سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: دوستي

 

صفحو :2

دوست جون وصفون ٿي چڪيون، ھاڻي ڏسون تھ دوستي ڇا کي چئجي.

گولڊ سمٿ سمجھائي ٿو:

”دوستي ٻن ھڪجيترن جي وچ ۾ بنا غرض واري ڏيتي ليتي جو نالو آھي.“

سالسٽ وري ھيئن سمجھي ٿو:

”انھن ساڳين ئي شين کي چاھڻ ۽ ھڪجھڙن شين کان نفرت ڪرڻ، اھا ئي حقيت ۾ سچي دوستي چئجي.“

حضرت سليمان فرمائي ٿو:

”ايمانداري واري موت ئي سچي دوستيءَ جي نشاني ھوندي آھي.“

ڇو تھ:

”دوستي روحن جي شادي آھي.“

تڏھن تھ جبران چئي ويو:

”دوستيءَ ۾ سواءِ روح کي گھاٽي سٻنڌ وڌائڻ جي، ٻيو ڪو بھ غرض نھ ھجڻ گھجري.... پنھنجي دوست کي اھو ڪجھھ ڏيو، جيڪو اوھان وٽ سڀ کان بھتر ۽ اعليٰ آھي.“ نھ صرف اھو ۽ ايترو پرءُ“ ... ھو جيڪر اوھان جي لھندڙ وير کي ڏسڻ چاھي ٿو تھ توھان کيس پنھنجي چڙھندڙ وير جو بھ نظارو ڪرايو...“

حضرت سليمان تھ وري ھيئن فرمائي ٿو:

”توھان پنھنجي دوست کي بد دعا بھ ڏئي سگھو ٿا، بلڪل ائين جيئن سوير سوير صبح جو وڏي آواز سان کيس کليءَ دل سان کيڪاريندا آھيو.“

الائي ڪٿي مون ھينئن بھ پڙھيو آھي:

”اسان ھميشه ۽ ھر ھنڌ اھو تھ پڙھيو آھي تھ دشمن کي معاف ڪري ڇڏڻ گھرجي، پر ڪٿي ائين نھ پڙھيو آھي تھ دوست کي معاف ڪجي.“

وليم بليڪ ڪيڏي نھ سھڻي ڳالھھ ڪري ويو آھي:

چ”مان پنھنجي دوست کان ناراض ھيم، مان ھن تي پنھنجو ڏمر ڪڍيو، منھنجي ڪاوڙ ختم ٿي وئي. مان پنھنجي دشمن کان ناراض ھيم، مان ھن تي پنھنجو ڏمر ڪڍيو، منھنجي ڪاوڙ وڌي وئي.“

۽ رڳو ڪاوڙ ڇو –

”.... توھان جو وفادار ۽ سچو دوست تھ توھان جي حياتي جو دارون آھي.“ (انجيل).

پوءِ تھ اھڙي:

”.... دوست جا گھاو بھ صحيح آھن.“ (انجيل)

اسان کي تھ بس دوست تي اعتماد ۽ ڀروسو رکڻ کپي.

”.... ان خيال کان تھ متان اھي اوھان کي ڌوڪو ڏين، اھا وڌيڪ شرم جي ڳالھھ آھي تھ ڪوئي پنھنجي دوستن تي ڀروسو نھ ڪري.“

”..... دوست اوھان کي ايذائي پوءِ بھ صحيح آھي، پر جڏھن دشمن توھان کي ٻانھن ورائي ڪنڊ ۾ وجھي ڀاڪر پائي تھ بھ – ھوشيار رھجو!“ (انجيل).

ان پل ئي مون کي استاد امانت علي جي راڳ جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو:

بھت ڇھوٽا ھي مجھھ سي ميرا دشمن

جو ميرا دوست ھي، مجھ سي بڙا ھي

مان بلڪل مطمئن ٿي، آخر ۾ علي سائينءَ جو نھج البلاغھ کوليان ٿو:

”... دوست دوستي ٽوڙي تھ تون ان کي جوڙ، ھو ڏور ٿئي تھ تون ان جي اوڏو وڃ. ھو کھرو ٿئي تھ تون جھيڻو ٿيءُ، ھو غلطي ڪري تھ تون ان لاءِ عذر تلاش ڪر، دوست سان ائين ورتاءُ ڪر ڄڻ تون ٻانھون آھين ۽ ھو مالڪ، پر ھوشيار! اھو ورتاءُ بي مھل نھ ھجي ۽ نااھل سان نھ ھجي....“

ھي ڇا؟ - سڀ ڪجھھ صحيح، پر علي سائين ھي آخر ۾ ڇا فرمايو: ”ھوشيار! اھو ورتاءُ بي مھل نھ ھجي ۽ نااھل سان نھ ھجي.“

مان ڇرڪي پوان ٿو، ھاڻي ڪير اھو تعين ڪري تھ اوھان جو عمل بي مھل آھي يا نااھل سان آھي. ھاڻي جي دوستي رکجي تھ ڪنھن سان رکجي. نادان سان يا داناءَ سان، خوبصورت سان نيڪ سيرت سان، دولتمند سان يا غريب سان، ھڪ جيڏي ھڪ جيتري سان، عمر رسيده بزرگن سان يا ننڍي وھي وارن سان، پڙھيل يا اڻ پڙھيل سان، پنھنجي سان يا پرائي سان، عورت سان يا مرد سان.

دوستي دل جي چوڻ تي ڪئي وڃي يا دماغ جي؟ - پر ڳالھھ تھ اھا بھ آھي تھ دوستي ڪئي ويندي آھي يا ٿي ويندي آھي؟ - ڪنھن چيو آھي:

”ھر طعام خاني ۾ مون کي ھڪ دوست ڳولجي ويندو آھي.“

ڪنھن ٻئي چيو:

”دوست ٺاھيا نھ ويندا آھن، دوست لڀجي پوندا آھن“.

ڀلا دوست ڍاھجي يا لڀجي پوي. ان کان پو٣، لازمي طور، دوستي دائمي ھوندي آھي، ھجڻ گھرجي يا اھا کٽي، ختم ٿي، ڦٽي ويندي آھي.

جان ايولن تھ چوي ٿو:

”.... دوستيءَ اھو سونو سڳو آ جيڪو نھ رڳو دوست جي، پر ساري دنيا جي دل جوڙي ٿو.“

پر جان سنگر جو خيال ھي آھي:

”ھر ڀيري جڏھن مان ڪا تصوير ٺاھي بس ٿو ڪيان تھ مان ھڪ دوست وڃائي ويھان ٿو.“

ڪنھن ٻئي چيو:

”مان دوست وڃايا آھن، ڪي ان ڪري جو اھي مري ويا ۽ ٻيا رڳو ان ڪري جو مان گھٽي ٽپي، پرئين پاسي انھن جي گھر در تائين وڃي نھ سگھيس....“

جي ائين آھي تھ پوءِ دوستي ڇاھي، نڀاءُ ڇاھي – ڪامئي وٽ وري ان لاءِ ھڪ انوکو ۽ عجيب جواب آھي:

”.... ھمدرديءَ جي ڀيٽ ۾، دوستيءَ ۾ سادگي گھٽ آھي. دوستيءَ جو ھٿ اچڻ واقعي وڌيڪ مشڪل ۽ دير طلب آھي، پر ھڪ ڀيرو ھٿ اچڻ کان پوءِ ان مان ڇوٽڪاري جو ڪو بھ گس ڪونھي، بس ڪيئن بھ ڪري ان کي نڀائڻو آھي.... دوستي – اھا ڪا حاصل ڪرڻ جھڙي شيءِ تھ آھي ئي ڪا نھ.“

A Happy Death ۾ ڪامئو جو ھڪ ڪردار، مرسالٽ، پنھنجي سابق محبوبھ سان ھئن ھم ڪلام آھي. ھوءَ پچيس ٿي:

”تھ پوءِ تون مون سان پيار نھ ٿو ڪرين؟“

”ٻار آھين، مون تھ ائين ڪڏھن بھ ڪو نھ چيو ھو تھ مان ڪيان ٿو.“

”ڀلا گھٽ ۾ گھٽ تون مون ڏانھن دوستاڻا جذبا تھ رکين ٿو نھ؟“

”دوستاڻا، ھا – بس ائين جيئن ھن رات جي لاءِ دوستاڻا جذبا آھن“.

۽ مون کي ياد ٿو اچي، دنيا داري جي طارق روڊ تان لنگھندي، مان پاڻ بھ ھڪ سائن بورڊ تي ھي اکر لکيل پڙھيا ھئا:

دوستي Midway Shoping =

۽ مان لکڻ کان بس ڪري، قلم ۽ ڪاڳر سان گڏ ڪنڌ بھ ميز تي رکي ٿو ڇڏيان. ويچاريان ٿو تھ ڇا واقعي دوستي ائين ائين آھي؟! ڇا واقعي ڪوئي ڪنھن کي سمجھي نھ ٿو سگھي؟ - ايتري ۾ اسٽين بئڪ، منھنجي سڄي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪري چوي ٿو:

”در حقيقت ڪو بھ انسان، ٻين انسانن کي نھ ٿو ڄاڻي سڃاڻي، ھو وڌ کان وڌ بس اھو ڪري سگھي ٿو تھ ائين سمجھندو آ تھ اھي بھ ھن جھڙا آھن....“

منھنجو ڪنڌ اڃا اتي ئي آھي تھ ڪامئو اچي کٻي ڪن ۾ ليڪچر ڏئي ٿو:

”.... يقين ڪر، تھ وڏي پيڙا، وڏو پڇتاءُ، وڏي ياد / سار جھڙي ڪا شيءِ ھوندي ئي ناھي.... ھر ھڪ شيءِ وسري ويندي آھي، ويندي وڏو پيار بھ .......“

تھ ڇا ڪوئي ڪنھن جو دوست ناھي؟ ڪوئي ڪنھن سان پيار نھ ٿو ڪري؟

ڪامئو منھنجو ڪنڌ کي مٿي ڪري، ڪرسي سوري، سري منھنجي ڀرسان اچي ويھي ٿو. مون ڏانھن منھن ڪري مون کي سمجھائي ٿو:

”منھنجا سائين! انسان ٿيندو ئي اھڙو آھي! سندس ٻھ روپ آھن:

ھو پنھنجو پاڻ سان محبت کان سواءِ ٻئي ڪنھن سابھ محبت نھ ٿو ڪري سگھي.....“

..... اسين پنھنجن دوستن مان رڳو انھن سان پيار ڪريون ٿا، جيڪي اسان کان تازو وڇڙي ويا آھن، اسان انھن جي دکدائڪ موت سان، پنھنجن جذبن سان ۽ جذبن جي پنھنجائپ سبب، خود پنھنجو پاڻ سان پيار ڪريون ٿا....“

ھو اڃا بس نھ ٿو ڪري.

”...... ائين نھ سمجھو تھ اوھان جا دوست ھر روز شام جو فقط اھو ڄاڻڻ لاءِ اوھان کي فون ڪندا تھ متان اھا ئي شام ھجي، جڏھن اوھان آپگھات ڪرڻ جو فيصلو ڪري رھيا ھجو. يا توھان کي ڪنھن دوست جي رفاقت جي ضرورت تھ ناھي، يا توھان ڪيڏانھن ٻاھر وڃڻ جي موڊ ۾ تھ نھ آھيو. گھٻرايو نھ، ھو اوھان کي فون ضرور ڪندا، پر ان شام جڏھن اوھان اڪيلا نھ ھوندا، جڏھن زندگي اوھان جي اڳيان حسين ۽ خوبصورت ھوندي. باقي رھيو آپگھات جو سوال، سو خاطري ڪريو تھ ھو پاڻ اوھان کي ان جو مستحق سمجھي، ان ارادي پوري ڪرڻ ۾ پوري مدد ڪندا....“

پوءِ اٿي ٿو ۽ ويندي ويندي چوندو ٿو وڃي:

”خدا اسان کي پنھنجي دوستن جي ھٿان ڪنھن اوچي درجي تي پھچڻ کان محفوظ رکي.“

ائين ڪامئو، ڪن جي پاپڙين ۽ نڪ جي چوٽيءَ سان آڱوٺي ۽ اشھد آڱر جي ورزش ڪندو موڪلائي وڃي ٿو، تھ پريان وري والٽيئر رڙيون ڪندو، ڊوڙندو ٿو اچي:

”...... مون کي منھنجي دوستن کان بچايو، دشمنن سان مان پاڻ پڄي پوندس....“

ھن کي ڏسي، مون کي ڪنھن گمنام شخص جي ھاءَ ڳالھھ ياد اچي ٿي:

”.... ھو چٿرون ڪري ڪري مٿانئن کليو، جيئن جيئن ھن جي ھر دشمن ھڪ پٿر کڻي کيس ھنيو. پر جڏھن سندس ھن کي گل اڇلائي ھنيو تھ سڄي شھر ھن جون آھون ٻڌيون...“

۽ مون کي ان ئي پل عابده پروين جي ڳايل غزل جو ھڪ بند بھ ياد اچي ٿو:

وقت وارن جا وار سھبا پر

دوستن جو سلوڪ ماري ٿو.

عابده جو آواز زمان ۽ مڪان جون حدون ٽپي وڃي ٿو. سڀ سرحدون ۽ صديون لتاڙي وڃي ٿو. سلطنتِ روم مان، شھنشاھھ سيزر دانھن ڪري ٿو:

”ھڪ دوست کي تھ پنھنجي دوست جي ڪمزورين جو سھارو ٿيڻ گھرجي. پر بروٽس منھنجين کي اڃا وڌائي وڏو ٿو ڪري...“

شيڪسپيئر چئي ٿو:

”...... اڪثر دوستي ڍؤنگ ھوندي آھي، اڪثر پيار ڀل ھوندو آھي.....“

شاعر وليم بلئڪ ٻڌائي ٿو:

”...... تنھنجي دوستي اڪثر منھنجي دل کي ڌڪ رسائي پئي ڏکايو آھي، منھنجو دشمن ٿي – دوستيءَ جي خاطر.“

انجيل چيو:

”.... مان پنھنجي ئي دوست جي گھر ۾ زخمي ٿيس....“

مان بھ تڙپي پوان ٿو. ڪجھھ ياد اچي ٿو، ڪجھھ وسارڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو، پر منھنجي اندر جي ريج جي اوٻر ٻاھر نڪري اچي ٿو:

آدم خور جھڙا ننھن ھجن

پاڻ کي جِھيريان

ڊراڪولا جھڙا ڏند ھجن

پاڻ کي چِيريان

پنھنجي ھڏن کي

سڪين ڪاٺين وانگي ڀڃان

مڃ وانگي ڪٽي پاڻ کي

واڻ وانگي وٽيان

ھاءِ ھن گھڙيءَ کي

ھن ھڪڙي پل کي

ھن ھڪڙي پل کي

ھن پھر کي، ھن پور کي

ڪيئن ڪٽيان؟

ڪيئن گذاريان؟؟

ڇا ڪيان مان؟؟؟

ڪيئن ڪيان مان؟؟؟؟

مان ھن پل پاڻ کي ھيڪلو ٿو محسوس ڪيان – بلڪل اڪيلو – مان اڪيلو آھيان ٿر جي رڻ جي ٿوھر جيان، رڃ ان احسان کي اڃا سگھارو ڪري ٿي. مان اڪيلو آھيان بيابان ۾ بيٺل، کٻڙ جي کاڌل، پوري پوڙھي وڻ جيان، بيابان جي وسعت ان احساس کي ويتر وسيع ڪري ٿي. مان اڪيلو آھيان، قبرستان ۾ بيٺل ڪرڙ جيان، مقام جي خاموشي، ڪاري رات سان رلجي، منھنجي اڪيلائي کي اڃا گھرو ڪري ٿي.

مان بيوس ٿي، اسٽڊي ٽيبل جي سامھون ڀت تي لڳل دوستووسڪي جي تصوير ڏانھن ڏسان ٿو. تصوير ڳالھائڻ لڳي ٿي:

”.... ڌرتيءَ جي ھن گولي تي انسان اڪيلا ئي آھن. اھو ئي تھ اھنج آھي... ھر ھڪ شيءِ مئل آ، ھر ھنڌ مردا پکڙيا پيا آھن. بلڪل بھ اڪيلا انسان آھن ۽ تن جي چوڌاري بس آھي – سانت سانت چپ چپات. اھڙي ئي دنيا آھي جنھن ۾ اسان رھون ٿا – ”انسان ھڪٻئي سان پيار ڪن ٿا“ ڪنھن چيو ائين، اھو ڪنھن جو فرمان آ؟....“

ھينئر مون کي پاڻ کي Compose ڪري رکڻ ڏکيو ٿيندو وڃي ٿو. ۽ مان ڪنھن ٻئي جي "Mercy Killing" جي نسخي جو شڪار ٿيڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪندي، پنھنجي موت مرڻ لاءِ سڌو سنڌو ڪناري پھچي وڃان ٿو. مان اورار اڀو آھيان، ۽ پرار کان ڪو پڙاڏو ٻڌجڻ ۾ اچي ٿو: جيون ... بس ... ھڪ .... سڏڪو.... آھي...... آھي.... آھي.

ان گھڙيءَ الائي ڪيئن، ڪٿان ۽ ڇو مون کي مولانا رومي ٿو ياد اچي:

I am he whom a love, He whom A Love is is I.

۽ مان Naricisst (؟) بڻجي، مھراڻ جي موجن ۾ پنھنجو عڪس چمڻ لاءِ آتو ٿي، اڳتي وڌي، پاڻ اڇلائڻ جي ڪيان ٿو تھ ھڪ شعر چقمق بڻجي، مون کي پويان ڇڪي ڇڏي ٿو:

”وري ھڪ پيار جي ڳولا، ۽ سوار ٿيڻ ڪرڻ لاءِ

ھڪ ڀيرو وري وڃائڻ ۽ وري گھاءَ سھڻ لاءِ“

۽ ائين آءٌ ٿڪل ٽٽل، بَٺل ڀريل، ھڪ ڀيرو وري دل کي سئي سڳي، اسٽيپلر ۽ ايلفي سان ٽوپي، ٽاڪي، ڳنڍي جوڙي – مان سماج جي Superego جو Victim پنھنجي خوشفھمين، اياڻپ ۽ Indecisiveness جي ٽنھي ڳنڍين کي گڏائي، وڏي ڳوري بَڊ ٺاھي، مٿي تي کڻي، پنھنجي منھن، ھيڪلو ئي ھيڪلو، اڪيلو نويڪلو، سواءِ ڪنھن تعين ڪيل طرف جي، اڻ لتاڙيل پيچرن تي نڪري پوان ٿو.

گونگا سڏ ڪندو ٿو وتان:

دوستي تنھنجو ڇاھي نانءُ؟

زندگيءَ جو ساھھ يا ڪو گھرو گھاءُ، ڌرتيءَ جو جھولو يا ھير جو ڪو جھوٽو، چنڊ جي چانڊوڪي يا تکي سج جو تاءُ، دوستي تنھنجو ڇاھي نانءُ؟؟....

دوستي تون ڇا آھين؟

مرڪ آھين، سرڪ آھين، ڪو ڌوڪو يا ڪا جھڻڪ آھين؛

منزل آھين ماڳ آھين، يا ڪا رڃ سراب آھين،

ٽھڪ آھين لڙڪ آھين، سوال آھين جواب آھين،

دوستي تون آخر ڇا آھين، دوستي تون ڪٿي آھين؟؟

۽ ائين مان رلندو رمندو رھان ٿو، ڳوليندو وتان ٿو، دوست کي، دوستي کي – يا شايد پنھنجو پاڻ کي – اجھو، منھنجي ڪن تي بيدل سائين جي ڪافي پوي ٿي. فقير حسين بخش خادم روھڙي جي ٽڪرين تان نعرو ھڻي ٿو:

”پاڻ ڳوليندڙ پاڻ کي ڳولي، عشق غيور وڃايس عنبر“

اڙي! مان تھ ھينئر سچل سائينءَ جي ننگريءَ ۾ پھچي ويو آھيان!!

مان سچل کان پڇان ٿو، ڪوئي آھي؟ - دوست ڪٿي آ – ڪير آ؟ سچل سچو ۽ کرو، علي الاعلان چئي ٿو:

”مين تان ڪوئي خيال ھان، وو، ھڻ لڀسان نال خيال دي“

مون کي الائي ڪھڙي قسم جي تشفي، تسلي ٿئي ٿي، عجيب آٿت ۽ اتساھھ ملي ٿو، ساھھ پئي ٿو، سڪون ملي ٿو، مان صحن ۾ سمھي پوان ٿو. گھري ننڊ کڻي ٿي وڃي ۽ ننڊ ۾ خواب ڏسان ٿو:

خواب ۾ ڏسان ٿو تھ مان سچل جي نگريءَ ۾، ٻنيءَ ۾، کيڙي ۾، سرن ۾، ٻوڙن ۾، رلندو ٿو وتان تھ ڪوئي اجنبي اوچتو اچي منھنجو ھٿ پڪڙي ٿو، مان حيران ٿي ھن ڏانھن ڏسان ٿو. ھو ھڪدم پراعتماد ۽ ماٺيڻي لھجي ۾ مون سان ھم ڪلام ٿئي ٿو:

”عجب نھ کاءُ، دوست! مان تنھنجو دوست آھيان – “

”پر مان تھ توھان کي اڳ ۾ نھ ڪٿي ڏٺو آھي، نھ مليو آھيان، نھ ڳالھايو آھي، پاڻ تھ بلڪل اجنبي ۽ ناآشنا آھيون.“

ھو کيڙي مان نڪري، ٻني سان گڏ وھندڙ واھھ جي ڪپ تان، ٽالھين جي ڇانو ۾ مون کي ھٿ کان وٺي ھلڻ لڳي ٿو ۽ ڳالھائيندو بھ ھلي ٿو: ”دنياداري جي حساب م اڻ واقف ئي سھي، پر پاڻ ڪن فيڪون کان اڳ دوست آھيون. اجھو ھي سچل شاھد آ:

”آھيان اوھان جھڙو ائين،

دوست چوين ڪير آھين؟!...“

پوءِ ھو مون کي ٻني تي پيل، ڪانھھ جي ڪپيل، سڪل ٻوڙي جي مٿان ويھاري، پوري اعتماد ۽ تقدس سان منھنجي ڀرسان سري ويھي ٿو. پٺيان اڪ، انبڙين ۽ ڦلڙين جي ڦوھھ جواني جي بار سان جھڪي ٿو ۽ جھومي ٿو. سامھون سچل سائين جو روضو آھي، ۽ ائين منھنجو اجنبي دوست، ڪڏھن ڏاڍيان ڪڏھن سرگوشيءَ سان، لطيف سائين جي ڪلام سان مون کي دوست ۽ دوستي بابت سمجھائي ٿو:

دوست ان کي چئجي جنھن کي:

اکڙيون علي الصباح، دوست ديکڻ آيون.

دوست اھو آھي جيڪو:

ڊڀن ڀري ھٿڙا، دارون دوست ڪريج.

دوست اھو آھي جنھن وٽان:

وڃان ڪين وري، ھوند ريءَ چئي رھي رھان

دونھين پاسي دوست جي، ماڳھين پوان مري.

دوست اھو آھي جنھن لاءِ:

ھڏ نھ ساھھ سڌير، دل درماندي دوست ريءَ،

دوست اھو آھي جيڪو:

جيئن مينھن ڪنڍي پوءِ تيئن دوست وراڪو دل سين،

پوءِ ھو مون ڏانھن نھاري چوي ٿو:

-    نانئي نيڻ نھار، تو ۾ ديرو دوست جو،

-    وڃي ڏور م ڏور، درا منجھھ دوست ٿيو.

پوءِ ھو پنھنجي سندر سندر، ڌيمي ۽ مڌر آواز ۾ جھونگاري ٿو:

دوست پيھي در آيو، ٿيو ملڻ جو سعيو!

ڏينھين پڄاڻي آڻي اسان کي، موليٰ محب ملايو!

ھو جنين جو ڏس ڏورانھون، اوڏو اڄ سو آيو!

دوست پيھي در آيو!

مان ھڪ پل لاءِ ڏانھس نھاري، ٻي پل اکيون بند ٿو ڪري ڇڏيان، ھو آھستگيءَ سان پنھنجو ڪنڌ منھنجي ڪلھي تي رکي ٿو ڇڏي. ھو گھري ننڊ ۾ پئجي ٿو وڃي ۽ مان اکيون کولي سامھون سچل سائين جي روضي ڏي ڏسان ٿو.

نماڻو، فقير غلام حسين، مست موٽڻ شاھھ ۽ ڳاڙھا وار ڪلھن تي کولي، سھراب فقير – صحن ۾ سنگ ۾ چئي رھيا آھن:

”مين تان ڪوئي خيال ھان، وو، ھڻ لڀا سان نال خيال دي“

مان دوست / دوستي کي ائين ٿو سمجھان.

اوھان ڪجھھ مختلف سمجھندا ھوندؤ.

اڄ کان اٽڪل اڍائي ھزار ورھيھ اڳ، سقراط وري ان کي اجھو ھيئن سمجھيو ھيو: .......

 

دوستي

(LYSIS OR FRIENDSHIP)

مڪالمي جا ڪردار:

1.   سقراط، جيڪو قصو بيان ڪندڙ آھي.

2.  مينيڪسينس.

3.  لائسس.

4.  ھپوٿيليس.

5.   سٽيسيپس.

 

جڳھھ:

- اٿينس جي پناھھ ديوار جي ٻاھران.

نئون ٺھيل آکاڙو.

 

مان اڪيڊمي کان سڌو سڌو لائڪيم طرف ر رکيو. دل ۾ اھو ئي خيال آڻي تھ جيئن ڀِت سان بلڪل لڳو لڳ وارو ٻاھريون دڳ وڃي وٺان، جيئن شھر جي پٺتين دروازي وٽ پھتس، جيڪو پانوپس جي چشمي وٽ آھي، تھ مون کي ھائرونيمس جو پٽ ھپوٽيليس ۽ پائنيا جي شھر جو سٽيسيپس گڏيا. ھنن سان گڏ سندن پيا نوجوان سنگتي بھ ٽولي ڪيون بيٺا ھئا. ويجھو ٿيڻ تي ھپوٿيليس مون کان پڇي ورتو تھ مان ڪٿان پئي آيس ۽ ڪيڏانھن پئي ويس.

”اڪيڊمي کان اچان پيو ۽ث سڌو لائيڪيم پيو وڃان“ مون وراڻيو،

”پوءِ کڻي اسان ڏي لڙي پئو ۽ ھن سڄي سنگت سان اوھان بھ کڻي رلجي پئو.“ ھن چيو،

”اوھان آھيو ڪھڙا ڪھڙا ۽ مون کي ھلڻو ڪٿي آھي؟“ مون پڇيو،

ھن مون کي ڀت جي آمھون سامھون ھڪ کليل دروازو ۽ احاطو ڏنل جڳھھ ڏيکاري ۽ چيو ”ان عمارت ۾ اسان سڀ سنگتي ڪٺي ٿيندا آھيون: ۽ اسان جي بھ ٺاھوڪي سنگت اٿو.“

”اھا عمارت ڇا جي آھي ۽ اوھان وٽ وندر ڪھڙي ھوندي آھي؟“ مون پڇيو،

ان تي ھن ٻڌايو ”اھا عمارت ھڪ نئين اڏاوت ٿيل آکاڙي جي آھي ۽ وندر عام طور تي ڪچھري ھوندي آھي، جنھن جي اسان توکي بھ دعوت ڏيون ٿا.“

”مھرباني“ مون چيو، ”ڀلا اوھان وٽ ڪو استاد بھ آھي؟“

”ھائو، اوھان جو جھونو سنگتي ۽ مداح، مائڪس“ ھن وراڻيو.

”سچ پچ، ھو تھ بلڪل ناليرو معلم آھي“ مون چيو.

”تھ ڇا اوھان بھ ھن سان ملڻ لاءِ، اسان سان ساڻ ھلڻ تي راضي ٿي ويا؟“ ھن پڇيو.

”ھائو“ مون چيو، ”پر پھريائين مون کي اھو تھ ٻڌايو تھ مون کان چاھيو ڇا ٿا ۽ اھو بھ ٻڌايو تھ اوھان جي سنگت منجھھ منظور نظر ڪير آھي؟“

”سقراط، ڪن ھمراھن جو منظور نظر ڪوئي ھڪڙو آھي، تھ ڪن جو وري ڪو ٻيو.“ ھن چيو،

”ڀلا تون ٻڌاءِ ھپوٿيليس، تھ تنھنجو ڪھڙو آھي“ مون چيو،

ان تي ھن جا ڳل، لڄ کان لال ٿي ويا، مون کيس چيو، ”ھائرو نيمس جا فرزند ارحمبند، ھپوٿيليس، ھاڻي ائين چئھ ئي نھ تھ توکي پيار ٿي ويو آ يا ٿيو ئي نھ آھي، اھڙي اعتراف کي گھڻي دير ٿي چڪي ڇو تھ مان ڏسان ٿو تھ توکي نھ رڳو روڳ لڳو آھي، پر پنھنجي پيار ۾ فون ھميشھ ڏاڍو گھرو ۽ پري وڃي نڪتو آھين، سادو سودو ۽ بي عقل بيشڪ آءٌ آھيان ئي سھي، پر ديوتائن مون کي ان قسم جي چاھتن کي پرجھي ۽ سمجھي وٺڻ جي صلاحيت ڏني ئي آھي.“

ان تي ھو حياءَ کان وڌيڪ ڳاڙھو ٿيندو ويو.

۽ سٽيسپس ھن کي چيو: ”ھپوٽيليس، توکي ائين ڳاڙھو ٿيندي ۽ سقراط کي ان جو نالو ٻڌائڻ کان ھٻڪندو ڏسي، مون کي نھ مزو ٿو اچي. ڇو تھ جيڪڏھن ھو توسان ڪجھھ گھڙين لاءِ ئي سھي، پر گڏ ھجي ھا تھ تو وٽ ڳالھائڻ لاءِ ٻي ڪا بھ ڳالھھ ھجي ئي نھ ھا ۽ ھن کي تھ ڳالھين ڳالھين سان ئي ماري ڇڏين ھا. سقراط، سچ پچ تھ ھن اسان کي واقعي ٻوڙو ڪري وڌو آھي، ۽ اسان جا ڪن، لائسس جي تعريف سان ڀري بند ڪري ڇڏيا اٿائين، ۽ جيڪڏھن ھي ھمراھھ ٿورو بھ مدھوش ھجي تھ ان جا بلڪل امڪان آھن تھ، لائسس نالي جي رڙ سان، اسان جون ننڊون حرام ٿي وڃن. نثر ۾ ھن جي ڪارڪردگي ڪافي خراب آ، پر سندس شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ اھا ڄڻ تھ ڪجھھ بھ ناھي، ۽ جڏھن ھي پنھنجا بيت ۽ ٻيا گيت، اسان تي مينھن وانگي وسائي، انھن سان وھنجاري ٿو تھ اھا حالت تھ سھپ کان ئي ٻاھر آھي. ۽ پنھنجي پيار جي روبرو، ھن جي ڳائڻ جو انداز تھ ويتر ابتر آھي. سندس آواز باقاعدي ڀؤ ۽ دھشت پيدا ڪري ڇڏيندو آھي. ۽ اسان، کيس ٻڌڻ تي مجبور آھيون، وري ھينئر ڏسو تھ جڏھن ھن کان سوال پيا پڇو تھ ڪيئن ٿو ڳاڙھو ٿيندو وڃي؟“

”ڪير آ لائسس؟“ مون چيو ”منھنجو اندازو آھي تھ ھو ننڍي عمر جو ئي ھوندو، ڇو تھ ان نالي سان مون کي ڪو بھ ياد نھ ٿو اچي.“

”ھن جو والد تھ مشھور ماڻھو آھي“ ھن چيو، ”۽ ٻيو تھ کيس اڃا تائين پنھنجي نالي سان نھ ٿو سڏيو وڃي، پر وڏڙن جو نالو رکيل اٿس. پوءِ بھ جيتوڻيڪ اوھان کي ھن جي نالي جي خبر نھ آھي، پر مون کي پڪ آھي تھ اوھان ھن جي چھري کان واقف ھوندائي سھي، ڇو تھ سندس صورت کيس نروار ڪري بيھارڻ لاءِ ڪافي آھي.“

”پر مون کي ٻڌايو تھ سھي تھ ھو پٽ ڪنھن جو آ؟“ مون چيو،

”ھو ايڪساني شھر جي دمقراط جو وڏو وڏو پٽ آھي.“

”واھھ! ھپوٿيليس واھھ! تون ڪيڏو نھ خاندان ۽ بي عيب محبوب ڳولي لڌو آھي.“ مون چيو، ”منھنجي خواھش آھي تھ تون مون تي بھ مھربان ٿي اھڙو مظاھرو ڪر، جھڙو باقي سنگت آڏو ڪندو رھيو آھين، ۽ پوءِ ئي مان اھو اندازو ۽ انصاف ڪري سگھندس تھ ڇا تون واقعي بھ ان کان واقف آھي تھ ھڪ عاشق کي پنھنجي محبوب جون ڳالھيون ٻين ماڻھن سان ڪيئن ڪرڻ گھرجن. يا خود ان محبوب سان ھم ڪلام ڪيئن ٿيڻ گھرجي.“

”نھ، نھ سقراط، ھي ھمراھھ (سٿيسيپس) جيڪي چوي ٿو، ان کي اھميت ئي نھ ڏيو.“ ھن چيو،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org