي قادر ڪو ٻيو، انهي جو نڀاڳ
قل لن يصبنا الا ماڪتب الله لنا هو مولانا، اي
معدودي ماڳ
سڀوئي سڀاڳ، ماروي ماري ٿيو.
(سر ماروي: داستان- 4)
انهي کان علحدو ٻئي هڪڙي قسم جو شعر، ڪاپائتي جي سُر جي پڇاڙي ۾
ڏنل آهي، جو ٽرمپ صاحب واري نسخي ۾ ڏنل آهي، ۽
جنهن کي ’مت‘ چون ٿا. اهو پارسي مسمط آهي. ان ۾ ڳچ
جيترا بند آهن. هڪڙي بند ۾ ڇهه مصراعون هموزن آهن.
چئن مصراعن جو قافيو هڪجهڙو آهي، پوين ٻن جو ٻيو آهي ۽ انهن مان به پوئين مصراع يعني بند
جي ڇهين مصراع سڀڪنهن بند ۾ ساڳي آهي ۽ ورائي
ورائي اچي ٿي. اها هي آهي ”چرکو چوري ڪت ڪا تار.“
پر ڪي چون ٿا ته اهو شاهه جو نه آهي. سي حرفي وارا
بيت به ٻين بيتن وانگي آهن ۽ هڪ هڪ بيت ۾ ’الف-
بي‘ جو جدا جدا اکر آندل آهي. هڪڙي سي حرف ۾ سسئي
پنهون جو ذڪر آهي ۽ ٻيءَ ۾ سناسين فقيرن جي بابت
ذڪر آهي. هي به شاهه جا جڙيل نٿا چون. انهن بيتن
واري شعر جو نمونو، اصلي سنڌ ۾ رواجي هو. ڀَٽ ۽
ڳائڻا انهن ۾ جهونا قصا ڳائيندا وتندا هئا ۽ ٻڪرار
۽ ٻيا جهنگلي ماڻهو اهڙا بيت
اڳهين وڏي سڏ ڳائيندا هئا، جن کي ’لوڙائو‘ ڪري
چوندا آهن. اڃا تائين به ٻاهراڙيءَ جا ماڻهو اهڙا
بيت ڏيندا آهن. بعضي بعضي ويهي هڪڙو نڙ وڄائيندو
آهي
۽ ٻيو ويهي بيت ڏيندو آهي. اهو ساڳيو نمونو جو
هئو، سو شاهه کڻي هٿ ڪيو. اگرچه شاهه صاحب وٽ شاهه
عبدالڪريم جي ڪلام جو ڪتاب هو، تڏهن به انهي نموني
تي شاهه صاحب ڪلام نه چيو آهي. ڇالاءِ جو شاهه
ڪريم جا بيت فارسي بيتن وانگي رڳو ٻن مصراعن وارا
آهن.
]
سُرن جي جوڙجڪ[
حقيقت ڪري شاهه عبداللطيف، هندستان جي ڳائڻ جي ٿورو ڪي گهڻو
پيروي ڪئي، جو جڏهن هو ڳائڻ ويهندا آهن، تڏهن
پهريائين آلاپ لاءِ بيت ڳائيندا آهن، جنهن کي
’ڏوهڙا‘ چوندا آهن. پوءِ ’غزل‘ يا ’ٺمري‘ يا
’لاوڻي‘ يا ڪو ٻيو اهڙو راڳ آڻي وجهندا آهن. هتي
سنڌ ۾ به اهڙي طرح ڪندا آهن. پهرين ڏوهڙا ڳائي،
راڳڻي ٻڌي، پوءِ هڪڙو راڳ آڻيندا آهن، جنهن کي
گهڻو ڪري ’ڪافي‘ چوندا آهن ۽ شاهه صاحب جي ڪافي ۽
وائي، غزل يا ٺمري جو نمونو آهي، جو ان جي بجاءِ
ڳائجي ٿو.
يقين آهي ته انهي قسم جي شعر جو ٻيو ڪو اصل نه هوندو ۽ وري انهي
رٿ ۾ شاهه عبداللطيف سان جو دهلي وارا
ٻه
استاد به شامل هئا. انهن سان صلاح ڪري سُرن جا
نالا ۽ سندس ترتيب رٿيائين. هڪڙن سرن تي اصلوڪن
راڳن جا نالا رکيائون. ٻين تي مٽائي مضمون جي نظر
تي پنهنجا نالا رکيائون، جي هاڻي مشهور آهن.
هندستان جي موسيقي، يعني راڳ جي علم موجب مڙئي ڇهه راڳ ۽ ڇٽيهه
راڳڻيون چوندا آهن ۽ شاهه جي رسالي ۾ به ڇٽيهه سُر
آهن. تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته سُر به راڳڻي جي مناسبت
تي رٿيل آهن. جيئن ته سڀڪا راڳڻي علحده طرح سان
ڳائبي آهي، تيئن سڀڪو سُر به جدا جدا ريت ڳائڻ ۾
ايندو آهي. هندي راڳ جي علم موجب هڪ
هڪ
راڳ مان وري ڦٽي سورهن شاخون ٿين ٿيون. پوءِ اٺن
کي ’پُتر‘ يعني پُٽ ۽ اٺن کي ’ڀارجه‘ يعني نياڻيون
چون ٿا. اها تقسيم رسالي جي سُرن ۾ نه ڄاڻائي وئي
آهي، نڪو ضرور ئي هو. رڳو پڙهندڙن جي سمجهاڻي لاءِ
اسين هيٺ (ضميمه د ۾) هڪڙي يادداشت ڏينداسين.
شاهه صاحب گهڻو ڪري مضمون تي ڌيان ڏيئي، پنهنجن سُرن تي اهي
نالا رکيا آهن، جهڙوڪ: سهڻي، مارئي، سورٺ، مومل
راڻو، ليلا چنيسر وغيره. جن بابت انهن سُرن ۾ ذڪر
هليل آهي، جو پڙهندڙن کي معلوم ٿيندو.
]
رسالي جا ڀاڱا[
رسالي ۾ هڪ هڪ سُر جا وري ننڍا ننڍا ڀاڱا ٺهرايا ويا آهن ته
پڙهڻ ۽ ڳائڻ ۾ سولائي ٿئي. انهن جو نالو ٽرمپ صاحب
واري نسخي ۾ ’فصل‘ لکيل آهي ۽ بمبئي واري نسخي ۾
’داستان‘ لکيل آهي
۽ ’سُر‘ بجاءِ باب جي آهي، جو اهڙو ورهاڱو اڪثر
پارسي ڪتابن ۾ لکجي ٿو.
]شاهه
صاحب جي شعر جي ماهيت[
شاهه عبداللطيف جدا جدا سرن ۾ جدا جدا مضمون آندا آهن. گهڻو ڪري
عاشقن جون ڳالهيون ۽ مزي مزي جهڙا قصا جن جو اڳي
سنڌيءَ ۾ رواج هو ۽ جي ڀَٽ ۽ مڱڻهار ڳائيندا آهن،
سي هن پنهنجي ڪم آندا آهن. جيتوڻيڪ سڀڪنهن ڳالهه
مان خاص مطلب ۽ مدعا اهو ساڳيو ئي آهي ، مگر جدا
جدا ڳالهين جي وسيلي، جدا جدا رنگن ۽ ويسن ۾ آندو
اٿس. انهن قصن ۾ جي عاشق آهن، تن جي واتان بيت چيل
آهن. ٻڌندڙ ائين ڀائيندو ته شاهه يا شاعر پاڻ نٿو
چوي، پر اهو عاشق ٿو چوي. ڄڻ اهو شاعر ۽ عاشق ٻئي
هڪ آهن، جو منجهن ڪا جدائي نه آهي. انهي ڪري شاهه
جي ڪلام ۾ اهڙو اثر ٿو ٿئي، جو ٻڌندڙ درد ۾ ڳريو
وڃي ۽ شاعر جي سوز واري خيال ۾ محو ٿيو وڃي. جيڪا
خاصيت تعريف ڪرڻ جوڳي آهي، سا اها ته مطلب ساڳيو
جدا جدا لفظن، ۽ جدا جدا ماڻهن جي واتان پيو اچي ۽
پڇاڙي سڀ جي وڃو موليٰ جي عشق تي بيهي. سڄي رسالي
جو اهو احوال آهي. مثلاً صوفين جو چوڻ آهي ته خدا
تعاليٰ هر جاءِ حاضر آهي. اهو نڪتو شاهه صاحب جدا
جدا عاشقن جي واتان ظاهر ڪري ٿو. جيئن مومل چوي ٿي
ته:
ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،
راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ٻيو ناهه ڪي.
۽ سهڻي چوي ٿي ته:
ٻرن ٻلائن جا، چوڌاري چڙا
ستي سنڀارن جا، پيم ڪَن پَڙا
وهڻ مون نه وڙا، سڻي جهانءِ جهڄي هيون.
سسئي ٿي چوي ته:
لڏيندي لباس، جتن جيڏو ئي ڪيو
اچي آريءَ ڄام جو، وڻن منجهان واس
جي مرون کائن ماس، ته به پريان ملندم هوت ڏي.
]شاهه
عبداللطيف ۽ حافظ شيرازيءَ جي ڀيٽ [
انهن ڳالهين ڪري شاهه صاحب ۽ حافظ شيرازيءَ جي ڀيٽ ڪري سگهجي
ٿي. ٻنهي جو باطني مضمون اهو ساڳيو آهي. ٻنهي جو
خيال عميق ۽ ڳوڙهو
۽
ڪلام مٺو ۽ رس وارو آهي. ٻئي پڙهيل ۽ ڪماليت کي
پهتل هئا. ٻنهي جي ڪتابت جي ننڍن وڏن ۾ هاڪ آهي ۽
خوشي ۽ ڏک جي وقتن تي پڙهبا ۽ ڳائبا آهن. فقط
تفاوت هي آهي ته حافظ، عشق جا خيال سرسري طرح
پنهنجي واتان ۽ پنهنجي حال موجب ظاهر ڪري ٿو، پر
شاهه زور ڪري پاڻ تي ڏکيو ڪم هموار ڪيو آهي، جو
ڪيترن ٻين عاشقن جي واتان ۽ سندن جدا جدا حال موجب
اهي ساڳيا خيال ظاهر ڪري ٿو. حافظ جي ڪلام ۾ گهڻو
ڪري ايتري شوخي ۽ طبع جي هلڪائي آهي، جو پڙهندڙ
پڙهندي شرط ڀائيندو ته ڪو هي شاعر شرابي ماڻهو ۽
پڪو رند آهي، پر شاهه جو ڪلام اهڙو سنجيدو ۽ ڌيان
وارو آهي، جو سڀڪو سمجهندو ته هي شاعر ڪو ديندار ۽
شريف ماڻهو آهي، جنهن جو ادب ڪرڻ دل پئي چونديس.
حافظ، امر شرعي جون حدون ٽپيو وجهي ۽ حقيقت جي
ڳالهه پڙهندڙ جي واتان اڇلايو وجهي، پر شاهه شريعت
هڪڙي هٿ ۾ ٿو کڻي ۽ طريقت ٻئي هٿ ۾. پوءِ پڙهندڙ
جي اڳيان ٻئي توري بيهاري ٿو ۽ ڏيکاري ٿو ته ٻئي
موافق ۽ هموزن آهن. حافظ اهڙيون ڇوهه جهڙيون
ڳالهيون ٻڌائي ٿو، جو عشق جي باهه امالڪ وٺيو وڃي
۽ پڙهندڙن جو مغز تپيو وڃي، پر شاهه ڌيرج سان دل
کي پرڀائي آڻيو پنهنجي ڳالهه تي بيهاري. اهڙي طرح
جو هيانءَ کي ڇڪيو وڃي. حافظ اوچتو ئي پڙهندڙ کي
ڇرڪ ڀلائي
اچي اڳيانئس بيهي ٿو، پر شاهه آهستو آهستو ڪري
سِري اچيو
ساهه وٽ بيهو رهي. حافظ حقيقت جو مشعل اهڙو اچتو
اکين جي آڏو آڻي ٿو جهلي، جو تجلي کان اکيون پورجو
وڃن، پر شاهه پرينديئي سڀني جي آڏو چڻنگ مان ڦوڪي
ڦوڪي ڀڀڙ آڻيو ڪري. حافظ جي حجت ارسطاطاليس جي
رستي پٺيان آهي. جو يڪدم زور ڀريو دليل آڻي،
پنهنجي ڳالهه ثابت ڪري، پر شاهه جي حجت سقراط حڪيم
جي رستي پٺيان آهي، جو سانهه سَتيءَ سان ور وڪڙ
ڏيئي، ٻيا مثال آڻي، وڌيڪ سوال جواب ڪري، پنهنجي
ڳالهه ثابت ڪندو هو.
]سندس
شعر جون ٻه- ٽي معنائون
[
اگرچه صوفي شاعر ٻيا گهڻا آهن، جهڙو جلال الدين رومي، جو سڀني
جو استاد هو، ۽ شيخ فريد الدين عطار ۽ شمس الدين
تبريزي، جن جي مضمون سان گهڻين ڳالهين ۾ شاهه جي
ڪلام جي مشابهت آهي.
مگر اسان نموني لاءِ حافظ شيرازي ورتو آهي، جو عام
۾ ڄاتل آهي ۽ سندس شعر عام رواج ۾ به آهي.
انهن صوفين شاعرن جي شعر وانگي، شاهه صاحب جي ڪلام جون به ٻه
معنائون ٿي سگهن ٿيون: هڪڙي حقيقي ۽ ٻي مجازي.
هڪڙي معنوي آهي، ٻي لفظي. هڪڙي خاص ۽ ٻي رواجي.
هڪڙي باطني، ٻي ظاهري. انهن ٻن قسمن جي معنيٰ ڪئي
آهي، جو ساڳيو ڪلام هڪڙا ديني ڄاڻن، ٻيا بديني
سڏين، ۽ هڪڙا واکاڻين، ٻيا نندين پر اهو سمجهه جو
ڦير آهي.
انهي مونجهاري ڪري اڳين وقتن ۾ ويچاري منصور کي سوريءَ تي
چاڙهيائون ۽ ڪن ٻين کي سنگسار ڪيائون. ڪن کي گهاڻن
۾ پيڙيائون ۽ ڪن کي ٻيا ڏجها ڏيئي ٿي ماريائون
پاڻ کي گرفتار ڪيائون.
حافظ جو احوال به گهڻو ڪري شاهه صاحب جهڙو آهي. هن جي شعر کي
پهريائين هڪڙا پسند ڪندا هئا، ٻيا نه ڪندا هئا.
شاهه وانگي هن کي به دشمن هوندا هئا. سندس ڪتاب
ديوان حافظ جون ٻه معنائون ڪندا آهن: هڪڙي مجازي،
ٻي حقيقي. سڀ قسم جا ماڻهو، هاڻي هن تي گهڻو
اعتبار رکندا آهن ۽ ملان ۽ مولوي به مانءُ رکندا
آهن. سندس مقبري تي ماڻهو زيارت لاءِ ويندا آهن ۽
سندس ڪتاب مان مونجهاري ۽ مشڪلات ۾ فالون به
وجهندا آهن.
چون ٿا ته جڏهن وفات ڪيائين ۽ کنيو پورڻ تي ويس، تڏهن سندس
دشمنن اعتراض ڪيو ته ’انهي مقام ۾ نه پوريوس.‘
تنهن تي هنن ۽ سندس طرف وارن وچ ۾ جهيڙو ٿيو. آخر
اها صلاح ڪيائون ته سندس ديوان مان فال وجهڻ
گهرجي، پوءِ ان تي عمل ڪجي. ڪتاب کڻي آيا. دستوري
رسم بجا آڻي، فال وڌائون ته هي بيت نڪتو:
قدم دريغ مدار از جنازهُ حافظ
که گرچه غرق گناه است ميرود به بهشت.
حافظ جا دوست خوشي کان ٽپا ڏيڻ لڳا. پوءِ سڀني
گڏجي، نماز پڙهي، وڃي ان مقام ۾ جنازو دفن ڪيو.
پر حقيقت ڪري ڏسبو ته انسان جي لاءِ صوفين جي فلسفي جهڙي ٻي
ڪابه حڪمت عمدي ۽ ڪمائتي ڪانهي. جيترو انهن جي
وسيلي خالق جي قدرت ۽ وحدت جي خبر پوي ٿي، اهڙي
ٻئي ڪنهن رستي تي نٿي پوي. اگرچه مُلا ۽ مولوي ۽
ٻيا تقليدي ماڻهو، تصوف کي پسند نه ڪندا آهن ۽
چوندا آهن ته اهو رستو دين ۽ شرع جي برخلاف آهي،
پر تڏهن به صوفي استاد ثابت ڪري ڏين ٿا ته ائين نه
آهي، بلڪه دين سان موافق آهي. ۽ انهيءَ لاءِ قرآن
۽ حديث جون شاهديون به ڏين ٿا. انهن صوفين جي قول
موجب اسلامي مذهب جي سڀڪنهن ڳالهه جون ٻه معنائون
آهن: هڪڙي حقيقي يا باطني ۽ ٻي مجازي يا ظاهري. جو
جنهنڪري ثابت ڪري سگهجي ٿو ته مسلماني دين ’اصل‘
تي ٻڌل آهي، نه ظاهري تقليد تي. ۽ اها حقيقت ساري
تصوف واري آهي نڪا ٻي آهي نه ظاهري تقليد تي.
جنهنڪري مسلمانن جو نبي وڏو صوفي آهي.
انهي خيال تي بهشت ۽ دوزخ جي معنيٰ فقط خدا تعاليٰ
جو وصال آهي يا فراق آهي ۽ انهي جو راضپو ۽
ناراضپو، ۽ فردوس جون ڪارين اکين واريون حورون ۽
صاف پاڻي ۽ شراب ۽ کير ۽ ماکي جون نهرون ۽ طوبيٰ
جو وڻ، جو جيڪي دل چئي، سو ان جي ٽاري مان لڙڪي
اچي اڳيان پئي. ، ۽ ٻيون عجيب غريب شيون جي هن
جهان ۾ ايمان وارن جي لاءِ ٺهرايون ويون آهن، سي
ڇا آهن؟ فقط الله تعاليٰ جي عشق ۾ سندس ميلاپ ۽
فضل ۽ رحم جا ڪنايا ۽ اشارا آهن. ساڳيءَ طرح دوزخ
جون باهيون ۽ هيبت جهڙا نانگ ۽ بلائون ۽ وڇون ۽
ٻرندڙ لوهه ۽ ٽهڪندڙ پاڻي ۽ ٻيا اهڙا عذاب ڇا آهن؟
فقط خدا تعاليٰ جي جدائي ۽ سندس ڪاوڙ جون نشانيون
آهن. جنهن کي معراج چون ٿا، سو به انهن صوفين جي
سمجهه موجب روحاني سير هو، جنهن ۾ نبي سونهارو هڪ
لحظي ۾ وڃي عرش ۽ ڪرسي تي پهتو هو. اها هڪڙي وصال
جي گهڙي هئي ۽ جلاليت جي گهڙي هئي.
]نبي
جي ڪلام سان مشابهت[
مٿي به چيل آهي ته ڪاملن جي لاءِ عروج ۽ نزول جون ٻه حالتون
آهن. سو پهرين ’وصال‘ آهي، يعني وصال جي حالت آهي
۽ ٻي آهي ’فراق‘ جي حالت. پهرين حالت ۾ صوفي حق يا
حق جو جزو آهي، ۽ ٻي ۾ هو انسان فاني آهي. اها
حالت پهرين عروج ۾ جلاليت جي هئي، جنهن ۾ حضرت
محمد صلي الله عليه وسلم جي شڪل ڦرندي
هئي
۽ گهوماٽجي ويهي رهندو هو. پوءِ سگهوئي چوندو هو
ته وحي نازل ٿيو آهي ۽ پوءِ واتان ڪلام ڪڍندو هو.
انهي پهرين حالت ۾ جيڪي چيائين، سو ٿيو ’ڪلام
الله‘ يعني خدا جو ڪلام، جنهن کي ’قرآن‘ سڏجي ٿو؛
۽ ٻيءَ حالت ۾ جيڪي چيائين، سو ٿيو ’حديث‘ يعني
نبي جو ڪلام. انهي جي نسبت ۾ حضرت محمد پاڻ چٽائي
سان چيو آهي ته ”لي مع الله حالات حالنا انا هو و
هو انا حالنا انا انا و هو هو“ يعني خدا تعاليٰ
سان آءٌ ٻن حالتن ۾ ٿو گذاريان: هڪڙي حالت ۾ ’آءٌ‘
آهيان ۽ ’هو‘ ’آءٌ‘ آهي. ۽ ٻيءَ حالت ۾ ’آءٌ‘
’آءٌ‘ آهيان ۽ ’هو‘ ’هو‘ آهي.
اهو به ساڳيو محمد صلي الله عليه وسلم هو، جنهن چيو ته ”من
رئاني رء الحق“ يعني جنهن مون کي ڏٺو، تنهن ڄڻ ته
حق کي ڏٺو. ”لافرق بيني و بين ربي“ يعني فرق نه
آهي وچالي منهنجي ۽
وچالي
رب“ سائين جي، ڪو تفاوت نه آهي. ”انا احمد بلا
ميمي“ يعني آءُ ’احمد‘ ’ميم‘ کان سواءِ آهيان،
يعني ’احد‘(خدا) آهيان.
اهي سڀ جذبي ۽ جلاليت واري پهرين حالت جون ٻوليون هيون. وري اهو
ساڳيو ئي محمد صلي الله عليه وسلم هو، جنهن جي
واتان هي جملا نڪتا ته: ”انا بشر مثلڪم“ يعني
تحقيق آءٌ اوهان جهڙو ماڻهو آهيان. ”لاعلم الغيب
ولا اقول لڪم اني ملڪ“ يعني هن کي غيب جي خبر نٿي
پوي، نڪي آءُ چوان ٿو ته آءُ ’ملڪ‘ آهيان. ”لا
اِلهٰ الالله وحده لا شريڪ لھ
و محمد عبده و رسوله“ يعني الله هڪڙو آهي، انهي
کان سواءِ ٻيو ڪونه آهي، نڪو سندس شريڪ آهي ۽ محمد
صلعم سندس ٻانهو ۽ پيغام رسائڻ وارو آهي.
اهي سڀ انسانيت واري ٻيءَ حالت جي نسبت جون ڳالهيون آهن. سڀئي
مشائخن ۽ درويشن ۽ خدا رسيدن ماڻهن کي اهي به
حالتون هونديون آهن. هڪڙي ساڳي حالت ۾ هميشه ڪين
رهندا آهن. چاڙها لاها هنن جي لاءِ ضرور آهن. ڪڏهن
حقيقت ۾ محو رهندا آهن، ڪڏهن مجاز سان مشغول هوندا
آهن، انهيءَ جي نسبت ۾ شيخ سعدي شيرازي گلستان ۾
چيو آهي ته:
گهي بر طارمِ عالي نشينم
گهي بر پشت پاک خود نه يينم
اگر درويش در حالي بماندي
سر دَست از دو عالم پر فشاندي
اهي تصوف جون ڳالهيون اسرار واريون آهن، جن بابت شاهه صاحب
پنهنجي رسالي ۾ هيترا اشارا ڏنا آهن. اگرچه خلاصو
صوفين جي جي حڪمت بابت پهرين ٻين سُرن ’ڪلياڻ‘ ۽
هيٺ وري ’آسا‘ ۽ ’رامڪلي‘ ۾ ذڪر آندو آهي، پر تڏهن
به اندروني مطلب ته سڄي رسالي جو اهوئي آهي، جو
پڙهندڙن جي دل کي وڻندڙ آهي. سڀڪنهن سُر ۾، سڀ
ڪنهن داستان ۾، سڀ ڪنهن بيت ۾، سڀ ڪنهن وائيءَ ۾
اهو اسرار لٿو پيو آهي، جيئن شاهه صاحب فرمايو
آهي:
بيت
بيت نه ڀانئج ماڻهئو، اهي آيتون آهين
وڃيو لئون لائين، پريان سندي پار ڏي.
|