احوال شاهه عبداللطيف جي ٽين ڇاپي جو سر ورق
چوٿين ڇاپي جو مهاڳ
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
حضرت شاهه عبداللطيف رحه جي مُستنَد سوانح حيات ۽ شاهه جي رسالي
جي جامع ۽ معياري متن مرتب ڪرڻ لاءِ سنه 1966ع ۾
بنده راقم، اعزازي سيڪريٽري جي حيثيت ۾، ”شاهه
عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي“ جي آڏو هڪ
تفصيلي تجويز پيش ڪئي. جنهن جي مدنظر ڪاميٽي
پنهنجي گڏجاڻي مورخ 30 سيپٽمبر 1966ع ۾ فيصلو ڪيو
ته پهريائين حضرت شاهه صاحب جي سوانح توڙي رسالي
جي مختلف بنيادي ماخَذَن کي شايع ڪجي. انهيءَ
فيصلي موجب، پهريائين شاهه رحه جي سوانح بابت مير
عبدالحسين
خان
سانگي مرحوم جو لکيل ڪتاب ”لطائف لطيفي“ سنه 1967ع
۾ شايع ڪيو ويو. ان کان پوءِ، برٽش ميوزيم، لنڊن ۾
رکيل شاهه جي ڪلام جي ’بياض‘ کي سنه 1969ع ۾ ڇاپيو
ويو. هيءُ حضرت شاهه صاحب جي سوانح ۽ رسالي بابت
انهيءَ جامع تحقيقي رٿاهيٺ ’بنيادي ماخذن جي
سلسلي‘ جو ٽيون ڪتاب آهي، جو هن وقت شايع ٿي رهيو
آهي.
حضرت شاهه عبداللطيف (وفات 1165هه/ 1752ع) جي سوانح حيات بابت
جن اديبن ۽ عالمن آڳاٽي وقت کان وٺي قلم کنيو تن
جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو، انهيءَ لاءِ ته انهيءَ سلسلي ۾
هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت جو اندازو لڳائي سگهجي.
1- شاهه صاحب رحه جي سوانح حيات بابت مختصر
تذڪرا ۽ اشارا سڀ کان پهريائين سندس همعصر اديب ۽
مورخ مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجن تصنيفن (تحفته
الڪرام، مقالات الشعراء ۽ معيارِ سالڪانِ طريقت) ۾
قلمبند ڪيا. جيڪي پوين سوانح نگارن لاءِ مکيه ماخذ
بنيا.
2-
’قانع‘ کان پوءِ انگريز عالم رچرڊ برٽن سنه 1830-
1850ع واري عرصي ۾ حضرت شاهه صاحب رحه جي سوانح
بابت ”معيار سالڪان طريقت“ جي حوالي سان هڪ مختصر
تذڪرو لکيو، جو سنه 1851ع ۾ سندس تصنيف ”سنڌ ۽
سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ قومون“ ۾ شايع ٿيو.
3-
جڏهن سر بارٽل فريئر سنڌ جو
ڪمشنر (56- 1851ع ۽ 59- 1857ع) هو تڏهن هن صاحب
سنڌي ٻولي ۽ ادب، ۽ خصوصاً حضرت شاهه عبداللطيف جي
رسالي
۽
سوانح بابت، وڌيڪ ڪتاب لکڻ ۽ شايع ڪرڻ کي همٿايو.
سندس نياڻي جنهن سنڌ بابت هڪ ڪتاب لکڻ ٿي چاهيو،
تنهن لاءِ
ڪنهن سرڪاري ملازم حضرت شاهه صاحب جي حياتي بابت
روايتون گڏ ڪري سنڌي ۾ هڪ مختصر سوانح حيات مرتب
ڪئي.(3)
ان جو انگريزي ۾ ترجمو پوءِ سرڪاري مترجم، ڊبليو.
سائودي
(W. Southey)،
2 نومبر سنه 1870ع ڌاري ڪيو جو شايع ٿيو، جنهن جو
سنڌيءَ ۾ ترجمو مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب ڪيو.
ان جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته هيءُ تذڪرو اڪثر
غير معتبر علمي روايتن تي ٻڌل آهي.
4-
سر بارٽل جي دور کان پوءِ وارن سورهن سالن کن جي
عرصي ۾ جرمن عالم ارنسٽ ٽُرمپ، حضرت شاهه صاحب جي
سوانح بابت معلومات جمع ڪيا، جي مختصر طور ”سر
سورٺ“ بابت سندس مقالي ۽ ”شاهه جي رسالي“ (1866ع)
جي مهاڳن ۾ شايع ٿيا.
5-
سنه 1882ع
۾ ديوان ڏيارام گدو مل ”سگما“ جي عرف سان سنڌ بابت
انگريزي ۾ هڪ مختصر ڪتابڙو لکيو، جنهن ۾ جملي صفحن
مان چاليهن صفحن ۾ حضرت شاهه صاحب جي سوانح
لکيائين. هن صاحب سر باٽل فريئر جي نياڻي لاءِ
لکايل سوانح جو ذڪر ڪندي ان کي غير معتبر ڄاڻايو ۽
پاڻ پنهنجن معلومات جي بناء تي سوانح مرتب ڪئي
. باوجود هڪ چڱي ابتدائي ڪوشش جي ان ۾ ڪيتريون ئي
اوڻايون رهجي ويون، جن تي پوءِ ليلارام وطڻ مل بجا
طور تنقيد ڪئي.
مٿين ابتدائي ڪوششن کان پوءِ، سن 1880- 1890ع واري دور ۾ حضرت
شاهه صاحب جي سوانح کي سهيڙڻ لاءِ محققانه ڪوششون
شروع ٿيون، جن جو سهرو مير عبدالحسين خان سانگي ۽
سندس همعصر دوستن جي سر تي آهي. ميرعبدالحسين خان
جو تعلق ۽ تعارف سنئون سڌو ڀٽائي
صاحب جي درگاهه جي فقيرن ۽ سجاده نشينن سان هو. پنهنجي ڪتاب ”لطائف
لطيفي“ ۾ ڄاڻائي ٿو ته سالن کان وٺي فقيرن کان
حضرت شاهه صاحب جي سوانح بابت ڳالهيون پئي ٻڌائين
۽ انهن مان ڪي نُڪات قلمبند پئي ڪيائين. ڀانئجي ٿو
ته مير صاحب اندازاً 1880ع ڌاري يا ان کان اڳ
ڀٽائي صاحب بابت روايتون قلمبند ڪرڻ شروع ڪيون. ان
مواد جي آڌار تي مختصر طور ڪجهه سوانح مرتب
ڪيائين. ان اڻپوري سوانح جو مسودو سندس دوست مير
گل حسن خان ڏٺو
۽ کڻي وڃي خيرپور جي مير امير علي کي پڻ
ڏيکاريائين. ست اٺ سال پوءِ، 1887ع ۾ مرزا قليچ
بيگ جڏهن شاهه صاحب جي سوانح حيات مرتب ڪرڻ جو
ارادو ڪيو ته مير صاحب کان مواد حاصل ڪيائين، جنهن
مان گهربل معلومات پنهنجي هن ڪتاب ۾ کنيائين.
انهيءَ سلسلي جي تصديق اڻ سڌيءَ طرح ميرعبدالحسين
خان جي بيان مان ٿئي ٿي، حالانڪه ان بيان ۾ مٿيان
سنه ۽ سال ڏنل ڪين آهن. ’لطائف لطيفي‘ جي مهاڳ ۾
مير عبدالحسين خان (جولاءِ 1888ع ۾) لکي ٿو ته:
هن کان ڳچ سال اڳ درگاه جي پيرن، فقيرن ۽ درويشن،
جن کي حضرت مرشد زمان (شاهه عبداللطيف) جي قولن ۽
ڪرامتن جا داستان ياد هئا، تن سان پئي مليس ۽
خبرون پئي ٻڌم ۽ جيتوڻيڪ جوانيءَ جي پور ۾ هن
ناياب ذخيري ڏانهن پوريءَ طرح متوجهه ڪونه ٿي ٿيس
پر تنهن هوندي به جيڪڏهن ڪو نئون نڪتو
ٿي مليو ته اهو قلمبند پئي ڪيم... آخر سنڌيءَ ۾ هڪ
ڪتابڙو جو اڃان اڻپورو هو،
سو مير گل حسن خانبهادر جي محبت ڀري نظر تي چڙهيو
۽ هو صاحب هن قلمي نسخي کي مير صاحب مير امير علي
خان جي مطالعي لاءِ کڻي ويو. مدت مديد کان پوءِ
عاليشان مرزا قليچ بيگ فريدون بيگ کي حضرت اولياء
صاحب بابت ڪتاب لکڻ جو شوق جاڳيو ۽ راقم پڻ اهو
ٻڌي وڏي خوشيءَ سان سندس مددڪئي: جيڪي به معتبر
روايتون مون وٽ ڪٺي هيون، سي مرزا تائين پهچايوم ۽
مرزا صاحب ان مان انتخاب ڪري ٿوري تي اڪتفا ڪئي ۽
ٻه نسخا تيار ڪيائين، جن مان هڪ انگريزي ۾ ۽ ٻيو
سنڌيءَ ۾ آهي.
اڳتي هلي سانگي پنهنجي ڪتاب ” لطائف لطيفي“ جي
تاليف جو سبب بيان ڪري ٿو، جنهن جو خلاصو هن طرح
آهي:
”مگر جيئن ته سڀ حڪايتون ان (مرزا صاحب جي ڪتاب) ۾
درج نه ٿيون، ۽ هن قحط الرجال واري دور ۾ ٻيو ڪو
شايد انهن کي پڌرو نه ڪري سگهي، ۽ جن هن عاصي کي
ٻڌايون سي پڻ گذاري ويا آهن...... انهيءَ ڪري مون
انهن جي اشاعت خاطر ڪوشش ڪري هي ڪتاب مرتب ڪري ان
جو نالو ”لطائف لطيفي“ رکيو.
مير عبدالحسين خان سانگي، ’لطائف لطيفي‘ ۾ حضرت
شاهه صاحب جي سوانح بابت حڪايتون تفصيل سان بيان
ڪيون آهن. گهڻين حڪايتن ۾ راوين جا نالا سَندَ طور
ڏنل آهن، جنهن
ڪري اهڙو مواد هڪ مستند تاريخي حيثيت رکي ٿو.
”لطائف لطيفي“ سانگي ”جمعي ڏينهن 19 جولاءِ 1888ع“ تي لکي پورو
ڪيو؛ ديباچي ۾ سندس وضاحت مان ظاهر آهي ته اُن وقت
مرزا قليچ بيگ، حضرت شاهه صاحب جي سوانح بابت ٻه
ڪتاب، هڪ انگريزي ۽ ٻيو سنڌيءَ
۾، مرتب ڪري چڪو هو. ان جي قدري تصديق هن ڪتاب جي
ديباچي مان ٿئي ٿي، جو مرزا صاحب ”منزل نصيرآباد 1
سيپٽمبر 1887ع“ تي لکي پورو ڪيو. اهائي هن ڪتاب جي
تاليف جي تاريخ سمجهڻ گهرجي. هن ڪتاب جي مطالعي
مان ظاهر آهي ته مرزا صاحب اهو مواد ڪم آندو، جيڪو
کيس مير عبدالحسين خان سانگي وٽان مليو، پر البته
مرزا صاحب راوين جا نالا ۽ حڪايتن جا تفصيل توڙي
ڪي روايتون ڇڏي ڏنيون ۽ ڪن روايتن جو فقط مقصد
مختصر طور ڏنو. شاهه صاحب جو نسب نامو توڙي سندس
حاضري جي فقيرن جا نالا جيڪي’لطائف لطيفي‘ جي متن
جو جز آهن، سي آخر ۾ ضميمي طور درج ڪيائين. بقول
سانگي، مرزا صاحب سانگي جي گڏ ڪيل بنيادي مواد مان
انتخاب تي اڪتفا ڪئي.
1887ع ۾ لکندي، مرزا صاحب پنهنجي ديباچي ۾ ڄاڻايو آهي ته حضرت
شاهه صاحب جي سوانح بابت مفصل احوال ”اڃا ڪنهين
ڪين لکي پڌرو ڪيو آهي.“ اهو بالڪل صحيح آهي: هن
کان اڳ مٿي ڏنل تفصيل مان معلوم ٿيندو ته هن ڪتاب
جي شايع ٿيڻ کان اڳ جن پنجن مصنفن شاهه صاحب جي
حياتي جو احوال ڏنو سو مختصر طور ئي ڏنو. بيشڪ
حضرت شاهه صاحب جي تفصيلي سوانح حيات پهريون ڀيرو
مرزا صاحب جي هن تاليف سان ئي ڇپجي پڌري ٿي. جيئن
ته هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سردست اسان جي آڏو
موجود نه آهي، انهيءَ ڪري چئي نٿو سگهجي ته اهو
ڪڏهن شايع ٿيو. البت ديباچي ۾ ’قلم تازو‘ جي عنوان
هيٺ مرزا صاحب لکيو آهي ته پهريائين هيءُ ڪتاب هن
انگريزيءَ ۾لکيو ۽ پوءِ ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
غالباً اهو سنڌي ترجمو’سيپٽمبر 1887ع‘ کان پوءِ
سگهو ئي ڪيائين، جو هن ’قلم تازي‘ مورخه ”5، نومبر
1897ع“ هيٺ لکي ٿو ته، ”هن ڪتاب کي لکئي گهڻا
ورهيه ٿيا، هاڻي وري هن تي نظرثاني گهمائي ڇاپي
لاءِ تيار ڪيو ويو.“ هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو
غالباً پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور“ (جنهن جو ديباچي
جي هيٺان نالو ڏنل آهي) 15 نومبر کان پوءِ سنه
1897ع ۾ شايع ڪيو. ان بعد ٻيو ڇاپو 1905ع ۾، ۽
ٽيون ڇاپو 1910ع ۾ شايع ٿيو.
هن ڪتاب جا فقط پهريان پنج باب، صفحي 75 تائين، حضرت شاهه صاحب
جي سوانح بابت آهن، ۽ ڪتاب جو باقي پويون ۽ سَوايو
حصو شاهه صاحب جي رسالي، ان جي سرن جي مضمونن، ۽
تصوف جي نُڪتن جي سمجهاڻي تي مشتمل آهي. شاهه جي
سوانح بابت ڏنل حڪايتون راوين جي نالن کان سواءِ
ڏنل آهن، انهيءَ ڪري سَنَد ۽ تصديق خاطر لامحاله
سانگي جي ”لطائف لطيفي“ کي ڏسڻو پوندو.
”لطائف لطيفي“ مير عبدالحسين خان سانگي ”جمعي ڏينهن 19
جولاءِ1888ع“ تي لکي پورو ڪيو. مرزا قليچ بيگ صاحب
بنيادي طور مير عبدالحسين خان سانگي جي ڏنل مواد
کي آڏو رکي ” 1 سيپٽمبر 1887ع“ تي شاهه رحه جي
سوانح بابت پنهنجو انگريزي ۾ ڪتاب مرتب ڪيو، جنهن
کي پوءِ سگهوئي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين؛ ڏهه سال کن
پوءِ ”15 نومبر 1897ع“ تي سنڌي ترجمي تي نظرثاني
ڪري ان کي ڇاپي لاءِ تيار ڪيائين. انهن اُهڃاڻن
مان ظاهر آهي ته شاهه جي سوانح جي سلسلي ۾ مير
عبدالحسين خان سانگي جو ڪتاب بنيادي ۽ مرزا صاحب
جو هيءُ ڪتاب ثانوي حيثيت رکي ٿو، مگر اهي ٻئي سڀ
کان پهريان ڪتاب آهن جن ۾ حضرت شاهه صاحب جي سوانح
بابت ڪنهن حد تائين تفصيلي معلومات ڏنل آهن.
بعد ۾، اهي ٻه ڪتاب ئي پوين سوانح نگارن لاءِ مکيه ماخذ بنيا.
مير عبدالحسين خان سانگي جي مواد ذريعي پهريون
ڀيرو حضرت شاهه صاحب جي سوانح جي مکيه راوين يعني
ته ڀٽ جي فقيرن ۽ خصوصاً آخوند ميين احمدي جي بيان
ڪيل حڪايتن جي اهميت تسليم ٿي ۽ بعد جا سوانح نگار
انهيءَ طرح متوجهه ٿيا. ليلارام وطڻ مل لالواڻي
”شاهه لطيف جي زندگي، مذهب ۽ شاعري“ بابت هڪ سال
پوءِ 1889ع ۾ جڏهن انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو ته
ميرعبدالحسين خان سانگي جي نقش قدم تي آخوند ميين
احمدي کان وڃي حقيقتون پڇيائين ۽ سندس تصديق جي
بناءِ تي ئي ڏيارام گدومل جي ڪتاب جي اوڻاين تي
تنقيد ڪيائين.
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي سنه 1923ع
۾
ايڇ ٽي سورلي سنه 1940ع ۾، شاهه صاحب جي سوانح
بابت لکندي مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب کي سامهون
رکيو. ٻين موءلفن مان جن شاهه صاحب جي سوانح تي
لکيو تن پڻ ڪم و بيش ساڳيو ئي مواد پيش ڪيو. البت
مولانا دين محمد وفائي سنه 1950ع ۾ جڏهن حضرت شاهه
صاحب جي سوانح بابت پنهنجو ڪتاب ”لطف اللطيف“
تاليف ڪيو، تڏهن ڪن ٻين ماخذن جا حوالا پڻ پيش
ڪيائين.
هن کان اڳ شايع ڪيل ’لطائف لطيفي‘ جي مهاڳ ۾ اسان انهيءَ طرف
توجهه ڇڪائي چڪا آهيون ته حضرت شاهه صاحب بابت
حڪايتون، بيان ڪندڙ معتقدن جي پنهنجي محبت جي جذبي
تي مبني آهن؛ انهيءَ ڪري حقيقت تائين پهچڻ لاءِ
انهن کي ٻين ماخذن سان ڀيٽڻ ۽ تنقيد جي ڪسوٽي تي
پرکڻ ضروري آهي. جيئن ته مرزا صاحب جي هن ڪتاب جو
بنيادي مواد ساڳيو ”لطائف لطيفي“وارو آهي، انهيءِ
ڪري ان کي پڻ تنقيدي نگاهه سان ڏسڻ ضروري آهي.
مرزا صاحب جو هيءُ ڪتاب غالباً چار دفعا اڳ ڇپيو، مگر جيئن ته
آخري
ٻن ڇاپن (1910ع) جي اشاعت(1) کي پڻ ايڪهٺ سال گذري چڪا آهن، ۽ اڳيان ڇاپا
ناياب ٿي ويا آهن، انهيءَ ڪري ضروري سمجهيو ويو ته
حضرت شاهه صاحب جي سوانح بابت هن آڳاٽي ۽ اهم ڪتاب
کي وري شايع ڪيو وڃي. ڪتاب جي ڇپيل متن ۾ البت
صورتخطي توڙي جملن جي سٽاء ۾ ڪافي نقص نظر آيا، جن
مان صورتخطي جي اصلاح ڪئي وئي آهي. ڇاپي ۾ ڏنل
شروع واري فهرست ۾مختلف بابن جي تفصيلي عنوانن
مطابق، متن ۾پڻ اسان اهي ننڍا عنوان چورس ڏنگين ۾
نروار ڪيا آهن، انهيءَ لاءِ ته مولف جي عنوانن
واري سٽاء پڙهندڙ جي سامهون رهي.
آءٌ ”شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڪاميٽي“ طرفان مرزا صاحب جي
فرزندن، خصوصاً
جناب مرزا اسد بيگ صاحب ۽ جناب اجمل بيگ صاحب جن جو شڪريو ادا ڪريان
ٿو، جن هن ڪتاب جي اشاعت ۾ ڪاميٽيءَ سان دلي تعاون
ڪيو ۽ ان اشاعت کي ڪارخير سمجهي، بنا ڪنهن معاوضي
جي ان جي ڇاپڻ جي اجازت ڏني.
محترم محمد اسماعيل شيخ ۽ محترم ممتاز مرزا هن ڪتاب جي پروفن
پڙهڻ ۽ ڇپائي جي نگراني ڪري هن ڪارخير ۾ حصو ورتو.
سنڌ يونيورسٽي
حيدرآباد سنڌ خادم العلم
24 مارچ 1972ع نبي بخش
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي ۽ سوانح
بابت جامع تحقيقي رٿا
(منظور ڪيل ثقافتي مرڪز ڪاميٽي30 سپٽمبر 1966ع)
ڇپيل ڪتاب
(الف) رسالي جو سرُن وارو تحقيقي مطالعو
اشاعت
جو سال
1. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ اسلامي اقدار 1967ع
2. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ انساني اخلاق ۽ ڪردار جو
معيار
1968ع
3. شاهه، سنڌي ٻوليءَ جو معمار 1969ع
4. سر ڪلياڻ جو مطالعو 1970ع
5. سر جمن جو مطالعو 1971ع
6. سرکنڀات جو مطالعو 1972ع
(ب) رسالي ۽ سوانح بابت بنيادي ماءخذن
۽ ڪتابن جي اشاعت
1. لطائف لطيفي (فارسي 1967ع
تاليف: مير عبدالحسين خان ”سانگي“
2. شاهه جو رسالو (برٽش
ميوزيم وارو نسخو) 1969ع
تصحيح: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
3. احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1972ع
تاليف: مرزا قليچ بيگ
4. شاهه جي رسالي جا سرچشما 1972ع
تحقيق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
فهرست بابن جي
۽
مختصر تفصيل مضمونن جو
ديباچو (مصنف جي طرفان) 3- 5
باب پهريون 7- 17
شاعر ڪنهن کي چئجي- شاعر ۽ نبي جي وچ ۾ ڀيٽ- شاهه صاحب جو ڄمڻ-
سندس اصل نسل- سندس وڏن جو هرات مان سنڌ ۾ اچڻ-
هالن ۾ شادي ڪرڻ- سيدن جو خاندان- شاهه عبداللطيف
جي ننڍائي جو بيان- ننڍي هوندي جا ڏينهن- ننڍي
هوندي جون عادتون- هندن فقيرن سان گهمڻ جو شوق-
ناني ۽ سٻڙ سخي جو بيان.
باب ٻيو 18- 26
ماڻهو شاهه جا مريد ٿين ٿا- سندس جيسلمير ڏي وڃڻ- هڪڙي مريد وٽ
مهمان ٿيڻ- ناني ڏي وڃڻ- فقيرن سان تڪرار ڪرڻ،
۽ فقيرن کان جدا ٿي هلڻ،
۽ رستي تي هڪڙي جت سان ملاقات ڪرڻ- ٺٽي ڏي وڃڻ،
مخدوم ٺاري سان ملاقات ڪرڻ ۽ رستو رکڻ- مغل بيگ
سان شاه صاحب جو رستو- مغل بيگ جو شاهه صاحب کي
ڪوٽڙي مان لڏائڻ- مغل بيگ جو چورن جي هٿان مرڻ، ۽
مغل بيگ جي نياڻي سان شاهه صاحب جي شادي ڪرڻ.
باب ٽيو 27- 39
شاهه عبداللطيف جو زور وٺڻ ۽ هالن جي پيرن ۽ متعلوي يعني مٽيارين
جي سيدن
۽ نورمحمد ڪلهوڙي جي دل ۾ حسد پيدا ٿيڻ-
شاهه صاحب جو بلڙي ۾ شاهه ڪريم جو قبو جوڙائڻ-
سندس دشمنن جي ساڻس هلت- ڀٽ تي سندس نئون ڳوٺ
ٺاهڻ- سندس والد جي وفات- سندس
ڀٽ
تي ويهڻ.
باب چوٿون 40- 48
شاهه صاحب جو گلان ڪڃريءَ کي دعا ڪرڻ، ۽ هن کي ميان غلام شاهه
ڄمڻ- شاهه عبداللطيف جي وفات- سندس پڇاڙيءَ جي
ڏينهن جو احوال- غلام شاهه ڪلهوڙي جو شاهه صاحب جو
قبو جوڙائڻ- ٽالپرن جي مرمت ڪرائڻ- جمال شاهه جو
گاديءَ تي ويهڻ- ڪن ڳالهين جو جمال شاهه جي فائدي
۾ وڃڻ- خليفي تمر جو ڄمڻ، ۽ ننڍپڻ جو احوال.
باب پنجون 49- 57
شاهه عبداللطيف جي شڪل شبيهه ۽ هلت چلت جو بيان- سندس هٿن جون
شيون، جي اڃا تائين باقي آهن- سندس علميت- سندس
عادتون- سندس رحمدلي- سندس تحمل- شاهه ڪريم جي
تحمل جو بيان- شاهه صاحب جون دعائون ۽ پِٽون.
باب ڇهون 58- 75
شاهه عبداللطيف جا نيڪ رستا- عشق ۾ شادي ڪرڻ بابت سندس راءِ –
سندس ديني خيال- سندس مذهب جا ٻه طرف- سندس راڳ جو
شوق- سندس مريدن جو اعتقاد- سندس راڳ جو عجيب اثر
– متفرقه ڳالهيون – شاهه صاحب جي هلت چلت جو بيان
– ڪرامتن ۽ هشياري وغيره بابت- سندس ٻيون ڳالهيون
تن جو بيان.
باب ستون 76- 93
شاهه جو رسالو، ۽ ان جو جڙڻ، ان جون جدا جدا ڇاپون، انهن تي
راءِ – شاهه صاحب جي ڪلام جي خاصيت – شعر جو قسم ۽
ان جو نمونو – سُرن جو جوڙجڪ- رسالي جا ڀاڱا –
شاهه صاحب جي شعر جي مهيت- شاهه عبداللطيف ۽ حافظ
شيرازي جي ڀيٽ – سندس شعرن جون ٻه ٽي معنائون- نبي
جي ڪلام سان مشابهت.
باب اٺون 94 – 113
علم تصوف جا خاص نُڪتا ۽ قرآن ۽ حديث وغيره مان شاهديون، جي
ان سان شامل آهن.
باب نائون 114 – 140
رسالي جي سُرن جو مختصر مضمون ۽ تصوف سان لاڳاپو – سُر
ڪلياڻ: مضمون ۽ انتخاب- سر جمن: مضمون ۽ انتخاب- سُر
سر
راڳ: مضمون ۽ انتخاب- سر سامونڊي: مضمون ۽ انتخاب-
سر سهڻي:ميهار جو قصو،مضمون ۽ انتخاب-
سُر
کنڀات: مضمون ۽ انتخاب- سُر
سارنگ: مضمون ۽ انتخاب- سُر
ڪيڏارو: - امامن جي شهادت جو بيان، مضمون ۽
انتخاب- سُر آبري:
مضمون ۽ انتخاب- - سُر
معذوري: مضمون ۽ انتخاب- سر ديسي: مضمون ۽ انتخاب-
سُر
ڪوهياري: مضمون ۽ انتخاب- سُر
حسيني: مضمون ۽ انتخاب.
باب ڏهون 141 – 176
سر سورٺ: سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جو قصو، مضمون ۽ انتخاب- سر براڳ:
اشارو – سر هير رانجهو؛ اشارو- سر بروو سنڌي:
مضمون ۽ انتخاب- سر مومل راڻو: مومل ۽ راڻي جو
قصو، مضمون ۽ انتخاب- سر کاهوڙي: مضمون ۽ انتخاب-
سر رامڪلي: مضمون ۽ انتخاب- سر رپ: مضمون ۽
انتخاب- سر ليلان چنيسر: ليلان ۽ چنيسر جو قصو،
مضمون ۽ انتخاب- سر بلاول: مضمون ۽ انتخاب- سر
ڏهر: مضمون ۽ انتخاب- سر ڪاپاتي: مضمون ۽ انتخاب-
سر پرڀاتي: مضمون ۽ انتخاب- سر گهاتو: مورڙي جو
قصو، مضمون ۽ انتخاب- سر شينهن ڪيڏارو: مضمون ۽
انتخاب- سر آسا: مضمون ۽ انتخاب- سر مارئي: عمر ۽
مارئي جو قصو، مضمون ۽ انتخاب- سر ڍول مارئي:
اشارو- سر ڌناسري: اشارو- سر پورب: مضمون ۽
انتخاب- سر ڪاموڏ: نوري ۽ ڄام تماچي جو قصو، مضمون
۽ انتخاب- سر ڪارايل: مضمون ۽ انتخاب- سر بسنت:
مضمون ۽ انتخاب.
ضميمو – الف
شاهه عبداللطيف جي نسل جو شجرو حضرت محمد علي الله عليه وسلم
تائين.
ضميمو – ب
حضرت محمّد
کان وٺي شاهه عبداللطيف تائين مرشدي ۽ مريدي جو
سلسلو
.
ضميمو – ج
سٻڙ سخي جو نسل ابو لهب تائين
.
ضميمو – د
هندستان جي موسيقي جي علم موجب راڳطين
جي يادداشت.
ضميمو – هه
شاهه عبداللطيف جي خدمت ۾ جيڪي خاص فقير ۽ مريد حاضر هوندا هئا،
تن جا نالا.
احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي
متن
دبياچه
جيڪي شاعر سنڌ ۾ ٿي گذريا آهن، تن ۾ اهڙو شاعر،
جنهن جو شعر ننڍي وڏي جي وات ۾ هجي، ۽ عام خاص کي
وڻندڙ هجي، سو ته شاهه عبداللطيف جهڙو ٻيو ڪونه
هوندو.
هو رڳو مشهور شاعر نه آهي پر مشهور اولياءَ آهي، ۽
انهيءَ ڪري هن ملڪ جي بزرگن منجهان هن جو سڀ کان
وڌيڪ نالو آهي.
سندس رسالو هن کان اڳي ٻه ٽي ڀيرا ڇاپ ۾ اچي ويو
آهي، مگر سندس مفصل احوال اڃا ڪنهين ڪين لکي پڌرو
ڪيو آهي
. يا ته وري ضرور نه ڄاتو اٿن، يا ته آسانيءَ سان
هٿ نه لڳي سگهيو اٿن، تنهنڪري مون پنهنجي خاص
وندر لاءِ
، ۽ عام فائدي ۽ خوشيءَ
لاءِ، اها محنت پاڻ تي هموار ڪري، سندس احوال لکڻ
۾ هٿ وڌو، پر انهيءَ ڪم ۾ مون کي گهڻي مشڪلات
درپيش هئي: ڪيئن جو اهڙو احوال ڪنهن ڪتاب ۾ نه هو.
هڪ ٻن پارسي ڪتابن ۾ ٿورو بيان لکيل ڏسڻ ۾ آيو،
مگر منهنجو مطلب هو ته شاهه صاحب جو مفصل احوال
ڏيان
. انهيءَ مطلب پوري ڪرڻ لاءِ، مون کي لاچار ٿيو ته
شاهه عبداللطيف جي حياتي جي ڏينهن ۾ سندس هلٿ چلت
۽ طبيعت ۽ هوشياري بابت جدا جدا جاين تان، جدا جدا
خبرون گڏ ڪريان
. اهي خبرون سندن مريدن ۽ فقيرن ۽ ٻين واسطيدارن
ماڻهن کان هٿ لڳي سگهيون، مگر رڳو ڳالهين ۽ آکاڻين
جي صورت ۾، جهڙي طرح اڪثر مريد پنهنجن پيرن جي
ڪرامتن جي ڳالهين جي صورت ۾
]ڪندا
آهن[.پر
انهن خبرن ڏيندڙن منجهان ڪي اهڙا معزز ۽ معتبر
ماڻهو به هئا، جن تي ڀروسي رکڻ ۾ ڪائي حرڪت ڪانهي.
تنهنڪري اهڙو احوال، سچو ڄاڻي هتي آندو ويو
.
جن جاين تي اڳي ورهين جا ورهيه بي علم ڄٽ ماڻهو
رهندا آيا آهن، اتي به هاڻي هوش وڌيو آهي
. جيڪي اڳي معجزا سمجهبا هئا، سي هاڻي رڳو وهمي
خيال يا اٽڪلون يا عقلي ۽ علمي آزمودا ليکڻ ۾ اچن
ٿا. جيڪي اڳ ۾ ڪرامتون شمار ۾ اينديون هيون، سي
هاڻي رڳو ٻارن کي پرڀائڻ جون يا ڏڏن کي منجهائڻ
جهڙيون ڳالهيون ليکجن ٿيون. پر انهيءَ هوندي به
جيڪي ڏٺو يا ٻڌو ويو آهي، تنهن تي قياس ڪري هيترو
چئي سگهجي ٿو ته، جن خدا جي ٻانهن پنهنجا سڀ
دنيائي ڌنڌا ۽ فڪر واسطا ڇڏي ۽ پانهنجو
سمورو ڌيان پنهنجي ڌڻيءَ ۾ لڳايو آهي، ۽ انهيءَ جي
لاءِ جيا ۽ مئا آهن، تن تي خدا تعاليٰ جي مهرباني
۽ محبت وڌيڪ رهي آهي، ۽ هميشه تائين پئي رهندي
. تنهنڪري اهڙن خاص ماڻهن بابت جيڪي عجيب و غريب
ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديون، سي شايد سڀ ڪوڙيون نه
هونديون، نه ته به اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ ته خوشيءَ
سان گهرجن، پوءِ سمجهه وارو انهي تي ويساهه ڪري.
هاڻي مون هي احوال گڏ ڪيو آهي، سو به خاص انهيءَ رٿ تي؛ ۽ جهڙي صورت ۾ مون کي هٿ لڳو آهي اهڙي صورت ۾ مون
پڙهندڙن جي پيش ڪيو آهي. انهي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو
چاڙهو ڪونه هو. نبين، ولين ۽ پهلوانن ۽ اهڙي قسم
جي ٻين ماڻهن جي احوال ڏيڻ جي اها ئي ريت آهي
. سڀ ڪنهن ٻولي ۾، ۽ سڀ ڪنهن ملڪ ۾ اهڙو احوال ڏيڻ
جي انهيءَ رستي ڏنو ويو آهي، تنهنڪري مون رڳو
پاڻئون چڱن جي پيروي ڪئي آهي، ۽ جيڪڏهن منهنجي هن
ڪتاب مان پڙهندڙن کي خوشي حاصل ٿي، يا منجهانس ڪو
فائدو هٿ لڳو ته بس منهنجو مطلب پورو ٿيو، ۽
منهنجو پورهيو صاب پيو.
آخرين هي عرض آهي ته آءٌ جناب مير صاحب مير
عبدالحسين خان ٽالپر ساڪن حيدرآباد
جي
جو گهڻي قدر ممنون ۽ شڪر گذار آهيان، جو انهن کان
هن ڪتاب جي مضمون گڏ ڪرڻ ۾ مون کي گهڻي مدد ملي
آهي. جي مير صاحب مٿيان ايتري درد سري پاڻ تي نه
کڻن ها ته هي ڪتاب اهڙو جلد پورو ٿي ڪين سگهي ها.
منزل نصير آباد تاريخ 1- سيپٽمبر سنه 1887عيسوي
اشارو
هن ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي سولائي لاءِ شاهه عبداللطيف جي
بدران ’شاهه صاحب‘ يا ’اولياء صاحب‘ اهي الفاظ ڪم
۾ آندا ويا آهن.
قلم تازو
هي ڪتاب پهريائين مون انگريزيءَ ۾ لکيو هو، پر
گهڻن دوستن جي فرمائش موجب وري انهيءَ جو سنڌي ۾
ترجمو ڪيو اٿم ته
ڀلي سنڌي ڄاڻندڙ انهيءَ مان فائدو وٺن
. هن ڪتاب کي لکئي گهڻا ورهيه ٿيا، هاڻي وري هن تي نظرثاني
گهمائي، ڇاپي لاءِ تيار ڪيو ويو.
تاريخ 15- نومبر سنه 1897 عيسوي
قليچ بيگ
صاحبان ضرور پڙهندا
هن ڪتاب جو تفصيل بابن ۽ سرن ۽ ضميمن وغيره، سڀ هن ڪتاب
جي پويان ڪيو ويو آهي، سو مهرباني ڪري ڏسندا.
نياز مند پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور
|