مھاڳ
ڪريٽو (قانون)
ھي جيڪي يونانين جا بحث مباحثا آھن، انھن نھ صرف
ھزارن سالن کان وٺي
SURVIVE
ڪيو آھي، پر حيرت جي ڳالھھ آھي
تھ انھن پوءِ جي ڪتابن تي پنھنجا اثر بھ ڇڏيا آھن.
ھي ڳالھيون عيسوي سن کان چار سؤ ورھيھ اڳ جون آھن،
جنھن کي اسين
GOLDEN AGE OF PERICLES
چئون ٿا. اٿينس جي راست اندر
ٿيندڙ انھن بحث مباحثن کي افلاطون قلمبند ڪيو.
يونان جي اندر اھڙيون
167
شھري رياستون ھيون ۽ ھر ھڪ کي
پنھنجا قانون ھئا. سماج جي اندر طبقا موجود ھئا ۽
ھر طبقي لاءِ جدا جدا قانون ھئا. غلامن لاءِ بھ
قانون ۾ حق موجود آھن ۽ غلام رڳو ڪارو نھ آھي، پر
اھو يوناني جيڪو جنگ جي زماني ۾ ڪنھن ٻي رياست جي
ھٿ اچي تھ اھو بھ غلام ٿي گھي ٿو. سو، قانون، اصلي
يونان جي رھواسين لاءِ بھ آھن جن کي
PATHICIANS
چئجي ٿو. غلامن لاءِ بھ آھن ۽
وچولي طبقي، جنھن کي
DEMOTS
چيو ٿو وڃي. انھن لاءِ بھ
قانون آھن.
ڪريٽو ۾ ھي بحث ٽن يا ٻن مختلف شخصن جو بحث نھ
آھي. حقيقت ۾ ھڪ ئي سقراط جو، پنھنجو پاڻ سان بحث
آھي. سقراط
AGAINST
سقراط، دوستن جي مشورن ۽ صلاحن
جي بنياد تي ھو سوچي ٿو تھ ڀڄڻ جو رستو بھ صحيح ٿي
سگھي ٿو. انھيءَ ۾ بھ ڪجھھ وقعت آھي، ڪجھھ دليل ان
جي باري ۾ ڏئي سگھجن ٿا.
پر ساڳئي وقت، سقراط، جيڪو ھڪ قانوندان آھي، جيڪو
ضمير آھي اٿينس جو، يونان جو ۽ حقيقت ۾ نھ سڄي
مھذب دنيا جي ضمير جو ترجمان آھي. اھو وري وري،
پاڻ سان بحث ٿو ڪري تھ ڳالھھ کي ھيٺئن بھ رکي
سگھجي ٿو. ھيئن بھ چئي سگھجي ٿو تھ جيڪڏھن رياست
نھ ھجي ۽ قانون کي قبول نھ ڪيو وڃي تھ پوءِ تھ
نراجيت ئي ھوندي. ھو دوستن جون صلاحون بھ ھينيئن
سان ھنڊائي ٿو، ھو سوچي ٿو تھ، ممڪن آ، تھ ڪريٽو
جي چوڻ ۾ بھ ڪا چڱي ڳالھھ ھجي. پر ڦري ڦري، وري ھو
ساڳي ئي نتيجي تي پھچي ٿو. ھو سوچي ٿو تھ عمر جي
ھن حصي ۾ مان زھر جو پيالو پي پنھنجي ئي شھر ۾ مري
وڃان. يا، اھو وڌيڪ بھتر آھي تھ قرار اختيار ڪري،
زندگي بچائي ٻين رياست ۾ وڃان، پوءِ ڀلي اتي ڌڪا
کاوان، ممڪن آھي تھ ڪٿي نھ ڪٿي دوست بھ ھجن ۽ مون
کي قبول ئي ڪيو وڃي پر ڪي نھ ٺٺوليون ڪرڻ وارا بھ
ھوندا ۽ وڌيڪ منظم رياستون تھ مون کي شڪ جي نگاھھ
سان ڏسنديون.
پلوٽارڪ
(PLUTARCH)
جنھن کي تاريخ جو ابو چون ٿا،
تنھن پنھنجي ھڪ ڪتاب ۾ يونان ۽ روم جي مکيھ ڪردارن
کي کڻي، انھن جي ڀيٽ ڪئي آھي. انھن ۾ ڪھرو ڪردار
يونان جو، السيبيادس بھ آھي. السيبيادس کي جڏھن
موت جي سزا ملڻ واري ھئي تھ ھو ڀڄي ويو ۽ وڃي ٻي
رياست ۾ پناھھ ورتائين ۽ جڏھن اٿينس ۽ ان رياست جو
جھيڙو ٿيو تھ ھي اٿينس جو
AMBASSADOR
ٿي، ان رياست جي اندر، اٿينس
جي فائدي ۾ ڪم ڪيو. يعني ھو
DOUBLE TRAITOR
ٿيو، پنھنجي ملڪ سان غداري
ڪيائين. وري جنھن ملڪ ھن کي پناھھ ڏني ان سان
غداري ڪري، وري پنھنجي ملڪ سان وفاداري ڪيائين.
ھاڻي اوھان ھن کي
TRARROR
چئو، وفادار چئو، وطن دوست
چئو، بي اصول چئو، جدا جدا رايا ٿي سگھن ٿا.
اھڙيءَ طرح
CHARACTER
اسان کي ملن ٿا ۽ سقراط ان
ڪردار ٿيڻ کان پاڻ بچايو.
جيئن سقراط سوچيو ھوندو – ڀٽي ڦاسيءَ جي سزا لڳڻ
کانپوءِ سوچيو ھو. جڏھن ڀٽي صاحب جي حڪومت ھئي تھ
ولي خان پاڳل جي بَڪ جيان
RULE OF LAW, RULE OF LAW, RULE OF LAW
ڪندو رھيو، پر ھو ان حڪمران کي
جيڪو ھڪ قانوندان بھ ھيو، ان کي ائين نظر انداز
ڪندو رھيو، ڄڻ ان جي ڪا وقعت ئي ڪانھي. ڀٽي سان
اختلاف مون کي بھ رھيا ۽ ھو جيستائين جيئرو ھيو،
تيستائين مون ھن کي سلام نھ ڪيو ھو، پر جنھن
استقامت سان ھو جيل ۾ رھيو ۽ پنھنجي اصول تي قائم
رھيو، ھو يا اصول ماڻھن جي صف ۾ شامل ٿي ويو ۽ ھو
”شھيد بادشاھھ“ جي درجي کي پھچي ويو. اڄ ھو ھڪ
INTERNATIONAL STATURE
جو شھيد ليکيو ٿو وڃي. ماڻھن
ھن جا گناھھ معاف ڪري ڇڏيا آھن ۽ اڄ ھن جون چڱايون
ياد پون ٿيون“.
۽ سنڌ جي اندر، جي ايم سيد ۽ حيدر بش جتوئي اھي ٻھ
شخص آھن، جن سچ کي ترجيح ڏني ۽ منافقي نھ ڪيائون.
ڪو ماڻھو ائين چئي سگھي ٿو تھ جي ايم سيد، ھڪ اھڙي
ملڪ جي تلاش ۾ آھي جيڪو سنڌين کي ملڻو ئي ڪونھي.
ماڻھو ھن کي چريو بھ چئي سگھي ٿو. ماڻھو ائين بھ
چئي سگھي ٿو تھ سيد ھيتريون غلطيون ڪيون آھن ۽
اڃان ٻھ غلطيون ڪري پيو ۽ اسان کي ڪھڙي اوڙاھھ ۾
وٺي وڃي ٿو. پر ھن جو جيڪو نقطھ نظر آھي، جيڪو
پنھنجي ضمير سان جھيڙو آھي. پنھنجي ڳالھھ تي بيٺو
آھي تھ ان کي سؤ طرفن کان سوچي پوءِ چوي ٿو تھ
ھيءَ ڳالھھ صحيح آھي.
جڏھن پاڪستان کي قبول ڪرڻ جو سوال اٿيو تھ گانڌيءَ
جي سڀني دوستن ان کي قبول ڪيو. ڇاڪاڻ ھو تھ ٿڪجي
پيا ھئا. گانڌي ان کي اصولا قبول نھ ڪيو، پر
چيائين تھ جڏھن اوھان ان کي قانونا قبول ڪيو آ تھ
پوءِ توھان جو فرض آھي تھ جيڪي معاھدا توھان ڪيا
آھن، مثلا پئسا ڏيڻ جا، تھ اھي سڀ وعدا پاڙيو ۽ ھن
HUNGER STRIKE
ڪيو تھ پاڪستان کي رقم جو ھصو
ڏيو، جيڪو بھ ھن جو حق آھي. ائين ڪندي ھن ھڪ
باضمير ۽ بااصول انسان وارو ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڻ
کي خطري ۾ وڌائين ۽ انھيءَ سب ڪري ماريو ويو.
گانڌيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ آخري سبب اھو ئي ھيو ۽
راشٽريا سيواسنگ اھو ڪم ڪيو، مان راشٽريا سيوا سنگ
(RSS)
جي نقطئھ نظر جي حمايت نھ ٿو
ڪيان، پر پنھنجي حساب ۾ اھي بھ باضمير ماڻھو ھئا،
جنھن شخص گانڌيءَ کي قتل ڪيو ھو، ان نھ ڪنھن جي
اڪسائڻ تي، نھ ئي پئسي جي لالچ ۾ اچي ڪري، ڪو اھو
ڪم ڪيو. ھو ھڪرو ٻارن ٻچن وارو ماڻھو ھيو، جيڪو
زال کان موڪلائي ھلي ٿو تھ مان ھڪڙي مھم تي ٿو
وڃان ۽ ھڪڙي، اصول لاءِ پاڻ کي قربان ٿو ڪيان ۽
جيڪڏھن مون کي ڦاھي يا موت بھ مليو تھ ڄڻ مان
پنھنجي وطن جي ھڪ خدمت ڪئي. اھڙا گھڻا مثال ۽ گھڻا
ماڻھو موجود آھن جيڪي بااصول ٿين ٿا. جيڪي ڪنھن
مقصدي لاءِ، ڪنھن اصول جي ڳالھھ لاءِ، ڪنھن اصول
جي حڪمرانيءَ لاءِ، پنھنجي زندگي کي ھيچ ٿا سمجھن
۽ ائين پنھنجو پاڻ کي قربان ڪري ڇڏين ٿا.
ايمانداري جي ڳالھھ اھا آھي تھ مان خود پاڻ کي
ڪيترائي ڀيرا ٽياس تي بيٺل ڏٺو آھي. جڏھن پاڪستان
ٺھيو تھ مون لاءِ ھتان ڀڄي نڪرڻ تمام آسان ھيو، پر
منھنجي پنھنجي دل ھتي ھئي، منھنجو وطن ھتي ھيو،
مان بھ سوچيندو ھيس تھ جنھن مھل مان ڪنھن ٻئي ملڪ
ڏي ھليو ويندس ۽ ھندستان ڏي وڃڻ، منھنجي لاءِ سولو
ھيو، تھ مان انھي جي ڪھڙي ڪم جو ٿيندس. مون جھڙا،
منھنجي درجي جا، منھنجي سوچ جا، منھنجي فڪر جا، جن
پنھنجي ملڪ جي ڀلي لاءِ پنھنجي خيال مطابق،
پنھنجون زندگيون قربان ڪيون آھن، اتي ڊزن نھ، ھزار
نھ، بلڪھ لکين انسان آھن. ان وقت
1947ع
۾ منھنجون ڀينرون ھتي آيون ۽ مون لاءِ اڳي پوليس ۽
ساڳيا ڇاپا ڏٺائون تھ وري ساڳيو سوال اٿيو. مون کي
ھندستان ھلڻ لاءِ چيائون. اصرار اھو تھ اتي بھ
ساڳي پارٽي جا لکين ورڪر ۽ سوين سٺا دوست آھن ۽
ھتان جا ساٿي پڻ اوڏانھن ويل آھن.پر مون ھميشه ھتي
رھڻ کي ترجيح ڏني. اڄ بھ مان ڀڄڻ نھ ٿو اھيان.
راڻي چندر سنگھھ چيو تھ تنھنجو نالو اڃان اسلام
آباد ۾ وڄي پيو. ان جي ٻڌڻ سان حڪمرانن جي دماغن
اندر گھنڊ وڄڻ شروع ٿا ٿين، تھ اھو اڃان جيئرو آ،
اڃا ھلي پيو، اڃا چري پري پيو، اڃا ڳالھھ کي
جھيڙيون ويٺو آ –
ھي جيڪو ڪتاب
(Crito)
آھي، اھو اڄوڪي وقت جي تقاضا آھي، ترجمي جي
خوبصورتي تھ پنھنجي جاءِ تي موجود ئي آھي، پر جيڪو
موقعو ۽ مھل اسان جي دوست، نوجوان، گل چونڊيو آھي،
اھو بيحد اھم آھي. ھي ڪتاب رڳو پنھنجي دماغي تفريح
لاءِ ترجمو نھ ڪيو ويو آ، پر اھڙن ڪتابن جي ضرورت
آھي. اسان جا ڪيترائي مسئلا، ڪيترا سوال آھن جن جو
جواب ھي ڪتاب (قانون
Crito)
ڏئي ٿو. اڄ ھو باضمير انسان آڏو ھڪ نئون سوال اٿيو
آھي
New Social Contract
جو، اسان جي ملڪ جي ماڻھن ۽
حاڪمن جي وچ ۾، رياست ۽ عوام جي وچ ۾ ھڪ نئين
سماجي معاھدي جي ضرورت آھي تھ اسان ڪھڙن شرطن تي
ھن ملڪ سان وفاداري نڀايون، ماتحت رھون يا حڪم
مڃون. ڇا رياست جيڪو ڪجھھ اسان کي ڏئي، ان جو
معاوضو اسان کي اھو ادا ڪرڻو پوندو تھ پنھنجي ضمير
کي سلھاڙي، دٻائي رکون؟ اسان کي تھ پنھنجي ڌرتي
کي، پنھنجي نموني ۾، پنھنجي اصول، پنھنجي ضمير
مطابق ٺاھڻ ۾ ھڪڙو رول ادا ڪرڻو آھي، جيڪي ڪجھھ
سقراط ڪيو تھ سقراط اڄ بھ ياد آھي ۽ جن، ھن کي سزا
ڏني، انھن مان ڪو بھ ياد ڪونھي.
اسان جيڪي پوري قوم جي ضمير جو نچوڙ ۽ ان جي سوچ ۽
فڪر جا علمبردار آھيون تھ اسان کي بھ ان مان سکڻو
آھي تھ اصول تي ھر صورت ۾ بيھڻو آھي، پوئتي ھٽڻو
ناھي ۽ جيڪڏھن پنھنجي زندگي گھورڻي پوي، تھ بھ ٺيڪ
آھي. رستو آسان ڪونھي. ڄڻ پل صراط آھي. ھيڏي بھ
اوڙاھھ آھي، ھوڏي بھ اوڙاھھ آھي. اياز چوندو ھو تھ
توھان ڪميونسٽ ترار جي ڌار تي ھلندا آھيو، پر
ڪميونسٽ ھجڻ جي بھ ڳالھھ ناھي. ھر باضمير ماڻھو،
پوءِ اھ ڪميونسٽ ھجي يا نھ ھجي، جنھن کي ڪنھن مقصد
سان محبت آھي، ان کي اھو سوچڻو ٿو پوي تھ مان ھن
دؤر ۾ ڇچا ڪيان، ڀڄان، ويھي رھان، راھھ فرار
اختيار ڪيان يا جتي بيٺو آھيان، اتي ئي بيٺو رھان
يا ٿورو وڌي، انسانذات جي خدمت جو ڪو نھ ڪو طريقو
ڪڍڻ گھرجي.
ھي مڪالمو
(Dialogue)
اھي سوال اسان جي سامھون رکي
ٿو، انھن جي ترجمي جي ذميواري، گل پنھنجي مٿان
اختيار ڪئي آھي ۽ انھيءَ کي پوري طرح نڀائيندو بھ
اچي پيو ۽ انھي ڪار سان لڳو پيو آھي. ھي جيڪو ڪم
گل ڪري پيو، ان جو ھڪ
Permanent Value
آھي. جنھن کي اسان سچ
(Truth)
ڪري چوندا آھيون، يوناني زبان
اندر اھو
Virtue
ڪري ڪم ايندو آھي. سو ممڪن آھي
تھ ترجمي ۾ ڪٿي نھ ڪٿي لفظن جي ڪا گنجائش نڪري. ڇو
تھ اصل شيءِ کي سمجھڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي ٻولي جو
مونجھارو بھ ٿئي ٿو، پر اھو مونجھارو
Original
۾ آھي، ترجمي ۾ نھ آھي. ڇو تھ زندگي، موت يا قانون
يا رياست جي حڪرماني تي فلاسفرس جو بحث، ڪٿي نھ
ڪٿي ابھام واري صورت پيدا ڪري ئي ٿو. بھرحال گل
ڏاڍا سٺا ترجما ٿو ڪري ۽ انھيءَ لاءِ ھن داد لھڻو.
سوڀو گيانچنداڻي
پيش لفظ
دوستي
دوست ڪير آھي – دوست ڪنھن کي چئبو آھي؟
لغت ۾ ان جي معنيٰ لاءِ بس ھي لفظ آھن: ساٿي، يار،
رفيق، محبوب، پر اصطلاحي معنيٰ ۽ مطلب تھ اچجي تھ
ڏاھن، فلسفين ۽ شاعرن کان وٺي ويندي عاشقن ۽ عام
ماڻھن تائين، ان جون مختلف معنائون، وصفون ۽
وضاحتون آھن. اھو بيسڪ طئي ئي سھي تھ دوستي ھڪ
رشتو آھي، ناتو آھي، تعلق آھي، پر اھا پڻ حقيت آھي
تھ ان رشتي جي گھرائي ۽ اوچائي جون حدون، ڪير بھ،
مقرر ڪري، ماپي نھ سگھيو آھي، بس ھر ھڪ ان کي
سمجھڻ، سمجھائڻ ۽ سلجھائڻ جي ھڪ ڪوشش – ڀرپور ڪوشش
ڪئي آھي.
سماجيات جو علم تھ انسان کي انسان سمجھي ۽ مڃي ئي
تڏھن ٿو، جڏھن ھو ٻين انسانن سان گڏ گڏ رھي ٿو.
ھونئن بھ، انسان ڀلي ٻين ڪيترين ئي شين کان سواءِ
گذارو ڪري ئي وڃي، پر پنھنجي چوڌاري رھندڙ اناسنن
کان سواءِ رھي نھ ٿو سگھي. ايمرسن چوي ٿو:
”سڀني کي سڀ ڪنھن جي گھرج ھوندي آ
ڪوئي بھ اڪيلو سٺو نھ ھوندو آ.“
سماجي نفسيات مطابق، دوستيءَ جو پھريون بنياد، ٻن
فردن وچ ۾، ويجھڙائي آھي. تنھن کان پوءِ ھو رلي
ملي آشنا ٿيندا وڃن ٿا ۽ وڌيڪ اھو تھ پوءِ اھي
ٻئي ھڪٻئي کي سمجھي وٺڻ، ھڪٻئي جو فڪر ڪرڻ، ذڪر ۽
خيل رکڻ لڳن ٿا ۽ منجھن اھو احساس جنم وٺي ٿو تھ
ٻنھي جا روح ميل کائن ٿا.
ايملي ڊڪنسن پنھنجي لاءِ
"No Body"
جو
Notion
کڻي ڪري پوءِ بھ پاڻ جھڙي، ٻئي
جي پڇا ڪري ٿو، ڳولا ڪري ٿو ۽ وري ان تي اڪتفا نھ
ڪندي، تنھن کي جڳ جھان کان لڪائي ٿو تھ متان دنيا
وارن کي پتو پوي ۽ ھنن کي ملڪ نيڪالي ملي:
”مان ”ڪو ڪو نھ“ آھيان! اوھان ڪير آھيو؟
ڇا اوھان بھ ”ڪو ڪو نھ“ آھيو؟
پوءِ تھ پاڻ بنھي جو جوڙو آھي!
پر پوءِ، ڪنھن کي بھ اھا خبر نھ پوي،
نھ تھ اھي اسان کي ڏيھھ نيڪالي ڏئي ڇڏيندا -
توھان ڄاڻو ئي ٿا.“
ڪنھن ڪيفيت جي طاري ٿيڻ يا ڪنھن صورتحال ۾ ھجڻ
سبب، انسان پاڻ کي اڪيلو بھ محسوس ڪندو آھي پر
پوءِ بھ ھو سماج کان، انسانن کان، دوستن کان ۽
دوستيءَ کان سواءِ الڳ نھ ٿو رھي سگھي.
Thoreau
ڪيڏو نھ چٽو چوي ٿو:
”مون وٽ گھر ۾ ٽي ڪرسيون آھن، ھڪ ھيڪلاڻيءَ لاءِ،
ٻي دوستيءَ لاءِ، ٽين معاشري لاءِ.“
سيموئل جانسن چواڻي:
”جيڪڏھن ماڻھو، جيئن جيئن زندگي گذاريندو ھلي ٿو،
ان ۾ نوان نوان يار دوستار ٺاھيندو نھ ھلي تھ ھو
ستت ئي اڪيلو رھجي ويندو. منھنجا سائين! ماڻھو کي
پنھنجي دوستيءَ جي مستقل مرمت ڪندو رھڻ گھرجي.”
سو انسان کي دوست گھرجي ئي ٿو. شاعر وليم بليڪ چوي
ٿو:
”پکي کي آکيرو، ڪوريئڙي کي ڄار،
ماڻھو کي گھرجي دوست
/
يار.“
پر پھريائين اھو تھ طئي ٿئي تھ دوست چئبو ڪنھن کي
آھي.
لائٽن ان جي ھڪ آسان
/
گھري وصف ٻڌائي ٿو:
”دوست اھو آھي جيڪو ان ويل اوھان وٽ اچي وڃي ٿو،
جڏھن سڄي دنيا توھان کي ڇڏي وڃي ٿي.“
وري جبران جو فلسفو ھي آھي:
”توھان جو دوست، توھان جي ضرورتن جي پورائي جو
نالو آھي.“
تھ ڇا پوءِ دوست اھو آھي جيڪو گھمڻ ۾ گڏ ھجي، کائڻ
پيئڻ، اٿڻ، ويھڻ ۾ ساڻ ھجي ۽ ايئن اوھان جو دوست
سڏائي، لطيف سائين ٻڌائي ٿو:
”دوست سڏائي سڀڪو، جاني زباني
آھي آساني، ڪم پوي ٿي ڪل پوي.“
انجيل مقدس ۾ آھي:
”ڪو اھڙو دوست بھ آھي، جيڪو رڳو نالي جو دوست
ھوندو آھي.“ ۽ ھي بھ انجيل ۾ ئي آھي تھ:
”ڪو اھڙو بھ دوست آھي جيڪو ڀاءُ کان بھ وڌيڪ ويجھو
ھوندو آھي.“ تھ پوءِ آخر ڪھڙو اسان جو دوست آھي؟
ڪھڙو ناھي؟ -
حضرت علي اسان کي اھا ئي ڳالھھ ھئين سمجھائي ٿو،
”اوھان جا ٽي دوست آھن، اوھان جو دوست، اوھان جي
دوست جو دوست، اوھان جي دشمن جو دشمن.“
۽ اوھان جا ٽي دشمن آھن، اوھان جو دشمن، اوھان جي
دوست جو دشمن ۽ اوھان جي دشمن جو دوست. |