سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: دوستي

 

صفحو :4

”پوءِ دوستي آخر ڪھڙي شيءِ جا نانءُ ٿيو ڇو تھ جيڪڏھن اھا موجود ناھي تھ سٺن ماڻھن کي ھڪٻئي جي ضرورت ئي ناھي – ڇو تھ جڏھن ھو رڳو پاڻ موجود آھن، تڏھن بھ پنھنجو پاڻ لاءِ ڪافي آھن - ۽ جڏھن اھا موجود آھي تھ ھو ھڪٻئي لاءِ ڪارائتا ئي ڪونھن؟ سو اھڙن شخصن کي آخر ڪيئن ھڪٻئي جو قدر ڪرڻ لاءِ قائل ۽ مال ڪري سگھجي؟“

”انھن کي نھ ٿو ڪري سگھجي“.

”۽ دوست وري اھي ٿي ئي نھ ٿا سگھن، جيستائين اھي ھڪٻئي جو قدر نھ ٿا ڪن؟“

”بلڪل سچ“

”پرلائسس، ڏجسان تھ ھاڻي بھ اسان ان سڄي بحث ۾ ڌوڪو تھ نھ کائي رھيا آھيون ...... ڇا واقعي اسان وري بھ سمورا جو سمورا غلطي تھ نھ ڪري ويا آھيون؟“

”اھو وري ڪيئن؟“ ھن پڇيو،

”مون کي ھينئر ھينئر ياد ٿو اچي تھ مان ڪنھن کي ائين چوندي ٻڌو آ تھ ھڪجھڙو ھڪجھڙي جو وڏي ۾ وڏو دشمن ٿيندو آ؛ ۽ سٺو سٺي جو؟ .... ان ھمراه ھيسائيڊ جي مستند راءِ جو حوالو ڏنو، جيڪو چئي ٿو؛

ڪنڀار، ڪندو آ تڪرار، ڪنڀار سان،

ڀٽ، ڀٽ سان،

فقير، فقير سان.

” ۽ باقي سڀني معاملن جي باري ۾ بھ ھن ساڳي انداز سان اھا دعويٰ ڪندي چيو تھ، اھو لازمي ئي آھي تھ وڌيڪ ھڪجھڙا، ھڪٻئي سان وڌيڪ ساڙ، جھگڙي ۽ نفرت سان ڀريل ھوندا آھن ۽ وڌيڪ مختلف ۾ وري دوستي ھوندي آھي. ڇو تھ غريب ماڻھو، پئسي واري سان دوستي رکڻ تي مجبور ھوندو آھي، ڪمزور کي سگھاري جي مدد جي گھرج ھوندي آھي، بيمار کي طبيب جي، ۽ ھر اھو جيڪو جاھل آھي، ڪنھن اھڙي سان ئي پيار ڪرڻ ۽ کانئس حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، جيڪو ڄاڻ رکي ٿو، ۽ سچ پچ تھ ھو جادو ڪري ڇڏيندڙ جملن ۾ چوندو ويو تھ ”ھڪجھڙن جي وچ ۾ دوستي جي ھجڻ واري ڳالھھ، سچ تھ، پر سچ جي بلڪل ئي ابتڙ آھي. ۽ اھو تھ وڌيڪ ابتڙ / متضاد، وڌيڪ دوست ھوندا آھن، ڇاڪاڻ تھ ھر شيءِ ھڪجھڙي جي تھ، پر جيڪو وڌيڪ مختلف آھي، ان جي طلب رکي ٿي، مثال طور خشڪ کي تر جي طلب آھي، ٿڌي کي ڪوسي جي؛ کٽي کي مٺي جي، تکي کي مڏي جي، خالي کي ڀريل جي، ۽ ائين ئي پيون سموريون شيون بھ آھن، ڇو تھ مخالف خوراڪ ھوندو آھي مخالف جي جڏھن تھ ھڪجھڙي کي ھڪجھڙي کان ڪجھھ ھڙ حاصل ئي نھ ٿيندو آھي.“ مان ٿو سوچيان تھ جنھن ھمراھھ ھي ڪجھھ چيو، سو منڊ مڙھي ڇڏيندڙ شخص ئي ھيو، ۽ ھن واقعي درست ئي ڳالھايو. اوھان سڀئي ڇا ٿا چئو؟“

”پھرين ٻڌڻ تي تھ مون کي ائين ئي چوڻ گھرجي تھ ھو درست آھي.“ مينيڪسينس چيو،

”تھ پوءِ اسان ائين چئون تھ وڏي ۾ وڏي دوستي ضدن جي ھوندي آھي؟“

”بلڪل ائين“

”ھائو مينيڪسينس، پر ڇا اھو ڀيانڪ جواب نھ ھوندو؟ ۽ ڇا وڏا وڏا ڏاھا اھو ٻڌي، پنھنجي سوڀ سمجھي، اسان مٿان ڪڙڪي نھ پوندا ۽ جيڪڏھن ھو، بلڪل بھ واجبي طور اھو سوال پڇي وٺن تھ ڇا پيار، نفرت جو ضد نھ آھي، تھ پوءِ اسان کين ڪھڙو جواب ڏينداسين – پوءِ اسان کي تسليم ئي نھ ڪرڻو پوندو تھ ھو سچ ٿا چون؟“

”اسان کي لازم تسليم ڪرڻو پوندو“.

”پوءِ ھو ويتر ائين پڇندا تھ ڇا دشمن، دوست جو دوست ھوندو آھي، يا دوست، دشمن جو دوست ھوندو آھي؟“

”بلڪل بھ نھ“ ھن وراڻيو.

”چڱو ڀلا ھڪ انصاف پسند انسان، بي انصاف جو دوست ھوندو آھي، يا معتدل غير معتدل جو، يا سنو بُري، ڇو؟“

”مون کي سمجھھ ۾ نھ ٿو اچي تھ ائين ڪيئن ممڪن ھوندو؟!“

”تنھن ھوندي بھ“ مون چيو ”جيڪڏھن متضاد سڀاء وارن ۾ دوستي ھلي ئي ٿي تھ پوءِ متضاد، لازمي طور، دوست ھڄن ئي کپي.“

”لازم ھجڻ کپن“.

”پوءِ تھ، نھ ھڪجھڙا ھڪجھڙن جا ۽ نھ مخالف، مخالفن جا دوست ھوندا.“

”منھنجي خيال ۾ بھ نھ ھوندا.“

”۽ اڃا ھڪ ٻي ڳالھھ بھ ويچارڻ جھڙي آھي، ڇا دوستيءَ بابت بيان ڪيل اھي سمورا رايا غلط ٿي نھ ٿا سگھن؟ ڇو تھ اھو جيڪو، نھ سٺو نھ بُرو آ، پوءِ بھ اھو ڪن حالتن ۾ سٺي جو دوست ٿي سگھي ٿو.“

”اوھان اھو ڪيئن ٿا چئو؟“ ھن چيو.

”حقيقت ۾“ مون چيو، ”سچ تھ اھو آھي تھ مان بھ نھ ٿو ڄاڻان تھ ڪيئن، پر منھنجو دماغ ھيڏي بحث سبب مونجھاري ۾ جو پيو آھي ۽ ان ڪري مان ان ڌڪي جو خطرو کنان ٿو تھ خوبصورت ئي دوست ھوندو آھي، جيڪا پراڻي چوڻي آھي، خوبصورتي جيئن تھ ھڪ ڪونئري، ڪومل، لسي ۽ ترڪڻي شيءِ آھي ۽ تنھنڪري ئي اھڙي سڀاءَ جي آھي، جو آسانيءَ سان اندر سرڪي وڃي ٿي ۽ اسان جي اتمام ۾ پھچي وڃي ٿي، ڇو تھ مان اھو وڏي واڪي چوان ٿو تھ، سٺو ئي خوبصورت ھوندو آھي. تون ان سڀان متفق ٿيندين؟“

”ھائو“

”مان اھو ان لحاظ کان ٿو چوان تھ جيڪو نھ سٺو نھ بُرو آھي سو خوبصورت ۽ سٺي جو دوست ھوندو آھي. مان توکي بڌايان ٿو تھ مان ڇو ائين سوچڻ لڳو آھيان، مان سمجھان ٿو تھ ھڪڙيون ٽي شيون آھن – سٺو، برو ۽ اھو جيڪو، نھ سٺو نھ برو، اھي، تون متفق ٿيندين – ڇا نھ ٿيندين؟“

”مان متفق آھيان“

”۽ نھ تھ سٺو دوست آھي سٺي جو، نھ برو بري جو، نھ ئي سٺو بُري جو؛ - اھي ھڙئي متبادل، مٿين سمورن ڪيل بحثن سان رد ٿي چڪا آھن، تنھنڪري جيڪڏھن اڃا بھ، بھر صورت، دوستي يا پيار جھڙي، ڪا شيءِ ھجي تھ اسان کي پوءِ لازما اھو ئي انومان ڪڍڻ گھرجي تھ اھو جيڪو، نھ سٺو نھ برو، اھي سوئي دوست ھوندو يا تھ سٺي جو يا ان جو جيڪو، نھ سٺو نھ بُرو، آھي. ڇو تھ ڪو بھ، بُري جو دوست تھ ٿي ئي نھ ٿو سگھي.“

”صحيح“.

”۽ جيڪڏھن ائين تھ پوءِ جيڪو نھ سٺو نھ بُرو، آھي، ان جو، ڪو بھ اھرو دوست نھ ٿو ٿي سگھي، جيڪو، نھ سٺو نھ برو ھجي.“

”سڌي سنئين ڳالھھ آھي.“

”تھ پوءِ صرف، سٺو ئي ان جو دوست ھوندو جيڪو ، نھ سٺو نھ برو!“

”سمجھڻ گھرجي تھ يقينا ائين ئي ھوندو.“

”۽ ڇا ھي نتيجو اسان کي درست دڳ تي نھ ٿو وٺي وڃي؟ ڏس نھ، اھو جسم جيڪو صحتمند آھي، اھو نھ ئي دوا درمل ۽ نھ ئي ڪا ٻي مدد طلبي ٿو، ڇو تھ اھو بلڪل صحتمند آھي سو صحتمند انسان کي جيئن تھ صحت آھي، ان ڪري کيس طبيب لاءِ چاھھ ڪونھي.“

”ھائو، ھن کي ڪونھي“.

”پر بيمار کي ھن سان پيار آھي، ڇو تھ ھو بيمار آھي؟“

”يقينا“

”۽ بيماري ھڪ بُري شيءِ آھي، ۽ طبابت ھڪ سٺي ۽ ڪارائتي شيءِ؟“

”ھائو“

”پر انساني جسم، ھڪ جسم طور، نھ سٺو نھ برو، آھي“.

”صحيح“

”۽ ۽ جسم، بيماريءَ جي سبب مجبور ٿئي ٿو تھ طبابت جي مدد طلبي ۽ ان سان دوستي رکي؟“

”ھائو“

”تھ پوءِ اھو جيڪو، نھ سٺو نھ برو، آھي، سو بُري جي موجودگيءَ سبب، سٺي جو دوست بڻجي ٿو.“

”اسان اھو ئي نتيجو ڪڍي سگھون ٿا“.

”۽ جيڪو نھ سٺو نھ برو آ، اھو بري جي عنصر سان بگڙجڻ کان پھريائين ئي سٺي جو دوست ٿيو ھوندو – ڇو تھ جيڪڏھن اھو خودبھ بگڙجي برو بڻجي ويو ھجي ھا تھ باقي پوءِ سٺي جي سڌ يا ان سان پيار نھ رکي ھا؛ ڇو تھ اسان ائين ئي پئي چيو تھ برو، سٺي جو دوست ٿي ئي نھ ٿو سگھي.“

”ھا، اھو نا ممڪن آ“

”مان وڌيڪ ائين بھ چوندس تھ ڪجھھ شيون جذب ٿي، ملي ھڪ ٿي وينديون آھن جڏھن ٻيون انھن سان گڏ ھونديون آھن ۽ وري ڪي اھڙيون بھ آھن جيڪي جذب ٿي نھ سگھنديون آھن، توکي مثال ڏيان ان مرھم يا رنگ جو، جيڪو ڪنھن ٻي شيءِ جي مٿان لڳايو ويندو آھي.“

”بلڪل ٺيڪ“.

”ان حالت ۾، ڇا اھا شيءِ جنھن تي لڳايو وڃي ٿو، سا ساڳي ئي ھوندي آھي جھڙو مرھم يا رنگ؟“

”توھان جو ڇا مطلب!؟“ ھن چيو

”منھنجو مطلب ھي آھي: جيڪڏھن مان تنھنجي سنھري ڀورن زلفن کي سفيد روغن سان رنڱيان تھ ڇا اھي حقيقي طور سفيد ٿي ويندا يا اھي صرف سفيد نظر ايندا؟“

”اھي صرف سفيد نظر ايندا.“ ھن وراڻيو.

”۽ ان ڪري جو سفيدي انھن منجھھ موجود ھوندي؟“

”صحيح“.

”پر اھا سفيدي انھن کي بھر ڪيف، ھميشه لاءِ سفيد نھ بڻائي ڇڏيندي، ان جي باوجود جو سفيدي انھن ۾ موجود آھي – اصل ۾ تھ اھي ڪارائي ھوندا ۽ سدائين لاءِ سفيد نھ بڻيا رھندا؟“

”نھ“.

”پر جڏھن پيرسني انھن ۾ سفيدي ڀري ٿي تھ پوءِ اھي تبديل ٿي وڃن ٿا ۽ سفيدي جي موجودگيءَ جي ڪري ئي سفيد رھن ٿا؟“

”يقينا“

”ھاڻي مان اھو ڄاڻڻ ٿو چاھيان تھ ڇا سڀني صورتن ۾ ھڪ شيءِ ٻي شيءِ جي موجودگيءَ جي ڪري يڪسان ۽ تبديل ٿي وڃي ٿي، يا موجودگي ڪنھن خاص ڳالھھ جي سبب ڪري ھجڻ کپي؟“

”پوئين سبب ڪري“ ھن چيو.

”تھ پوءِ اھو جيڪو، نھ سٺو نھ برو آھي سو بري جي موجودگيءَ ڪري ٿي سگھي ٿو. پر اڃا تائين برو نھ بڻيو آ جو بري بڻجڻ کان اڳ ۾ ٿيو آ.“

”ھائو“

”۽ جڏھن ڪا شيءِ بري جي موجودگيءَ ڪري آھي ۽ اڃا تائين بري نھ بڻي آھي تھ سٺي جي موجودگي ان ۾ سٺي جي خواھش اڀاري ٿي. پر بُري جي موجودگي جيڪا ڪنھن شيءِ کي برو بڻائي وجھي ٿي، سا سٺي بي سڌ ۽ دوستي کسي وٺي ٿي ڇو تھ اھو جيڪو اڳي سٺو ۽ برو، ٻئي ھيو، سو ھينئر رڳو برو بڻجي چڪو آھي ۽ پاڻ تھ ائين ئي سمجھندا ۽ چوندا آيا آھيون. تھ سٺي جي، بري سان تھ ڪا دوستي ئي نھ ھوندي آھي.“

”ڪا بھ نھ“.

”۽ ان ڪري اسين چئون ٿا تھ اھي جيڪي اڳ ۾ ئي ڏاھا آھن، پوءِ ديوتا يا انسان، اھي ھينئر ڏاھپ جا عاشق نھ رھيا آھن ۽ نھ ئي وري اھي ڏاھپ جا عاشق ٿي سگھن ٿا، جيڪي بري جي حد تائين، جاھل آھن. ڇو تھ ڪو بھ جاھل يا برو شخص ڏاھپ جو عاشق نھ ھوندو آھي. باقي اھڙا بھ کڻي آھن جيڪي بدقسمتيءَ سبب جاھل رھجي ويا آھن، پر پنھنجي جھالت ۾ اڃا پختا نھ ٿيا آھن، يا سمجھھ کان وانجھيل بھ نھ آھن ۽ اڃا اھو وھم ڪو نھ ويٺو اٿن تھ ھو اھو ڄاڻين ٿا جيڪو ڪجھھ ھو ڄاڻين ئي ڪو نھ ٿا، سو، ان ڪري اھي جيڪي اھپ جا عاشق آھن، سي اڃا تائين، نھ سٺا نھ برا آھن. پر ڳالھھ ھيءَ آھي تھ برا بھ ، سٺن وانگي، ڏاھپ سان پيار نھ ٿا ڪن ڇو تھ جيئن اسان اڳ ۾ ڏسي آيا آھيون تھ نھ ئي مختلف، مختلف جو دوست ھوندو آھي، نھ ئي ھڪجھرو، ھڪجھڙي جو، اوھان کي ياد آھي نھ؟

”ھا، ياد آھي“ ھنن ٻنھي چيو.

”۽ لائسس ۽ مينيڪسينس ائين اسان بس دوستيءَ جي حقيقت بھ ڳولي لڌي. ان بابت ھينئر ڪو بھ شڪ نھ ٿو سگھي، دوستي اھو پيار آھي جيڪو، ”نھ سٺي نھ بري“ کي، ”بري“ جي موجودگي سبب ”سٺي“ سان ٿئي ٿو، پوءِ اھو ”سٺو“ ڪو آتما ھجي، جسم ھجي يا اڃا بھ ڪا ٻي شيءِ.“

ھو ٻئي متفق ٿيا ۽ تسليم ڪيائون. ھڪ گھڙيءَ لاءِ مان بھ ڏاڍو سرھو ٿيس ۽ ان شڪاري جيان مطمئن ٿي ويس جيڪو پنھنجي شڪار کي سوگھو جھليون بيٺو ھجي. پر ٻيءَ گھڙيءَ ئي، ھڪ بلڪل بھ نھ بيان ڪري سگھجندڙ شڪ منھنجي ذھن ۾ اڀريو ۽ مون محسوس ڪيو تھ نتيجو تھ غلط ھيو. مان ڏکي ئي پيس ۽ چيم، ”افسوس! لائسس ۽ مينيڪسينس، مون کي خدشو آھي تھ اسان رڳو پاڇي جي پويان ئي پئجي رھياسين.“

”اوھان ائين ڇو پيا چئو“ مينيڪسينس پڇيو.

”مون کي انديشو آھي تھ دوستيءَ بابت پنھنجو سڄو بحث ۽ دليل غلط ئي ٿي ويا، دليل بھ، انسانن وانگر، اڪثر کوٽا ھوندا آھن.“

”اوھان اھو ڪيئن پيا چئو“ ھن پڇيو.

”تون معاملي کي ھن انداز سان ڏس“ مون چيو ”ھڪ دوست، ڪنھن جو دوست ئي ھوندو آھي، ڇا ھو نھ ھوندو آ؟“

”يقينا ھو ھوندو آ“

”۽ ڇا ھڪ دوست ھوندي، ھن وٽ ڪا منشا ۽ مطلب ھوندو آھي يا ھن وٽ ڪا منشا ۽ مقصد ناھي ھوندو؟“

”ھن وٽ ھڪ منشا ۽ مقصد ھوندو آھي“۾

”۽ اھو مقصد جنھن کيس دوست بڻايو آھي، ڇا ھن کي پيارو ھوندو آھي يا ان سان کيس نھ ئي پيار ۽ نھ ئي نفرت ھوندي آھي؟“

”مان اوھان کي بلڪل سمجھي نھ سگھيس“ ھن چيو.

”۽ مون کي ان تي حيراني بھ نھ ٿي“ مون چيو ”شايد، جيڪڏھن مان معاملي کي بي انداز سان رکان تھ پوءِ تون مون کي سمجھي سگھندين ۽ خود منھنجو پنھنجو مطلب بھ منھننجي ئي آڏو واضح ٿي ويندو. ڪجھھ گھڙيون پھريائين مون ائين ئي پئي چيو تھ ھڪ بيمار شخص، طبيب جو دوست ھوندو آھي..... ڇا ھو نھ ھوندو آھي؟“

”ھائو ھوندو آھي“

”۽ ھو طبيب جو دوست، بيماري جي سبب ۽ صحت جي خاطر آھي؟“

”ھائو“

”۽ بيماري ھڪ بُري شيءِ آھي“

”يقينا“

”۽ صحت جي باري ۾ ڇا چوندين؟“ مون چيو ”اھا سٺي آھي يا بُري، يا ٻنھي مان ڪا بھ نھ؟“

”سٺي“ ھن وراڻيو.

”۽ منھنجي خيال ۾ اسان ائين چئي رھيا ھئاسين تھ جسم، جيڪو، نھ سٺو نھ برو، آھي، سو بيماري جي سبب ڪري، يعني ائين چئجي تھ برائي جي سبب ڪري طب جو دوست آھي ۽ طب ھڪ سٺائي آھي، ۽ طب، دوستيءَ جي انھيءَ ناتي ۾ صحت جي خاطر ئي داخل ٿي آھي ۽ صحت سٺائي آھي.“

”صحيح“.

”۽ ڇا صحت ھڪ دوست آھي يا دوست نھ آھي؟“

”ھڪ دوست آھي“

”۽ بيماري ھڪ دشمن؟“

”ھائو“

”پوءِ اھو جيڪو، نھ سٺو نھ برو، آھي، سو برائي ۽ نفرت جي سبب ئي سٺي جو دوست آھي. ۽ دوستيءَ ۽ سٺائيءَ جي خاطر ئي آھي؟“

”ظاھر آ“

”تھ پوءِ ڪوئي دوست، دوست جي خاطر ئي دوست ھوندو آھي ۽ دشمن جي سبب ڪري؟“

”اھو انومان ئي نڪري ٿو.“

”اي نينگرؤ، ھينئر ھن نقطي تي ئي اسان کي ھوشيار ٿيڻ کپي ۽ ڌوڪي کان خبردار رھڻ گھجري. مان اھو وري ڪو نھ ورجائيندس تھ ھڪ دوست، دوست جو دوست ھوندو آھي ۽ ھڪجھڙو ھڪجھڙي جو، جيڪو اسان ثابت ڪري چڪاسين تھ ناممڪن آھي. پر ان ڪري تھ متان ھي نئون بيان اسان کي ڀنڀلائي نھ وجھي، اسان کي وڏي ڌيان سان ھڪ ٻيو نقطو جاچڻ گھرجي، جيڪو مان ھينئر سمجھائڻ وارو آھيان، طب، جيئن اسان چئي رھيا ھئاسين تھ، ھڪ دوست آھي يا اسان کي اھا پياري جو آھي تھ صحت جي خاطر ئي آھي.“

”ھائو.“

”صحت پڻ پياري آھي.“

”يقينا.“

.۽ جيڪڏھن پياري آھي تھ ڪنھن شيءِ جي خاطر ئي پياري آھي؟“

”ھائو.“

”۽ پڪ سان اھو مقصد بھ ضرور پيارو ھوندو – جيئن پنھنجي اڳ ڪيل قبوليتن ۾ اچي چڪو آھي.“

”ھائو“.

”۽ اھو تھ ڪا بھ پياري شيءِ، ڪنھن ٻي شئي کي بھ پيارو ڪري ٿي وجھي؟

”ھائو“.

”پر پوءِ بحث کي ائين وڌائيندي، ڇا اسان دوستي ۽ پيار جي ان پھرين وصف تي نھ پھچي وينداسين، جيڪو ڪنھن ٻئي حوالي ۽ نسبت سان بيان ڪرڻ جي قابل نھ ھوندو، جنھن جي خاطر ئي، جيئن اسان چئون پيا، ٻيون سموريون شيون پياريون ھونديون آھن ۽ اتي پھچي ڪري، اسان جو بحث تھ بيھجي ويندو؟“

”واقعي.“

”منھنجو انديشو اھو آھي تھ ٻيون سموريون شيون، جيڪي، جيئن اسان چئون ٿا، ڪنھن ٻئي جي خاطر پياريون آھن، صرف ڌوڪا ۽ وھم آھن، پر جتي اھا پھرين وصف ۽ اصول آھي، اتي ئي دوستيءَ جو سچو آدرش آھي. مون کي معاملي کي کڻي ھيئن رکڻ ڏي، سمجھھ تھ ھڪ وڏو خزانو آھي، اھو پٽ بھ ٿي سگھي ٿو، جيڪو پنھنجي پيءُ لاءِ سندس ٻين سمورين خزانن کان وڌيڪ قيمتي آھي – تھ ڇا اھو پيءُ، جيڪو پنھنجي پٽ جو ٻين سڀني شين کان وڌيڪ قدر ڪري ٿو، سو پنھنجي پٽ جي خاطر، ٻين شين جو بھ قدر ڪوندو؟ منھنجو مطلب آ تھ، مثال طور، جيڪڏھن ھن کي خبر پئي تھ سندس پٽ زھر پيتو آھي ۽ پيءُ ائين سوچيو تھ شراب کيس بچائي سگھندو تھ ھو شراب جو قدر ڪندو؟“

”ھو ڪندو.“

”۽ ان ٿانوءَ جو بھ جنھن ۾ شراب پيل آھي؟“

”يقينا“

”۽ ڇا دوست جي باري ۾ بھ اھا ساڳي ڳالھھ نھ ٿي چئي سگھجي؟ تھ اھو جيڪو ڪنھن ٻي شئي جي خاطر اسان کي پيارو آھي، ان کي پيارو چوڻ غلط آھي، پر سچ پچ پيرو اھو آھي جتي ھي ھڙئي نالي ماتر پياريونج دوستيون کٽي پون ٿيون.“

”اوھان جي اھا ڳالھھ صحيح ٿي لڳي“ ھن چيو.

”۽ حقيقي پيارو ۽ دوستيءَ جي آخرين وصف يا اصول اھو نھ آھي تھ ڪوئي ڪنھن ٻئي جي خاطر يا ان کان اڳتي ڪنھن ٻئ يجي خاطر پيارو ھجي.“

”نيڪ.“

”تھ پوءِ اھا راءِ رد ٿي چڪي تھ دوستي جي اڃا ڪا وڌيڪ بي مراد ۽ مقصد ھوندو آھي. ڇا پوءِ اسان اھو نتيجو ڪڍون تھ سٺو ئي دوست ھوندو آھي؟“

”مان ائين ٿو سمجھان.“

”۽ سٺي سان پيار، بري جي سبب ڪيو ويندو آھي؟ مون کي معاملي کي ڀلا ھينئن رکڻ ڏي.

سمجھھ کني تھ ٽن شين، سٺو برو ۽ اھو جيڪو نھ سٺو نھ برو آ، انھن مان رڳو سٺو ۽ غير جانبدار باقي رھي ٿو ۽ اھو تھ برو ھليو ويو ۽ آتما يا جسم کي ڪنھن بھ حساب ۾ متاثر ڪو نھ ڪيائين، ۽ نھ ئي ڪو ان قسم جي شين کي بھ، جن لاءِ اسين چئون ٿا، تھ اھي پنھنجو پاڻ ۾ نھ سٺيون نھ بريون آھن – تھ ڇا سٺو، اسان لاءِ ڪنھن ڪارج جو ٿيندو، يا بيڪار کانسواءِ ٻيو ڪجھھ بھ نھ؟ ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن اھڙي ڪا بھ شئي نھ ھجي جيڪا اسان کي نقصان رسائيندڙ ھجي تھ ان صورت ۾ اسان کي ڪنھن اھڙي شئي جي ضرورت بھ نھ رھندي جيڪي اسان سان سٺائي ڪري، پوءِ اھو چٽو ڏسڻ ۾ ايندو تھ اسان سٺي سان پيار ۽ ان لاءِ سڌ، برائي جي سبب ڪري ۽ برائي جي علاج لاءِ رکون ٿا، جيڪا ھڪ مرض ھئي، پر جيڪڏھن ڪو مرض ھجي ئي نھ، تھ پوءِ ڪنھن علاج جي ضرورت بھ نھ رھندي. ڇا سٺائي جي حقيقت اھا نھ آھي – تھ، اسان جيڪي ٻن جي وچ تي بيٺل آھيون، ان اسان پيار، بري جي سبب ڪري ئي ڪيون ٿا؟ پر سٺائي جو، خود ان جي پنھنجي خاطر، ڪو بھ ڪارج ڪونھي؟“

.مان سمجھان ٿو ڪونھي.“

”تھ پوءِ تودستي جو آخري اصول ۽ وصف، جتي ٻيون سموريون دوستيون اچي ٽيون، منھنجو مطلب آ، اھي جيڪي نسبتي طور، پياريون آھن ۽ ڪنھن ٻي شئي جي خاطر، اھو اصول انھن کان مختلف ۽ ھڪ ٻي حقيقت وارو آھي. ڇو تھ اھي ڪنھن ٻي پياري يا دوست جي خاطر پياريون سڏجن ٿيون. پر حقيقي دوست يا پياري جي سلسلي ۾، معاملو بلڪل ئي ابتڙ آھن، ڇو تھ ثابت ٿيو تھ اھو ڪنھن سان نفرت ڪرڻ ڪري پيارو آھي ۽ جيڪڏھن نفرت ڪيل پري رھن تھ پوءِ ھو بھ پيارو نھ رھندو.“

”بلڪل سچ“ ھن وراڻيو، ”ڪنھن بھ طرح نھ رھندو جيڪڏھن سان جي ھي راءِ درست بيٺي رھي تھ“

”پر، ھا، مون کي ٻڌائيندي،“ مون چيو، ”تھ جيڪڏھن برائي نيست ۽ نابود ٿي وڃي تھ اسان کي پوءِ بھ بک لڳندي يا اڃا بھ اڃ لڳندي، يا اھڙي ڪا خواھش رھندي؟ يا اسان ائين فرض ڪيون تھ جيستائين انسان ۽ حيوان باقي رھن ٿا تھ بک نھ رھندي پر نقصان ڪار نھ ھوندي؟ ۽ اڃ ۽ ٻين خواھشن بابت بھ اھا ساڳي ڳالھھ سمجھجي تھ اھي رھنديون پر بريون نھ ھونديون، ڇو تھ برائي تھ برباد ٿي ڇڪي؟ يا مان البت ائين چوان تھ ٻنھي مان ڇا ھوندو يا ڇا نھ ھوندو، ائين پڇڻ ئي کل جھڙي ڳالھھ آھي، ڇو تھ ان جي ڪنھن کي ڪھڙي خبر؟ باقي اھي سو اسان ڄاڻون ئي ٿا تھ اسان جي موجوده صورتحال ۾ بک اسان کي نقصان بھ رسائي سگھي ٿي ۽ فائدو پڻ پھچائي سگھي ٿي. ڇا اھو درست نھ آھي؟“

”ھائو“

”۽ اھڙي ريت اڃ يا ساڳي قسم جي سڌ، اسان لاءِ ڪنھن مھل سٺي ۽ ڪنھن مھل بري ٿي سگھي ٿي ۽ ڪنھن مھل ٻنھي مان نھ ھيءَ نھ ھوءَ؟“

”پڪ ئي پڪ“

”پر اھرو ڪو سبب آھي، تھ ان ڪري جو برائي ناس ٿي وڃي، تھ اھو جيڪو برو نھ آھي، سو بھ ان سان گڏ ناس ٿيڻ گھرجي؟“

”اھڙو ڪو بھ سبب ناھي“.

”پوءِ توڙي جو جيڪڏھن برائي ناس ٿي وڃي ٿي تھ اھي خواھشون جيڪي نھ سٺيون نھ بريون، آھن، پوءِ بھ رھنديون؟“

”ظاھر آھي رھنديون“

”۽ ڇا انسان کي لازم ان سان پيار نھ ڪرڻ گھرجي جنھن جي آس ۽ سڌ ھو رکي ٿو؟“

”ھن کي لازم ڪرڻ گھرجي“.

”پوءِ جيڪڏھن برائي ڀلي برباد بھ ٿئي، پوءِ بھ پيار يا دوستي جا ڪي تھ بنياد رھندائي سھي؟“

”ھائو“

پر ان صورت ۾ نھ رھندا، جيڪڏھن دوستي جو سبب برائي آھي، ڇو تھ ان حالت ۾ برائيءَ جي بربادي کان پوءِ ڪا بھ شيءِ ڪنھن ٻي شيءِ جي دوست نھ رھندي، ڇاڪاڻ تھ نتيجو باقي نھ رھندو، جيڪڏھن سبب ئي برباد ٿي ويو.“

”نيڪ“

”۽ ڇا اسان اڳ ۾ ئي اھو تھ قبولي، چڪا آھيون تھ دوست، ڪنھن شئي سان ڪنھن سبب ڪارڻ ئي پيار ڪري ٿو؟ ۽ ان قبوليت ڪرڻ وقت اسان ان راءِ جا ھياسين تھ اھو جيڪو، نھ سٺو نھ برو آھي سو بري سبب، سٺي سان پيار ڪري ٿو؟“

”بلڪل ٺيڪ“

”پر ھينئر اسان جي راءِ بدلجي چڪي آھي ۽ اسان سمجھون ٿا تھ دوستيءَ جو ضرور ڪو ٻيو سبب ھجڻ گھرجي.“

”مان بھ ائين ئي سمجھان ٿو“.

”ڇا سچ، البت ائين نھ آھي، جيئن اسان اجھو چئي رھيا ھئاسين، تھ سڌئي دوستيءَ جو سبب آھي، ڇاڪاڻ تھ اھو جيڪو سڌ رکي ٿو، سو مطلوب کي، ان جي طلب مھل ئي پيارو ھوندو آھي. ھاڻي ٻڌاءِ تھ اسان جي ھي سڄي ساري مٿي ماري، بس ھڪ بي سود بحث ۽ ڪجھھ ڪين جو ھڪ ڊگھو داستان، نھ بڻجي ويو؟“

”ھا، ائين ئي آھي.“

پر يقينا اھو جيڪو سڌ رکي ٿو، ان جي ئي سڌ رکندو، جنھن جي گھرج ھوندس“ مون چيو.

”ھائو“

”۽ جنھن جي گھرج اٿس، اھو کيس پيارو اھي“

”صحيح“

”۽ گھرج ان جي اٿس، جنھن کان ھو محروم آھي.“

”يقينا“.

”تھ پوءِ پيار، سڌ ۽ دوستي، فطري ۽ ساڳئي سڀاءَ جا لڳن ٿا، لائسس ۽ مينيڪسينس، نتيجو تھ اھو ئي نڪري ٿو.“

انھن مڃيو.

”پوءِ جيڪڏھن توھان دوست آھيو تھ توھان جون طبيعتون بھ لازما ساڳي سڀاءُ جون، ھم مزاج ھجڻ گھرجن؟“

”يقينا“ ھنن ٻنھي چيو.

”ڇوڪرؤ مان اوھان کي ٻڌايان تھ اھو جيڪو ڪنھن ٻئي سان پيار ڪري ٿو يا سڌ رکي ٿو تھ اھو يا تھ پنھنجي آتمام، يا پنھنيج لڇڻ ۾، يا پنھنجي چال چلت ۾، يا پنھنجي روپ ۾ ان ٻئي جھڙو ئي ھوندو نھ تھ ٻي صورت ۾ ھو ان سان ڪڏھن بھ پيار ڪري، سڌ رکي يا دل نھ لڳائي ھا، جيڪڏھن ڪنھن بھ ڳالھھ ۾ ساڳي سڀاءَ جو نھ ھجي ھا.“

”ھا، ھا“ مينيڪسينس چيو، پر لائسس خاموش رھيو.“

”پوءِ، نتيجو اھو نڪتو تھ جيڪو ساڳي سڀاءُ ۽ فطرت وارو آھي، ان سان لازم پيار ڪرڻ گھرجي.“ مون چيو،

”ڳالھھ ائين ئي ٿي بيھي“ ھن چيو.

”تھ پوءِ اھو عاشق جيڪو سچو آھي ۽ ڪوڙو ناھي، ان سان سندس محبوب کي بھ ضرور پيار ڪرڻ گھجري.“

لائسس ۽ مينيڪسينس ان تي ھلڪي رضامندي ڏيکاري ۽ ھپوٿيليس خوشيءَ مان ٻھڪي اٿيو.

اتي بحث کي، وري کولڻ جي خيال کان، مون پڇيو؛ ”ڇا اسان، ساڳي سڀاءُ ۽ ھڪ جھڙ: ۾ ڪنھن فرق کي ڳولي سگھون ٿا؟ ڇو تھ جيڪڏھن اھو ممڪن آھي تھ پوءِ مينيڪسينس ۽ لائسس، منھنجي خيال ۾، دوستيءَ بابت اسان جي بحث ۾ ڪجھھ معنيٰ ۽ مڻيا ٿي سگھي ٿي، پر جيڪڏھن ساڳئي سڀاءُ وارو بھ بس رڳو اھو ھڪجھڙو ئي آھي تھ پوءِ اوھان ھن ٻئي دليل مان جند ڪيئن ڇڏائيندو تھ جيتري قدر اھي ھڪجھڙا آھن تھ ھڪجھڙو ھڪ جھڙي لاءِ بيڪار ئي ھوندو آھي. ڇاڪاڻ تھ ائين چوڻ تھ اھو جيڪو بيڪار آھي، سو پيارو ھوندو آھي، سا ڳالھھ تھ عقل جي بلڪل ابتڙ ٿيندي؟ بس فرض ائين ڪيو تھ اسان ساڳي سڀاءُ واري ۽ ھڪ جھڙي ۾ فرق ڪرڻ تي متفق ٿي وڃون ٿا ----- بحث جي مدھوشيءَ ۾، ان جي، شايد، اجازت ھئڻ گھرجي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org