سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: جوئاري

صفحو :3

باب نائون

 

هوٽل جي ويڪرين ڏاڪڻين تي پهريدارن، فرمانبردار نوڪرن ۽ نوڪرياڻين جو ميڙ اچي گڏ ٿيو هو. وڏو بيرو خود موجود هو۽ پنهنجي معزز مهمان جي پرجوش استقبال ڪري رهيو هو، جيڪو پنهنجي ڪيترن ذاتي نوڪرن جي مٿن تي پيتيون کڻائي آيو هو جنهن کي معذورن واري ڪرسي تي وهاري ڏاڪڻين تان چادڙهيو پئي ويو. ڇا ٿو ڏسان! مٿئين ڏاڪي تي ڏاڏي ويٺي هئي!! ها هي ڏاڏيءَ هئي!!! ماسڪو واري، خوفناڪ پوڙهي، دولت مند زميندار ائنٽويندس وئسيلونا نارسوچ، جنهن لاءِ تار تي تار موڪلي ويئي هئي، پر هوءَ بجاءِ مرڻ جي اوچتو اهڙي طرح اچي ڪڙڪي هئي، ڄڻ برف جي ڪا ڇپ اچي اوچتو ڪري هجي. حالانڪ هوءَ پنجهتر سالن جي هئي ۽ هن جون ٽنگون گذريل پنجن سالن کان بلڪل بيڪا ر ٿي ويل هيون، تنهنڪري هن کي هر هنڌ ڪرسي تي ڍوئڻو ۽ ڇڪڻو پوندو هو، پوءِ به هوءَ هتي اچي پهتي هئي ۽هميشه جيان چاق چوبند، خوش ۽ بي فڪر بنا ڪنهن سهاري جي پنهنجي ڪرسي تي ويٺي، ڏاڍي اوچي ۽ تحمڪانه انداز ۾ رڙيون ڪري، نوڪرن کي سمجهائي رهي هئي. جنرل صاحب جي ٻارن جي ٽيوٽر ٿيڻ کان پوءِ مان هن سان ڀيرا مويو هوس ۽هاڻ ٽيون ڀيرو منهنجي سامهون هئي. هوءَ دراصل ڪانه بدلي هئي، بلڪ جهڙي هئي اهڙي هاڻ نه هئي. هي قدرتي ڳالهه هئي جو مان اتي جو اتي ڄمي بيهي رهيس. جڏهن هن کي ڏاڪڻين تي چاڙهيو پئي ويو ته هن مون کي پنهنجي تيز نظرن سان پري کان ئي ڏٺو هو۽ سڃاتو هو ۽ منهنجو نالووٺي سڏ ڪيائين، جو هميشه جيان هميشه لاءِ سندس ذهن ۾ وسيل هو. هي ءَ اها ئي عورت هئي، جنهن کي ماڻهن ڪفن ۾ ويڙهيل ته ڇا پر قبر ۾ ستل ڏسڻ ٿي گهريو ته جيئن هنن کي ملڪيت ملي وڃي. اوچتو هي خيال منهنجي ذهن ۾ پاسا ورائڻ لڳو ته هي ءَ پوڙهي عورت ته شايد اسان سڀني کان وڌيڪ عمر جي ٿيندي! خدا ڄاڻي هاڻ اسان جا دوست ڪيڏانهن ويندا؟! ڇا ڪندا؟ جنعل جو ڇا ٿيندو؟ هيءَ پوڙهي ته اهڙي تيز آهي جو سڀني کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندي.

”چڱا ماڻهو، مونکي ائي اکيون ڦاڙي ڇو ڏسي رهيو آهين؟“ ڏاڏيءَ ٿورو وڏي سڏ چيو. ”ڇا تو ۾ ايترو اخلاق به ڪونهي، جو کڻي مون کي کيڪارين! ايترو غرور تو ۾ ڪٿا آيو آهي؟ يا ته تو مون کي سڃاتو ڪينهي؟ ٻوڙو ته ڪونه آهين، ٻڌين ڇو نٿو؟“ هن پنهنجي پوڙهي خانسامي ڏانهن منهن ورائي چيو، جنهن کي ڪڳيان کليل بٽڻن وارو ڪوٽ پهريل هو ۽ وار سخت ڀورا هئس، ”ڏٺئي هاڻ ته هي موکي سڃاڻن ئي ڪونه ٿا. هي ته مونکي دفنائي چڪا هئا! تار تي تار پئي ڪيائون ته مان ميس يا نه. مان ته ڇاتيءَ تي ويهي منڱ ڏريندي سان. مئا ماريا ڪٿي جا. مان سڀ ڪجهه سمجهان ٿي. ڏس چڱي طرح ڏس، مان جيئري آهيان!“

” خدا جي واسطي اهريون ڳالهيون نه ڪر ڏاڏي! خدانخواسته تون ڇو مرين! موت اچي تنهنجي دشمنن کي.“ مون پنهنجا وهوش و حواس ٺيڪ ڪندي، خوشمزاجي سان چيو. ”مان ته توهان جي اوچتي اچڻ تي اچڻ ٿي حيرا ن ٿي رهيو آهيان، اها هڪ قدرتي ڳالهه آهي.....“

”ان ۾ حيراني جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ مان ٽرين ۾ ويٺيس ۽ هلي آيس.

ٽرين جون سيٽون ڏاڍيون آرام واريون هيون. لوڏا صفا ڪونه ٿي لڳا.

تون ڀلا گهمڻ ڦرڻ نڪتو آهين ڇا؟

”جي ها، آءٌ ٿورو ڪاسينو تائين ويو هوس.“

”هتي جي موسم ته ٺيڪ آهي، ڏاڏي هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي چيوته، ٿوري گرمي آهي. وڻ ساوا ٿا نظر اچن. مون کي اهڙي موسم ڏاڍي وڻندي آهي. ٻيا سڀ ڪيئن آهن؟ جنرل صاحب گهر آهي؟“

”ها منهنجي خيال ۾ هينئر سڀ گهر ۾ هوندا.“

”ان جي معني ته هو هتي مقرر وقتن تي ايندا ويندا آهن ۽ پنهنجو پراڻو طرقو نه بدلايو اٿن! هنن ڏاڍو شان رکيو آهي. ٻڌو اٿم ته هڪ شاندار گاڏي به ورتي اٿن. مزي سان پيا پئسا خرچين ۽ روز ٿا سير ڪندا وتن. ڇا، پراسڪويا گڏ آهين؟“

” جي ها، پالينا اليگزينڊرونا به هنن سان گڏ آهي.“

”۽ هو فرنينچڙو؟ خير، چڱو مان خود اتي وڃي ڏسنديس. اليگزي ايوانو وچ! تون ٿورو مونسان هلجانءِ. ڀلا تون ته هن وٽ ٺيڪ آهين نه؟“

”خدا جو فضل آهي، آئيٽو وئيسلونا!“

”پوٽا پچ! هن ڀيري کي چئي ڇڏ ته مون کي عمدو ۽ آرام ورو ڪمرو ڏياري ۽ ڏسجان ۽ گهڻو ٿڌو نه هجي، هي سڄو سامان هينئر کڻي وڃي اتي رکي اچ ۽ هي ماڻهو ڪرسي کي ڇڪڻ لاءِ ايترو منتظر ڇو آهن؟ هي اڳيا اڳيان ميڙ ڪندا پيا وڃن؟ خدا پناهه ڏئي_ ڪيترا نه ذليل ماڻهو آهن هي.“ هن مون کي ٻيهر مخاطب ڪندي پڇيو، ”توسان گڏ ڪير آهي؟“

”ائسٽلي صاحب آهي.“

”ائسٽلي ڪير ؟“

”منهنجو دوست، هي جنرل جو به واقفڪار آهي.“

”شايد انگريز آهي. هي ائين ماٺ ڪيو ڇو بيٺو آهي. شايد منهنجي متعلق ڪجهه ڄاڻڻ ٿو گهري. خبر نه آهي ڇا ڳالهه آهي، مون کي انگريز ڏاڍا سٺا لڳندا آهن. چڱو، خير، هاڻ مونکي هنن وٽ وٺي هل. ڪٿي آهن هو؟“

نوڪر ڏاڏيءَ جي ڦيٿن واري ڪرسي ڇڪڻ لڳا. آءٌ تڪڙو تڪڙو ڏاڪا چڙهي رهيو هوس. اسان جو مختصر جلوس ڏاڍو دلچسپ هو. جيڪو به اسان کي مليو ٿي تنهن بيهي غور سان اسان کي ڏٺو ٿي. هيءَ هوٽل هن جڳهه جي سڀ کان وڏي هوٽل سمجهي ويندي هئي. ان جو خرچ ڪي شاهوڪار ئي برداشت ڪري سگهندا هئا. ڏاڍيون خوبصورت جسمن واريون عورتون ۽ معزز انگريز اسان کي ورانڊن ۽ ڏاڪڻين تي ملندا رهيا. هيٺ گهڻائي ماڻهو وڏي بيري کان، جو پاڻ به چڱو خاصو متاثر ٿي ويو هو، پڇي رهيا هئا. هن هر هڪڪ کي اهو ئي جواب ٿي ڏنو ته ڏاڏي معزز خاتون آهي. هڪڙي ٻاهرئين ملڪ مان آئي آهي. هن ۾ ٿوري به ڪاوڙ ۽ تڪبر ڪونهي. هاڻ هي انهن ڪمرن ۾ رهندي، جن ۾ هڪ هفتو پهرين هوءَ دولتمند ڊچيس (نوابياڻي) رهيل هئي. هن رعب تاب پيدا ڪرڻ ۾ ڏاڏي جي تحڪمانه ۽ باوقار شخصيت جو ڏاڍو هٿ هو. جڏهن به هو ڪنهن شخص سان پهرين ملي ٿي ته ان ڏانهن ڏاڍي حيرت سان ڏسي، مون کان ان بابت پڇيائين ٿي. ڏاڏيءَ جسم جي خاصي ويڪري هئي. حالانڪ هو معذور هئي ۽ ٽنگن جي بي جان هجڻ ڪري ڪرسي تان اٿي نٿي سگهي، پر ڏسڻ وارو يڪدم سمجهي سگهيو ٿي ته قد جي ڊگهي آهي. چيلهه هن جي تختي جيان سڌي رهندي هئي ۽ هو ڪڏهن به پٺيان جهڪي ڪرسي جو سهارو نه وٺندي هئي. هن جو گول گول وڏو مٿو پنهنجي ويڪريءَ پيشاني سان هميشه سڌو بيٺل هو. سندس منهن مان بزرگي، خودداري ۽ سرڪشي جا آثار ظاهر هئا. هن جي ڳالهائڻ جو نمونو ۽ ٻي هر ڳالهه ٻولهه بلڪل قدرتي هيون. ٺاهه ٺوهه جو نالو نشان منجهس ڪونه هو. پنجهتر سال عمر هجڻ جي باوجود، هن جي چهري تي هڪ خاص قسم جي سختي هئي ۽ ٻٽيهه جا ٻٽيهه ڏند سلامت هئس. هو ڪاري ريشم جو وڳو پهريل هئي ۽ مٿي ٿي اڇي ٽوپي هيس.

”ڏاڏي دلچسپ عورت آهي.“ ائسٽلي صاحب منهنجي ويجهو ايندي ڪن ۾ چيو.“

”ڏاڏي کي تارن جي خبر آهي.“ مان چوڻ سوچڻ لڳس. ”گريو جي به خبر اٿس. پر اڃا تائين شايد بلانشي جي خبر ڪانه اٿس.“ مون پنهنجو خيال ائٽلي صاحب کي ٻڌايو.

آءٌ گنهگار بندو آهيان، سو جڏهن منهنجي پهرين حيراني ختم ٿي ته اهو سوچي، دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيس ته جنرل جي مٿان هاڻ چڱو بم گولو ڦاٽندو ۽ اهو آءٌ به ڏسندس. جيئن جيئن آءٌ ڏاڪڻ تي چڙهندو پئي ويس، مون ۾ جوش ۽ خوشي وڌندا پئي ويا.

اسان جا ڪمرا ٽينءَ منزل تي هئا. ڏاڏي جو اطلاع ڏيڻ يا در کڙڪائڻ بنان ئي مون در کوليو ۽ ڏاڏي وڏي شان سان اندر داخل ٿي. هو سڀئي جنرل جي پڙهڻ واري ڪمري ۾ ويٺا ڳالهائي رهيا هئا. ان وقت ٻارهن ٿيا هئا ۽ پل هو گهمڻ جو پروگرام ٺاهي رهيا هئا. ڪن کي گاڏي ۾ وڃڻو هو ۽ ڪن کي گهوڙن تي. چند ٻين دوستن کي به دعوت ڏني هوائون. جنرل، پالينا، ٻارن ۽ انهن جي نرس کانسواءِ، هن وقت گريو گهوڙيسواري جي لباس ۾ ملبوس، ماد موزيل بلانشي، ان جي ماءُ، بندرو شهزادو ۽ هڪ معزز جرمن جنهن کي مون اڳي ڪونه ڏٺو هو، ويٺا هئا.

ڏاڏي جي ڪرسي کي ڪمري جي وچ ۾ جنرل کان ٻه ٽي قلم پري رکيو ويو. ان وقت عجيب سنسني پيدا ٿي هئي، ان جو منظر مون کان ڪڏهن به نه وسرندو. جڏهن اسين ڪمري ۾ داخل ٿياسين ته جنرل صاحب ڪا ڳالهه ڪري رهيو هو ۽ گريو هن جي ڳالهه کي درست ڪري رهيو هو. آءٌ هيءَ ڳالهه ضرور چوندس ته ڪجهه ڏينهن کان گريو ۽ بلانشي جو ڌيان ان بندري شهزادي ڏي گهڻو هو. ان وقت سڀئي ڏاڍا خوش ۽ بلڪل نقلي هئا. ڏاڏي کي ڏسندي ئي غريب جنرل جو وات ڦاٽي ويو ۽ هو جيڪي لفظ ڳالهائي رهيو هو، سي نڙي ۾ اٽڪي پيس. اکيون کلئي جون کليون رهجي ويس. ڏاڏي چپ چپات جنرل کي ڏسندي رهي. پر هو خاموش نگاهن ۾ هڪ للڪار، چئلينج ۽ طنز هو. ڪمري ۾ هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين چپ چپات لڳي ويئي، سڀئي گنگ ٿيا ويٺا هئا. اهڙي عالم ۾هو ڏهن منٽن تائين هڪ ٻئي کي تڪيندا رهيا. شروع ۾ ته رڳو گريو حيرت کان ششدر ٿي ويو. اهڙو ته چپ ٿي ويو جهڙي ٿت. پر جلد ئي منهن مان سخت پريشاني بکڻ لڳيس. مادموزيل بلانشي ٿرون مٿي کنيا. وات کوليائين ۽ ڏاڍي وحشت سان ڏاڏي کي تڪڻ لڳي. شهزادو ۽ فاضل جرمن به حيرت سان سڄو منظر ڏسي رهيا هئا. پالينا جي اکين ۾ حيرت ۽ الجهن بيدار ٿي ۽ ڏسندي ڏسندي هن جو رنگ اڇي رومال جهڙو ٿي ويو. پر هڪ ئي لمحي ۾ رت هن جي ڳلن کي ڳاڙهو ٽانڊي جهڙو بڻائيندي سڄي منهن تي ڊوڙڻ لڳو. بيشڪ ڏاڏي جي آمد هنن سڀني لاءِ هڪ اوچتي آفت ۽ هڪ آسماني قهر هو. مان پنهنجي نظرن کي ڏاڏيءَ ڏانهن ۽ پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڦيرائيندو رهيس. ائسٽلي صاحب هميشه جيان ڏاڍيءَ خاموشي سان هڪ طرف بيٺو هو.

”اجهو حضور، تار جي بجاءِ مان خود اچي ويئي آهيان.“ ڏاڏي ٽهڪ ڏيندي، ڪمري جي خاموشي کي ٽوڙيو. ”ڇا توکي منهنجو انتظار ڪونه هو؟“

”ائنٽويندا وئسيلونا.... چاچي.... ڇا خشڪيءَ جي رستي.....“

غمگين جنرل آهستي چيو. جي ڏاڏي ٿرو به خاموش رهي ها گه جنرل صاحب ڪو نه ڪو استادي جو هٿ ڏيکاري ڇڏي ها.

”خشڪي جي رستي ڇو؟ مان ريل ۾ ويٺس ۽ هلي آيس. آخر ريل ڪهڙي مرض جي دوا آهي! تون ته اهو ئي سمجهي رهيو هئين ته مان مري وئي هونديس ۽ تنهنجي لاءِ دولت ڇڏي وئي هونديس؟ تنهنجي تارن جو مطلب آءٌ خوب سمجهان ٿي. خبر اٿئي تارن تي تو گهڻا پئسا ضايع ڪيا آهن؟ تمام وڏي رقم ٿي ٿئي جناب! مان پاڻ هلي آيس. هي فرينچ هتي ڇ پيو ڪري؟ هن جو نالو شايد گريو آهي؟“

”جي ها مادام.“ گريو فينچ ٻولي ۾ جواب ڏنو.“ ”مون کي گريو چوندا آهن. اوهان ايتي قدر نڳڪ، بردبار، سنجيده ۽ جاذب نگاه آهيو، جو ديوي چوڻ ٿي دل پئي ٿئي، اوهان ۾ ايتري ڪشش آهي، جو ڪو به متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي.“

”اها ڳالهه ڇڏ ته مون ۾ ڪا ڪشش آهي يا نه، پر تون ضرور ٻهروپيو آهين. چپ ڪر، مون کي اصل توتي اعتبار ڪينهي.“ اهو چوندي، ڏاڏي آڱر سان بلانشي ڏانهن اشارو ڪيو. ” هي ڪير آهي؟“ هوءَ سهڻي فرنيچ عورت هن وقت گهوڙيسواري جي لباس ۾ ملبوس هٿ ۾ چهبڪ کنيو ويٺي هئي. هن ڏاڏي کي ڏاڍو متاثر ڪيو. ” هتي ئي رهندي آهي شايد!“

”جي ها هي مادموزيل بلانشي ڪامنگس آهي ۽ هي ان جي ماءُ مادام ڪامنگس آهي. هتي هن ئي هوٽل ۾ رهيل آهن.“ مون وضاحت ڪئي.

”ڇا شادي ٿي چڪي آهيس؟“ ڏاڏي بي تڪلف انداز ۾ پڇيو.

”ماد موزيل ڪامنگس جي شادي ڪانه ٿي آهي.“ مون ڄاڻي ٻجهي نرم آواز ۾ احترام سان جواب ڏنو.

”واه“

”جي، مان سمجهيس ڪونه.“

”تون ته هن ۾ خاص دلچسپي وٺندو هوندين؟ ڇا هي روسي ڄاڻي ٿي؟ گريو ته ماسڪو ۾ سکي هئي. ڪجهه مڙيوئي ايندي هيس!“

”مادموزيل روس ۾ ڪڏهن به نه رهي آهي.“ مون چيو.

”ٻچڙي خوش آهين“ ڏاڏي بلانشي کي مخاطب ٿيندي چيو.

”جي، دعا آهي مادام.“ بلانشي يڪدم منهن تي شرم و حيا ۽ انڪسار جا آثار پيدا ڪندي، جهڪي سلام ڪيو. هن جي سڄي منهن تي ان عجيب طرز تخاطب تي حيرانگي بکي رهي هئي.

”اجهو هي ته ويچاري شرم کان ٻڏي رهي آهي. پنهنجو پاڻ کي نئين ويس ڏيئي رهي آهي. ڀلا اهڙيون عورتون به ڪڏهن لڪي سگهيون آهن؟ ائڪٽريس ڪٿي جي.“ پوءِ اوچتو جنرل کي مخاطب ڪيائين، ”مان هن ئي هوٽل ۾ هيٺينءَ منزل ۾ رهيل آهيان، تنهنجي پاڙي ۾ آهيان. ان مان توکي خوشي ٿي آهي يا افسوس؟“

”اوه چاچي، توکي منهنجي مسرت جو... پُرخلوص جذبات جو يقين ڪرڻ کپي.“ جنرل جواب ڏنو. هو پاڻ کي سنڀالي چڪو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي مناسب طريقي سان پروقار انداز سان ڳالهايائين ٿي. ”اسين ته اوهان جي بيماريءَ جي سبب ڏاڍو پريشان رهيا آهيون..... اسان اهڙيون مايوس ڪندڙ تارون وصول ڪيون ۽ هاڻ اوهان اوچتو....“

”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين، سفيد ڪوڙ“ ڏاڏي يڪدم جنرل جي ڳالهه ڪاٽي.

” پر توهان ڪيئن....“ جنرل صاحب هن جي ڳالهه ڪاٽڻ ۾جلدي ڪئي ۽ پنهنجي آواز کي بلند ڪندي، لفظ ”ڪوڙ“ کي لڪائڻ جي ڪو شش ڪندي چيو، ”پر توهان ايڏو سفر ڇو اختيار ڪيو؟ ڀلا هن عمر ۾، هن ضعيفي ۾ جڏهن صحت به خراب آهيو..... بهرحال توهان جي هن اوچتي اچڻ سان اسان کي واقعي ڇرڪائي ڇڏيو آهي. پر مون کي ايتري خوشي ٿي آهي.... ۽ اسين سڀ (هو ڏاڏي جي دل ۾ گهر بنائڻ لاءِ مسڪرائڻ لڳو) اسان سڀني جي ڪوشش اها ئي هوندي ته هيءَ موسم توهان هتي آرام سان گذاريو.“

بس ميان بس، خومخواه جون ڳالهيون آهن. اهو سڀ ڏيکاءَ آهي. تون هميشه وانگر نڪواس پيو ڪرين. مان خود پنهنجو وقت بهتر نموني سان گذاري سگهان ٿي. منهنجي توسان ڪابه ڪاوڙ نه آهي. ڪو به بغض نه آهي. ڪو ڪينو نه آهي. هيته معمولي ڳالهه آهي. پراسڪويا تون ڪيئن آهين هتي، ڇا پئي ڪرين؟“

”ڏاڏي، اوهان جي طبيعيت ڪيئن آهي؟“ پالينا هن ڏي ايندي چيو. ”سفر ۾ ته گهڻي دير رهڻو پيو هوندو!“

”ڏٺو! رڳ هن تميز سان ڳالهايو آهي. باقي سڀئي ته رڳو آه واه پيا ڪن. ڌيءَ! منهنجي طبيعت واقعي خراب ٿي ويئي هئي. چوويهه ئي ڪلاڪ کٽ تي پئي هوندي هيس. پنهنجو پاڻ ته چري به ڪانه ٿي سگهيس. ڊاڪٽر تي ڊاڪٽر گهرايم. پر مار پويس مرض جي خبر ئي ڪانه ٿي پئي. آخرڪار سينٽ نڪولس جي هڪ پادري کي گهرايم. هن هڪ ڳوٺاڻي جو علاج رڳو گاهه جي ٻجن سان ڪيو هو. ان عورت کي به اها ئي بيماري هئي. پادريءَ علاج مون کي به چاڪ ڪري ڇڏيو. هن جي دوا مان هي ٿي، جو ٽئين ڏينهن سڄو ڏينهن پگهر ايندو رهيو. پگهر جو نڪرڻ ۽ آءٌ بلڪل ٺيڪ ٿي ويس ۽ جڏهن ٺيڪ ٿيس ته ڳالهيون ٺاهڻ وارن جي به گهٽائي ڪانهي. منهنجا چند جرمن دوست ٻيهر اکين تي چشما چاڙهي اچي گڏ ٿيا ۽ نصيحت ڪرڻ لڳا. چون ته ”اوهان آبهوا جي تبديلي لاءِ ڪيڏانهن ٻاهر هليون وڃو ته ڏاڍو سٺو ٿيندو. مرض جا سڀ نشان ختم ٿي ويندا.“ ۽ واقعي ان ۾ هرج به ڪهڙو آهي _ مون سوچيو. هوڏانهن وري زازگنز جي بيوقوفن آهون ڀرڻ شروع ڪري ڏنيون، ”اوهين ڪيڏانهن پيون وڃو؟ ڇو ٿيون وڃو!“ هنن پڇيو ۽ مان هيڏانهن هلي آيس... تياري ڪرڻ ۾ وڌ ۾ وڌ هڪڙو ڏينهن لڳو هوندو. گذريل جمعي دفتي مون نوڪرياڻي، پوٽا پچ ۽ هڪ چوڪيدار فياڊر کي گڏ کنيو. پر فياڊر کي برلن مان ئي واپس موڪلي ڇڏيم، ڇو جو مون ڏٺو ته هن جي ضرورت ئي ڪانه هئي. جي هي مون سان گڏ نه اچن ها ته مان اڪيلي به اچي سگهان ها. مون هڪ سڄو گاڏو رزرو ڪرايو هو. مزدور ته هر اسٽيشن تي هوندا آهن. هنن کي ڪجهه ٽڪا ڏيو ۽ جيڏانهن کپيو اوڏانهن سامان کڻايو. اڙي ها!، ڪهڙا ڪمرا ورتا آهن؟“ هن چئني پاسن نظرون ڊوڙئيندي ڳالهه ختم ڪرڻ واري انداز ۾ چيو،” اڄڪلهه پئسا ڪٿان ٿا اچن. ٻڌو اٿم تو پنهنجي سڄي ملڪيت گروي رکي ڇڏي آهي. رڳو اڪيلي فرينچ کي ئي وڏي رقم ڏيڻي اٿئي! ڇو ٺيڪ آهي نه؟ مون کي سڀ خبر آهي. آءٌ سڀ ڪجهه ڄاڻان ٿي.“

”اوه چاچي....“ جنرل گهٻراهٽ ۾ چيو، ”مان حيران آهيان چاچي.... مان سمجهندو هئس ته مان پنهنجي اعمالن ۾ آزاد آهيان.... ان کانسواءِ منهنجو خرچ منهنجي آمدني کان گهڻو به ته ڪونهي ۽ اسين هتي.....“

”خرچ گهڻو ڪونهي! تون اهو ٿو چئين نه! پوءِ ته تو پڪ ٻارن کي پائيءَ پائيءَ کان سڪايو هوندو، هنن جوسنڀاليندڙ بنجيو پيو هلين؟“

”وري ساڳيون ڳالهيون، وري اهي ئي.....“ جنرل صاحب ڪاوڙجي چيو ”مون کي واقعي خبر ڪانه هئي.....“

”چڱو ته توکي واقعي خبر ڪانه هئي، هڪ چوري ٻي سينه زوري ۽ هي چوويهه ڪلاڪ رولٽ جي ميزن تي ڪير پيو ڦيريون پائيندو آهي؟“

جنرل صاحب ايترو ته بي اختيار ٿي ويو، جو پنهنجي جذبات جي موش ۾ ئي ٿ ٿو ڪرڻ لڳو. ”رولٽ، مان.... پنهنجي هن پوزيشن ۾....! چاچي تون خود سوچ ته ڇا چئي رهي آهين؟ ائين ٿو لڳي ته اڃا تائين پريشان آهين؟“

”اوه تون ڪوڙ پيو ڳالهائين. بلڪل غلط، مون کي چڱي طرح خبر آهي ته تون هنن کان جدا ٿي نٿو سگهين،هي سڀ لوڙ آهي. مان خود اکين سان ڏسنديس، هي رولٽ ڪهڙي بلا آهي، پر اسڪويا اهو ٻڌائجان ۽ اهو تنهنجي ذمي آهي ته مون کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي ۽ ڇا ڇا ڏسڻو آهي. اليگزي اوانووچ مون سان گڏ هلندو ۽ پوٽا پچ تون مشهور جڳهين جي ڏسڻ جو پروگرام ٺاهي وٺ. هتي ڪهڙيون ڪهڙيون شيون ڏسڻ جهڙيون آهن؟“

هن ٻيهر پالينا کي خطاب ڪندي چيو.

”ويجهو ئي هڪ محل جا کنڊر آهن، تنهن جي ڀرسان شلنگبرگ آهي.“

”هي شلنبرگ ڇا آهي. ڪو جهنگل آهي ڇا؟“

”جي نه، هڪ جبل آهي. ان جي هڪ اوچي چوٽي آهي ؟“

”چوٽي ڇا؟“

”جبل جو سڀ کان مٿانهون سرو. اتي جهنگلا لڳل آهن. خدا جو سنهن اتي ڏاڍو دلڪش منظر آهي.“

”پر جبل تي منهنجي ڪرسي ڪير گهليندو ؟ ڇو!“

”گهڻائي مزدور ملي ويندا آهن.“ مون جواب ڏنو.

ان موقعي تي نرس فدوسيا، جنرل صاحب جي ٻارن سميت اچي پهتي.

”نه ڀائي، چمين ڀاڪرن جو ضرور ڪونهي. آءٌ ٻارن جون چميون برداشت نٿي ڪري سگهان. هنن جو نڪ ته هميشه وهندو پيو آهي. تنهنجو ڪهڙو حال آهي فدوسا؟“

”اوهان جي دعا آهي.“ فدوسا جواب ڏنو، ”هاڻ ڪهڙو حال آهي مادادم! اسين ته اوهان جي ڪري ڏاڍا پريشان هئاسين.“

”مون کي خبر آهي ته تون واقعي مخلص ۽ سٺي آهين. ٻڌاءِ هت ته هر وقت مهمانن جو گوڙ متل هوندو!“ ڏاڏيءَ ٻيهر پالينا کان پڇيو، ”هي عينڪ وارو ٻڍو ڪير آهي؟“

”شهزادو نلسڪي“ پالينا آهستي چيو.

”هون ته ڪو روسي آهي، مون سمجهيو ته هو نه سمجهندو. غالباً هن ٻڌو به ڪونه. هي ائسٽلي صاحب آهي. هن سان ته آءٌ ملي چڪي آهيان. اوهين اڃا هتي آهيو؟“ ڏاڏيءَ هن ڏي مڙندي چيو. ”اوهان جو ڪهڙو حال آهي؟“

ائسٽلي خاموشي سان جهڪيو ۽ چيائين، ”نوازش.“

”ڇا اوهان مون سان ڪونه ڳالهائيندوء! ڪجهه ته چئو.“ پالينا هن کي ترجمو ڪري ٻڌاءِ.

پالينا ترجمو ڪيو.

”ها، ها، مونکي اوهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. خدا جو فضل آهي. اوهان صحت ته ٺيڪ آهي نه؟“ ائسٽلي صاحب ڏاڍي سنجيدگي پر حاضر دماغيءَ سان چيو، پالينا ترجمو ڪيو ۽ جيئن ٿيڻ کپي، ڏاڏي کي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي.

”هي انهريز هميشه سٺو جواب ڏيندا آهن.“ هن چيو، ”ان ڪري ته مون کي سٺا لڳندا آهن. انگريزن ۽ فرينچن ۾ ته ڪو مقابلو ئي ڪونهي. چڱو ٻڌو.“ هن ائسٽلي صاحب کي ٻيهر مخاطب ڪيو، ”آءٌ هينئر اوهان کي پرشان ڪرڻ نٿي چاهيان. پالينا هن کي ٻڌاءِ ته آءٌ هتي هيٺينءَ منزل ۾ رهيل آهيان. هي مان سان ڪنهن ٻئي وقت ضرور ملي، هتي هيٺ.“ هن پنهنجي ڳالهه ورجائيندي چيو.

ائسٽلي صاحب ان دعوت تي ڏاڍو خوش ٿيو.

ڏاڏيءَ پالينا کي مٿان کان هيٺ ڪيئي ڀيرا ڏاڍي اطمينان سان ڏنو.

”پر اسڪويا، مون توکي ڏسڻ جو ڏاڍو اشتياق هو،“هن اوچتو چيو، ”تون ڏاڍي عهيب ڇوڪري آهين. سون هزار ن ۾ هڪ، وصيت نامي ۾ توکي ڪانه وساريندس، فڪر نه ڪر. اڙي هي تنهنجي ڳچيءَ ۾ نقلي هار آهي ڇا؟“

”نه ڏاڏي، منهنجو پنهنجو آهي

ها ها پر مون کينئون فيشن ڪونه وڻندو آهي ۽ تون ته واقعي سهڻي پئي لڳين جي مان جوان هجان ها ۽ گڏوگڏ مرد به ته تو تي عاشق ٿي پوان ها پر ها ترتون شادي ڇو نٿي ڪرين؟ چڱو وقت ٿي ويو آهي هاڻ مون کي وڃڻ کپي چڱو اجازت ڏي سڄي ڏينهن جي سفر ٿڪائي وڌو آهي تنهنجي هن جنرل کي نڪ تي ڪاوڙ واري عادت ختم ٿي يا نه

        خدا جي واسطي چاچي اوهان ڪهڙيون ڳالهيون پيا ڪرريو! جنرل صاحب خوش نظر اڍڻ جي ڪوشش ڪندي چيو آءٌ سمجهان ٿو هن عمر ۾....

 

 

 

باب ڏهون

 

منهنجي خيال ۾ گرم چشمن وارن هنڌن تي خاص طرح ۽ يورپ ۾ عام طرح هوٽل جا بيرا پنهنجي مهمانن کي ڪمرن ڏيڻ وقت بجاءِ هنن جي خواهشن ۽ ضرورتن جي خيال جي، پنهنجي مرضيءَ مطابق هلندا آهن ۽ پنهنجي راءِ ۾ جيڪو ۽ جهرو ڪمرو جنهن لاءِ موزون سمجهندا آهن. اهو ئي ان جي حوالي ڪندا آهن ۽ ڪمال جي ڳالهه هيءُ آهي ته هو پنهنجي انتخااب ۽ فيصلي ۾ ڪڏهنبه غلطي ڪانه ڪندا آهن. پر ڏاڏيءَ کي هنن اهڙا شاندار ڪمرا ڏنا. جو سواءِ ان جي ڇا ٿو چئي سگهجي ته هو پنهنجي فيصلي ۾ ڪجهه حد کان وڌي ويا هئا. چار سينگاريل ڪمرا ۽ هڪ وهنجڻ جي جاءِ، نوڪرن لاءِ ننڍا ننڍا ڪوارٽر ۽ نوڪرياڻيءَ لاءِ هڪ ڪمرو- هڪ هفتو اڳ واقعي انهن ڪمرن ۾ هڪ مشهور دولتمند ڊَچيس رهيل هئي. ان حقيقت کان ڏاڏيءَ کي پهرين واقف ڪيو ويو هو، ته جيئن هن جي نظرن ۾ ڪمرن جي قدر ۽ قيمت وڌي وڃي. ڏاڏي پنهنجي معزورن واري ڪرسيءَ تي ويهي، سڀني ڪمرن جا چڪر هڻي رهي هئي ۽ هر شيءِ کي غور سان ڏسي رهي هئي. وڏو بيرو جيڪو گنجو هو ۽ چڱيءَ عمر جو هو، ڏاڍي احترام سان هن ابتدائي جائزي جي موقعي تي ڏاڏيءَ جي اڳيان اڳيان هلي رهيو هو.

آءٌ چئي نٿو سگهان ته هنن سڀني ماڻهن آخر ڏاڏيءَ کي ڇا ٿي سمجهيو. هنن جي رويي مان ظاهر ته ائين پئي ٿيو ڄڻ ته هو هن کي بيحد دولتمند خاتون سمجهي رهيا هئا. هنن پنهنجي روزنامچي ۾ به هن جو نالو ڏاڍي شد مد سان هيئن لکيو هو: ’مادام شهزادي بيگم جنرل تارسو وچ‘ حالانڪ ڏاڏي ڪڏهن به شهزادي نه رهي هئي. غالباً هن جي ذاتي نوڪرن، ريل گاڏيءَ جي محفوظ ٿيل خاص گاڏن، ڳوڻين، چمڙي جي ٿيلهن ۽ صندوقن هن جي اهميت وڌائي ڇڏي هئي. معذورن واري ڪرسي، بي ربط لهجو، تيز ۽ تند آواز، نرالا سوال، جن جي ترديد ناقابل برداشت هئي..... مطلب ته ڏاڏيءَ جي سڄيءَ شخصيت هن جي تحڪمانه انداز ۽ ٻين سڀني آثارن هن جي ڌاڪ ويهاري ڇڏي هئي. ڪمري جو معائنو ڪندي ڪندي هن ڪرسي بيهاري، فرينچر مان ڪو نقص ٿي ڪڍيو. وڏي بيري کان ڪو اڍنگو سوال ٿي ڪيائين، ۽ هو ويچارو کيس ڏسندو ٿي رهيو، پر پوءِ به اهو سوال هن لکي ٿي ڇڏيو. دراصل هو پڻ سخت پريشان ٿي چڪو هو. پر ان کان سواءِ ڪري به ڇا ٿي سگهيو. ڏاڏي پنهنجا سوال اهڙي ڀڳل ٽٽل فرينچ زبان ۾ ٿي ڪيا، جو آخر مون کي وضاحت ڪرڻي ٿي پئي..... وڏي بيري به ڪجهه اهرا ٿي جواب ڏنا، جو هوءَ گهڻو ڪري مطمئن ڪانه ٿي ٿي. بلڪ التو ناراض ٿي ٿي. هي ته آءٌ به چوندس ته ڏاڏيءَ جا سوال واقعي نامناسب ۽ بي وقتا هئا. مثلاً هڪ هنڌ اوچتو هڪ ڌنڌليءَ تصوير جي اڳيان بيهي، جا ڪنهن ديومالا جي مشهور ڪهاڻي جي عڪاسيءَ جي خاطر مصور ٺاهي هئي، پڇڻ لڳي:

”هيءَ ڪنهن جي تصوير آهي؟“

”شايد ڪنهن ڪائونٽ جي زال هوندي“. وڏي بيري جواب ۾ چيو.

”عجيب ڳالهه آهي تون هتي رهين ٿو ۽ اها به خبر ڪانه اٿئي ته هيءَ تصوير ڪنهن جي آهي. آخر هتي ڇو رکي ويئي آهي؟ هيءَ آڏين نظرن سان ڪنهن کي ڏسي رهي آهي؟“

غريب بيرو ان سوال جو جواب اطمينان بخش طريقي سان ڏيئي نه سگهيو ۽ سچ پچ خاصو پيشان ٿي ويو.

”اوهه! هتي جا ماڻهو ڪيترا نه بي مغز ۽ ٻو آهن؟“ ڏاڏيءَ روسي زبان ۾ چيو.

آخر ڏاڏيءَ کي اڳتي وڌايو ويو. بلڪل ساڳي حالت ڊيرسڊن جي هڪ مجسمي وٽ پيش آئي. پهرين ته الاهي وقت تائين ڏاڏي هن کس ڏسندي رهي، پوءِ خدا ڄاڻي ڇو حڪم ڪيائين ته ان کي اتان هٽائي ڇڏيو. آخر ۾ وڏي بيري کي هڪ وڏي مصيبت کي منهن ڏيڻو پيو. ڏاڏيءَ خوابگاهه ۾ وڇيل غاليچي لاءِ پڇيو: ”هن جي قيمت گهڻي آهي؟ ڪهڙي شهر جو ٺهيل آهي؟ ڪٿان خريد ڪيل آهي؟“ ويچارو ان کان سواءِ چئي ڇا ٿي سگهيو: ”چڱو بيگم صاحبه پڇي ٻڌائيندس.“

”بي وقوف ڪٿي جو.“ ڏاڏي زبان سان چئي رهي هئي، پر اکيون هنڌ تي ڄميل هيس. ”ڇپر کٽ ته شاندار آهي. اي، هنڌ ته کول!“

هنن هنڌ کولڻ شروع ڪيو.

”اڃا....اڃا.... اڙي اڃا.... بلڪ سڄو کوليوس.... سڀ ويهاڻا ڪڍو.... کيس هڪ طرف رکو.... جاهل!“ ڏاڏي مسلسل ڳالهائي رهي هئي.

هنڌ جي هڪ هڪ شيءِ ٻاهر ڪڍي ويئي. ڏاڏيءَ غور سان هر شيءِ جو معائنو ڪيو.

”خير، اهو به سٺو آهي ته هتي منگهڻ ڪونهن. سڀ سوٽي چادرون هڪ طرف رکو ۽ ڏسو منهنجي چادر ۽ ويهاڻا کٽ تي چڱيءَ طرح پکيڙيو. هي ڪم مون جهڙي ضعيفه لاءِ اصل موزون ڪينهي. ڪمرا ڏاڍا خراب آهن. سٺو ڏينهن اڪيلي ويٺي مکيون مارينديس ۽ ٻيو ڇا ٿيندو.... اليگزي اِوانو وچ، تون روز ٻارن کي پڙهائڻ کان پوءِ ۽ هونئن به وقت ضرورت هجنئي، مون وٽ اچجئين.“

”مون ڪالهه ٻارن کي پڙهائڻ جو ڪم ڇڏي ڏنو آهي ۽ هاڻ هوٽل ۾ پنهنجي منهن پنهنجي خرچ سان رهندو آهيان.“ مون جواب ڏنو.

”سو وري ڇو؟“

”ڪجهه وقت کان ڪو وڏي عهدي وارو جاگيردار صاحب پنهنجي بيگم سان گڏ برلن کان هت آيو آهي. ڪالهه جي ڳالهه آهي. مون قسمت جي ماريل هن سان جرمن زبان ۾ گفتگو ڪئي، پر برلن جي لب ولهجي جو خيال نه رکيم. بس اها آهي سڄي ڳالهه.“

”چڱو پوءِ؟“

”ان ڳالهه کي هن پنهنجي بي عزتي سمجهيو ۽ جنرل صاحب سان منهنجي شڪايت ڪيائين، سو ڪالهه هن مون کي نوڪريءَ تان جواب ڏئي ڇڏيو.“

”تو ڪنهن لفظ تي زور ڏيئي چيو هوندو. پر اها ته ڪا اهڙي ڳالهه نه آهي.“

”نه، بلڪل نه! بلڪ جاگيردار صاحب مون کي ڌڪ هڻڻ لاءِ ڏنڊي به الاري هئي.“

”او بيهودا، تون پنهنجي ٻارن جي استاد سان اهڙي سلوڪ کي برداشت ڪيئن ڪيو؟“ ڏاڏيءَ اوچتو جنرل کي مخاطب ڪندي چيو، ”بلڪ هن کي پاڻ وٽان به ڪڍيئي، ٻُڌو، توهين سڀ ٻُڌو آهيو.“

جنرل صاحب ڏاڍي انڪساري سان چيو، ”چاچي، اوهان ڇو ٿيون خوامخواه پريشان ٿيو. ان ڳالهه سان اوهان جو ڪهڙو تعلق؟ مان ڄاڻان منهنجو ڪم ۽ هونئن به اليگزي انواوچ صحيح واقعو ڪونه ٻڌايو آهي.“

”۽ تو به هيءَ بي عزتي برداشت ڪئي!“ ڏاڏيءَ مون کان پڇيو.

”نه محترمه مان ته جاگيردار سان ڳالهيون ڪرڻ ٿي گهريون. ”مون نهايت صبر ۽ سڪون سان جواب ڏنو. ”مون کي ته ڪنهن جهيڙي جي به پرواهه ڪانه ئي پر جنرل صاحب ان جي به مخالفت ڪئي.“

”تو مخالفت ڇو ڪئي؟“ ڏاڏيءَ جنرل کي چيو. ”چڱو هاڻ تون وڃي سگهين ٿو. خوامخواه وات ڦاڙي بيهڻ جي ڪهڙي ضرورت، ڏند ڇو پيو کڙڪائين؟ ڪو نچي پيو ڇا! مون کي فضول ميڙ ڪونه وڻي، وڏي بيري کي متوجهه ڪندي هن چيو.

هن سلام ڪيو ۽ ڏاڏيءَ جي ڳالهه جو مطلب سمجهڻ بنا سلام ڪندو هليو ويو.

”چاچي! ايمان سان ٿو چوان ته جهڳڙي جو سوال ئي پيدا نٿي ٿيو.“

”سوال ڇو نٿي پيدا ٿيو. مان ته مردن کي ڪڪڙ سمجهندي آهيان. ان لاءِ هنن کي هميشه وڙهندو رهڻ گهرجي. توهين ٻُڌو آهيو. توهين ماڻهو پنهنجي هموطنن جي حمايت به نٿا ڪري سگهيو. اها به ڪا زندگي آهي. ڏس پوٽا پچ مون کي مٿي وٺي هل، ٻه خادم جهل، ٻن کان وڌيڪ ضرورت ڪانهي. مان رڳو ايترو ٿي چاهيان ته هو ڪرسي ڇڪيندا رهن. شرط هي ته جيڏانهن مان ويندس، هنن کي گڏ هلڻو پوندو. هنن کي بي شڪ اڳواٽ پگهار ڏيئي ڇڏ. وڌيڪ خوشيءَ سان ڪم ڪندا. تون به هميشه مون کي به اهو جاگيردار ڏيکارجانءِ. آءٌ به ته ڏسان ڪير آهي هو! ها هو رولٽ جو جوئا خانو ڪٿي آهي؟“

مون ٻڌايومانس ته رولٽ جون ميزون ڪاسينو ۾ چند ڪمرن ۾ آهن. هاڻي وري هميشه جيان سوال شروع ٿي ويا. ڇا رولٽ جون ميزون گهڻيون آهن؟ هتي چڱا ماڻهو کيڏندا آهن؟ ڇا هتي سڄو ڏينهن جوئا ٿيندي آهي؟ کيڏڻ جو طريقو ڪهڙو آهي؟ آخرڪار مون تنگ ٿي چيو. ”هتي ويٺي ويٺي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، اوهين پاڻ اکين سان ڏسنديون ته چڱيءَ طرح سمجهي وينديون.“

”هل ته پوءِ هنيئر ئي ٿا هلون. اليگزي! اٿ، دير نه ڪر.“

”اوهان سفر ۾ ٿڪجي پيون هونديون، هينئر آرام ڪريو، پوءِ ڏٺو ويندو.“ جنرل صاحب ڄڻ ته ڪنهن مونجهاري ۾ اچي ويو هو.

اصل ۾ جنرل صاحب نه بلڪ هو سڀ تنگ ٿي چڪا هئا ۽ جلد جلد هڪ ٻئي ڏانهن ڏسي رهيا هئا. شايد هنن ڏاڏيءَ جو جوئا خاني ۾ وڃڻ ۽ ائين ظاهر ظهور وڃڻ هڪ وڏو خرو ٿي سمجهيو! ممڪن آهي ڏاڏي اتي ئي ڪنهن جي بي عزتي نه ڪري وجهي. پوءِ به (مجبوري سمجهي) هو سڀ اتي وڃڻ لاءِ تيار ٿيڻ لڳا.

”نه مان ٿڪي ڪانه آهيان. مون کي آرام جي ڪابه ضرورت نه آهي ۽ ائين ويٺي ويٺي، گاڏيءَ ۾ ۽ هتي ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن. پهرين جوئا خاني ٿا هلون. پوءِ پاڻيءَ جي چشمي تي ۽ گرم چشمن تي به هنداسين. اُحي ڪٿي آهن؟ ان کان پوءِ هتي- هتي- ڇا چيو هو تو پراسڪويا چوٽي؟“

”جي ها.“

”چوٽيءَ تي هلنداسين، ٻيو ڇا آهي هتي؟“

”ڏاڏي، هتي گهڻيون ئي شيون آهن. اوهان کي سڀ ڏيکارينداسون.“

پالينا چوڻ جي ڪوشش ڪئي.

”تون به ته اسان سان گڏ هلندينءَ نه؟ تو به شايد هتي جون عمارتون ڪونه ڏٺيون آهن؟“ ڏاڏي پنهنجي خادمه کي چيو.

”پر هن کي وٺي هلڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“ جنرل پيشانيءَ وچان چيو، ”منهنجي خيال ۾ ته پوٽا پچ کي ڪاسينو ۾ گهڙڻ ڪونه ڏيندا.“

”بڪواس آهي. مان هن ويچاريءَ کي رڳو ان ڪري ڇڏي هلان، جو هيءَ نوڪرياڻي آهي؟ آخر هيءَ به ته انسان آهي. هڪ هفتي کان مون سان پڇ وانگر چهٽي پئي آهي. هن کي به دل آهي. هي به ته شهر ڏسڻ چاهيندي هوندي، هي ويچاري مون کان سواءِ ڪنهن سان ٿي وڃي سگهي؟ هيءَ پنهنجي منهن ته گهٽيءَ ۾ به نٿي وڃي سگهي.“

”پر ڏاڏي.........“

”آخر توکي ايڏو شرم ڇو پيو اچي؟ جي پنهنجي وقار جو ايڏو خيال اٿئي، ته اسان سان نه هل، توکي چوي ڪري ٿو؟ تون جنرل آهين. مان به ته جنرل جي بيگم آهيان. آخر توهان سڀني کي مون سان گڏ هلڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ مان اليگزي اوانووچ سان گڏ هلي وينديس.“

پر فرينچ اصرار ڪرڻ لڳو ته اسان کي هن وقت ڏاڏيءَ سان گڏ ضرور وڃڻ کپي ۽ خود ئي هن سان گڏ وڃڻ جي خوشيءَ کي شاعرانه انداز ۾ به بيان ڪرڻ لڳو. آخرڪار سڀئي هلڻ لاءِ تيار ٿي وياسين.

هندي وقت گريو آهستي جنرل جي ڪن ۾ چيو، ”هي سڀ خالي ڳالهيون آهن. گهٻراءِ اصل نه. هي ته رڳو اجائي بڪ بڪ آهي...“ ان کان وڌيڪ آءٌ ٻڌي نه سگهيس. البته ان مان اهو ضرور ظاهر ٿي ٿيو ته هو پر اميد آهن، بلڪ شايد سندس ڪي اميدون پويرون ٿي رهيون هيون.

ڪاسينو اتان اٽڪل اڌ ميل جي فاصلي تي هو. رستو شاه بلوط جي وڻن جي وچان ٿي لنگهيو، رستو ٽپي هو سڀ ڪاسينو وڃي پهتا. جنرل صاحب ٿورو مطمئن نظر اچي رهيو هو، ڇو جو هي مختصر جلوس ڏاڍو بي ترتيب هجڻ جي باوجود شاندار ۽ نمائشي لڳي رهيو هو ۽ واقعي ان ۾ حيرانيءَ جي ڳالهه ئي ڪهڙي هئي! هڪ معذور پوڙهي، جا خود هلي چري به نه سگهي. ڪاسينو هلي ٿي اچي، پر ته به جنرل صاحب ڪاسينو وڃڻ کان ڪجهه ڊنو پئي. شايد هن کي هي خيال پئي ٿيو ته آخر هڪ معذور پوڙهيءَ کي، جا خود هلي ڦير نٿي سگهي، جوئا خاني ۾ وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي! مس پالينا ۽ مادموزيل بلانشي ڪرسيءَ جي ٻنهي طرفان هيون. مادموزيل بلانشي هميشه جيان ٽهڪ ڏيئي رهي هئي ۽ ڏاڏيءَ جي دل ۾ گهر ڪرڻ لاءِ ڏاڍيون مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري رهي هئي. جنهن جو نتيجو هي ٿيو ته ڏاڏي هن کي ڪجهه قدر پسنديدگيءَ جي نگاهه سان ڏسڻ لڳي. هوڏانهن ويچاري پالينا ڏاڏيءَ جي بي شمار سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ مشغول هئي. ’هي هينئر ڪير لنگهي ويو؟ هيءَ عورت ڪير هئي؟ ڇا، هي وڏو شهر آهي؟ ڇا، هي باغ وڏو آهي؟ هي ٽاريون ڪهڙيءَ شيءِ جون آهن؟ ڇا، هو سامهون جبل آهي؟ ڇا، هتي عقاب به ٿيندا آهن؟ هوءَ سامهون ڀڳل ڇت ڪنهن جي جاءِ جي آهي؟‘ اهڙي قسم جا عجيب و غريب سوالن جا جواب پالينا ته ڇا، چڱن چڱن جا دماغ خراب ڪرڻ لاءِ ڪفاي آهن. ائسٽلي صاحب منهنجي پاسي ۾ هو. اوچتو چوڻ لڳو ته صبح کان ئي مون کي ائين ٿي لڳو ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيندو. پوٽا پچ ۽ خادمه ڪرسيءَ جي پٺيان هلي رهيا هئا. پوٽا پچ کي هڪ ميرو ڊگهو ڪوٽ پيل هو. ڳچي ۾ اڇي ٽاءِ ۽ متي تي ڪاري ٽوپي پيل هئس. خادمه هڪ چاليهن سالن جي ڳارهي چهري واري عورت هئي، جنهن جو رنگ روز بروز ڀورو ٿيندو پئي ويو. هن کي هڪ سوٽي ڪوٽ، ٽوپي ۽ ٻڪريءَ جي کل جو چيڪٽ ڪندڙ سليپر پيل هو، ڏاڏيءَ ڪنهن ڪنهن مهل مڙي هنن سان ڳالهايو پئي. گريو اطمينان ۽ آرام سان ڳالهيون ڪري رهيو هو، غالباً هو جنرل کي ٻيهر تسلي ڏيئي رهيو هو يا وري ڪا صلاح ڏيئي رهيو هوس. پر ڏاڏي هي خطرناڪ جملو پهرين چئي چڪي هئي. ”مان توکي هڪ پئسو به نه ڏيندس.“ هي اعلان گريو لاءِ حيرت انگيز ثابت ٿي سگهيو ٿي. پر جنرل پنهنجي چاچيءَ کي چڱيءَ طرح سڃاڻندو هو. هڪ خاص ڳالهه مون هيءَ ڏٺي ته مادموزيل بلانشي ۽ گريو هر هر هڪ بئي کي معنيٰ خيز نگاهن سان ڏسي رهيا هئا. مون ڏٺو ته شهزادو ۽ هو فاضل جرمن رستي جي آخري موڙ تي بيهي رهيا هئا ۽ وري ٻئي طرف وڃڻ لڳا.

اسان جو ڪاسينو تي پچڻ وارو منظر به ڏسڻ وٽان هو. نوڪرن چاڪرن جي هجوم جي ڪري هت به اهائي حالت پيدا ٿي. جيڪا ان کان اڳ هوٽل ۾ ٿي هئي. ڪاسينو جا ڪارندا ۽ عام شوقين اسان کي ڏاڍي حيرت سان ڏسي رهيا هئا. ڏاڏيءَ حڪم ڏسڻ شروع ڪيا ته کيس سڀ ڪمرا ڏيکاريا وڃن. ڪن جي هن تعريف ٿي ڪئي ۽ ڪن کي معمولي ٿي چيائين. هونئن سوال هر ڪمري لاءِ ٿي ڪيائين- پوءِ چاهي اهو سٺو هجي يا معمولي. آخرڪار اسين رولٽ واري ڪمري ۾ پهتاسين. نوڪر، جيڪي پهريدارن جيان درن تي بيٺا هئا، تن يڪدم دروازا کوليا. ائين پئي لڳو ڄڻ هو به ڪافي متاثر ٿي چڪا آهن.

رولٽ جي ميز تي ڏاڏيءَ جي اچڻ ڏاڍو اثر وڌو. رولٽ جي ميزن تي ۽ ڪمري جي ٻين ڪنڊن ۾ جتي شرط هڻي کيڏڻ واري ميز پئي هئي. ڏيڍ سؤ کن جوئارين جو هجوم هڪ ٻئي تي سٿيو بيٺو هو. اهي ماڻهو، جن ميز جي بلڪل ويجهو ٿي جڳهه حاصل ڪئي، تن اوستائين اها جڳهه نٿي ڇڏي جيستائين سڀيئي پئسا نٿي هارايائون. سڀني تماشائين کي ميز سان گڏ بيهڻ ۽ جڳهه حاصل ڪرڻ جي موڪل نه هئي. حالانڪ ميز جي چوڌاري ڪافي ڪرسيون وڇيل هيون، پر جڏهن هجوم گهڻو هوندو هو ته تمام گهٽ جوئاري انهن تي ويهندا هئا. ڇو جو ان وقت هو بيهي اهو سڄو منطر ڏسي سگهندا هئا ۽ داءُ هڻڻ ۾ سولائي ٿيندي هين. ٻئي ۽ ٽئي قطار ۾ ويٺل جوئاري پنهنجي واري جي انتظار ۾ پهرينءَ قطار وارن تي اٿليو ٿي پيا. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن تيز جوئاريءَ ٻي قطار مان ئي هٿ وڌائي ٿي داءُ لڳايو. ڪڏهن ڪڏهن ته ٽي قطار مان به ڪو ٽپيو ٿي آيو. ان جو نتيجو هيءُ ٿي نڪتو، جو ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ جهڳڙو ٿيو ٿي پيو. هن ڳالهه جي سڀني کي خبر هئي ته ڪاسينو جي پوليس ڏاڍي تيز آهي، پر هيءُ ڳالهه به ته ڏسڻ جي آهي ته آخر مجمعي تي ضابطو ڪهڙي4 طرح ٿو رکيو وڃي؟ پوءِ مالڪ به ته انهيءَ ۾ خوش هئا ته گهڻي کان گهڻو ميڙ ٿئي ته جيئن کيس به نفعو ٿئي. ان ڪري هنن اٺ خزانچي ميز تي ويهاري ڇڏيا هئا، جن غور سان داءَ ٿي ڏٺا ۽ ڳڻيائون ٿي. جي ڪو جهيڙو ٿي ٿيو ته، پاڻ ئي ٿي اهو چڪايائون. جي جهڳڙو قابوءَ کان باهر نڪري ٿي ويو ته يڪدم پوليس کي ٿي گهرايائون ۽ چند ئي لمحن ۾ معاملو رفع دفع ٿي ٿي ويو. پوليس جا چند آفسر عام لباس ۾ جوارين جي وچ ۾ ئي ويٺا هوندا هئا، جنهن ڪري ڪوبه کين سڃاڻي نه سگهندو هو. هو گهڻو ڪري چورن ۽ ڳنڍيڇوڙن جي ڳولا ۾ رهندا هئا، جيڪي رولٽ جي ميزن تي اڪثر گڏ ٿيا بيٺا هوندا هئا. ان ڪري جو هتي کين پنهنجي فن جا ڪرتب ڏيکارڻ جا گهڻا ئي موقعا ٿي مليا. حقيقت هيءَ آهي ته ٻئي هنڌ چور ڪنهن جو کيسو ڪتريندي يا ڪنهن جو نالو ڀڃندي پڪڙجي پوي ته هن کي ڏاڍيءَ مصيبت کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. پر هتي رڳو ايترو ڪرڻو پوندو اٿن ته کليو کلايو رولٽ جي جوئا جي ميزن تي وڃي بيهن ۽ کٽڻ واري جا پئسا کڻي چون ته هي اسان جا آهن، جي ڏسڻ وارن جي اک ٿڙي وڃي ۽ هو ٿورو پاڻ به هوشياريءَ کان ڪم وٺن ته گهڻو ڪري رقم کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. ان صورت ۾ رقم گهڻي نه هوندي آهي. رڳو هي ٿيندو آهي ته خزانچي يا ڪو رانديگر اڳتي لاءِ هنن کي نظر ۾ رکي ڇڏيندو آهي. رقم گهڻي نه هجڻ جي صورت ۾ ته ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته اصلي مالڪ ئي ان تان هٿ کڻي ڇڏيندو آهي ۽ ان بدمعاش سان نه اٽڪڻ جي خيال کان چپ ٿي ويندو آهي. پر جڏهن ڪنهن چوريءَ جي واقعي جي خبر پوندي آهي ته سڀ ماڻهو ملي چور کي موچڙا هڻي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا آهن.

مطلب ته ڏاڏي اهو سڀ ڪجهه غور سان ڏسي رهي هئي. جڏهن هڪ چور کي ڪڍي ٻاهر ڪيائون ته هن کي ڏاڍي خوشي ٿي. جنهن ميز تي شرطون لڳائبيون آهن، سا به هن ڏٺي. پر اها راند ڪانه وڻيس. هن کي رولٽ ئي ٺيڪ لڳي رهي هئي. خاص ڪري اها ننڍي گولي، جا هر هر گول چڪري ۾ ڦري رهي هئي، هن جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويئي. جيئن ئي هن اها راند ڏسڻ جي خواهش ڪئي، خبر ناهي ته ڪهڙيءَ طرح خدمت گارن ۽ فضول ماڻهن (جيڪي گهڻو ڪري پولستاني هئا ۽ پنهنجي رقم هارائڻ بعد خواه مخواه ٻين رئيس رانديگرن جي خدمت لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا) يڪدم بي پناه رش جي باوجود ڏاڏيءَ کي وٺي وڃي ميز جي وچ تي وڏي خزانچيءَ وٽ جڳهه ڏياري. مزي جي ڳالهه هيءَ اهي ته هوءَ پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺي رهي ۽ اها ڪرسي ڇڪي نيئي اتي بيهاري ويئي. ڪجهه ماڻهو، جي جوئا کيڏڻ نه آيا هئا، پر رڳو ڏسڻ آيا هئا، رانديگرن جي پٺيان بيهي ڏاڏيءَ کيڏسڻ لڳا. بي شمار عينڪن جي رخ ڏاڏيءَ جي طرف ٿي ويو. خزانچين کي ڪجهه بي اميد به ٿيڻ لڳي. اهڙي قسم جي نرالي پوڙهيءَ جو جوئا جي ميز تي اچڻ واقعي هڪ نرالي ڳالهه هئي. ستر سالن جي پوڙهي جا خود هلي به نه سگهي، جوئا کيڏڻ چاهي! واقعي اهڙي ڳالهه هئي، جا نه ڪنهن ٻڌي نه سُئي. گهٽ ۾ گهٽ هتي ته ڪڏهن به نه ٿي هئي. مان به ڪنهن نه ڪنهن طرح ميز وٽ پهتس ۽ ڏاڏيءَ جي ڀر ۾ وڃي بيٺس. پر پوٽا پچ ۽ نوڪراياڻي ويچاري گوڙ ۾ ئي ڪٿي گم ٿي ويا هئا. جنرل، پالينا، گريو ۽ بلانشي، ميڙ ۾ بيٺا هئا.

ڏاڏيءَ پهرين ته غور سان هڪ هڪ رانديگر کي ڏسڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ مون کان هميشه وانگر پڇڻ شرو ڪيائين: هو ڀائي ڪير آهي؟ هيءَ مائي ڪير آهي؟ وغيره. هوءَ خاص طرح ان نوجوان کان ڏاڍي خوش پئي نظر آئي جيڪو ميز جي بئي ڪناري تي بيٺو هو ۽ وڏين وڏين رقمن جا داءَ هڻي رهيو هو. هڪ هڪ بازيءَ تي هزار هزار ٿي هنيائين ۽ ماڻهن جي سُس ڦس مان خبر ٿي پيئي ته چاليهه هزار فرانڪ کٽي چڪو هو، جيڪي هن جي اڳيان سڪن ۽ بينڪ جي نوٽن جي صورت م پيا هئا. هو چمڪيو پئي. هاڻ ڳڻڻ بنان مٺيون ڀري ڀري داءُ لڳائي رهيو هو، کٽي رهيو هو ۽ پئسا ميڙي رهيو هو. خدمتگار وڏي شوق سان هن جي چوڌاري بيٺا هئا. ان ڪرسيءَ جي چئن ئي پاسي جڳهه خالي ڇڏي ڏني هئي ۽ جيڪڏهن ڪوبه آيو ٿي ته ان کي هٽائي ٿي ڇڏيائون، ته جيئن ميڙ نه ٿئي ۽ هو آرام سان داءُ هڻي سگهي. هيءَ سچي عزت ۽ خاطراري رڳو چند ٽَڪن جي ڪري هئي. اصل ۾ هي چند ماڻهو کٽڻ کان پوءِ خدمتگارن کي انعام ڏيندا آهن. هڪ پولستاني هن جي ڀر ۾ وڃي بيٺو ۽ آهستي آهستي ڪجهه چيائين به پئي ته جيئن پوءِ ڪجهه کيس ملي وڃي. پر هن ڪو ڌيان ئي ڪونه ڏنو ۽ وڏا وڏا داءَ هڻي کٽندو رهيو. ائين پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ هن کي خود به خبر ڪانه هئي ته ڇا ڪري رهيو آهي.

ڏاڏي ڪجهه وقت تائين هن کي غور سان ڏسندي رهي.

”هن کي چئو. “ ڏاڏيءَ ٿورو جوش ۾ ايندي مون کي ٺونٺ هڻي ڍيو.

”هن کي چئو ته راند ڇڏي پئسا کڻي يڪدم هليو وڃي، نه ته سڀ پئسا هارائي ويهندو.“ وري ٿورو ڪاوڙجي ڙ ڪرڻ واري انداز ۾ چيائين، ”پوٽا پچ ڪٿي آهي؟ ڪيڏانهن مري ويو ڪمبخت! اڙي يڪدم راند ڇڏي ڏي!“ هن کان رهيو ڪونه ٿيو سو پاڻ هن جوان کي سڌو چوڻ لڳي.

مون جهڪي التجا ڪئي مانس ته خداارا هتي ائين رڙيون نه ڪريو. هتي زور سان ڳالهائڻ به منع آهي. ڇو جو ان ڪري ڳڻپ ۾ ڀل ٿيو پوي. جي توهان ماٺ نه ڪئي ته اسان کي هينئر ئي ڪڍي ٻاهر ڪندا.“

”توکي تڪليف ڇو پئي ٿئي. هو ويچار مفت ۾ تباهه ٿي ويندو. پنهنجي پير تي پاڻ پيو ڪهاڙي هڻي. اف! مون کان ڏٺو نٿو ٿئي. مون کي ته مونجهه پئي ٿئي.“ ڏاڏيءَ منهن ٻئي طرف ڦيرائي چيو.

ميز جي ٻئي طرف ڪنڊ تي هڪ سهڻي صورت واري جوان عورت ويٺي هئي. جنهن جي پاسي ۾ هڪ ڄامڙي قسم جو ماڻهو ويٺو هو. اهو ڄامڙو ڪير هو؟ ان جو عورت سان ڪهڙو تعلق هو؟ ڇا، هن کي رڳو ٻين تي اثر وجهڻ لاءِ آندو ويو هو؟ ان جي باري ۾ مونکي ڪابه خبر نه آهي. ها مون ان عورت کي پهرين به اتي ڏٺو هو. هوءَ روز ٺيڪ هڪ وڳي اتي پهچي ويندي هئي ۽ ٻين وڳي هلي ويندي هئي. يعني صرف هڪ ڪلاڪ کيڏندي هئي. کيس هتي جا ماڻهو چڱيءَ طرح سڃاڻندا هئا. تنهنڪري هن لاءِ يڪدم ڪرسي لڳائي ويندي هئي. هن کيسي مان ڪجهه سونا سڪا هزار هزار فرانڪ جا نوٽ ڪڍيا ۽ ڏاڍي غرور سان داءُ لڳائڻ لڳي. هوءَ داءَ هڻڻ کان پهرين هميشه ڪاغذ جي هڪ ٽڪري تي پينسل سان غالباً اهي انگ لکندي هئي، جن تي داءَ هڻڻ مان ڪاميابيءَ جي اميد ٿي سگهي ٿي. هوءَ هميشه وڏين وڏين رقمن جون بازيون هڻندي هئي ۽ گهڻو ڪري هميشه کٽندي هئي. هڪ، ٻه يا ٽي هزار فرانڪ پر ان کان وڌيڪ نه. پوءِ کٽڻ بعد يڪدم واپس هلي ويندي هئي. ڏاڏي هن کي ڪافي وقت تائين غور سان ڏسندي رهي.

”هوءَ عورت آهي؟ ڏس هوءَ نه هارائيندي، هوءَ ڪڏهن نٿي هارائي سگهي. تون سڃاڻينس؟ هيءَ ڪهڙي طبقي سان ٿي تعلق رکي؟“

”ڪا فرينچ پئي لڳي، ڪنهن چڱي طبقي جي ئي هوندي.“ مون آهستگيءَ سان چيو.

”اسين ته اڏرندڙ پکيءَ کي سڃاڻيو وٺون. ياد رک هيءَ ڏاڍي ظالم عورت آهي. هن جي ڦندي مان ڪوبه بچي نٿو سگهي. هاڻ تون مون کي ٻڌاءِ، داءَ تي شرط ڪهڙيءَ ريت هنئي ويندي آهي؟“

بازي هڻڻ ۽ داءُ لڳائڻ جا مختلف نڪتا ۽ انهن انگن اکرن جون باريڪيون جيتريون به مان سمجهائي سگهيس ٿي نهايت تفصيل سان کيس سمجهايم. گڏوگڏ جوئا متعلق پنهنجو نظريو به ٻڌايو مانس ته ڊپ ۾ هار ۽ همت ۾ جيت هوندي آهي، وغيره.

ڏاڏي منهنجون ڳالهيون ڏاڍي غور سان ٻڌي رهي هئي ۽ ياد رکڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. جتي به ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ٿي آيس يڪدم ٻيهر سوال ٿي ڪيائينئ ائين ٿي لڳو ڄڻ ته هو ان فن جو ماهر ٿي ٿيڻ چاهيو. آءٌ هڪ هڪ نڪتي ۽ باريڪيءَ کي سمجهائڻ لاءِ ڪئين مثال ڏئي رهيو هوس، ته جيئن هوءَ جلدي گهڻو ڪي سکي وڃي.

”۽ هن ٻڙيءَ جو مطلب ڇا آهي؟ ڏس، اڃا هينئر هن گهنگرو وارن واري خزانچيءَ ٻڙي چئي هئي؟ ۽ ميز جا سڀ پئسا ڇو ميڙيائين؟ ڇا، هي سڀ هن جا پنهنجا ٿيندا. مان ان جو مطلب ڪانه سمجهيس؟“

”ڏاڏي! ٻڙي جو مطلب آهي ته هيءُ داءَ بئنڪ کٽيو آهي. کٽيل سڄو پئسو بئنڪ جو ٿيو. جي گولي ٻڙيءَ جي انگ تي وڃي بيهي ته ميز جا سڀ پئسا بئنڪ ۾ هليا ويندا آهن. ٺيڪ آهي اوهين پنهنجو پئسو بازيءَ ۾ انهيءَ ئي انگ تي لڳائي سگهو ٿيون. پر بئنڪ ڪنهن کي واپس نه ڏيندي آهي.“

”پر ڏاڏي! هن کان ٿوري دير پهرين جي تو ٻڙيءَ تي داءَ هنيو هجي ها، ته پنهنجي رقم کان پنجٽيهوڻي رقم مليوَ ها.“

”واقعي! پنجٽيهوڻي ۽ واقعي هي انگ نڪرندو به آهي؟“ ته پوءِ ماڻهو ٻڙيءَ تي داءَ ڇو نٿا هڻن، صفا ڪي بي وقوف ٿا ڏسجن!“

”ان لاءِ ڏاڏي، جو ان جي مخالفت ڇٽيهه امڪان هوندا آهن.“

”اڙي ڇڏ، اها به ڪا ڳالهه آهي. پوٽاپچ ٿورو هيڏانهن اچ. هن وقت مون وٽ به ته پئسا آهن.“ هن کيسي مان ٻٽون ڪڍيو ۽ هڪ فيڊرڪ ڪڍي چيائين، ”يڪدم ٻڙيءَ تي هڻ.“

مون چيومانس، ”ڏاڏي ٻڙيءَ جو انگ ته اڃا هاڻي نڪتو آهي، ٿوري دير ترسي داءُ هڻو. هاڻ ته گهڻيءَ دير تائين نه نڪرندو. ٿورو انتظار ڪريو، نه ته هارائينديون.“

”چريا ڪٿي جا، آءٌ چوانءِ ٿي يڪدم هڻ.“

”جيئن اوهان جي مرضي، پر هي شام تائين نه نڪرندو. ڀلي اوهين کڻي هزار داءَ لڳايو. هميشه اهوئي ٿيندو آهي، جو قاعدو به اهو آهي.“

”توبهه توبهه، توکي ڪهڙي اچي پئي آهي. ڇا، مون هارايو آهي، جو پهرين کان ماتم کڻي وڌو اٿئي! چڱو داءُ هڻ.“

مون داءَ هنيو، پر هارايوسين. بئي فيڊرڪ تي به اسان هارايو. ٽئي فيڊرڪ تڪي داءُ هنيم. ڏاڏي پنهنجي ڪرسيءَ تان هڪ مريضن واريءَ ڏکويل نظرن سان ڦرندڙ گوليءَ کي ڏسي رهي هئي. هن ٽيون فيڊرڪ به هارايو. جڏهن خزانچيءَ ٻڙيءَ جي بجاءِ زور سان نمبر ڇهه چيو، ته ڏاڏي ڪاوڙ کان ڪپرن مان ئي نڪري ويئي، ۽ پنهنجيءَ ئي تيزيءَ ۾ زور سان ميز تي مڪ هنيائين.

”مان به ڏسان ٿي، ڪيئن نٿي اچي ٻڙي. مري وينديس، پر جيستائين ٻڙي نه نڪرندي، هتان نه اٿينديس. هي سڀ ڪجهه ان گهنگهرو وارن واري خزانچيءَ جو ڪيل آهي، هو ڪمبخت ڪڏهن به ٻڙي نڪرڻ نه ڏيندو، چڱو تون ٻڙيءَ تي داءُ هڻندو رهه. ياد رک، جي کٽيم ته به توکي ڪجهه نه ملندو.“

”اوهان به ڪهريون ڳالهيون ٿيون ڪريو ڏاڏي.“

”جلدي ڪر، داءُ هڻ، هي تنهنجا پئسا ڪونهن، جو منجهين پيو.“

مون ٻه فيڊرڪ لڳايا. گولي پهرين ته آهستي آهستي گهيري۾ ڦرڻ لڳي، پوءِ يڪدم تيز ٿي ويئي. ڏاڏي جوش ۾ اچي منهنجو هٿ جهليو ۽ هوڏانهن..........

”ٻڙيءَ.“ خزانچيءَ زور سان چيو.

ڏٺئي مون نه چيو هو! اهو ته خدا جو فضل هو، جو ڳالهه منهنجي ذهن ۾ اچي ويئي. چڱو هي ٻه فيڊرڪ ئي سهي. چڱو، هاڻ مون کي ڪيترا ملندا! ۽ هي مون کي ڏين ڇو نٿا؟ پوٽا پچ! ڪٿي آهين..... پوٽا پچ!.... پوٽا پچ!“ ڏاڏيءَ خوشي کان ڪنبي رهي هئي.

مون آهستي چيو، ”هو دروازي تي آهي، هن کي اندر اچڻ ڪونه ڏيندا. چڱو ڏسو، هو اوهان کي پئسا ڏيئي رهيا آهن.“ خزانچيءَ پنجاهه فيڊرڪ جي نوٽن جو بنڊل اڇلايو ۽ ويهه فيڊرڪن جا سڪا ڳڻي اڳيان رکيائين. مون ڪرڇو ڊگهو ڪري، کڻي ڏاڏيءَ کي ڏنا.

”هيءَ قسمت جي ڳالهه آهي، محترمه! اهڙي ڳالهه ٻين انگن ۾ ڪٿي؟“ خزانچيءَ ماڻهن جو توجهه ڇڪيندي چيو ۽ چڪري کي ڦيرائڻ دلاءِ ٻيهر تيار ٿي ويو.

”اليگزي جلدي ڪر، دير ٿي ويئي آهي. ڏس هو چڪرو ڦيرائي پيو، جهوٽا نه کاءُ، جلدي ڪر.“ هن سخت ڪاوڙ ۾ ايندي مون کي دڙڪو ڏنو.

”ڏاڏي ڪهڙي انگ تي داءُ هڻان!؟“

”ٻڙي تي. ٻيهر ٻڙيءَ تي گهڻي کان گهڻي رقم جي بازي هڻ. اسان وٽ ڪيتري رقم آهي؟ ستر فيڊرڪ، بچائڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. خير چڱو ويهه فيڊرڪ هڻ.“

”ڏاڏي، توهان ڇا پيا چئو؟ ڪڏهن ڪڏهن ته ٻڙي سون دائن تي به نه نڪرندي آهي- ڀلي پوءِ اوهين سڄي دولت ئي ڇونه هڻي ڇڏيو.“

”ڪهڙي نه ڪاري زبان اٿيئي؟ مان چوان ٿي بازي هڻ! جو ڪجهه مان ڪريان پيئي، ان جي خبر اٿم.“ ڏاڏيءَ جوش ۾ ڪنبندي چيو.

”ٻڙيءَ تي هڪ وقت ٻارهن روبلن کان مٿي داءُ هڻڻ منع آهي. پر جي اوهين چئو ٿيون ته هڻان ٿو.“

”منع ڇو آهي. ڪير آهي منع ڪرڻ وارو. تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين.“ وري خزانچيءَ کي مخاطب ڪري، حڪم ڪرڻ واري انداز ۾ چيائين، ”اي مسٽر، ٻڙي ملاءِ، جلدي ڪر جلدي!“

”ها محترمه! هي سچ ٿو چوي. قانوناً هڪڙي ئي داءَ ۾ کٽيل رقم چئن هزارن فلورن کان مٿي نه هئڻ گهرجي.“ خزانچيءَ منهنجي ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو.

”خير ته مجبوري آهي. چڱو ٻارنهن فيڊرڪ هڻ.“

خزانچيءَ هميشه جيان پنهنجي پنهنجي قسمت، چوندي چڪر ڦيرايو. انگ ٽيهه نڪتو ۽ هن هارايو.

”خير، ڪا ڳالهه نه آهي. ٻيهر لڳاءِ!“ ڏاڏي مون کي چيو.

ڀلا مون کي ڪهڙو اعتراض ٿي ٿي سگهيو. ڪنڌ ڌوڻيندي ٻارنهن فيڊرڪ ٻيا لڳايم. چڪرو آهستي آهستي ڦري رهيو هو. ڏاڏي اُن کي تڪي رهي هئي ۽ منهنجو ذهن سوچي رهيو هو، ’ڇا هن کي واقعي اڃا به کٽڻ جي اميد آهي؟‘ اهو سوچيندي آءٌ حيرانيءَ سان ڏاڏي کي ڏسي رهيو هوس. هن جو منهن کٽڻ جي اميد بلڪ يقين جي ڪري ڳاڙهو ٿي ويو هو. چڪر تيز ٿيو ۽ گولي تيزيءَ سان ڦرڻ لڳي.

”ٻڙي!“ خزانچيءَ رڙ ڪندي چيو.

”ڏٺئي!“ ڏاڏي زور سان ٽهڪ ڏيئي مون ڏي ڏسندي چيو.

آءٌ خود به جوئاري هوس. ان وقت مون کي ائين پئي لڳو ڄڻ هٿ پير ڪنبي رهيا هجن ۽ دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿيندي پئي ويئي. بي شڪ اها ڳالهه تمام گهٽ ٿيندي آهي ته هڪ درجن چالن ۾ ٽي فعا ٻڙي نڪري. پر اها ڪا اهڙي حيرت واري ڳالهه نه هئي، ڇو جو ٻه ڏينهن اڳ خود منهنجي اڳيان ٽي ڀيرا ٻڙي نڪتي هئي. پر هڪ ٻيو جوئاري، جو ڏاڍي غور سان انگن جا امڪان ڏسي رهيو هو. چوڻ لڳو، ”سائين ٽيون ڏينهن ته سڄي ڏينهن ۾ صرف هڪ ڀيرو ٻڙي نڪتي هئي!“

ڏاڏيءَ جي رقم ڏاڍي خيال سان ڳڻي ويئي، ڇو جو تعداد ۾ تمام گهني هئي. هن کي ڪل چار سؤ ويهه فيڊرڪ يعني چار فلورن ۽ ويهه فيڊرڪ مليا هئا. ويهه فيڊرڪ جا سڪا ۽ چار هزار فلورن بينڪ جي نوٽن جي شڪل ۾ ڏنا ويا.

هن ڀيري ڏاڏيءَ پوٽا پچ کي ڪونه سڏيو. ڇو جو هاڻ هن ۾ بردباري اچي وئي هئي ۽ پهرينءَ واري بڙ بڙ به ختم ٿي ويئي هيس. سندس ڏڪڻي به ختم ٿي ويئي هئي. ها هوءَ اندر ئي اندر ۾ ضرور ڪنبي رهي هئي. خبر ناهي ته ڪهڙي سوچ ۾ ٻڏل هئي.

”اليگزي! هينئر هو خزانچي چئي رهيو هو ته هڪ شخص هڪ وقت ۾ رڳو چار هزار فلورن ٿو لڳائي سگهي، چيو هئائين نه؟ ته وٺ هي چار هزار فلورن ڳاڙهي نشان تي لڳاءِ.“ ڏاڏيءَ مون کي حڪم ڪيو.

ڀلا اعتراض ڪرڻ جي ڪهڙي مجال هئي. چڪر ڦرڻ لڳو.

”ڳاڙهو!“ خزانچيءَ هميشه وانگر رڙ ڪئي.

ڏاڏي هڪ ڀيرو وري کٽي ويئي هئي ۽ هاڻ ڪل اٺ فلورن ٿي ويا هئا.

”چڱو چار مون کي ڏي ۽ چار هزار ڳاڙهي نشان تي هڻ!“ ڏاڏيءَ حڪم ڏنو. مون وري چار هزار لڳايا. چڪر ڦرڻ لڳو.

”ڳاڙهو!“ خزانچيءَ ٻيهر رڙ ڪئي.

”ڪل ٻارنهن هزار ٿي ويا نه- چڱو ڏي. سڀ مون کي ڏي. سڪا ٻٽونءَ ۾ وجهه ۽ نوٽ رومال ۾ ٻڌي ڏي. بس ڪافي آهن. هلو ته هاڻ گهر هلون- ڀائي، ڪرسي ڇڪيو، جلدي ڪريو.“

 

 

 

 

باب يارهون

 

نوڪر معذور بردار ڪرسي ڇڪي ڪمري جي ٻيءَ ڪنڊ ۾ کڻي ويا. ڏاڏي خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ نٿي ماپي. اسان جي پارٽيءَ جا سڀ ماڻهو هن جي چوڌاري بيهي مبارڪون ڏيڻ لڳا. ڏاڏيءَ جو رويو ڪيترو بي ڍنگو ۽ نرالو ڇونه هو، ته به هيءَ ڳالهه لڪل نه هئي ته هن جي ڪاميابيءَ ڪيترائي عيب ايندي خوف نٿي محسوس ڪيو. هڪ عجيب نرالي مسڪراهٽ سان هن ڏاڏيءَ کي مبارڪ ڏني. ڄڻ ڪنهن ٻار کيچٽ ٻڌي هن جي ناز برداري ڪري رهيو هجي. هونئن به هو ٻين تماشائين وانگر متاثر ٿيو هو. ماڻهو هن شاندار راند تي سس ڦس ڪري رهيا هئا ۽ ڏاڏيءَ ڏي هر هر آڱريون کڻي اشارا ڪري رهيا هئا. انهن مان ڪي ته ڏسڻ لاءِ اڳتي ويڌ آيا هئا. ائسٽلي صاحب ٻين ٻن شناسا انگريزن سان هن جي باري ۾ تعريفي انداز ۾ گفتگو ڪري رهيو هو. چند ٺهيل ٺڪيل عورتون هن کي ڪو عجوبو سمجهي، ڏاڍي حيرانيءَ سان هن ڏانهن تڪي رهيون هيون. گريو به پنهنجي ٽهڪن سان ڏاڏيءَ تي مبارڪن جي ورکا ڪري رهيون هيون.

”وڏي ڪاميابي آهي!“ گريو چيو.

”محترمه هيءَ ته واقعي تمام وڏي ڳالهه آهي!“ مادموزيل بلانشي ڏاڏيءَ جي دل ۾ گهر ڪرڻ لاءِ ڏاڍي لفريب مسڪراهٽ سان چيو.

”ها، ڏسو ته اڃا ائي مس آهيان ته ٻارهن هزار فلورن به کٽي ورتم ۽ سون جي سڪن کي ملايو ته ڪل تيرهن هزار فلورن!“ وري مون کي مخاطب ڪندي چيائين، ”چؤ! ڪل گهڻو سون آهي، ڇهه هزار فلورن جيترو هوندو؟“

مون تفصيل سان ٻڌايومانس، ”ستن هزارن کان به گهڻو آهي. موجوده مٽا سٽا جي ناڻي جي اگهن جي مطابق غالباً اٺ هزار فلورن جو ٿيندو.“

”اٺن هزارن جو سون کٽڻ ڪا معمولي ڳالهه ڪانهي. ڪن کولي ٻڌو، هتي روز ٿا اچو ۽ هڪ پائي به حاصل نٿا ڪريو! پوٽا پچ! خادمه! اڙي توهين ڏسو پيا؟“

”مادام هيءُ ته خدا جو وڏو فصل آهي، ٻيو ڇا. اٺ هزار، منهنجا خدا!“ نوڪرياڻي سؤ سؤ وٽ کائيندي، نزاڪت سان چيو.

”چڱو، وٺو هي پنج سونا سڪا توهان جا آهن.“

پوٽا پچ ۽ نوڪرياڻي ڏاڏيءَ جو هٿ چمڻ لاءِ وڌيا.

”اليگزي مزدورن کي به هڪ هڪ فيڊرڪ ڏيئي ڇڏ ۽ هي نوڪر ڇو پيا هڪ ٻئي تي ڪرن. ڇا مون کي مبارڪباد ٿا ڏين! چڱو انهن کي به هڪ هڪ فيڊرڪ ڏيئي ڇڏي.“

”مادام! واقعي توهان شهزادي آهيو. توهان جي قوت اراديءَ ته مون کي حيران ڪري ڇڏيو. اوهين واقعي سخي آهيو. خدا اوهان کي وڏي حياتي ڏي. اوهان جي ڪرم ۽ سخاوت جي طفيل اسين به جي رهيا آهيون.“ هڪ وڏين مڇن وارو ڊگهو شخص جنهن کي ميرو ڪوٽ ۽ ڀورو واسڪوٽ پيل هو، اهي اکر چوندو ڪرسيءَ ڏانهن تيزيءَ سان وڌيو. هو هر هر جوش ۾ ٽوپي لوڏي رهيو هو.

”هن کي به هڪ- نه، ٻه فيڊرڪ ڏي. بس ڪر. هنن ماڻهن جو وات ته ڪڏهن به بند نه ٿيندو. هاڻ ڪرسي ڇڪيو. پراسڪويا!“ هن پالينا اليگزينڊرونا کي سڏ ڪندي چيو، ”سڀاڻي توکي به هڪڙو سهڻو وڳو وٺي ڏينديس ۽ تنهنجي لاءِ به مادموزيل...... خدا نيڪي ڏينئي ڇا نالو اٿئي؟ مادمزيل بلانشي؟ توکي به هڪڙو وڳو وٺي ڏينديس. پراسڪويا، ترجمو ڪري ٻڌائينس.“

”وڏي مهرباني مادام.“ مادموزيل بلانشي ڏاڍي احترام سان جواب ڏنو. حالانڪ گريو ۽ جنرل ڏانهن ڏسندي، سندس اکين ۾ طنز اڀري آئي هئي. جنرل صاحب ڪجهه پريشان نظر اچي رهيو هو. پر جڏهن شاه بلوط واري رستي تان لنگهياسين پئي ته هن کي مڙئي ٿورو آرام آيو.

”فدوسيا- فدوسيا کي به ڏاڍو تعجب ٿيندو.“ ڏاڏيءَ جنرل جي نرسل لاءِ سوچيندي چيو.

”مان هن کي به هڪ وڳو وٺي ڏينديس. اليگزي اوانو وچ- اڙي اليگزي، هي هُن اپاهج کي ڏيئي ڇڏ!“

اهو هڪ ڪٻڙو ماڻهو هو، جنهن کي ڦاٽل پرانا ڪپڙا بلڪ رنگبرنگا ليڙن جهڙا ڪپڙا پيل هئا، اسان جي ڀرسان لنگهندي گهوري رهيو هو.

”ڏاڏي، هي اپاهج ڪونهي، ڪو بدمعاش ٿو لڳي.“

”خير ڪير به هجي، تون هن کي هڪ گلڊن ڏيئي ڇڏ. دير ڇو ٿو ڪرين؟“

مون ويجهو وڃي هڪ گلڊن هن کي ڏنو. پهرين ته هو مون ڏانهن ڏاڍيءَ حيرانيءَ سان گهورڻ لڳو. پر پوءِ گلڊن ورتائين. هن جي وات مان شراب جا ڀڀڪا نڪري رهيا هئا.

”اليگزي، تو ڪڏهن پنهنجي لاءِ جوئا نه ڪئي آهي؟“

”جي نه.“

”پر جڏهن تون منهنجي لاءِ داءُ هڻي رهيو هئين، ته مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ تنهنجون اکيون ٽانڊا ٿيو پئي ويون.“

”مون اهو پڪو ارادو ڪيو آهي ته هاڻ ضرور جوئا ڪندس.“

”۽ ڏس ويندي ئي ٻڙي تي داءُ هڻجانءِ، خدا ڪندو ته فتح پنهنجي ٿيندي. هن وقت تو وٽ گهڻا پئسا آهن؟“

”رڳو ويهه فيڊرڪ.“

”هي تمام ٿورا آهن. خير ڪا ڳالهه نه آهي. پنجاهه فيڊرڪ مان توکي ڏيندس. جي ٻيا به کپنئي ته قرض ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هي وٺ بندل-“ وري اوچتو جنرل ڏي ڏسي چيائين، ”چڱا مڙس، تون اهڙيءَ طرح ڇو پيو ڏسين؟ توکي ڪجهه به نه ملندو. مون مان ڪا اميد نه رک.“

جنرل صاحب جي بدن کي ڏڪڻي وٺي ويئي. پر ڪجهه ڪڇيو ڪونه.

”ڪمبخت ڏاڍي خبيث آهي. پر هن جي خباثت مان ڪنهن کي نقصان پهچي نٿو سگهي.“ گريو جنرل جي ڪن ۾ آهستي چيو.

”فقير، فقير.... ڏس سامهون فقير پيو وڃي. اليگزي اِوانووچ! هن ويچاري کي به هڪ گلدن ڏيئي ڇڏ.“

هو ڀورن وارن وارو شخص هو ۽ ويساکيءَ جي سهاري آهستي آهستي هلي رهي هو. کي گوڏن تائين نيري رنگ جو ڪوٽ پيل هو. ڪو جهونو سپاهيءَ ٿي لڳو. جڏهن مون هن کي گلڊن ڏيڻ لاءِ هٿ وڌايو، ته هو پٺيان هٽي ويو ۽ ڪاوڙ مان مون کي گهورڻ لڳو.

”بيوقوف! مون کي فقير ٿو سمجهين.“ ائين چئي مون کي سوين ڪچيون گاريون ڏنائين.

”اوهه! هي ته ڪو چريو آهي!“ ڏاڏيءَ هٿ لوڏيندي چيو، ” چڱو هاڻ جلدي هلو. مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي. ماني کائي ٿورو آرام ڪنديس، پوءِ وري هتي اينديس.“

”ته ڇا ڏاڏي، اوهين وري به کيڏنديون؟“

”ٻيو نه ته تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي ته ويهي مکيون ماريان؟ تون ويٺو پنڪيون کاءُ ۽ مان تنهنجي شڪل تڪيندي رهان؟ اها ئي مرضي اٿئي نه؟“

گريو ويجهو ايندي چيو، ”يقينا محترمه! اوهان جو خيال درست آهي. اول ته ڪنهن کي موقعو ملي ئي نٿو، پر جي ملي، ته به ڍنگ اچڻ کپي. جي موقعي جو فائدو ڍنگ سان نه ورتو وڃي ته اهو موقعي نه ملڻ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي.“

”آخر ڇا ڪجي؟ اهو ڍنگ به ته ٻڌاءِ؟“ مادموزيل بلانشي ڳالهه کي چٻاڙيندي آهي.

”پر توهين آخر منهنجي ڳالهين تي پڄرو ڇو پيا؟ توهين ڪوبه الڪو نه ڪريو، جي مون هارايو ته به پنهنجو پئسو هارائينديس. هو ائسٽلي صاحب ڪٿي آهي؟“ ڏاڏيءَ مون کان پڇيو.

”ڏاڏي، هو ڪاسينو ۾ ئي ترسي پيو.“

”هنه، ته هو به اتي آهي. هو ڏاڍو چڱو ماڻهو آهي.“

هوٽل جي ڏاڪڻن تي جڏهن ڏاڏي وڏي بيري سان ملي ته جوئا ۾ پنهنجي کٽڻ جي ڳالهه ٻڌائڻ لڳيس. پوءِ هن فدوسيا کي سڏيو ۽ هن کي ٽي فيڊرڪ انعام ڏنا ۽ ماني آڻن لاءِ چيائين. ماني کائڻ وقت فدوسيا ۽ نوڪرياڻي ملرفا بئي ڏاڏيءَ سان گڏ هيون.

ملرفا گرهه چٻاڙيندي چيو، ”مادام، مان اوهان کي باقاعدي ڏسي رهي هيس ۽ پوٽا پچ کي چيم پئي ته ڪٿي مادام کي ڪنهن شيءِ جي ضرورت نه هجي ۽ پئسا، ميز تي پيل پئسا، ايمان سان ايتري دولت مون ڪڏهن به اکئين نه ڏٺي هئي. چئن ئي پاسي شريف ماڻهو ويٺا هئا. هڪ به ته لوفر ڪونه هو. مون پوٽا پچ کان پڇيو ته هي سڀ ماڻهو ڪٿان آيا آهن؟ پر هن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. مادام! آءٌ اوهان لاءِ دعا گهري رهي هيس. خدايا، اسان جي مالڪياڻي شل کٽي! يا خدا هن جي مدد ڪر! پر مادام! آءٌ پگهرجي وئي هيس ۽ دل ٻڏم پئي. يا الاهي اسان جي مالڪياڻي کٽي! ۽ ڏسو، منهنجي دعا قبول ٿي وئي ۽ اوهان الله جي فضل سان کٽي ويون. مان ته ڏڪي رهي هيس. هاڻي وري ڪجهه هوش آيو آهي.

”اليگزي! تون مانيءَ کان پوءِ ڀلي وڃي آرام ڪر. پر ڏس، ٺيڪ چِئين بجي هتي پهچي وڃجئين. ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي مون ڏانهن ضرور موڪلي ڏجئين. مان دوا باقاعدي استعمال ڪرڻ ٿي گهران.“

جڏهن مان ڏاڏيءَ وٽان موٽيس، ته مون کي ائين ٿي لڳو ڄڻ بلڪل مدهوش، بلڪل ديوانو ٿي چڪو آهيان. آءٌ اهو سوچي رهيو هوس ته هنن ويچارن جو ڇا ٿيندو! هي ماڻهو ڇا ڪندا، ڪيڏانهن ويندا ۽ معاملو ڪهڙو رخ اختيار ڪندو؟ ان ڳالهه کان ته چڱيءَ طرح واقف هوس ته هي سڀ (خاص ڪري جنرل صاحب) اڃا تائين پهريون جهتڪو ئي وساري نه سگهيا هئا. هن جي وفات جي خبر آڻڻ ۽ هن جي سڄي ملڪيت جي ورثي واريءَ تار جي بجاءِ ڏاڏيءَ جي اوچتي اچڻ هنن جي خوابن کي اصل پاڙؤڻ پٽي ڇڏيو. سڀ منصوبا مٽيءَ ۾ ملي ويا هئن ۽ هاڻ رولٽ جي جوئا خاني ۾ ڏاڏيءَ جي هنگامن کان هو اڃا به وڌيڪ پريشان پئي ٿيا. هر شخص هوش کان نڪرندو پئي ويو ۽ سڀئي اهڙا ته چپ چاپ هئا، ڄڻ نانگ ڪکي ويو هون.

هيءَ ٻي حقيقت پهرينءَ حقيقت کان به وڌيڪ اهميت ٿي رکي. حالانڪ ڏاڏيءَ جنرل کي صاف چئي ڇڏيو هو ته هوءَ کيس هڪڙي ڪوڏي به نه ڏيندي. پر خدا کي خبر هت ٿيڻو ڇا هو؟ بهرحال، دنيا اميد تي قائم آهي. اميد کي بلڪل ڇڏڻ به ٺيڪ نه آهي. تنهنڪري گريو، جو جنرل جي هر معاملي ۾ دخل ڏيندو هو، بلڪل نا اميد نه ٿيو هو. مون کي پڪ اهي ته مادموزيل بلانشي به، جيڪا جنرل جي هر معاملي ۾ گريو وانگيان دخل ڏيڻ جي عادي ٿي چڪي هئي (ڀلا، هڪ ته جنرل ٻيو هيڏي ساريءَ گهڻي دولت وارو) صفا اميد لاهي نه ويٺي هئي. بلڪ پنهنجي دلفريب مرڪ ۽ دلربائيءَ سان ڏاڏيءَ کي پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي ۽ معصوم پر مغرور پالينا ته ڪنهن جي خوشنودي حاصل ڪري ئي نٿي سگهي، ان ڪري جو هوءَ چٽ ٻڌڻ ڇا ڄاڻي؟ پر هاڻ ڏاڏي رولٽ جي جوئا خاني مان ڪافي رقم کٽي چڪي هئي. ممڪن آهي ته هوءَ آئينده هارائي به وجهي. هڪ ته هارائڻ جو امڪان، ٻيو هن جي سرڪشي، ٽين هن جي پيري- غالباً گريو انهن ئي ڳالهين کي ٺلهيون ڳالهيون ۽ خيالي پلاءُ چئي، پنهنجي دل ۽ گڏوگڏ جنرل جي دل پرڀائي رهيو هو. ممڪن آهي ته هوءَ واقعي هارائي وڇي. هوءَ پننجي کٽڻ تي ٻارن وانگر خوش هئي- ايتري خوش، جو اهو به ممڪن هو ته ان حد کان وڌيڪ جوش- مسرت ۾ اچي هو سڄي دولت هارائي ئي ويهي. آءٌ ڏاڍي شرارت ڀريءَ مرڪ سان (خدا مون کي معاف ڪري) سوچي رهيو هوس ته جيڪي داءَ لڳا پئي، انهن مان جنرل صاحب جي دل وري هڪ ڀيرو جلي ڪباب ٿي وئي هوندي ۽ مادموزيل بلانشي چپن تائين آيل جام کي ڀڄي ڀور ٿيندي ڏسي، ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي وئي هوندي. وري ڏاڏي پنهنجي ڪاميابيءَ جي نشي ۾ هر ڪنهن کي پئسا ڏيئي رهي هئي. هر لنگهندڙ کي فقير پئي سمجهيائين، وري ان وقت جنرل کي چوڻ ته ”مان توکي هڪ ڪوڏي به نه ڏينديس.“ هي سڀ ڳالهيون خطري کان خالي نه هيون. ان جو کليو کلايو اهو مطلب هو ته هن کي واقعي جنرل صاحب کي ڪجهه ڏين جو خيال ڪونهي. هن اهو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو ته جنرل صاحب کي ڪجهه به نه ڏيندي ۽ اها ڳالهه حقيقتاً خطرناڪ هئي. تمام خطرناڪ!

ان قسم جا گندا خيال منهنجي ذهن ۾ ان وقت اڌما کائي رهيا هئا، جنهن وقت آءٌ ڏاڏيءَ جي ڪمري مان نڪري، مٿي پنهنجي ڪمري ڏي وڃي رهيو هوس. حقيقت هيءَ آهي ته مون کي انهن ڳالهين سان ڏاڍي دلچسپي هئي. بي شڪ آءٌ گهڻو اڳ انهن مقصدن ۽ ڳالهين کي ذهن ۾ آڻي سگهيس ٿي، جن منهنجي سامهون انهن ائڪٽرن کي نچائي ڇڏيو هو. پر ان هوندي به ايمان جي ڳالهه هيءَ آهي ته آءٌ اڃا تائين سڄي ڊرامي ۽ ان جي رمزن کي باقاعدي سمجهي نه سگهيو هوس. پالينا ڪڏهن به مون سان ملي ٿي ته ڏاڍي رازداريءَ سان ٿي ڳالهائين، پر ٻئي طرف وري پنهنجي چيل ڳالهين کي ٿوريءَ دير کان پوءِ رد ڏئي ٿي ڇڏيائين. اصلي ڳالهه تي پڙدو وجهي، ان جو رخ ئي بدلائي ڇڏيندي هئي ۽ وڌاءُ ڪري هڪ نئين ڳالهه ٻڌائڻ لڳندي هئي. اصل ۾ هن مون کان گهڻو ڪجهه لڪايو هو. بهرحال هاڻ مون کي صاف نظر پئي آيو ته جلد ئي انهيءَ پراسرار معاملي جو ڦاٽ ڦاٽڻو آهي. جي هن قسم جو هڪ ٻيو جهٽڪو لڳو ته سڀ ڳالهيون ظاهر ٿي پونديون. هونئن ته منهنجي خوشقسمتي ۽ بدقسمتيءَ جو دارومدار به ان سڄي قصي تي ٻڌل هو، پر آءٌ پنهنجي لاءِ گهڻو پريشان ڪونه هوس. منهنجي ذهن جي عجيب حالت هئي. کيسي ۾ ڪل ويهه فيڊرڪ پيا هئم. هوڏانهن پرديس ۾ بي يارو مددگار نه روزگار هو، نه اميد، نه تمنا، پوءِ به پريشان ڪونه هوس. مون کي ڪنهن به شيءِ جو غم نه هو. مگر ها، رڳو هڪ غم منهنجي لاءِ عذاب بنيل هو ۽ اهو هو پالينا جو غم. جي مون کي پالينا جو خيال نه هجي ها ته شايد ڪنهن به ڳالهه سان ڪو تعلق نه رکان ها. بلڪ هر مصيبت تي بيهي کلان ها، ٽهڪ ڏيان ها ۽ الائي ڇا ڇا ڪريان ها. مون کي رڳو پالينا جو فڪر هو. مون کي خبر هئي ته پالينا جي قسمت جو فيصلو ٿيڻ وارو آهي. تنهنڪري ڏاڍو پريشان هوس. پر اهو چوندي مون کي افسوس پيو ٿئي ته منهنجي پيشاني صرف هن جي قسمت جي ڪري ڪونه هئي. مان هن جي رازن جي تهه تائين پهچڻ جي خواهش ۾ پئي لڇيس ۽ ڦٿڪيس. اها آرزو نانگ وانگر منهنجي سيني تي سُري رهي هئي ته هوءَ اچي ۽ آهستي اچي چوي، ”مون کي توسان پيار آهي.“ ۽ جي ائين نه آهي، جي اها اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي، جي اهو ڪو چريائي4 جو خيال آهي، ته خير ڪا پرواهه نه آهي. پوءِ آخر مون کي گهرجي ڇا ٿو؟ آءٌ واقعي چريو ٿي چڪو هوس. مون ته رڳو هي ٿي چاهيو ته هيءَ جبل جيڏي زندگي هن جي گهاتن وارن جي پاڇن ۾ گذاريان، هن جي ايتري ويجهو رهان جو هن جي دل جي ڌڙڪڻ بڌان، هن جي حسن جي نوراني ڪرڻن سان پنهنجي روح کي تازو ڪريان- جيئندو رهان، مرندو رهان، ان کان وڌيڪ مون کي ڪجهه به نٿي گهريو. هونئن به ڇا، آءٌ هن کي ڇڏي سگهيس ٿي؟

ٽيءَ ماڙيءَ تي چڙهندي، مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن اشاري سان سڏ ڪيو هجيم. پٺيا مڙي ڏٺم ته ويهن قدمن جي فاصلي تي پالينا دروازي مان ٻاهر نڪري رهي هئي. هوءَ شايد منهنجو انتظار ڪري رهي هئي. هن مون کي ڏسندي ئي اشاري سان پاڻ ڏي سڏيو.

”پالينا اليگزنڊرونا....“

”چپ ٿورو آهستي.“

”ڏس،“ مون شائستگيءَ سان چيو، ”خبر اٿئي، مون کي ائين لڳو ڄڻ پٺيان ڪو سڏي رهيو هجيم. مڙي ڏٺم ته تون هئينءَ- تون! مون کي اهڙو احساس ٿيو، ڄڻ تنهنجي طرفان ڪا برقي لهر بدن ۾ اچي وئي هجيم.“

پالينا شايد منهنجي ڳالهه ڪانه ٻڌي. هن پيشانيءَ تي گهنج وجهندي چيو، ”هي خط وٺ ۽ يڪدم ائسٽلي صاحب کي پهچاءِ. انهيءَکي ڏجانءِ، ڏس مان التجا ٿي ڪريان. ٿورو جلدي ڪر. جواب جي ضرورت نه آهي. هو خود....“ هوءَ ڳالهه ڪندي ڪندي رڪجي ويئي.

”ائسٽلي صاحب؟“ مون سخت حيرانيءَ وچان پڇيو.

”اوه! خط و ڪتابت به آهي!“ بهرحال جلدي ڪاسينو ڏي ڏيس. سڀيئي ڪمرا ڏٺم. پر هو نه مليو. جڏهن پريشانيءَ ۽ نااميديءَ جي حالت ۾ واپس پئي آيس ته اوچتو هو ملي ويو. ان وقت هو هڪ انگريز مرد ۽ عورت سان گڏ گهوڙي تي چڙهيو پئي ويو. مون هٿ جي اشاري سان سڏيومانس ۽ پالينا جو خط ڏنومانس. هن مون ڏي اک کڻي به نه ڏٺو. بلڪ ڄاڻي ٻجهي گهوڙي کي لت هڻي تيز تيز اڳيان وڌي ويو.

ڇا آءٌ واقعي رقابت جي باهه ۾ سڙي رهيو هوس؟ ڪابه خبر نه آهي. اها خبر ضرور اٿم ته شڪست جي احساس منهنجا گوڏا ڀڄي ڇڏيا هئا. آءٌ بلڪل برباد ٿي چڪو هوس ۽ ايترو شڪست کاڌل، جو اهو به ڄاڻڻ نٿي چاهيم ته هو چٺين ۾ هڪ بئي کي ڇا لکي رهيا هئا. مگر پالينا کي هن تي اعتماد ضرور هو. تڏهن ته هن کي خط لکندي هئي. مان سوچڻ لڳيس، ”پالينا هن تي اعتبار ڪري ٿي ۽ هو پالينا جو دوست آهي (پر هو پالينا جو دوست ڪڏهن بڻيو؟) خير اها ڳالهه ته پڪي آهي ته هو پالينا جو دوست آهي. مگر ڇا هنن جي پاڻ ۾ محبت آهي؟ نه بلڪل نه!! عشق، عقل کي جواب ڏنو. پر اهڙين صورتن ۾ عشق جي ڪير ٿو ٻڌي. مطلب هي ته وقت اچي ويو آهي ان ڳالهه جي خبر به پوندي. پر هن وقت ته معاملي جي مونجهارن ۾ هڪ وڌيڪ ڳنڍ پئجي چڪي هئي.

آءٌ تيز تيز قدمن سان پنهنجي وڏي ڪمري ڏي وڃي رهيو هوس ته پهرين هڪ بيري ۽ پوءِ ٻئي بيري چيو ته جنرل ٽي دفعا سڏي چڪو هوم، هنن اهو به ٻڌايو ته هو پنهنجي ڪمري ۾ منهنجو بي چينيءَ سان انتظار ڪري رهيو هو. تنهن جو مطلب ته مون کي اهو به ٻڌائڻو پوندو ته ڪٿي هوس ۽ ڪهڙي سبب هوس؟ منهنجي ذهن ۾ آتش فشان ٿي ڦاٽو. پڙهڻ واري ڪمري ۾ جنرل کان سواءِ گريو ۽ اڪيلي مادموزيل بلانشي به هئي. اڪيلي ان لاءِ، جو ماڻس گڏ ڪانه هيس. هن جي ماءُ ته رڳو هڪ اهڙي ڪاروباري شيءِ جيان هئي، جا سينگاريل ڪمري ۾ رڳو ڏيکاءَ لاءِ رکي ويندي آهي ۽ ضرورت وقت خودبخود پنهنجو ڪم ڪندي آهي. هوءَ هڪ رانديڪو هئي. مٽيءَ جو پتلو- جنهن کي شايد پنهنجي ڌيءَ جي ڪارنامن جي خبر به ڪانه هئي.

بهرحال هو ڪنهن گرماگرم موضوع تي ڳالهائي رهيا هئا: ڪمري جا سڀ در بند ڪيا ويا هئا. هن کان پهرين ائين ڪڏهن به نه ٿيو هو. دروازي وٽ مون گوڙ جو آواز ٻڌو، گريو جو تيز تيز آواز، بلانشي جو غضبناڪ ۽ جنرل جو مايوسانه آواز، جو شايد ٻين جي حملن کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جڏهن آءٌ اندر ٿيس، ته هو هميشه جيان پنهنجي جذبات کي ضبط ڪري بلڪل خاموش ٿي ويا. گريو وارن ۾ آڱريو ڦيرائيندي پنهنجي ڀيانڪ چهري تي زبردستيءَ جي مرڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. اهائي فرانسيسي مرڪ جنهن کان مون کي سخت نفرت آهي. تباهه حال جنرل پنهنجي منهن تي عظمت ۽ وقار جا آثار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر هن جي ڪوشش به گريو جي کل جيان ڪوڙي هئي. رڳو بلانشي پنهنجو چهرو بدلائڻ جي ڪوشش نه ڪئي، جو ڪاوڙ جي باهه ۾ ٻري رهيو هو. هوءَ رڳو چپ ٿي ويئي ۽ ڪنهن سٺي اميد جي انتظار بلڪ اضطراب ۾ مون کي تڪڻ لڳي. قطع ڪلام معاف، هتي هيءَ ڳالهه ٿورو مون کي موضوع کان هٽي ڪرڻ ڏيو. ڪجهه ڏينهن کان مادموزيل بلانشي جو رويو مون سان سٺو نه هو. هوءَ منهنجي سلام جو جواب به نه ڏيندي هئي. هوءَ مون کي ڏسڻ به پسند نه ڪندي هئي ۽ هونئن ڪڏهن ڪو اتفاق سان اوچتي مون تي نظر پئجي ٿي ويس، ته اها ٻي ڳالهه هئي.

جنرل صاحب ڏاڍي ادس لهجي ۾ چيو، ”اليگزي اوانووچ- اوهان جو رويو مون سان ۽ منهنجي گهر وارن سان ڏاڍو عجيب آهي- بيشڪ ڏاڍو عجيب.“

”اوه، اهڙي طنز!“ گريو ائين چيو، ڄڻ پنهنجي پاڻ کي ئي چئي رهيو هجي. وري هن جي ڳالهه مون کي سمجهائڻ لڳو، ”ڏسو، جنرل جو مطلب رڳو ايترو آهي ته هن سان سٺو سلوڪ ڪر ۽ هن کان رنج نه ٿيءُ. يعني هن جو چوڻ رڳو ايترو آهي ته تون پنهنجي رويو بدلاءِ. هو درخواست ڪري رهيو اٿئي ته تون پنهنجي موجوده رويي سان هن کي برباد نه ڪر. مان ته هن جي ڳالهه جو اهوئي مطلب سمجهيو آهيان.“

”پر، ڇو! آءٌ ڪڏهن ڪنهن کي برباد ڪري رهيو آهيان؟“

”آخر تون ڏاڏيءَ جو رهنما بڻيو ڇو پيو ڦرين! هوءَ ڪمبخت ظاهري طرح ڏاڍي خوشمزاج آهي، پر اندر ۾ ڏاڍي خطرناڪ آهي...“ گريو خود پننهجي ڳالهه تي جهجهڪڻ لڳو، ”توکي خبر آهي ته هوءَ جوئا ۾ سڄي دولت هارائي وجهندي. توکي خود خبر آهي ته هوءَ بي ڍنگي طريقي سان کيڏي رهي هئي. اچ ته کٽي ويئي آهي، پر خدانخواسته جي هارائڻ شروع ڪيائين، ته هوءَ پنهنجي جوش ۾ سڀ ڪجهه هارائي ويهندي ۽ ظاهر آهي ته جوئا ۾ هارايل رقم واپس نه ايندي آهي.... پوءِ.... پوءِ“

جنرل صاحب گريو کي لقمو ڏيندي چيو. ”ائين ته تون سڄي خاندان کي تباهيءَ جي غار ۾ اڇلائي ڇڏيندين، توکي خبر آهي ته مان ۽ منهنجو ڪٽنب- اسين ان ملڪيت جا واحد وارث آهيون. ڇو جو هن جو ڪوبه ٻيو مٽ مائٽ ڪونهي. مان اڄ توکي صاف صاف ٻڌائي ٿو ڇڏاين ته منهنجي مالي حالت نازڪ ٿي چڪي آهي ۽ منهنجون حالتون خراب آهن. ڪنهن حد تائين توکي به خبر آهي... جي خدانخواسته هوءَ هڪ وڏي رقم يا سڄي ملڪيت جوئا ۾ هارائي ويٺي، ته منهنجو ۽ منهنجي ننڍڙن ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ (جنرل گريو ڏي ڏٺو) ۽ منهنجو ڇا ٿيندو.... (جنرل بلانشي ڏي ڏٺو، جنهن حقارت سان نگاهون ڦيرائي ڇڏيون) اليگزي! خدارا اسان کي بچاءِ. مان خدا جو واسطو ٿو ڏيانءِ.“

”پر جنرل صاحب، آءٌ توهان کي ڪيئن ٿو بچائي سگهان؟ منهنجو هن سان ڪهڙو تعقل؟“

”تون هن کي ڇڏي ڏي. هن سان گڏ وڃڻ کان بلڪل انڪار ڪر.“

”آءٌ نه ويندس ته ڇا ٿيندو، منهنجي جڳهه تي ڪو ٻيو ويندو.“

”اهو به ٺيڪ آهي. چڱو تون ان کي نه ڇڏ ۽ گهٽ ۾ گهٽ ايترو ڪر، جو سمجهائي مڃائينس. جوئا کان نفرت ڏيارينس... يا وري وڏيون رقمون هڻڻ نه ڏينس. بس ٿوري رقم جي بازي هڻي.“

”پر آءٌ اهو ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ گريو صاحب هي ڪم ڇو نه ٿو ڪري؟ مون ٻالو ڀولو بنجي چيو.

مون ڏٺو ته مادموزيل بلانشي گريو ڏي سواليه نظرن سان گهورڻ لڳي ۽ گريو جي منهن تي ڪا معنيٰ خيز شيءِ اڀري آئي، جنهن کي هن لڪائڻ جي ڪوشش ته ڪئي پر لڪائي نه سگهيو.

”ڳالهه هيءَ آهي ته هوءَ مون کي پسند نه ڪندي ۽ هونئن....“ گريو پنهنجي هٿن کي مهٽيندي چيو ۽ معنيٰ خيز نگاهن سان بلانشي ڏي ڏسڻ لڳو.

”موسيو اليگزي ٿورو هيڏانهن به ڌيان ڏيو!“ مادموزيل بلانشي قيامت خيز چال سان مون ڏانهن اچڻ لڳي. هن جي منهن تي ڏاڍي دل کسيندڙ مرڪ کيڏي رهي هئي. ايندي ئي مون کي بنهي ڪلهن کان جهليو ۽ ڀاڪر پائي زور سان چنبڙي وئي. هيءَ شيطان جي ڌيءَ. منٽن ۾ ڪيترو بدلجي ٿي وڃي! ان خاص لمحي ۾ هن جي منهن تي ميٺاج سان گڏوگڏ التجا به اُڀري آئي هئي. هن جي مرڪ جي سادگيءَ ۾ شرارت به ملي ويئي هئي. هڪ ئي لمحي کان پوءِ هن مون کان جدا ٿيندي، مون کي اک ڀڳي، جا مون کان سواءِ ڪوبه ڏسي نه سگهيو. ان طرح هن مون کي اهو ٿي سمجهايو ته ”مان تنهنجي آهيان.“ ۽ ان ۾ هوءَ پنهنجي پر ۾ ڪامياب به ٿي چڪي هئي، پر هي سڀ ڳاهيون ڏاڍيون اڍنگيون ٿي لڳيون.

جنرل صاحب هڪدم ٽپ ڏيئي مون وٽ آيو ۽ ڏاڍي عاجزيءَ سان چوڻ لڳو، ”اليگزي اِوانو وچ! جيڪي ڪجهه مون هينئر توکي چيو، تنهن لاءِ معافي ٿو گهران. منهنجو اهو مطلب هرگز ڪونه هو. مان التجا ٿو ڪريان، درخواست ٿو ڪرايان. مان تنهنجي پيرين ٿو پوان. تون ۽ رڳو تون اسان کي بچائي ٿو سگهين. مادموزيل ڪامنگس ۽ اسان توکي التجا ٿا ڪريون- تون سمجهي ويو هوندين. بيشڪ تون سمجهين ٿو.“ هن مادموزيل بلانشي ڏانهن اکين سان اشارو ڪندي چيو- حقيقت ۾ هن جي حالت رحم جي قابل هئي.

اوڏي مهل ڪنهن آهستي دروازو کڙڪايو. دروازو کليو. هوٽل جو بيرو ۽ ان جي پٺيان پوٽا پچ بيٺو هو. هن کي ڏاڏيءَ مون ڏانهن اماڻيو هو ته جيئن مون کي سڏي اچي.

”هوءَ ڏاڍي ڪاوڙي ويٺي آهي.“ پوٽا پچ چيو.

”پر اڃا ته ساڍا ٽي ٿيا آهن!“

”هوءَ ته ستي به ڪانهي. سڄو وقت پاسا ورائيندي گذاريو اٿس. هينئر ته پلنگ تان به اٿي آهي. پنهنجي ڪرسي گهرائي اٿس ۽ مون کي هيڏانهن موڪليو اٿس. پاڻ ٻاهرئين دروازي تي بيٺي آهي.“

”ميان، جلدي وڃ.“ گريو چيو.

مون کي ڏاڏي ڏاڪڻ تي ملي. مون کي اٿڻ شرط پاڻ وٽ نه ڏسي، بنهه آپي کان ئي نڪري ويئي هئي. ڪمال آهي، چئين بجي تائين به انتظار ڪري نه سگهي.

”هل! هاڻ هل! ڏاڏيءَ چيو ۽ اسين ٻيهر رولٽ جي جوئا خاني ڏانهن وياسين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org