سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: جوئاري

صفحو :4

باب ٻارهون

 

ان وقت ڏاڏي ڏاڍي بي آراميءَ ۽ بي صبريءَ جي حالت ۾ هئي. هيءَ ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته رولٽ جي جوئا هن جي ذهن تي ڏاڍو گهرو اثر وڌو هو. هوءَ ڪنهن به شيءِ ۾ دلچسپي نه وٺي رهي هئي ۽ بلڪ خالي الذهن هئي. مثلاً هن پهرئين وانگيان مون کان قسم قسم جا سوال نه ڪيا. رستي ۾ هڪ شاندار گاڏيءَ کي ڏسي، مون کان هي ته پڇيائين. هيءَ ڪنهنجي گاڏي آهي؟ هن ۾ ڪير ويٺو آهي؟ پر مون کي پڪ آهي ته منهنجو جواب اصل ڪونه ٻڌائين. هوءَ پنهنجي خيالن ۾ ايتري گم هئي، جو ٻين جي معمولي معمولي ڳالهين تان چڙيو ٿي پئي. جڏهن من هن کي جاگيرار برهيم ۽ جوڻس ڏيکاريا، جي ڪاسينو وڇي رهيا هئا، ته هن انهن ڏي ڏاڍيءَ بي خياليءَ مان نهاريو ۽ بي پرواهيءَ سان چيائين ته ”اوهه ته اهي آهن.“ وري پوٽا پچ ۽ نوڪرياڻيءَ کي تڙي ڏنائين، جي هن جي پٺيان هلي رهيا هئا.

”آخر توهين منهنجي پٺيان ڇو اچي لڳا آهيو؟ وڃو، پنهنجو ڪم ڪريو! اسين هميشه ته اوهان کي پاڻ سان ڪونه کنيو پيا هلنداسين. اليگزي ۽ آءٌ ڪافي آهيون.“ هو ويچارا منجهي پيا ۽ يڪدم هوٽل ڏي موٽي ويا.

ڪاسينو ۾ پهرين ئي اسان جو انتظار پئي ٿيو. خدمتگارن اسان کي ڏسندي ئي هڪدم ڏاڏيءَ لاءِ خزانچيءَ وٽ هڪ جاءِ خالي ڪرائي. آءٌ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته هي خزانچي، جي ايتري قدر ٺهي ٺڪي ٿا اچن، پنهنجي پر ۾ پنهنجو پاڻ کي آفيسر ٿا سمجهن. هو ان ڳالهه کان لاتعلق هوندا آهن ته بئڪ کٽي ٿي يا هارائي ٿي. هو رانديگرن کي جوئا ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ باقاعدي هدايتون حاصل ڪندا آهن ۽ ان ڪم کي چڱيءَ طرح نڀائيندا آهن. صاف ظاهر آهي ته ان لاءِ کين انعام اڪرام به ملي ٿو. مطلب ته هو ڏاڏيءَ کي اکيون ڦاڙي ائين ڏسڻ لڳا ڄڻ ڄار ۾ ڪو وڏو شڪار ڦاٿو هجين.

اهو ئي ٿيو جنهن جي اسان کي اميد هئي.

۽ اهو هيئن ٿيو.

ڏاڏيءَ ويندي ئي مون کي ٻارنهن فيڊرڪ ٻڙيءَ تي هڻڻ لاءِ چيا، سو ٻارنهن فيڊرڪ ٽي ڀيرا هنيا ويا، پر ٻڙي نه آئي.

”هل، هل، داءُ هڻ!“ ڏاڏيءَ هر ڀيري ائين ٿي چيو، ۽ مون تعميل ٿي ڪئي. ”ڪيتريون بازيون لڳائي چڪا آهيون؟“ هن بي چينيءَ سان ڏند ڪرٽيندي چيو.

”ٻارنهن، ڏاڏي! ۽ انهن بازين ۾ هڪ سؤ چوئيتاليهه فيدرڪ ضايع ٿي ويا. مان چوان ٿو ڏاڏي، ممڪن آهي شام تائين........... “

”چپ ڪر، ڪهڙو ڪارزبانو آهين! ٻڙيءَ تي داءُ هڻ ۽ ڳاڙهي نشان تي به هڪ هزار گلڊن هڻ. ڏٺو ويندو هي وٺ نوٽ.“

ڳاڙهو نشان اسان جي حق ۾ نڪتو، پر ٻڙي وري رهجي وئي. ڏاڏيءَ هڪ هزار گلڊن کٽيا.

”ڏٺئي، مون ڇا ٿي چيو؟“ ڏاڏيءَ آهستي چيو، ”جيترو اسان هارايو هو. هڪ ئي چال ۾ واپس اچي ويو. چڱو ٻيهر ٻڙي هڻ. بس ڏهه بازيون کيڏنداسين ۽ پوءِ ختم ڪنداسين.

پر ڏاڏي پنجين بازيءَ ۾ ئي بيزار ٿي ويئي.

هي ڪمبخت ٻڙي ته نڪرڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. چڱو هي وٺ ۽ چارئي هزار گلڊن ڳاڙهي نشان تي لڳاءِ.“ هن مون کي حڪم ڏيندي چيو.

”ڏاڏي ايڏي وڏي رقم نه هڻ، خدانخواسته جي ڳاڙهو نه نڪتو، ته ڇا ٿيندو؟“ مون التجا ڪندي چيو، پر هوءَ ٻيڻو مون کي مارڻ لڳي (بي شڪ هوءَ اهڙي نموني ٺونٺ هڻندي هئي، جو ان کي مارڻ ئي چوڻ مناسب آهي). هاڻ مجبوري هئي مان ڇا ٿي ڪريا سگهيس. چار هزار گلڊن ڳاڙهي نشان تي هنيم. گهيرو ڦرڻ لڳو گولي تيزيءَ سان نچڻ لڳي. ڏاڏي ڏاڍي اطمينان ۽ غرور سان آڪڙي ويٺي هئي. ڄڻ ته هن کي پنهنجي کٽڻ جو يقين هو.

”ٻڙي“ خزانچي رڙ ڪندي چيو.

پهرين ته ڏاڏي هن جو مطلب ئي نه پئي سمجهي پر جڏهن اکين سان ڏٺائين ته خزانچي هن جا چار هزار گلڊن ۽ ميز تي پيل سڀ پئسا ڪرڇا ڀري پاڻ ڏي ڪري رهيو آهي ته خبر پيس ته ٻڙي نڪتي آهي، جنهن تي خود هن ايترين بازين ۾ ٻه سؤ فيڊرڪ لڳائي ڇڏيا هئا، پر ان وقت نڪرڻ جو نالو ئي نه پئي ورتائين. ڏاڏيءَ گاريون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ ڪنجهندي پنهنجي هٿن کي ائين مٿي کنيائين، جو موجود سڀ ماڻهو کلڻ لڳا.

”خدا جي مار پويس، هيءَ نڀاڳي ٻڙي نڪري ائي. توبهه توبهه، هي سڀ تو ڪيو آهي. تو ئي مون کي ان لاءِ چيو هو.“ هن مون کي هٿ سان ڌڪو ڏيندي چيو.

”ڏاڏي مون ته اوهان سان سچي ڳالهه ڪئي هئي، هي ته هڪڙو اتفاق آهي. ان ۾ آءٌ ڇا ڪريان.“

”مان ڇا ڪريان؟ تنهنجي ته وٺي ڪري........ هليو وڃ هتان، دفع ٿي وڃ.“

”چکو، خدا حافظ، ڏاڏي! آءٌ ٻاهر وڃن لاءِ اٿيس.“

”اليگزي، اليگزي اوانو وچ بيهه ته سهي، ميان ڪيڏانهن پيو وڃين؟ آخر ڳالهه ڇا آهي. ٻڌ ته سهي. ايتري ڪاوڙ جو ڪهڙو ڪم؟ بس اچ هاڻ. ڪاوڙ ٿُڪي ڇڏ. ايتري ڳالهه تي ڪاوڙجي وئين؟ مان خود چوري آهيان. هاڻ ٻڌاءِ ڪهڙي چال هلان؟“

”ڏاڏي آءٌ نه ٻڌائيندس پوءِ وري اوهين الزام ٿيون رکو. اوهين پنهنجي مرضي سان کيڏو. جنهن انگ يا نشان تي چوندين، آءٌ اُن تي داءُ هڻندس.“

”چڱو، چڱو، ائين ئي سهي، هي وٺ چار هزار گلڊن ڳاڙهي نشان تي هڻ، الله مالڪ آهي. پاڪٽ بڪ پاڻ وٽ رک.“هن کيسي مان پاڪٽ بڪ ڪڍي، مون کي ڏيندي چيو، ”جلدي ڪر، جلدي. هن ۾ ويهه هزار روبل جا نوٽ آهن.“

”ڏاڏي! ايڏي وڏي رقم جون بازيون؟“

”تون بازي لڳاءِ“ خدا جو قسم اسين کٽنداسين.“

مون داءَ لڳايو ۽ هارايم.

”ڪا ڳالهه نه آهي، اٺن جا اٺ هزار هڻ.“

”ڏاڏي قانوني طرح اوهين چئن هزارن کان مٿي جو داءُ نٿيون هڻي سگهو.“

”چڱو چارئي سهي، پر جلدي هڻ.“

هن دفعي کٽيوسين. ڏاڏي خوشيءَ کان تاڙيون وڄائڻ لڳي. ”ڏٺئي، چار هزار وري هڻ.“

داءُ لڳايم، هارايوسين. وري داءُ، وري هارايوسين ۽ ان ريت هارائيندا ئي رهاسين.

”هون، ته سڀ پئسا پورا ٿي ويا!“ هن آهستيءَ سان ڪاوڙ واري لهجي ۾ چيو. ”خير، ڪا ڳالهه ناهي.“ وري ڪجهه سوچيندي چيائين، ”چار هزار گلڊن پيا هڻ.“

”پر پئسا ڪٿي آهن؟ ڪجهه هُنڊيون آهن. ڪجهه بل آهن، جن جي مٽائڻ تي پنج روبل في سيڪڙو ڏيڻو پوندو ۽ بس پئسا ته ختم ٿي ويا؟“

”ٿورا پئسا پيا آهن.“

”هتي صراف ڪٿي آهن. هڪڙي ماڻهوءَ چيو پئي ته هنن وٽان هر قسم جا نوٽ ۽ هنڊيون مٽائي سگهجن ٿيون“ ڏاڏي غمگين ٿي پڇيو.

”جيترو اوهين چاهيو مٽائي سگهو ٿا، پر اوهان کي فائدو ڪجهه به نه ٿيندو. هو صرافو وڏا يهودي ٿنيدا آهن. ڦُري ويندوَ.“

”تون ته هر ڳالهه ساڳي ٿو ڪرين چڱا مڙس. مان سڄي رقم واپس وٺنديس. اُهي ٻُڌو ڪٿي آهن؟“

مون کي دروازي تائين ڪرسي ڇڪڻي پئي ۽ ان کان پوءِ نوڪرن ڇڪي. هاڻ اسين ڪاسينو کان ٻاهر اچي ويا هئاسين.

”جلدي ڪريو جلدي رستو ڪٿي آهي. اليگزي، ويجهي رستي تان هلجانءِ. پري وڃڻو آهي ڇا؟“

”نه بلڪل ويجهو آهي.“

پر شاه بلوط واري رستي وٽان مڙندي، هو سڀئي اچي اسان سان مليا. جنرل صاحب، گريو، گلانشي ۽ هن جي ماءُ، ٻيا سڀئي هئا، پر پالينا ڪونه هئي ۽ ائسٽلي صاحب به غائب هو.

”آءٌ واندي ڪونه آهيان، منهنجو وقت نه وڃايو، آخر توهان جي مرضي ڇا آهي؟“

آءٌ پٺيان پٺيان هلي رهيو هوس. گريو تيز تيز هلندو منهنجي ويجهو اچي ويو.

مون هن جي ويجهو اچڻ جو مطلب سمجهندي چيو، ”اڄ صبح هن جيڪا رقم کٽي هئي، اها سڄي هارايائين. پاڻ وڌيڪ ٻارنهن هزار گلڊن به هارايا اٿس. هاڻ اسين صراف ڏانهن هنڊيون ڀڃائڻ پيا وڃون.“

گريو جت هو اُٺ ڄمي ۽ وري جنرل کي ٻڌائڻ لاءِ تيزي سان ڏانهس وڌيو. اسين ڏاڏيءَ جي ڪرسي ڇڪيندا رهياسين.

جنرل ڏاڍي پريشان انداز ۾ منهنجي ڪن ۾ چيو، ”هن کي روڪ.“

”اوهين ڪوشش ڪري ڏسو.“ مون به آهستي ڪن ۾ جواب ڏنومانس.

”چاچي... چاچي... ڏسو اسين سڀ ٻهراڙي ڏانهن گهمڻ پيا وڃون. گهوڙا به آهن. پاڻ کي هوءَ جبل جي چوٽي ڏسڻي آهي. اسين اوهان کي سڏڻ پئي آياسين.“ جنرل صاحب ڪنبندي چيو.

”ڌوڙ وڃي پاءِ، تون به ۽ اها چوٽي به. خدا جي ڪا وٺ پوين- هروڀرون پيا تنگ ڪن.“ ڏاڏيءَ هٿ جي اشارن سان هن کي پوري ٿيڻ لاءِ چيو.

”ڏاڏي هتي ڏاڍي ساوڪ آهي. گڏجي ويهي چانهه پيئنداسين!“ جنرل اميد جو سهارو وٺندي چيو.

”ڌوڙ وڃي پاءِ، تون به اها چوٽي به، خدا جي ڪا وٺ پوين- هروڀرون پيا تنگ ڪن.“ ڏاڏيءَ هٿ جي اشارن سان هن کي پري ٿيڻ لاءِ چيو.

”ڏاڏي هتي ڏاڍي ساوڪ آهي. گڏجي ويهي چانهه پيئنداسين!“ جنرل اميد جو سهارو وٺندي چيو.

”نه نه، اوهان خواه مخواه غلط ڳالهه ڪري رهيا آهيو. بلڪل فرينچن جهڙي ڳالهه ڪئي اٿو!“ گريو ڪاوڙجي چيو. ”اهو فرينچن جو خيال هوندو آهي ته ڪنهن مثالي ڳوٺ جا دلڪش منظر ڏسجن. يعني هنن جي دماغ ۾ هميشه اهو ئي تصور هوندو آهي ته فطرت کير کان اڇي ۽ رات کان ڪاري، مطلب ته ان جا رنگ ئي نرالا هوندا آهن!“

”تنهنجي ۽ تنهنجي کير جي ته وٺي ڪري.... تون وڃي پيءُ- کير پيئڻ سان منهنجي پيٽ ۾ سور ٿيو پوي. چڱو هاڻ وڃو مون کي تنگ نه ڪريو. خدا جي واسطي منهنجو مغز نه کائو. مان پهرين ئي چئي چڪي آهيان ته مون وٽ فضول ڳالهين لاءِ وقت ڪونهي.

”ڏاڏي صراف هتي ويهندا آهن- هتي سامهون.“

اسين صرافن جي ڪوٺيءَ وٽ اچي چڪا هئاسين. آءٌ هنڊيون ۽ بل ٽوڙائڻ اندر ويس. ڏاڏي ٻاهرين دروازي تي انتظار ڪندي رهي. گريو، جنرل ۽ بلانشي، جدا جدا بيٺا سوچي رهيا هئا ته هاڻ ڇا ڪريون..... ڏاڏيءَ هنن ڏانهن اهڙيءَ حقارت جي نگاه سان ڏٺو، جو ويچارا واپس ڪاسينو ڏي هليا ويا.

صراف جا شرط اهڙا ته ڪريل هئا، جو آءٌ ڪنهن به طرح مڃي نٿي سگهيس. سو وري ڏاڏيءَ کان پڇڻ ٻاهر هليو آيس.

”هي ته ڪي ڌاڙيل آهن. خير هاڻ مجبوري آهي. انهن ئي شرطن تي وٺ. چڱو ڏس صراف کي مون ڏانهن موڪل.“ ڏاڏيءَ حڪمرانن واري لهجي ۾ چيو.

”توهان جو مطلب آهي ته انهن جي منشيءَ کي موڪليان؟“

”ها ها منشي ٻيو ڪير؟ هي سڀ ڌاڙيل آهن، ڌاڙيل.“

پهرين ته منشي ٻاهر اچڻ کان انڪار ڪيو. پر جڏهن چيومانس ته هوءَ هڪ معذور ۽ پوڙهي خاتون آهن، ته ناسون ڦنڊائي ٻاهر نڪتو. ڏاڏي هن سان وڏي سڏ روسي، فرينچ ۽ جرمن زبانن جي مرڪب سان بحث ڪندي رهي. جنهن جو ترجمو مون گڏوگڏ پئي ڪيو. پوڙهو منشي خاموشيءَ سان ٻڌندو رهيو. هن هر اکر تي ڪنڌ پئي ڌوڻيو ۽ ڏاڏيءَ ڏانهن اهڙين عجيب نگاهن سان پئي ڏٺائين، جن ۾ عزت ۽ احترام جو نالو نشان به نه هو. آخرڪار هو مرڪڻ لڳو.

”چڱو جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو. انڌيري نگري چرٻٽ راجا. دولت سان ڀلي توهين پنهنجو ئي پيٽ ڀريو. اليگزي! هن سان گڏ وڄ ۽ هنڊيون مٽائي اچ. ڏس هاڻ وقت بلڪل ڪونهي. جي هي نه مڃي ته پوءِ ٻئي ڪنهن هنڌ.....“

”منشي چوي ٿو ته ٻيا صراف ان کان به گهٽ ڏيندا.“

هن وقت مون کي رقم ته ياد ڪانه ٿي اچي. البته ايترو ياد اٿم ته ڪميشن تمام گهڻي ورتي هئائون. مون حساب ڪتاب ڪري، ٻارنهن هزار فلورن وتا ۽ ٻاهر اچي ڳڻڻ لڳيس.

”اليگزري! ڳڻڻ جي ضرورت ڪانهي. بس جلدي ڪر. هل.“

جوئا خاني ڏانهن ويندي پنهنجي منهن ڀٽڪڻ لڳي. ”هان مان ڪڏهن به ٻڙيءَ يا ڳاڙهي نشان تي داءُ نه هڻنديس.“

آءٌ ڏاڏيءَ کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس ته هميشه ننڍين ننڍين بازين کان شروع ڪري، داءَ وڌائيندي وڃي ۽ جي کٽي نه وڌائيندي هلي. اها ڳالهه مڃيائين، پر ڀلو ٿئي سندس جوش ۽ بي چينيءَ جو، سو جڏهن راند شروع ٿي،ته هوءَ پنهنجي جذبات کي وس ۾ رکي نه سگهي ۽ جڏهن ڏهن فيڊرڪ جي بازي کٽائين ته چوڻ لڳي، ”ڏٺئي مون ٿي چيو ته اسين کٽينداسين. هان اسين جي ڏهن فيڊرڪن جي بدران چار هزار لڳايون ها ته يقينا چار هزار کٽون ها. پر سڄو ڏوهه تنهنجو آهي. خير جيڪي ٿيو سو ٺيڪل ٿيو.“

هن جي راند ڏسي آءٌ ٿورو بيزار ٿي پيس. تنهنڪري مون سوچيو ته اڳتي بلڪل خاموش رهندس ۽ صلاح لاءِ زبان مان اکر به نه ڪڍندس.

اوچتو گريو ڪرسيءَ وٽ اچي بيٺو.

هو ٻيئي يعني مادموزيل بلانشي ۽ شهزادو به اتي بيڍا هئا. بلانشي پنهنجي ماءُ جي کاٻي پاسي هئي ۽ شهزادي سان کلي ڳالهيون ڪري رهي هئي. جنرل صاحب ٿورو پري اداس ۽ مفعوم ٿيو بيٺو هو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ ذات برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيو هجنسين، بلانشي هن ڏانهن اک کڻي به نٿي نهاريو. حالانڪ هن خوشامد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي. قابل رحم جنرل جي منهن تي ڪڏهن لالاڻ ٿي ائي، ته ڪڏهن زرداڻ. هو ڏڪي رهيو هو ۽ ڏاڏيءَ جي راند سمجهڻ جي باوجود به ڪجهه ڪونه سمجهي رهيو هو. ٿوريءَ ير کان پوءِ بلانشي ۽ شهزادو نظرون بچائي ٻاهر هليا ويا. پر جنرل صاحب وري اهڙو سولو پيڇو ڪٿي ٿو ڇڏين. هو به پڍيائن ٻاهر نڪتو.

”مادام! مادام! اهڙا داءُ هنيوَ ته ڪڏهن به ڪونه کٽيندؤ! ناممڪن- ناممڪن.“ گريو آواز کي مٺو بڻائيندي، ڀڳل ٽٽل روسي زبان ۾ ڏاڏيءَ کي چيو.

”پوءِ ٻڌاءِ، ڇا ڪريان؟ تون پاڻ هيڏانهن اچ!“ ڏاڏيءَ چيو.

گريو فرينچ زبان ۾ ڪجهه ڀڻڪڻ لڳو ۽ نصيحت ڪندي چوڻ لڳو، ”اهڙي موقعي جي انتظار ڪرڻ کپي.“ پوءِ هو پاڻ آڱرين تي حساب هڻڻ لڳو. ڏاڏي هن جو هڪ لفظ به سمجهي نه سگهي. گريو مون کي ترجمو ڪرڻ لاءِ چيو. هو ميز تي آڱرين سان ڪجهه لکڻ لڳو. پوءِ هڪ ڪاغذ تي پينسل سان حساب ڪتاب ڪرڻ لڳو. ايتري ۾ ڏاڏيءَ کي ڪاوڙ اچي ويئي.

”چڱو ڇڏ، ڇڏ! پهرين پاڻ ته سمجه!“

”ڏاڏي! ٻڌ ته سهي.“ هڪ ڀيرو وري گريو پنهنجي ڳالهه جي صفائي پيش ڪرڻ گهري.

”چڱو، جيئن هي چوي ٿو تيئن ڪر، ٿي سگهي ٿو ته کٽي وجهون.“ ڏاڏيءَ مون کي چيو.

گريو جو مطلب رڳو هي هو ته ڏاڏي وڏين رقمن جي بازي نه هڻي. هن مشورو ڏنو ته نشانن جي بجاءِ انگن تي بازي هڻڻ کپي. مون هن جي صلاح جي مطابق بازي هنئي. شروع ۾ ٻارنهن ٻڌيءَ وارن انگن تي هڪ هڪ فيڊرڪ ۽ ٻانهن کان ارڙهن تائين ۽ ارڙهن کان چوويهن تائين ٻڌيءَ وارن انگن تي پنج پنج فيڊرڪ هنيم. ان طرح ڪل سورنهن فيڊرڪ لڳائي ڇڏيم.

چڪرو پرڻ لڳو. گولي هيٺ مٿي نچڻ لڳي.

”ٻڙي“ خزانچيءَ رڙ ڪري چيو.

اسين سورنهن ئي فيڊرڪ هارائي چڪا هئاسين.

”بيوقوف توهين فرينچ ته اصل بيوقوف آهيو، اهائي صلاح ڏني هيئي نه بيوقوف. هليو وڃ هتان. خبر پوين ڪانه، آيا آهن گوڙ ڪرڻ.“

گريو مورڳو ڊڄي ويو ۽ ڪلهن کي هيٺ مٿي ڪرڻ لڳو. هو ڏاڏيءَ کي نفرت جي نظرن سان ڏسي ٻاهر هليو ويو. لڳو ٿي ته هن معاملي ۾ خواه مخواه ٽنگ اڙائي، هو شرمندو ٿي ويو هو.

اسين سڀ ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ به اڌ ڪلاڪ ۾ ئي سڀ ڪجهه هارائي چڪا هئاسين.

”هل، هاڻ گهر هلون.“

شاه بلوط واري رستي تائين پهچندي، هن ڪنن سان هڪ لفط به نه ڳالهايو. ڪوٺي وٽان لنگهي، جڏهن هوٽل ڏانهن هلڻ لڳاسون، ته پنهنجو پاڻ چوڻ لڳي. ”حماقت، سراسر حماقت، بيوقوف، تون به بلڪل بيوقوف آهين!“

پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيندي ئي هن رڙ ڪري چيو، ”چانهن آڻيو ۽ هڪدم سامان ٻڌو. سڀ سامان. بس هاڻ مان واپس ٿي وڃان.“

”ڪيڏانهن ٿا وڃو مادام؟“ ويچاري ملرفا ائين کڻي پڇيو.

”تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟ پنهنجو ڪم ڪر. دفع ٿي هتان. پوٽا پچ! سامان ٻڌ- سڀ سامان، اسين واپس ماسڪو ٿا هلون. هن نڀاڳي شهر ۾ ائين ئي ويٺي ويٺي 15 هزار روبل ضايع ٿي ويا.“

”پندرهن هزار روبل !! اف، منهنجا خدا.“ پوٽا پچ آه ڀريندي چيو. حالانڪ هن جو مقصد ڏاڏيءَ جي دلجوئي ڪرڻ هو.

”اڙي ڪمبخت، مان مان ڪرڻ بيهي رهئين.... وڃين ڇو نٿو. خبردار جو هڪ اکر به ڪڇيو آهين؟ هلي سامان ٻڌ. بل آڻيو؟ بل موڪليو، يڪدم!“

”ريل هتان ساڍي نوين وڳي ويندي آحي، ڏاڏي.“ مون هن جي ڪاوڙ ٿڌي ڪرڻ جي خيال کانچيو.

”هاڻ گهنو وقت ٿيو آهي؟“

”ساڍا ست.“

”اوه، ته تمام ٿورو وقت اچي بچيو آهي. خير ڪا ڳالهه نه آهي. اليگزي! هاڻ مون وٽ هڪ پئسو به نه آهي. هي وٺ ٻه نوٽ ۽ مٽائي اچ، مون وٽ ته هاڻ ڀاڙو به ڪونهي.“

اڌ ڪلاڪ کن ۾ نوٽ مٽائي آيس، ڏٺم ته هڙئي ڏاڏيءَ جي ڪمري م آهن، اهو ٻڌي ته ڏاڏي ماسڪو وڃي رهي آهي. سڀئي ايترا پريشان ٿيا هئا، جيتري رقم ضايع ٿيڻ تي به نه ٿيا هئا. حالانڪ هن جي اتان وڃن ڪري گهٽ ۾ گهٽ باقي پسئن ۽ جائداد جي محفوظ رهڻ جو امڪان هو. آءٌ سوچي رهيو هوس ته هاڻ جنرل جو ڇا ٿيندو؟ گريو کي پئسا ڪيئن ملندا؟ بلانشِ هاڻ پڪ ڏاڏي جي مرڻ جو وڌيڪ انتظار نه ڪندي ۽ هن شهزادي يا ڪنهن ٻئي دولتمند سان ڀڄي ويندي. هو سڀئي ڏاڏيءَ کي تسلي ڏيئي رهيا هئا ۽ پنهنجي پر ۾ هن جي همت افزائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. هن ڀيري به پالينا اتي ڪانه هئي. ڏاڏي هڪ هڪ کي چڱيءَ طرح دڙڪا ڏيئي رهي هئي.

”چڱو، هاڻ توهين سڀ هتان هليا وڃو. مان اڪيلائي ٿي چاهيان. تنهنجو مون ۾ ڇا، جو بيٺو آهين؟ رڍن وانگر ڌڻ ٿي بيهڻ مان ڪهڙو فائدو!“ ڏاڏيءَ گريو کي چيو ۽ وري بلانشي ڏانهن منهن ڪندي چيائين، ”تون سهڻا پکي، توکي ڇا کپي؟“

”احمق.“ بلانشي دل ئي دل ۾ چيو. هن جون اکيون ٻرندڙ ٽانڊي جيان لال ٿي ويون. پر يڪدم الائي ڇو هوءَ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي ۽ کلندي کلندي ٻاهر هلي وئي.

”تون ته ڪو ڀوڪ آهين.“ هن ٻاهر ويندي جنرل کي چيو.

”ها ته تون منهنجو مرڻ جو انتظار ڪري رهيو آهين؟ مون کي ائين گهريون ڇو پيو؟ پئسا منهنجا هئا. تنهنجا ته ڪونه هئا!“

جنرل ڪنڌ لوڏيو، سلام ڪيائين ۽ ٻاهر هليو ويو. گريو به هن جي پٺيان ٻاهر نڪري ويو.

”پراسڪويا ڪٿي آهي؟ گهرايوس.“ ڏاڏيءَ ملرفا کي چيو.

پنجن منٽن ۾ ملرفا پالينا کي گڏ وٺي ائي. انهيءَ جي دوران پيلاني پنهنجي ننڍڙن ڀيڻ ۽ ڀاءُ سان گڏ ڪمري ۾ ويٺي هئي ۽ منهنجي خيال ۾ هن سڄو ڏينهن گهر کان ٻآهر نه نڪرڻ جو قسم کنيو هو. هن وقت سنسد منهن مان سادگي ۽ سنجيدگي بکي رهي هئي.

”پراسڪويا، هڪ ڳالهه ٿي پڇانءِ. سچ سچ ٻڌائجانءِ. اجهو هينئر مون کي خبر پيئي آهي ته هو تنهنجو ويڳو پيءُ هن ڏائڻ فرينچ ائڪٽربس سان شادي ڪرڻ ٿو گهري. ٺيڪ آهي نه؟“ ڏاڏيءَ پڇيو.

”پڪ سان ته مان ڪجهه چئي سگهان- ڏاڏي! پر ها، مدموزيل بلانشي هڪ ڏينهن پاڻ مون سان اهڙي ڳالهه ڪري رهي هئي. هوءَ مون کان ڪابه ڳالهه ڪانه لڪائيندي آهي. ان جو مطلب.... “

”بس ڪافي آهي. مان سڀ سمجهي ويس. هو آهي ئي اهرو. مان هميشه کان سڃاڻانس. هو بلڪل گڏهه آهي. حد درجي جو نامعقول. هن کي سٺي ۽ خراب جي ڪڏهن به خبر ڪانه پئي آهي. پنهنجو پاڻ کي جنرل ٿو سمجهي. جڏهن ڏس پنهنجي جنرلي جي ٽانءِ ۾ ڦوڪيو پيو هلندو آهي. منهنجي ٻچي، مان هن کي چڱيءَ طرح سڃانان ٿي. تون مون کي ماسڪو تار تي تار موڪلي چڪي آهين ته ڪڏهن ٿي قبر ۾ وڃان. ڪڏهن ٿو منهنجو جنازو نڪري ۽ هو پئسن جي منتظر هئا. پئسن کان سواءِ هوءَ ڪمبخت- ڇا اٿس نالو- بلانشي هن کي پنهنجو نوڪر ڪري به نه رکندي. خاص ڪري انهيءَ لاءِ، جو هن جا ڏند به نقلي آهن. مون ٻڌو آهي ته هن وٽ چڱي خاصي دولت آهي ۽ وياج تي ڏيندي آهي. وياج ئي هزارن جو ٿيو ٿو وڃيس. پراسڪويا مون کي توسان ڪابه شڪايت نه آهي. بي شڪ تارون تو نه موڪليون هيون. خير، ڇڏ! گذريل ڳالهن جو ڪهڙو ڏک ڪجي. مون کي ته خبر آهي ته تون چيڙاڪ مزاج جي آهين، بس ڏينڀوءَ وانگر ڏنگ هڻڻ اچيئي. مون کي ته خدا بخشيس، تنهنجي مرحوم ماءُ ڪيڙائن سان محبت هئي، تنهنڪري ئي هر هر تنهنج خيال ايندو اٿم. تون منهنجي مڃ ته هينئن ڪر، هتي جي هر شيءِ ڇڏي، مون وٽ ماسڪو هلي آءٌ. توکي خود خبر آهي ته تنهنجو ٻئي هنڌ ڪو ٺڪاڻو ڪونهي، نه ماسي، نه ماسات ۽ هاڻ هنن وٽ رهڻ تنهنجي لاءِ مناسب به نه آهي- ترس، ترس!“ ڏاڏي پالينا کي روڪيندي چيو، جا پنهنجي ڳالهه شروع ڪرڻ واري هئي. ”منهنجي ڳالهه اڃا ختم نه ٿي آهي. مان توکان ڪو معاوضو ڪونه وٺنديس. ماسڪو ۾ مون وٽ سڄو سارو محل آهي. تون هڪ سڄي ماڙي کڻجانءِ. جي تون ڏسين ته منهنجو ۽ تنهنجو مزاج نٿو ملي، ته بيشڪ جيترو وقت چاهين، مون وٽ نه اچجانءِ. مان ٻيو ڇا ٿيڪري سگهان. ايندينءَ نه؟“

”پهرين ته مون کي هي ٻڌايو ته ڇا واقعي اوهين هينئر وڃو پيون؟“

”واه ڇوڪري! ته ڇا مان توسان مذاق ڪري رهي آهيان؟ ڪيترا ڀيرا چئي چڪي آهيان ته مان وڃي رهي آهيان. لکي ڏيان ڇا؟ هتي مون رولٽ جي جوئا تي ويٺي ويٺي پندرهن هزار روبل برباد ڪري ڇڏيا. پنج سال ٿيا ته مون عهد ڪيو هو ته ماسڪو ۾ پنهنجي زمين تي ڪاٺ جي هڪ چرچ ٺهرائينديس ۽ منهنجي بدنصيبي ڏس ته ان جي بجاءِ ايڏي وڏي رقم جوئا ۾ هارائي ڇڏيم. منهنجي ڌيءَ هاڻ مان گهر ويني ئي چرچ ٺهرائينديس.“

”۽ هو چسما نه ڏسنديون؟ اوهان چيو هو ته اتي جو پاڻي به پيئنديون؟“

”تون ۽ چشما ٻيئي وڃو جهنم جي تري ۾. مون کي خواه مخواه ڪاوڙ نه ڏيار. پراسڪويا ڇا تون ڄاڻي ٻجهي ائين پئي چئين، صاف صاف ٻڌائيندينءَ يا نه؟“

”ڏاڏي، ماسڪو اچڻ جي دعوت جي وڏي وڏي مهرباني، اوهان کي شايد منهنجي سڄي حالت جي خبر ڪانهي. اوهان دعوت ڏيئي مون کي مجبور ڪيو آهي ته مان اتي ضرور اچان..... پر اڃا نه- اڃا نٿي اچي سگهان. ان جا ڪجهه سبب آهن.... ايندس ضرور، ڪڏهن! تنهنجو فيصلو به هينئر ڪري نٿي سگهان. جي اوهان پندرهن ڏينهن وڌيڪ رهي پئو ها، ته......“

”ان جو مطلب آهي ته تون نه ايندينءَ.“

”خير، ائين ئي سهي. في الحال ته صفا نٿي اچي سگهان. ’ٻڌايو ته پنهنجي ننڍن ڀيڻ ۽ ڀاءُ کي اڪيلو ڪنهن جي آسري تي ڇڏي اچان؟ ها، جي اوهان ٻارن کي آڻڻ جي اجازت ڏيو، ته مان ضرور اينديس ۽ توهان جي ان احسان جو بدلو به ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور لاهينديس. باقي ٻارن کي اڪيلو ڇڏي آءٌ اچي نٿي سگهان...“ پالينا ڏاڍي اثرائتي انداز سان چيو.

”چڱو هاڻي رنگ رنگ نه ڪر(حالانڪ پالينا جي چهري تي اهڙو ڪوبه نشان ڪونه هو: درحقيقت مون هن کي ڪڏهن به رنجهندي ڪنجهندي ڪونه ڏٺو هو). بابا منهنجو مرغي خانو تمام وڏو آهي. انهن چوزن کي به ڪٿي نه ڪٿي هڻي ڇڏينديس. گهٻراءِ نه. هاڻي ته هنن کي اسڪول ۾ ُڃڻ کپي. ته گويا تون هينئر اچي نٿي سگهين. باقي پراسڪويا! هڪ ڳالهه ياد رک مان رڳو تنهنجي ڀلائي لاءِ چئي رهي هيس. مون کي خبر آهي ته تون ڇو نٿي اچي سگهين. مون کي سڀ خبر آهي پراسڪويا! هو بدبخت فرينچ توکي تباهه ڪري ڇڏيندو.“

پالينا جو رنگ اڇو ٿي ويو. آءٌ خود به ڪنبڻ لڳس. (انهيءَ جي معنيٰ ته هر شخص کي اها خبر هئي. اڻڄاڻ هوس ته رڳو آءٌ).

”چڱو، هاڻ ڪاوڙج نه! مان ٻي ڪابه ڳالهه نه چوندس. رڳو ٿورو ڌيان رک، سمجهي وئينءَ. احتياط وڏي شيءِ آهي. تون عقلمند ڇوڪري آهين. تنهنجي حالت تي مون کي هميشه افسوس ٿيندو آهي. هل، بس ڪافي آهي.خدا جو قسم مان توکي ٻين کان عليحده ٿي سمجهان. چڱو، خدا حافظ!“

”مان اوهان کي الوداع ڪرڻ ايندس.“ پالينا چيو.

”ڪابه ضرورت نه آهي. پنهنجو ڪم ڪريو. مان اوهان مان بيزار ٿي پيئي آهيان.“

پالينا ڏاڏيءَ جو هٿ چمڻ لاءِ جهڪي. پر هن هٿ ڇڪي خود هن کي ڳل تي چمي ڏني.

جڏهن پالينا مون وٽان لنگهي، ته هن يڪدم اکيون هيٺ ڪري، منهن ڦيرائي ڇڏيو.

”چڱو، اليگزي اوانووچ! خدا حافظ! گاڏيءَ ڇٽڻ ۾ صرف هڪ ڪلاڪ وڃي بچيو آهي. تون به مون مان تنگ ٿي پيو هوندين! هي وٺ پنجاهه سونا سڪا.“

”مهرباني مادام! مون کي افسوس آهي، جو اها رقم وڍي نٿو سگهان!“

”اڙي وٽ کڻي، نخرا ٿو ڪرين؟“ ڏاڏيءَ ڪاوڙ ۾ اچي اهڙيءَ ريت چيو جو مون کي وٺڻا پيا.

”جڏهن ماسڪو ڪنهن ڪم سان اچين ته مون وٽ ضرور اچجانءِ. توسان ڪجهه ڳالهيون ڪرڻيون اٿم.“

آءٌ پنهنجي ڪمري ۾ سڌو سنئون ليٽيو پيو هوس. اڌ ڪلاڪ کن منهنجا بي ستا هٿ هيٺان پيا هئا. آخر اهو آسمان قهر نازل ٿي چڪو هو. آءٌ مسلس اهو سوچي رهيو هوس ۽ سوچيندي سوچيندي چريو ٿي پيو هوس. پالينا ۽ گريو! هيءَ ڪهڙي قسمت آهي! ڪهڙو جوڙو آهي! پر ان جي تهه ۾ ڪهڙو راز آهي؟ ڇا هي واقعي سچ آهي؟ مون سنئون سڌو پالينا کان پڇڻ جو ارادو ڪيو.

منهنجي لاءِ اها ڳالهه بلڪل ويسهه جهڙي نه هئي. آءٌ يڪدم هنڌ تان اٿيس ۽ ائسٽلي صاحب کي ڳولڻ نڪتس. ائسٽلي صاهب سان ڳالهه ڪرڻ ۾ واقعي ڪو هرج ڪونه هو. هن کي ان باري ۾ پڪ مون کان وڌيڪ خبر هئي. پر ائسٽلي صاحب، هي منهنجي لاءِ هڪ ٻيو معمو هو.

آءٌ اٿيس ٿي، ته ڪنهن دروازو کڙڪايو. هي پوٽا پچ هو.

”اليگزي صاحب! اوهان کي مادام هينئر ئي ياد ڪيو آهي.“

”ڳالهه ڇا آهي؟ وڃي ڪانه ٿي ڇا؟ گاڏيءَ جو وقت ته ٿي ويو آهي؟“

”هوءَ ڏاڍي پريشان آهي، بس ’جلدي ڪر! جلدي ڪر‘ ائين پيئي اوهان کي وٺي اچن لاءِ چوي. هن اوهان کي يڪدم گهرايو آهي. خدا جي واسطي جلدي هلو!“

آءٌ يڪدم ڏاڪڻ تان لٿس. ڏاڏي هيٺ ئي پنهنجي معذور بردار ڪرسيءَ تي ويٺي هئي ۽ پاڪٽ بڪ هن جي هٿ ۾ هو.

”اليگزي! تون هُتي هل، مان اچان ٿي.“

”ڪيڏانهن ڏاڏي؟“

”ڪاسينو ۽ ٻيو ڪٿي. مون کي يقين آهي ته هاڻ مان ضرور کٽنديس. حجت نه ڪر. جلد وڃ. ڇا جوئا اڌ رات تائين ٿيندي آهي.؟“

مان اهو ٻڌي حيران ٿي ويس. پهرين ته سوچ ۾ ٻڏي ويس، پوءِ دل جو فيصلو ڏاڏيءَ کي ٻڌايم.

”ائنٽوبنداوئسيلونا! اوهان جي دل جيئن چاهي تيئن ڪريو. باقي آءٌ نه وينديس.“

”ڇو، آخر ڪهڙي ڳالهه آهي؟ اوهان سڀني آفيم ڦڪي ڇڏيو آهي ڪيئن؟“

”جيئن اوهان جي دل گهري ڪريو، ائنٽويندا وئسيلونا! اوهان وري مون تي الزام رکنديون. ان لاءِ کيڏن مانفائدو؟ آءٌ نه ويندس. بلڪل نه ويندس. هي وٺو پنجاهه فيڊرڪ. خدا حافظ.“ مون فيڊرڪ ميز تي رکيا ۽ سلام ڪري هليو آيس.

”ڪهڙي بيهودگي آهي!“ ڏاڏيءَ پٺيان چيو. ”جي تون نٿو هلڻ چاهين ته نه هل. سڏيئي ڪير ٿو! تو جهڙا گهڻا ئي ملي ويندا، پوٽا پچ هيڏي اچ مون کي وٺي هل!“

آءٌ ڪوشش جي باوجود ائسٽلي صاحب سان ملي نه سگهيس ۽ واپس پنهنجي ڪمري ۾ آيس. اڌ رات وقت پوٽا پچ مون کي ٻڌايو ته ڏاڏيءَ جو ڏاڍو خراب حشر ٿيو. يعني سام جو جيڪا رقم مون هن کي روسي زر مبادله ۾ مٽائي ڏني هئي اها سڄي هارائي ڇڏيائين. مطلب ته وڌيڪ ڏهه هزار روبل جوئا تي قربان ڪيائين. هو بندرو پولستاني، جنهن کي هڪ ڏينهن اڳ ٻه فيڊرڪ انعام ۾ ڏنا هئائين، سو سڄو ڏينهن هن جي پاران کيڏندو رهيو هو. پولستانيءَ جي اچڻ کان پهرين هن پوٽا پچ کان به داءَ هڻايا هئا. اڃا هن ويچاري کي لوڌي ٻاهر ئي نه ڪيائين ته پولستاني اچي ڪڙڪيو. بدقسمتيءَ سان هن کي ٿوري گهڻي روسي به آئي ٿي. هو هڪ ئي وقت ۾ ٽي ٻوليون گڏي ڳالهائيندو رهيو. ايتري قدر جو هنن هڪ ٻئي جي ڳالهه به ڏکي ٿي سمجهي. ڏاڏي سڄو وقت هن کي گاريون ڏيندي رهي. پوٽا پچ ئي چيو ته هو ڏاڏيءَ جي ڏاڍي خوشامد ڪري رهيو هو، ڪنهن ڪنهن مهل ته پيرن تي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو ٿي ويو. ”پر تنهنجي ڀيٽ ۾ هو بلڪل نيچ هو.“ هن هي چيو ته ”ڏاڏيءَ اوهان کي شريف ماڻهو ٿي سمجهي ۽ هو، مون خود پنهنجين اکين سان ڏٺو، (خدا آئنده نه ڏيکاري) هن ته لڪ چوريءَ ڏاڏيءَ جا پئسا به چورائي کيسي ۾ پئي وڌا! ڏاڏيءَ به ڀيرا جهلي اهڙيون ٻڌايس، جو ايمان سان وار ڪانڊارجي ٿي ويس. پر هو اهڙو ڍنڍ هو، جو وري کلندو رهيو. ٻيا ماڻه به کلڻ لڳا هئا. هوءَ سڀ پئسا هارائي چڪي آهي ۽ هاڻ واپس هوٽل ۾ آئي آهي. ايندي ئي هن هڪ گلاس پاڻي پيتو ۽ هنڌ تي ڪري پيئي. هوءَ ايتري ٿڪجي پيئي هئي جو ليٽندي ئي ننڊ کڻي ويس ۽ اڃا تائين ستي پيئي آهي، خدا ڪري مڍي ننڊ اچيس!“ پوٽا پچ ڪاوڙ ۾ اچي دل جي باهه ڪڍڻ ڳو. ”هر هر ٿي چويمانس، خدا جي واسطي ڪيڏانهن نه وڃو! خواه مخواه مصيبت ۾ منهن وجهڻ مان ڪهڙو فائدو! پر هوءَ ڪٿي ٿي ڪنهن جي ٻڌي! ته مان ته ضرور وينديس.! هر وقت اهو ئي پئي چيائين. ڪاش اسين جلد ماڪسو هليا وڃون. اُتي آخر اسان لاءِ ڇا نه آهي؟ باغ آهن، خوشبودار گل آهن، جن جو هتي نالو ئي ڪونهي. ڳاڙها صوف آهن ۽ الائي ڇا ڇا آهي... پر، ’نه، مان ته ضرور ويندس....!‘ هاڻ وڃي ڇا مليس؟ توبهه، توبهه!“

 

 

 

 

باب تيرهون

 

مون گهرن ۽ پيچده جذبات جي زور کان مجبور ٿي هيءَ ڊائري لکڻ شروع ڪئي هئي. هاڻ ان کي سڄو هڪ مهينو ٿي ويو آهي. اها اوچتي مصيبت جنهن لاءِ مون کي خبر هئي ته ايندي ۽ ضرور ايندي- حقيقت ۾ هاڻي اچي چڪي آهي. پر منهنجي اميد کان وڌيڪ زور ۽ وحشتناڪيءَ سان. گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ هي سڀ ڪجهه ڏاڍو حيران ڪندڙ، عجيب ۽ خطرناڪ هو. ڪي ڳالهيون مون کان به اهڙيون ٿيون هيون، جي منهنجي لاءِ معجزي کان گهٽ حيثيت نٿيون رکن ۽ اڄ به آءٌ انهن کي معزو ئي سمجهان ٿو. حالانڪ جي ٻئي طرح سان ڏٺو وڃي ته انهن حالتن ۾، جن ۾ آءٌ ڦاٿل هوس. اهي بلڪل معمولي ڳالهيون هيون. پر ان سڄيءَ ڳالهه کي وڌيڪ حيرت انگيز ڳالهه انهن واقعن بنسبت خود منهنجو رويو هو. ڪوشش جي باوجود اڄ تائين آءٌ پنهنجو رويو نه سمجهي سگهيو آهيان. پنهنجو پاڻ کي نه سمجهي سگهيس. اهو سڀ ايڏو ته شديد هو ۽ جنهن ۾ بي پناهه ملوص هو! ڇا، اهو مري ويو؟ هر هر اهو خيال منهنجي ذهن ۾ ٿو اچي. ڇا، ان وقت آءٌ واقعي چريو ته نه ٿي پيو هوس ۽ ڇا آءٌ ڪنهن پاڳل خاني ۾ ته نه هوس. يا شايد اڄ آءٌ پاڳل خاني ۾ آهيان- پر اهو سڀ منهنجو وهم آهي، محض خيال آهي.

اڄ ڪلهه آءٌ پنهنجي ياداشتن کي گڏ ڪندو آهيان ۽ انهن کي پڙهندو آهيان. (غالباً پنهنجو پاڻ کي هڪ پڪ ڏيارڻ لاءِ ته هي يادداشت مون ڪنهن پاڳل خاني ۾ ڪانه لکي آهي- پر اها ڳالهه ڪير سمجهي!) هاڻ آءٌ بلڪل اڪيلو آهيان. سرءُ جي موسم تيزيءَ سان اچي رهي آهي ۽ وڻن جا پن زرد ٿيڻ لڳا آهن. آءٌ اڃا تائين هن ننڍڙي، سڃي ڳوٺ ۾ رهيو پيو آهيان. (اُف جرمنيءَ جا ننڍڙا ڳوٺ ڪيترا نه ويران ٿين ٿا) اهو سوچڻ جي بجاءِ ته مون کي اڳتي ڇا ڪرڻ کپي، آءٌ پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن ان احساس جي بار هيٺان پورا ڪري رهيو آهيان، جنهن جو هينئر هينئر مون بيان ڪيو. ماضيءَ جي يادگيرين کي تازو پيو ڪريان ۽ جيئان پيو. ان گردش ايام کي، جنهن مون کي جهلي زور سان هڪ طرف اڇلائي ڦٽو ڪيو آهي، هر وقت ياد ڪندو آهيان ۽ زنده رهندو آهيان. زماني جي لڳايل زخمن کي محسوس ڪندو آهيان ۽ جيئندو آهيان. زمانو، جنهن مون کي پنهنجي جنڊ جي ٻن پڙن ۾ پيهي ڇڏيو. ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين لڳندو آهي. ڄڻ ته آءٌ هڪ زبردست طوفان ۾ گهيرجي ويو آهيان ۽ هڪ معمول ڪک وانگر هيڏانهن کان هوڏانهن لڙهي رهيو آهيان، جنهن ڪري آءٌ ڪائنات جي سموري ترتيب ۽ توازن کي ڀلجيو ٿو وڃان ۽ طوفاني موجن ۾ وائڙن وانگر لڙهندو ٿو وڃان....

شايد آءٌ انهن تيز ۽ تند موجن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري، پنهنجي زندگيءَ ۾ ترتيب ۽ توازن پيدا ڪري سگهان ٿو، پر انهيءَ لاءِ ضروري هو ته گذريل مهيني وارا سڀ واقعا منهنجي ذهن تان ميٽجي وڃن. مون ٻيهر قلم کنيو آهي ۽ لکڻ شروع ڪيو اٿم. ان کان سواءِ ڪري به ڇا ٿو سگهان. ڇو جو شام جو مون وٽ ٻيو ڪو ڪم ڪونهي. مون کي ڪنهن نه ڪنهن ڪم ڪرڻ جي ايتري خواهش ٿيندي آهي، جو آخرڪار مجبور ٿي لائبريريءَ مان پال ڊي ڪاڪ جا جرمن زبان ۾ ترجمو ٿيل ناول ڪڍائنيدو آهيان. حالانڪ مون کي اهو ليکڪ پسند به ڪونهي. پوءِ به پڙهندو رهندو آهيان ۽ پنهنجو پاڻ تي حيران ٿيندو رهندو آهيان. شايد آءٌ اهي ڪتاب ان ڪري پڙهندو آهيان ته جيئن ڪنهن سنجيده ڪتاب پڙهڻ يا ڪنهن سنجيده ڪم ڪرڻ سان گذريل وقت جو جادو نه ٽٽي پوي. مطلب ته اهو ڀوائتو خواب ۽ ان جا ڇڏيل سڀ اثر مون کي ايڏا ته عزيز هئا، جو مون انهن تي ڪنهن به قسم جو رنگ چاڙهڻ نٿي چاهيو. مون نه ٿي چاهيو ته مفت ۾ هن خواب جا اثرات وڃائي ويهان. پر ڇا واقعي مون کي گذريل وقت جو ڀوائتو ۽ اڻ وڻندڙ روپ ايترو عزيز هو؟ ها، بيشڪ اهو مون کي عزيز هو ۽ هاڻ ته آءٌ انهيءَ روپ کي چاليهن سالن تائين به پنهنجي ذهن مان ڪڍي ڦٽو ڪرڻ تي تيار نه ٿيندس....

۽ ان لاءِ ئي آءٌ وري دائري لکي رهيو آهيان. حالانڪ ان وقت جيڪو جذباتي رد عمل ٿيو هئم، سو هن وقت محسوس ڪونه ٿو ٿئي. وقت سان گڏوگڏ تاثرات جو زور به گهٽجي ويو آهي. پر آءٌ انهن کي اختصار سان بيان ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪندس.

سڀ کان پهرين آءٌ ڏاڏيءَ جي ڳالهه پري ڪريان ته ٺيڪ ٿيندو. ٻئي ڏينهن هوءَ پنهنجي هڪ هڪ پائي جوئا ۾ هارائي چڪي هئي. پر ان ۾ حيراني جي ڪهڙي ڳالهه، اهو ته ٿيڻو هو. ڄڻ ته هن جي مقدر ۾ لکيل هو. هونئن به جوا خانن ۾ ويندڙن جو اهو حال ٿيندو آهي. هنن جو غرور هميشه ائين ئي ٽٽندو آهي، جيئن جبلن تان ڇپون. هوءَ شام جو اٺين بجي تائين کيڏندي رهي. آءٌ پاڻ ته اتي موجود ڪونه هوس، پر جيڪي ڪجهه مون کي ماڻهن ٻڌايو، هوبهو اهو بيان ڪري رهيو آهيان.

پوٽا پچ سڄو ڏينهن جوئا خاني م هن سان گڏ رهيو. هن جي زباني معلوم ٿيو ته چند پولستاني جوئاري هن جي طرفان کيڏندا رهيا. سڀ کان پهرين اهو پلستاني کيڏيو. جنهن کي هڪ ڏينهن اڳ هن باهر ڪڍرائي ڇڏيو هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هن کي هٽائي، هڪ ٻئي پولستانيءَ کي چائين، پڇر هو پهرئين کان به ويل نڪتو. ٻئي کي ڪڍي، هن بيهر پهرئين کي حڪم ڏنو، جو پنهنجي برطرفيءَ تي ڳاڙهو پيلو ٿ يو، سندس ڪرسيءَ جي پٺيان بيٺو هو. هوءَ ان مان مطمئن نه ٿي، بلڪ وڌيڪ نااميد ٿي. ٻيو پولستاني به هٽڻ وارو نه هو سو اتي ئي بيٺو رهيو. هڪ ڪرسيءَ جي کاٻي پاسي، ٻيو ساڄي پاسي. هو هڪ ٻئي کي گاريون ڏيندا ۽ بازين تي وڙهندا رهيا. سڀيئي هڪ ٻئي کي بلڪ سڀني مهذب پولستانين کي ”بيوقوف، احمق“ جي خطابن سان پاڻ ئي نوازيندا رهيا. هو ڏاڍي بي پرواهي ۽ جلد بازيءَ سان کيڏي رهيا هئا. خاص طرح جڏهن هنن ۾ جهيڙو ٿي ٿيو ته مرڳو هڪ ٻئي جي خلاف داءٌ ٿي هنيائون. جي هڪ ڪاري نشان تي ٿي داءُ هنيو، ته ٻئي ڳاڙهي تي. ان ڳالهه تي ڏاڏي ڏاڍي پريشان ٿي ۽ خزانچيءَ کي التجا ڪيائين ته ”خدا جي واسطي مون غريب کي بچايو ۽ هنن کي ٻاهر ڪڍو.“ ان جو نتيجو هي نڪتو، جو ڏاڍين رڙين ۽ گوڙ کان پوءِ هنن کي زوريءَ ڪڍي ٻاهر ڪيو ويو. پر هو ويندي ويندي رڙيون ڪرڻ لڳا. ”هن پوڙهيءَ اسان کي دوکو ڏنو آهي. هن اسان جي بي عزتي ڪئي آهي. اسان کي هن کان پئسا وٺڻا آهن.“ اهو سڀ ڪجهه ان شام جو، بدنصيب پوٽا پچ مون کي ٻڌايو، جو ان وقت باقاعدي ڳوڙها ڳاڙي روئي رهيو هو. هن ٻڌايو ته اهي سڀيئي پولستاني ڏاڍيءَ بي شرميءَ ۽ بي حياتيءَ سان چوري به ڪري رهيا هئا ۽ اندران ئي اندران کيسا پئي ڀريائون. مثلاً هڪ ڀيري هنن مان هڪ ڏاڏيءَ کي چوڻ لڳو. ”مان بلڪل تباهه ٿي چڪو آهيان. خدا جي واسطي مون کي ڪجهه ڏي!“ ڏاڏيءَ پنج فيڊرڪ کڻي هن جي بازيءَ ۾ لڳايا. ڏاڏي کٽي ويئي. هو خوشيءَ کان نچڻ لڳو ته مون اهو کٽيو آهي. جڏهن هنن کي ٻاهر پئي ڪڍيائون تڏهن پوٽا پچ ڏاڏيءَ کي ڪن ۾ بڌايو ته هنن جا کيسا سونن سڪن سان ڀريل هئا. ڏاڏيئءَ خزانچيءَ کي چيو. پوليس آئي، ته هو ائين رڙيون ڪرڻ لڳا.ڄڻ ڪڪڙ کي ڪنهن ڪڪڙ چور پڪڙيو هجي. هنن جي تلاشي وٺي، سڀ سڪا ڏاڏيءَ کي ڏنا ويا. ان واقعي جي ڪري خزانچين ۽ جوئا خاني ۾ ويٺل سڀني ماڻهن تي ڏاڏيءَ جو رعب ويهي رهيو. پر اهو به ان وقت تائين جيستائين سڀ ڪجهه هارائي نه ڇڏيائين. آهستي آهستي ڏاڏيءَ جو نالو سڄي ڳوٺ ۾ پکڙجي ويو. هر عمر جو ماڻهو، ٻار، پوڙها، مرد، عورتون، سڀئي هن عجيب غريب پوڙهي کي، جا ويچاري اوستائين لکن جا لک هارائي چڪي هئي، ڏسڻ لاءِ جوئا خاني ڏي اچڻ لڳا.

ڏاڏيءَ کي هنن ٻنهي پولستانين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪر مان ڪو خاص فائدو ڪونه ٿيو. انهن ٻنهي جي جڳهه وري هڪ ٽئي قسم جي پولستانيءَ حاصل ڪئي، جو چڱيءَ طرح روسي زبان به ڄاڻندو هو ۽ ظاهري شڪل ۽ پوشاڪ مان ڏاڍو شريف ماڻهو پئي لڳو، حالانڪ پنهنجين ڊگهين ڊگهين مڇن ۽ کوکلي احساس برتريءَ مان هڪ معمولي پٽيوالو پئي لڳو. هن به ٻين ٻن پولستانين وانگر ڏاڏيءَ جا قدم ڇهيا ۽ چميا. پر اوسي پاسي جي ٻين ماڻهن سان سندس رويو ڏاڍو هٺيلو هو. هن جي سڀ کان وڏي خوبي هيءَ هئي ته هو مڪمل آزاديءَ سان ۽ پنهنجي مرضيءَ سان کيڏندو رهيو. ان ڪري ٿوريءَ دير ۾ ڏاڏيءَ جو نوڪر ته ٺهيو پر مورڳو مالڪ پئي نظر آيو. راند جي هر موڙ تي هڪ هڪ منٽ کان پوءِ ڏاڏيءَ کي مخاطب ڪري وڏا وڏا قسم کڻي، اهو ٿي ثابت ڪيائين ته هو خود وڏو ماڻهو آهي. جوئا جو بادشاهه آهي، هڪ ناياب جوهر آهي. تنهنڪري ڏاڏيءَ کان معاوضي ۾ هڪ پائي به نه وٺندو. هو هر هر قسم کڻي رهيو هو، ايتري قدر جو ڏاڏيءَ کي منجهانئس ڊپ ٿيڻ لڳو، ته ڪا حرڪت نه ڪري ويهي، پر ڇاڪاڻ ته ان جوهر ناياب جي راند شروع ڪرڻ کان سندس قسمت به ٺهڻ لڳي هئي. ان ڪري پنهنجي مرضيءَ سان هن کي ڇڏي به نٿي سگهي. هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ٻيهر اهي ٻئي پولستاني جن کي ٻاهر ڪڍيو هئائون، وري اچي ويا ۽ ڏاڏيءَ جي ڪرسيءَ جي اوسي پاسي ڦيريون پائڻ لڳا. هنن وري چيو ته جي اوهان اسان کي کيڏڻ ڏيو، ته اوهان جي لاءِ اسين وري به کيڏي سگهون ٿا. پوٽا پچ چيو، ته پولسانيءَ هنن کي اک ڀڳي ۽ ڪجهه پئسا هٿ ۾ ڏنائين. ڏاڏيءَ اڃا تائين ماني نه کاڌي هئي. هن کي سخت بک لڳي رهي هئي. پر هوءَ اڃا تائين ماني نه کاڌي هئي. هن کي سخت بک لڳي رهي هئي. پر هوءَ اتان وڃڻ لاءِ تيار به نه هئي. تنهنڪري ظاهر آهي ته هڪ پولستاني ڪم اچي ٿي سگهيو. هو يڪدم ڪاسينو جي بورچي خاني مان پهرين ته گوشت جو ٻوڙ ۽ پوءِ چانهه جو سيٽ کڻي آيو. ڏسندي ڏسندي ٻيو پولستاني به هن سان گڏجي ويو. ڏينهن جي خاتمي تي جڏهن هر شخص کي خبر پئجي چڪي هي ته هن پوڙهيءَ جو بچڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ هاڻ هوءَ پنهنجو آخري نوٽ داءُ تي هڻي رهي آهي. تڏهن هن جي معذور بردار ڪرسيءَ جي چوڌاري هڪ نه، ٻه نه، پورا ڇهه پولستاني اچي بيٺا. جن جي شڪل به هن اڳي ڪانه ڏٺي هئي. جڏهن ڏاڏيءَ آخري سڪي جي بازي هنئي، تڏهن هنن سڀني پولستاسنين جو رويو به بلڪل بدلجي ويو. هاڻ هنن سندس ڪابه پرواهه نه ٿي ڪئي. ڏاڍيءَ تيزيءَ سان هو سندس اڳيان ميز تي آيا ٿي ۽ کيسن مان پئسا ڪڍي هر هر داءَ ٿي هڻڻ لڳا ۽ هُن ’شريف‘ پولستانيءَ لاءِ چوڻ لڳا، ”هي ته اسان جو ڀاءُ آهي.“ ۽ خود اُن حضرت، جنهن پنهنجو پاڻ کي جوهر ناياب پئي سڏيو، ڏاڏيءَ کي اصل وساري ڇڏيو. پنهنجي هڪ هڪ پائي جوئا ۾ هارائڻ کان پوءِ، جڏهن شام جو اٺين بجي ڏاڏي واپس وڃي رهي هئي، تڏهن هو سڀ سندس ڪرسيءَ جي چوڌاري جمع ٿي، زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳا ته هن پوڙهيءَ دوکي سان اسان کي ٺڳيو آهي. هن اسان جو پئو کاڌو آهي ۽ هاڻ ڏيڻ جو نالو نٿي وٺي. هو ڏاڏيءَ سان گڏوگڏ هوٽل جي دروازي تائين آيا، جتي هنن کي موچڙا مار ڪري مس مس کانئن ڏاڏيءَ جي چند ڇڏايائون.

پوٽا پچ جي اندازي مطابق ڏاڏي ان ڏينهن ڪل نوي هزار روبل هاريا هئا. تنهن ۾ اها رقم شامل نه آهي، جا ان کان هڪ ڏينهن اڳ هارائي هئائين. سڀ نوٽ، هنڊيون، دستاويز، بئنڪ جا حصا، جي وٽس هئا، مٽائي جوئا ۾ هڻي ڇڏيائين، تعجب جي ڳالهه هيءَ آهي ته هوءَ لاڳيتي اٺ ڪلاڪ ڪرسيءَ تي ڪيئن ويٺي رهي. هڪ لمحي لاءِ به جوئا جي ميز تان نه هتي. پوٽا پچ چيو ته ٻئي ڀيري ته خاصي رقم به کٽي هئائين. پر اهڙن موقعن تي وڌيڪ کٽڻ جي لالچ کيس ميز کان جدا ٿيڻ نٿي ڏنو. سچا جوئاري چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته ماڻهو ڪيئن چوويهه چوويهه ڪلاڪ پتي راند ويهي کيڏندا آهن ۽ مٿي ماڻهو ڪيئن چوويهه چوويهه ڪلاڪ يڪي پتي راند کيڏندا آهن ۽ مٿي اک کڻي به نه ڏسندا آهن.

هوڏانهن ڏاڏيءَ جو هي حشر ٿي رهيو هو. هوڏانهن هوتل ۾ ڏاڍي نازڪ حالت پيدا ٿي رهي هئي. يارهين بجي مهل اڃا ڏاڏي هوٽل ۾ ئي هئي ته جنرل صاحب ۽ گريو گڏجي ڳالهه ڪرڻ ۽ معاملي کي اڄ ئي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اها منحوس خبر ٻڌندي ئي ڏاڏيءَ وڃڻ جوخيال لاهي ڇڏيو آهي ۽ وري کيڏڻ شروع ڪيو اٿس ۽ ان لاءِ ڪاسينو ويئي آهي، هنن ڏاڏيءَ جي ڳالهين کي آخري طور حل ڪرڻ لاءِ هڪ لڪل گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ پالينا کان سواءِ سڀيئي موجود هئا. جنرل صاحب کي اڃا توڻي ڪجهه نه ڪجهه پئسن ملڻ جي اميد هئي، ان ڪري هو ڪنبي رهيو هو. هن جي دل هر هر ٻڏيو پئي وئي. انهيءَ ڪمزوريءَ اهڙوپ تنگ ڪيو هوس، جو ڳالهين ۾ سڀني کان اڳرو پئجي رهيو هو. هن اڌ ڪلاڪ تائين دعائون، خوشامنديون ۽ التجائون ڪيون ۽ آخرڪار پنهنجي هر ڪمزوري ويندي بلانشي سان عشق ۽ گريو جي قرض جو به صاف صاف بيان ڪيائين ۽ ان کان پوءِ هن يڪدم عجيب رويو اختيار ڪيو. هن ڏاڏيءَ کي ڌمڪيون ته ڇا پر گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. هن رڙيون ڪندي چيو، ”چاچي! توهان اسان جي خاندان جي نالي تي داغ هنيو آهي. اوهان روس جو نالو ٻوڙيو آهي ۽ ياد رکو....“ ان قسم جون ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ جنرل، پوليس کي اطلاع ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو. ڏاڏيءَ ڪاوڙ ۾ اچي هڪ لٺ کنئي ۽ وهائي ڪڍيائينس، پوءِ ڌڪا ڏيئي در کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائينس. دراصل جنرل صاحب ۽ گريو اڄ صبح جو ٻه ٽي ڀيرا پاڻ ۾ صلاح ڪري چڪا هئا ته پوليس کي هي اطلاع ڏيڻ ۾ آخر ڪهڙو حرج آهي ته هڪ بدنصيب محترمه رڳو پنهنجي سادگي ۽ بيوقوفيءَ جي ڪري سڄي دولت جوئا ۾ هارائي رهي آهي. هن ڳالهه تي غور ڪيائون ته ڇا واقعي هن کي ڪنهن نگرانيءَ يا پابنديءَ ۾ رکي سگهيا ٿي....! پر گريو ڏاڍي معنيٰ خيز انداز ۾ ڪلها لوڏي، جنرل کي ڏسي، ٽهڪ ڏيڻ لڳو ۽ جنرل صاحب تيزيءَ سان ڪمري ۾ چهل قدمي ڪرڻ لڳو. آخر ۾ گريو هن کي سلام ڪيو ۽ ڪمري کان ٻاهر هليو ويو. شام جو خبر پئي ته هوٽل ئي ڇڏي ڪيڏانهن هليو ويو. هو وڃڻ کان اڳ الاهي وقت تائين بلانشي سان پراسرار انداز ۾ راز جون ڳالهيون ڪندو رهيو هو. جيستائين مادموزيل بلانشي جو تعلق آهي، هوءَ پنهنجو ڪم صبح ئي ختم ڪري چڪي هئي. هوءَ جنرل صاحب کي ڇڏي هلي ويئي. جڏهن جنرل هن کي ڳولڻ لاءِ ڪاسينو ويو، ته اُتي هن کي هڪ ورانڊي ۾ بندري شهزادي سان چڪر هڻندي ڏڍائين. اتي بلانشي ته ٺهيو پر سندس ماءُ مادام ڪامنگس به هن ڏانهن اک کڻي نه نهايرو. ايتير قدر جو شهزادي به کيس سلام جو جواب نه ڏنو. ماداموزيل بلانشي سڄو ڏينهن شهزادي کي مجبور ڪندي رهي ته هو کيس پنهنجو آخري فيصلو ٻڌائي. پر افسوس جو هن کي دوکو مليو. شام جو هن جي اوچن خيالن جو اوچ مح: ڌڙام ڪري اچي هيٺ ڪريو. شهزادي صاحب هن کي صاف صاف ٻڌايو ته هو هڪ مفلس شخص آهي ۽ پاڻ به رولٽ جي جوئا خاني ۾ قستم آزمائي ڪرڻ لاءِ مس صاحب کان قرض وٺڻ جو سوچي رهيو آهي. بلانشي مشتعل ٿي. هن کي ته دفع ڪيو ۽ پاڻ ڪمري کي تالو هڻي، وڃي هنڌ تي ڪري.

ان ئي صبح جو آءٌ ائسٽلي صاحب وٽ ويس. بلڪ ائين چئو ته هن کي ڳولڻ نڪتس. پر هو ڪٿي به نه مليو. هوٽل، پارڪ ۽ ڪاسينو، مطلب ته هر جڳهه ڳوليم. خبر پيئي ته هن هوٽل ۾ ماني به نه کاڌي آهي. چئين وڳي مهل هو اتفاق سان مون کي ملي ويو. هو اسٽيشن کان اينگلو هوٽل ڏانهن وڃي رهيو هو. هو تکو تکو پئي ويو. ائين پئي لڳو، ڄڻ ڪنهن گهريءَ سوچ ۾ ٻڏو هجي. حالانڪ منهن تي ڪنهن به قسم جو فڪر ۽ پريشانيءَ جا آثار ڪونه هئس. هن گرمجوشيءَ سان هٿ ملايو ۽ هميسه وانگي ’اچو اچو‘ چوندي، اڳيان وڌي ويو. آءٌ جلدي جلدي وک وڌائي وڃي پڳومانس. اڄ سندس رويو اهڙي قسم جو هو، جو مون کي ڪجهه پڇڻ جي همت نه ٿي ۽ هونئن به مون کي پالينا متعلق ڳالهه ڪندي بجا طور تي ججهڪ ٿيڻ کپندي هئي. مون وانگر هن به کڻي چپ ڪئي هئي. آخرڪار آءٌ ڏاڏيءَ جي باري ۾ ڳالهائڻ لڳس. هو اهي ڳالهيون غور سان ٻڌندو رهيو ۽ پنهنجي عادت کان مجبور ٿي ڪلها لوڏيندو رهيو.

”هوءَ پنهنجي سڄي دولت جوئا ۾ هارائي ڇڏيندي.“

” جڏهن آءٌ ڪاسينو مان ٻاهر پئي ايس، ته هوءَ کيڏڻ لاءِ اندر وڃي رهي هئي. پوءِ مون کي اها به خبر پيئي ته هوءَ پائي پائي هارائي چڪي آهي. جي مون کي ٿورو به وقت ملي ها، ته اها عجيب و غريب راند ضرور ڏسڻ وڃان ها.“

”اڄ اوهين هئا ڪٿي؟“ مون پڇيو. هي سوال ڪندي، مون کي حيرت پئي ٿي ته آخر، هر هر اهو سوال ڇو ڪري رهيو هوس.

”مان فرئنڪ فرٽ وي هوس.“

”ڪو ڪم هو، ڇا؟“

”ها، هڪ ضروري ڪم هو.“

آءٌ سوچڻ لڳس ته هاڻ ڇا چوانس! هن سان قدم قدم ۾ ملايو پئي هليس. اوچتو هو ڪواٽر سيزن هوٽل ڏانهن مڙيو ۽ مون سان هٿ ملائي هوٽل ۾ اندر هليو ويو. جيئن جيئن منهنجا پير پنهنجي هوٽل ڏي وڌندا ويا، اهو خيال پڪو ٿيندو ويم ته جي ٻه ڪلاڪ به ساڻس گفتگو ڪريان ها، ته به ڪجهه پڇي نه سگهان ها. پڇڻ لاءِ ته مون وٽ گهڻيون ئي ڳالهيون هيون، پر مون کي پڇڻ جو ڍنگ ئي نٿي آيو.

پالينا سڄو ڏينهن يا ته پارڪ ۾ ٻارن سان کيڏندي رهي،يا نرس سان گڏ گهمندي رهي. يا وري پنهنجي ڪمري ۾ بند ٿي پئي هئي. ڳچ وقت کان هن جنرل سان ڳالهائڻ ئي ڇڏي ڏنو هو. مورڳو هن کان پري پري رهندي هئي. خير اها ته پراڻي ڳالهه آهي. پر اڄ جيڪا حالت جنرل صاحب جي ٿي هئي، تنهن مان ائين ٿي لڳو ته پالينا کي پاڻ کان جدا نه ڪندو. بلڪ هاڻ هن کي هر معاملي ۾ پالينا جي مدد جي ضرورت پوندي. بهرحال جڏهن مان ائسٽلي صاحب سان ملاقات ڪري موٽي رهسو هوس، ته رستي ۾ ٻن منٽن لاءِ پالينا به ملي ويم- جا ان وقت ٻارن سان چهل قدمي ڪري رهي هئي. هن جي منهن تي سنجيدگي ڇانيل هئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ گهر ۾ آيل طوفان کان هوءَ اڪيلي ئي بچي نڪتي هئي. هن منهنجي سلام جو جواب ڏاڍيءَ سادگي سان ڏنو. آءٌ پنهنجي دل ۾ هن جي خلاف ساڙ ۽ حسد جا جذبات محسوس ڪندو واپس آيس.

مون ڄاڻي ٻجهي چاهيو ٿي ته هن سان ملان، هونئن به برمرهيم واري افسوسناڪ واقعي کان پوءِ اڃا تائين ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ملي نه سگهيو هوس. مون اهو رويو ڄاڻي ٻجهي اختيار ڪيو هو. بي شڪ ان ۾ ظاهرداري ۽ بناوت هئي، پر وقت سان گڏوگڏ منهنجي پريشاني ۽ غمگيني به وڌندي پئي وئي. جي هوءَ منهنجي پرواهه نٿي ڪري، ته نه سهي پر گهٽ ۾ گهٽ منهنجي جذبات کي ان طرح مجروح ته نه ڪرڻ کپيس ها! ۽ منهنجي ڳالهين کي ۽ منهنجي عشق جي اظهار کي اهڙيءَ طرح حقارت سان نه ڏسڻ کپيس ها. هن کي اها ڳالهه ڀلي ڀت معلوم هئي ته مون کي ساڻس عشق هو. هن منهنجي عشق کي مڃيو ۽ مون کي اهڙيون ڳالهيون به ڪرڻ ڏنائين- ان حد تائين جو مون کي ڪنهن به موقعي تي هڪ ڀيرو به رد نه ڏنائين. مون کي خبر آهي ته ان داستان جو آغاز ڏاڍي عجيب طريقي سان ٿيو. ٻه مهينا اڳ ئي مون کي ان حقيقت جو احساس ٿي چڪو هو، ته هوءَ مون کي پنهنجو دوست، پنهنجو ساٿي ۽ پنهنجو رازدار بنائڻ ٿي گهري ۽ ان لاءِ ئي هوءَ مون کي آزمائي رهي آهي ته جيئن کيس خبر پوي ته آءٌ آزمائش جي ڪسوٽيءَ تي پورو پورو لهان ٿو يا نه. پر شايد هن کي انهيءَ ۾ چڱي طرح ڪاميابي نه ٿي. انهيءَ ڳالهه مورڳو اسان جي تعلقات جي راهه ۾ ڪئين مونجهارا پيدا ڪري وڌا. جي اڃا تائين قائم آهن. مون انهن ئي عجيب و غريب تعلقات جي ڪري ته ايترو کلي ڳالهيون ٿي ڪيون. جو هن کي منهنجو عشق نه ٿي وڻيو، ته پوءِ آخر ان وقت ڇو نٿي روڪيائين، جنهن وقت آءٌ ڏاڍي جوش وچان پنهنجي بي پناهه عشق جو اظهار ڪندو ٿي رهيس.

هوءَ مون کي اهڙي وقت ڪڏهن به نه روڪيندي هئي ۽ جي ڪڏهن روڪنيدي هئي ته چرچن ۾. مون کي پڪ آهي ته بلڪ اهو منهنجو ايمان آهي ته هوءَ منهنجي ڳالهين کي ڏاڍي غور سان ٻڌڻ کان پوءِ مون کي سخت پريشانيءَ جي حالت ۾ پهچائي خوش ٿيندي هئي. هن کي منهنجي دل ٽوڙڻ ۾ ڏاڍي خوشي محسوس ٿيندي هئي. ان سان گڏ کيس اها به خبر هئي ته آءٌ کانئس ڌاران جيئرو نٿو رهي سگهان. جاگيردار برمرهيم جي واقعي کي گذرئي اڃا ٽي ڏينهن ٿيا هئا. پر مون کي هن جو وڇوڙو برداشت ڪونه ٿي ٿيو. اڃا هينئر جڏهن هوءَ مون کان ڪاسينو وٽ ملي، ته منهنجي دل زور زور سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي هئي ۽ منهنجو رنگ اڇو پڻئي جهڙو ٿي ويو هو. مون سوچيو، ”پر هوءَ به ته مون کان سواءِ جيئري رهي نٿي سگهي. هن کي به منهنجي ضرورت هئي، منهنجي به ته ڪا حيثيت هئي.“

انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه هو ته هن جي دل ۾ ڪو راز لڪل هو. ڏاڏيءَ سان هن جي گفتگو منهنجي دل تي تير جيان لڳي هئي. مان سوين هزارين ڀيرا هن کي التجا ڪري چڪو آهيان ۽ مجبور ڪري چڪو اهيانس ته هوءَ مون کان پنهنجو راز نه لڪائي، بلڪ مون کي ٻڌائي ته آخر ساڻس ڪهڙي ويڌن آهي. هوڏانهن کيس به خبر هئي ته آءٌ سندس هڪ اشاري تي جان قربان ڪري ٿو سگهان. پر هوءَ هميشه مون کي حقارت جي نظر سان ڏسندي رهي، يا جيڪڏهن زبان سان ڪجهه گهريائين به ته جان گهرڻ جي بجاءِ اهڙي حرڪت ڪرڻ لاءِ جيڪا وڃي ويچاري برمرهيم جاگيردار جي سر تي ڪڙڪي هئي.

ڇا ڪنهن جي جذبات کي مشتعل ڪري ڇڏڻ ڪافي نه آهي؟ ڳالهه اتي اچي بيٺي آهي ته هاڻ اهو فرينچ ۽ اهو ائسٽلي صاحب ئي وڃي هن جا بچيا آهن. هيءَ آخري ڳالهه جڏهن منهنجي ذهن ۾ ايندي آهي، ته سڄو معاملو هڪ عجيب گڙٻڙ ۾ پئجي ويندو آهي ۽ هر شيءِ منهنجي سمجهه کان ٻاهر ٿي ويندي آهي. اف منهنجا خدا! مون کي ڪهڙيون ڪهڙيون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون آهن! گهر ايندي ئي مون جوش ۾ اچي قلم کنيو ۽ پالينا ڏانهن هي مختصر چٺي لکيم:

”پالينا اليگزنڊ رونا! مون کي صاف نظر اچي رهيو آهي ته هاڻ گهڻي عرصي کان لڪل رازن تان پردو کڄڻ وارو آهي. جنهن جو اثر ضرور توتي به پوندو. آءٌ آخري ڀيرو پڇانءِ ٿو ته توکي منهنجي جان جي ضرورت آهي يا نه؟ جي آءٌ تنهنجي ڪنهن به ڪم اچي سگهان ته مون کان فائدو وٺ. تنهنجي جواب اچڻ تائين آءٌ پنهنجي ڪمري ۾ ئي آهيان ۽ بلڪل ٻاهر ڪونه وينديس. جي توکي منهنجي ضرورت آهي ته جواب لک يا مون کي گهراءِ.“

مون لفافو بند ڪيو ۽ هوٽل جي بيري کي ڏنم ته پالينا کي پهچائي. گڏوگڏ هيءَ هدايت به ڪئي مانس ته جي پالينا نه هجي، ته اها چٺي ٻئي ڪنهن کي نه ڏجئين، بلڪ واپس کڻي اچجانءِ. مون کي ڪنهن جواب جي اميد ڪانه هئي، پر بيري واپس اچي چيو ته هن اوهان کي سلام چيا آهن.

ڇهين بجي ڌاري جنرل صاحب مون کي گهرايو.

ان وقت هو پنهنجي پڙهڻ واري ڪمري ۾ هو. ائين ٿي لڳو. ڄڻ ٻاهر وڃڻ وارو هو. ٽوپي ۽ ڪوٽ ڪرسي تي پيا هئس. جڏهن آءٌ ڪمري ۾ اندر داخل ٿيس، ته هو ڪمري جي وچ ۾ بيٺو، پنهنجي منهن ڳالهائي رهيو هو. زبان سان گڏ سندس هٿ، پير ۽ مٿو به هلي رهيا هئا. مون کي ڏسندي ئي، هو اهڙيءَ طرح گهٻرائجي مون ڏي ڀڳو، جو مان ڊوڙي واپس وڃڻ لڳس. پر هن مون کي جهلي وڌو ۽ زبردستيءَ ڪوچ ڏي وٺي هليم. پاڻ ڪوچ تي ويهي رهيو ۽ مون کي ڀر ۾ آرام ڪرسيءَ تي ويهاريائين. اوچتو سندس چپ ڪبنڻ لڳا ۽ اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳيس- جيڪي ڳلن تان ڳڙڻ لڳس. منهنجي ڪنڌ تي هٿ رکي، ڏاڍي هيٺانهين وٺندي چيائين، ”اليگزي اوانو وچ! مون کي بچاءِ، خدارا، ان مصيبت مان بچائينم.“

مون کي هن جو مطلب ڪافي دير کان پوءِ سمجهه ۾ آيو. هو مسلسل ڳالهائي رهيو هو ۽ هر هر ’مون کي بچاءِ! مون کي بچاءِ!!‘ رٽي رهيو هو. انهن ڳالهين جو مطلب مون هي ڪڍيو هو ته شايد هو مون کان ڪا صلاح ٿو وٺڻ گهري، يا هينئن کڻي چئجي ته فڪرن ۽ پريشانين هن کي ايترو گهيريو هو، جو هاڻ کيس مون کان سواءِ ڪوبه نظر نٿي آيو. جنهن سال دل جو حال اوري دل جو بار هلڪو ڪري سگهي.

هو صفا بدحواس بلڪ چريو ٿي پيو هو. هو ڏاڍي ڏک سان ٻاڏائيندو رهيو، ”خدارا! مادموزيل بلانشي کي مڃاءِ! هن کي چئو ته مون سان شادي ڪري!“ هو منهنجي آڏو هٿ ٻڌڻ وارو هو ۽ مون ٿورو زور سان چيو، ”مادموزيل بلانشي منهنجو چيو ڇو وٺندي، آخر آءٌ هن کي ڪهڙي حيثيت سان چوان؟“

پر هو اهڙيون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونه هو. هو ته صفا واهي تباهي بڪي رهيو هو. هن ڏاڍي پريشانيءَ جي حالت ۾ ڏاڏي جي متعلق به ڳالهيون ڪيون. اڃا تائين هن جو خيال هي هو ته جي پوليس کي اطلاع ڪيو وڃي ته سڄو معاملو ٺيڪ ٿي سگهي ٿو.

اوچتو هو ڪاوڙ ۾ اچي چوڻ لڳو، ”هيڏي سٺي شهر ۾ جتي هيڏي سٺي حڪومت اهي، اهڙيءَ پوڙهيءَ کي حوالات ۾ نٿو بند ڪري سگهجي؟“ اهو چوندي هڪدم اٿيو ۽ ڪنهن خيالي ماڻهو سان ڳالهائيندي، چڪر هڻڻ لڳو، ”ها سائين! مان ٺيڪ ٿو چوان. مان ٺيڪ ٿو چوان، اهڙيءَ عورت کي ڪاريءَ ڪوٺيءَ ۾ بند ڪيو وڃي. ها ها، مان سچ ٿو چوان.“

هو ڊُڪندو، وري اچي ڪوچ تي ويٺو ۽ هڪ لمحي کان پوءِ آهون ڀريندي، مون کي چوڻ لڳو، ”هاڻ مادموزيل بلانشي ڪڏهن به مون سان شادي نه ڪندي. ڇو جو تار جي بجاءِ خود ڏاڏي اچي ويئي آهي. ظاهر آهي، هاڻ ورثي ۾ مون کي ڪجهه به نه ملندو.“ ائين ٿي لڳو ڄڻ هن جي خيال ۾ مون کي ان جي ڪابه خبر نه آهي. مون گريو جو ذڪر ڇيڙيو. هن ڪاوڙ ۾ اچي، هٿ الاريندي چيو، ”هو ڪميڻو هتان هليو ويو آهي. منهنجي هر شيءِ هن جي قبضي ۾ آهي. هن مون کي دوکو ڏنو. جيڪي پئسا تو آندا هئا الائي ڪيترا هئا. شايد ست سؤ فرانڪ هئا. هاڻ مون وٽ بس رڳو اُهي پئسا آهن. باقي سڀ ختم ٿي چڪو آهي. خبر ناهي ته قسمت ۾ ڇا لکيل آهي.“

”هوٽل جو بل ڪير ادا ڪندو ۽ ان کان پوءِ ڇا ٿيندو؟“ مون حيرانيءَ مان پڇيو.

هو مون کي ڏاڍيءَ حيرانيءَ سان تڪيندو رهيو. پر منهنجو خيال آهي ته هن منهنجي ڳالهه سمجهي ته ڇا، پر ٻڌي به ڪانه. مون پالينا ۽ ننڍن ٻارن لاءِ ڳالهائڻ چاهيو، پر هو جلدي چوڻ لڳو، ”ها، ها، ٺيڪ آهي.“ وري يڪدم زبان ترڪي ويس ۽ هو ٻيهر شهزادي جو ذڪر ڪرڻ لڳو. ”هاڻ بلانشي هُن ڪمبخت سان هلي ويندي. پوءِ ڇا ٿيندو؟ اليگزي اوانو وچ! پوءِ ڇا ٿيندو؟ خدا جو قسم ته مان ته صفا چريو ٿي چڪو آهيان. ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪريان، ڇا نه ڪريان. چڱو، تون ٻڌاءِ اها احسان فراموشي نه آهي؟ هوءَ منهنجي سڀني احسان کي وساري ويٺي آهي!“

پوءِ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو.

اهڙي بدنصيب شخص کي آئون ڇا ٿي چئي سگهيس. ان خيال کان ته ڪجهه ڪري نه ويهي، آئون هن کي اڪيلو به نٿي ڏسي سگهيس، پر گڏوگڏ هن کان ڇوٽڪارو حاصل ٿي ڪرڻ گهريم. تنهن ڪري نرس کي چيم ته هن جو خيال رکي ۽ ڪمري مان ڪيڏانهن به نه وڃي. ان سان گڏ هوٽل جي بيري کي به چيم ته، هو ڪو ڏاڍوشريف ماڻهو هو. هن جنرل صاحب جو خيال رکڻ جو واعدو ڪيو.

آءٌ اڃا پنهنجي ڪمري ۾ پهتس ته پوٽا پچ سڏڻ آيم. ان وقت رات جا اٺ لڳا هئا ۽ ڏاڏي پائي پائي هارائي، ڪاسينو مان واپس آئي. مجبوراً هن وٽ ويس. هوءَ هڪ بيمار وانگيان ٿڪجي ٽٽي، ڪرسيءَ تي پئي هئي. نوڪرياڻي هن کي چانهه جو مگ ڏيئي رهي هئي ۽ هن کي چانهه پيئڻ تي مجبور ڪري رهي هئي. ڏاڏيءَ جو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ سٺو نمونو بدلجي چڪو هو.

”اچ اليگزي اوانو وچ! معاف ڪجان. مون توکي هڪ ڀيرو وري تڪيلف ڏني. اميد آهي ته تون مون پوڙهي کي معاف ڪندي. ڳالهه هيءَ آهي ته مان تقريبن هڪ لک روبل هارائي ويٺي آهيان. تون اڄ مون سان گڏ نه هلئين. چڱو جو نه هلئين، نه ته توکي به تڪيلف ٿئي ها. هاڻ مون وٽ ٽڪو به ڪونهي ۽ مان هت هڪ منٽ به ترسڻ نٿي گهران. ساڍي نوين واري گاڏيءَ ۾ واپس پئي وڃان. مون تنهنجي انگريز دوست ڇا اٿس نالو- ها ايسٽلي ڏي ماڻهو موڪليو آهي ته هو مون کي هڪ هفتي لاءِ ٽي هزار فرانڪ اڌار ڏئي. هن کي مجبور ڪري پئسا هينئر ئي موڪل ۽ ڏس ڪٿي هو انڪار نه ڪري. اڃا به خدا جي فضل سان مون وٽ گهڻو ڪجهه آهي. ٽي سڄيون ديهون آهن. ٻه وڏا محل آهن. چڱي خاصي نقدي به اٿس. جا مان کڻي ڪانه آئي هيس. هينئر هن وٽ وڃ. ڪٿي هن جي دل ۾ مون لاءِ شڪ نه پيدا ٿين. ڏسڻ ۾ ته هو تمام چڱو ماڻهو ٿو اچي!“

آءٌ اڃا اتي ئي هوس ته ائسٽلي صاحب ڏاڏيءَ جو پيغام ملندي ئي اچي ويو ۽ بنا ڪنهن ججهڪ جي ٽي هزار فرانڪ ڳڻي ڏنائينس ۽ قرض نامي تي صحيح ڪرائي، اجازت گهري، واپس هليو ويو.

”چڱو اليگزي اوانو وچ! هاڻ تون ڀلي وڃ. گاڏيءَ ۾ اڃا هڪ ڪلاڪ پيو آهي. تيستائين مان ٿورو آرام ڪري وٺان. سڄو بدن ٽٽي رهيو آهي. مون کي چريءَ کان رنج نه ٿجانءِ. اڄ کان پوءِ ڪڏهن به نوجوانن کي جلد باز ۽ بدحواس ٿيڻ جو الزام نه ڏيندس ۽ يقين ڪجان ته هن بدنصيب جنرل کي به ڪجهه نه چونديس. جي چوان ته خدا اڳيان گنهگار ٿيان. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڏينديسانس هڪ پئسو به ڪونه. ان ڪري جو هو بيوقوف آهي. آءٌ ته هن کان به وڌيڪ بيوقوف آهيان. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته وڏي جيڪي چئي ويا آهن ته غرور جو ڪنڌ هميشه جهڪيل رهندو آهي، سچ آهي. خدا پوڙهپڻ ۾ به غرور جي سزا ڏيندو آهي. چڱو، خدا حافظ! الوداع! مائي تون اچ مون کي ٿورو اٿار.“

پوءِ به مون ڏاڏي کي اسٽيشن تي ڇڏڻ ٿي گهريو. مون کي ڊپ هو ته وري ڪا ٻي ڳالهه نه ٿي پوي. ان ڪري آرام سان ڪمري ۾ ويهي نه سگهيس، بلڪ ورانڊي ۾ چڪر هڻندو رهيس. اتان نڪري رستي تي آيس. پالينا ڏانهن منهنجو هي خط آخري هو. هيءَ مصيبت واقعي وڏي هئي. آءٌ هوٽل ۾ ٻڌي چڪو هوس ته گريو هليو ويو هو. جي هوءَ مون کي ٺڪرائي به ٿي، ته شايد نوڪر جي حيثيت سان نه ٺڪرائيندي. منهنجو وجود هن لاءِ ضروري هو. آءٌ هن لاءِ فائيدمند هوس. خواه منهنجي حيثيت هن لاءِ هڪ نوڪر جهڙي ڇو نه هجي! پر ائين هو ضرور.

اڃا گاڏي ڇٽڻ ۾ ڪجهه منٽ هئا. آءٌ ڊوڙندو اسٽيشن تي پهتس ۽ ڏاڏيءَ سان مليس، جا هڪ خاص گاڏي ۾ ويٺي هئي. چوڻ لڳي، ”ان بي لوث همدردي لاءِ مهرباني.“ جڏهن گاڏي هلڻ لڳي، ته چيائين، ”پراسڪويا کي چئجان ته ڪالهوڪي ڳالهه ياد رکي، مان هن جو انتظار ڪنديس.“ هن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا.

آءٌ هوٽل واپس آيس. جنرل صاحب جي ڪمري وٽان لنگهندي، پوڙهي نرس کان پڇيم ته جنرل صاحب جو ڪهڙو حال آهي، ته نراسائيءَ سان ٻڌايائين ته ٺيڪ آهي. جڏهن آءٌ ڪمري ۾ داخل ٿيس ته هو ڏسي حيران ٿي ويس ته جنرل صاحب ۽ بلانشي ٽهڪ ڏيئي کلي رهيا هئا! جنرل صاحب ڏاڍو خوش پئي نظر آيو ۽ بي ربط نموني سان ڀڻڪي رهيو هو ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي رهيو هو. ٽهڪ ڏيندي وقت منهن تي گهنج ٿي اڀري آيس... اصل اکيون به گم ٿي ويس. پوءِ بلانشي کان خبر پيم ته شهزادي کان جدا ٿيڻ کان پوءِ جڏهن خبر پيس ته جنرل هن لاءِ روئي پيو، ته رڳو تسليءَ خاطر هن وٽ هلي آئي هئي، نه ته جنرل ويچاري کي ڪهڙي خبر ته سندس قسمت جو فيصلو ٿي چڪو هو. هوءَ صبح جو پهرينءَ گاڏيءَ ۾ پئرس وڃي رهي هئي.

مون جنرل جي پڙهڻ جي ڪمري جي ڀر ۾ بيهي ارادو بدلايو ۽ موٽيس. هنن مون کي ڪونه ڏٺو هو. آءٌ واپس ڪمري ۾ آيس. آهستي دروازو کوليم. ان اونداهي ۾ دريءَ واري ڪرسيءَ تي ڪو ويٺو هو. جڏهن آهستي اندر داخل ٿيس، ته هو چريو پريو به ڪونه. تيزيءَ سان وڌي، ويجهو ويس ته هن کي ڏسي منهنجي دل ڄڻ ڌڙڪڻ وساري ڇڏيو- هوءَ پالينا هئا.

 

 

 

 

 

 

باب چوڏهون

 

مون کان بنهه رڙ نڪري ويئي.

”ڇا آهي، آخر ٿيو ڇا؟“ هن تعجب مان پڇيو. اداسيءَ کان هن جو رنگ هيڊو ٿي ويو هوس.

”تون مون کان ٿي پڇين، سو به منهنجي ڪمري ۾؟“

”منهنجو طريقو اهو ئي آهي. جي اچڻو هوندو اٿم ته هلي ايندي آهيان. توکي سڀ خبر پئي ويندي. ٿوري بتي ٻار.“

مون بتي ٻاري، هوءَ اٿي اچي ميز تي بيٺي ۽ هڪ کليل چٺي منهنجي هٿ ۾ ڏنائين.

”هن کي پڙهه“ هن حڪم ڪندي چيو.

”هيءَ ته گريو جو لکيل آهي.“ مون ڇٺي وٺندي چيو. منهنجا هٿ ڪنبڻ لڳا ۽ سٽون منهنجي آڏو نچڻ لڳيون، مون کي هن چٺي جا صحيح اکر ياد ڪونهن، لکيل مڙيئي هيئن هو:

مادموزيل سلام!

جيئن اوهان کي خبر آهي، ڪن خاص حالتن ۽ مجبورين جي ڪري مان هتان وڃي رهيو آهيان. مڪمل صورتحال کي اوهان جي سامهون صاف صاف بيان ڪرڻ لاءِ مان اڄ تائين اوهان سان ملي نه سگهيس. بلڪ هينئن ئي سمجهو ته مون ڄاڻي واڻي هن جي ڪوشش نه ڪئي. اوهان جي پوڙهي مائٽياڻيءَ جي اچڻ ۽ هن جي جاهلانه رويي منهنجي سڀني شڪن کي ختم ڪري ڇڏيو. منهنجا ذاتي حالات ايترا خراب آهن، جو مان وڌيڪ خوش گوار حالات جي ڪا اميد رکي نٿو سگهان، جيڪي ڪجهه وقت کان دل ۾ ساڍيندو ٿي آيس. مون کي ماضيءَ جو افسوس آهي. خير، جو گذريو سو ڇٽو. پر منهنجي متعلق ايتري خبر ته اوهان کي پئجي هوندي ته منهنجو رويو هميشه هڪ شريف ۽ ايماندار ماڻهوءَ جهڙو رهيو آهي. مان پنهنجي سڄي دولت اوهان جي ويڳي پيءُ کي قرض ۾ ڏيئي چڪو آهيان ۽ هاڻ وڌيڪ رقم برباد ڪرڻ نٿو گهران. بلڪ جيڪي ڪجهه بچيو آهي، تنهن مان وڌ ۾ وڌ فائدي وٺڻ تي مجبور آهيان. مون پيٽرز برگ ۾ پنهنجي هڪ دوست کي خط لکيو آهي ته هو مون وٽ جنرل جي گروي رکيل ملڪيت جي وڪري جو يڪدم ڪو انتظار ڪري. اهو ٻڌي ته اوهان جي نادان ويڳي پيءُ اوهان جي پنهنجي ذاتي ملڪيت به برباد ڪري ڇڏي آهي، مون ارادو ڪيو آهي ته هن کي پنجاهه هزار فرانڪ ڇوٽ ڏيئي ڇڏيان. ان رقم جي ماليت جيتري ملڪيت آءٌ هن کي واپس ڪري رهيو آهيان. ان طرح اوهان جيڪا رقم قانوني طرح هن کان وٺڻ جو حق رکو ٿيون، اها اوهان کي ملي ويندي. مادموزيل، اميد آهي ته موجوده صورتحال ۾ منهنجي ڪارگذاري اوهان لاءِ نفع بخش ثابت ٿيندي. مون کي هيءَ به اميد آهي ته مان ان ڪارگذاري سان هڪ انسان، هڪ شريف انسان واري فرض ادائيءَ جي تڪميل ڪري رهيو آهيان. يقين رکو اوهان جي ياد هميشه هميشه لاءِ نقش ٿيل آهي.

”هنه! اها ته بلڪل صاف ڳالهه آهي.“ مون پالينا ڏانهن ڏسندي چيو. ”ان کان به وڌيڪ ته توکي ٻي ڪا اميد نٿي ٿي سگهي.“ منهنجي لهجي مان ڪاوڙ ظاهر ٿي رهي هئي.

پالينا ڪنڀندڙ آواز ۾ چيو، ”مون کي وڌيڪ ڪا به اميد ڪانهي. مان هن کان ڪجهه وٺڻ به نٿي گهريو. حالانڪ مان گهڻي عرصي کان سمجهي چڪي هيس ته هو ضرور ائين ڪندو. مون هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ورتو هو ۽ جيڪي ڪجهه هو سوچي رهيو هو، تنهن جي به مون کي خبر هئي. هن جو خيال هو ته مان خود هن جي پٺيان پوڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان. مان خود هن کي چوان ته.....“ (هو پنهنجو جملو پورو نه ڪري سگهي ۽ چپن کي ڏندن سان ڪٽڻ لڳي. پوءِ صفا چپ ٿي وئي.) وري اوچتو پاڻ مرادو ڳالهائڻ شروع ڪيائين، ”مون ڄاڻي واڻي هن سان پنهنجي حقارت ۽ نفرت وڌائي هئي. مون رڳو هي ٿي ڄاڻڻ چاهيو ته آخر هن جو ارادو ڇا آهي ۽ هو مون کان ڇا ٿو گهري. جي ورثي جي متعلق اها تار آئي هجي ها، جنهن جو اسان کي انتظار هو، ته هن جا سڀ پئسا هن جي ٻوٿ تي ڦهڪائي ڪڍان ها ۽ چوانس ها ته وڃ پنهنجو رستو وٺ. مان هميشه هن سان نفرت ڪندي رهي آهيان پر پهرين هو اهڙو نه هو. توکي ٻڌايان ٿي ته هو مختلف هو. پر هاڻي- هاڻي جي مون وٽ پنجاهه هزار فرانڪ هجن ها، ته پهرين هن جي منهن تي ٿڪ هڻان ها ۽ پوءِ اهي سندس منحوس منهن تي کڻي ٺڪاءُ ڪريان ها.“

”پر پنجاهه هزار فرانڪ جو دستاويز ته جنرل صاحب وٽ آهي. اهو وٺي هن کي واپس ڪر.“

”اها ڳالهه ڪانهي، اها ڳالهه ڪانهي، ايئن اها ڳالهه نه ٿيندي!“

”ها، بيشڪ اها ڳالهه نه ٿيندي. برابر اها ساڳي ڳالهه نه ٿيندي! ٻئي ڪندي جنرل صاحب وٽ هاڻي بچيو به ڇا آهي؟ ۽ هوءَ ڏاڏي؟“ مون چيو.

پالينا عجيب انداز ۾ مون کي تڪڻ لڳي، ”ڇا چيئي؟ ڏاڏي! مان هن کان ڪڏهن به نه گهرنديس. مان ڪنهن جي آڏو هٿ ٽنگڻ نٿي گهران.“ هن پريشاني وچان چيو.

”پوءِ آخر ڇا ڪجي؟ تو کي هن ذليل بدمعاش گريو سان آخر محبت ڪيئن ٿي؟ جي چوين ته آءٌ وڃي هن جو خون ڪري اچان! هو هاڻي ڪٿي آهي؟“

”هو فرئنڪفرٽ ۾ آهي ۽ اتي ٽي ڏينهن رهندو.“

”جي ٿورو به اشارو ڪرين ته آءٌ صبح جو پهرين ئي گاڏيءَ ۾ هوڏانهن هليو وڃان!“ مون ڏاڍي جذباتي انداز ۾ چيو.

”۽ جي هو چوي ته ميان، پهرين منهنجا پنجاهه هزار فرانڪ ته ڏي! ته پوءِ تون ڇا ڪندين؟ ٻيو هن سان ڇا لاءِ وڙهندين؟ نه نه! اها سراسر چرائپ ٿيندي.“

”پوءِ پنجاهه هزار فرانڪ ڪٿان آڻيون؟“ آءٌ ڏند پيهڻ لڳس، ڄڻ هينئر زمين ڦاٽي پوندي ۽ ان ۾ پنجاهه هزار پيا هوندا ۽ آءٌ رڳو اهي هٿ وجهي کڻي وٺندس. اوچتو هڪڙو خيال منهجي ذهن ۾ پيدا ٿيو، جو مون صلاح طور پالينا کي ٻڌايو، ”۽ جي ائسٽلي صاحب کان گهرون ته ڪهڙو حرج آهي؟“

هن جون اکيون ڦاٽي ويون.

”يعني تون پاڻ ٿو چاهين ته مان هن انگريز کان خيرات گهرڻ وڃان.“ هن منهنجي منهن ۾ معنيٰ خيز نگاهن سان ڏسندي، طنزيه مرڪ سان چيو. هن زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مون کي سڌو تون چئي مخاطب ڪيو هو.

هوءَ جوش کان چڪرائجي وئي هئي. يڪدم ڪوچ تي ائين ڪري پئي، ڄڻ ڏاڍي ٿڪجي پئي هجي.

مون کي ائين لڳو ڄڻ ته منهنجي ڄڻ منهنجي رڳ رڳ ۾ بجلي ڊوڙي وئي. آءٌ هڪ هنڌ ڄمي ويس. مون کي پنهنجي اکين ۽ ڪنن تي اعتبار ئي نٿي آيو. ته ڇا هوءَ واقعي مون سان محبت ٿي ڪري. هوءَ ائسٽلي صاحب وٽ وڃڻ جي بجاءِ مون ڪنگال وٽ هلي آئي هئي.

هڪ جوان ۽ سهڻي ڇوڪري جو منهنجي ڪمري ۾ هيئن اڪيلو هليو اچڻ، سو به اهڙي اعتماد سان! هن جي اچڻ خود سندس ڳالهه صاف طرح ظاهر ڪئي هئي- پر آءٌ- آءٌ هن جي سامهون بيٺو هوس ۽ ڪابه ڳالهه اڃا تائين نه سمجهي سگهيو هوس.

اوچتو هڪ جنوني خيال منهجي ذهن تي اڀري آيو. ”پالينا! مون کي صرف هڪ ڪلاڪ جي هلت ڏي. رڳو هڪ ڪلاڪ..... مان اجهو هينئر ٿو واپس اچان. تون خود پنهنجين اکين سان ڏسندينءَ. تون هتي ئي ويهه. ڪيڏانهن وڃجان نه.... آءٌ اجهو ٿو اچان. بس اجهو!“

آءٌ هن جي سواليا نگاهن جو جواب ڏيڻ بجاءِ تيزيءَ سان ڪمري مان نڪتس. هوءَ مون کي سڏ ڪندي رهي. پر آءٌ واپس ٿي وارن مان نه هئس.

ڪڏهن ڪڏهن ڪو جنون ۽ ناممڪن خيال اسان کي اهڙيطرح اچي ورائيندو آهي، جو هو ان کي بلڪل اصلي ۽ حقيقت سمجهندو آهي ۽ جي اهو خيال ڪنهن زبردست خواهش جي ڪري پيدا ٿيو هجي، ته پوءِ ان کي بلڪل اٽل سمجهندو آهي. ڄڻ روز اول کان ئي اهو ئي قسمت ۾ لکيل هو. بلڪ ان خيال ۾ ڪي ٻيون ڳالهيون به لڪل هونديون آهن. آئينده جي واقعن جي اڳواٽ خبر پوڻ. اردي جي غير معمولي قوت. پنهنجي ئي تصور رستي پاڻ تي ٻڌي رکڻ ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا، جنهن کي خبر مون کي به ڪانهي، پر ان شام (جنهن کي آءٌ مرڻ گهڙي تائين نه وسارائيندس) مون کان هڪ معجزو ٿي ويو. حالانڪ اهو رياضيات جي اصولن جي بلڪل مطابق آهي. پر منهنجي لاءِ اڄ تائين اهو آسماني معجزو آهي. سوال رڳو ايترو آهي ته اهڙي پڪ اڳواٽ منهنجي ذهن ۾ پيدا ڪيئن ٿي؟ ڇو منهنجي ذهن ۾ انهيءَ ارادي ۽ انهيءَ حقيقت جي پاڙ ايتري مضبوط کپي وئي هئي؟ مون اول ئي يقين ڪري ورتو هو- اها ڳالهه مان وري ڪري رهيو آهيان- مون اول ئي يقين ڪري ورتو هو ته ضرور ائين ٿيندو. هر صورت ۾ ٿيندو ۽ ان جي نه ٿيڻ جو ڪو سوال ئي ڪونه ٿو ٿئي- هڪ اهڙي مقدر جي ڳالهه وانگر جنهن جو ٿيڻ لازمي ۽ اٽل هو.

سوا ڏهين بجي دل ۾ ڏاڍيون اميدون ۽ تمنائون کڻي، ڏاڍي خود اعتماديءَ ۽ جوش سان آءٌ ڪاسينو ۾ ويس.

اڃا اُتي گهڻا ئي جوئا کيڏي رهيا هئا. البت صبح جي نسبت هن جو تعداد تمام گهٽ هو. جوئا خانن ۾ ڏهن ۽ يارهن جي وچ ۾ به ڏاڍا جهونا ۽ هوشيار جوئاري موجود هوندا آهن، جن جي لاءِ اهڙن گرم چشمن وارين جڳهين تي رولٽ کان سواءِ ڪا واندر ئي ڪانهي. هو هتي رڳو رولٽ جي جوئا لاءِ ايندا آهن. سڄي موسم ۾ هو جوئا کان سواءِ ڪنهن به ٻي شيءِ ۾ دلچسپي ڪونه وٺندا آهن، بلڪ صبح کان شام تائين جوئا کيڏندا رهندا آهن ۽ جي ممڪن هجي، ته جيڪر سڄي رات بازين ۽ چالن جي چڪر ۾ گذاري ڇڏين. جڏهن يارهين بجي جوئا خانو بند ڪندا آهن ته هو ڏاڍيءَ بيزاريءَ سان ٻاهر نڪرندا آهن. ڄڻ دل نٿي گهرين، پر مجبور آهن ۽ جڏهن اڌ رات گذرئي وڏو خزانچي وڏي سڏ ’هيءَ آخري بازي آهي.‘ چوندو آهي ته هو سڀ پنهنجي کيسن ۾ پيل سموري رقم هڪ ئي وقت ٽن نشانن تي هڻي ڇڏيندا آهن ۽ عام طرح هميشه هارائيندا آهن. آءٌ ان جڳهه تي وڃي ويٺس، جتي ڏينهن جو ڏاڏي ويٺي هئي. ميڙ گهڻو ڪونه هو. تنهنڪري مون کي جڳهه حاصل ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف ڪانه ٿي. منهنجي سامهون ئي سائي رنگ جي ڪپڙن تي لکيل اڇو اکر ’ٻولي‘ موجود رکيو هو. ’ٻولي‘ اڻويهن کان ڇٽيهنتائين انگن جو هڪ سلسلو آهي. جنهن تي داءُ هنيو ويندو آهي.

هڪ کان ارڙهن تائين جي انگن جو سلسلو ’شدني‘ سڏايئندو آهي. پر هن وقت آءٌ شدني يا ٻوليءَ جي چڪر ۾ نه هوس.ڳڻپ ته ٺهيو، پر آءٌ هي به نه ٻڌي سگهيس ته کٽڻ جو آخري انگ ڪهڙو هو؟ ۽ ان جوئاري وانگر، جنهن ۾ ذرو به خو داريءَ جو مادو هوندو آهي، مون ڪنهن کان پڇيو ئي ڪونه، مون کيسي مان پنهنجي ڪل ملڪيت، يعني ويهه فيڊرڪ ڪڍيا ۽ يڪدم ’ٻولي‘ تي هنيا، جو ان وقت منهنجي بلڪل سامهون هو.

”بهترين بازي، سائين!“ خزانچيءَ چيو.

آءٌ کٽي ويس. مون ٻيهر سڄي رقم بازيءَ ۾ هنئي.

”واهه واهه!“ خزانچيءَ چيو.

هن ڀيري به مون کٽيو. هاڻ مون وٽ اسي فيڊرڪ ٿي ويا. مون سڀ وچ وارن ٻارهن انگن تي هنيا. چڪرو ڦرڻ لڳو ۽ اوچتو چوويهن جي انگ تي بيهي رهيو. خزانچيءَ مون کي پنجاهه پنجاهه فيڊرڪ جي نوٽن جا ٽي بنڊل ۽ ڏهه سونا سڪا ڏنا. هاڻ مون وٽ ڪل ٻه سؤ فيڊرڪ هئا.

آءٌ عجيب ويچار ۾ پئجي ويس ته هاڻ ڇا ڪريان. مون يڪدم سڄي رقم ڳاڙهي نشان تي هنئي ۽ سوچن لڳس ته ٺيڪ ٿيندو، منهنجا هٿ پير ۽ سڄو جسم ڪنبي رهيو هو ۽ جسم ۾ اندر به هلڪا هلڪا جذبات رڦي رهيا هئا- آخرڪار جڏهن ڪجهه پاڻ سنڀاليم. ته احساس ٿيم ته هاڻ مون کي پسئن جي بازي هارائڻ ۾ ڪهڙو ڊپ، جڏهن ته مون جان جي بازي هڻي ڇڏي آهي.

”ڳارهو!“ خزانچيءَ چيو.

مون آهستي ٿڌو ساهه ڀريو. منهنجي جسم ۾ اندر ۽ ٻاهر خوشيءَ جون هلڪيون هلڪيون سيون چڀي رهيون هيون. هو مون کي بيتاب ڪري رهيون هيون. خزانچيءَ چار هزار فلورن ۽ اسي فيڊرڪ بئنڪ جي نوٽن جي شڪل ۾ ڏنا. پر عادت مطابق مون ان جي به ڳڻب ڪانه ڪئي.

ان کان پوءِ جيستائين مون کي ياد آهي، مون ٻه هزار فلورن وچ وارن ٻارنهن انگن تي هنيا ۽ هارايم. مون کي سخت ڪاوڙ لڳي. وري اسي فيڊرڪ بازي هنيم. اها به هارايم. باقي ٻه هزار فلورن ڪاوڙ ۾ يڪا هنيم. ان وقت منهنجي دل ۾ اهڙو احساس ضرور موجود هو. جو شايد مادام بلانڪرڊ پيرس ۾ خودڪشيءَ خاطر مينار تان ٽپ ڏيدني وقت محسوس ڪيو هوندو.

”واهه سائين!“ خزانچيءَ چيو.

هيءَ بازي کٽڻ تي مون وٽ ڇهه هزار فلورن ٿي ويا. آءٌ پهرين ئي ڏاڍو خوش هوس. مون کي ڪنهن شيءِ جو ڊپ ڪونه هو. ڊڄڻ جي ضرورت به ڪهڙي هئي؟ مون چئن هزارن جا چار هزار فلورن ڪار نشان تي هنيا. ڏسندي ڏسندي نون ٻين ماڻهن به ڪارن نشانن تي داءُ هنيو. خزانچي هڪ ٻئي کي معنيٰ خيز نگاهن سان گهورڻ لڳا ۽ سس ڦس ڪرڻ لڳا. سڀ تماشائي حيرت سان پاڻ ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري رهيا هئا.

ڪارو نشان منهنجي حق ۾ نڪري آيو. ان کان پوءِ مون ڪيتريون بازيون کٽيون ۽ مون هر بازيءَ ۾ ڪيترا پئسا لڳايا. اهو مون کي ياد ڪونهي. رڳو ايترو ياد اٿم ته ان وقت خواب جهڙي حالت ۾ هوس. ان حالت ۾ مون غالباً سورنهن هزار کٽيا. اوچتو ئي منحوس بازيون انهن مان ٻارهن هزار فرانڪ واپس وٺي ويون. پوءِ مون ڪاوڙ ۾ اچي باقي چار هزار ’ٻولي‘ تي هنيا ۽ پاڻ هڪ بيجان مشين جيان بيٺو رهيس. هن ڀيري مون کٽيو. ان کان پوءِ مسلسل چار بازيون منهنجي حق ۾ نڪتيون. مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته آءٌ پئسن ۽ نوٽن سان مٺيون ۽ کيسا ڀري رهيو هوس. مون کي هي به ياد آهي ته وچ وارا ٻارنهن انگ منهنجي حق ۾ ڏاڍا سٺا نڪتا ۽ ان لاءِ هر ڀيري انهن تي ٿي داءَ هنيم. ڏاڍيءَ باقاعدگيءَ سان اهي انگ ٽي چار ڀيرا نڪتا. اهڙي حيران ڪندڙ باقاعدگي عام طرح رنگين نشانن تي ٿيندي آهي ۽ اها

عام طرح رنگين نشانن تي ٿيندي آهي ۽ اها باقاعدگي ناتجربيڪار ۽ ڪچن جوارين جا ڍڍر ڍرا ڪري ڇڏيندي آهي، جيڪي هڪ هڪ ڳالهه ڪاغذ تي لکڻ ۽ هار جيت جو اندازو ڪرڻ ۾ رڌل هوندا آهن ۽ واقعي اهڙن موقعن تي قست جون لهورايون ۽ اوڀاريون اڪثر خطرناڪ صورت اختيار ڪنديون آهن.

جوئا خاني ۾ ائي اڃا مون کي اڌ ڪلاڪ به نه ٿيو هو ته اوچت خزانچيءَ اطلاع ڏنو، ته آءٌ ٽيهه هزار فلورن کٽي چڪو آهيان ۽ ڇو جو بئنڪ ايترا پئسا هڪ ئي وقت ڏيئي نٿي سگهي، ان ڪري رولٽ جي جوئا صبح تائين بند رهندي. مون پنهنجي سامهون پيل نوٽ ۽ سڪا کنيا. ڳوٿري ٻڌم ۽ ٻئي ڪمري ۾ هليو وس، جتي رولٽ جي جوئا جي ٻي ميز موجود هئي. سڀ ماڻهو منهنجي پٺيان پٺيان اچڻ لڳا. اتي ويندي ئي منهنجي لاءِ جاءِ خالي ڪئي ويئي. مون ڪرسيءَ تي ويهدني، اڳي جيان بنا سوچي سمجهي ڏاڍي لاپرواهيءَ سان بازي هنئي- خدا کي خبر، مون کي ڪهڙي شيءِ بچائي رهي هئي.

البت ڪڏهن ڪڏهن خودداريءَ جي هڪ جهلڪ، هوش منديءَ جو هڪ ڪرڻو مون کي نظر آيو ٿي. پهرين پهرين ته مون خاص خاص انگن ۽ نشانن تي ٻئي داءَ هنيا، پر پوءِ ائين ئي توڪل تي ڪم ڪرڻ لڳيس. ان وقت آءٌ بلڪل خالي الذهن هوس. مون کي ياد آهي ته گهڻائي ڀيرا خزانچيءَ منهنجون چڪون جهليون. منهنجون لوندڙيون پگهر سان ڀرجي ويون هيون ۽ هٿ ڏڪي رهي هئم. منهنجي اهڙي حالت ڏسي گهڻن ئي پولستانين پنهنجو مخلصانه خدمتون پيش ڪيون. پر مون ڪنهن ڏانهن اک کڻي به نٿي ڏٺو. مون کي خبر هئي ته منهنجي تقدير کي دنيا جي ڪابه طاقت زير ڪري نٿي سگهي. اوچتو ماڻهو ٽهڪ ڏيڻ ۽ زور زور سان تاڙيون وڃائڻ لڳا. مون هتان پڻ ٽيهه هزار فلورن ميڙي کنيا. هي بئنڪ به سڀاڻي صبح تائين بند ٿي چڪي هئي.

”هاڻ هليا وڃو، اوهين هتان هليا وڃو!“ ڪنهن منهنجي ڪن ۾ آهستي چيو. هيءُ فرئينڪفرٽ جو يهودي هو. راند هلندي منهنجي ڀرسان بيٺو هو ۽ گهڻا ئي ڀيرا منهنجي مدد ڪئي هئائين.

’خدارا هليا وڃو.‘ ڪنهن وري آهستي منهنجي ساڄي ڪن ۾ چيو.

هيءَ ٽيهن ٻٽيهن سالن جي هڪ خاتون هئي، زرق برق لباس ۾ مبلوس. چهري تي حالانڪ هيڊاڻ ۽ اداسي ڇانيل هيس، پر کنڊر ٻڌائي رهيا هئا ته عمارت عظيم هئي. پنهنجي جوانيءَ ۾ ته ڏاڍي سهڻي هوندي. آءٌ نوٽ مروڙي سروڙي کيسي ۾ وجهي رهيو هوس ۽ سونا سڪا گڏ ڪري رهيو هوس. آخري ٿهي کڻي ان عورت کي ڏيئي ڇڏي. در اصل ان وقت منهنجي دل ۾ پسئن ڏيڻ جي زبردست خواهش هئي. مون کي ياد آهي ته هن جي ڊگهين هيڊين آڱرين منهنجي هٿ کي شڪريي جي طور تي آهستي زور ڏنو. هي سڀ ڪجهه هڪ ئي لمحي ۾ ٿي ويو.

پنهنجي کٽيل رقم کڻي مان ان ڪمري ۾ هليو ويس، جتي شڙط هڻي کيڏن واري ميز رکي هئي ان جو نالو ’شرطيه ميز‘ پئجي ويو هو.

شرطه ميز تي هميشه رئيس جوئا کيڏندا آهن. رولٽ جي جوئا جي خلاف هن ۾ پتڻ تي تازي هنئي ويندي آهي. هتي بئنڪ هڪ ئي وقت ۾ هڪ لک فلورن تائين ادا ڪري سگهي ٿي. هونئن رولٽ وانگر هتي به هڪ بازيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ چار هزار فلورن هڻي سگهبا آهن. مون کي هيءَ راند کيڏڻ جي خبر اصل ڪان هئي. ٻيو ته ٺيهو، پر مون کي شرط هڻڻ به نٿي آئي. رڳو اها خر هيم ته هتي به ڳاڙهن ۽ ڪارن نشانن تي داءُ هڻبو آهي. ان ڪري مون هڪ ئي وقت ڪاري ۽ ڳاڙهي نشان تي بازي هنئي ۽ آخر تائين ائين ئي کيڏندو رهيس. هجوم ايڏو هو ڄڻ سڄو ڪاسينو هتي مڙي آيو هو. قسم وٺو جي هڪ ڀيرو به کيڏڻ جي وچ ۾ مون کي پالينا ياد آئي هجي. ڪرڇن سان نوٽن جون ٿهون ۽ سڪان ميڙيندي مون کي جا خوشي ٿي رهي هئي، سا بيان کان ٻاهر آهي. منهنجي پئسن جا ڍڳ جيئن پوءِ تيئن وڌندا ٿي رهيا.

مون کي ائين پئي لڳو ڄڻ قدرت خود مون کي کيڏڻ تي مجبور ڪري رهي هجي. قسمت جي ڳالهه آهي ته هن ڀيري به مون کي هڪ خوشگوار موقعو پيش آيو، جو عام طرح جوئا ۾ ٿيندو آهي. مثلا ڳاڙهو نشان ڏهه ڏهه بلڪ پنڌرنهن ڀيرا متواتر نڪرندو آهي. مون ٽيون ڏينهن ئي ٻڌو هو ته هڪ ڏينهن ڳاڙها نشان ٻاويهه ٻاويهه ڀيرا پئي نڪتو. اها هڪ اهڙي ڳالهه اهي، جا رولٽ جي جوئا ۾ اڻ ٿيڻي سمجهي ويندي آهي ۽ جي هتي ڪو نشان متواتر نڪرندو آهي ته ماڻهو اڻ ٿيڻا خيال ڪندا آهن ۽ ان تي گرما گرم بحث ڪندا آهن. جي ڳاڙهو نشان ڏهه ٻارنهن ڀيرا لاڳيتو نڪري، ته ظاهر آهي ڪو به شخص ان نمبر تي بازي هڻڻ جي هام نه ڀريندو. پر اها به ڳالهه آهي ته اهڙي حالت ۾ تجربيڪار جوئاري ڪاري نشان تي به بازي نه هڻندو. پراڻو ۽ پڪو جوئاري اتفاق جي انهن ڳالهين کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو. جڏهن ڳارهو نشان متواتر سورنهن ڀيرا نڪري چڪو آهي. ته ان جو مطلب اهو ئي هوندو ته هاڻ قسمت جو داءُ ڪاري نشان تي اڇلايو وڇي. ڪچا رانديگر عموماً اهو ئي اندازو ڪندا آهن. ان ڪري ڀيري ڀيري سان پنهنجين بازين کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري هڻندا آهن ۽ هارائيندا آهن.

جڏهن مون ٻڌو ته ڳاڙهو نشان يڪو ست ڀيرا نڪتو آهي، ته مان بلڪل ڪونه گهٻرايس، بلڪ ڏاڍيءَ بي خوفيءَ سان ان ئي نشان تي داءُ هنيم. آءٌ يقين سان چئي سگهان ٿو ته ان جو وڏو سبب منهنجو غرور ۽ خودداري هئي. پر شايد ان کان وڌيڪ سبب کٽڻ جي شديد خواهش هئي. در حقيقت مون چاهيو ٿي ته هارائڻ جو هي احمقاڻو خطرو مٿي تي کڻي به انهن سڀني تماشائين تي ڇانئجي وڃان. هنن کي پننهجي انفراديت سان متاثر ڪريان. دل ۾ اهڙا اهڙا خيال ۽ ذهن ۾ اهڙا اهڙا اضطراب هڪ ٻئي جذبي جي خواهش، هڪ ٻئي خيال جي تمنا. وري گهڻي بي چيني- گهڻو اضطراب- ايترو جو منهنجو روح ٿڪجي چور ٿي پيو. آءٌ سچ ٿو چوان ته جي پنجاهه هزار فلورن جي بازي هڻڻي هجي ها، ته آءٌ يڪي پنجاهه هزارن جي بازي هڻان ها. ماڻهو رڙيون ڪري چئي رهيا هئا، ”اها چريائي آهي. سراسر حمقات آهي. ڳاڙهو نشان ته پهرين ئي چوڏنهن ڀيرا نڪري چڪو آهي!“

”هي ته ڪو جن ٿو لڳي!“ مون هڪ شخص جو آواز ٻڌو، جو ٻئي کي چئي رهيو هو. الائي ڇو، آءٌ پنهنجي لاءِ سوچڻ لڳس ته ڇا واقعي هڪ لک فلورن کٽي چڪو آهيان! ۽ هاڻ وڌي رقم کي ڇا ڪندس؟ مون نوٽن جون ٿهيون ۽ پئسا ڇڪي کيسن ۾ وڌا ۽ کوٿري ڌار ٻڌي کنيم. ٻاهر ايندي وقت مون ڏٺو ته هر ڪو منهنجي پسئن سان ڀريل کيسن کي لالچ ڀريل نگاهن سان ڏسي رهيو هو ۽ زر لب مسڪرائي رهيو هو. رستي ۾ آءٌ خود سڪن جي بار کان تڙيس پئي. منهنجي خيال ۾ اهو بار ڏهن سيرن کان گهڻو هو. گهڻا ئي هٿ مون ڏي وڌيا، جن کي مون خالي وڃن نه ڏنو. بلڪ هر هڪ کي مٺيو ڀري پئي ڏنم. ٻه يهودي وڏي دروازي جي ٻاهران بيٺا هئا.

”اوهين ڏاڍا بهادر آهيو. وااقعي ڏاڍا همت وارا آهيو. پر اسان جي هڪ ڳالهه يار دکو، سڀاڻي هتي بلڪل نه اچجو، نه ته سڀ هارائي ويندؤ.“

مون هنن جي ڳالهين تي اصل ڌيان نه ڏنو. رستي ۾ ايتي ته اوندهه هئي، جو پنهنجو هٿ به ڏسي نه ٿي سگهيس. هوٽل اڌ ميل کن پري هئي. چورن ۽ ڌاڙيلن کان ته مون کي ڊپ ئي ڪونه لڳندو هو. سو هاڻي ڇا لڳندو. مون کي ياد ڪونهي ته ان وقت آءٌ ڇا سوچي ريهو هوس. در حقيقت آءٌ ڪجهه به ڪونه سوچي رهيو هوس. آءٌ ته رڳو مسرت، خوشي، ڪاميابي، طاقت مطابق ته ڇا چوان، ڪهڙيءَ طرح بيان ڪريان! نه معلوم ڪهڙيءَ شيءِ جي نشي ۾ مست هوس. رڳو پالينا جو تصور منهنجي ذهن ۾ هلي رهيو هو. وسيل يادگيريون هڪ هڪ ٿي بياددر ٿي رهيون هيون. مون کي شعوري طور تي خت هئي ته ڪيڏانهن پيو وڃان ۽ ٿورن لمحن ۾ هن وٽ هوندس. هن کي ٻڌائيندس. هن کي ڏيکاريندس ته............. پر اهي سڀ ڳالهيون وسري ويم، جي ٿوري دير پهرين هن مون سان ڪيون هيون. آخر آءٌ ڇو نڪتو هوس؟ اهي سڀ جذبات ۽ احساسات جي مون ڏيڍ ڪلاڪ پهرين محسوس ڪيا هئا، ائين ٿي لڳو ڄڻ ماضيءَ جي ڪا ڳالهه هئا. هاڻ انهن جي صورت بدلجي ويئي هئي. اُهي پرانا ٿي ويا هئا ۽ انهن جو ذڪر ئي ڪهڙو ڪجي، جڏهن هاڻي هر شيءِ نئين طرح شروع ٿيندي. رستو ختم ٿيڻ تي هو تو اوچتو هڪ عجيب و غريب خيال ستائڻ لڳم. جي ڪو مون کي ڦري وٺي يا قتل ڪري ڇڏي ته ڇا ٿيندو؟ هر قدم تي اهو خيال منهنجي ذهن ۾ پڪو ٿيندو ويو. آءٌ ڊڄي ڊوڙڻ لڳس. اوچتو ڏٺم ته رستوختم ٿي چڪو آهي ۽ سامهون هوٽل جي درين مان روشني ڇڻي ٻاهر نڪري رهي آهي- مون خدا جو شڪر بجا آندو.

آءٌ ڊوڙندو ڊوڙندو پنهنجي منزل تي پهتس ۽ ڪمري جو دروازو کوليم. پالينا ساڄي هٿ جون آڱريون کاٻي هٿ جي آڱرين ۾ ڦاسايو ڪوچ تي ويٺي هئي. سامهون هڪ ميڻ بتي ٻري رهي هئي. هن مون کي حيرانيءَ سان ڏٺو ۽ واقعي اُن وقت منهنجي حالت اهڙي هوندي، جو مون کي هر ڪو حيرانيءَ سان ئي ڏسي سگهيو ٿي. آءٌ هن وٽ بيهي سڪن ۽ نوتن جا ڍير ميز تي رکڻ لڳس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org