مون پڇيو، ”تنھنجو مطلب آ تھ تون ان شخص سان پيار
کان انڪاري آھين، جنھن لاءِ ھي تنھنجو سنگتي ٻڌائي
ٿو تھ توکي ان سان پيار ٿي ويو آ.“
”نھ، نھ – پر مان ان کان انڪار ٿو ڪيان تھ ڪو شعر
لکندو آھيان يا ھن جي آڏو ڳائيندو آھيان.“
”ھن جو ھوش جاءِ نھ آھي، ھاڻي ھي ابتيون سبتيون
ڳالھيون ٿو ڪري ۽ بس چريو ٿي چڪو.“ سٿيسيپس چيو،
تنھن تي مون ھن کي چيو ”ھپوٿيليس، تنھنجي راڳ ٻڌڻ
جي خواھش مون کي ڪونھي، پر پنھنجي منظور نظر جي
مان ۾ جيڪي شعر تون ٺاھيا آھن، انھن جي مواد ۽
مضمون جي تھ خبر پوي، تھ جيئن مان اھو پرکي سگھان
تھ تون ڪھڙي طريقي سان پنھنجي محبوب جي ويجھو وڃين
ٿو.“
”سٽيسيپس کان ئي پڇي وٺو. ڇو تھ ھو دعويٰ ڪيون
ويٺو آ تھ منھنجا جملا، گيت ۽ شعر ھن جي ڪنن ۾
پڙاڏو بڻجي گونجندا ٿا رھن. ظاھر آ، ھن کي تھ پوءِ
پوري پوري خبر ۽ يادگيرو ھوندو ئي سھي.“ ھن چيو،
”ھا، ھاءِ بلڪل – مون کي تھ پوري پوري خبر آھي.“
سٽيسيپس چيو، ”سقراط، ھن جي آکاڻي ڏاڍي کل جھڙي آ،
جيتوڻيڪ ھي ھڪ عاشق آھي ۽ بيحد وفادار عاشق، پر ھن
ھمراھھ وٽ پنھنجي محبوب سان گفتگو لاءِ ڪا بھ خاص
ڳالھھ تھ ھوندي ڪونھي. بس اھڙيون ڳالھيون ڪندو
آھي، جيڪي جيڪر ڪو ٻار بھ نھ ڪري. ھاڻي آھي نھ اھا
کل جھڙي ڳالھھ؟ ھي ڳالھائي ٿو تھ دمقراط جي دولت
بابت، جنھن جو سڄي شھر ۾ ھونءَ ئي ھل آھي ۽ ٻيو ھن
جانڙي جي ڏاڏي لائسس ۽ سندس ٻين وڏڙن جي باري ۾ ۽
سندن گھوڙن جي نسلن بابت ۽ پِٿيا جي راندين،
ايسٽمس ۽ نيميا ۾ ھڪڙي گھوڙي ۽ چئن گھوڙن سان سندن
جيت بابت – اھي ئي آکاڻيون ھو جوڙي ٿو ۽ ورجائيندو
وتي ٿو. ۽ اڃا ھن جي ٻي ڇني ڪوري واري ڊيگھھ بھ
ٻڌو – ڇا ٿيو جو ڪلھھ نھ ٽيو ڏينھن، ھن ھڪڙو بيت
ٺاھي ٻڌايو، جنھن ۾ ھيراڪليز، جنھن جو لائسس جي
خاندان سان ڪو تعلق وڃي لڳي، ان جي ھڪ مھمان جو
بيان کنيائين ۽ ائين ھمراھھ قصو جوڙيو تھ ڪيئن ان
رشتي جي نسبت سبب، لائسس جي ڪنھن وڏي ابي ڏاڏي
پاران ھن جي خاص مھماني نوازي ڪئي وئي ۽ سندس اھو
ابو ڏاڏو خود زيوس ديوتا کي، ھن جھان جوڙيندڙ جي
ڌيءَ منجھان ڄائو ھو. اھي اھڙي قسم جون پوڙھين
عورتن واريون آکاڻيون، ھي برزبان بيان ڪري ٿو ۽
اسان کي اھي زورؤن بھ ٻڌڻيون ئي پون ٿيون.“
اھو ٻڌندي مون چيو، ”اھو تون پنھنجي ئي شان ۾ ڪيئن
پيو گيت ٺاھين ۽ ڳائين، جيستائين تون کٽيو ئي
ناھي؟“
”پر سقراط، منھنجا گيت ۽ شعر، منھنجي پنھنجي شان ۾
تھ آھن ئي نھ“ ھن چيو،
”تھ تون ائين نھ ٿو سمجھين.“ مون پڇيو،
”نھ ڪو، مان تھ ائين نھ ٿو سمجھان – ڇو، اوھان ڇا
ٿا سمجھو؟“
ھن ورندي ڏيندي چيو،
”يقينا اھي گيت سڄا سارا تنھنجي پنھنجي ئي شان ۾
آھن.“
مون چيو، .ڇچو تھ جيڪڏھن تون پنھنجي خوبصورت پِرين
کي کٽي وڃين ٿو تھ پوءِ تنھنجا اھي خطبا، بيان ۽
گيت تنھنجي پنھنجي واکاڻ ئي بڻجي ويندا ۽ بلڪل بجا
طور تنھنجي پنھنجي شان ۾ جوڙيل تعريف جا شبد ليکجڻ
۾ ايندا، جو تون اھڙو پيار فتح ڪيو ۽ کٽيو ھوندو،
پر جيڪڏھن ھو توکان پرتي ٿي ٿو وڃي تھ ان صورت ۾،
ھڪ اھڙي خوبصورت ترين ۽ بھترين نعمت وڃائي ڇڏڻ تي
تون ايڏو ئي وڌيڪ کل جھڙو بڻجي ويندين، جيڏي وڏي
واکاڻ تون ھن جي ڪئي ھوندي. تنھنڪري ڏاھو عاشق،
پنھنجي معشوق جي تعريف اوستائين نھ ڪندو آھي،
جيستائين ان کي ھاصل نھ ڪري، ڇو تھ ھو اتفاقن ۽
امڪانن کان خبردار رھندو آھي. ۽ ھڪ ٻيو خطرو بھ نھ
ھوندو آھي. جيڪڏھن، ڪوئي چڱن چھرن جي تعريف ڪندو ۽
ائين انھن کي آسمان تي چاڙھي ڇڏيندو آ تھ پوءِ اھي
ويندا مغرور ٿيندا ۽ ھروڀرو فخر ۾ ڦونڊجي ويندا
آھن، ڇا تون مون سان متفق نھ ٿيندين؟“
”ھائو، بلڪل.“ ھ چيو،
”۽ جيترو وڌيڪ آڪڙبا ويندا، اوترو ئي ڏکيو ھٿ
ايندا؟“
”مان مڃيان ٿو.“
”ٻڌاءِ ڀلا تھ اھو بھ ڪھڙو شڪاري ٿيو، جيڪو پنھنجي
شڪار کي ڀؤ ڏئي ڀڄائي ڇيڏ ۽ جن جانورن جي شڪار تي
نڪتو آھي، انھن کي پڪڙڻ رھندو سھندو ڏکيو ٿي
پئيسک.“
”پڪ ئي پڪ، ھو تھ ھڪ ناڪام شڪاري ئي ٿيو.“
”بلڪل ٺيڪ – سو جيڪڏھن، ڪوئي بھ، خوبروئن کي ريھي
ريبي پنھنجو ڪرڻ بدران، اٽلندو انھن کي لفظن، بيتن
۽ گيتن سان بِر ڪري، ڀڄائي ۽ چيڙائي وجھي تھ ان کي
عقل جي ڏڪر کان سواءِ ٻيو ڇا سڏجي؟ ائين نھ آھي؟“
”ائين ئي آھي.“
”پوءِ ھپوٿيليس ھينئر سوچ تھ تون اھا شاعري ڪري
ڪيڏي نھ غلطي ڪئي آھي. تون ان کي سٺو شاعر مڃيندين
جيڪو پنھنجي شاعريءَ سان پاڻ کي ئي ڇيھو رسائي،
مون کي تھ سمجھھ ۾ نھ ٿو اچي.“
”واقعي بھ نھ“ ھن چيو، ”اھو شاعر تھ بس ھڪ احمق
ھوندو، سقراط، اھو ئي تھ سبب آھي جو مان اوھان سان
صلاح مصلحت ڪرڻ چاھيندو آھيان، ۽ مون کي ڏاڍي خوشي
ٿيندي جيڪڏھن مون کي ڪو ٻيو مشورو بھ ڏئي وجھو.
اوھان ٻڌائيندا تھ مان ڪھڙن لفظن سان يا طريقي سان
پنھنجي پرينءَ کي پيارو ٿي پوان؟“
.اھو ائين طئي ڪرڻ سولي ڳالھھ نھ آھي“ مون چيو،
”پر جيڪڏھن تون پنھنجي محبوب کي مون ڏانھن وٺي
اچين ۽ مون کي ھن سان ڪچھري ڪرڻ بھ ڏئين، تھ پوءِ
مان، شايد، توکي اھو سمجھائي سگھان تھ توکي ھن سان
ڪيئن گفتگو ڪرڻ گھرجي. ۽ جيئن ھي توکي الزام ٿا
ڏين تھ تون ڳائين ٿو ۽ برزبان بيان ٿو کڻين، تھ
پوءِ تون ان انداز ۽ طريقي کي تبديل ڪر.“
”ھن کي آڻن ۾ ڪا ڏکيائي ڪو نھ ٿيندي.“ ھن وراڻيو،
”جيڪڏھن اوھان رڳو ھينئن ڪيو جو سٽيسيپر سان گڏجي
اکاڙي ۾ وڃو ۽ اتي ويھي ڪچھري شروع ڪيو تھ مون کي
يقين آھي تھ ھو پاڻمرادو اچي پھچندو. ڇو تھ سقراط
ھو ڳالھين ٻڌڻ جو شوقين آھي ۽ ٻي ڳالھھ تھ ھي
ھرمبا جي جشن جو موقعو آھي سو نوجوان ۽ نينگر الڳ
۽ ڌار ڌار ڪونھن. سڀ گڏ آھن، سو پڪ ئي پڪ ھو
ايندو، پر جيڪڏھن نھ بھ اچي ٿو تھ ھو سٽيسيپس جو
بھ واقف آھي ۽ سندس مائٽ مينيڪسينس جو بھ سٺو دوست
آھي، سو اھي ٻئي کيس سڏي وڍندا.“
”ائين ئي ٿيندو.“ مون چيو، ۽ پوءِ سٽيسپس کي ساڻ
کڻي، مان آکاڙي ڏي ھلي پيس ۽ باقي ھمراھھ بھ اسان
جي پويان لڳي پيا.
داخل ٿيڻ تي اسان ڏٺو تھ ڇوڪرا ان گھڙيءَ تي ڀيٽا
ڏئي رھي اھئا ۽ ڏڻ واري ڏينھن جو اھو ھصو پنھنجي
پڄاڻي تي ئي ھيو. ھو سڀ مخصص سفيد لباس ۾ ھئا ۽
ڍاري واريون رانديون کيڏجي رھيون ھيون. ڪي ٻاھر
اڱڻ تي وندر ڪيون ويٺا ھئا تھ ڪي، ڪونڊائتا ويھي،
بيد جي ننڍڙين کارين مان کوڙ سارا ڇڪا ڪڍي، چوپڙ
کيڏي رھيا ھئا. رؤنشي وارا گول ڪيون بيٺا ھئا، جن
۾ لائسس بھ ھيو. نوجوانن ۽ ڇوڪرن جي وچ ۾، ھو مٿي
تي تاج پھريو بيٺو ھيو. بس ھڪ خوبصورت خواب جيان
ھيو. جيترو سھڻو من مھڻو محبوب ھيو، اوترو ئي
محبتي ۽ محجوب پئي ۾حسوس ٿيو. اسان ھنن کان اڳتي
وڌي، ڪمري جي پرئين پاسي ڏانھن وياسين، جتي ھڪ
پرسڪون جاءِ ڏسندي ھيٺ ويھجي وياسين ۽ ڪچھري، شروع
ٿي، جنھن لائسس جو ڌيان ڇڪايو ئي سھي ۽ ھو مسلسل
مڙندو ۽ اسان ڏانھن ڏسندو رھيو. ظاھر آھي، ھن اسان
ڏانھن اچڻ پئي چاھيو. ڪجھھ وقت لاءِ ھو ھٻڪيو ۽
اڪيلو اچڻ جي ھمت ساري نھ سگھيو. پھريائين سندس
دوست مينيڪسينس، راند ڇڏيندي اڱڻ مان اکاڙي ۾ داخل
ٿيو، ۽ مون تي ۽ سٽيسيپس تي نظر پيس ۽ اچي اسان جي
پاسي ۾ ويٺو. لائسس بھ کيس ڏسندي، سندس پويان ايو
۽ ھن جي ڀرسان ويھي رھيو. ۽ ائين پوءِ ٻيا پڇوڪرا
بھ گڏ ٿيندا ويا. مون ڏٺو تھ ھپوٿيلس ميڙاڪي جي
پويان ٿي بيٺو، شايد ائين ئي سوچيو ھوندائين تھ
اتي ھو لائسس جي نظرن کان پري رھندو، متان ھونئن
کيس ڪاوڙائي وجھي. بھرحال ھپوٿيليس اتي ئي بيٺو ۽
ٻڌندو رھيو.
مون مينيڪسينس ڏانھن منھن ڪيو ۽ چيو، ”ڊيمو فون جا
فرزند، اوھان ٻنھي نوجوانن مان وڏو ڪير آ؟“
.اھو ئي اسان وچ ۾ تڪراري مسئلو آھي“ ھن وراڻيو،
”ڀلا اشراف ۽ اعليٰ ظرف وارو ڪير آھي، ڇا اھو بھ
تڪراري معاملو آھي؟“
”ھائو، يقيناف.“
”۽ اھو بھ تڪرار آ تھ سھڻو ڪير آ.“
ان تي ٻئي ڇوڪرا کلي ويٺا.
”مان ائين نھ ٿو پڇان تھ ٻنھي مان ساھوڪار ڪير
آھي.“ مون چيو، ”ڇو تھ توھان دوست آھيو، آھيو نھ؟“
”يقينا آھيون“ ھنن وراڻيو،
ڪ.۽ دوستن جون سموريون شيون گڏيل ھونديون آھن، سو
جيڪڏھن اوھان بھ دلي طور چئو ٿا تھ توھان دوست
آھيو تھ پوءِ توھان مان ھڪڙو ٻئي کان شاھوڪار ئي
نھ ٿو سگھي.“
ھنن ھائوڪار ڪئي، ان کان پوءِ مان اھو پڇڻ وارو ئي
ھيس تھ ٻنھي مان وڌيڪ واجبي ۽ معقول ڪير ۽ وڌيڪ
داناءُ ڪير آھي. پر ان گھڙيءَ ئي مينيڪسينس کي
ڪوئي سڏڻ آيو تھ ھن کي جمناسٽڪ جي استاد سڏايو
آھي. مون اندازو ڪيو تھ ھن کي ڀيٽا ڏيڻي ھئي. سو
ھو ھليو ويو ۽ مان لائسس کان ڪجھھ وڌيڪ سوال پڇي
ورتا. چيم ”لائسس، ڀلا ائين پڇڻ جي جرئت ڪجي تھ
تنھنجي پيءُ ۽ ماءُ کي توسان بيحد پيار آھي.“
”بلڪل بھ آھي“ ھن چيو،
”۽ انھن جي خواھش ھوندي تھ تون صفا خوش رھين؟“
”ھائو“
”پر تون سمجھين ٿو تھ ڪوئي خوش رھي سگھندو جيڪڏھن
ھن جو حال غلامن وارو ھجي ۽ ھو اھو ڪجھھ نھ ڪري،
سگھي، جيڪو چاھيندو ھجي؟“
”مان ائين ئي ٿو سمجھان تھ ھو واقعي خوش نھ
ھوندو.“ ھن چيو،
”۽ جيڪڏھن تنھنجو پيءُ ۽ ماءُ توسان پيار ڪن ٿا ۽
اھا خواھش رکن ٿا تھ تون خوش رھين تھ پوءِ ڪوئي،
اھو شڪ بھ نھ ڪندو تھ ھو تنھنجي انھيءَ خوشيءَ کي
وڌائڻ لاءِ بھ تيار آھن.“
”يقينا،“ ھن وراڻيو.
”۽ پوءِ ھو توکي اھا اجازت بھ ڏيندا تھ جيڪو تون
چاھين اھو ڪرين ۽ ھو توکي پنھنجي مرضي سان ڪجھھ
ڪرڻ کان ڪڏھن بھ روڪيندا يا ڇنڀيندا نھ آھن؟“
”ھا سچ سقراط، اھڙيون تھ کوڙ ساريون شيون آھن جيڪي
ڪرڻ کان ھو مون کي روڪيندا آھن!“
”تنھنجو مطلب ڇا آھي؟“، مون چيو ”ڇا اھي توکي خوش
ڏسڻ بھ چاھين ٿا ۽ پوءِ بھ وري جيئن تون چاھين،
ائين ڪرڻ ۾ رنڊڪون بھ وجھن ٿا. مثال طور جيڪڏھن
تون پنھنجي پيءُ جي ڪنھن رٿ تي سوار ٿيڻ چاھين ۽
ڪنھن ڊوڙ ۾ واڳون جھلڻ چاھين تھ اھي توکي روڪيندا؟
---- ڇا واقعي اھي توکي، ائين ڪرڻ جي اجازت نھ
ڏيندا؟----“
”يقينا، ھو مون کي، ائين ڪرڻ ڪو نھ ڏيندا“ ھن چيو،
”پوءِ ڀلا ڪنھن کي اھا اجازت ڏيندا؟“
”رٿ سوار کي ڏيندا، جنھن کي منھنجو بابو رٿ ھلائڻ
جي پگھار ڏيندو آھي“
”۽ ھو ھڪ پگھاردار تي توکان وڌيڪ ڀروسو ڪن ٿا؟ ۽
ھن جي مرضي آ تھ جيئن وڻيس تيئن گھوڙن کي ھلائي
ڪري. ۽ توھان جو والد بھ کيس ان جي ئي پگھار ڏيندو
آ؟“
”ھا، ڏيندو آ،“
”ڀلا ائين چئي سگھجي ٿو تھ تون چاھين تھ ايترو تھ
ڪري سگھين ٿو تھ لڪڻ کڻي خچر گاڏي ئي ھڪلي سگھين
--- ھو ان جي اجازت نھ ڏيندا؟“
”ھو اھا اجازت بھ نھ ڏيندا.“
”پوءِ خچر تي لڪڻ استعمال ڪرڻ وارو ڪير بھ ڪونھي؟“
مون چيو،
”خچر سوار تھ آھي،“ ھن چيو،
”۽ ھو غلام آھي يا آزاد ماڻھو؟“
”ھڪ لغام“ ھن وراڻيو،
”۽ تون جيتوڻيڪ ھنن جو پٽ آھين پر ھو توکان وڌيڪ
ھڪ غلام کي اھم سمجھي ان جو قدر ڪن ٿا. ڇا ھو
پنھنجي ملڪيت تنھنجي بدران ھن جي حوالي ڪري کيس
اھا اجازت ڏين ٿا تھ جيئن وڻيس تيئن ڪري، جڏھن تھ
توکي منع ڪن ٿا؟ ھاڻي مون کي جواب ڏي، ڇا تون پاڻ
پنھنجو مالڪ آھين، يا تنھنجا والدين ويندي اھا
اجازت بھ نھ ٿا ڏين؟“
”نھ، نھ، ھو اھا اجازت بھ نھ ٿا ڏين“ ھن چيو،
”تھ پوءِ تنھنجو بھ ڪو مالڪ آھيئ“
”ھائو، منھنجو خانگي سنڀاليندڙ، اھو ئي آھي“
”۽ ھو ھڪ غلام آھي؟“
”پڪ ئي پڪ، ھو پگھار تي رکيل اسان جو غلام ئي آھي“
ھن جواب ڏنو.
”واقعي، اھا تھ عجيب ڳالھھ ٿي تھ ھڪ آزاد انسان
مٿان ھڪ غلام حڪمراني ڪري.“ مون چيو ”۽ ھن جو
توسان ڪھڙو تعلق آھي؟“
”ھو مون کي منھنجي استادن ڏانھن وٺي ويندو ۽
موٽائيندو آھي.“
”پوءِ ائين ڇو نھ ٿو چوين تھ تنھنجا استاد پڻ
تنھنجي مٿان حڪمراني ڪن ٿا.“
”بلڪل اھي بھ ڪن ٿا.“
”پوءِ تھ مونکي ائين چوڻ گھرجي تھ تنھنجو پيءُ،
تنھنجي مٿان کوڙا سرا حڪم ھلائڻ وارا مالڪ مڙھي،
توکي اھڙي سزا ڏيڻ ۾ مطمئن آھي. ڀلا جڏھن تون ماءُ
وٽ گھر ۾ ھجين ٿو تھ اھا تھ ھر صورت ۾ توکي پنھنجي
دڳ تي ھلڻ ڇڏيندي، ۽ تنھنجي خوشيءَ ۾ دخل نھ ڏيندي
ھوندي. ھن جي ان، يا ڪپڙو جيڪو ھوءَ ڪتي ٿي، سي
تنھنجي ھٿ وس ھوندا، مون کي پڪ آ تھ توکي روڪ رنڊڪ
ڪو نھ ھوندي تھ تون ڪاٺ واري ڦٽي کي، يا چرخي جي
ٻئي ڪنھن بھ اوزار کي ھٿ لائي سگھين.“
ھن کلندي وراڻيو، ”نھ سقراط، نھ رڳو ھوءَ مون کي
روڪيندي آھي، پر جيڪڏھن مان انھن مان ڪنھن ھڪ کي
رڳو ڃھيو، تھ بھ مار ملندي.“
”اوھھ، اھا تھ واقعي عجيب ڳالھھ ٿي.“ مون چيو،
”ڀلا تون ڪڏھن بھ پنھنجي پيءُ يا ماءُ سان بدسلوڪي
ڪئي آھي؟“
”نھ، بلڪل بھ نھ“ ھن وراڻيو.
”پوءِ آخر ڇو ھو توکي خوش رھڻ کان ۽ جيئن چاھين ٿو
ائين ڪرڻ کان روڪي رکڻ لاءِ سخت بيتاب آھن؟ - سڄو
ڏينھن توکي ٻين جي ھٿ ھيٺ رکڻ، ۽ جيڪڏھن مان ھڪ
جملي ۾ چوان تھ، توکي تنھنجي مرضي مطابق ڪنھن بھ
ڪم جي اجازت نھ ڏيڻ، سو لڳي ائين ٿو تھ سندن ھيڏي
ساري مال ملڪيت منجھان توکي تھ ڪو بھ فائدو ڪونھي
۽ اھي ملڪيتون تنھنجي بدران ڪنھن ٻئي جي ھٿ وس ۽
اختيار ۾ آھن ۽ توکي پنھنجي خوبصورت ھجڻ جو بھ ڪو
فائدو ڪونھي، جو تنھنجي ان حيثيت جو بھ سار سنڀال
۽ ٽھل ٽڪور ڪرڻ وارو ڪو ٻيو ئي آھي، لائسس تون نھ
ڪنھن بھ شيءِ جو، ڪجھھ جو بھ، مالڪ نھ آھين، ۽
ڪجھھ بھ ڪو نھ ٿو ڪري سگھين.“
”سقراط، پوءِ اھو تھ ان ڪري آھي تھ جو مان اڃا
ايڏو وڏو نھ ٿيو آھيان“ ھن چيو،
”مان شڪ ٿو ڪيان تھ ڇا اھو ئي صحيح سبب آھي“ مون
چيو:
”ڇو تھ مان تھ سمجھان ٿو تھ تھنجو پيءُ دمقراط ۽
تنھنج يماءُ اڳ ۾ ئي توکي ٻين ڪيترين شين جي اجازت
نھ بلڪل ڏين ٿا ۽ تنھنجي بالغ بڻجڻ تائين انتظار
ڪو نھ ڪن، مثال طور: ھنن کي جيڪڏھن ڪا شيءِ لکائڻي
يا پڙھائڻي آھي تھ، منھنجي خيال ۾ تون ئي پھريون
شخص ھوندين جنھن کي ھو سڏائيندا.“
”بلڪل صحيح“
”۽ جنھن ترتيب سان تون چاھين، توکي خط لکڻ يا پڙھڻ
جي اجازت ھوندي، يا سرندي جا سر ۽ آلاپ ٺاھڻ جي ۽
ان کي آڱرين سان وڄائڻ جي، يا مضراب سان ڇيڙڻ جي،
بھرحال جيئن بھ تون چاھين، توکي اھا اجازت بھ بلڪل
ملي ويندي ۽ تنبھنجو پيءُ ماءُ ان ۾ مداخلت نھ
ڪندا.“
”اھو تھ بلڪل صحيح آھجي“ ھن چيو،
”لائسس، پوءِ آخر ڇا سبب آ، ڪھڙي ڳالھھ آ جو ھو
توکي ھڪڙي ڪم ڪرڻ جي اجازت نھ ڏين ٿا، پر ٻئي جي
نھ؟“ مون چيو،
”ڇو تھ منھنجي خيال ۾، مان ھڪ شيءِ جي ڄاڻ رکان ٿو
۽ ٻي جي نھ“ ھن وراڻيو،
”ھائو، منھنجا پيارا نوجوان، سبب سالن جي ڪنھن کوٽ
جو ناھي، پر ڄاڻ جي کوٽ جو آھي“ مون چيو، ”۽ جڏھن
بھ تنھنجي پيءُ کي پڪ ٿي وئي تھ تون ھن کان ھوشيار
ٿي ويو آھين تھ ھو ھڪدم پاڻ ۽ پنھنجي ملڪيت پڻ،
تنھنجي حوالي ڪري ڇڏيندو.“
”مان بھ ائين ئي ٿو سمجھان.“
”ھا، ھا،“ مون چيو،ک ”۽ ڇا تنھنو پاڙيسري بھ ساڳي
طرح تنھنجي پيءُ وانگي نھ سوچيندو؟ جيڪڏھن اھو بھ
مطمئن ٿي وڃي ٿو تھ گھر جي نظرداري م تون ھن کان
وڌيڪ ڄاڻ رکين ٿو تھ ڇا ھو ڪمن ڪارين جو انتظام
پاڻ ھلائيندو يا اھي تنھنجي حوالي ڪندو؟“
”منھنجي خيال ۾ ھو اھي منھنجي حوالي ڪندو.“
”ڇا اٿينس جا ماڻھو پڻ، پنھنجا معاملا توکي نھ
سونپيندا جڏھن اھي ڏسندا تھ توکي انھن جا معاملا
نبيرڻ ۽ شھر جو انتظاميا ھلائڻ لاءِ گھربل ڏاھپ
اچي وئي آھي؟“
”۽ ھا، توکي ھڪ ٻيو مثال بھ ڏيان“ مون چيو ”ھڪ وڏو
بادشاھھ آھي، جنھن کي وڏو پٽ آ جيڪو ايشيا جو
شھزادو آھي، - فرض ڪر تھ تون ۽ مان بادشاھھ وٽ ھلي
نڪرون ٿا ۽ ھن کي ان تي مطمئن ڪيون ٿا تھ اسان
سندس پٽ کان بھتر بورچي آھيون، ڇا ھاڻي ھو ٻوڙ
ٺاھڻ جو خاص اختيار اسان کي ئي نھ سونپي ڇڏيندو ۽
جنھن مھل ڪنو رجھندو ھجي تھ، اسان تھ جيڪو چاھيون
ان ۾ وجھي سگھون ٿا پر اھو ايشيا جو شھزادو، نھ
وجھي سگھندو، جيڪو سنس پٽ آھي؟“
”طاھر آھي اھي اختيار اسان کي ئي ملندا.“
”۽ اسان کي ايتري بھ اجازت ھوندي تھ ان ڀاڄي ۾ لوڻ
جون لپون ڀري وجھون، جڏھن تھ ان پٽ کي ايترو لوڻ
وجھڻ جي بھ موڪل نھ ملندي جيترو چپٽي ۾ کڻي
سگھجي.“
”بلڪل“
”يا فرض ڪر تھ پٽنھس جون اکيون خراب آھن تھ ھو کيس
پنھنجون اکيون ڇھڻ جي بھ اجازت ڏيندو يا نھ ڏيندو،
جيڪڏھن ھو سمجھي ٿو ھن کي طب بابت ڪا بھ ڄاڻ
ڪونھي؟“
”ھو ھن کي اجازت نھ ڏيندو.“
”جڏھن تھ جيڪڏھن ھو اھو سمجھي ويھي تھ اسان کي طب
جي ڄاڻ آھي تھ اسان ھن سان جيڪو چاھيون اھو ڪرڻ جي
اجازت ڏيندو – ويندي جو اکين کي پٽي کولي انھن ۾
خاڪ ٻرڪيون، ڇو تھ ھو اھو فرض ڪري وٺندو تھ اسان
ئي اھو ڄاڻون ٿا تھ بھتر ڇچا آھي؟“
”اھو تھ صحيح آ.“
”٧ ھر اھا ئي شيءِ جنھن ۾ اسان کانئس يا پٽنھس کان
وڌيڪ ڦاھا ڏسڻ ۾ اچون تھ ھو اھا اسان جي حوالي ڪري
ڇڏيندو؟“
”سقراط اھو تھ بلڪل صحيح آھي“ ھن وراڻيو،
تنھن تي مون چيو، ”پوءِ منھنجا پيارا لائسس، تون
ڏسين ٿو تھ اھي شيون جن بابت اسين ڄاڻ رکون ٿا،
انھن لاءِ ھر ھڪ – خالص يوناني يا غير يوناني، مرد
توڙي عورتون – سڀ اسان تي اعتبار ڪندا ۽ اسان انھن
بابت جيئن چاھيون تيئن ڪري سگھون ٿا ۽ ڪير بھ اسان
جي وچ ۾ ٽپي نھ پوندو. اسان آزاد ھونداسين ۽ ٻين
جا مالڪ ۽ اھي شيون سچ پچ اسان جون ھونديون، ڇو تھ
اسان ئي انھن مان فائدو وٺنداسين، پر انھن معاملن
۾، جن جي ڄاڻ اسان کي ڪونھي، انھن بابت جيئن اسان
کي بھتر لڳي ائين ڪرڻ ۾ ڪير بھ اسان تي ويساھھ ڪو
نھ ڪندو - ۽ ھنن کان جيترو پڳو، اوترو اسان کي
رنڊڪون ڏيندا، ۽ نھ رڳو ڌاريا. پر پيءُ، ماءُ ۽
دوست ۽ اڃا بھ ڪو وڌيڪ پيارو رشتو، پڻ اسان کي
روڪي رکندو، ۽ اسان ٻين جي وس ھونداسين ۽ اھي شيون
اسان جون نھ ھونديون ڇپو تھ اسان کي انھن مان ڪو
فائدو نھ ٿيندو، ڇا تو متفق آھين؟“
ھن ھائوڪار ڪئي.
”٧ ڇا اسان بين جا دوست ٿي سگھنداسين ۽ ڇا ٻيا
اسان سان پيار ڪندا، جيڪڏھن اسان انھن لاءِ بيڪار
آھيون؟“
”يقينا نھ.“
”نھ ئي تنھنجو پيءُ يا ماءُ توسان پيار ڪندا، نھ
ئي ڪوئي ماڻھو ڪنھن بھ ٻئي ماڻھو سان پيار ڪندو،
جيستائين اھي، انھن لاءِ بيڪار آھن.“
”صحيح آ.“
”۽ ان ڪري ئي منھنجا نينگر، جيڪڏھن تون داناءُ
آھين تھ سڀ ماڻھو تنھنجا دوست ۽ مائٽ ھوندا، ڇو تھ
تون ڪم جو ۽ سٺو ھوندين، پر جيڪڏھن تون ڏاھو نھ
آھين نتھ نھ پيءُ، نھ ماءُ، نھ مٽ مائٽ، نھ ئي ڪو
بيو تنھنجو دوست ٻنيو، ۽ ڀلا جن معاملن جي توکي
اڃا سوڌو ڄاڻ ڪونھي، پوءِ بھ اين ايمان ۾ ھوندين
تھ توکي انھن جي بھ ڄاڻ آھي؟“
”ائين نھ آھي، نھ ھوندس.“ ھن وراڻيو.
”۽ لائسس، جيڪڏھن توکي ھڪ استاد گھجري ٿو تھ ان جي
معنيٰ تھ تون اڃا ڏاھپ حاصل ڪو نھ ڪئي آھي.“
”صحيح.“
”۽ تنھنڪري تون خود پسندي ۽ ان ايمان ۾ نھ آھين،
ڇو تھ اھڙي ڪا بھ شيءِ ڪو نھ اٿئي، جنھنڪري ھٽ
ھجئي؟“
”سقراط، مان بھ بلڪل ائين ٿو سمجھان.“
جڏھن مان ھن جي واتان اھي اکر ٻڌا تھ مان ھڪدم
ھپوٿيليس ڏانھن مڙيس ۽ ھڪ وڏي غلطي ڪرڻ وارو ھيس،
ڇو تھ مان ھن کي چوڻ وارو ھيس تھ، ”اھو ئي طريقو
اھپوٿيليس، جنھن سان توکي پنھنجي محبوب سان
ڳالھائڻ گھرجي، ھن کي ھيٺاھون ڪندي ۽ ھٺ ڀڃندي ۽
ائين نھ جيئن تون ڪرين ٿو، جو ھن کي پڏائي مٿي تي
کڻي، پوءِ کاري ڇڏين ٿو.“ پر مون ڏٺو تھ جيڪا ڪجھھ
گفتگو ٿي ھئي، تنھن تي ھو بھ ڏاڍو بيتاب ۽
مونجھاري ۾ ھيو، ۽ مون کي ياد آيو تھ جيتوڻيڪ ھو
ڀر ۾ ئي ھيو، پر ھن لائسس جي نظر کان بچڻ پئي
چاھيو، سو ان سوچ ويچار اچڻ ڪري، مان پاڻ جھلي
ورتو.
ان وچ ۾، مينيڪسينس بھ موٽي آيو ۽ لائسس جي ڀرسان
پنھنجي جاءِ تي اچي ويھي رھيو. لائسس ٻاراڻي محبت
واري انداز ۾، پنھنجي منھن ٿي، منھنجي ڪن ۾ سرگوشي
ڪئي تھ جيئن مينيڪسينس نھ ٻڌي، ”سقراط، مينيڪسينس
کي بھ اھا سڄي ڳالھھ ٻڌايو تھ جيڪا مون کي ٻڌائي
اٿو.“
”لائيسس، تون پاڻھي کڻي کيس ٻڌاءِ، ڇو تھ مون کي
پڪ آ تھ تون ڌيان سان پئي ٻڌو اھي.“ مون وراڻيو.
”ضرور“ ھن چيو،
”پوءِ انھن لفظن کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪر ۽ ورجائي
ٻڌائڻ ۾ جيترو درست ٿي سگھين، ٿجانءِ ۽ جيڪڏھن
ڪجھھ وساري ويھين تھ جڏھن مون سان ملڻ ٿيئي تھ
ٻيھر پڇي وٺجانءِ.“
”سقراط، مان ضرور ائين ئي ڪندس، پر ھن کي ڪا نئين
ڳالھھ ٻڌائڻ شروع ڪيو ۽ مون کي بھ ٻڌڻ ڏيو، جيتري
تائين مون کي ھتي ترسڻ جي اجازت آھي.“
”مان بلڪل بھ انڪار نھ ٿو ڪري سگھان ڇو تھ تو چيو
آ.“ مون چيو ”پر پوءِ، جيئن توکي خبر آھي تھ
مينيڪينس ڏاڍو جھيڙيڪار آ، سو جيڪڏھن ھو مونسان
جھيڙي جي ڪري تھ ڇڏائڻ ضرور اچجان.“
”ھا، ھو واقعي ڏاڍو ڏنگو آ.“ ھن چيو ”۽ ان ڪري ئي
تھ مان چوان ٿو تھ توھان ھن سان بحث ڪريو.“
”ان جي معنيٰ مان پنھنجو پاڻ بيوقوف بڻجان؟“
”نھ، نھ، اھڙي ڪا ڳالھھ ناھي، پر مان رڳو اھو ٿو
چاھيان تھ توھان ھن کي زير ڪيو.“
”اھو ايڏو سولو معاملو ناھي“ مون وراڻيو ”ڇو تھ ھو
بھ چڱو ڀلو آ .... نيٺ تھ سٽيسيپس جو شاگرد آھي، ۽
سيٽيسيپس خود بھ ھتي موجود آ ھن کي ڏسين تھ ٿو؟“
”ڪا ڳالھھ ئي ڪانھي، سقراط، اوھان ھن سان بحث ڪري
ئي وٺندؤ.“
”ٺيڪ آ – منھنجو خيال آ مون کي ھينئر ڪرڻ ئي
گھرجي.“ مون وراڻيو.
ان گھڙيءَ ئي سٽيسيپس بھ شڪايت ڪئي تھ اسان ڳجھھ ۾
ڳالھائي رھيا ھئاسين ۽ مجلس پاڻ تائين محدود رکي
ويٺا ھئاسين.
مون چيو، ”مان تھ خوش ٿيندس تھ اوھان بھ شريڪ ھجو.
پر ھي لائسس آ جنھن کي ڳالھھ سمجھ ۾ نھ پئي آئي
جيڪا مان چئي رھيو ھيس ۽ ھي چوي ٿو تھ اھا ڳالھھ
مان مينيڪسينس کان پڇان، ڇو تھ ھي سمجھي ٿو تھ کيس
ان ڳالھھ جي خبر آ.“
”پوءِ اوھان، ھن کان پڇي ڇو نھ ٿا وٺو؟“ ھن چيو،
”تمام سٺو، مان بلڪل پڇندس“ مون چيو، ”۽ مينيڪسينس
تون جواب ڏيندو وڃجان، پر پھريائين مان توکي اھو
ٻڌايان ئي سھي تھ آءُ ھڪ اھڙو شخص آھيان، جيڪو
ننڍپڻ کان وٺي ھڪڙي ئي شيءِ جو سڌڙيو رھيو آھيان.
سڀني ماڻھن جا پنھنجا پنھنجا شوق ٿيندا آھن، ھڪڙن
کي گھوڙن جي گھرج ھوندي آھي ۽ ٻين کي ڪتن جي، ڪي
شوقين سون جا تھ ڪي شان شوڪت جا، جڏھن تھ مونکي
انھن شين جي ڪا بھ شديد خواھش آھي ئي ڪونھ، پر مون
کي دوستن رکڻ
/
ٺاھڻ جو چاھھ آھي. مان ائين
چاھيندس تھ دنيا جي بھترين ڪڪڙ يا ٻٽيري بدران،
مون کي ھڪ سٺو دوست ھجي، مان تھ اڃان بھ اڳتي وڌي
ائين چوان تھ مون کي بس ھڪ دوست کپي ڪنھن بھترين
گھوڙي يا ڪتي جي بدران، سچ پچ، مون کي مصر جي ڪتي
جو قسم، مان شھنشاھھ دارا جي سموري سون يا ويندي
خود دارا کان بھ گھڻو وڌيڪ ھڪ سچي دوست کي ترجيح
ڏيندس، مان دوستن جو ايتري حد تائين، اھڙو ئي
چاھيندو آھيان، ۽ جڏھن مان، توکي ۽ لائسس کي،
توھان جي ننڍڙيءَ عمر ۾ ئي، ايترو آسانيءَ سان
انھيءَ خزاني جو مالڪ ھوندي ڏسان ٿو ۽ ايترو جلدي
۾ تون ھن جو ۽ ھو تنھنجو ٿي ويو آ تھ مان حيران بھ
ٿيان ٿو ۽ خوش بھ، اھو ڏسندي تھ مان خود جيتوڻيڪ
ٿي پيرسن چڪو آھيان، پر اھڙي حاصلات کان ايڏو تھ
ڏور ڏور رھيو آھيان جو مان تھ ويندي اھو بھ نھ ٿو
ڄاڻان تھ ھڪ دوست حاصل ڪيئن ڪيو آھي. مان اوھان
کان انھيءَ باري ۾ ھڪ سوال پڇڻ گھران ٿو ڇو تھ
اوھان کي تجربو آھي. مون کي ٻڌايو تھ جڏھن، ھڪڙو
ٻئي سان پيار ڪري ٿو تھ دوست ڪير ھوندو آھي، عاشق
يا معشوق، يا ٻن مان ڪو بھ ھڪڙو دوست ٿي سگھي ٿو.“
”منھنجي خيال ۾ ٻنھي مان ڪو بھ ٻئي جو دوست ٿي
سگھي ٿو.“
”تنھنجو مطلب آ تھ جيڪڏھن انھن مان رڳو ھڪڙو بھ
ٻئي سان پيار ڪري ٿو تھ اھي ٻئي ھڪٻئي جا دوست ٿي
ويا؟“ مون پڇيو،
”ھائو، اھو ئي منھنجو مطلب آھي.“ ھن چيو،
”پر جيڪڏھن پيار ڪندڙ کي موٽ ۾ پيار نھ ڪيو وڃي تھ
پوءِ؟ ائين بھ نھ ٿي سگھي ٿو؟“
”ھائو“
”يا، شايد، ويندي ساڻس نفرت ڪئي وڃي؟ جيڪو گمان
پنھنجي محبوب جي حوالي سان، ڪڏھن ڪڏھن عاشقن جي
ذھن ۾ ايندو آھي. ڪا بھ شيءِ ھنن جي عشق کان وڌيڪ
نھ ھوندي آھي پر پوءِ بھ اھي تصور ڪندا آھن تھ يا
تھ انھن سان موٽ ۾ پيار نھ ٿو ڪيو وڃي يا اھو تھ
ساڻن نفرت ڪئي ٿي وڃي. اھو سچ نھ آھي؟“
”ھا، بلڪل سچ،“ ھن چيو.
”انھيءَ صورت ۾ ھڪڙو پيار ڪري ٿو ۽ ٻئي سان پيار
ڪيو وڃي ٿو؟“
”ھائو“
”پوءِ ڪير ڪنھن جو دوست ٿيو؟ ڇا عاشق، معشوق جو
دوست ٿيو، پوءِ ڀلي موٽ ۾ کيس پيار ملي يا نفرت
ملي، يا وري، معشوق دوست ٿيو، يا ٻنھي طرفن تي
دوستي بلڪل آھي ئي ڪو نھ، جيستائين اھي ٻئي ھڪٻئي
سان پيار نھ ٿا ڪن؟“
”لڳي ٿو تھ اتي تيستائين دوستي بلڪل نھ ھوندي آھي
جيستائين ٻئي ھڪٻئي سان پيار نھ ڪن.“
”تھ پوءِ ھي خيال تھ اسان جي پھرين راءِ سان
ٺھڪندڙ نھ آھي، اڳ اسان ائين چئي رھيا ھئاسين تھ
ٻئي دوست ھئا جيڪڏھن رڳو ھڪڙي بھ پيار ڪيو، پر ھن
راءِ مطابق تھ جيستائين اھي ٻئي ھڪٻئي سان پيار نھ
ڪن، تيستائين ڪو بھ ٻئي جو دوست نھ آھي.“
”اھو ئي صحيح لڳي ٿو.“
”تھ پوءِ ڪا بھ شئي جيڪا موٽ ۾ پيار نھ ٿي ڪري،
اھا عاشق جي معشوق نھ ھوندي آھي.“
”منھنجي خيال ۾ نھ“
”پوءِ اھي گھوڙن جا عاشق نھ ھوندا آھن، جن کي موٽ
۾ گھوڙا پيار نھ ڪندا آھن، نھ ٻٽيرن جا عاشق، نھ
ڪتن جا، نھ شراب جا، نھ جمناسٽڪ جي ورزشن جا، جن
وٽ موٽ جو پيار نھ ھوندو آھي. نھ ئي ڏاھپ جا،
جيستائين، ڏاھپ بھ موٽ ۾ ساڻن پيار ڪري. يا اسان
کي ائين چوڻ گھرجي تھ اھي بلڪل انھن سان پيار ڪن
ٿا. جيتوڻيڪ کين موٽ ۾ پيار نھ ٿو ڪيو وڃي، ۽ اھو
شاعر غلط ھيو جنھن ھينئن چيو تھ: .....
سکي آھي اھو انسان، جنھن کي پنھنجا ٻار آھن پيارا،
٧ تکا جنگي گھوڙا، سھڻن سنين وارا،
۽ ڪتا شڪار ڪرڻ وارا،
۽ ٻئي ديس جو اجنبي -----------
”مان نھ ٿو سمجھان تھ ھو ڪو غلط ھيو.“
”تون سمجھين ٿو تھ ھو درست آھي“
”ھائو“
”پوءِ مينيڪينس، نتيجو اھو نڪتو تھ جيڪو معشوق
ھوندو آھي اھو پيار ڪندڙ ھجي يا نفرت ڪندر، پر
پنھنجي عاشق کي پيارو ٿي سگھي ٿو. مثال طور، اھي
بلڪل ننڍڙا ٻار، جن جي پيار ڪرڻ جي اڃا عمر ئي نھ
ٿي آھي، جيڪي پيءُ ماءُ کان مار ملڻ تي انھن کان
ڪاوڙجي نفرت ڪندا آھن، پر اھي رسڻ مھل بھ، پيءُ
ماءُ کي اڃا وڌيڪ پيارا ٿي پوندا آھن.
”منھنجي خيال ۾ توھان جيڪو چئو پيا سو صحيح آھي.“
”۽ جيڪڏھن ائين نھ پوءِ عاشق نھ، پر معشوق دوست يا
پيارو ھوندو آھي.“
”ھا،
.۽ نفرت ڪندڙ نھ پر جنھن سان نفرت ڪئي وڃي سو دشمن
ھوندو آھي.“
”طاھرا“
”وري ڪيترن ئي شخصن سان سندن دشمن پيار ڪندا آھن ۽
پنھنجا دوست نفرت ڪندا آھن ۽ ھو پنھنجن دشمن جا
دوست ھوندا آھن ۽ پنھنجي دوستن جا دشمن ۽ ان ھوندي
بھ منھنجا پيارا دوست، انسان جو اھو متضاد روپ آھي
جيڪو ڪيڏو نھ نامناسب ۽ ناممڪن ئي لڳي ٿو تھ، ھو
پنھنجي دوست جو دشمن ٿئي ٿو يا پنھنجي دشمن جو
دوست.“
.سقراط، تون جيڪو ڪجھھ چوين پيو، مان ان سان بلڪل
متفق آھيان.“
”پر جيڪڏھن اھو ائين نھ ھجي تھ پوءِ وري پيار ڪندڙ
ان جو دوست ئي ھوندو جنھن سان پيار ڪري ٿو.“
”صھيح.
۽ نفرت ڪندڙ ان جو دشمن ھوندو جنھن سان نفرت ڪري
ٿو؟“
”يقينا“
”تنھن ھوندي بھ اسان کي ھتي اھو مڃڻ گھرجي، جيئن
اڳئين مثال ۾ قبوليوسي تھ ڪو ماڻھو ڪنھن اھڙي شخص
جو دوست ٿي سگھي ٿو جيڪو ڀلي سندس دوست نھ ھجي يا
جيڪو ھن جو دشمن ھجي. جنھن مھل ھو شخص ان سان پيار
ڪري ٿو جيڪو ساڻس پيار نھ ٿو ڪري يا ويندي کانئس
نفرت ٿو ڪري، ۽ ھو ڪنھن اھڙي شص جو دشمن ٿي سگھي
ٿو، جيڪو ڀلي ھن جو دشمن نھ ھجي ۽ ويندي سندس دوست
ھجي، مثال طور ھو ان سان نفرت ڪرڻ لڳي. جيڪو ھن
کان نفرت نھ ڪندو ھجي يا ويندي ھن سان پيار بھ
ڪري.“
.اھو صحيح ٿو لڳي“.
”پر جيڪڏھن عاشق بھ دوست نھ آھي، نھ ئي معشوق
دوست، نھ ئي ٻئي گڏيل طور، تھ پوءِ اسان کي آخر
چوڻ ڇا گھرجي؟ اسان ڪنھن کي ھڪٻئي جا دوست سڏيون؟
ڇا اڃا ڪوئي رھجي بھ ٿو؟“
.سقراط، سچ پچ تھ مون کي ڪو نظر نھ ٿو اچي.“
”پر مينيڪينس“ مان چيو ”ڇا ھينئن تھ نھ آھي تھ
اسان پنھنجا ھن مھل تائين ڪڍيل نتيجا، سڀ جو سڀ
غلط ئي ڪڍي ويا آھيون؟“
.سقراط، مون کي پڪ آ تھ اسان غلطي ڪئي ئي آھي
”لائسس چيو ۽ ھن جئين ڳالھايو تيئن شرمائيندو ويو.
لفظ سندس چپن مان ڄڻ بي اختيار نڪري آيا، ڇو تھ ھن
جو سڄو ذھن، بحث کي قبولي ئي چڪو ھو. جڏھن ھو
ڳالھيون ٻڌي رھيو ھو تھ ھن جي ڌيان واري چھري،
سمجھڻ ۾ ڪا غلطي ڪو نھ ڪئي ھئي.
مان لائسس جي ڏيکاريل چاھھ تي خوش ٿيس ۽ مينيڪسينس
کي بھ ساھي ڏيڻ پئي گھريم، سو مان ھن ڏانھن مڙيس ۽
چيم، ”مان سمجھان ٿو، لائسس، تھ تون جيڪو چوين پيو
اھو سچ آھي، ڇو تھ جيڪڏھن اسان درست ھياسين تھ
پوءِ پاڻ ھرگز ھرگز ايترو غلط نھ وڃي نڪرون ھا.
خير ھاڻي اسان کي ان رستي سان وڌيڪ وڌڻ نھ گھرجي
ڇو تھ دڳ گڙ ٻڙ وارو ٿيندو وڃي ٿو، پر ٻي واٽ وٺڻ
گھرجي جنھن ڏي اسان لڙيا ھئاسين ۽ اھو ڏسون تھ
شاعر ڇپا ٿا چون، ڇو تھ اھي ڄڻ اسان لاءِ ڏاھپ جا
سرچشما ۽ ابا آھن ۽ ھو دوستن بابت ڪا ھلڪڙي ۽ تڇ
راءِ نھ ٿا رکن، پر ھنن جي چواڻي تھ، خدا خود کين
(دوستن کي) ٺاھي ٿو ۽ ھڪٻئي ڏانھن ڇڪي آڻي ٿو ۽
جيڪڏھن مان غلط نھ آھيان تھ ھو ڪجھھ ھينئن ئي چون
ٿا:
خدا ھڪجھڙن کي ھڪجھڙن ڏانھن،
ھميشھ ڇڪيندو رھي ٿو
۽ کين ھڪٻئي کان
واقف ڪرائي ٿو
ممون کي پڪ آ تون بھ اھي لفظ بڌا ھوندا.“
”ھائو مون ٻڌا آھن“ ھن چيو،
”ڀلا توکي فلسفين جا اھي مضمون نظر نھ آيا آھن جن
۾ لکيل آ تھ ھڪجھڙن کي، ھڪجھڙي سان ئي پيار ھجڻ
گھرجي، اھي فلسفي، قدرت ۽ ڪائنات بابت بحث ڪندا ۽
ليک لکندا آھن.“
”ھائو“ ھن وراڻيو،
”ڇا ھو ائين چوڻ ۾ درست آھن؟“
”ھو ٿي سگھن ٿا.“
”شايد اڌ ٿي سگھن ٿا“ مون چيو، ”يا ممڪن آ سمورا
درست ھجن، جيڪڏھن اسان سندن مطلب صحيح نموني سمجھي
ورتو آھي. ڇاڪاڻ تھ ھڪ بُري ماڻھو جو ٻي بُري
ماڻھو سان جيئن وھنوار وڌندو ۽ ان سان لاڳاپي ۾
جيئن وڌيڪ ويجھو ايندو، تھ اوترو وڌيڪ ان کان نفرت
ڪرڻ لڳندو، ڇو تھ اھو ھن کي نقصان رسائي ٿو ۽
نقصان پھچائيندڙ ۽ نقصان پھتل دوست نھ ٿا ٿي سگھن،
ڇا اھو سچ نھ آھي؟“
”ھائو“ ھن چيو.
”تھ پوءِ ان چوڻي جو ھڪڙو اڌ غلط آھي، جيڪڏھن بُرا
ھڪٻئي جھڙا آھن.“
”صحيح“.
”پر چوڻي جي حقيقي معنيٰ، جيئن مان سمجھان ٿو، اھا
آھي، تھ سٺا ھڪٻئي جھڙا ھوندا آھن ۽ ھڪٻئي جا دوست
ھوندا آھن ۽ بُرا جيئن اڪثر انھن بابت چيو ويندو
آھي، ھڪٻئي سان يا پنھنجو پاڻ سان ھرگز اتفاق ۽
ايڪتا ۾ نھ ھوندا آھن، ڇو تھ اھي تکي طبيعت جا ۽
اٻھرا ھوندا آھن ۽ ڪا بھ شيءِ جيڪا پنھنجو پاڻ سان
دشمني ۽ اڻبڻت ۾ آھي. ساٻي ڪنھن بھ شيءِ سان ايڪي،
ميلاپ ۽ ٺاھھ ۾ نھ ٿي سگھي ٿي. ڇا تون متفق نھ
آھين؟“
”ھائو، آءٌ آھيان“.
”منھنجا دوست، پوءِ اھي جيڪي چون ٿا تھ ھڪ جھڙا،
ھڪجھڙن جا دوست ھوندا آھن، سي اھو ئي اشارو ڏين
ٿا، جيڪڏھن مان انھن کي درست سمجھيو آھي – تھ رڳو
سٺو ئي سٺي دوست ھوندو آھي، ۽ ھوندو بھ رڳو ان جو
ئي آھي. پر بُرو ڪڏھن بھ، پوءِ سٺي سان بُري سان،
پر سچي دوستي تائين پھچندو ئي نھ آھي. ڇا تون متفق
نھ آھين؟“
ھن ڪنڌ ڌوڻي قبوليو.
”سو ھاڻ ئي وڃي اسان کي اھا خبر پئي تھ ان سوال جو
جواب ڪيئن ڏجي تھ ”دوست ڪير ھوندا آھن؟“ ڇو تھ
دليلن اھو ٻڌايو تھ ”سٺا، ھڪٻئي جا دوست ھوندا
آھن.“
”ھا، ائين صحيح آ“ ھن چيو،
”نيڪ آ، پر تنھن ھوندي بھ مان ان جواب مان پورو
مطمئن نھ آھيان“ مون وراڻيو ”قسم سان اھا ڳالھھ
آھي ۽ ڀلا توکي ٻڌايان تھ مان ڇا ۾ ٿو شڪجان؟ ٻڌو
ڀلا، اھو قب ول ڪندين تھ ھڪجھڙو، جيئن ۽ جيترو اھو
ھڪجھڙو آھي، ھڪ جھڙي جوئي دوست آھي ۽ ان لاءِ
فائديمند بھ ... ڀلا مون کي معاملي کي ٻئي طريقي
سان رکڻ ڏي، ڇا ھڪ جھڙو، ھڪ جھڙي سان ڪا چڱائي يا
لڱائي ڪري سگھي ٿو، جيڪا جھڙو، ھڪ جھڙي سان ڪا
چڱائي يا لڱائي ڪري سگھي ٿو، جيڪا جيڪر ھو پاڻ سان
نھ ڪري، يا پاڻ جھڙي کان ڪي پيڙا ڀوڳي، جيڪا
پنھنجو پاڻ کان نھ ڀوڳي ۽ جيڪڏھن ٻنھي مان ڪو بھ
ٻئي جي ڪم جو نھ ھجي تھ پوءِ انھن جو ھڪٻئي سان
پيار ڪيئن ھوندو؟ ڇا ھن صورت ۾ ھينئر اھي پيار ڪري
سگھندا؟“
”اھي نھ ٿا ڪري سگھن“.
”۽ ڇا اھو جنھن سان پيار نھ ٿو ڪجي، سو دوست ٿي
سگھي ٿو؟“
”يقينا نھ“
”پر ھتي ائين چئجي تھ ھڪجھڙو، ھڪجھڙي جو دوست نھ
ئي سھي، ڇو تھ اھو ھڪجھڙو آھي، پر پو٣ بھ سٺو، سٺي
جو دوست ٿي سگھي ٿو، توڙي جو اھو سٺو آھي؟“
”صحيح“
”پر وري ھيءَ ڳالھھ تھ سٺو، جيتريق در اھو سٺو
آھي، تھ ڇا پنھنجو پاڻ لاءِ ڪافي ئي نھ ھوندو؟
يقنيا ھو ھوندو ۽ اھو جيڪو ڪافي آھي تنھن کي ڪنھن
بھ ٻي شيءِ جي گھرج نھ ھوندي آھي.... لفظ، ”ڪافي“
جو مطلب، اھو ئي نھ آھي.“
”بلڪل ان کي ٻي طلب نھ ھوندي آھي.“
”۽ اھو جنھن کي ڪنھن شيءِ جي گھرج جو نھ ھوندي تھ
اھو ڪنھن شيءِ جي خواھش بھ نھ رکندو؟“
”ھو نھ رکندو“.
”۽ جنھن جي خواھش ئي ھن کي ناھي تھ ھو ان سان پيار
بھ نھ ڪندو؟“
”ھو نھ ڪندو“
”۽ اھو جيڪو پيار نھ ٿو ڪري، سو پيار ڪندڙ يا دوست
بھ نھ ھوندو؟“
”ظاھر آ نھ ھوندو“. |