ڇپائيندڙ پاران
’ادب براءِ زندگي‘ واري تصور جو تعلق خالصتاً زندگي جي سمورين
حقيقتن سان لاڳاپيل آهي، ڇو ته ادب ئي زندگي جو
اصل سرچشمو هوندو آهي، تنهنڪري سمورين قومن جي
اجتماعي ۽ انفرادي حياتي گذارڻ جا طور طريقا، رسم
و رواج سميت پوري انساني نفسيات جو سڄو سارو خارجي
توڻي داخلي محرڪ ادب ئي آهي. هونئن به سڌريل قومن
جو پنهنجي ادب ڏانهن رويو مثبت ڀريو هوندو آهي،
ترقي يافته ملڪن ۾ اديبن کي وڏي قدر جي نگاهه سان
ڏٺو ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو اهي سماج سمجهن ٿا، ته
اديبن کان وڌيڪ سماج جي اصلاح ڪندڙ ۽ غير جانبدار
نقاد سماج جا ٻيا فرد ٿي نٿا سگهن. انساني نفسيات
جي جهڙي نموني اديب تصور ڪشي ڪري سگهن ٿا، تيئن
سماج جا ٻيا فرد نٿا ڪري سگهن. ’جوئاري‘ به روسي
سماج جي هڪ اهڙي ئي فرد بابت لکيل ناول آهي، جنهن
۾ روس جي جڳ مشهور ناول نگار فيودور دوستووسڪي
نهايت دل پذير ۽ سهڻي نموني سان انساني ڪيفيتن ۽
احساساتي ڪشمڪش جي تصوير ڪشي ڪئي آهي. لائق ليکڪ
مختلف وارتائن ۽ حالتن جي حدت ۾ رهندي انساني
خواهشن، ۽ خارجي حقيقتن جي ٽڪراءُ جو تفصيل جنهن
عظيم فن سان پيش ڪيو آهي، تنهن کي فقط واکاڻي
سگهجي ٿو، مڪمل طور بيان نٿو ڪري سگهجي.
اها حقيقت آهي ته جيستائين اديب انساني نفسيات جي چڱي طرح ڄاڻ
نٿو رکي، تيستائين هو انسان سان لاڳاپيل ڪنهن به
موضوع کي چڱي طرح سمجهائي نٿو سگهي. ڇو ته اديب
رڳو لکندڙ نٿا ٿين، پر هو انساني نفسيات جا ماهر
به ٿين ٿا.
هن ناول جي سنڌي ترجمي جو ڪارنامو سنڌي ٻولي جي معروف ناول نگار
ڊاڪٽر قاضي خادم صاحب سرانجام ڏنو ۽ ان جو پهريون
ڇاپو سنه 1976ع ۾ بورڊ وٽان ڇپجي پڌرو ٿيو، ساڳئي
ناول جو ٻيو ڇاپو جناب قاضي خادم صاحب جي ئي
نظرثاني کان پوءِ هينئر ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. اميد
آهي ته هن اشاعت کي به پڙهندڙ حضرات ساڳي چاهه ۽
قدر جي نگاهه سان ڏسندا.
ڄام شورو، سنڌ انعام ا لله شيخ
ڇنڇر 26 محرم الحرام 1427ھ سيڪريٽري
بمطابق 25_ فيبروري 2006ع سنڌي ادبي بورڊ
ٻه لفظ
ترجمي جو فن ڪنهن به صورت ۾ تخليقي عمل کان گهٽ ناهي. هن فن جو
واسطو
ڳوڙهي مطالعي ۽ ٻوليءَ جي مهارت سان آهي. تخليقي
فنڪار کي پنهنجي ٻولي ۾ تخليق ٿي ڪرڻي پوي، جڏهن
ته ترجمي ڪندڙ کي اصلي لکڻيءَ جي ٻولي جي صحت ۽
مفهوم جو روح برقرار رکڻ سان گڏ ان کي ٻي ٻولي ۾
اهڙي ته انداز سان پيش ڪرڻو ٿو پوي جو ان جي اصليت
تي به ڪو اثر نه پوي ۽ اهو گهربل ٻولي ۾ سهڻي
انداز سان منتقل به ٿي وڃي.
ڪنهن به فن پاري کي ترجمي ڪرڻ مان ترجمي ڪندڙ جو خاص مقصد اهو
هوندو آهي ته ڌارين ٻولي جي ڪا اهم ۽ خوبصورت لکڻي
پنهنجي زبان ۾ يا وري پنهنجي ٻولي جي ڪا نمائندا
لکڻي ڌاري ٻوليءِ ۾ منتقل ڪجي. ان طرح ئي دنيا جا
مختلف ادب ۽ انهن جا پارکو هڪٻئي جي ويجهو آيا آهن
۽ انسان ذات جا قدم عظيم تر ۽ وسيع تر انساني
مفادن جي طرف وڌيا آهن. يونان جو ادب انگلستان ۾
انگلستان جو ادب روس ۾ ۽ روس جو ادب سنڌيءَ ۾،
مطلب ته دنيا جون سموريون ٻوليون ۽ انهن جو ادب
ترجمي جي صورت ۾ ملي هڪ هٿ ٿي ويو آهي. ان طرح
انسان جو بين الڪائناتي تصور به حقيقت ٿيندڙ پيو
نظر اچي.
هي ناول روس جي عظيم ليکڪ دوستو وسڪي جو لکيل آهي. اها حقيقت
آهي ته ’ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ‘، ’برادرز ڪارمزاف‘ ۽
’ايڊيٽ‘ جي آڏو هن ناول جي ڪا خاص حيثيت ڪانهي، پر
تنهن هوندي به هي هڪ عظيم ليکڪ جي اهم ڪوشش آهي ۽
خاص طرح پڙهندڙ لاءِ هن ۾ وڏو دلچسپيءَ جو مواد
آهي.
دوستووسڪي دنيا جي انهن چند اديبن مان هڪ آهي، جن کي انساني
نفسيات جي چڱي طرح ڄاڻ آهي. هو انسان جي ظاهري عمل
نه بلڪه داخلي محرڪات کي سمجهي ٿو ۽ هن ڪهاڻي ۾
اهڙن ئي ڪردارن جو ذڪر ڪيو اٿس.
”جوئاري“ هڪ اهڙي شخص جي ڪهاڻي آهي، جيڪو جوئا کان توبهه ڪري
چڪو آهي، پر پنهنجي محبوبه جي خاطر پنهنجو قسم
ٽوڙي ٿو ۽ جوئا جي ميز تي پهچيو وڃي. هن کي پڪ آهي
ته جي هو پاڻ کان سواءِ ڪنهن به ٻئي لاءِ کيڏندو
ته ضرور کٽندو ۽ هو واقعي ٻين کان کٽي به ٿو. ليڪن
جڏهن سندس دل جو وارو ٿو اچي ته هارائي ٿو ويهي.
هن کي ڪڏهن به اها خبر نه پئجي سگهي ته جنهن واقعي
کي هو پنهنجي شڪست سمجهي پنهنجي محبوبه کي ڇڏي چڪو
آهي سو غلط آهي، بلڪه جنهن کي هو ڇڏي آيو آهي سا
حقيقت ۾ سندس نالي کي پوڄيندي آهي. پر هاڻ ان
واقعي کي گهڻي دير ٿي چڪي هئي، هو بازي هارائي چڪو
هو. هاڻ هو وري ڪنهن نئين داءَ لاءِ سوچي ٿو ــــ
ڪو نئون داءَ ـــ اميدن ۽ آسرن تي ٻڌل نئون داءَ.
هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ، خاص طرح جناب
غلام رباني جو ڏاڍو ٿورائتو آهيان. هن صاحب مسودي
جي خريداري کان وٺي ڪتاب جي اشاعت تائين جنهن ريت
مون کي همٿايو ۽ مدد ڪيائين، تنهن کي بيان ڪرن
لاءَ مون وٽ لفظ نه آهن.
قاضي خادم
19 آگسٽ 1976
نئين ڇاپي لاءِ
ٻه اکر
جوئاري جو ٻيو ڇاپو ڇپائڻ تي سنڌي ادبي بورڊ جي
انتظاميه جس لهڻي، ان ڪري جو روس جي هن عظيم ليکڪ
کي سنڌي ٻولي ۾ روشناس ڪرائڻ هر لحاظ سان سنڌي
پڙهندڙن تي احساس ٿيندو.
فرانس جي مشهور ليکڪ آندري جيد
(Andre Gide) جي چوڻ موجب دوستووسڪي ”سڀني ناول نگارن ۾ عظيم“ حيثيت رکي ٿو.
جڏهن ته فرائڊ جي چواڻي هن جو درجو ادب ۾ شيڪسپيئر
کان پوءِ ٻئي نمبر تي آهي. هن جي چواڻي فڪشن ۾ هن
جو مد مقابل ڪو به نه آهي. جو اسان جي فطرت جي
تضادن جو ۽ اندروني خلفشار جو جهڙي ريت نقشو چٽي
ٿو اهو ڪنهن ٻئي ليکڪ وٽ ورلي ملندو.
دوستووسڪي 1821ع ۾ ڄائو ۽ 1881ع ۾ وفات ڪيائين. هن ابتدائي طور
سينٽ پيٽر سبرگ ملٽري انجنيئرنگ ۾ سکيا ورتي. هو
جيئن ته وچولي ڪلاس جي خاندان منجهان هو، تنهنڪري
هن جا تجربا به مختلف قسمن جا به هئا. اهوئي سبب
آهي جو ”ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ“، ”ايڊٽ“، ”برادرس
ڪرامازوف“ ۽ ”گيمبلر“ توڙي سندس هر ناول ۾ هڪ
انوکو تجربو ملندو.
جنهن ۾ سندس فطري ذهانت جا نت نوان رنگ نظر ايندا.
حالانڪ هن انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪئي هئي ليڪن غريب خاندان جو
هوندي، هن ليکڪ ٿيڻ پسند ڪيو ۽ 1845ع ۾ هن پهرين
ڪهاڻي ”غريب ماڻهو“
(Poor Folk) لکي جيڪا خوشقسمتيءَ سان هڪ سٺي
ادبي رسالي ۾ شايع ٿي. ان ڪهاڻي کي پڙهي ان دور جي
مشهور روسي نقاد بيلنسڪي
(Blisnsky)
پنهنجو رايو ڏنو ته ”سچ توتي هڪ آرٽسٽ جيان ظاهر
ٿيو آهي. اها هڪ تحفو اٿئي. ان جو احترام ڪر ۽ ان
سان وفادار رهه ته تون هڪ عظيم ليکڪ بڻجي ويندي.“
1849ع ۾ هن کي هڪ لبرل گروپ ۾ شريڪ ٿيڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري 4
سال سائبيريا ۾ سزا طور موڪليو ويو. جنهن ۾ هن سان
هڪ عام ڏوهاري جهڙو ورتاءُ رکيو ويو ۽ ان جو سندس
مستقبل جي سوچن تي وڏو اثر پيو ۽ ان دور جي ياد
هميشه کيس هڪ عجيب ڪيفيت ۾ جڪڙي رکيو.
ان قيد دوران هن جو جن چورن، رهزنن ۽ خونين سان واسطو پيو، تن
جي نفسيات جو مطالعو ڪرڻ جو هن کي چڱو موقعو مليو.
حالانڪ هو به کيس هڪ عام ڏوهاري سمجهندا هئا ته هي
ماڻهو کين صفا ڪريل انسان نه ٿو سمجهي بلڪ سندن
سڌرڻ لاءِ پر اميد ٿو نظر اچي. ان دور جي اثرات
هيٺ هن ”دي هائوس آف دي ڊيڊ“ لکيو. هن ان انسان جي
ڏوهاري پڻي ۽
Self will
جي حاوي هجڻ جو اهڙو ته تجزيو
ڪيو آهي، جو انساني فطرت جون گوناگونيون ظاهر ٿي
ٿيون پون.
سائبيريا مان سزا ڪاٽڻ کان پوءِ هو سينٽ پيٽر سبرف واپس آيو ۽
پولينڊ جي بغاوت تي هڪ مضمون لکڻ جي ڪري وري
بدقسمتي هن کي وڪوڙي وئي تڏهن به هڪ مضمون لکڻ جي
ڪري وري بدقسمتي هن کي مٽائڻ لاءِ وائيزبيڊن
Wiesbedan
جي جوا خانن ۾ پنهنجي قسمت
آزمائڻ لڳو. اتي هن جي ملاقات پولينا سلووا نالي
هڪ عورت سان ٿي. دوستو وسڪي جي هن تعلقات ۾ پيار ۽
نفرت جو هڪ اهڙو امتزاج ٿيو، جو ان عورت جي نئين
رخ کي پنهنجين لکڻين ۾ پيش ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هن
ڪرئيم ۽ پنشمينٽ لکڻ دوران ئي هڪ ناشر جي زور ڀرڻ
تي 1866ع ۾ گيمبلر ناول لکيو. جنهن ۾ هن کي سندس
جوا کيڏڻ واري دور جو مواد ڪم آيو. ان سان گڏ
پولينا سسلووا سان ڪيل عشق جي ڏکدائڪ پـڄاڻي هن
ناول کي وڌيڪ اثرائتو بنايو. حالانڪ هن اهو ناول
نادشر جر اوڌر پاپس ڪرڻ خاطر لکيو هو ليڪن تڏهن به
ان جي ادبي حيثيت ۾ ڪا ڪمي نه آئي، چاهي جو واٽ ۾
ڪيتريون ئي رنڊڪون ۽ رخنا ڇو نه هجن ۽ ان جي پڄاڻي
به ڪا سٺي نه ٿي هجي.
دوستو وسڪي جو هي ناول 1976ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ئي شايع
ڪيو ويو هو ليڪن ٿورن ئي ڏينهن ۾ اهو مارڪيٽ مان
غائب ٿي ويو هو.
هاڻ هيتري عرصي کان پوءِ وري جو هي شايع ٿي رهيو آهي ته يقينا
اها تمام سٺي ڳالهه آهي، خاص طور ان ڪري جو به جو
هاڻي سنڌي اسب جي پڙهندڙن ۾ ڪافي اضافو اچي چڪو
آهي ۽ دنيا جي بهترين ليکڪن ڪي هر ڪو سڃاڻي ٿو. هت
وري به انعام شياخ جو ٿورو ضرور مڃيندس جنهن
منهنجي صلاح تي هڪدم هن ڪتاب کي شايع ڪرڻ جو تهيو
ڪيو ۽ جيڪي چيائين اهو ڪري ڏيکاريائين. هتي آءٌ
اهو به چوندس ته اڃا به اسان کي وڌ بين الاقوامي
ادب جر شهپارن جا ترجما سنڌيءَ ۾ ڪرائڻ جي ضرورت
آهي. انهن ۾ (1) ڪلاسيڪل ليکڪ (2) وچولي دور جا
ليکڪ (3) جديد دور جا ليکڪ. ٽنهي جا ڪتاب واري
واري سان شايع ڪيا وڃن ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ سال ۾
افساني، ناول ۽ ڊرامن جا ڇهه ڪتاب ڇپجي پڙهندڙن جي
هٿن تائين پهچن.
قاضي خادم
2005-12-2
انتساب
هي نئون ڇاپو آءٌ پنهنجي پوٽن شاهه رخ، الهه بچايو، معظم ۽
پوٽين سهيما ۽ ماهه نور ڏانهن منسوب ڪريان ٿو،
جيڪي منهنجي خاندان جو مستقبل آهن.
قاضي قادم
2005-12-02
باب پهريون
پندرنهن ڏينهن جي غير حاضري کان پوءَ آخرڪار آءٌ واپس اچي ويو
آهيان. منهنجا ٻيا ساٿي ٻن ڏينهن کان رولٽنبرگ ۾
ئي رهيل آهن. مون ڀانئيو ته هنن کي منهنجو ڏاڍو
اونو هوندو، پرهتي ته قصو ئي ٻيو هو، جنرل پنهنجي
منهن ڌاڍو موج ۾ هو. هن مون سان ڌاڍي قرب سان
ڳالهايو ۽ پوءِ طيڻس ڏانهن اماڻيائيم. مون کي ڪجهه
ائين پئي لڳو، ڄڻ جنرل مون ڏانهن نهاريندي ڪجهه
ڦڪو پئي ٿيو. ماريا فلپانا به ڪم ۾ رڌل هئي. هن ته
مورڳو مون سان گهڻو ڳالهويو ئي ڪو نه، بهرحال مون
کان پئسا وٺي ڳڻيائين ۽ بي خياليءُ سان منهنجي سفر
جو احوال ٻڌايائين. هاڻ هنن کي بندري فرينچ،
ميزئوف ۽ ڪنهن انگريز جو انتظار هو. پئسا هٿ ۾
ايندي ئي هنن هميشه وانگر ماسڪو واري طرز جي هڪ
دعوت جو انتظام ڪري ورتو. پالينا الينگزينڊرونا
مون کان هيترا ڏينهن ٻاهر رهڻ جو سبب پڇيو ۽
منهنجو جواب ٻڌڻ بنا ئي اندر ڪمري ڏانهن هلي وئي
ائين ڪرڻ ۾ به هن جو هڪ مقصد هو. کيس خبر هئي ته
اسان وٽ هڪ ٻئي کي ٻڌائڻ لاءِ جام ڳالهيون گڏ ٿي
ويون هيون.
هنن مون کي هوٽل جي چوٿين ماڙ تي هڪڙو ڪمرو وٺي ڏنو. سڀني کي
خبر هئي ته آءٌ جنعل جي لڏي منجهان آهيان. هونئن
به هرڪنهنن ائين ٿي سمجهيو ته جنرل ڪو روس جو وڏو
شاهوڪار ماڻهو آهي ۽ هنن به ته ٻين کي مرعوب ڪرڻ
لاءِ ائين ٿي ڪيو. دعوت کان ٿورو اڳ جنرل مون کي
ٻين ڪمن سان گڏ هزار هزار فرانڪن جا ٻه نوٽ به
مٽائڻ لاءِ ڏنا، جيڪي، آءٌ هوٽل جي آفيس مان مٽائي
آيس. هاڻي اها پڪ هئي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتي تائين
ته هو اسان کي لکا پتي پيا سمجهندا. منهنجو خيال
هو ته ميشا ۽ ناديا کي ٻاهران گهمائي اچان. پر
اڃان آءٌ ٻارن کي وٺي ڏاڪڻ تائين مس پهتس ته جنرل
صاحب جي نظر پئجي وئي. هن هڪ دم واڪو ڪندي پڇيو ته
ڪيڏانهن ٿو وڃين. ٻڌايو مانس پر هن مون سان نظرون
ڪونه ملايون ڇو جو هاڻ مون به ڏاڍي گستاخي سان هن
جي اکين ۾ اکيون وجهي پئي ڳالهايو. بهرحال وڏا وڏا
جملا ۽ ڳرا ڳرا اکر استعمال ڪندي مون کي صلاح
ڏنائين ته ٻارن کي ڪاسينو کان جيترو پري ٿي سگهي
وٺي وڃان. ائي چوندي جو اچي ويس ۽ چيائين ته ٿي
سگهي ٿو ته هنن کي به جوئا خاني ڏانهن وٺي رهيو
هجين. ڇو جو توکي ته جوئا جي پِٽ آهي. خراب لڳئي
ته ڀلي، باقي اها پڪ آهي ته تون جوئا کان سواءِ
رهي نٿو سگهين. آءٌ ڪو تنهنجو صلاحڪار ڪو نه آهيان
پر ته به ايترو ضرور چوندس ته اهڙو ڪم نه ڪجئين
ڪٿي مون کي ڏٺو ته نه ڪري وجهين. اهو مون هوريان
هوريان جواب ڏنومانس ته سائين، هارائڻ لاءِ به ته
ماڻهوءَ کي پئسا گهرجن، مون وٽ ته پئسا آهن ئي
ڪونه. ان تي هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيائين ته
پئسا توکي هينئر به ملي سگهن ٿا. هن ائين چئي ميز
جي خاني ۾ هٿ وڌو ۽ ڪجهه ڪاغذ اٿلائي پٿلائي
منهنجو کاتو ڏسي چيائين ٿه تنهنجا هڪ سو پيج رپيا
اڃان مون ڏانهن آهن.
”پر هاڻ ڇا ٿيندو، اهي ته اسان کي فرانسيسي سڪي ۾ مٽائڻا پوندا.
“
ائين چئي هن منهنجي رقم منهنجي حوالي ڪئي.
” ڏس، منهنجي ڳالهه دل ۾ نه ڪجئين، تون هونئن به جلدي چڙي پوندو
آهين. آءٌ ته تنهنجو ڀلو ٿو چاهيان، سو اهي
ڳالهيون رڳو توکي خبردار ڪرڻ لاءِ ڪندو آهيان. “
شام جو ٻارن کي وٺي گهر پئي آيس ته واٽ تي سوارين جو هڪ جلوس،
ويندو نظر آيم، خبر پئي ته اها اسان جي پارٽي هئي
۽ ڪي پراڻا کنڊرات ڏسڻ لاءِ وئي هئي. ٻن شاندار
گهوڙي گاڏين ۾ مادموزئيل بلانشي، ماريا فلپانا ۽
پالينا ويٺل هيون. فرينچ، انگريز ۽ جنرل گهوڙن تي
سوار هئا. واٽ ويندڙ به هنن کي اچرج وچان ڏسي رهيا
هئا. پر ان هوندي به جنرل خوش ڪونه ٿي ڏٺو. مون دل
۾ حساب هنيو ته چار هزار فرانڪ ته آءٌ کڻي آيو
هوس، ان کانسواءِ جيڪا رقم هنن هتان هتان، هتان
ڪٺي ڪئي سابه ست اٺ هزار فرانڪ مس هئي. سو اها رقم
ماسام بلانشي لاءِ بلڪل اڻپوري هئي.
مادام موزئيل بلانشي، ماڻس سميت هوٽل ۾ رهيل هئي. فرينچ به اتي
ئي رهندو هو. بيرا هن کي ڪائونٽ چوندا هئا !
ماني کائڻ مهل مون کي اهو پڪ هئي ته موسيو ڪائونٽ مون کي ڪونه
سڃاڻندو، نڪو ئي جنرل صاحب ڪا سڃاڻپ ڪرائيندو.
هونئن به موسيو ڪائونٽ روس ۾ رهي چڪو هو، تنهن ڪري
کيس خبر هئي ته مجلسي قسم جي ماڻهن جي ڪا خاص
اهميت ڪانه هوندي آهي، بهرحال هن مون کي سڃاڻي
ورتو. هتي آءٌ پنهنجي غلطي ضرور مڃيندس ته آءٌ بنا
دعوت جي ئي ماني تي هليو آيو هوس. شايد جنرل کي
دعوت ڏيڻ وسري وئي هئي نه ته مون کي ضرور چوي ها.
اها ٻي ڳالهه آهي ته مون کي مانيءَ تي ايندو ڏسي
هو ڪجهه حيران به ٿيو هو. ماريا فلپانا رڙهي مون
کي ٿوري جاءِ ڏني ۽ پوءِ جڏهن ائسٽلي صاحب به مليو
ته مڙئي ڳالهه ٺي وئي. هاڻ آءٌ به انهيءَ پارٽي جو
هڪ حصو نظر پئي آيس.
ان انگريز سان منهنجي ملاقات پريشيا جي هڪ سفر دوران ٿي هئي.
اسين ٻئي هڪ ٽرين جي ساڳئي گاڏي ۾ آمهون سامهون
سيٽ تي ويٺا هئا سين. ٻن هفتن جي سفر دوران هو ٽي
دفعا مون سان مليو هو. فرانس ۽ سوئٽزرلينڊ جي سفر
۾ به هن سان ملاقات ٿي هئم ۽ هاڻ اوچتو رولٽن برگ
۾ ملياسين. آءٌ پنهنجي عمر اهڙي شرميلي طبيعت واري
ماڻهوءَ سان ڪو نه مليو آهيان. پريشيا واري پهرين
ملاقات ۾ ئي مون هن جي طبيعت سمجهي ورتي هئي ته
ڏاڍو پيارو ماڻهو هو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته جنرل سان
سندس واقفيت ڪيئن ٿي، باقي پالينا ڏانهن جن نگاهن
سان ڏٺائين ٿي،
تنهن مان سندس بي پناهه عشق جي خبر ٿي پئي. هوءَ
جڏهن ڪمري ۾ گهڙي هئي ته هن جي منهن تي خوشيءَ جي
لهر ڇائنجي وئي هئي ۽ هو کڙندڙ مکڙيءَ وانگر ٽڙي
پيو هو. وري جو ميز تي منهنجي ڀر واري جاءِ مليس
تنهن ته هيڪاري خوش ڪري ڇڏيس، هن مون ڏانهن جگري
دوست وارن نگاهن سان پئي ڏٺو.
ماني جي ميز تي فينچ ڏاڍي وڏ ماڻهپائي ڏيکاري رهيو هو. هو سڀني
سان ڏاڍو سرد مهريءَ سان پيش پئي آيو. مون کي ياد
آهي ته هو ماسڪو ۾ ائين پيو هوائون جهٽيندو هو پر
اڄ هو روس جي اقتصاسيات ۽ دساست تي وڏيون وڏيون
ڳالهيون ڪري رهيو هو. جنرل صاحب ڪنهن ڪنهن مهل همت
ڪري ترديد ٿي ڪئي، پر اها به ايتري حد تائين جو
ڪنهن جي عزت ۾ خلل نه پوي.
منهنجو حال به ٺيڪ ڪونه هو. اڌ ماني کائي مون هميشه وانگر
پنهنجو پاڻ کان سوال پڇيو ته آخر آءٌ اڃا تائين
جنرل سان ڇو چهٽيو پيو آهيان. جهڙا افعال هئا،
تنهن مطابق ته هيستائين هنن کي ڇڏي وڃڻ گهربو هوم.
مون هر هر پالينا ڏانهن پئي ڏٺو پر هن هڪ ڀيرو به
مون ڏانهن ڪونه نهاريو. اهو ڏسي ڪاوڙ اچي ويم سو
خيال ڪيم ته ڪجهه گوڙ ڪجي. سو اوچتو ڏاڍيان
ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنم. ڪا خاص ڳالهه ته ذهن ۾ ڪونه
هيم، بس ان فرينچ کي مُند جون ٻڌائڻ تي دل اچي
ٿيم. مون جنرل ڏانهن منهن ڪيو ۽ هن جي هلندڙ ڳالهه
کي وچان ڪاٽيم. ”منهنجو خيال آهي ته هن موسم ۾ هڪ
روسيءَ لاءِ ته اهو ممڪن ئي ڪونهي ته هو ڪنهن هوٽل
جي کاڌي واري ڪمري ۾ پورجي ماني کائي.“ منهنجي
ڳالهائڻ جي انداز تي جنرل جو حيرانيءَ کان وات
ڦاٽي ويو. مون وري چيو، ”جي توهين خودار آهيو ته توهان کي اهي ڳالهيون تحمل سان ٻڌڻيون
پونديون“ جنرل اڃا مون ڏانهن ڏسي رهيو هو. پر خبر
نٿي پيم ته هن جي اکين ۾ حيرت آهي يا ڪاوڙ، ان تهي
فرينچ نفرت وچان چيو ته؛ ” ڀائينجي ٿو ته ڪنهن جا
هٿ لڳا اٿئي“
مون وري چيو ته، ”ها، منهنجو هڪ پولستانيءَ سان جهيڙو ٿيو هوم.
تنهن کانپوءِ وري هڪ فرينچ آفيسر سان جهيڙو ٿيو
هو، جنهن ان پولستانيءَ جو پاسو ورتو هو. خبر اٿو
ته ڪاوڙ مان مون هن جي قهوي ۾ ٿڪ اڇلائي هئي.“
”تو!“ جنرل حيران ٿي چيو ته”تو قهوي ۾ ٿڪ اڇلائي هئي.“
فرينچ به اکيون ڪرڙيون ڪري مون ڏانهن ڏسڻ لڳو.
’ها‘. مون چيو ”جڏهن آءٌ ڪاروبار لاءِ روم پئي ويس تڏهن
سفارتخاني ۾ هڪ فرينچ آفيسر مون سان اهڙي قسم جي
هلت ڪئي هئي ۽ جواب ۾ مون به ڪارروائي ڪئي. بهرحال
پوءِ ڳالهه ٽري وئي.“
”تنهنجون ڳالهيون به عجيب آهن“ جنرل تکائيءَ مان چيو ”تو اڃا
ڏٺو ئي ڇا آهي؟ “
”سائين جڏهن مون فرينچن کي ٻڌايو ته ٻه سال اڳ 1812ع ۾ مون هڪ
اهڙي شخص کي ڏٺو هو، جنهن کي هڪ فرينچ سپاهيءَ رڳو
پنهنجي بندوق خالي ڪرڻ لاءِ نشانو بنايو ته هو
حيران ٿي ويا، پر جڏهن ٻڌايو مان ته اهو شخص ڏهن
سالن جو هڪ معصوم ٻار هو، جنهن جا مائٽ ماسڪو ڇڏڻ
۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا هئا، ته هو اڃا به حيران ٿي
ويا.“
”ناممڪن، ناممڪن، هڪ فرينچ سپاهي ڪڏهن به ڪنهن ٻار تي فائر نه
ڪندو.“ فرينچ اهو چوندي ڪاوڙ ۾ اصل تپي ٽامو ٿي
ويو.
”بهرحال، اهو ٿيو هو، ان ڳالهه جو شاهد هڪ رٽائرڊ معزز ڪپتان به
آهي ۽ مون پاڻ ان ٻار جي ڳل تي گوليءَ جو نشان ڏٺو
هو.“ مون جواب ڏنو.
موسيو فرنيچ صاحب تڪڙو ۽ زور زور سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. جنرل
صاحب هن جي تائيد ڪرڻ لڳو. ليڪن مون فرينچ کي مثال
جي لاءِ جنرل پيروسڪيءَ جي ڪتاب ”يادگيريون“ جي
ڪجهه حصن جي پڙهڻ لاءِ چيو، جو 1812ع ۾ فرانس جو
قيدي رهي چڪو هو. آخرڪار ماريا فلپانا گفتگوءَ جي
موضوع بدلائڻ خاطر هڪ ٻيو مسئلو ڇيڙيو. جنرل صاحب
مون کان ڏاڍو خفا هو. ڇو جو فرينچ ۽ مان گارگند تي
لهي آيا هئاسين، منهنجو خيال آهي ته ائسٽلي صاحب
کي منهنجي ۽ فرينچ جي جهڙپ ڪري ڌاڍي خوشي ٿي هئي.
ميز تان اٿندي، هن مون کي پاڻ سان شراب جو هڪ گلاس
پيڻ لاءِ چيو.
شام جو مان پالينا اليگزنڊرونا سان پنڌرهن منٽ ڳالهائڻ ۾ ڪامياب
ٿي ويس، اها گفتگو ان وقت ٿي، جڏهن اسين سڀ سير
ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتا هئاسين. اسين سڀ ڪاسينو جي
ويجهو هڪ پارڪ ۾ هليا وياسين. پالينا ڦوهاري جي
سامهون واريءَ بينچ تي ويهي رهي ۽ ناديا کي پريان
ٻارن سان کيڏڻ لاءِ موڪلي ڇڏيائين. مون به ميشيا
کي ڦوهاري ڏي ڀڄي وڃڻ ڏنو، ۽ ان طرح اسين ٻئي
اڪيلا رهجي وياسين.
شروع ۾ ته ظاهر آهي ڪاروباري قسم جون ڳالهيون ٿيون. جڏهن مون
پالينا کي ست سؤ گلڊن ڏنا ته هوءَ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي
ويئي، هن کي پڪ هئي ته مون پئرس ۾ هن جا جواهرات
وڌيڪ نه ته گهٽ ۾ گهٽ ٻن هزارن گلڊن ۾ ضرور گروي
رکيا هوندا.
” مون وٽ هر صورت ۾ پئسا هئڻ کپن، چاهي ڪجهه به ٿئي پئسن کا ن
سواءِ مان برباد ٿي وينديس “
ڳالهه شروع ڪرڻ خاطر مون پڇيس ته، ”مون کان پوءِ ڇا وهيو
واپرايو هو.“
”ڪجهه به نه، ها، پيٽرس برگ مان ٻه خبرون آيون آهن. پهرين هيءَ
ته ڏاڏي سخت بيمار آهي، پوءِ ٻن ڏينهن کان پوءِ هي
خبر آئي ته هوءَ پوين پساهن ۾ آهي. اهي خبرون
تموفي پترورچ موڪليون آهن ۽ هو ڀروسي جو ماڻهو
آهي. اسين هر روز ڏاڏي جي وفات جي خبر ٻڌڻ لاءِ
تيار ٿيا ويٺا آهيون.“
”ان جي معنيٰ ته اوهين سڀ آسري ۾ ويٺا آهيو؟“ مون پڇيو.
”بي شڪ، بي شڪ. گذريل ڇهن مهينن کان اسان کي اهو ئي انتظار آهي“
”ڇا توکي به ان جو انتظار آهي؟“
”ڇو؟ هن جي مون سان ڪا مائٽي ته ڪانهي. مان جنرل جي ماٽيجي ڌيءُ
آهيان. پر مون کي پڪ آهي ته هوءَ پنهنجي وصيت ۾
مون کي نه وساريندي.“
مون ڳالهه تي ٿورو زور ڏيندي چيو ”منهنجو خيال آهي ته توکي گهڻو
ڪجهه ملندو؟ “
” ها، ڏاڏيءَ جو مون سان ڏاڍو پيار آهي. پر، هي ته ٻڌاءِ ته تون
مون کان اهي ڳالهيون ڇو پڇي رهيو آهين.؟“
مون سوال ڪندي جواب ڏنو. ”پهرين مون کي هي ٻڌاءِ ته اسان جو.
مارڪئس، (فرينچ نواب) اسان جي سڀني رازن کان واقف
ته ناهي؟ لڳي ته ائين ٿو؟“
پالينا مون ڏي نهايت ئي رکائي ۽ تلخيءَ سان ڏسندي چيو، ” پر
توکي ان سان ڪهڙي دلچسپي آهي.؟“
”ڪابه نه، پر منهنجو اهو ئي ويچار آهي، جي مان غلطي نٿو ڪريان
ته جنرل صاحب هن کان اڳي ئي قرض کڻي چڪو آهي.“
”تنهنجو اندازو بلڪل صحيح آهي.“
”ته ڇا، تون سمجهين ٿي ته جي هن کي ڏاڏي جي باري ۾ خبر نه هجي
ها، ته هو ايترو قرض ڏئي ها؟ تو غور ڪيو ته مانيءَ
تي ڳالهائيندي، هن ٽيئي ڀيرا هن کي ڏاڏي ڏاڏي چئي
پئي ياد ڪيو. ڪيترا ويجها تعلقات آهن هن جا اوهان
سان!“
”ها، تون ٺيڪ ٿو چوين. جيئن ئي هن کي اها خبر پوندي ته وصيت
نامي مطابق ڪجهه مون کي به ملي رهيو آهي، ته هو
يقينا مون ڏي مائل ٿيندو. تو اهوئي ڄاڻڻ ٿي چاهيو
نه؟ هان؟“
”توڏي مائل ته هو، منهنجو خيال آهي، گهڻي وقت کان ٿي رهيو آهي.“
”حالانڪ توکي چڱي طرح خبر آهي ته ائين نه آهي. ـــ“ پالينا
ڪاوڙجندي چيو. هڪ گهڙيءَ کان پوءِ ڳالهه جاري
رکندي چيائين، ”تنهنجي هن انگريز سان واقفيت ڪٿي
ٿي هئي؟“
”مون کي خبر هئي ته تون ان باري ۾ ضرور پڇندينءَ.“
مون ائسٽلي صاحب سان سفر دوران پنهنجي گذريل ملاقاتن بابت هن کي
ٻڌايو.
”هو شرميلو ۽ عاشق مزاج آهي...... تنهنجي پيار ۾ به ته وٺجي ويل
ٿو ڏسجي.“
”ها، هو تي مڙيو ئي نثار آهي.“ پالينا جواب ڏنو.
”هو سچ پچ فرينچ کان وڌيڪ مالدار آهي. يا واقعي فرينچ وٽ به
ڪجهه آهي! ڇا ان ۾ ڪنهن شڪ جي گنجائش ڪانهي؟“
”نه، شڪ جي ڪا ڳالهه ڪانهي. هن وٽ ڪونه ڪو محل ضرور آهي. مون کي
ياد آهي ته جنرل صاحب ان باري ۾ ڪا ڳالهه ڪئي هئي.
هاڻي ته بس ٿِيَئي پڪ!“
”جي مان تنهنجي جڳهه تي هجان ها ته پڪ انگريز سان شادي ڪريان
ها“
”ڇو؟“ پالينا پڇيو.
”ڇو جو فرينچ بيشڪ مهاڊي جو ٺاهوڪو آهي، پر وڏو بدنيت آهي ۽
هيءُ انگريز ديانتدار هجڻ کان سواءِ پئسي ۾ هن کان
ڏهوڻو وڌيڪ آهي“. مون جهٽ جواب ڏنو.
”اهو ته ٺيڪ آهي، پر ان جي ابتڙ فرينچ ’ماڪئس‘ آهي ۽ هوشيار به
“
پالينا ڏاڍي اطمينان سان جواب ڏنو.
”ڇا واقعي ائين آهي؟“ مون پنهنجي ساڳئي شڪي نموني ۾ چيو.
”بلڪل ائين آهي.“
پالينا کي منهنجا سوال ڏاڍا ڏکيا پئي لڳا، تنهنڪري هوءَ پنهنجن
ابتن جوابن سان مون کي ڪاوڙ ڏيارڻ جي ڪوشش به ڪري
رهي هئي. مون به اها ڳالهه چئي ڏنس.
هن چيو؛ ”توکي اهڙي طرح ڪاوڙيل ڏسي، مون کي سچ پچ ڏاڍي خوشي ٿي
آهي. مان جو توکي اهڙا سوال ڪرڻ ڏيندي آهيان ۽ تون
پنهنجر دليلن سان جيڪي ڪجهه سمجهي وٺندو آهين،
انهن سڀني جي سزا به توکي ئي ڀوڳڻ گهرجي.“
مون ڏاڍي جهيڻي نموني جواب ڏنو، ”مان توکان هر قسم جي سوال ڪرڻ
جو حق رکان ٿو، رڳو ان لاءِ جو مان ان حق کي
برقرار رکڻ لاءِ ڪا به وڏي ۾ وڏي قرباني ڏيڻ لاءِ
تيار آهيان، ان حق جي آڏو ته مون کي پنهنجي جان به
بي قيمت ٿي لڳي.“
پالينا کلڻ لڳي ”تو اڳئين ڀيري شلنگبرگ ۾ مون کي چيو هو ته تون
منهنجي هڪ اشاري تي جبل تان ٽپو ڏيڻ لاءِ تيار
آهين. مون کي خبر آهي ته جبل هزارين فوٽ اوچو
ٿيندو آهي، پر توکي آزمائڻ لاڙ هڪ دفعو چونديس
ضرور. رڳو اهو ڏسڻ لاءِ ته هون اها قيمت ڪيئن ٿو
ادا ڪري سگهين. پڪ ڪر مان ڪڏهن به ڪو نه ڇڏينديس.
مون کي توسان نفرت آهي. رڳو ان لاءِ ته مون توکي
ايتري آزادي ڏيئي ڇڏي آهي ۽ ان کان به وڌيڪ نفرت
ان ڪري ٿي اٿم جو احساس اٿم ته تون منهنجي لاءِ
تمام سخت ضروري بڻجي ويو آهين، پر جيستائين تون
منهنجي لاءِ ضروري آهين، مون کي تنهنجو خيال رکڻو
ئي پوندو.“
هوءَ اٿڻ لڳي. هوءَ ڏاڍي چڙ ۽ ڪاوڙ مان ڳالهائي رهي هئي. اسان
جي گفتگو هميشه چڙ ۽ ڪاوڙ تي ختم ٿيندي هئي _ سچي
پچيءَ ڪاوڙ تي.
” ڇا، مان ماد موزيل بلانشي جي باري ۾ توکان ڪجهه پڇي سگهان
ٿو؟“ مون نٿي چاهيو ته هوءَ ڳالهه جي صفائي ڪرڻ
بنان هلي وڃي.
”ماد موزيل بلانشي جي باري ۾ توکي هر ڳالهه جي خبر آهي. ان کان
سواءِ ٻي ڳالهه ڪونه ٿي آهي. ڏاڏيءَ جي وفات جي
افواه جي سچ ٿيڻ شرط هوءَ مادام جنرل بنجي ويندي.
هن وقت ته ماد موزيل بلانشي، هن جي ماءُ، هن جو
تمام پري جو سؤٽ، يعني ’مارڪئس_‘ سڀني کي خبر آهي
ته اسين تباهه ٿي چڪا آهيون.“
” ۽ ڇا واقعي جنرل صاحب جي هن سان محبت آهي؟“
”خير، هاڻ ان ڳالهه کي ڇڏ منهنجي ڳالهه ٻڌ. هي وٺ ست سؤ فلورن
وڃ، ’رولت‘ (ڦيٿي) جي جواخاني مان تون منهنجي لاءِ
جيترو به کٽي سگهين، کٽي اچ، هاڻ هر صورت ۾ مون وٽ
پئسا هجڻ ضروري آهن.“
اهو چئي، پالينا ناديا کي سڏيو، ۽ ڪاسينو ۾ هلي ويئي ۽ پارٽيءَ
جي ٻين ماڻهن ۾ شامل ٿي ويئي. آءٌ حيران ٿي
سوچيندو، کاٻي هٿ واري گس تي هلڻ لڳس. مون کي ائين
لڳي رهيو هو، ڄڻ. ’رولت‘ جي جوا خاني ۾ جوا کيڏڻ
جو چئي، ڪنهن منهنجي ذهن تي مترڪو هنيو آهي. عجيب
ڳالهه آهي. حالانڪ سوچڻ لاءِ سوين ڳالهيون آهن. پر
آءٌ صرف پالينا متعلق پنهنجي جذبي جي اصل حقيقت
ڳولڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هوس. سچ ته اهو آهي ته آءٌ
گذريل ٻن هفتن جي سوري مان وڌيڪ خوش هوس. حالانڪ
سفر ۾ آءٌ چرين وانگر اداس ۽ پريشان رهيو هوس.
گهڻائي ڀيرا مون پالينا کي پنهنجي خوابن ۾ ڏٺو. هڪ
ڀيرو سوئٽزرلينڊ ۾ گاڏي ۾ جاڳندي پنهنجر منهن زور
زور سان ڳالهائڻ لڳس ۽ ظاهر آهي ته پالينا سان
ڳالهائي رهيو هوس. گاڏيءَ جا سڀئي مسافر منهنجي
چريائي مان مزو وٺي رهيا هئا. هڪ ڀيرو وري مون
پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيو، ”ڇا مون کي هن سان محبت
آهي؟“ پر هميشه وانگر پنهنجي ان سوال جو جواب هي
ڏنو ته مون کي هن سان نفرت آهي. ها، مون کي هن سان
نفرت آهي، گهڻائي ڀيرا اسان جي ڳالهين جو خاتمو
اهڙي طرح ٿيو آهي جو ان وقت آءٌ اصل زور سان گهٽو
ڏيئي ماري ڇڏيانس ها. خدا جو قسم جي ان وقت سندس
سيني ۾ خنجر هڻي ڪڍان ها ته مون کي ڏاڍي لذت ملي
ها. پر ان هوندي به هر مقدس شيءِ جو قسم! جڳ
شلنگبرگ ۾ هن مون کي ان جبل تان ٽپ ڏيڻ لاءِ چيو
هجي ها ته آءٌ ساڳيءَ ئي لذت جي احساس کان يڪدم
ٽپو ڏيان ها. ايتري ته مون کي خبر هئي ۽ منهنجو
پنهنجو هي صاف خيال آهي ته هوءَ منهنجي پهچ کان
ٻاهر آهي. آخر اٺ ڪهڙي طرف وهڻ ٿو چاهي _ ان ڳالهه
کي هوءَ به باقاعدي سمجهي ٿي. منهنجو هي احساس ته
منهنجا جنوني خواب ڪاميابيءَ کان ڪيترو پري آهن_
هن کي تمام گهڻي تسڪين پهچائي رهيا هئا ۽ جي ائين
نه آهي ته ايتري عقلمند ۽ محتاط هوندي، هوءَ مون
سان ايتري قدر ويجهي ڇو ٿي پيئي رهي؟ پڪ سان هوءَ
مون کي اڃا تائين اهڙيءَ نگاهه سان ڏسندي آهي،
جهڙيءَ نگاهه سان اڳئين زماني جي ڪا ملڪه پنهنجي
ڪنهن غلام کي ڏسندي هوندي، جنهن جي سامهون هوءَ
اگهاڙي ٿيڻ ۾ به عار محسوس نه ڪندي هوندي ڇو جو
هوءَ ان کي انسان ئي نه سمجهندي هوندي. پالينا به
مون کي اڪثر انسان نه سمجهيو آهي. پوءِ به مون کي
هن جي حڪم جي پوئواري ڪرڻي هئي. مون وٽ هي سوچڻ
لاءِ ته وقت ئي ڪو نه هو ته آخر آءٌ جوا ڇو ڪريان!
ڪرڻ سو به ايندي شرط ۽ ايترو جلدي! ۽ نه هيءَ سوچڻ
جي فرصت هيم ته پالينا جي سوچ ويچار جي عادي ذهن ۾
ڪهڙا نوان منصوبا تيار ٿي رهيا هئا. تنهن کان
سواءِ گذريل ٻن هفتن ۾ منهنجي پر پٺ جيڪي نيون
حالتون پيدا ٿين ٿيون، انهن جي به اڃا مون کي چڱي
طرح پروڙ ڪانه پئي هئي. مون کي انهن سڀني ڳالهين
جي خبر ڪڍڻي هئي ۽ جلد کان جلد انهن جي انت تائين
پهچڻو هو. پر هاڻي ته مون وٽ وقت ئي ڪونهي. مون کي
هر صورت ۾ ’رولت‘ جي جوا خاني ۾ پهچڻ کپي.
باب ٻيو
آءٌ مڃان ٿو ته اها ڳالهه منهنجي مڃڻ جهڙي نه هئي. جيتوڻيڪ مون
جوا ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو_ پر وري به ماڻهن لاءِ
جوا ڪرڻ جي خيال سبب پنهنجي پاڻ کان ڪجهه بيزاري
پئي محسوس ڪيم، ۽ نيٺ لٿل دل سان جوا خاني ۾
گهڙيس. پهرين ئي نظر ۾ مون کي هتان جي هر شيءِ کان
نفرت وٺي وئي. هونئن ته سڄي دنيا جي، پر خاص طرح
روس جي اخبارن جي خوشامد ته اصل برداشت نٿو ڪري
سگهان، جن ۾ صحافي موسم بهار ۾ گهڻو ڪري ٻن شين تي
مضمون لکندا آهن؛ هڪ ته رائين نديءَ جي ڪناري وارن
جوا خانن جي غير معمولي شان و شوڪت تي ۽ ٻيو ان
سون ۽ چانديءَ تي جي هنن جي چوڻ موجب جوا خانن جي
ميزن تي ڍير ٿيا پيا هوندا آهن. هنن کي ان خوشامند
جو معاوضو ڪونه ملندو آهي. هي ڪم صرف خوشامد خاطر
ڪن ٿا. انهن ردي ڪمرن ۾ شان و شوڪت ۽ سون چانديءَ
جا ڍير ته ٺهيو پر چند سڪا به مشڪل سان نظر ايندا
آهن. اهو سچ آهي ته موسم ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪو بي پرواهه
انگريز يا ڪنهن قسم جو ايشيائي يا، جيئن انهن
گرمين ۾ ٿيو هو ترڪ اوچتو بي شمار پئسا کٽي يا
هارائي ويندو آهي. ٻيا ويچارا ته ائين ئي بنهه
معمولي ’گلڊن‘ سان کيڏندا آهن. عام طرح هنن ميزن
تي ته ائين ئي ڪي ٿورڙيون پئسن جون ڍڳيون رکيون
هونديون آهن.
جيئن ئي (زندگي ۾ پهريون ڀيرو) آءٌ جوا خاني ۾ داخل ٿيس ته گهڻي
دير تائين پاڻ کي کيڏڻ لاءِ تيار نه ڪري سگهيس. هڪ
ته اتي ماڻهن جو هجوم ئي ايڏو وڏو هو، جو همت ئي
نه پيئي ٿئي. جي مان اڪيلو به هجان ها ته به مون
کي يقين هو ته يڪدم اتان ڀڄي وڃان ها ۽ راند شروع
نه ڪريان ها. مون کي اعتراف آهي ته ان وقت منهنجي
دل زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي. مون کي سڪون نه هو.
مون کي پڪ هئي ۽ گهڻي وقت کان اهو ارادو به ڪري
چڪو هوس ته مون کي، رولٽن برگ کي ڪايا پلٽ ٿيڻ کان
سواءِ نه ڇڏڻ گهرجي. ڪانه ڪا ترت ۽ بنيادي ڪايا
پلٽ منهنجي مقدر ۾ لکيل هئي. ائين ضرور ٿيڻ کپي ۽
ائين ٿي رهندو. هونئن به هر ڪو ماڻهو جوئا ۾ کٽڻ
چاهيندو آهي پوءِ جي مون به اهو چاهيو ته ان ۾
ڪهڙي اربع خطا ٿي پئي. ڪي عقل جا انڌا ڀلي چوندا
هجن ته اها ڳالهه ممڪن ناهي. پر مون کي پڪ هئي ته
هڪ ڏينهن آءٌ ضرور اتان وڌيڪ دولت حاصل ڪندس. آءٌ
پڇان ٿو ته آخر پئسن ڪمائڻ جي ٻين ذريعن، مثلا:
واپار کان جوئا ڇو گهٽ آهي؟ اهو ٺيڪ ته داءُ سؤ
مان صرف هڪ کي راس ايندو آهي، پر تنهن ۾ منهنجو
ڇا؟
شروع ۾ ته جوئا مون کي ڏاڍي خراب لڳي، خاص ڪري انهن مڪروه ۽
لالچي شڪلين ڏسڻ کان پوءِ ته هڪ قسم جي نفرت ٿي
ويم، جيڪي سَون جي تعداد ۾ جوئا جي ميزن تي مڙيا
بيٺا هوندا آهن. آءٌ ترت گهڻي کان گهڻن پئسن کٽڻ
جي خواهشن ۾ ڪا به خرابي نٿو سمجهان. منهنجي آڏو
ته ان ٿلهي ۽ خوشحال ناصح جون ڳالهيون احمقاڻيون
آهن، جنهن ڪنهن جي انهي عذر تي ته ”مان تمام ٿوري
بازي لڳائيندو آهيان.“ هي جواب ڏنو هو ته ”هيءَ
ٿوري ٿوري جي لالچ ته اڃا به خراب آهي.“ ان جو
مطلب ته ٿوري يا گهڻي لالچ ساڳي ڳالهه نه آهي. هي
رڳو تناسب جو معاملو آهي. بيرن رٿشيلڊ لاءِ جا رقم
حقير آهي، اها مون لاءِ بيش بها خزانو آهي.
جيستائين نفعي ۽ کٽڻ جو سوال آهي ته ماڻهو رڳو
رولت جي جوئا ۾ ئي نه بلڪ هر جڳهه هڪ ٻئي کي ٺڳڻ
جي ئي ڪوشش ٿا ڪن، ٻيو ڇا ٿا ڪن! اها ٻي ڳالهه آهي
ته نفعو هڪ نحس ۽ ناپاڪ شيءِ آهي يا نه. هتي اهو
مسئلو حل ڪو نه ٿو ڪريان ۽ ڇاڪاڻ ته کٽڻ جي شديد
خواهش مون تي ڇانيل هئي، تنهنڪري جوا خاني ۾
گهڙندي ئي مون کي لالچ يا ائين سمجهو ته حريصاڻي
غلاظت هڪ لحاظ کان مناسب ۽ معقول نظر آئي. مون کي
هيءَ ڳالهه ڏاڍي سٺي لڳندي آهي ته ماڻهو هڪ ٻئي ۾
تڪلف کان ڪم نه وٺن، بلڪ هر ڪم ظاهر ظهور ڪن ۽ سچ
پچ ته پاڻ کي فريب ڏيڻ جي ضرورت به ڪهڙي آهي؟ جوئا
هڪ انتهائي بيوقوفيءَ جو ۽ هوڙهائي وارو ڪم آهي،
پر جا شيءِ پهرين ئي نظر ۾ خاص طرح خراب لڳيم، سا
ماڻهن جو ان ڪم لاءِ غير معمولي احترام ۽ ان لاءِ
وڏي سنجيدگيءَ سان ميز جي چوڌاري سندن جمع ٿيڻ هو.
ان ڪري ئي هتي کيڏڻ لاءِ خاص ۽ عام جو جدا جدا
امتياز رکيل هو. ان طرح جوئا جا ٻه قسم ٿي ويا
آهن. هڪ شريف ماڻهن جي جوئا ۽ ٻي عام ماڻهن جي
جوئا، جنهن ۾ لالچ رهي ٿي ۽ هي قسم هر ايرو غيرو
کيڏي سگهندو آهي. ان امتياز جي هتي سختيءَ سان
پابندي ڪئي ويندي آهي. اصل ۾، هي امتياز ڪيترو نه
قابل نفرت آهي! مثلاً، هڪ شريف ماڻهو سؤ ڏيڍ سؤ
فرانڪ جي بازي هڻندو يا جي هو وڌيڪ رئيس آهي ته
کڻي هڪ هزار فرانڪ هڻندو_ پر رڳو کيڏڻ جي لاءِ،
رڳو دل بهلائڻ لاءِ، رڳو جيتڻ ۽ هارڻ جو طريقو ڏسڻ
خاطر، هن کي هر صورت ۾ کٽڻ کان بي نياز ظاهر ڪرڻي
آهي. هاڻ فرض ڪريو ته هو کٽي ٿو ته پڪ هو زور سان
ٽهڪ ڏيندو، پاڻ وٽ بيٺل ڪنهن تماشائي کي ٽوڪ
هڻندو، ۽ ٻيهر بازي هڻندو، پر پهرينءَ کان ٻيڻي
رقم کٽڻ جي هلڪڙي خواهش جي ڪري نه، بلڪ رڳو شوق جي
ڪري ۽ امڪانات جي حساب ۽ مطالعي جي خاطر. يقيناً
هر طرح جي جوئا، خواه رولت جي جوئا هجي يا نشان
چٽڻ جي جوئا، هن کي انهن ناهموار چالن ۽ نفعي ۽
لالچ جي سلسلي ۾ ٿورو به شڪ ڏيکارڻ نه گهرجي، جن
تي هن جي بئنڪ بچت جو دارومدار ٿي سگهندو هجي. سڀ
کان سٺو طريقو ته هيءَ آهي ته هو سڀني جوارين ۽
ڄٽن کي، جن جو پئسي پئسي تي ساهه نڪرندو آهي، پاڻ
جهڙو شريف ۽ امير سمجهي ۽ خيال ڪري ته هو به دل
وندرائڻ ۽ منهن جو ذائقو بدلائڻ لاءِ جوئا کيڏي
رهيا آهن. حقيقت کان هي لاپرواهي ۽ ماڻهن کي بنهه
ڀولو ڀالو سمجهڻ به ته اميرپائي جو مظاهرو آهي.
مون ڪيترين اهڙين مائن کي ڏٺو آهي، جي پنهنجين
پندرهن سورهن ورهين جي معصوم ۽ خوبصورت ڌين کي
سونا سڪا ڏيئي، جوئا ڪرڻ سيکارينديون آهن، پوءِ
اها دوشيزه کٽي يا هارائي، هميشه مشڪندي ۽ کلندي
ٻاهر نڪري ويندي آهي. اسان جو جنرل صاحب وڏي وقار
سان جوئا جي ميز تي ويندو هو. نوڪر ويچارو وڏي
ڦڙتي سان ڪرسي کڻڻ ڊڪندو هو. پر هو ان کي نظر
انداز ڪري، آهستي آهستي وڏي شان سان ميز وٽ اچي
بيهندو هو، ۽ رعب سان ٻٽون ڪڍي ان مان آهستي آهستي
ٽي سؤ فرانڪ ڪڍي، ڪاري نشاني تي بازي لڳائيندو هو
۽ داءَ کٽي ويندو هو. پر کٽيل پئسا کڻندو ڪونه
هو.اُهي ميز تي ئي ڇڏي ڏيڻا هئس. سندس ڪاري نشان
وارو داءُ نڪرندو ۽ هينئر به کٽيل رقم اتي ئي پيئي
هوندي ۽ ان کي هٿ ڪونه لائيندو. ٽيون ڀيرو ڳاڙهو
نشان نڪري ايندو ۽ هو هڪدم ٻارهن سون فرانڪن جي
بازي هارائي ويندو. پنهنجي وقار کي برقرار رکندي،
پوءِ هو مرڪندو ٻاهر ويندو هو. مون کي پڪ آهي ته
هو اندر ئي اندر ڪاوڙ ۾ ڪڙهندو رهندو هوندو ۽
اتفاق سان جي بازي ٻيڻي يا ٽيڻي هجي ته هن جو وقار
قائم رهڻ ڏکيو ٿي پوي ها، ۽ هن جا جذبا اصل لڪي نه
سگهن ها. مون هڪڙي فرينچ کي ٽيهه ٽيهه هزار فرانڪ
هارائيندي ۽ کٽيندي ڏٺو آهي. هن جي منهن مان ڪنهن
به قسم جي جذبي جو اظهار ڪو نه ٿيندو هو. اصل نسل
معزز ماڻهو کي ته پنهنجي سڄي قسمت هارائڻ تي به
ڪاوڙجڻ نه کپي. پئسا ته هن جي شرافت آڏو هڪ حقير
شيءِ آهن، جنهن جي لاءِ ته هن کي ڪو خيال ئي ڪرڻ
نه کپي، بي شڪ ناپسند ماحول ۽ ڄٽن جي خسيسپڻي کي
خاطر نه آڻڻ انتهائي قسم جي وڏماڻهپي آهي. پر ڪڏهن
ڪڏهن ٻي طرح جي روش به وڏ ماڻهپ جو گهٽ دليل نه
هوندي آهي، مثلاً، هيڏانهن هوڏانهن غور سان ڏسڻ ۽
سائي عينڪ مان ڄٽن کي گهورڻ ۽ انهن جي حرڪتن کي دل
وندرائڻ لاءِ هڪ رونشو سمجهڻ، ڄڻ ته هي سڄو تماشو
شريفن کي پرڀائڻ لاءِ ئي ڪيو ويو آهي. ڀلي هو هن
هجوم ۾ ڪيئن به ۽ ڪيترو به ڦاٿل هجي، پر هن کي
يقين هئڻ کپي ته هو صرف هڪ تماشائي آهي ۽ ڪنهن به
طرح هن هجوم جو حصو نه آهي. اهڙي حالت ۾ باقاعدي
ڪنهن ڏانهن ڌيان ڌرڻ مناسب نه آهي. اها ڳالهه به
امير ماڻهوءَ جي شان وٽان نه آهي. ڇو جو هي منظر
ڪنهن به صورت ۾ ايترو ڌيان طلب نه آهي ۽ اهڙا منظر
واقعي توجهه جو مستحق آهي _ خاص طرح ان ماڻهوءَ جي
لاءِ جيڪو هتي رڳو تماشو ڏسڻ لاءِ ئي نه آيو آهي
بلڪ پنهنجو پاڻ کي ڏاڍي خلوص سان واقعي انهن ڄٽن ۾
شمار ڪري ٿو. جيتري قدر منهنجي پنهنجي اصل عقيدن
جو واسطو آهي، ته مان ايترو چوندس ته انهن جو
منهنجي هن دليلبازي ۾ ڪو دخل ڪونهي. بس ان لاءِ
ايترو چوڻ ئي هتي ڪافي آهي ته آءٌ هي ڳالهيون رڳو
ضمير تان بار هلڪي ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو آهيان. البت
هڪ ڳالهه مون کي کٽڪي ٿي. ڪجهه ڏينهن کان منهنجي
لاءِ پنهنجي عملن ۽ خيالن کي ڪنهن اخلاقي ڪسوٽي تي
پرکڻ ڌاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. منهنجي رهنمائي ڪن ٻين
ڳالهين پئي ڪئي آهي....
هيءَ ڳالهه بيشڪ صحيح آهي ته ڄٽ ڏاڍي خراب نموني سان جوئا کيڏن
ٿا ۽ انهن جي ميزن تي انتهائي معمولي قسم جون
چوريون ته عام هونديون آهن. خزانچي جي ميز جي ٻنهي
ڪنڊن تي بيهي هو کٽيل پئسا ڳڻيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن
گهوٻيون به هڻندا آهن. هو به ته صفا ڄٽ آهن. آءٌ
باقاعدي ’رولت‘ جي جوئا کي ڏسي جانچي رهيو هوس_
انهيءَ لاءِ نه ته ڪٿي ان جو ڪو بيان ڪرڻو هوم.
آءٌ ته رڳو پنهنجي فائدي لاءِ ان کي غور سان ڏسي
رهيو هوس، ته جيئن پاڻ کيڏڻ وقت خبردار رهي سگهان.
مون ڏٺو پئي ته گهڻو ڪري ماڻهن هٿ وڌائي، هڪ ٻئي
جا کٽيل پئسا ڦري ٿي ورتا ۽ جهڳڙو شروع ٿي ٿيو ۽
اهڙي وقت ڪنهن جي چال ثابت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي لڳو.
شروع ۾ ته منهنجي لاءِ اهو سمجهڻ ئي ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو جو
منهنجي سمجهه ۾ ته رڳو ايترو ٿي آيو ته ڇڪو طاق ۽
رنگين انگن تي اڇلايو ٿي ويو. مون پالينا
اليگزينڊرونا جي پئسن مان هڪ سؤ گلڊن تي بازي هڻڻ
جو فيصلو ڪيو. ان خيال ته آءٌ پنهنجي لاءِ ڪونه
کيڏي رهيو آهيان، منهنجا هوش حواس بيڪاري ڪري ڇڏيا
هئا. اهو خيال مون لاءِ دل ڏکوئيندڙ هو. ۽ ان کان
مون جلد از جلد جيءُ آجو ڪرڻ ٿي چاهيو. پر منهنجو
ذهن هر هر سوچي رهيو هو ته مان پالينا لاءِ راند
شروع ڪندي، ڄڻ پنهنجي محنت سان کيڏي رهيو هوس. ڇا،
وهم جو شڪار ٿيڻ بنان، جوئا جي ميز تائين پهچڻ
ممڪن نه آهي؟ مون پنج فيڊرڪ (پنجاهه گلڊن) ڪڍيا ۽
ٻڌيءَ واري انگ تي لڳايم. چڪر ڦريو ۽ تيرهن جو انگ
نڪتو. آءٌ هارائي چڪو هوس. ڏاڍي بي دليءَ سان مون
پنج فيڊرڪ ڳاڙهي نشان تي هنيا. ان ڪري ته جيئن جلد
از جلد ڪم پورو ٿئي ۽ آءٌ هتان ڀڄي وڃان. ڳاڙهو
نڪري آيو. مون ٻيهر ڏهن ڏهن جي بازي هنئي. ٻيهر
ڳاڙهو نڪري آيو. مون وري سڄي رقم ان تي هنئي ۽ هاڻ
به ڳاڙهو نڪتو. چاليهه فيڊرڪ ملڻ ته مون يڪدم انهن
مان وچين ٻارهن انگن تي هنيا. هن ڀيري مون کي
منهنجي رقم مان ٽيڻا پئسا مليا. ان طرح هاڻ مون وٽ
ڏهن فيڊرڪن جي بجاءِ اسي فيڊرڪ ٿي ويا. ان ڪاميابي
تي مون کي هڪ عجيب و غريب احساس اچي ورايو، جو
منهنجي لاءِ ايترو ته ناقابل برداشت هو، جو مون
هتان ڀڄي وڃڻ جو ارادو ڪيو. مون کي ائين ٿي لڳو ته
جي مان پنهنجي ذات لاءِ کيڏي رهيو هجان ها ته ائين
ته کيڏي سگهان ها. تڏهن به اسيءَ جا اسي فيڊرڪ ٻڌي
واري رنگ تي هنيم. هن ڀيري مون کي اسي فيڊرڪ ٻيا
ملي ويا ۽ مان هڪ سؤ سٺ فيڊرڪن جي ڍيري کڻي،
پالينا کي ڳولڻ نڪتس.
هو سڀئي پارڪ ۾ چهل قدمي ڪرڻ ويا هئا. ان ڪري مان رات جي ماني
کانپوءِ ئي هنن سان ملي سگهيس. هن گڏجاڻيءَ وقت
فرنيچ موجود ڪو نه هو. ان لاءِ، جنرل صاحب جي دل
جي زبان تي ڳالهه اچي وئي. ٻين شين سان گڏوگڏ هن
مون کي چيو ته هو آئينده مون کي جوئا جي ميز تي
ڏسڻ پسند نه ڪندو. هن جو خيال هي به هو ته جي مان
وڏي رقم هارائي ويٺس ته هو پاڻ نه مصيبت ۾ ڦاسي
وڃي. هن کليو کلايو چئي ڏنو ”چي تون ڪا وڏي رقم
کٽي به ويٺين ته به مان مصيبت ۾ ڦاسندس، يقيناً
مان تنهنجي ڪمن تي چوڪس رکڻ جو حق نٿو رکان. پر
ايتري ڳالهه تون ضرور مڃيندين نه........“ هن جاءِ
تي حسب عادت هن ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ڏني. مون ڏاڍي
رکائي سان جواب ۾ چيو ته ”سائين، مون وٽ پئسا تمام
گهٽ آهن. تنهنڪري جي کيڏندس به ته ڪا وڏي رقم
هارائي نٿو سگهان“ ائين چئي مان اٿيس ۽ پنهنجي
ڪمري ڏانهن ويندي، ڏاڪڻ تي پالينا کي کٽيل رقم ڏٺم
۽ کيس صاف صاف چيم ته آئينده مان هن لاءِ ڪڏهن به
نه کيڏندس.
”پر ڇو نه؟“ هن ڪنهن جذبي کان ڏڪندي پڇيو.
”ان لاءِ جو مان پاڻ لاءِ کيڏڻ چاهيان ٿو، ۽ اهو ئي احساس مون
کي تنهنجي لاءِ کيڏڻ کان روڪي ٿو.“ مون هن ڏي
لاپرواهي سان ڏسندي چيو.
هن ٽوڪ ڪندي پڇيو ”معني ته تو کي اڃا اهو ئي يقين آهي ته ’رولٽ‘
تنهنجي لاءِ فرار ۽ نجات جو واحد ذريعو آهي؟“
مون ان سوال جو جواب يڪدم ڏنو ته، ”ها، هي سچ آهي، ٻيو ته مون
کي پنهنجي کٽڻ جو يقين آهي.“ اها ڳالهه بيوقوفي جي
ئي سهي، ۽ مان خود به ان کي ائين مڃڻ لاءِ تيار
هوس، ليڪن هاڻ مون پنهنجي مٿي پاڻ ئي کيڏڻ ٿي
گهريو.
پالينا الگزينڊرونا اصرار ڪرڻ شروع ڪيو ته اڄ جي کٽيل رقم مان
اڌ مان کڻان. هوءَ مون کي اسي فيڊرڪ ڏيئي رهي هئي
۽ اها تجويز پيش ڪري رهي هئي ته مان اڳتي به هن
لاءِ انهي شرط تي کيڏندو رهان. مون رقم وٺن کان
انڪار ڪيو ۽ هن کي ٻڌايم ته ”آئون ٻين لاءِ کيڏي
نٿو سگهان. ان لاءِ نه ته ڪو آءٌ ائين ڪرڻ نٿو
چاهيان، بلڪ ان لاءِ ته جي مون ائين ڪيو ته پڪ
هارائيندس.“
هن سوچ ۾ ٻڏندي چيو، ”حالانڪ اها بيوقوفيءَ جي ڳالهه آهي ليڪن
مون پنهنجون سڀئي اميدون رولٽ سان وابسته ڪري
ڇڏيون آهن. ان ڪري توکي ضرور کيڏندو رهڻ کپي_
منهنجي تنهنجي ڀائيواري _ ٻي ڪا ڳالهه ئي ڪانهي،
تون ضرور کيڏندين.“
اهو چئي، هوءَ منهنجا وڌيڪ اعتراض ٻڌڻ کانسواءِ تيزيءِ سان مٿي
هلي ويئي.
باب ٽيون
پريشان ۽ فڪرمند ڏسي ڪيترو پريشان ۽ فڪرمند ٿيندو هوس ته هو
ڪڏهن به دوست جيان مون تي ڀروسو ڪري سچي ڳالهه مون
کي نه ٻڌائيندي هئي. هوءَ ڪڏهن ڪڏهن مون کان اهڙا
ڪم به ڪرائيندي هئي، جي ڏکيا هجڻ سان گڏ خطرناڪ به
هوندا هئا، اهڙي وقت منهنجي خيال ۾ ايندو هو ته
هوءَ ڪڏهن به ڪڏهن مون سان کُلي پنهنجا دلي حال
ضرور اوريندي، هونئن هن کي منهنجي اهڙي ڪا پرواهه
ڪانه هئي جو منهنجي جذبات ۽ پريشاني جو خيال ڪري.
مان، سو هن جي پرشانين ۽ ناڪامين تي شايد کانئس
به وڌيڪ پريشان هوس، ۽ اندر ڻ پڄرندو هوس.
مونکي ٽن هفتن کان خبر هئي ته هوءَ.رولٽ، جي جوئا کيڏڻ جو ارادو
رکي ٿي، هن مون کي به خبردار ڪري ڇڏيو هو ته هن
لاءِ خود کيڏڻ مناسب ڪونهي، ان ڪري سندس جڳهه تي
مونکي کيڏڻو پوندو. هن جي ڳالهائڻ جي نموني مان ئي
مون سمجهي ورتو ته هوءَ ڏاڍي فڪرمند آهي ۽ ان جو
سبب رڳو پئسن حاصل ڪرڻ جي خواهش نه هيس. پئسن جي
کيس آخر ڪهڙي ضرورت هئي! پڪ ان جو ڪو ٻيو سبب آهي.
ڪا اهڙي ڳالهه آهي، جنهن جي باري ۾ في الحال ته
مون کي ڪا خبر ڪانه هئي، پر آءٌ ان متعلق ڌڪو ضرور
هڻي سگهان ٿو. هن جي بي خيالي ۽ تڪبر واري لهجي
مون کي ان قابل بنائي ڇڏيوهو ته مان به هن کان
گستاخيءَ ۽ گهرائپ سان سوال ڪري سگهان. ڇو جو آءٌ
هن جي نظر ۾ هڪ بي حيثيت غلام هوس، ان ڪري منهنجي
گستاخيءَ واريءَ پڇا ڳاڇا تي هن کي ناراض ٿيڻ جي
ضرورت ئي نه پوندي هئي. حقيقت هيءُ آهي ته هوءَ
مون کي هر قسم جو سوال ڪرڻ ته ڏيندي هئي، پر جواب
ڪڏهن به نه ڏيندي هئي. اهو هو منهنجو ۽ هن جو
تعلق.
ڪالهه چار ڏينهن اڳ موڪليل ان تار جي باري ۾ ڏاڍيون ڳالهيون
ٿينديون رهيون، جنهن جو اڃا ڪو جواب ڪو نه آيو هو،
سو جنرل صاحب به ڏاڍ پريشان هو، ڏاڏي جي باري ۾
ڪانه ڪا اهم ڳالهه ضرور هئي. فرينچ به پريشان هو.
ڪالهه شام جو ئي ماني کائڻ کان پوءِ هنن ۾ ڪافي
دير تائين سنجيده ڳالهيون هلنديون رهيون. فرنيچ جو
رويو توقع جي خلاف سڀني سان ڏاڍو رکو آڪرائي وارو
هو. شايد هو به بور ٿي پيو هو. هن جو رويو پالينا
سان به ڏاڍو رخيءَ وارو هو. هونئن ساڻن گڏ هو به
خوش خوش باغ ۾ سير و تفريح لاءِ ويندو هو. گهوڙن
جي سواري به گڏ ٿيندي هئي ۽ اتي پري ٻهراڙي ۾ پڻ
مجلسون ٿينديون هيون، مون کي چڱي عرصي کان انهن
حالاتن جي خبر هئي، جن جي ڪري فرنيچ جنرل صاحب سان
گڏ رهڻ تي مجبور ۽ پابند هو. حقيقت ۾ هنن گڏجي روس
۾ هڪ ڪارخانو کولڻ جو منصوبو ٺاهيو هو. خبر نه هئي
ته اهو منصوبو ڪامياب ٿي چڪو هو يا اڃا تائين زير
بحث اٿن. ان کان سواءِ اتفاق سان مون کي هڪ گهرو
راز جي خبر پئجي ويئي هئي. گذريل سال فرينچ صاحب
جنرل صاحب کي واقعي وڏي مصيبت مان نجات ڏياري هئي
۽ هن کي ٽيهه هزار روبل هڪ اهڙي سرڪاري رقم پوري
ڪرڻ لاءِ ڏنا هئائين، جيڪا هن جي استعيفا ڏيڻ وقت
غائب هئي، ۽ هاڻي جنرل صاحب سندس چنبي ۾ هو. پر
منهنجي خيال ۾ هن ناٽڪ جو اصلي ڪردار مادموزيل
بلانشي ئي آهي.
مادموزيل بلانشي ڪير آهي؟ چيو ٿو وڃي ته هڪ معزز فرينچ خاتون
آهي، جنهن وٽ تمام گهڻي دولت آهي ۽ ساڻس گڏ سندس
ماءٌ به آهي. ٻڌو اٿم ته هن جي اسان واري فرنيچ
’مارڪس‘ سان به ڪا مائٽي آهي_ پر پري جي. شايد
سئوٽ آهن يا اهڙي قسم جي ڪا ڏورانهين مائٽي اٿن.
مونکي خبر پيئي آهي ته منهنجي پئرس وڃڻ کان پهرين
فرينچ ۽ مادموزيل بلانشي جا تعلقات بي تڪليف هئا_
يعني ڏاڍا لطيف ۽ شانائتي قسم جا، پر هاڻ هنن جي
شناسائي، هنن جي دوستي ۽ هنن جا تعلقات ڪجهه هلڪڙا
۽ زياده ويجها آهن. غالبا هو اسان جي مٿيري اسرڻ
جا امڪان ايترا گهٽ ڏسن ٿا جو هو اسان سان بي تڪلف
ٿيڻ ۽ ٻاهرئين شان نه رکڻ ۾ ڪو هرج ڪونه ٿا سمجهن.
مون ٽيون ڏينهن ئي ڏٺو هو ته ائسٽلي صاحب مادمويزل
بلانشي ۽ هن جي ماءٌ کي عجيب انداز سان ڏسي رهيو
هو. مون کي ائين لڳو ڄڻ هو هنن کي سڃاڻيندا هجن،
بلڪ هي به محسوس ٿيو ته اسان جو فرينچ صاحب پهرين
به ائسٽلي سان ملي چڪو آهي. ائسٽلي صاحب ايتري قدر
شرميلو، خاموش طبع ۽ گهٽ ڳالهائو آهي. جو هرڪو ان
جي باري ۾ هي اندازو لڳائي سگهي ٿو ته هو ڍنڍورو
ڏيڻ جي قابل ناهي.فرنيچ ڄڻ ته وڏي تڪليف سان
ائسٽلي صاحب کي سلام ڪندو هو، بلڪ هن ڏي نظر کڻي
ته ڏسندو به نه هو_ مطلب ته هو هن جي پرواهه ئي نه
ڪندو هو. اها ڳالهه ته هر ڪو سمجهي ٿي سگهيو، پر
مادموزيل بلانشي ھن ڏي ڇو نٿي نھاري خاص ڪري جڏھن
ڪالھ ڳالھ ٻولھ جي وچ ’مارڪئس‘ جي زبان تي الائي
ڪھڙي سلسلي ۾ __ اتفاقا ھيءَ ڳالھ اچي وئي ته
ائسٽلي صاحب وڏيءَ دولت جو مالڪ آھي. ۽ ان جي کيس،
يعني ’مارڪئس‘ کي چڱي طرح خبر آھي __ تڏھن ته
مادموزيل بلانشي ضرور ھن ڏانھن نھاري ھا! بھرحال
جنرل صاحب جي چاچيءَ جي وفات جي خبر آڻڻ واري تار
جي ڪيڏي اھيت ٿي سگھي ٿي.
مون کي يقين ھو ته پالينا ڪنھن خاص ڳالھ جي ڪري مون سان ڳالھائڻ
کان نٽائي رھي ھئي. تنھن ڪري مون به رکائيءَ وارو
رويو اختيار ڪيو. مون اھو ٿي سوچيو ته ھوءَ جلدي
پاڻھي مون وٽ ايندي. ڪالھھ کان وٺي منهنجي توجھھ
جو مرڪز مادمورزئيل بلاشي ھئي. ويچار و جنرل! ھو
ته بلڪل تباھھ ٿي چڪو آھي. پنجونجاهه سالن جي عمر
۾ اھڙي شديد جذبي سان عشق ڪرڻ واقعي آسماني قھر
آھي. ڪو ويچار ته ڪري ته ھو ڪيڏي عذاب ۾ ورتل آھي.
ھڪ ته رنھڙ، ٻيا ٻار،
ملڪيت سڄي برباد ۽ تباهه، خاصي رقم جو مقروض ۽
انھن سڀني جي مٿان ڳالھ ھيءَ ته ان خاص عورت سان
عشق…
مادموزيل بلانشي بي شڪ سهڻي عورت آهي.پر جي آءٌ
اهو چوان ته هن جو منهن اهڙي قسم جو محسوس ٿئي ته
الائي منهنجي اها ڳالُھ ڪنهن جي سمجھه ۾ به ايندي
يا نه.
آءٌ پاڻ ته اهڙي قسم جي عورت کان ڊڄندو آهيان.
هو شايد پنجويهن ورهين جي آهي.
صحتمند،
مضبوط ۽ ويڪرو جسم،
ٿلهيون رانون،
خوبصوت ڳچي ۽ وڏيون ڇاتيون_
رنگ زردي مائل ڳاڙهو. وار ايترا ڪارا جھڙا هندستاني مس ۽ ايترا گهاٽا جو انهن مان ٻه
جهوپڙا ته ضرور جڙي پون. هن جون اکيون وڏيون ۽
ڪاريون آهن،جن جي اڇن تارن ۾ هلڪا هلڪا گلابي رنگ
جا ڏورا نظر اچن ٿا.نگاھ ۾ گستاخي، ڏند تمام اڇا،
چپن تي ھميشه سرخي. هن جي جسم مان مشڪ جي خوشبو ۽
ايندي آهي.هوءِ پر اثر، وضع دار قيمتي ۽ باشوق
لباس پهريندي آهي.هٿ ۽ پير ڏاڍا نفيس ۽جميل،آواز
حالانڪ ڳرو اٿس، پر ڏاڍو مدهم ــ ڪڏهن ڪڏهن هو
ٻٽيهه جا ٻٽيهه ڏند ڪڍي کلندي آهي. باقي هن جي عام
انداز ۾ خاموشي جو اثرگهڻو هوندو آهي. خاص طرح
پالينا ۽ ماريا فلپانا جي آڏو (ھا، ھڪ عجيب افواھھ
آھي ته ماريا فلپانا واپس روس وڃي رھي آھي ).
منھنجو خيال آھي ته مادموزيل بلانشي تعليم يافته
نه آھي. ھونئن ھوءَ ذھني طور تي به ايڏي تيز نه
آھي. بھرحال ھوءَ ڏاڏي پر ڪشش آھي منھنجو خيال آھي
ته ھن جي زندگيءَ ۾ ڪي ڳالھيون ضرور ٿيون. سچ پڇو
ته اھو به ممڪن آھي ته ھن جي مارڪئس سان اصل ڪا
مٽي ئي نه ھجي ۽ ماءُ به ھن جي اصلي ماءُ نه ھجي.
ھا اھو ضرور آھي ته برلن ۾، جتي اسين سڀ گڏ ويا
ھئا سين، مادموزيل بلانشي ۽ ان جي ماءُ جي چڱن چڱن
ماڻھن سان واقفيت ضرور ھئي. جيستائين مارڪس جو
تعلق آھي، مون کي ته اڃا تائين ھن جي مارڪئس ھجڻ ۾
ئي شڪ آھي، ـــ پر ھن حقيقت ۾ ڪنھن شڪ جي گنجائش
نه آھي ته ھو روسين ۽ مثلاً ماسڪو ۽ جرمني جي چند
جڳھن تي وڏن وڏن ما ڻهن جي مجلس ۾ اٿندو ويهندو
آھي. اھا خبر ڪانهي ته فرانس ۾ سندس حيثيت ڪهڙي
آهي. چون ٿا ته اتي وڏو محل اٿس.
منهنجو خيال هو ته منهنجي غير حاضريءَ وارن ٻن هفتن ۾ گهڻو ڪجھ
ٿي ويو هوندو. پر مون کي اڃا تائين خبر نه پئجي
سگهي هئي ته جنرل صاحب ۽ مادموزيل بلانشي جي جي وچ
۾ ڪا فيصله ڪن ڳالهھ ٿي چڪي آهي يا نه؟ اصل ۾ ھر
ڳالهه جو انحصار اسان جي قسمت تي ٿيڻو هو، يعني هن
تي ته جنرل صاحب دولت پيش ڪري سگهيو ٿي يا نه! فرض
ڪريو ته هيءَ خبر ٿي اچي ته ڏاڏي اڃا ڪانه مئي ته
مون کي پڪ آهي ته مادموريل بلانشي يڪدم گم ٿي
ويندي. اهو سوچي ته مان ڪيترو گهڻ ڳالهائو ٿي ويو
آهيان، هنن ڳالهين تي جتي مون کي تعجب ٿيندو آهي
اتي خوشي به ٿيندي آهي. اف! مون کي انهن سڀني
ڳالهين کان جند ڇڏائيندي به انتها خوشي ٿيندي. پر
ڇا مان پالنا کي ڇڏي سگهان ٿو؟ مون کي خبر آهي ته
هر وقت ڪنهن جي پٺيان لڳو رهڻ خراب آهي ۽ معيوب به
آهي، پر مون کي ان جي به پرواهه ڪانهي.
هاڻي ته آءٌ ائسٽلي صاحب جي شخصيت ۾ به دلچسپي وٺندو آهيان. پڪ
ٿي ويئي اٿم ته هو پالنا سان محبت ڪري ٿو. هيءَ
ڪيڏيءَ نه عجيب ۽ پڻ چريائپ جي ڳالهه آهي ته هڪ
شرميلو ۽ انتهائي پارسا ماڻهو جڏهن عشق ڪري ٿو،
تڏهن پنهنجي اکين سان پنهنجي دل جي ڳالهين جو اهو
ڪجهه اظهار ڪري ٿو ڇڏي، جنهن جي بدران هو هوند
وڏيءَ سان موت قبول ڪري، پر پنهنجي واتان يا ٻيءَ
طرح اها ڳالهه ظاهر ٿيڻ نه ڏئي، ائسٽلي صاحب اسان
کي گهڻو ڪري سير تفريح جي وقت ملندو آهي. هو ٽوپي
مٿي تان لاهي هٿ ۾ ڪندو آهي ۽ اسان وٽان ائين
لنگهي ويندو آهي، ڄڻ اسان سان ملندي ئي مري پوندو.
جي اسان مان ڪو سڏيندو به اٿس ته يڪدم انڪارڪري
ڇڏيندو آهي.انهن جڳهن تي جتي اسين آرام ڪندا آهيون
ڪا سينو ۾ يا بئنڊ واري ٿلهي تي يا ڦوهاري تي ـــ
هو هميشه اهڙي جڳهھ تي اچي بيهدو آهي، جتان اسان
کي ڏسي سگهي. اسين کڻي ڪٿي به هجون، پارڪ ۾ يا
جهنگ ۾، يا شنگلبرگ جي جبلن ۾ ـــ جي ڪو رڳو
هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙائيندو ته ڪنهن ويجهي رستي
تي يا وڻن ٽڻن جي پٺيان ائسٽلي صاحب جي سسي ڏسي
وٺندو. منهنجي خيال ۾ ته هو مون سان اڪيلائي ۾
ڳالهائڻ جو موقعو ڳولهي رهيو آهي انهي ڏينهن صبح
جو منهنجي ساڻس ملاقات ٿي، پر مختصر. هو ڪڏهن ڪڏهن
ڏاڍي بي ربطي نموني سان جلدي جلدي ڳالهائيندو آهي.
عليڪ سليڪ ڪرڻ بنا هن هڪدم چيو؛
او مادموزيل بلانشي.... مون بلانشي جهڙيون گهڻيون ئي عورتون
ڏٺيون آهن.
هو مون ڏانهن پر معنيٰ تيز نگاهن سان ڏسندو بيهي رهيو. هن جي ان
سڄيءَ ڳالهه جو مطلب ڇا هو. مان ڪجهه به نه سمجهي
سگهيس. ڇو جو جڏهن مون هن کان پڇيو ته سندس مطلب
ڇا هو. تڏهن هن مشڪي، ڪنڌ لوڏيندي چيو، اهو مطلب
اهوئي آهي..... ڇا مادموزيل پالينا کي خبر ڪانهي؟
ائسٽلي صاحب حيرت مان چيو. آءٌ سچ ٿو چوان ته مون
کي خبر ڪانهي ـــ مون کي خبر ڪانهي ــــ مون ڪڏهن
ان تي غور ئي نه ڪيو. مون وراڻيو.
عجيب ڳالهه آهي؟ هو ڪنڌ لوڏيندو هليو ويو. البت هو خوش نظر اچي
رهيو هو. عجيب غلظ سلط فرينچ ٻولي هڪ ٻئي کي ٻڌائي
هئيسون!
باب چوٿون
اڄ جو ڏينهن نهايت ئي واهيات، مضحڪه خيز ۽ ناشگوار هو. هن وقت
رات جا يارنهن لڳا آهن. آئون پنهنجي ڪٻٽ جيتري
ڪمري ۾ ويٺو،گذريل ڏينهن کي ياد ڪري رهيو آهيان.
ان جو آغاز پالينا جي خاطر کيڏڻ لاءِ منهنجي رولٽ
جي جوا خاني ۾ و ڃڻ سان ٿيو. مون هن کان هڪ سؤ سٺ
فيڊرڪ ورتا هئا. ليڪن ٻن شرطن تي. پهريون هيءُ ته
مان اڌواڌ وارو معاملو قبول ڪونه ٿو ڪريان. يعني
جي مون کٽيو ته مان پنهنجي لاءِ ڪجهه به نه وٺندس
۽ ٻيو هيءُ ته شام جو پالنا ان ڳالهه جي وضاحت
ڪندي ته هوءَ ڇو ۽ ڪيترا پئسا کٽڻ چاهي ٿي. مان ته
هي ڪنهن به حالت ۾ سوچي نٿو سگهان ته اهو سڀ ڪجهه
رڳو پئسن خاطر آهي! ظاهر آهي پئسن جي ضرورت ۽
جيتري قدر به جلد ممڪن ٿي سگهي. ڪنهن خاص مقصد
لاءِ ئي هوندي آهي. هن جڏهن مون سان وضاحت ڪرڻ جو
واعدو ڪيو، ته مان هليو ويس. جوا خاني جي هال ۾
زبردست هجوم هو. هو سڀيئي ڪيڏا نه بدتميز ۽ لالچي
هئا؟ آءٌ هجوم کي چيريندو وچ ۾ هليو ويس ۽ خزانچي
وٽ وڃي بيٺس. پوءِ ڊڄندي ڊڄندي هڪ ئي وقت ٻن ٻن ٽن
ٽن سڪن جي بازي هڻڻ جو تجربو شروع ڪيم ۽ ان وچ ۾
راند جو باقاعده نظارو ڏسندو رهيس. مون کي محسوس
ٿيو ته ڳڻپ ڪري، بازي هڻڻ ڪا معنيٰ ڪانه ٿي رکي.
حالانڪه ڪجهه رانديگر ان کي وڏي اهميت ڏيئي رهيا
هئا. هو ڪاغذ کنيو ويٺا هئا، جن تي پينسل سان
آڏيون ابتيون ليڪون ڪڍيل هيون. هنن هر داءُ مهل
غور سان ڏسي. امڪانات جو اندازو ڪندي، پوءِ ئي ڇڪو
ٿي اڇلايو ۽ بلڪل اسان اناڙين وانگيان هارايائون
ٿي. جيڪي بنا ڳڻپ کيڏي رهيا هئاسين. ان جي ابتڙ
مون هڪ نتيجو ڪڍيو، جنهن جي متعلق منهنجو ايمان
آهي ته بلڪل ٺيڪ آهي ۽ اهو هي ته رولٽ جي جوئا ۾
ڪو منظم طريقو نه آهي. پوءِ به امڪانات جي سلسلي ۾
هڪ خاص قسم جو ربط ضرور آهي ۽.... بيشڪ اها هڪ
عجيب ڳالهه آهي مثلاً هي ٿيندو آهي ته وچ وارن
ٻارهن انگن کان پوءِ وري ان کان پوءِ جا ٻارهن انگ
نڪرندا آهن، يعني ٻه ڀيرا داءُ پوين ٻارهن انگن تي
پوي ٿو ۽ ان کان پوءِ وري شروع جي ٻارهن انگن تي.
شروع جي ٻارهن انگن کان پوءِ داءُ وري وچ وارن
ٻارهن انگن تي پوندو آهي. ائين 13 ۽ چوويهن جي
انگن جي وچ ۾ ٽي يا چار ڀيرا لڳاتار داءُ پوي ٿو.
ان کان پوءِ پوئين ٽڪي ۾ داءُ لڳندو ۽ پوءِ
پنجويهه ۽ ڇٽيهه جي انگن جي وچ ۾ ٻه ڀيرا لڳي، وري
ٻيهر شروع جي ٻارهن انگن جي وچ ۾ ٻه ڀيرا لڳي، وري
ٻيهر شروع جي ٻارنهن انگن جي وچ ۾ پوندو ان کان
پوءِ شروع جي ٻارهن انگن جي وچ ۾ پوءِ لڳاتار ٽي
چالون وچ جي ٻارهن انگن جي ويجهو ويجهو نڪرن ٿيون
۽ انهيءَ طريقي سان اها راند ڪلاڪ يا ٻن ڪلاڪن
تائين جاري رهندي آهي. هڪ، ٽي ۽ ٻه ــ هڪ، ٽي ۽
ٻه. ڪيڏي نه حيرت جهڙي ڳالهه آهي! وري فرض ڪريو
ڪنهن ڏينهن يا ڪنهن صبح ڳاڙهي نشان کان پوءِ ڪارو
نشان نڪري ٿو ۽ ان کان پوءِ ڪابه ترتيب ڪانه ٿي
رهي، بلڪ داءُ هر گهڙيءَ بدلجندو ٿو رهي. ايتري
قدر جو لاڳيتن ٽن چالن تائين ڳاڙهو يا ڪارو نشان
بلڪل نٿو نڪري. ٻئي ڏينهن يا ٻيءَ شام جو هي ٿيندو
ته ڳاڙهو نشان هر هر نڪرندو ـــ لاڳيتو ٻارهن
ڀيرا. بلڪ ڪڏهن ڪڏهن ته سڄو سڄو ڏينهن ڳاڙهو نشان
ئي نڪرندو رهندو آهي. انهيءَ بابت مون کي ائسٽلي
صاحب گهڻو ڪجهه ٻڌايو آهي. هو سڄا سڄا ڏينهن، رولٽ
جي ميزن تي گذاريندو هو ۽ ويٺو جاچيندو هو. ليڪن
بازي نه لڳائيندو هو.
جيستائين منهنجو تعلق آهي، مون جلد ئي آخري ڪوڏي تائين سڀ رقم
هارئي ڇڏي. پهريائين هڪدم ويهه فيڊرڪ ٻڌي واري انگ
تي هنيم ۽ کٽي ويس. وري بازي لڳايم ۽ کٽي ويس. ان
طرح ٻ ٽي بازيون مون کٽيون. منهنجو خيال آهي ته
پنجن ئي منٽن ۾ مون چار سؤ کن فيڊرڪ کٽي ورتا. ان
موقعي تي مون کي اٿي هليو وڃڻ کپي ها. پر منهنجي
اندر ۾ هڪ عجيب خيال پيدا ٿيو. تقدير جي خلاف
سرڪشي. ان کي للڪارڻ جي خواهش. انکي چيڙائڻ جو
جزبو، مون وڏي کان وڏي مڃيل بازي چار هزار گلڊن
لڳائي ۽ هارايم. وري ڪاوڙ ۾ اچي کيسي ۾ بچيل سڀ
رقم ساڳئي انگ ته هنيم. وري هارايم. جنهن کان پوءِ
ميز تان اتيس ۽ هليو ويس. آءٌ سمجهي نه سگهيو هوس
ته مون کي ڪهڙو حادثو پڳش آيو هو ۽ مون پنهنجي هار
جي ڳالهه پالينا سان ماني کائڻ کان پوءِ ڪئي، مون
باقي سڄو ڏينهن پارڪ ۾ رلندي گذاريو. کاڌي جي وقت
آءٌ انهي ڪاوڙيل حالت ۾ هوس، جنهن ۾ ٽي ڏينهن
پهرين هوس. اڄ ماسموزيل بلانشي به کاڌي ڻ شريڪ
هئا. ائين ٿي لڳو ڄڻ مادموزيل بلانشي ان جوئا
خاني جي هال ۾ منهنجون سڀ حرڪتون ڏٺيون هيون ۽
منهنجي ڪارنامن کان چڱي طرح واقف هئي. ان موقعي تي
هن مونکي خاص ڌيان سان خطاب ڪيو. فرينچ ته سڌي
سنئين مطلب جي ڳالهه ڪئي ۽ مونکان پڇيائين ته جا
رقم مون هارائي هئي، سا منهنجي ذاتي رقم هئي ڇا؟
منهنجو خيال آهي ته هن کي پالينا ۾ سڪ هو. اصل ۾
ان مخصوص سوال جو پس منظر به آهي. مون يڪدم ڪوڙ
ڳالهايو ۽ چيم ته، ”ها، اها رقم منهنجي ئي هئي.“
جنرل صاحب ڏاڍي حيرت ٿي ته مون ايتري وڏي رقم ڪٿان حاصل ڪئي.
مون وضاحت ڪندي هن کي ٻڌايو ته اڄ مون شروع ۾ ڏهه
فيڊرڪ هنيا ۽ پوءِ يڪا ڇهه ست داءُ هنيم ۽ هر ڀيري
کٽي ويس ۽ ٿيندي ٿيندي، مون وٽ پنج ڇهه سوء فيڊرڪ
ٿي ويا، جي آخر ڪار ٻن دائن ۾ هارائي ويٺس.
هن هڪدم ويساهه ڪري ورتو. جڏهن آءٌ صفائي پيش ڪري رهيو هوس،
تڏهن پالينا ڏانهن به ڏٺم، پر هن جي منهن مان ڪجهه
به ظاهر ڪونه ٿي ٿيو. مطلب ته هن مون کي ڪوڙ
ڳالهائڻ ڏنو ۽ هڪ دفعو به نه ٽوڪيائين. ان مان مون
نتيجو ڪڍيو ته مونکي ڪوڙ ڳالهائڻو ئي پوندو ۽ اهو
راز لڪائڻو پوندو ته مان ڪو هن جو رازدار
آهيان.بهر صورت آءُسوچي رهيو هوس ته هن جي آڏو
ضرور وضاحت ڪرڻي پوندي، هونئن به هن اڄ صبح مونسان
ڪجهه احوال ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو،
منهنجو خيال هو ته جنرل صاحب مونکي ضرور ڪا نصيحت ڪندو. پر هو
صفا چپ ويٺو رهيو. البته مون ڏٺو ته هن جي چهري تي
مونجهاري جا نشان ڇانيل هئا. ٿي سگهي ٿو ته هن کي
اها ڳالهه ٻڌي ڏک ٿيو هجي ته ههڙي تنگ دستيءَ جي
وقت ۾ ايڏي وڏي رقم آئي ۽ مون جهڙي بيوقوف جي هٿان
پندرهن منٽن ۾ غارڪ ٿي وئي.
مونکي خبر پئي آهي ته ڪالهه جنرل صاحب ۽ فرينچ جي وچ ۾ گرما گرم
بحث ٿيو آهي. هو سڀئي بند ڪمري ۾ گفتگو ڪري ڪندا
رهيا. فرينچ ڪاوڙجي هليو ويو ۽ اڄ صبح ساڻ وري،
شايد ڪالهوڪي گفتگو کي جاري رکڻ جي کاءِ موٽي آيو
هو.
اهو ٻڌي ته آءٌ هڪ وڏي رقم هارائي چڪو آهيان، فرينچ ٽوڪ هڻندي
چيو ته ماڻهوءَ کي ٿورو عقل رکڻ کپي. الائي ڇو هن
اها ڳالهه ڪئي حالانڪه تمام گهڻا روسي جوا ڪندا
آهن. پر هن جو خيال آهي ته روسي جوئا کيڏڻ ۾ ڪابه
قابليت ڪانه ٿا رکن.
”ليڪن منهنجي خيال ۾ رولٽ جي جوئا ٺهي ئي روسين لاءِ آهي.“ مون
چيو. منهنجي چيلينج تي فرينچ تي حقارت سان کلڻ
لڳو، ان تي مون چيو ته ”مون بلڪل ٺيڪ چيو آهي، ڇو
جو روسين کي جوئاري چوڻ هنن جي تعريف نه آهي بلڪه
بي عزتي آهي، تنهنڪري هن کي منهنجي ڳالهه تي يقين
اچڻ گهرجي.“
”پر آخر اوهان جي ان راءِ جو بنياد ڪهڙو آهي؟“ فرينچ چيو.
”ان بنياد تي ته دولت گڏ ڪرڻ جي صلاحيت، تاريخ جي وهڪري ۾ مغرب
جي مهذب ۽ شائسته انسانن جي صلاحيتن ۽ خوبين ۾ هڪ
اهم جڳهه اچي والاري آهي. هڪ روسي نه صرف دولت گڏ
ڪرڻ جي صلاحيت نه ٿو رکي، بلڪه بنا سوچ سمجهه جي
ڏاڍي بي پرواهيءَ سان ان کي وڃايو ڇڏي. سن هوندي
به آخر اسان روسين کي به ته پئسي جي ضرورت پوي
ٿي.“ مون ڳالهه کي جاري رکندي چيو، ”۽ ان لاءِ
اسين رولٽ جهڙا ذريعا استعمال ڪرڻ جا وڏا شوقين
آهيون. ڇو جو ان ۾ بنا محنت جي هڪ ڪلاڪ ۾ ئي ماڻهو
مالدار بنجي سگهي ٿو. رولٽ اسان لاءِ دلفريب آهي ۽
ڇاڪاڻ ته اسين ڄٽڪي نموني ۽ لاپرواهيءَ سان ۽
سواءِ ڪنهن خاص ڪوشش جي کيڏندا آهيون، ان ڪري هار
هميشه اسان جي هوندي آهي.“
”اها ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح آهي.“ فرينچ هڪ وڏو ساهه کڻندي
چيو.
” نه اها ڳالهه صحيح ڪانهي. توکي پنهنجي ملڪ متعلق اهڙيون نيچ
ڳالهيون ڪندي شرم اچڻ کپي.“ جنرل صاحب ڏاڍي باوقار
انداز ۾ ڇيو.
”مون کي ڳالهه ته پوري ڪرڻ ڏيو. حقيقت ۾ آءٌ اڄ تائين سمجهي نه
سگهيو آهيان ته روسين جي اها اٻهرائي ۽ لاپرواهي
وڌيڪ قابل نفرت آهي يا جرمنن جو ديانت دارانه سچي
محنت سان پئسو ڪمائڻ.“
”تنهنجو اهو خيال ڪهڙو نه بيهودو آهي؟“ جنرل چيو.
”۽ تنهنجو اهو خيال بلڪل روسين وارو آهي.“ فرينچ چيو.
مان کلڻ لڳس. حقيقت ۾ مون کي انهن ٻنهي کي ويڙهائڻ جو ڏاڍو شوق
هو.
”خدا جو سنهن مان جرمنيءَ جي ان بت جي سامهون مٿي ٽيڪڻ کان سڄي
عمر خانه بدوش قوم جي خيمن ۾ گذارشن بهتر سمجهان
ٿو.“
”ڪهڙو بت!“ جنرل گڏ ڪرڻ جي صلاحيت جو بت. حالانڪه آءٌ هت تمام
ٿورو وقت رهيو آهيان، پر جيڪي ڪجهه مون ڏٺو آهي يا
ٻڌو آهي، اهو منهنجي تاتاري رت کي ٽهڪائڻ لاءِ
ڪافي آهي. هتي ڪابه شيءِ منهنجي مزاج مطابق نه
آهي. خدا جو سنهن مون کي اهڙي قسم جي ڪابه خوبي نه
گهرجي. ڪالهه به مون ائين ئي اٺن ميلن جو چڪر
هنيو. هتي جي ڪابه خوبي نه ڪهرجي. ڪالهه به مون
ائين ئي اٺن ميلن جو چڪر هنيو. هتي جي هر هڪ شيءِ
جرمنن جي وڻندڙ با تصوير ڪتابن جيان آهي. هتي جي
گهر گهر ۾ هڪ مذهبي قسم جو شخص ضرور هوندو آهي. جو
حد کان وڌيڪ پرهيزگار ۽ غير معمولي طور تي ديانت
دار هوندو آهي. ايتري قدر ديانتدار، جو اوهان کي
ان جي ويجهو ويندي ئي خوف ٿيندو. مون کي اهڙي قسم
جا ديانتدار ماڻهو اصل ڪين وڻن، جن وٽ ويندي خوف
لڳي. اهڙي هر مذهبي شخص جو هڪ وڏو ڪٽنن آهي. جتي
روزانه شام جي وقت وڏي آواز سان اصلاحي ڪتاب پڙهيا
ويندا آهن. شاه بلوط جو وڻ گهرجي ڀت سان گڏ بيٺو
آهي. هوڏانهن اولهه جي افق ۾ سج غروب ٿيڻ جي ڪوشش
۾ لڳل آهي. ڇت تي ٻگهه بيٺو آهي. غرض ته هڪ هڪ
شيءِ نهايت ٺاهوڪي ۽ پُر اثر نظر ايندي آهي. ناراض
نه ٿيو جنرل صاحب! مون کي ٿورو اثرائتي نموني ۾
بيان ڪرڻ ڏيو. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته منهنجو
پيءُ به مون کي ۽ منهنجي والده کي اهڙائي اصلاحي
ڪتاب باغ ۾ ليمن جي وڻن هيٺيان ويهي پڙهي ٻڌائيندو
هو. سو ان ڪري آءٌ به انهي ءَ مسئلي تي اهم راءِ
ڏيئي سگهان ٿو. ڇا، اوهان کي خبر آهي ته هتي جو هر
ڪٽبت ۽ هر ماڻهو مڪمل پابنديءَ ۽ غلامي ۾ جڪڙيل،
هو چوويهه ئي ڪلاڪ نار جي ڍڳي وانگيان وهن ۽
يهودين وانگر پئسا بچايو ٽجوڙيون پيا ڀرين. فرض
ڪريو ته ڪنهن چڱا خاصا گلدن گڏ ڪري ورتا آهن ۽
هاڻي هو دوڪان دوڪان کولڻ ۽ ٻنيءَ ٽڪر وٺڻ جو سوچي
رهيو آهي. خبر اٿؤ ان ڪم ڪرڻ لاءِ هو ڇا ٿو ڪري؟
هو پنهنجي ڌيءُ وٺڻ جو سوچي رهيو آهي. خبر اٿو اُن
ڪم ڪرڻ لاءِ هو ڇا ٿو ڪري؟ هو پنهنجي ڌيءُ جي شاڪي
نٿو ڪري جو هن کي ڏاج ڏيڻو پوندو ۽ گلڊن گهٽجي
ويندا. ايستائين، جو هوءَ پوڙهي ٿيو ٿي وڃي. هو
پنهنجي سڀني کان ننڍي پٽ کي مزدورن وٽ يا فوج ۾
وڪرو ڪيو ڇڏي. ان طرح حاصل ڪيل پئسا ظاهر آهي ته
ٽجوڙيءَ ۾ ئي پون ٿا. يقين ڪريو، اها سچي حقيقت
آهي. مون خود پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي، ۽ ماڻهن
کان پڇندو رهيو آهيان. مزي جي ڳالهه هيءَ آهي ته
اهو سڀ ڪجهه ڏاڍي خلوص ۽ ديانتداريءَ سان ٿيندو
آهي. اهڙي خلوص ۽ ديانتداريءَ سان، جو سڀ کان ننڍو
پٽ جنهن کي وڪيو ٿو وڃي. اهو ائين ٿو سمجهي ته هن
کي ائين وڪڻڻ ئي ديانتداريءَ جي تقاضا هئي. ڪمال
ته واقعي تڏهن آهي، جو خود شڪار پنهنجي قرباني تي
خوش عيندو هجي. ڪجهه وڌيڪ پڇڻ چاهيو ٿا ڇا؟ وڏي پٽ
سان به ڪو گهٽ ويل ڪونه ٿو وهي. هو ڪنهن مس اَميلا
سان عشق ٿو ڪري. ٻنهي جون دليون گڏ ٿيون ڌڙڪن. پر
هنن جي شادي نٿي ڪئي وڃي. رڳو ان لاءِ ته پئسا
گهڻا نه آهن. هو ٻئي ڏاڍي اخلاق، پاڪبازيءَ، پاڪ
دامنيءَ يا نيڪ آرزوئن سان پنهنجي شاديءَ جو
انتظار ڪندا رهن ٿا ۽ ائين مشڪندي مشڪندي پنهنجو
پاڻ کي انهيءَ بت جي قربان گاه تي قربان ڪيو ڇڏين.
اَميلا جا گلن جهڙا ڳل پيلا ٿيو وڃن. هوڏانهن ويهن
سالن ۾ هنن جي مالي خوشحاليءَ ۾ وڏو اضافو ٿئي ٿو.
وڏي ديانتداريءَ ۽ نيڪ نيتيءَ سان ٽجوڙين ۾ دولت
جو انبار گڏ ٿيو وڃي. هو مذهبي بزرگ وڏي اطمينان
سان پنهنجي چاليهه يا پنجاهه سالن جي پٽ ۽ ٽيهن يا
پنجٽيهن ورهين جي اَميلا کي، جنهن جون ڀريل ڀريل
ڇاتيون کوکليون ٿي چڪيون آهن ۽ رنگ پيلو ٿي ويو
آهي، آشيرواد ڏئي ٿو. آشيرواد ڏيندي، هو باقاعده
ڳوڙها ٿو وهائي. هنن کي ڪو وعظ ٿو ٻڌائي ۽ پوءِ
ترت ئي مري ٿو وڃي. تنهن کان پوءِ هن جو اُهو سڀ
کان وڏو پٽ ساڳيو مذهبي بزرگ بنجيو ٿو وڃي ۽ پيءُ
۽ ڏاڏي جي ڪهاڻي ٿو ورجائي. ان طرح پنجاهه يا ستر
سالن ۾ پهرئين مذهبي بزرگ پوٽي وٽ ڪافي رقم گڏ ٿيو
وڃي، جنهن کي هو پنهنجي پٽ لاءِ ورثي ۾ ڇڏيو وڃي ۽
هو پنهنجي پٽ لاءِ ۽ هو پنهنجي پٽ لاءِ ۽ ان طرح
چئن پنجن نسلن کان پوءِ هنن مان هڪ بيرن رٿشيلڊ ۽
خدا ڄاڻي ڇا ڇا بنجيو وڃي. اوهين خود ئي ٻڌايو ته
هي تماشو ڪيڏو نه عظيم الشان آهي! سؤ ٻن سؤ سالن
جي سخت محنت، صبر ۽ تحمل، هوش مندي، ديانت داري،
ڪردار، معصوم ارادو، پيش بيني، ڇت تي ٻگهه پکي!
اوهان کي ٻيو ڇا کپي. ان کان وڌيڪ ارفع ۽ اعليٰ ۽
پروقار شيءِ دنيا ۾ ٿي ئي ڪانه ٿي سگهي. هو ان خاص
نقطه نظر سان سڄيءَ دنيا کي ڏسندا آهن ۽ پنهنجن
ڏوهارين کي سزا ڏيندا آهن-يعني انهن کي جيڪي هڪ
رتيءَ ماتر به کانئن مختلف هوندا آهن. هيءُ آهي
اصلي ڳالهه مان ته روسي طريقي سان دولت ضايع ڪرڻ
يا رولٽ جي ذريعي مالدار بنجڻ وڌيڪ پسند ڪندس. مان
پنجن نسلن کان پوءِ جاگيردار رٿشيلڊ يا گاپ ائنڊ
ڪمپني بنجڻ نٿو چاهيان. مان پئسا پنهنجي لاءِ ٿو
چاهيان. ياد رکو، مان پنهنجو پاڻ کي پئسي جو
زيردست نٿو سمجهان ۽ نه ئي پنهنجي وجود کي ان لاءِ
ٿو سمجهان. مان ڀانڳان ٿو ته اوهان جي آڏو اهي سڀ
ڳالهيون بڪواس آهن. پر منهنجا اصلي خيال اهي ئي
آهن.“
جنرل صاحب ٿورو سوچي چيو، ”اها ته مون کي خبر ڪانهي ته تو جيڪي
ڪجهه چيو ان ۾ ڪيتري سچائي آهي.پر اها خبر ضرور
اٿم ته جي توکي پنهنجي حد کان ٻاهر نڪرڻ جي ٿوري
به اجازت ڏني ٿي وڃي ته تون ايڏيءَ جک ۾ وڃي ٿو
پوين، جو......“
هميشه جيان هن ڳالهه اڌ ۾ ئي ڇڏي ڏني. اسان جي جنرل صاحب جي
عادت آهي ته هو روزمره جي عام گفتگو کان مٿي ٿوري
به اهم ڳالهه ڪندو. ته هميشه پنهنجا جمله اڌ ۾ ڇڏي
ڏيندو آهي. فرينچ ڪجهه ڪجهه اکيون ڦاڙي منهنجي
ڳالهه ٻڌي. منهنجي خيال ۾ هو منهنجي ڳالهين جو
مطلب مشڪل سان سمجهي سگهيو هوندو. پالينا وڏي
خودداريءَ ۽ بي نيازيءَ سان ٻئي پاسي گهور پائي
ڏسي رهي هئي، هن ائين پئي ڏک ڏني ڄڻ هن منهنجي يا
ان ڏينهن ميز تي ڪيل ٻي ڪابه ڳالهه ٻڌي ئي ڪانه
هئي. |