سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي

 باب--

صفحو :2

 

 

باب پهريون

 

] شاعر ڪنهن کي چئجي- شاعر ۽ نبي جي وچ ۾ ڀيٽ- شاهه صاحب جو ڄمڻ- سندس اصل نسل- سندس وڏن جو هرات مان سنڌ ۾ اچڻ- هالن ۾ شادي ڪرڻ- سيدن جو خاندان- شاهه عبداللطيف جي ننڍائي جو بيان- ننڍي هوندي جا ڏينهن- ننڍي هوندي جون عادتون- هندن فقيرن سان جبلن ۾ گهمڻ جو شوق- نانيءَ ۽ سٻڙ سخي جو بيان.[

 

] شاعر ڪنهن کي چئجي[

هڪڙي انگريزي عالم جو چوڻ آهي ته، ’شاعر جهان جي بزرگن منجهان هڪڙو آهي: جي هن جهان ۾ڪهين به وقت، ڪٿي ڪو عجيب انسان پيدا کڻي ٿئي ته گهڻو امڪان آهي ته اهو شاعر ٿي پوندو .‘ اها وصف انهيءَ ماڻهو لاءِ نه آهي، جو قلم مس کڻي، جهٽ پٽ ڪاغذ تي ڳچ جيترا پانهنجا شعر لکي وڃي پار پوي ٿو. انهيءَ ۾ ڪي به ڪين آهي؛ انهيءَ کي به ڪو سچو شاعر چئبو! اهڙو ماڻهو ته رڳو پوپٽ وانگي آهي، جو هن دنيا ۾ ٻه ٽي گهڙيون پاڻ کي توڙي ٻين ڏسندڙن کي خوش ڪري هليو وڃي ٿو، ۽ وري نه ڪو سندس نالو يا نشان آهي .

اها وصف  انهيءَ عجيب انسان جي لاءِ آهي، جو جدا جدا وقتن ۾، جدا جدا قسمن جي ماڻهن سان ملي گذاري ٿو. ڪڏهن ڳوٺ جي ڪڙمين ۽ غريبن سان، جي پانهجي مانيءَ لاءِ مٿا هڻندا وتن ۽ ڪڏهن سانگين ۽ فقير سان، جي جبل ۽ ٻيلا ڍونڍيندا وتن، ڪڏهن سپاهين ۽ بهادرن سان، جي پنهنجي ملڪ جي پاران جنگين ڪرڻ ۾ پنهنجا سر تريءَ تي رکيو وتن؛ ۽ ڪڏهن رندن ۽ مستن سان،جي راتو ڏينهن عيش عشرت ۾ مخمور ٿيا وتن مطلب ته هر قسم جي ماڻهن سان گڏيو وتي انهي لاءِ ته هنن جي رستن، هنن جي عادتن، هنن جي ڪمن ۽ هنن جي خيالن مان واقف ٿئي؛ ۽ پوءِ جيئن جيئن اهو هڪڙي هنڌان ٻئي هنڌ گهمندو وتي، تيئن تيئن اُهي عمديون ٻوليون ٻوليندو وتي، ۽ اُهي مٺيون لاتيون لوَندو وتي، جن جي ٻُڌئي انهن مان اندر ۾ آرام پيو اچي. اهڙي عجيب انسان کي ’شاعر‘ چئبو ۽ اهڙي ماڻهو جو سڀڪو خيال پيو وڻي، ۽ سڀڪو ڪم پيو وڻي. اهڙي ماڻهو جي رڳي ماٺ به مٺي پئي لڳي.

] شاعر ۽ نبي جي وچ ۾ ڀيٽ [

اڳئين زماني ۾ شاعر ۽ نبي ۾ ڪو ٿورو فرق ليکڻ ۾ ايندو هو. يورپ کنڊ جي قديم ٻولين ۾ ’پوئٽ‘ لفظ جون ٻه معنائون هونديون هيون:  هڪڙي شاعر، ٻيو نبي- جنهنڪري ٻنهي کي هڪڙي نالي سان سڏيندا هئا، ۽ حقيقت ڪري به هڪڙي طرح سچن شاعرن ۽ نبين جو رستو ويجهڙو ئي آهي. اِهي ٻئي الاهي اسرار ۾ غرق آهن. نبي کي جهان جي ڳجهي ڳجهارت ڀڃڻ جي ڳڻتي آهي؛ اهو اسرار، جو اول ۽ آخر، ظاهر ۽ باطن ۾ لڪل آهي؛ اها ڳجهارت، جا هن سنسار جي ذري ذري سان لاڳو آهي؛ خصوصاً انسان سان ته گهڻو تعلق رکي ٿي. جيڪي صوفي آهن، سي به اهڙائي ساڳيا (پنڌ) پيا پڇن، ۽ اهڙن ساڳين خيالن ۾ محو آهن اُهي مٿيون ڳالهيون جهڙو اسان جي سنڌ جي شاعر شاهه عبداللطيف سان لاڳو ٿين ٿيون، اهڙيون ٻئي ڪنهن ماڻهو سان نه ٿيون ٿين. هي شاعر، نبي سو نه آهي، باقي ولي سو آهي ئي آهي. حياتيءَ ۾ سوَن جو مرشد هو ۽ مماتي ۾ هزارين مريد اٿس. هن جو دلچسپ ڪلام سڀ ڪنهن جي وات ۾ آهي، ۽ هن جي تعريف سڀ ڪنهن جي زبان تي آهي. سوء ورهين کان(1) به واڌو عرصو گذريو آهي، ته به ايئن پيو ڀانئجي ته ڄڻ جيئرو جاڳندو اسان وٽ ويٺو آهي.

] شاهه صاحب جو ڄمڻ [

هاڻي اسين شاهه صاحب جو اصل نسل ۽ ٻيو احوال ڏينداسين . شاهه عبداللطيف جنهن کي گهڻو ڪري ’شاهه ڀٽائي‘ يا ’ڀٽائي گهوٽ‘ يا ’ڀٽائي بادشاهه‘ ڪري سڏيندا آهن، سو سال 1102جري مقدس يا 1689عيسوي، حيدرآباد ضلعي جي هالن جي تعلقي ۾، کٽياڻن جي ڳوٺ جي ويجهو ”ڀئي پور“ ۾ ڄايو هو. سندس ڄمڻ جي جاءِ ”هالا حويلي“ ۾ هئي، جا ڀئي پور سان لڳ ڏکڻ اڀرندي ڪنڊ ڏي هئي. جنهن گهر ۾ شاهه صاحب ڄايو هو، اتي پوءِ هڪڙي مسجد جوڙائي وئي هئي، جا  اڃان تائين  نصيرواهه جي ڪلهي تي بيٺل آهي.

] سندس اصل نسل [

شاهه صاحب سيد گهراڻي جو هو، تنهنڪري سندس نسل وڃي حضرت  محمد  صلي الله عليه وسلم سان ٿو لڳي (2). سندس وڏا هرات (3) ۾ رهندا هئا. انهن منجهان هڪڙو جنهن جو نالو سيد مير علي هو، تنهن امير تيمور جي ڏينهن ۾ نالو ڪڍيو. سال 1398ع ڌاري، جڏهن مٿئين امير 262312 لشڪر سان هرات تي ڪاهه ڪئي، تڏهن سيد مير علي شاهه وڃي سلطان وٽ حاضر ٿيو ۽ 262312 رپيا لشڪر جي مهماني جا نذر رکيائين، يعني في آسامي هڪ رپئي سا حساب ڪري، سلطان ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ سگهوئي ان جي عيوض سيد سان ڀلايون ڪيائين ۽ سندن پٽن کي وڏا وڏا عهدا ڏنائين ۽ جدا جدا پرڳڻي جو حاڪم مقرر ڪري موڪلڻ ڪيائين.

] سندس وڏن جو هرات مان سنڌ ۾ اچڻ[

سيد کي مڙيئي ڇهه پٽ هئا: پهريون مير عبدالباقي، سو اجمير جو حاڪم ٿيو، ۽ ٻيو مير عبدالواحد شاهه، سو ملتان جو حاڪم مقرر ٿيو؛ ٽيون (7) مير عبدالرزاق شاهه، سکر بکر جو حاڪم ٿيو، چوٿون مير ابوبڪر شاهه، سيوستان (سيوهڻ) ڏي، پنجون شرف الدين تنهن نوڪري اختيار نه ڪئي بلڪ پنهنجي خانگي ڪم ڪار ۾ مشغول رهيو؛ ڇهون مير حيدر شاهه، سو پنهنجي پيءُ سان گڏ سلطان جي حاضري ۾ هوندو هو. هن سان گڏجي ٻئي(1) هندستان ڏي روانا ٿيا.

] هالن ۾ شادي ڪرڻ[

ٿورن ڏينهن گذرڻ بعد سيد حيدرشاهه پنهنجي پيءُ ۽ سلطان کان موڪلائي، پانهجي ڀائن جي ملاقات لاءِ نڪتو. هو سنڌ ۾ آيو ۽ هالن جي شهر ۾ شاهه محمد پٽ دريا خان هالي وٽ اچي مهمان ٿيو. انهيءَ وقت ۾ اتي جي حاڪم ميران محمد، ڪنهن سبب ڪري انهن ماڻهن تي پنج سئو رپيا ڏنڊ رکيو هو، جو هو غريت ڪري آساني سان ڏئي نٿي سگهيا ۽ انهي ڪري گهڻي انتظار ۾ هئا. سيد حيدرشاهه پنج سئو رپيا شاهه محمد کي ڏنا، جنهن پانهجي۽ پنهنجي راڄ جي جند ڇڏائي. انهي ڪري سيد صاحب انهن ماڻهن کي گهڻين مهلن تي ڪم آيو، ۽ هنن سان ڪيتريون ئي ڀلايون ڪيائين، جنهن ڪري هو هميشه سندس شڪر گذار رهندا هئا ۽ سيد وڏو ماڻهو ۽ عالي نسب گهراڻي جو هو، تنهنڪري هن سان مائٽي ڪرڻ جي خواهش ڪيائون. نيٺ حيدر شاهه  جي شاهه محمد جي نياڻي سان شادي ٿي. هن بيبي جو نالو ’فاطمه‘ هو، پر جڏهن سيد حيدرشاهه  جي والده جو نالو به فاطمه هو، تڏهن بيبي جو نالو مٽائي ’بيبي سلطان‘ رکيائون.  انهيءَ طرح سيد حيدرشاهه پانهجي نون مائٽن ۾ پيو گذاريندو هو.  هالن ۾ رهئي هڪڙو ورهه پنج مهينا ٿيس ته پيءُ جي وفات جي خبر پهتس. پوءِ ستت ئي هرات ڏي روانو ٿيو ۽  بيبي صاحب کي اميد واري هئي، تنهن ڪري هن کي پانهجي مائٽن ۾ ڇڏي ويو. ۽ نشاني طرح وٽس ٽي شيون ڇڏيائين: هڪڙي منڊي، هڪڙو جڙادار خنجر ۽ هڪڙي ٻانهي، جا هرات کان آندي هُيائين. اهو حڪم ڏيئي ويو ته جي پٽ ڄمي ته ان جو نالو مير علي رکجو. جيڪو سندس پيءُ جو نالو هو، ۽ جڏهن وڏو ٿئي تڏهن اهي ٽيئي سوکڙيون هن کي پهچائي ڏجو؛ ۽ جي ڌيءَ ڄمي ته ان جو نالو فاطمه رکجو، جيڪو  سندس ماءُ جو نالو هو. سيد حيدر شاهه  هرات منجهان پنهنجي اهليه ۽ سندس مائٽن سان لکپڙهه پيو ڪندو هو. جڏهن ٽي ورهيه ۽ ستاويهه ڏينهن هرات ۾ رهئي ٿيس ۽ ارادو ڪيائين ته موٽي سنڌ ڏي اچان، تڏهن هو سيد ويچارو اوچتو بيمار ٿي پيو ۽  انهيءَ بيماري ۾ مري ويو.

] سيدن جو خاندان[ 

اتي ٻئي گهر مان کيس ٻه پٽ هئا: هڪڙو سيد محمد ۽ ٻيو سيد حسين، جن کي پيءُ جو مال متاع سڀ ورثي ۾ مليو. بيبي سلطان ته سيد حيدرشاهه جي روانگي کان پوءِ چوٿين مهيني پٽ ڄڻيو، جنهن جو نالو ميرعلي رکيائون. جڏهن هي نينگر پوري عمر کي پهتو، تڏهن سندس پيءُ جي وصيت موجب کيس منڊي به ڏنائون ۽ خنجر ۽ هراتڻ دائي به انهن وٽ هوندي  هئي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ انهيءَ دائي جي صلاح سان سيد مير علي هرات ۾ آيو ۽ اچي مهمان ٿي پانهنجن مائٽن وٽ ٽڪيو. هو جڏهن پيءُ جي مال جي پتي گهرڻ لڳو، تڏهن هو ڦري آيس ته اصل نسل جي ثابتي ڏي ته ڪيئن تنهنجو حق آهي؟ هن پيءُ جي هٿن جي منڊي ۽ خنجر ڏيکارين ۽ دائيءَ سان شاهدي به واريائين. نيٺ معاملو قاضي تائين آيو، جنهن جي فيصلي  جي پٺيان ٽي پتي کان ڪي ٿورو گهٽ مال سيد مير علي کي مليو.  هو وڌيڪ ڪين ترسيو، ستت ئي موٽي سنڌ ۾ آيو، پوءِ سگهوئي مير علي شاهه شادي ڪئي ۽ ٻه پٽ ڄايس: هڪڙو سيد شرف الدين جو هالن جي گهر مان هوس، ٻيو سيد احمد جو هڪڙي تُرڪڻ بيبي مان هوس. سيد شرف الدين پرڻي کان پوءِ جدا ٿي رهڻ لڳو، باقي سيد احمد پيءُ سان گڏ رهندو آيو. هڪڙي جو اولاد اڃا تائين ’شرف پوٽا‘ سڏبو آهي، ۽ ٻئي جو اولاد ’ميرڻ پوٽا‘. اُهي’متعلوي‘ جي شهر ۾ رهندا آهن. متعولي کي سنڌيءَ ۾ ”مٽاري“ ڪري سڏيندا آهن، جو حيدرآباد ۽ ڀٽ جي وچ تي آهي. اهو شهر پريندي چانگن جو ٻڌل هو، جي خليفي وليد بن عبدالملڪ مروان جي خلافت ۾ حجاج بن يوسف جي نياڻي محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ هئا، جنهن سنه 711ع* ۾ سنڌ تي ڪاهيو هو. اهي متعلوي جا سيد وقت بوقت آبرو ۽ عزت سان گذاريندا آيا. پانهنجا ٻني ٻارا گهڻا هوندا هئن. تنهن کان سواءِ پيري ۽ مريدي جو رستو به جاري هون، تنهنڪري پيدائش گهڻي ٿيندي هين. اهي ئي سيد هئا جن مان شاهه عبداللطيف پيدا ٿيو آهي. ۽ هو سيد حبيب شاهه جو پٽ هو ۽ هو عبدالقدوس شاهه جو پوٽو هو ۽ جمال شاهه جو پڙپوٽو هو، جنهن جو والد سيد عبدالڪريم شاهه سنڌ جو مشهور اولياء آهي، جنهن کي شاهه ڪريم ڪري سڏيندا آهن. انهيءَ جو ميڙو حيدرآباد کان چاليهه ميل پري بلڙي ۾ لڳندو آهي. اها مرشدي جي سَنَد هنن کي پُست به پشت حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم کان هلندي آئي آهي، جو هڪڙو ٻئي کان ارشاد وٺندو آيو آهي، جهڙي طرح ضميمي ب مان معلوم ٿيندو.

] شاهه عبداللطيف جي ننڍائي جو بيان [ 

چون ٿا شاهه عبداللطيف جي والد حبيب شاهه کي پهريائين اولاد ڪونه ٿيندو هو، پوءِ ڪنهن اولياء کان دعا گهرڻ ڪيائين، جنهن پڪ ڏنس ته توکي پٽ ڄمندو، جو زماني جو غوث ٿيندو ۽ تنهن جو نالو عبداللطيف رکجانءِ. پوءِ سگهوئي خدا صاحب جي فضل سان سيد حبيب شاهه کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو عبداللطيف رکيائين، پر اهو ننڍي هوندي مري ويو. وري ٻئي گهر مان به ٻيو پٽ ڄايس، جنهن جو نالو شاهه جمال رکيائين ۽ جنهن جو اولاد اڃان تائين مسند تي ويهندو ٿو اچي. پوءِ وري پهرين گهر مان ٽيون پٽ ڄايس جنهن جو نالو شاهه عبداللطيف شاهه رکيائين.  جنهن جو احوال اسين هتي لکون ٿا.  سيدحبيب شاهه کي ٻه نياڻيون هيون، هڪڙي جي شادي موسيٰ متعلوي جي آڪهه مان هڪڙي سيد سان ٿي، جنهن کي هڪڙو پٽ ۽ گهڻيون نياڻيون ڄايون. انهيءَ پٽ جو نالو فقير الله هو جو ننڍڙو ئي مري ويو هو، ٻي نياڻي جي شادي سماجاڻي متعلوي جي آڪهه مان هڪڙي سيد سان ٿي ۽ ان کي مصري شاهه نالي پٽ ڄائو. شاهه عبداللطيف جي والده مخدوم عربي ديانه جي گهراڻي مان هئي، جنهن جو مقبرو اڀرندي هالن جي پيو ڏسجي.

هالن واري پير مخدوم نوح رحه جي پوٽي وٽ هڪڙو ڪتاب ’رساله مخدوم نوح‘ جي نالي جڙيل آهي، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف بابت اشارو ڏنل آهي. انهيءَ ۾ لکي ٿو ته ”حقيقت ڪري سنڌ ۾ فقط ٽي مرشد آهن: هڪڙو مخدوم نوح هالن ۾، ٻيو مخدوم بلال باغبان ۾ تعلقي دادو جي، ٽيون مخدوم صاحب لال شهباز سيد عثمان مروندي.“ اهو مصنف شاهه صاحب عبداللطيف کي مرشدي جو درجو نٿو ڏئي، باقي چوي ٿو ته ”ڪامل آهي.“ والله اعلم.

] ننڍي هوندي جا ڏينهن [

شاهه عبداللطيف جي ننڍپڻ جون عجيب غريب ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. سندس پهريون استادن ميان نور محمد ڀٽي وائي وارو هو، جنهن وٽ ’الف بي‘ شروع ڪئي هئائين. آخوند  چيس ته ”چئو الف“ شاهه چيو ”الف“، وري آخوند چيس ته ”چئو بي“ شاهه صفا جواب ڏنس ته ’بي‘ ڪانهي. نيٺ ٻار کي سيد شاهه حبيب وٽ وٺي آيا ۽ حال ڪيائونس. سيد حبيب شاهه داناءُ هو، جو پنهنجي پٽ جي رمز سهي ڪري ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ اچي ڀاڪر پائي اکيون چمڻ ڪيائينس ته ”اي ابا! تون حق تي آهين. ليڪن زماني ۾ سبق ڏيڻ جو اهو ڊول آهي.“

گهڻن ماڻهن جي اها راءِ آهي، ۽ شاهه عبداللطيف ڪنهن وٽ ڪين پڙهيو هو. جيڪي پرايائين سو خدائي ڏات هئي. انهيءَ بابت اسين ڪنهن ٻئي هنڌ بحث ڪنداسين. هتي ته ايترو چوڻ بس آهي ته شاهه صاحب کي ڪا ٻاهرين تعليم گهڻي ڪانه ملي. ننڍي هوندي کان سندس هلت چلت عجب جهڙي هوندي هئي؛ رستا ئي پنهنجا هوندا هئس، مثلِ خضر ۽ موسيٰ عليه السلام جي.

] ننڍي هوندي جون عادتون [

هو هيڪلائي کي گهڻو گهرندو هو. جيڪڏهن حال ايندو هوس ته ويهي ويهي  اچي پور پوندا هئس، جو صبر ڪري منجهي ويهي رهندو هو، ڄڻ ته ڪنهن وڏي خيال يا ڳڻتي  ۾ غلطان آهي. اڪثر ته جهنگ ڏي منهن ڪري ويندو هو، ڏينهن جا ڏينهن اتي اڪيلو ٿي گم هوندو هو.

هڪڙي ڀيري جي ڳالهه ڪن ٿا ته ٻين ٻارن سان لڪ ڇپ ۾ لڪو ٿي، پوءِ وڃي ڪنهن وڻ جي ٿڙ ۾ لڪي ويهي رهيو. اتي ڪو اهڙو پور پئجي ويس جو راند وسري ويس پوءِ اهي سڀئي ڇوڪرا راند ڪري هليا ويا.ڪنهن به هن جي يادگيري نه ڪئي. اتي هو ٽي ڏينهن برابر  لڪو ويٺو هو، پر ڪي چون ٿا ته نَو ڏينهن  لڪو ويٺو هو.  پوءِ پڻس ڳولا ڪئي، نيٺ جڏهن پوئين ڀيري اُنهيءَ وڻ ڌاري آيو، تڏهن ٻوهر مان ڪپڙي جي ڪنڊ لڙڪندي ڏٺائين، جا هوا  جي لڳڻ ڪري واريءَ سان لٽجي ويئي هئي. يڪدم سهي ڪيائين ته منهنجو پٽ اتهين آهي، ۽ هيءَ به پڪ ٿيس ته پورجي اتي مري ويو آهي، تڏهن هن طرح چوڻ لڳو:

’لڳي لڳي واءُ، ويا انگڙا لٽجي.‘

شاهه عبداللطيف جي ڪن تي جڏهن هيءُ آواز پيو، تڏهن ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ جواب ۾ چوڻ لڳو ته:

’پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.‘

 

] هندن فقيرن سان جبلن ۾ گهمڻ جو شوق [

شاهه عبداللطيف  کي جبلن ۾ گهمڻ ڏاڍو وڻندو هو. گهڻو ڪري مينهن جي موسم ۾؛ اهي ڏينهن ٻاهر گشت ۾ گذاريندو هو، ۽ مهينن جا مهينا هو سناسين ۽ جوڳين سان گڏجي ’گنجي ٽڪر‘ يا لس – ٻيلي جي سرحد وارن جبلن ۾ گهمندو هو. ٽي ورهيه برابر هن هندن فقيرن جي سنگت ۾ گذاريائين ۽ ’لاهوت‘ ۽ ’ناني‘ ۽ ’سٻڙ سخي‘ جون زيارتون ڪيائين.

] ناني ۽ سٻڙ سخي جو بيان [

’ناني‘ ته هاڙهي جبل جي پاڙ ڌاري آهي. لس – ٻيلي جا مسلمان ناني جو ههڙي طرح بيان ڏين ٿا ته ناني مُشڪل ڪُشا جي ٻانهي يا دائي هوندي هئي. تنهن حضرت علي کي اهو سوال ڪيو ته ’مون کي دعا ڪر ته آءٌ قيامت جي ڏينهن تائين ڪافرن جا منهن ڪارا ڪندي وتان.‘ پوءِ مُشڪل ڪُشا اها دعا قبول ڪيس. هاڻي جيڪي هندو فقير سندس قبر تي زيارتي ايندا آهن، سي ڏاڙهي مٿو به ڪوڙائيندا آهن، ۽ چون ٿا ته ٽن ڏينهن تائين سندن منهن ڪارا ٿي ويندا آهن، پوءِ اگرچه سندن منهن ڪهڙا به اڇا هجن. ناني جي قبر پهڻ جي هڪڙي ڍڳي وانگي آهي، ۽ جنهن ٽڪري جي پاڙ ۾ آهي، تنهن جي هن پاسي سمنڊ آهي. قبر وٽان، انهيءَ ٽڪري جي پاڙ منجهان، ڪيترائي ننڍا ننڍا سوراخ آهن، جي آرپار ويل آهن. جڏهن سمنڊ جي وير  چڙهندي آهي، تڏهن پهريائين انهن سوراخن مان آواز نڪرندو آهي، ان کانپوءِ  وري پٺيانئس پاڻي نڪرندو آهي. جڏهن ائين ٿئي، تڏهن فقير چوندا ته ’ناني راضي آهي، دعا ٿي ڪري.‘ پر جيڪڏهن اها حالت نه هجي ته چون، ’ناني اسان تي هاڻي ناراض آهي.‘ جڏهن زيارتي ماڻهو ، ناني جي راکن کي خيراتون ڏين، تڏهن ناني جي ڪاوڙ لهندي آهي.  گهڻو ڪري ناني جي قبر تي کير هاريندا آهن ۽ سڪڻ نه ڏيندا آهن؛ جي سُڪو ته سندن لاءِ چڱائي نه آهي.  جيڪي زيارتي ايندا آهن، تن کان لس- ٻيلي جو حاڪم ٻه رپيا في آسامي جي حساب سان وٺڻ ڪندو آهي.

 

سٻڙ سخي جي به هن طرح ڳالهه ڪندا آهن ته هو لس- ٻيلي جو حاڪم هو ۽ ابو لهب جو اولاد آهي، جو اسان جي نبي جو چاچو هو. سندس نسل ضميمي ج ۾ ڏنل آهي، جو حاتم طائي وانگي سخا جي ڪري مشهور هوندو هو، تنهنڪري هن کي ’سخي سٻڙ‘ ڪري سڏيندا هئا. ۽ درويش ڪري ڄاڻندا هئا. سٻڙ جي اولاد مان سٺ ڄڻا لسٻيلي جا حاڪم ٿيا، پوءِ وري ’گنگن‘ کي گادي ملي. انهيءَ قوم جا ٻه ٽي ڄڻا حاڪم ٿيا ۽ پويون ’ابراهيم گنگو‘، جنهن کان ملڪ پهاڙ خان نومڙيي حڪومت کسي ورتي، انهي مَلڪ به سٺ ورهين تائين برابر راڄ ڪيو. سندس مرڻ کان پوءِ، سندس پٽ ’مَلڪ عزت خان‘ تخت تي ويٺو، جنهن جو قبو سنڌو ندي جي اولاهين ڀر ڏي، ڪوٽڙيءَ جي ويجهو ڏسجي پيو. عزت خان کان پوءِ وري لسٻيلي جي حڪومت ’ڄام علي خان ڪوءنريجي‘ جي هٿ ۾ آئي ۽ اڃا تائين ان گهراڻي جي هٿ ۾ آهي. انهي سٻڙ سخي جي قبر، ٻيلي جي شهر کان  اولهه ڏي ٿورڙو ئي پنڌ پري آهي. گهڻا ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن.

اهي ئي ٽڪر جون جايون هيون، جن تي شاهه عبداللطيف  ويس مٽائي، هندن فقيرن سان گڏ ايندو هو. انهي ڪرڻ ۾ سندس مطلب فقط اهو هو ته هنن سان رلي ملي، هنن جي هلت چلت  مذهب جي خيالن ۽ رسمن مان واقف ٿيان. هن پنهنجي رسالي ۾ انهيءَ جا ڪيترائي بيان ۽ اشارا ڏنا آهن. (ڏسو سُر پرڀات ۽ رامڪلي جو)

------

 


 

 


 


(1) مصنف هي احوال 1887ع ۾ لکيو (1) ڏسو ضميمو ”الف“ (2) اصل ’حيرات‘. هن بعد سڄي ڪتاب ۾ ڪٿي ”هرات“ ۽ ڪٿي ”حيرات“ لکيل آهي. اسان ”هرات“قائم رکيو آهي.

(1) يعني پيءَ ۽ پٽ، سيد مير علي ۽ حيدر شاهه

* اصل 761ع

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org