باب پنجون
پالينا خلاف معمول فڪرمند هئي. ميز تان اٿندي ئي هن مون کي پاڻ
سان گڏ سير تي هلڻ لاءِ چيو. اسان ٻارن کي گڏ کنيو
۽ پارڪ ۾ ڦوهاري ڏي هلڻ لڳاسين.
ان وقت آءٌ خاص طور تي ڏاڍو ڪاوڙيل هوس، ان ڪري ئي مون کانئس
هيءُ بي ڍنگو سوال ڪري ورتو ته هاڻ جڏهن به هوءَ
ڪيڏانهن ٻاهر وڃي ٿي ته هي مارڪئس ڊي گريو، اسان
جو جناب فرينچ صاحب ساڻس گڏ ڇو نٿو وڃي، ۽ گهڻن ئي
ڏينهن کان ساڻس ڳالهه ٻولهه به بند ڪري ڇڏي اٿس،
سو ڇو؟
”ان لاءِ ته هو وڏو ذليل ماڻهو آهي.“ هن ڏاڍي عجيب انداز ۾
وراڻيو. مون ڪڏهن به پلينا جي واتان مارڪئس گريو
متعلق اهڙي سخت ڳالهه نه ٻڌي هئي، پر هن جي وڌيڪ
تنگ ٿيڻ جي خيال کان چپ رهيس.
” تو ڏٺو ته اڄ جنرل صاحب سان به سندس رويو ٺيڪ نه هو!“
هن ڪجهه چڙ مان ۽ رکائي سان چيو، ”تون اصل ڳالهه ڄاڻڻ ٿو چاهين،
توکي خبر آهي ته جنرل صاحب هن جي مُٺ ۾ آهي. جنرل
صاحب جي سڄي ملڪيت هن جي آهي، جي ڏاڏي نٿي مري ته
فرينچ انهن سڀني شين جو مالڪ ٿي ويندو، جيڪي وٽس
گروي رکيل آهن.“
”ته ڇا اها ڳالهه صحيح آهي ته هر شيءِ گروي رکي ويئي آهي؟ مون
به ائين ٻڌو ته ضرور آهي، پر اها خبر ڪانه هيم ته
سڀئي شيون گروي آهن.“
”بلڪل.“
” ته پوءِ ماد موزيل بلانشي جو به خدا ئي حافظ آهي. هوءَ جنرل
جي زال نٿي بنجي سگهي. توکي خبر آهي يا نه، پر مون
کي ته ائين ٿو لڳي ته جنفل صاحب هن سان ايتري محبت
ٿو ڪري، جو جي هوءَ کيس ڇڏي هلي وڃي ته هو خودڪشي
ڪري ڇڏيندو. هن عمر ۾ ايتري محبت ڪرڻ خطرناڪ آهي.“
ميو چيو.
پالينا ڪجهه سوچيندي، پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، ”منهنجي خيال ۾
هن سان ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيندو.“
مون ٿورو بلند آواز ۾ چيو، ”۽ پوءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيترو نه عجيب
لڳندو. ماڻهن تي ان کان وڌيڪ کليل نموني ظاهر نه
ٿي سگهندو ته هوءَ جنرل صاحب سان رڳو هن جي پئسي
خاطر شادي دري رهي هئي! ڇا، دنيا ۾ شرافت ڪا شيءِ
نه آهي ؟ پنهنجي شان ۽ مان جهڙي ڳالهه ناهيءَ هي
ته وڏي حيرت جهڙي ڳالهه چئبي ۽ جيستائين ڏاڏيءَ جو
تعلق آهي. ڇا ان کان وڌيڪ مضحڪ خيز ۽ ذلت آميز به
ٻي ڪا ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته يڪيون هڪ ٻئي پٺيان ٻه
تارون موڪليون وڃان انهي لاءِ ته خبر پوي ته هوءِ
مري چڪي آهي يا نه؟ پالينا ان باري ۾ تنهنجو ڪهڙو
خيال آهي؟
اها سڄي بڪواس آهي، هن بيزاري سان منهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيو.مان
حيران آهيان ته تون ايتري قدر خوش ڇو آهين! ايتري
خوشي! آخر ڪهڙي ڳالهه آهي؟ اها منهنجن پئسن جي
هارائڻ تي ته نه آهي!
ليڪن تو مون کي اهي هارائڻ لاءِ ڏنا ڇو؟ مون تو کي صاف چئي ڇڏيو
هو تو آءٌ ٻين ماڻهن لاءِ خاص طور تي تنهنجي لاءِ
بلڪل کيڏي نٿو سگهان، آءٌ تنهنجو فرمانبردار آهيان
تنهنجي هر حڪم جي تعميل ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر
نتيجي جي جوابدار ي به نٿو کڻان. مون توکي پهرئين
ئي چئي ڇڏيو هو ته ان مان ڪجهه به نه ورندءِ. ڇا
توکي ايتري رقم هارائڻ جو ڏک آهي؟ آخر توکي ايترا
پئسا ڇو کپن؟
تون اهڙا سوال ڇو ٿو ڪرين؟
واه، تو مون کي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ جو انجام ڪيو هو... ٻڌاءِ، مون کي
پڪ آهي ته جڏهن آءٌ پنهنجي لاءِ کيڏندس (۽ هينئر
مون وٽ ٻارنهن فيڊرڪ آهن). ته ضرور کٽيندس. پوءِ
توکي جيترا پئسا کپن اڌارا وٺي سگهين ٿي.
پالينا جي رويي مان شديد بيزاري ۽ نفرت جو اظهار پئي ٿيو.
منهنجي هن صلاح تي تون رنج نه ٿي. مون کي خبر آهي ته تنهنجي آڏو
آءٌ هيچ آهيان، پر تون مون تي يقين ڪر ته تنهنجي
بي عزتي اصل ڪو نه ٿيندي. مون کي خبر آهي ته
تنهنجي نظرن ۾ منهنجي ايتري اهميت به ڪانهي جو تون
مون کان پئسا اڌارا وٺي سگهن __ پر به ته خيال ڪر
ته مون تنهنجا پئسا هارايا آهن.
هن تيز نظرن سان مون ڏانهن ڏٺو ۽ اهو ڏسي ته منهنجي لهجي ۾ ڪاوڙ
سان گڏ ٽوڪ جو انداز به شامل هو.هن هڪدم ڳالهه ڪٽي
ڇڏي.
منهنجي خانگي حالتن ۾ توکي ڪا به دلچسپي ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي. پر
پوءِ به جي ڄاڻڻ چاهين ٿو ته ٻڌ، حقيقت ۾ آءٌ ڏاڍي
مقروض آهيان. هاڻ اهو قرض موٽائڻو اٿم. هونئن ته
مون وٽ پئسا ڪونه آهن، پر مون کي خيال اچي ٿيو آهي
ته شايد جوئا ۾ آءٌ کٽي، اهو قرض موٽائي سگهان.
اهي ته بيشڪ چريائپ وارو خيال پر ڇا ڪريان. دل کي
ان تي يقين اٿم، شايد اهو يقين ان ڪري به اٿم جو
پئسن حاصل ڪرڻ جو ٻيو ڪو ذريعو ڪونهيم.“
”اهو ته ان ڪري تنهنجو کٽڻ لازمي آهي. مون کي ته هيءُ ٻڌندڙ ۽
ٻوڙي واري ڳالهه ٿي لڳي. خبر اٿئي ته ٻڌندڙ ۽ ٻوڙو
به بنڊ وانگي محسوس ٿيندو آهي.“
پالينا وري مون ڏانهن ڏٺو.
تنهنجي معنيٰ ته تو مون کي اڃا محسوس نه ٿو ڪري سگهين. تون جلد
باز آهين. توتي ڪو ڀروسو ڪري نه ٿو سگهجي. تون پاڻ
ٻڌاءِ ته آخر توکي پئسن جي ايتري ضرورت ڇو آهي.
انهيءَ ڏينهن جيڪي سبب تو مون کي ٻڌايا هئا، تن
مان ته هڪڙو به ٺيڪ ڪونه هو.“
”تو هينئر چيو نه ته ڏاڍو گستاخ ٿي پيو آهين. عجيب سوال پيو
ڪرين! شراب ته ڪونه پيتو اٿئي.“
”اها به توکي چڱيءَ طرح خبر آهي ته آءٌ توکان هر سوال پيو پڇڻ
جو حق رکان ٿو، تنهنڪري ڪڏهن ڪڏهن صافگوئي سان
سوال ڪري وجهندو آهيان. آءٌ هڪ دفعو وري چوان ٿو
ته آءٌ تنهنجو غلام آهيان. جيئن پنهنجي غلام کي سڀ
ڪجهه ٻڌائي سگهجي ٿو تيئن تون به مون کان ڪجهه نه
لڪاءِ، نه ڪو منهنجي ڳالهين جو دل ۾ ڪر.“ پر آءٌ
ته تنهنجي ان غلام واري خيال کي مڃان ئي ڪونه ٿي.“
”ڏس هيڏانهن آءٌ ڪو پنهنجي غلامي متعلق ان ڪري ڪونه ٿو ڳالهايان
جو واقعي تنهنجو غلام ٿيڻو اٿم، آءٌ ته اهو ئي
ڪجهه چوان ٿو جيڪي دل ۾ اٿم.“
”چڱو ڀلا مون کي اهو ٻڌاءِ ته توکي پئسن جي ايتري ضرورت ڇو
آهي؟“
”تون اهل ڳالهه ڇو ٿي پڇين؟“
”نه ٻڌاءِ ته نه ٻڌاءِ، تنهنجي مرضي.“ هن غرور سان ڪنڌ ڌوڻيندي
چيو.
”تون منهنجي غلام هجڻ واري خيال کي رد ٿي ڪرين پر غلام واري
ذهنيت برقرار رکڻ تي زور ٿي ڏين. جواب ڏي، بحث نه
ڪر، خير ائين ئي سهي. تون ٿي پڇين ته مون کي پئسن
جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ان ڳالهه جو آخر ڪهڙو جواب
ڏيان، پئسن جي ته سڀني کي ضرورت پوندي آهي.“
”اها ته مون کي به خبر آهي، پر تون جهڙي طرح پئسن لاءِ چريو ٿيو
پيو وتين، تنهن جي پويان ضرور ڪا خواهش لڪل آهي،
منهنجو خيال آهي ته تون هٿ جون ٺاهڻ بدران مونکي
ان جو صحيح جواب ڏي.“
هو ٿوري ڪاوڙ ۾ اچي وئي هئي ۽ ان ڪري مون خوشي پئي محسوس ڪئي.
مون جواب ڏيندي چيومانس. ”بيشڪ انهي جو خاص مقصد
آهي. پر اهو ڪهڙو مقصد آهي تنهن جي آءٌ وضاحت نه
ٿو ڪري سگهان. ڀلا اهو مقصد هن کان سواءِ ٻيو ڇاٿو
ٿي سگهي ته دولت مند ٿيڻ کانپوءِ آءٌ توکي هڪ ٻئي
قسم جو انسان نظر ايندس غلام نه!“
”هو ڪيئن ٿيندو ! ته توکي اها به خبر ڪانهي ته اهو ڪيئن ٿيندو؟
اهڙي بي يقيني آخر ڇو؟، واقعي تون مون کي هڪ غلام کان وڌيڪ ڪجهه
به سمجهڻ لاءِ تيار ناهين پر مون کي ان جي ڪابه
پرواهه ناهي.“
تو ته چيو ٿي ته ان غلامي مان توکي خوشي ٿي حاصل ٿئي، حالانڪ
منهنجو خيال هو ته خوشي توکي صرف مون مان ٿي حاصل
ٿئي.
”ته تون پاڻ اهو ٿي سوچين!“ ته منهنجي جسم ۾ ڄڻ خوشي جي لهر
ڊوڙي وئي. تنهنجي اها سادگي ڪيڏي نه سٺي آهي! ڪنهن
کي ذليل ڪرڻ مان به ته خوشي حاصل ٿيندي آهي. پل
خوشي ان هنٽر کي به ٿيندي هوندي جيڪو ڪنهن غريب جي
پٺن تي لڳي ان جي کل لاهي ڇڏيندو آهي. پر مونکي هڪ
ٻئي قسم جي خوشي حاصل ڪرڻي آهي. تو ڪالهه ٻڌو
هوندو ته جنرل صاحب مون کي ست سو روبل ساليانه ڏيڻ
جو چيو هو (جنهن جي موکي ڪابه اميد ڪانهي) مارڪئس
گريو به ته اتي ويٺو هو. منهنجي دل ٿي ٿي ته هن جي
ڪا چڱي خاصي بي عزتي ڪريان ته جينئن تون به ڏسي
سگهين.
”آخر ڪار اها ڪهڙي ڳالهه آهي؟ هڪ ماڻهو هي وقت، هر هنڌ ۽ هر
حالت ۾ وقار ۽ مان واري حالت جو مظاهرو ڪري سگهي
ٿو.“
”اهي ڪتابن جون ڳالهيون آهن. توکي ته بس اهو احساس ٿي ويو آهي
ته مون کي وقار سان ڳالهه ڪرڻ ئي ڪونه اچي. توکي
ته خبر آهي ته اسين روسي سادا سودا انسان آهيون.
اخلاق ته اسان وٽ به آهي پر ان جو مظاهرو مناسب
نموني سان ڪونه ڪريو سگهون. اصل ۾ اسن وٽ خوبيون
ته آهن پر فطري صلاحيتون تمام گهٽ اٿئون. اهوئي
سبب آهي جو فرينچ مرد اسان جي روسي عورتن لاءِ هڪ
قسم جي ڪمزوري بنجي چڪا آهن. پر منهنجي خيال ۾
فرينچن جو اهو رويو به نمائشي ڏيک هوندو آهي. ٽرڙي
ڪڪڙ وانگر سڄو ڏينهن آڪڙيا وتندا آهن. ٿي سگهي ٿو
ته اهي ڪڪڙ ٽرڙا نه پر اصلي هجن! آءٌ ڪيتري دير
کان بڪان پيو. تو مون کي اصل روڪيو ئي ڪونه. تون
مونکي وچ ۾ روڪيندي رهندي ڪر. جڏهن آءٌ توسان
ڳالهائيندو آهيان ته اهو چاهيندو آهيان ته مان
توسان پنهنجي دل جي هر ڳالهه، بلڪ سڀ ڳالهيون ڪري
ڇڏيان. مان سڀني سٺن طريقن کي وساري ويهندو آهيان.
بلڪ آءٌ ته هي به مڃڻ لاءِ تيار آهيان ته مون ۾ نه
اطوار آهي نه اخلاقي گڻ. آءٌ هيءَ ڳالهه توکي
پهرين ئي ٻڌائي چڪو آهيان ته آءٌ پنهنجي ذهن کي
ڪنهن قسم جي اخلاقي گڻن لاءِ فڪرمند ٿيڻ نه ڏيندو
آهيان. هاڻ ته مون کي هر شيءِ بيٺل ٿي لڳي. توکي
خبر آهي ته مون ۾ انسانن جهڙي هڪ به ڳالهه نه آهي.
هڪ عرصي کان مون کي هيءَ به خبر نه آهي ته دنيا ۾،
روس ۾ يا هتي ڇا ٿي چڪو آهي يا ٿي رهيو آهي. هتي
مان ڊريسڊن شهر مان آيو آهيان. پر مون کي ياد
ڪونهي ته ڊريسڊن ڪهڙي قسم جو شهر هو. توکي چڱيءَ
طرح خبر آهي ته مون کي ڪنهن ڳڙڪائي ڇڏيو آهي ۽
ڇاڪاڻ ته مون کي تو مان ڪابه توقع نه آهي ۽ آءٌ
پنهنجي نظر ۾ ڪابه وقعت نه ٿو رکان، تنهنڪري صاف
صاف ٿو چوان ته هرهنڌ توکان سواءِ ڪابه شيءِ نٿو
ڏسان. توکان سواءِ دنيا منهنجي نظرن ۾ هيچ آهي.
توسان ڇو ۽ ڪيتري محبت اٿم؟ اها خود به خبر ڪانه
اٿم. غالباً اها ڳالهه تون خود ڄاڻين ٿي ته تون
مون سان سٺي نموني ڪانه ٿي هلين. مان ته تو لاءِ
ائين به نٿو چئي سگهان ته تون سهڻي آهين يا نه! پڪ
تنهنجي دل ٺيڪ نه آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته تنهنجي دماغ
۾ به اجايون ڳالهيون ڀريل هجن.“
”شايد ان ڪري تون مون کي دولت سان خريدڻ جو سوچيندو رهندو
آهين.“ هن چيو، ”ڇاڪاڻ ته توکي منهنجي عزت نفس جي
جذبي جو يقين ڪونهي.“
”پر مون توکي دولت سان ڪڏهن خريدڻ چاهيو؟“ مون يڪدم چيو.
”تون اوستائين ڳالهائيندو ٿو رهين، جيستائين خبر نه ٿي پوي ته
ڇا پيو ڳالهائين. جي تون مون کي خريدڻ نٿو چاهين
ته پوءِ منهنجي عزت نفس جي جذبي کي خريدڻ جو خيال
ضرور اٿئي.“
”بلڪل نه، اها ڳالهه اصل ڪانهي. مان چئي چڪو آهيان ته منهنجي
لاءِ پنهنجي دل جي ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ تمام ڏکي
آهي. تون اها ڳالهه چئي، هر هر مون تي بار وجهي
رهي آهين. منهنجي ڳالهين مان ناراض نه ٿيندي ڪر.
توکي خبر آهي ته تون مون سان ناراض نٿي ٿي سگهين!
ان لاءِ ته مان پاڳل آهيان. جي تون ناراض ٿي به
وڃين ته مان ان جي پرواهه نٿو ڪريان. جڏهن مان
پنهنجي ڪمري وارين ڏاڪڻن تي هوندو آهيان ته مون کي
رڳو تنهنجي لباس جي سرسراهٽ تصور ۾ آڻڻي پوندي
آهي. ان کان پوءِ پنهنجا ننهن ڏندن سان چٻاڙڻ لاءِ
تيار ٿي ويندو آهيان ۽ تون مون مان ناراض به ڇو
آهين؟ منهنجي، پنهنجو پاڻ کي، غلام چوڻ ڪرڻ ڪري!
خدا جي واسطي منهنجي غلام هجڻ جو ڪو فائدو نه وٺ.
ڇا توکي خبر آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن آءٌ توکي قتل
ڪري ڇڏيندس. آءٌ توکي ان لاءِ قتل ڪونه ڪندس ته ڪو
منهنجي محبت مري ويندي يا مان حاسد بنجي ويندس!
بلڪ آءٌ توکي رڳو ان لاءِ قتل ڪندس ڇو جو آءٌ توکي
ڳڙڪائي ڇڏڻ ٿو گهران. تون کلين ٿي.....“
”آءٌ کلان ڪانه ٿي.“ هن غضبناڪ لهجي ۾ وراڻيو. ”آءٌ رڳو ايترو
ٿي چوانءِ ته چپ ڪر!“
هوءَ ڪجهه دير لاءِ بلڪل چپ ٿي ويئي. حد کان وڌيڪ ڪاوڙ جي ڪري
هوءَ بلڪل بي جان ٿي لڳي. ايمان سان مون کي خبر
ڪانه هئي ته هوءَ ڪا واقعي سهڻي هئي. پر جڏهن هوءَ
ڪاوڙ مان ڳاڙهي ٿي منهنجي اڳيان اچي بيهندي آهي ته
ڏاڍي خوبصورت لڳندي اٿم. تنهنڪري آءٌ گهڻو ڪري کيس
ڪاوڙائيندو رهندو آهيان. شايد هوءَ به اها ڳالهه
سمجهي ويئي هئي. تنهنڪري ڄاڻي ٻجهي ناراض ٿي رهي
هئي. بلڪل اهي اکر مون هن کي چئي ڏنا.
”ڪهڙي نه واهيات ڳالهه ڪئي اٿئي.“ هن نفرت وچان چيو.
”مون بالڪل ٺيڪ چيو آهي.“ مون چيو، ”ڇا توکي اها خبر آهي ته پاڻ
ٻنهي جو گڏ گهمڻ ڪيڏو نه خطرناڪ آهي! ڪڏهن ڪڏهن
منهنجي خواهش ٿيندي آهي ته توکي لڪڻ سان ايترو ته
ماريان جو شڪل ئي ڦري وڃئي. يا گهٽو ڏيئي ماري
ڇڏيانءِ! متان اهو سمجهين ته ائين نٿو ٿي سگهي!
تنهنجون ڳالهيون ٻڌي مون کي هونئن ئي تپ چڙهي
ويندو آهي. تون سمجهين ٿي ته آءٌ بدناميءَ کان
ڊڄان ٿو؟ آخر مون سان تنهنجي ڪاوڙ جو سبب ڇا آهي،
اهو ته آءٌ توسان بي پناهه عشق ٿو ڪريان، پر مون
کي خبر آهي ته توکي مارڻ کان پوءِ آءٌ توسان اڃا
به هزار ڀيرا وڌيڪ عشق ڪندس. آءٌ توکي خون ڪندس ته
مون کي به آپگهات ڪرڻو پوندو پر آءٌ جلدي آپگهات
ڪونه ڪندس. ان لاءِ ته جيئن توسان گڏ نه هجڻ جو ڏک
محسوس ڪندو رهان. ڇا توکي هڪ ٻي حيرت انگيز ڳالهه
جي خبر آهي! منهنجي محبت روزبروز وڌي رهي آهي.
ايتري قدر جو هاڻ مون کي پنهنجي حياتيءَ جي به
پرواهه نه آهي. ياد اٿئي ته ٽيون ڏينهن مون
شلنگبرگ ۾ تنهنجي ڪاوڙ جي وقت چيو هو، ”تون هڪ
معمولي اشارو ته ڪري ڏس. مان هن اوچي چوٽيءَ تان
ڪيئن ٿو ٽپ ڏيان. ان وقت چوين ها ته واقعي ٽپ ڏيان
ها. ڇا توکي شڪ آهي ته مان ٽپ نه ڏيان ها.“
”ڪهڙيون نه احمقاڻيون ڳالهيون پيو ڪرين!“ هن چيو.
”هي احمقاڻيون ڳالهيون آهن يا هوشمندن واريون، مون کي ان جي
پرواهه نه آهي. مون کي ته رڳو ايتري خبر آهي ته
مون کي تنهنجي موجودگيءَ ۾ ڳالهائڻ کپي.... ۽ مان
ڳالهايان پيو. تنهنجي موجودگيءَ ۾ مون کي عزت نفس
جي به ڪا پرواهه نه هوندي آهي ۽ آءٌ ان جي به
پرواهه ڪونه ڪندو آهيان ته ٻيا ڇا چوندا.....“
”توکي شلنگبرگ تان ٽپ ڏيڻ جو چئي ڀلا مون کي ڇا ملندو؟“ هن طنز
آميز انداز ۾ چيو، ”منهنجي لاءِ اهو بلڪل بي سود
ٿيندو.“
”واه!“ مون چيو ”تو هي شاندار لفظ ’بي سود‘ ڄاڻي ٻجهي چيو آهي
ته جيئن آءٌ اڃا به سڙان. آءٌ توکي چڱيءَ طرح
سڃاڻان ٿو. بي سود! تون ائين ٿي چئين نه! واقعي
خوشي ته هميشه فائدي مان ٿيندي آهي. طاقت ۽
لامحدود اختيار، پوءِ اهي کڻي هڪ هڪ مک تي هجن،
اهي خوشي ڏئي سگهن ٿا. انسان فطرتاً ظالم ٿيندو
آهي ۽ هميشه ڏاڍي بنجڻ جو خواهشمند هوندو آهي. تون
به اهائي ڳالهه ٿي چاهين.“
مون کي ياد آهي ته ان وقت هوءَ مون ڏانهن خاص ۽ گهري ڌيان سان
ڏسي رهي هئي. منهنجي چهري مان پڪ ئي پڪ منهنجا
پريشان احساس ظاهر ٿيندا هوندا. مون کي اڃا تائين
ياد آهي ته اسان ٻنهي جي وچ ۾ لفظ بلفظ اهي ئي
ڳالهيون ٿيون هيون، جي مان مٿي بيان ڪري چڪو
آهيان. منهنجي اکين ۾ رت ٽمي آيو هو، وات مان گف
پئي نڪي. جيستائين شلنگبرگ جو تعلق آهي، مان اڃا
به حلفيه چوان ٿو ته جي هوءَ مون کي ٽپ ڏيڻ لاءِ
چوي ها ته آءٌ واقعي ٽپ ڏيان ها. جي هوءَ رڳو
چرچي، نفرت يا صرف ٽوڪ خاطر به چوي ها ته مان ٽپ
ڏئي پاڻ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيان ها.
”بلڪل نه ـــ مون کي تو ۾ پورو پورو اعتماد آهي.“ هن اهڙيءَ ريت
چيو ڄڻ صرف هوءَ ئي ڳالهائڻ ڄاڻي ٿي. سو به اهڙي
نفرت، حقارت ۽ درشتيءَ سان، جو خدا جو قسم ان وقت
ئي گهٽو ڏيئي ماري ڇڏيانس ها.
پر هوءَ بچي ويئي. جيڪي ڪجهه مون هن کي چيو هو، تنهن ۾ ڪوڙ جو
ذرو به ڪونه هو.
”تون بزدل ته نه آهين؟“ هن مون کان اوچتو پڇيو.
”شايد آءٌ بزدل آهيان، مون کي خبر نه آهي... ان باري ۾ مون ڪڏهن
سوچيو ئي ڪونهي.“
”جي آءٌ توکي چوان ته فلاڻي شخص کي خون ڪري ڇڏ ته ڇا تون ان کي
ماري ڇڏيندين؟“
”ڪنهن کي؟“
”جنهن کي آءٌ چوان.“
”فرينچ کي!“
”سوال نه ڪر، جواب ڏي. جنهن کي به آءٌ چوان. آءٌ رڳو اهو ڄاڻڻ
ٿي چاهيان ته ڇا تون هينئر سنجيدگيءَ سان ڳالهائي
رهيو هئين؟“
هوءَ اهڙي شوق ۽ اشتياق سان منهنجي جواب جو انتظار ڪرڻ لڳي، جو
مون کي حيرت ٿيڻ لڳي.
”چڱو ته ٻڌاءِ ڳالهه ڪهڙي آهي!“ مون ٿورو وڏي سڏ چيو. ”توکي
ڪنهن جو ڊپ آهي؟ منهنجو يا ڪنهن ٻئي جو؟ هتي جي هر
شيءِ منهنجي لاءِ خراب ۽ بي ڍنگي آهي. تون هڪ چرئي
۽ برباد شخص جي اڳ ڄائي آهين، جنهن جي دل ۾ هن
شيطان ـــ بلانشي جي محبت جو ديرو آهي. هڪ هو
فرينچ آهي، جنهن جي پراسرار اثر ۾ تون ڦاٿل آهين ۽
هاڻ تون مون کان ايڏي اشتياق مان اهڙو سوال پڇين
ٿي....! خير مون کي ٻڌاءِ، نه ته آءٌ هت جو هت
چريو ٿي پوندس. ڇا، تون مون سان بي تڪلف ٿيڻ ۾ شرم
ٿي محسوس ڪرين! ڇا، واقعي توکي ان ڳالهه جي پرواهه
نه آهي ته آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ٿو سوچيان!“
”پر آءٌ توکي ان باري ۾ وڌيڪ ڪجهه به نٿي چوان. مون ته توکان هڪ
سوال ڪيو، ۽ ان جي جواب جو انتظار پئي ڪريان.“
”بيشڪ تون جنهن به ماڻهوءَ لاءِ چوندينءَ آءٌ ان کي خون ڪري
ڇڏيندس.“ مون يڪدم چيو، ”پر ڇا تون واقعي ائين ڪرڻ
لاءِ چوندينءَ؟“
”ته ڇا تنهنجو خيال آهي ته آءٌ توکي ائين ئي ڇڏي ڏينديس! آءٌ
توکي ضرور چونديس ۽ پاڻ هڪ طرف بيهي ڏسنديس. ڇا
تون اهو برداشت ڪري سگهندين؟ جي توکي چوان ته تون
شايد هن کي ماري وجهندين ۽ پوءَ مون وٽ ايندين ۽
پوءِ مون کي به ماري ڇڏيندين ــ! ڇو جو مون ئي هُن
کي مارڻ لاءِ توکي چيو هو!“
مون کي ائين لڳو ڄڻ انهن اکرن منهنجا هوش حواس اڏائي ڇڏيا هجن.
آءٌ ته ان وقت به ان سوال کي رڳو هڪ چيلينج ۽ چرچو
سمجهي رهيو هوس ته به هن ڏاڍيءَ سنجيدگيءَ سان
ائين چيو هو. پر هن جي ايتريءَ بي تڪليفيءَ سان
ڳالهيون ڪرڻ، مون تي پنهنجا ايترا حق قائم ڪرڻ،
مون تي اهڙو اختيار ڄمائڻ ۽ بي حجابائيءَ سان چوڻ
ته، ”وڃ، وڃي تباهه ٿي ته مان هڪ طرف بيهي ڏسندي
رهان!“ مون کي سخت حيرت ٿي. انهن اکرن هڪ صاف ۽
کليل ڳالهه چئي هئي. منهنجو ذهن پري جي ڳالهه سوچڻ
لڳو هو. ان جي معنيٰ ته هوءَ مون کي اُن نظر سان
ڏسي ٿي! هيءَ ته غلاميءَ ۽ حقارت جي نظرن کان به
وڌيڪ خراب ٿي لڳي. جي ڪو ڪنهن کي انهن نگاهن سان
ڏسي ته ان جو مطلب هي ٿيو ته هو ان کي مٿي کڻي
پنهنجي سطح تائين آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
حالانڪ اسان جي گفتگو بلڪل بي معنيٰ ۽ منجهيل هئي،
تڏهن به خبر ناهي ته ڇو منهنجي دل زور سان ڌڙڪي
رهي هئي.
اوچتو هوءَ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي. اسين ٻئي هڪ بينچ تي ويٺا هئاسين.
اتي ئي ٻار به کيڏي رهيا هئا. سامهون ئي اها جڳهه
هئي، جتي گاڏيون بيهنديون آهن ۽ اهو رستو هو، جتان
ماڻهو ڪاسينو کان نڪري راهه وٺندا هئا.
کلندي کلندي، هوءَ چوڻ لڳي، ”ڇا تون هن ٿلهيءَ متاريءَ
جاگيردارياڻيءَ کي ڏسين ٿو! اها برمرهيم جي
جاگيردارياڻي آهي. هوءَ هتي رڳو ٽي ڏينهن رهي آهي.
هن جي مڙس ـــ هن ڊگهي ۽ سنهي پرشيائيءَ کي به ڏٺو
اٿئي؟ جيڪو هٿ ۾ هميشه لڪڻ کنيو ٿو وتي. ياد اٿئي
ٽيون ڏينهن هن اسان کي ڪهڙيءَ طرح گهوريو هو! ته
تون يڪدم هن جاگيردارياڻي وٽ وڃ ۽ پنهنجي ٽوپي
لاهي، هن کي فرينچ ٻوليءَ ۾ ڪجهه چئو.“
”ڇو؟“
”تو شلنگبرگ تان ٽپ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ اڃا هينئر تو عهد ڪيو
آهي ته جنهن کي چونديس تنهن کي ماري ڇڏيندين. ان
خوناخونيءَ جي بدران آءٌ رڳو کلڻ ٿي گهران. بحث جي
ضرورت ڪانهي. آءٌ به ڏسان ٿي ته جاگيردار پنهنجي
ڏنڊيءَ سان ڪيئن ٿو تنهنجي خبر وٺي.“
”اوه ته مون کي آزمائڻ ٿي چاهين، ڇا تنهنجي خيال ۾ آءٌ اهو ڪم
نه ڪندس؟“
”ها، آءٌ توکي آزمائڻ ٿي چاهيان. وڃ، منهنجي اهائي خواهش آهي.“
”ته چڱو آءٌ وڃان ٿو. حالانڪ اهي ته وحشيانه خيال. مون کي رڳو
اهو خيال آهي ته اها ڳالهه ڪٿي جنرل صاحب کي نه
خراب لڳي ۽ ايمان سان آءٌ پنهنجي لاءِ ڪونه سوچي
رهيو هوس. رڳو تنهنجي ۽ جنرل صاحب جي لاءِ سوچي
رهيو هوس. هڪ خاتون جي توهين ڪرڻ چريائي نه آهي ته
ٻيو ڇا آهي!“
”مون کي خبر آهي ته تون رڳو ڳالهيون ڪرڻ ٿو ڄاڻين.“ هن بيزاريءَ
مان چيو، ”تنهنجي اکين مان رت ٽمي رهيو هو، سو رڳو
ان ڪري جو تو شراب پيتو هو. ڇا تنهنجي خيال ۾ آءٌ
اهو نٿي سمجهي سگهان ته اها چريائي آهي ۽ جنرل
صاحب ناراض ٿيندو! آءٌ رڳو کلڻ ٿي گهران، ۽ بس ـــ
۽ اهو سڀ ڪجهه انهيءَ لاءِ ئي آهي. هونئن توکي هڪ
خاتون جي بي عزتي ڪري ملندو به ڇا؟ رڳو موچڙا.“
آءٌ مڙيس ۽ هن جي حڪم جي تعميل ڪرڻ لاءِ خاموشيءَ سان هلڻ لڳس.
بيشڪ اها چريائي هئي ۽ يقيناً مون کي خود خبر ڪانه
هئي ته آءٌ هي ڪم ڪيئن ڪري سگهندس. پر جيئن جيئن
مان جاگيردارياڻيءَ جي ويجهو پئي ويس، تيئن تيئن
مون کي ياد آهي ته منهنجي اندر ڪو جذبو مون کي
اڳتي ڌڻ لڳو. ٻاراڻي حرڪت جو جذبو. ان کان سواءِ
منهنجي حالت خطرناڪ حد تائين جوش ۾ به هئي. مون کي
ائين پئي لڳو، ڄڻ مان شراب جي نشي ۾ مست ٿي چڪو
آهيان.
باب ڇهون
ان اڻ وڻندڙ واقعي کي گذر ئي، ٻه ڏينهن ٿي چڪا آهن. ايترو گوڙ،
گهمسان، ناشائستگي_ بس خدا پناهه ڏئي. هي سڀ ڪجهه
ڪيترو نه واهيات، بيجا ۽ گندو هو؟ ۽ سڄي ڳالهه جو
سبب آءٌ هوس. هونئن ڪڏهن مونکي ان تي کل ايندي آهي
آءٌ پورو ياد به نٿو ڪري سگهان ته مون کي ڇا ٿي
ويو هو. يا ادن وقت مان واقعي چريو ٿي پيو هوس.
اهو رڳو دماغي پريشاني جو نتيجو هو. ايفتري ضرور
خبر اٿم ته جي منهنجي باقاعدي ڪن ڪوشي نه ڪئي ويئي
ته آءٌ وري به شرمناڪ حرڪتون ڪندو رهندس. ڪڏهن
ڪڏهن ائين ٿي لڳم ڄڻ منهنجي ذهن منهنجو ساٿ ڇڏي
ڏنو هو. ڪڏهن ائين ٿي لڳو، ڄڻ مان پنهنجي ٻاراڻيءَ
وهيءَ کان مٿي ڪونه چڙهيو آهيان ۽ اها سڀ ٻاراڻي
حرڪت هئي جيڪا آءٌ ڪري رهيو هوس.
اها پالينا هئي. اهو سڀ ڪجهه پالينا جي ڪري ٿيو هو. مان هيءَ
ٻاراڻيءَ حرڪت اصل نه ڪريان ها، جي ان جو سبب هوءَ
نه هجي ها. خدا بهتر ٿو ڄاڻي _ شايد مون نا
اميديءَ کان مغلوب ٿي ائين ڪيو. (اگرچه اها ڳالهه
ئي بيوقوفي جي ٿي لڳي، جو اهڙا دليل ويهي ڪڍجن).
مون کي خبر نه آهي، مون کي بلڪل خبر ڪانهي ته
پالينا ۾ آخر اهڙي ڪهڙي خوبي آهي. هونئن هوءَ
خوبصورت ته ضرور آهي. مون کي پڪ آهي ته هوءَ
خوبصورت آهي. هوءَ وڏن وڏن کي ٺيڪ ڪرڻ جهڙي آهي.
هوءَ سروقل، دلربا ۽ ڏاڍي نازڪ آهي. مون کي،
ائينٿولڳي ڄڻ هن جي جسم کي سولائي سان موڙي ٻيڻو
ڪري ٿو سگهجي. هن جا پير ڊگها ۽ سنهڙا آهن_ اصل دل
تي عذاب ! هن جي وارن ۾ گلابي گلابي جهلڪ آهي.
اکيون ٻليءَ جيان گول گول، جن ۾ تڪبر ۽ خوداري
سانجهيءَ جو هن ديوادن خاني ڻ مارڪئس گريو سان
ڏاڍي ڪاوڙ ۾ پئي ڳالهايو. ڳالهيون ڪندي ڪندي، هن
گريو ڏانهن اهڙيءَ طرح نهاريو جو پوءِ مون پنهنجي
ڪمري ۾ اچي سوچيو ته هاڻي هن کيس ضرور چماٽ به
ڦهڪائي ڪڍي هوندي. بس انهيءَ ڏينهن کان سندس محبت
۾ گرفتار ٿي ويس.
هاڻ مطلب جي ڳالهه تي اچڻ کپيم. آءٌ در مان نڪري رستي تي هلڻ
لڳس ۽ هڪ دفعو بيهي ني تابيءَ سان جاگيردار ۽
جاگيردرياڻي جو انتظار ڪرڻ لڳس، جڏهن هو مون کان
صرف پنجن قدمن جي فاصلي تي اچي پهتا ته مون ٽوپي
لاٿي ۽ سلام لاءِ ٿورو جهڪيس.
مون کي ياد آهي ته ان وقت جاگيردرياڻي کي هلڪي ڀوري رنگ جو وڳو
پهريل هو. فراڪ ويڪري گهير جو هوس. جنهن تي چئن ئي
طفر جهالر لڳل هئي ئ پٺيان لڙڪندڙ جهالر به شاندار
هيس. هوءَ بندري ۽ ٿلهي هئي. ٿلهي کاڏي اهڙي ته
خوفناڪ هيس جو ائين ٿي لڳو ته ڄڻ هن عورت کي ڳچي
آهي ئي ڪانه. هن جي منهن تي فيروزي رنگ جا ڄڻ ڇنڊا
لڳل هئا. هن جون اکيون ننڍيون ننڍيون ۽ ڌڪار ڀريل
پئي لڳيون ۽ هوءَ اهڙي انداز سان پئي هلي، ڄڻ ڇسڻ
وارن جي سلامي پئي ورتائين. جاگيردار ڏاڍو سنهو ۽
ڊگهو هو. عام جرمنن وانگر هن جو منهن به ٽيڏو هو،
جنهن تي سنهن سنهن گهنجن جو ڄار پکڙيل هو. هن کي
عينڪ به پيل هئي. عمر پنجيتاليهن کان وڌيڪ نه
ٿيندس. ائين ٿي نظر آيو ڄڻ ٽنگون ڇاتيءَ کان ئي ٿي
شروع ٿيس. اها ڊوڙڻ ۾ تيزيءَ جي جي نشاني آهي. هو
مور جيان آڪڙيو پئي آيو هن جي منهن مان رڍ جهڙي
معصوميت پئي بکي، جنهن کي ماڻهو بي انت عقل جي کاڻ
سمجهندا آهن.
اهو سڀ ڪجهه صرف چند گهڙين ۾ منهنجي اکين آڏو ڦري پيو.
منهنجي جهڪڻ ۽ منهنجي هٿ واري ٽوپي آهستي آهستي هنن جو ڌيان مون
ڏي ڇڪايو. جاگيردار آهستي ڀرون مٿي کنيا.
جاگيردرياڻي مون ڏي وڌڻ لڳي.
”محترمه جاگيردرياڻي صاحبه.“ مون هڪ هڪ لفظ کي ڏاڍي واضح انداز
۾ چٻاڙيندي فرينچ ٻوليءَ ۾ چيو. ”اوهان ايتي
مهرباني ڪري مون کي وڏو اعزاز بخشيو آهي“.
آءٌ ٻيهر سلام ڪرڻ لاءِ جهڪيس، ٽوپي مٿي تي رکيم ۽ جاگيردار ڏي
منهن ڪري مرڪندو هنن وٽان لگهڻ لڳس.
پالينا مون کي رڳو ٽوپي لاهڻ لاءِ چيو هو. پر مان ته باقاعدي
جهڪيس ۽ پنهنجي طرفان هڪ شوخ ۽ ڏنگي ٻار جهڙين
حرڪتن ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏيم. اها خدا کي خبر
ته اهو سڀ ڪجهه مون ڪهڙي جذبي هيٺ ڪيو. مون کي
ائين ٿي لڳو ڄڻ مان خلا ۾ ٽنگيل هوس.
”هون......“ جاگيردار ڪاوڙ ۽ حيرت جي گڏيل ڪيفيت ۾ ڀٽڪندي زور
سان چيو.
آءٌ وري ڏسندو رهيس ۽ وڏي احترام سان بيهي انهي ئي لطيف مرڪ سان
هنن کي ڏسندو رهيس. هو ڏاڍو پريشان ٿي ويو. آخر هن
پنهنجي پريشاني ۾ ڀرون ايترا ته متي کنيا، جيترا
هو کڻي ٿي سگهيو. هن جي منهن جو پنو ئي بدلجي ويو
هو.
جاگيردرياڻي عجب ۾ مون ڏانهن ڏسي رهي هئي. پاسي مان لانگهائو
ماڻهو، هي مفت جو تماشو ڏسڻ ۾ لڳي ويا. انهن مان
ڪي بيهي رهيا.
”هون......! واه.... واه!“ مون هڪ هڪ لفظ ۽ هڪ هڪ اکر کي چٿيندي
۽ چٻاڙيندي چيو، منهنجون اکيون اڃا تائين هنن جي
چهري ۾ کتل هيون.
”تون احمق ته نه آهين!“ هن ڏنڊي الاريندي، وڌيڪ پرشان ٿيندي
چيو.
هو منهنجي ان رويي مان مونجهاري ۾ پئجي ويو هو. آءٌ خاصو موچارو
ٺهيل ٺهڪيل هوس ۽ ڏسڻ ۾ ڪو اعليٰ طبقي جو فرد ٿي
لڳس.
”واه، سائين واه. مون وڏي واڪي چيو. مون جرمنن وانگر خوب جي ’و‘
کي خاص انداز سان ڇڪيو، جي تقريباً هر فقري ۾ خوب
ضرور چوندا آهن. خوب، جي.و، کي هو پنهنجي خيالن ۽
جذبن جي علاسيءَ پٽاندر گهڻو ۽ ٿورو ڇڪيندا آهن.
جاگيردار ۽ جاگيردارياڻي ٻيئي تيزي سان مڙيا ۽ وٺي ڀڳا.
تماشائين مان ڪي ڳالهائڻ لڳا ۽ ڪي وري حيرت مان
مون ڏي ڏسڻ لڳا. سڄو منظر مون کي ياد ناهي. آءٌ
پوءِ فوجي ڍنگ سان وڏيون وڏيون وکون کڻندو پالينا
ڏي وڃڻ لڳس. جيڪا هڪ بينچ تي ويٺي هئي، پر اڃا آءٌ
هن جي بينچ کان سؤ قدم پري هوس ته هوءَ اٿي ۽ ٻارن
کي وٺي، هوٽل ڏي رواني ٿي، مون هن کي ٻهرئين
دروازي وٽ اچي جهليو.
”هاڻ ته ڏٺئي؟ مون توکي ڪري ڏيکاريو نه؟ مون هن وڙ وڃي
چيو.”هون، ته پوءِ؟ هاڻ تون آرام ڪري سگهين ٿو.“
هن جواب ۾ چيو ۽ مون ڏانهن ڏسڻ بنان ڏاڪڻون چڙهڻ
لڳي.
جڏهن آءٌ واپس آيس ته گهڙيال ٺڪاءَ هڻي يارنهن وڄايا، جنرل صاحب
يڪدم مون کي گهرايو. هوٽل جي طرفان اسن جي پاٽي وٽ
صرف ٻه نوڪر ۽ چار ڪمرا آهن. انهن مان هڪڙو ٿورو
وڏو آهي، ان کي ڊرائينگ روم بنائي ڇڏيو اٿائون. ان
۾پيانو به رکيو آهي. ان جي ڀر وارو ڪمرو به چڱو
خاصو آهي. ان کي جنرل پنهنجي پڙهڻ جو ڪمرو بنايو
آهي. هو اتي منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. جڏهن آءٌ
اندر گهڙيس، ته هو ڪمري جي وچ هڪ شاندار انداز سان
بيٺو هو. مارڪئس گريو، پير پساريو ڪوچ تي ويٺو هو.
”حضور، مان پڇي سگهان ٿو ته ايتري دير ڪٿي رهيئو!“ جنرل مون کي
مخاطب ڪندي، ابتدا ڪئي.
”جنرل صاحب، اوهان جي سڌي طرح ڳالهايو ته وڏي مهرباني ٿيندي.
مون چيو، ”اوهان جو اشاري شايد ان جرمن سان منهنجي جهڙپ ڏي
آهي.“
”جرم! جاب هو جرمن جاگيردار برمرهيم صاحب آهي ۽ تمام وڏي اهم
شخصيت جو مالڪ آهي. اڄ صبح تو هن جي جاگيردارياڻي
صاحبه جي توهين ڪئي آهي.“
”بلڪل نه، اصل نه“
”تو هن کي سخت تنگ ڪيو آهي.“
”ڇا تنگ ڪيو اٿم. ڪجهه به نه. ڳالهه سڄي هيءَ آهي ته جڏهن مان
جرمن ۾ هوس ته منهنجي ڪنن ۾ سڄو ڏينهن ”خوب“ جو
آواز ايندو هو، جنهن کي اتي جا ماڻهو هر هر چوڻ جا
عادي آهن. جڏهن هو ٻيئي مون کي رستي تي مليا ته
منهنجي ڪننن ۾ اهو جملو گونجڻ لڳو. خبر نه آهي ته
ڇو مون کي ڪاوڙ اچي ويئي.... ۽ ان کان سواءِ
جاگيردارياڻي جي ( جا نون سان ان کان پهرين ٻه ٽي
دفعا ملي چڪي هئي) هيءَ خراب عادت آهي ته هوءَ مون
کي ڏسندي ئي اهڙي انداز سان هلندي آهي ڃڻ مان
ماڪوڙي هجان ۽ هو مون کي پنهنجي ڳري پير هيٺيان
چپي ڇڏيندي. اوهان کي اها ته ڀلي ڀت خبر آهي ته
مون ۾ به ٿوري گهڻي عزت نفس آهي، جڏهن هو مون
ڏانهن اچڻ لڳي ته مون ٽوپي لاهي، ڏاڍي مان سان نرم
لهجي ۾ (اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته ڏاڍي نرم
لهجي ۾) رڳو هيترو چيو هو ته اوهان ايتري مهرباني
ڪري مون کي وڏو اعزاز بخشيو آهي. ڀلا ٻڌايو ته ان
۾ ڪهڙي خراب ڳالهه ٿي! جڏهن جاگيردار آهستي چيم،
ٻيو ڀيرو ٿوري ڏاڍي چيم. اها آهي ڳالهه. خوامخواه
تيليءَ جو کڻي ٿنڀ بنايو اٿن.“
اها ڳالهه ضرور هئي ته ان ٻراڻي صفائي تي آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس.
منهنجي هيءَ عجيب خواهش هئي ته هي سڄو افسانو بران
ڪندي، آءٌ ان کي جيترو به ڦيرائي گهيرائي سگهن،
ڦيرايان ته جينئن هرڀيري ڳالهه ڪرڻ مان وڌيڪ مزو
اچي.
جينئن جينئن اها ڳالهه مادن ڪري رهيو هوس، مون کي وڌيڪ خوشي
محسوس ٿي رهي هئي.
”ڇا تون منهنجو مذاق اڏائي رهيو آهي!“ جنرل صاحب ٿوري بلند آواز
۾ چيو. هو فرينچ ڏي مڙيو ۽ هن کي فرينچ ٻوليءَ ۾
چيائين ته.پڪ هي ڪنهن شرمناڪ ڪم ڪرڻ لاءِ ويو هو.،
مرڪئس گريو ڏاڍي حقارت سان مون ڏانهن ڏٺو ۽ ڪنڌ کي
لوڏو ڏنائين.
”غلط، بلڪل غلط. اهڙو خيال اصل نه ڪجؤ! خدا جو سنهن اها ڳالهه
ڪانه هئي!“ مون هڪدم چيو. ”آءٌ ايمان سانچوان ٿوته
منهنجو رويو بيشڪ ٺيڪ ٺيڪ نه هو، پر ان کي هڪ ٻار
واري اڻ وڻندڙ حرڪت کان وڌيڪ ڪجهه به چئي نٿو
سگهجي. جنرل صاحب يقين ڪريو، نون کي ان جو سخت
افسوس آهي. پر هڪ ڳالهه ضرور آهي (گهٽ ۾ گهٽ
منهنجي دااغ ۾)، جا مون کي ان افسوس جي عذاب کان
بچائي سگهي ٿي ۽ اهي هيءَ آهي ته آءٌ ٻن هفتي کان
ڪجهه بيمار آهيان ۽ گڏوگڏ ڪاوڙيل به. ڏاڍي افسوس
وچان ڪنهن ڪنهن وقت ته ڪپڙن مان ئي نڪري ويندو
آهيان. مون کي پنهنجو پاڻ تي قابو نه رهندو آهي.
هيءَ حقيقت آهي ته ڪڏهن ڪڏهن منهنجي دل چوندي آهي
ته مارڪئس گريو کي چماٽ وهائي ڪڍان. ۽..... بهرحال
اها ڳالهه چوڻ جي ضرورت نه آهي. ڪٿي چڙي نه پوي.
مطلب ته هيءُ ڪهڙي بيماريءَ جي علامت آهي، سا چئي
نٿو سگهان. جڏهن مان جاگيدارياڻي ۽ نرمرهيم کان
معافي وٺڻ وڃان (جنهن جو اردو اٿم) ته هوءَ ان
حقيقت تي غور به ڪندي يا نه؟ ڀانيان ٿو ته ڪا نه
ڪندي. خاص ڪري ان لاءَ جو گهڻي وقت کان قانوني
حلقن ۾ ان قسم جي معذرت جو ئي سهرو ورتو وينسو
آهي. وڪيل به ڏوهارين جي وڪالت ڪندي الثر چوندا
آهن ته سندس اصيل اهو ڏوه ڪرڻ وقت هڪ خاص بيماريءَ
۾ مبتلا هو. هو چونسا آهن، ”هن ڪنهن کي قتل ڪيو
آهي، اهو به کين ياد نه آهي“ ۽ جنرل صاحب‘ ڊاڪٽر
به انهن جي تائيد ڪندا آهن ۽ بڌائيندا آهن ته
اهڙيون ذهني بيماريون به ٿي سگهن ٿيون، جن ۾ مريضن
کي ڪجه به ياد نه هجي، پر جاگيردار ۽ جوڻس ته پرڻي
نسل سان تعلق ٿا رکن. اهي ڀلا ڪيئن ان ڳالهه تي
اعتبار ڪندا. ان کانسواءَ هو پشيا جو وڏو رئيس ۽
جاگيردار به آهي. ان لاءِ کيس طبي دنيا ۾ آيل
ترقيءَ متعلق ڄاڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. ان ڪري هو
اها و ضاحت قبول نه ڪندا. اوهان جو ڇا خيال آهي،
جنرل صاحب!“
”بس ميان، بس!“ جنرل صاحب تيز ٿيندي چيو، ”اهوئي ڪافي آهي. مان
تنهنجي انهن حرڪتن کان هميشه هميشه لاءِ ڇوٽڪاري
حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. هاڻي خدا ڪندو ته توکي هنن
کان معافي گهرڻ جي ڪا ضرورت پيش نه ايندي. هنن جي
توسان ڪنهن قسم جي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، پوءِ چاهي اها
معذرت متعلق ڇو نه هجي، هنن جي وقار کان گهٽ
ٿيندي. جاگيردار صاحب کي خبر پئجي چڪي آهي ته تون
منهنجي ڪٽنب جو فرد آهين. هو مون سان ڪاسينو ۾
مليو هو، ۽ مون کي سڄي ڳالهه تفصيل سان ٻڌائي اٿس.
مان توکي يقين ٿو ڏياريان ته هو مون کي چوڻ وارو
ئي هو ته مان پنهنجي طرفان هن کي آئينده لاءِ
تنهنجي ضمانت ڏيان. خبر اٿئي ته تو منهنجي عزت
ڪهڙيءَ طرح مٽيءَ ۾ ملائي آهي؟ مان خود جاگيردار
کان معافي وٺڻ تي مجبور ٿي پيس. مون پنهنجي طرفان
هن کان معافي وٺي ڇڏي ۽ واعدو ڪيو اٿم ته تون يڪدم
يعني اڄ کان ئي منهنجي ڪٽنب جو ڀاتي ٿي نه
رهندين.“
”ٻڌو، مون کي به ته چوڻ ڏيو..... ته جڏهن اوهان جاگيردار کي چيو
ته مان آئينده اوهان جي ڪٽنب جو فرد نه رهندس، ته
ڇا اها هن هن جي گهر هئي؟“
”نه ميان، بلڪ کيس اهڙو اطمينان ڏيارڻ مان خود مجبور هوس ته
بيشڪ هو مطمئين به ٿي ويو هو. هاڻ توکي اسان جي
جان ڇڏڻي ئي پوندي.
هيءُ آهي تنهنجي ڪلرقم، چار فيڊرڪ ۽ فلورن، جا حساب سان تنهنجي
مون ڏانهن نڪري ٿي هي پٺ پئسا، ۽ هي تنهنجو کاتو.
جانچ ڪري پڪ ڪر. خدا حا فظ! آئيده لاءِ اسين ٻئي
هڪ ٻئي لاءِ ڌارڪا آهيون. سواءِ ڏک يا تڪليف جي،
مون کي تو وٽان ڪجهه نه مليو. مان هينئن ئي بيري
کي سڏي چوانس ته هن هوٽل ۾ تنهنجي آئينده خرچ جو
مان ذميدار نه آهيان ! بس اللله جي امان“.
مون رقم ۽ ڪغذ ڪنيو، جنهن تي پينسل سان منهنجو حساب لکيل هو.
جنرل صاحب کي جهڪي سلام ڪيم ۽ سنجيدگي سان چيم،
”پر جنرل صاحب!هي معاملو ائين ختم نه ٿيندو، جيئين
اوهان جي مرضي آهي. مون کا يافسوس آهي جو اوهان کي
جاگيردرياڻي اڳيان شڪي ٿيڻو پيو.پر معاف ڪجوء. ان
جا ذميوار به اوهان خود آهيو. جاگيردار جي سامهون
منهنجي ذميواري پنهنجي مٿي کڻڻ جي اوهان کي ڪهڙي
ضرورت هئي ؟ آخر ان ڳاکهه چوڻ جو مطلب ڇا آهي ته
مان توهان جي ڪٽنب جو فرد آهيان؟ مان اوهان جي گهر
ڻ هڪ ”ٽيوٽر“ آهيان، ۽بس. مان نه اوهان جو پٽ
آهيان نه نوڪر. اوهان مهنهجي اعمالن لاءِ قطعي
ذميوار ماڻهو آهيان. منهنجي عمر پنجويه سال آهي.
مان يونيورسٽي جو گئجويٽ آهيان ۽ هڪ شريف ماڻهو
پڻ. منهنجو اوهان جي ڪنهن به معاملي سان تعلق نه
آهي. اوهان جي احتران ۽ وقار جو خيال نه هميم ها
ته مان هن ڳالهه جي پوري پوري وضاحت طلب ڪريان ها
ته اوهان کي مهمهجي پاران جواب ڏيڻ جو حق ڪنهن
ڏنو؟“
ان ڳالهه جنرل صاحب جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا. هن جا هٿ خود بخوخ
مٿي کڄي ويا ۽ اوچتو فررينچ کي مخاطب ٿي چيائين
ته، ” مان يعني مان، خواه مخوه جو جهڳڙو پنهنجي
ڳچيءَ ۾ وجهي رهيو هوس.“
فرينچزور سان ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.
مون ماردڪئس گريو جي ٽهڪ کي نظر انداز ڪندي، دلجمعيءَ سان چيو،
” پر آءٌ ڇڏيندس فگيردار کي به ڪونه. جنرل صاحب!
اڄ اوهان هن جي دانهن بڌي چڪا آهيو ۽ هن جي
طرفداري ڪري سڄو معاملو پنهنجي مٿي تي کڻي چڪا
آهيو. آءٌ اوهان کي صاف صاف ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته
سڀاڻي صبح ساڻ جاگيردار کانپڇندس ته هن ڪهڙن سببن
جي ڪري هڪ ٽئين ماڻهوءَ کي وچ ۾ آندو. ڇا آءٌ خود
پنهنجي اعمال جي جوابدهي ڪري نٿي سگهيس؟.
منهنجي ڳالهه هاڻي جنرل صاحب کي سمجهه ۾ آئي. هو هن نئين عجيب
مصيبت جي ڳاله ٻڌي، سخت پريشان ٿي ويو. هن تنگ ٿي
چيو، ” اهڙي مردود ڳالهه کي اينگهائڻ مان آخر تو
کي ڇا هڙ حاصل ٿيندو؟ بخدا ٿون مون کي عطين مصيبت
۾ ڦاسائي رهيو آهين. تو ۾ ايڏي جرئت_ اف ايڏي
جرئت! خدا جو قسم مان پنهنجي عهدي جي ڪري ۽
جاگيردار صاحب پنهنجي مرتبي جي زور تي توکي پوليس
۾ ڏيئي ڇڏينداسين. وليس توکي ملڪ نيڪالي ڏيئي
ڇڏيندي ته جيئن تون اڳتي ڪا گڙٻڙ نه ڪري سگهين.
ٻڌي رهيو آهين نه؟“ هو ڪاوڙ ۾ ڏڪيرهيو هو، حالانڪ
مههن تيڊپ جا نشان به هئس.
مون اهڙي لهجي ۾ جواب ڏنو جو جنرل صاحب لاءِ اصل ناقابل برداشت
هو.“ “جنرل صاحب! جڏهن ڪنهن شخص گڙ ٻڙ ڪئي نه ته
اوهان ان کي ڪيئن گرفتار ڪرئي سگهندوء!مون اڃا
تائين جاگيردار سان ڪونه ڳالهيو آهي ۽اوهان کي خبر
ئي نه آهي ته مان هن کي ڇاٿو چوڻ چاهيان. مان ته
رڳو ان حيثيت جي تشريح ٿوگهران جا منهنجي لاءِ بي
عزتيءَ واري آهي، يعني هيءَ ته آءٌ ڪنهن شخص جي
ضابطي هيٺ آهيان، ڇو مون کي پنهنجي عمل جي ڪا
آزادي ڪانهي! اوهان کي بجرحال پريشان ٿڳڻ جي ضرورت
نه آهي.“
”خدا جي واسطي اليگزي اوانو وچ!هي تون ڇا ٿو ڪرڻ گهرين!اهرو
چريائپ جو خيال ڦٽي ڪري ڇڏ!“ جنرل پنهنجي قهرآلود
لهجي کي خوشامد ۽ مصلحت آميزيءَ ۾ بدليندي چيو. ”
خبر اٿئي ته ان جو نتيجو ڇا ٿيندو! هڪ نئين آفت.
پر توکي ڪهڙي خبر! اوه، توکي خود سوچڻ کپي ها. مان
رڳو هتي جي ڳالدهه ڪري رهيو هوس. ها۾ي ! رڳو
هاڻي..... توکي منهنجي ان حالت جي ڪا به خبر نه
آهي...... جڏهن اسين هتان ڪنهن ٻيءَ جڳهه تي
وينداسون ته پوءِ وري توکرگهرائيندس. مان ته صرف
هاڻي جي ڳالهه ڪري رهيو هوس. حقيقت ۾..... توکي
خبر آهي، ڪي اهڙا ئي سنن آهن.....“ هنوڏيءَ حسرت
سان سانهن ڪيدي چيو، اليگزي اونو وچ! اليگزي اونو
وچ!“
دروازي ڏي مڙندي، مون جنعل صاحب کي پڪ ڏياري ته ”سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي
ويندو. گهٻرائڻ جي ڪابه ضرورت نه اهي.“ اهو چئي،
آءٌ جلدي ٻاهر نڪر ويس.
هڪ روسي ڪنهن ڻئي ملڪ ۾ ٻين کان جهٽ مرعوب ٿي ويندو آهي.
خصوصا تڏهنجڏهن هو ڪنهن اهميت جو صاحب هوندو آهي. سوچيندو آهي
ته الائي ماڻهو کيس ڪهڙي نظر سان ڏسندا هجن. هن جي
متعلق الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون ٺاهيندا همن.
هيءَ شيءَ موزون رهندي يا هوءَ. اهڙي قسم جون
ڳالهيون سوچيندي سوچيندي، هو ڊڄي ويندو آهي ۽
پنهنجو پاڻ کي زنجيرن ۾ جڪڙيل محسوس ڪندو آهي.
جنهن شيءِ کان انتهائي خوشي ٿيندي انڌا ڌنڌ هوٽلن
۾، تفريح گاهن ۾، اسيمبليءَ ۾، سفر ۾، مطلب ته هر
جڳهه ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهي ٿو. پر جنرل صاحب جروات
جان گهٻراهٽ ۾ اها ڳالهه نڪري ويئي. ان کان سواءِ
ڪا ڳالهه اهڙي ضرور هئي ۽ شايد ان خاص ڳالهه جي ئي
ڪر ي ايڏي هيڻائي ڏدکارياين ٿي ۽ يڪمر مون سان
پنهنجي رويي بدلائڻ تي تيار ٿي ويو هو. منهنجي لاِ
سندس اهي روش هڪ کليل ثابتي هئي ۽ ان لاءِ ان
ڳالهه تي کڻي ڳنڍ ٻڌم. بيشڪ هو مهنهجي ان حماقت جي
باريڻ آفيسرن کي آگاه به ڪري سگهيو ٿي. ان ڪري مون
کي ڪجهه خبردار ٿيڻو پيو.
مون جنرل صاحب کي ناراض ڪرڻ به نٿي گهريو. بلڪ اصل ڳالهه هي آهي
ته مون پالينا کي ڪاوڙائڻ ٿي چاهيو. پالينا مون
سان اهڙو سلوڪ ڪيو هو ۽ مون کي اهڙي حا لت ۾ آڻي
ڇڏيو هئائين، گو مان دل ۾ هيءَ خواهش ڪرڻ کان رهي
نه سگهيس ته هن کي مجبور ڪريان ته هوءَ پاڻ مون
کاي چپ رهڻ جي درخواست ڪري. ممڪن آهي ته منهنجي
ٻاراڻي حرڪت جي ڪري خود هن تي به ڪي ڇنڊا پون. ان
کانسواءَ هڪ نئون احساس، هڪ نئين خواهش منهنجي دل
۾ پيدا ٿي رهي هئي. اها هيءَ ته بيشڪ هن جي
موجودگي ۾ بلڪل بي حيثيت بلڪل گهٽ آهي! نه ڪو آءٌ
ايترو گهٽ حيثيت آهيان جو جاگيردار جهڙن کان مار
کائيندو وتان. مون ته هنن سڀني جو مذاق اڏائڻ ٿي
چاهيو ۽ سل کولي هنن تي کلڻ ٿي چاهيم. هنن کي به
ته خبر پوي. هوءَ ان ڳالهه کان ڊڄي، مون کي واپس
گهرائيندي يا نه، ته به گهٽ ۾ تهٽ اها ته خبر پئجي
ويندس ته آءٌ به پنهنجو وقار قائم رکي سگهان ٿو.
هڪ عجيب خبر ؛ اجهو هينئر ڏاڪڻ تي ترس مون کي ٻڌايو ته ماريا
فلپانيا پنهنجي سوٽ سان ملڻ اڄ شام جي گاڏيءَ
۾اڪيلي ڪار لسباد هلي وئي آهي. ان جو مطلب ڇا؟ نرس
چوي ٿي ته هن ڪافي وقت کان اوڏانهن وڃڻ جو پئي
سوچيو. پر ڇو؟ تنهن جي ڪنهن کي به خبر نه آهي.
حالانڪه حقيقت هيء آهي ته مون کان سواء سڀني کي
خبر آهي. آخر جلديء ۾ نرس جي وات مان نڪري ويو ته
تيون ڏينهن ماريا فلپانا جنرل سان ڪي تکا مٺا
الفاظ ڳالهاهايا هئا. هاڻ مون سمجهيو. اهو سڀ
مادموزيل بلاشي جو معاملو هوندو. ها، هاڻ ڪانه ڪا
فيصله ڪن ڳاله ٿيڻ واري آهي.)
باب ستون
صبح جو بيري کي سڏي چيو ته آئينده کان منهنجو بل جدا ٺاهيندو
ڪري. منهنجي ڪمري جو خرچ ڪجھه وڌيڪ نه هو جو مون
کي قريشاني ٿئي. ۽ هوتل ڇڏڻ جو خيال ڪريان. مون وٽ
سورهن فريدرڪ هئا ۽ اها منهنجي دولت هئي- عجيب
ڳالهه ته هيءَ آهي ته اڃان تائين مون هڪ پئسو به
نه کٽيو هو، پر منهنجي هلت چلت ۽ منهنجي سوچ ويچار
سڀ رئيس جهڙو هو ۽ حقيقت ۾ آءٌ پنهنجو پاڻ کي رئيس
سمجهندو به هوس.
صبح سوير هجڻ جي باوجود آءٌ ائسٽلي صاحب سان ملڻ جو سوچي رهيو
هوس. جيڪو ويجهو ئي اينگلو هوٽل ۾ رهيل هو. ايتري
۾ هو فرينچ گريو، مون وٽ لنگهي آيو. ان کان پهرين
هو ڪڏهن به مون وٽ نه آيو هو. گذريل ڪيترن ڏينهن
کان منهنجا هن سان تعلقات خراب ٿيندا پئي ويا. هو
ته مون سان کليو کلايو نفرت ۽ حقارت جو اظهار ڪندو
رهندو هو ۽ آخر ان کي لڪائڻ جي هن کي ضرورت ئي
ڪهڙي هئي. پر آءٌ به ساڻس نفرت ڪرڻ ۾ حق تي هوس.
مختصر هي ته مون کي هن کان نفرت هئي. هن هي اچڻ
ڪري مون کي سخت تعجب ٿيو. مون کي پڪ هئي ته ڪا خاص
ڳالهه ٿيڻ واري آهي.
هو ڏاڍي فضيلت سان منهنجي ڪمري ۾ گهڙيو. مون سان هٿ ملائيندي،
منهنجي هٿ ۾ ٽوپي ڏسي پڇيائين ته اڄ صبح صبح جو
ڪيڏانهن وڃڻ جو ارادو هو، ٻڌايومانس ته ضروري ڪم
سان ائسٽلي صاحب ڏي پيو وڃان. ان تي هوسوچ ۾ ٻڏي
ويو _ ۽ آهستي آهستي منهن تي فڪر جا نشان ظاهر
ٿيس.
گريو سڀني فرينچن وانگر هو_ يعني ضرورت ختم ٿيڻ تي ناقابل
برداشت حد تائين منهن سوڻل ۽ اڻ وڻندڙ. فرينچ ته
گهڻو ڪري فطرتا خليق هوندو ئي ڪونهي. جڏهن به خليق
ٿيندو ته ضرور ڪنهن مقصد ۽ لالچ جي ڪري. جڏهن هو
اصلي بنجڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، تڏهن ناڪام ثابت
ٿيندو آهي. مطلب ته هو ددنيا کي تنگ ڪر۾ واري هڪ
عجيب چيز آهي. منهنجي ذاتي راءِ ۾ رڳو ٻوليون
ڀاليون ۽ نا تجربيڪار روسي عورتون ئي سندن دام ۾
ڦاسن ٿيون.
ديوان خانن جو رک رکاءٌ باشيءَ جڳ مقرر رسومات جي روايت پرستي
هر معقول ماڻهوءَ ٿي يڪدم ظاهي ٿيو پوي ۽ سهڻ کان
ٻاهر بنجيو وڃي.
” مان تو وٽ هڪ ضروري ڪم سان آيو آهيان.“ هن سڌو سنئون بظاهر
صاف دليءِ سان شروعات ڪئي. ”مان اهو نه لڪائيندس
ته مان جنرل صاحب جي طرفان ايلچي نلڪ ٽياڪِڙ بنجي
آيو آهيان. ڇو جو مان روسي تمام گهٽ ڄاڻندو آهيان،
ان ڪري ڪالهوڪي ڳالهه پوري طرح نه سمجهي سگهيس. پر
پوءِ جنرل صاحب سڄو واقعو ٻڌايو ۽ مان مڃان ٿو
ته....“
”پر گريو صاحب ٻڌو!“ نون هن ڳالهه اڌ مان ڪٽيندي چيو ”هاڻي جڏهن
اوهان هن معاملي ۾ ٽياڪڙ بنجڻ جي ذميواري کنئي اهي
ته ٻڌو، آءٌ بي شڪ هڪ معمولي ٽيوٽر آهيان ۽ گڏوگڏ
هن ڪٽنب جي خير خواه بنجڻ جي دعوي به ڪانه ڪئي
اٿم، نه ئي هنن جا مون سان ڪيخاص تعلقات جهيا آهن.
انڪري مون کي حالتن جي چڱي پروڙ به ڪانهي. پر
اوهين پنهنجي ٻڌايو. ڇا،اوهين هن ڪٽنب جا ايترا
گهرا فرد بنجي ويا آهيو جوهر معاملي ۾ ڏاڍي دلچسپي
ٿا وٺو ۽ يڪدم پوري ڀروسي سان ٽياڪڙ بنجي ٿا
وڃو......“
ان سوال هن کي بي چين ڪري ڇڏيو. هن لاءَ سوال ايترو ته صاف
چئلينج هو، جو هن جواب به ڏيڻ نٿي چاهيو.
”جنرل صاحب سان منهنجو ڪجهه تڳلق ته واپاري آهي ۽ ڪجهه ڪن خاص
حالتن جي ڪري آهي.“ هن تلخي سان چيو. ”هن مونکي تو
ڏانهن انهي لاءِ اما۾يو آهي ته جيئن ڪلهه تون جيڪو
ارادو ڪري رهيو هئين، ان کي دل مان ڪڍي ڇڏ. تو
جيڪي ڪجهه ڪرڻ جو چيو، اهو بي شڪ هوشمندانه رويو
هو، پر مون کي هن، توکي ان ڳالهه کان آگاهه ڪرڻ
لاءِ موڪليو آهي ته تون ان ۾ ڪامياب ڪونه ٿيندين،
ان کاسواءِ خود فاگيردار صاحب به توسان ملڻ پسڳد
نه ڪندو. بهرحال هن جي خود ههڙي حيثيت آهي، جو هو
آئينده تهنهجي خوامخواه ڳالهه کي ڊيگهه ڏيڻ مان
ڪهڙو فائدو؟ جنرل صاحب توکي پهرئين مناسب موقعي تي
واپس گهرائڻ جو واعدو ڪيو آهي ۽ ان وقت تائين
تنهنجو پتهار به جاري رهندو. آءٌ سمجهان ٿو ته ان
کان وڌيڪ نفعي واري قورت ٻي ڪانه ٿي ٿي سگهي.
تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟“
مون جواب ۾ چيو ته جنرل صاحب جو خيال غلط هو، جاگيردار مونکي
ڌڪاريندو ڪونه، بلڪ منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌندو.
مون وڌيڪ هن کي اهو به چيو ته هڳو پاڻ مون وٽ انهي
لاءَ آيو هو ته مون کان معلوم ڪري ته وڌيڪ ان
معاملي ۾ مان ڇا ڪرڻ وارو هوس.
”اڙي سائين، خدا خدا ڪر! جي جنرل صاحب واقعي هن ڳالهه ۾ ڏاڍي
دلچسپي وٺي رهيو آهي، تنهنڪري هو اهو ڄاڻڻ چاهي ته
هاڻي تنهنجو رويو ڪهڙو هوندو ۽ هاڻ تون ڇا ڪرڻ
وارو آهين ته انهي ۾ ڪهڙو اربع خطا ٿي؟
تنهن تي آءٌ وضاحت ڪرڻ لڳس ۽ هو آرام سان ڪرسي تي ٽيڪ ڏئي غور
سان ٻڌڻ لڳو. هن جي چهري تي طنز جا نشان ظاهر هئائ
هونئن سندس رويو شانائتو هو. مون هن کي هي ڳالهه
سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته، ”جاگيردار، جنرل صاحب کي
شڪايت ڪري اهو ثابتڪيو آهي، ڄڻ آءٌ جنرل صاحب جو
نوڪر هوس. ان طرح هن مونکي اصلي حيثيت کان محروم
ڪري ڇڏيوآهي ۽ ٻيوته هن مون کي اهڙو شخص سمجهي، جو
پنهنجي اعمال جو ذميوار نه هو پر ڳالهائڻ جي به
قابل نه هو، منهنجي سخت بي عزٿي ڪئي آهي. ايمان جي
ڳالهه هي ءَ آهي ته مون کي ڏاڍو ذليل ڪيو ويو آهي.
بهرحال عمر جي تفاوت ۽ ڪجهه معاشري ۾ پنهنجي مقام
جي پيش نظر_۽_۽ ( ان نقطي تي آءٌ کل ضنط ڪري نه
سگهيس) آءٌ جاگيردار کان معذرت گهرڻ جي طلب لونه
ڪندس ۽نهوري کيس ڳالههکي صاف ڪرڻ لاءِ ئي چوندس.
بهرحال اهڙي ڪابه زيادتي لانه ڪندس، جنهن سان
ڳالهه مان ڪو ڳالهڙو ٿي پوي. ان هوندي به آءٌ
جاگيردار بلڪ جاگيردرياڻي متعلق سوچي رهيو هوس ته
وڃي کانئن معافي وٺان. خاص ڪري ان لاءِ ته ڪجهه
ڏينهن کان مان واقعي ذهني بيمار ۽ تند مزاج رهيو
هوس. پر جاگيردار صاحب جنرل صاحب کي منهنجي دانهن
ڏيئي منهنجي ڏاڍي بي عزتي ڪئي آهي ۽ هن کي ان
ڳالهه تي مجبور ڪري ته هو مونکي ٻارن جي اتاليقيءُ
تان جواب ڏيئي ڇڏي، هن مون کي هڪ اهڙي صورتحال ۾
وجهي ڇڏيو آهي، جو هاڻ وٽن وڃي، کانئن ڪڏهن به
معافي وٺي نٿي سگهيس. ڇو جو هو ۽ جاگيردارياڻي ۽
دبيا ا.يب سمجهندي ته مون معافي ان ڪري ورتي جو
مان ڊڄي ويس ۽ مون وري ٽيوٽر ٿيڻ ٿي گهريو. انهن
سڀني ڳالهين مان هاڻ نتيجو هي ٿي نڪتو ته مان
جاگيردار صاحب کي مجبور ڪريان ته هو مون کان نهايت
رسمي طور تي معذرت گهري. مثلاً
ائين چوي ته هن منهنجي توهين ڪرڻ نٿي گهري ۽ جڏهن
جاگيردار اهڙي قسم جي ڳالهه ڪري وٺي پوءِ آءٌ پاڻ
کي ان ڳري بار کان آجو محسوس ڪريان ۽ وڏي خلوص سان
کائنس ۽ جاگيردار ياڻي کان معافي گهران. مطلب هي
ته آءٌ هن نتيجي تي کهتو آهيان ته هاڻ جاگيردار کي
فڳو هيترو چوان ته هن جيڪا منهنجي بي عزتي ڪئي
آهي، ان جو بار مون تان لاهي ته جيئن آءٌ کانئس
معافي وٺڻ جهڙو ٿي سگهان“
”شي، شي! ڪهڙي ننڍڙي ڳالهه ڪئي اٿئي! ۽ ايتري پري جي! انهي صورت
۾ توکي معاجي گهرڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟ ها، اهو
کڻي چئه ته تون اهو سڀ ڪجهه صيچاري جنرل کي تنگ
ڪرڻ لاءِ ڪري مهيو آهي ۽ شايد تنهنجو ڪو خاص مقصد
به آهي.........معاف ڪج...........پر تنهنجو خڳال
غلط آهي...... ڇا ان کي سولائيءَ سان نظرانداز ڪري
سگهجي ٿو؟“
”ليڪن معاف ڪجؤ قبلا، اوهان جو ٻين ڳالهين سان ڪهڙو تعلق؟“
”رڳو جنرل صاحب جي ڪري.“
” پر جنرل صاحب جي ڪري ڇا ۽ ڇو؟ ڪالهه رات هو ڇئي رهيو هو ته هن
کي محتاط رهڻو پوندو. هو ايتري قدر پرشان هو پر
آءٌ سمجهي نه ٿي سگهيس ته ڳالهه ڇا آهي ؟“
” ظاهر آهي ته هڪ خاص ڳالهه آهي.“ گريو مون کي پنهنجي پراسرا
آواز جي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن ۾ پريشاني جا آثار
به ظاهر هئا. ”تون مادموزئيل ڪامنگز کي سڃاڻين ؟“
”يعني مادموزيل بلانشي؟“
”ها اهئي ماد موزيس بلنشي ڪانيگز....... توکي به خبر هوندي ته
جنرل..... ها ته..... جنرل کي هن سان محبت
آهي..... دراصل...... شادي هتي ئي ٿيندي. خيال ڪر
ته ڪيتري نه خواري.....گلا......“
”مان ته شادي ڪرڻ ۾ ڪا واهيات ڳالهه نٿو سمجهان،“
” پر جاگيردار جو ڪردار عام جرمنن جهڙو آهي. هو ايتري قدر ڇتو
آهي، جو اڪيلو ئي سڄي جرمنيءَ ۾ فساد مچائي سگهي
ٿو.“
”پر هو ڄاڻي آءٌ ڄاڻان. اوهان جو انسان واسطو ڪونهي. هاڻ منهنجو
جنرل جي ڪٽنب سان ڪوبه تعلق ڪونهي... (آءٌ ڄاڻي
ٻجهي وڌيڪ بي سمجهه ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس) پر
معاف ڪجو. ڇا، واقعي اهو ٻڌجي چڪو آهي ته مادموزيل
بلانشي ڪامنگز جي شادي جنرل صاحب سان ٿي رهي آهي ؟
ته پوءِ انتظار ڇاجو؟ منهنجو مطلب آهي اسان سان،
پنهنجي ڪٽنب سان ئي ايڏي رازداري ڇو؟“
”مان ڪيئن.... بهرحال.... بلڪل.... ان کان سواءِ به.... توکي ته
خبر آهي ته هو روس مان خبرن جو انتظار ڪري رهڳا
آهن؟ آخر جنرل کي انتظامات به ته ڪرڻا آهن.....“
”هون! هون! واهه !واهه....“
گريو مون کي حقارت سان ڏٺو. بهرحال، هن مون کي وچ ۾ ڪاٽيندي
چيو، ”مون کي تنهنجي فطري خوشمزاجيءَ، زنده دليءَ
۽ دانشمنديءَ تي چڱي طرح ڀروسو آهي. تون هن گهراڻي
سان اها ڀلائي ضرور ڪندين. جتي توکي هميشه پيار
سان، وچ ۾ ويهاريو ويو ۽ عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويو
آهي.....“
”پر معاف ڪجوء مونکي نوڪريءَ مان جواب ڏنو ويو آهي ۽ هاڻ توهان
چئو ٿا ته اهو سڀ ڏيکاءُ آهي جي آءٌ توهان کي چوان
ته آءٌ توهان کي لوڌي ڪونه ٿو ڪڍان، پر پنهنجو
بسترو گول ڪري ٻاهر هليا وڃو. رڳو ان لاءِ ته
ماڻهو ڏسن.... ته ڇا، توهان کي مڃڻ گهرجي...! ڇا،
لوڌي ڪڍڻ کي ڪي ٻيا سنڱ ٿيندا؟“
”چڱو، جي خوشامد توتي اثر نٿي ڪري ته آءٌ توکي يقين ٿو ڏياريان
ته تون جيڪي وڻئي ڪر توکي منهن ڏيڻ هنن لاءِ ڏکيو
ڪونهي. هتي پوليس به آهي ۽ سرڪاري آفيسر به. توکي
اڄ ئي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪيو ويندو. تو جهڙو معمولي
اتاليف، جاگيردار جهڙي اهم شخصيت جي توهين ڪري ۽
سزا نه مليس؟ ڇا تون سمجهين ٿو ته توکي چوڻ وارو
ڪونهي؟ آءٌ توکي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته توکان ڪوبه
ڪونه ٿو ڊڄي. آءٌ هتي پنهنجي مرضي سان آيو آهيان.
رڳو ان لاءِ جو تو ويچاري جنرل کي تنگ ڪري ماريو
آهي. ڇا، تنهنجي خيال ۾ جاگيردار جا نوڪر توکي ڌڪا
ڏيئي ڪڍي نٿا سگهن؟“ هن ڪاوڙ وچان چيو.
”پر اتي آءٌ پاڻ ڪونه ويندس.“ مون آرام سان جواب ڏنو. ” اوهان
کي غلط فهمي ٿي آهي فريو صاحب! هي سڀ ڪجهه اوهان
جي اندازي کان وڌيڪ سٺي نموني سان ٿيندو. آءٌ
هينئر ائسٽلي صاحب وٽ وڃي رهيو آهيان ۽ آءٌ هن کي
ٽياڪڙي ٿيڻ لاءِ چوندس. در حقيقت هو منهنجو پاسو
کڻندو. هو مون کي ڏاڍو ڀائيندو آهي. پڪ انڪار نه
ڪندو. هو جاگيردار کلي هن جو استقبال ڪندو. چڱو
آءٌ کڻي هڪ معمولي ٽيوٽر ئي اهي ئي هيڻو ۽ هيچ ئي
سهي پر ائسٽلي صاحب ته هڪ وڏو لارڊ ۽ هڪ لارڊ جو
حقيقي ڀائيٽيو آهي، هرڪو ان لارڊ...... لارڊ پيروڪ
کي سڃاڻي ٿو ۽ اهو لارڊ اڄڪلهه هتي آيل آهي. يقين
رکو جاگيردار ائسٽلي صاحب جي ڳالهه يڪدم مڃي
ويندو. پر فرض ڪريو جي هو اها ڳالهه نٿو مڃي ته
ائسٽلي صاحب ان کي پنهنجي بي عزتي سمجهندو (هيءَ
ته توکي خبر آهي ته انگريز ڪيتري قدر ضدي ۽ چيڙهاڪ
ٿيندا آهن.) هو ڪنهن دوست کي جاگيردار ڏانهن
موڪليندو. هن جا دوست به ڏاڍا دولتمند آهن. هاڻ
اوهين خود اندازي لڳائي سگهندؤ ته اها سڄي ڳالهه
اوهان جي اندازي مطابق خواريءَ ۽ خرابي سان نه پر
ڏاڍي شرافت ۽ عزت سان سرانجام ٿيندي.“
اها ڳالهه ٻڌي فرينچ جون اکيون ڦاٽي ويون. ان ڳالهه ۾ گهڻي ڪجهه
صداقت به هئي. ان ڪري هو سوچڻ لڳو ته ڪٿي مان
واقعي ائين نه ڪري ويهان.
”چڱو ته ٻڌ مان توکي درخواست ٿو ڪريان.“ هن واقعي التجا ڪرڻ
واري انداز ۾ چيو، ”هي معاملو اتي ئي ختم ڪري ڇڏ!
توکي ان خيال کان خوشي ٿي رهي آهي ته ان مان ضرور
ڪا گڙٻڙ ٿيندي. توکي اطمينان ۽ سڪون نه گهرجي، بلڪ
گڙٻڙ گهرجي. جيئن مون پهرين ئي چيو هو ته اها وڏي
خطرناڪ مذاق جي ڳالهه آهي.... ۽ تون چاهين به ائين
ٿو. پر مختصر ته....“ هن اهو ڏسندي ته مان اٿي چڪو
هوس ۽ ٽوپي به کڻي ورتي هيم، ڳالهه کي ختم ڪرڻ
شروع ڪيو، ” مان تو وٽ ڪنهن ماڻهو جون چند سٽون
کڻي آيو آهيان. مون کي جوان وٺڻ لاءِ ترسڻ جو چيو
ويو هو.“
اهو چئي، هن کيسي مان هڪ لفافو کوليو، هي پالينا جي تحرير هئي.
”منهنجو خيال آهي ته تون ان معاملي ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جو خڳال
ڪيو ويٺو آهين. پر ڪي چند ڳالهيون اهڙيون آهن،
جيڪي آءٌ توجي پوءِ ٻڌائينديس. توکي اهو اردو ڇڏي
ڏيڻ کپي. هي سراسر حماقت آهي. مونکي تنهنجي ضرورت
آهي ۽ خود تهبه ته مهنهجي اطاعت ڪرڻ جو واعدو ڪيو
هو.
شلنگبرگ ياد هوندئي. مان توکي فرمانبردار بنجڻ جي التجا ٿي ڪرين
۽ اڃان به نه مڃين ته حڪم ٿي ڪريان ته “ (تنهنجي
_پ)
” قلم تازو _ جي ڪالهوڪي ڳالهه تي مون سان ناراض آهين ته آءٌ
معافي ٿي وٺان.“
هي سٽون پڙهندي مون کي دنيا جي هر شيءِ مٿي کڄندي نظر آئي.
منهنجا چپ اڇا ٿي ويا ۽ وار وار ڪنبڻ لڳو. ڪمبخت فرنينچ مون ي
آڏي نگاهه وجهي، ڏورائين نموني ڏٺو، ”محترمه کي
چئو ته اطمينان رکي. پر هي ته ٻڌايو.“ مون جلدي ۾
چيو، ”اوهان ايتري دير تائين چٺي لڪائي ڇو ٿي. جي
اوهين ان ئي مقصد سان آيا هئا ته هيڏانهن هو ڏانهن
جون ڳالهيون ٻڌائڻ جي بجاءِ سڀ کان پهرين اوهان
مون کي اها چٺي ڏيو ها.“
”ها، مرضي ته منهنجي اها هئي پر هي ڳالهيون اڏيون ته عجيب آهن
جو آءٌ فطري طور تي اهي ڄاڻڻ چاهين ٿو. مون کي رڳو
اهو ٻڌاءِ ته هاڻ تون ڇا ٿو ڪرڻ چاهين! ۽ ٻيو ته
مون کي اها خبر ته ڪانه هئي ته ان چٺي ۾ لکيل ڇا
آهي. تنهنڪري سوچيم ته جلدي ڪهڙي آهي، گريو صاحب!“
”بي شڪ“ هن ضبط ۽ احتياط جو انداز اختيار ڪندي، مون ڏي عجيب
نگاهن سان ڏسندي چيو. مون پنهنجي ٽوپي کنئي هن به
پنهنجي ٽوپي کنئي ۽ وڃڻ لڳو. مون کي ائين لڳو ڄڻ
هن جي چپن تي طنزيه مرڪ کيڏي رهي هئي. پوءِ ڀلا هن
مان اميد ئي ڪهڙي هئي؟.
”هاڻ، اوهان جي ذميواري ختم ٿي، گريو صاحب! هاڻ اسين پنهنجو
معاملو پاڻ نبيرينداسين.“ مون ڏاڪڻ تان لهندي چيو.
مون کي ائين پئي لڳو ڄڻ ڪنهن منهنجي ذهن تي هٿوڙي
سان ڌڪ هنيو هجي. ٻاهرين تازي هوا سان وڃي ڪجهه
ساهه پيو.
ٿوري ئي وقت ۾ ذهن سوچڻ جي قابل ٿي ويو. ٻيا خيال منهنجي آڏو
اچي بيٺا. هڪ هي ته ڪهڙا ڪهڙا نه خسيس پادقعا ٿي
گذريا هئا ۽ رڳو هڪڙي رواجي ڇوڪري جي چند پر اثر
ڌمڪين چوڌاري اهڙي هيبت طاري ڪري ڇڏي هئي. ٻيو
خيال هي هو ته هيءُ فرينچ آخر پالينا وٽ ڪهڙي قسم
جي حيثيت ٿو رکي؟ هن جو کرڳو هڪڙي اشارو ۽ هوءَ سڀ
ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ٿي وڃي! ۽ اهو ڪجهه ڪري
ٿي،جيڪي هو گهري ٿو. چٺي لکي ٿي. حتي ڪه مون کان
معافي به گهري ٿي. جڏهن کان آءٌ کيس سڃاڻان ٿو،
هنن جا تعلقات منهنجي لاءِ راز بنجڪلي چڪا هئا ۽
چند ڏينهن اڳ ته پالينا جي رويي ۾ عجيب ڦيرو بلڪ
گريو لاءِ نفرت ڏٺي هئي. پالينا ڏي هو نه صرف
ڏسندو ئي نه آهي، بلڪ نه سان بدتميزي سان پيش ٿو
اچي. مون کي خبر پئجي چڪي هئي. خود پالينا مون وٽ
هن لاءِ نفرت جو اظهار ڪيو هو. هن پنهنجي زبان سان
نهايت ئي معني خيز اعتراف ڪيا هئا..... ته هوءَ هن
جي مٺ ۾ هئي. هوءَ هن جي ڪنهن نه ڪنهن دٻاءُ هيٺ
هئي.
باب اٺون
ٿڌي سڙڪ تي، جيئن چيو ويندو آهي، يعني شاهه بلوط جي گهاٽن وڻن
واري رستي تي آءٌ اسٽلي صاحب سان مليس.
”اچو اچو،“ مون کي ڏسندي ئي هو چوڻلڳو، ” مان پاڻ اوهان سان ملڻ
اچي رهيو هوس ۽ اوهان مون ڏي ئي هليا آيا ته آخر
اوهان هنن کان جدا ٿي ويا!“
” پهرين اهو ٻڌايو اوهان کي انهن ڳالهين جي خبر ڪيئن پئي.“ مون
حيراني مان پڇيو،“ ڇا، ائين ته نه آهي ته اها
ڳالهه هر ڪنهن تائين پهچي چڪي آهي!“
”نه ته، ڪنهن کي به خبر نه آهي. ڪنهن کي ڪهڙي پئي آهي جو پڇندو
وٿي! ٻيو ته ڪوبه ان جو ذڪر ڪونه ٿو ڪري.“شش
” ته پوءِ اوهان کي ڪنهن ٻڌايو؟“
”بس اتفاق سان سان معلوم ٿي ويو. مون کي ڇو جو اوهان سان انس
آهي ان لاءِ اوهان ڏي پئي آيس. ڀلا هاڻ ڪيڏانهن جو
ارادو آهي؟“
” توهان جي مهرباني ائسٽلي صاحب“، مون چيو (حالانڪ آءٌ اڃا
تائين اهو ٻڌڻ لاءِ بيقرار هوس ته اها خبر هن
تائين ڪيئن پهتي.“ ”منهنجو خيال آهي ته ڪاسينو جي
رسدٽوران ۾ هلي وهون، مون اڃا ڪافي به نه پيتي آهي
۽ اوهين به شايد نيرانا نڪتا آهيو. ٿرو ويهنداسين،
سگرٽ پيئنداسين ۽ آءٌ اوهان کي انهي باري ۾ سڀ
ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندس.... ۽ اوهان مون کي....“
قهوه خانو هتان سؤ قدمن جي فاصلي تي هو. اسين هڪ ڪنڊ وٺي ويهي
رهياسين. مون هڪ سگريٽ ڪڍي دکايو. ائسٽلي صاحب
منهنجي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ ايترو ته آتو هو، جو سگريٽ
دکائڻ به وسري ويو هوس. بيرو يڪدم ڪافي کڻيو آيو.
”آءٌ ڪيڏانهن به ڪونه ٿو وڃان. هتي ئي رهندس.“ مون شروعات ڪئي.
”مون کي پڪ هئي ته اوهين ائين ئي ڪندا.“ ائسٽلي صاحب مون کي
ساراهيندي چيو.
ائسٽلي صاحب ڏي ايندي، منهنجو اصل خيال ڪونه هو ته ڪو مان کيس
پالينا سان پنهنجي محبت جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندس.
هونئن به هو هڪ خاموش طبيعت ماڻهو هو. آءٌ پهرين
ئي ڏسي چڪو هوس ته پالينا هن تي ڪافي اثر وجهي چڪي
هئي. پر هن ڪڏهن به سندس نالو زبان ٿي نه آندو هو.
پر عجيب ڳالهه آهي جو هئي جيئن ئي هن ويهي پنهنجون
تيز اکيون مون ڏي ڦيرايون ته
خبر نه آهي ڇو هن جي سامهون سڀ ڪجهه يعني پنهنجي
محبت جي سڀني پهلوئن کي اوڳاري ڇڏڻ جي عجيب خواهش
پيدا ٿيم. مان اڌ ڪلاڪ تائين ڳالهائيندو رهيس ۽
واقعي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي رهي هئي. اهو پهريون
دفعو هو، جو ان باري ۾ ڪنهن سان ڳالهايو هئم. اهو
ڏسي ته هو منهنجي تيز تيز جملن کان پريشان ٿيو ٿي
ويو، مون ڄاڻي ٻجهي پنهنجي لهجي ۾ زور ٿي پيدا
ڪيو. مون کي رڳو هڪڙي ڳالهه جي پريشاني آهي. شايد
مان فرينچ متعلق ضرورت کان ڪجهه وڌيڪ چئي ويٺو
هوس. هونئن ته ائسٽلي صاحب پنهنجي ڪرسيءَ ٿي بلڪل
چپ چاپ ويٺو هو. رڳو سندس اکين جي ڦيرگهير مان خبر
ٿي پئي ته هو مون کي ڏسي رهيو هو پر فرينچ جو ذڪر
ڪڍيم ته هن هڪدم مون کي ٽوڪيو ۽ چپندڙ انداز ۾
چيائين ته آخر آءٌ اها ڳالهه ڇو ڪريان، جيڪا ڪرڻ
جي مون کي ڪوبه حق ڪونه هو! ائسٽلي صاحب هميشه
ڏاڍي عجيب طريقي سان سوال ڪندو هو.
”
اوهان ٺيڪ ٿا چئو، آءٌ سمجهان ٿو ته مون کي حق
ڪونهي.“ مون جواب ڏنو.
”ڏسو اوهان گريو ۽ پالينا جي تعلقات جي باري ۾
ڪابه ڳالهه يقين سان نٿا چئي سگهو. ان باري ۾ رڳو
ڌڪا ئي هڻي سگهجن ٿا ” آهي نه ائين؟“
ائسٽلي صاحب جهڙي خاموش طبيعيت ماڻهوءَ جو اهڙو سڌو جواب ٻڌي،
آءٌ حيران ٿي ويس. ”ٺيڪ آهي ڪابه ڳالهه پڪ سان چئي
نٿي سگهجي.“ مون جواب م چيو، ”بلڪل نه، يقيناً
نه.“
”ته پوءِ اوهان رڳو مون کي ٻڌائي، بلڪ خود ائين سوچي به غلطي
ڪئي آهي.“
”ٺيڪ، چڱو مان مڃان ٿو ته، پپر هاڻ ته اهو مسئلو ئي ڪونهي.“ مون
پنهنجو پاڻ تي حيران ٿيندي، وچ ۾ چوڻ شروع ڪيو. ان
موقعي تي مون ڪالهوڪو سڄو واقعو تفصيل سان ٻڌايو
مانس. پالينا جي دل لڳي، مذاق، جاگيردار سان جهڙپ،
منهنجي سبڪدوشي، جنرل صاحب جي غير معمولي دهشت ۽
آخر ۾ صبح جو گريو جي اچڻ جي ڳالهه به تفصيل سان
ٻڌائي مانس ۽ چٺي به ڏيکاري مانس.
”ان سڄي ڪٿا جو نتيجو ڪهڙو ٿا ڪڍو؟“ مون پڇيو، ”مان اوهان جو
خڳال معلوم ڪرڻ پئي آيس. منهنجي ڳالهه ڇڏيو مان هن
فرينچ کي هوند خون ڪري ڇڏيان ۽ شايد ائين ڪندس به!
خير، پوءِ!“
”اهڙي طرح آءٌ به.“ ائسٽلي چيو. ”جيستائين پالينا جو تعلق آهي.
اوهان کي خبر اهي،،،، جي ضرورت مجبور ڪري ته ماڻهو
انهن ماڻهن سان به تعلقات پيدا ڪري ٿو، جيڪي هن
لاءِ قابل نفرت آهن. اهي تعلقات اهڙا ٿي سگهن ٿا،
جن جي باري ۾ ڪنهن کي ڪابه خبر نه هفي ۽ اهي رڳو
ظاهري حالتن تي منحصر هجن. منهنجي خيال ۾ اوهان
کي.... پنهنجي دماغ کي ٿورو آرام ڏيڻ کپي. ڪالهه
اوهان جيڪي ڪجهه ڪيو سا هڪ بيوقوفي واري ڳالهه
آهي. ان لاءِ نه ته هن اوهان مان جند ڇڏائڻ لاءِ
اوهان کي جاگيردار کان مار کارائڻ ٿي گهري (حالانڪ
مان اڃا تائين سمجهي نه سگهيو آهيان ته هن هٿ ۾
ڏنڊي هوندي به ڇو نه استعمال ڪئي.) بلڪ ان لاءَ ته
اهڙو مذاق.... هڪ اهڙي.... مهذب جوان خاتون جي
لاءِ نازيبا آهي. دراصل هن کي اها توقع اصل ڪانه
هئي ته اوهان ڪو هن چرچي کي ساڀيان ڪري وٺندا ۽ ان
کي يڪدم عملي لباس به پهرائيندا!“
” اوهان کي خبر آهي ته ڇا ٿيو هو؟“ مون ائسٽلي صاحب ڏانهن
ڏسندي، جهٽ پٽ چيو، ”مون کي ائين ٿو لڳي، ڄڻ اوهان
کي ان جي ۾ پهرين خبر آهي. اوهان کي ڪنهن ٻڌايو؟
مس پالينا!“
ائسدٽلي صاحب مون ڏانهن حيران نگاهن سان ڏٺو.
”اوهان جون اکيون ٻري رهيون آهن، انهن ۾ مان شڪ جا پاڇا پيو
ڏسان.“ هن پنهنجو لهجو برقرار رکندي چيو. ”پر
اوهان کي پنهنجي شڪ ظاهر ڪرڻ جو حق اصل ڪونهي.
تنهنڪري آءٌ اوهان جي سوال جو جواب ڏيڻ کان به
انڪار ٿو ڪريان.“
”بس بس ان جي ڪابه ضرورت نه آهي.“ مون گهٻرائجي چيو. نه ڄاڻ اهو
خيال مون ۾ ڪينئن پيدا ٿيو. ڀلا پالينا اهو راز
ٻڌائڻ لاءِ ائسٽلي صاحب کي ڪٿي ملي هوندي؟ گهڻي
وقت کان ائسٽلي صاحب هن جي ذهن ۾ ئي ڪونه رهيو هو.
هونئن به پالينا ته منهنجي لاءِ هميشه کان معمول
بنيل هئي. هڪ اهڙو معمو، جو هاڻ ائسٽلي صاحب جي
اڳيان پنهنجي عسق جي اظهار کان پوءِ آءٌ اوچتو
حيران ٿي ويس ته اهڙي ڪا واضع ڳالهه آهي به، جا
مان پنهنجي ۽ پالينا جي تعلقات جي باري ۾ چئي
سگهيس. ان جي ابتڙ هر شيءِ عنيب ۽ حيران ڪندڙ پئي
لڳي.
”ٺيڪ، بلڪل ٺيڪ. آءٌ هڪ عجيب مونجهاري ۾ پئجي ويو آهيان.
ڪيتريون ڳالهيون اهڙيون آهن، جيڪي آءٌ في الحال
سمجهي نٿو سگهان.“ مون سهڪندي، ڏڪندي چيو، ڄڻ ته
بيڊم ٿي ويو هوس. ”اوهين بي شڪ سٺا ماڻهو آهيو. هڪ
ٻي ڳالهه اوهان سان ڪرڻي آهي، ان ۾ مون کي اوهان
جي نصيحت ۽ راءِ کپي.“
ٿوري وقت بعد مون چيو، ”اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟ آخر جنرل صاحب
ايترو ڊڄي ڇو ٿو؟ منهنجي احمقاڻيءَ عملي مذاق ٿي
هو ايترو گهٻرائجي ڇو ويو؟ اهڙي گهٻراهٽ، جو گريو
به مداخلت ڪرڻ ضروري سمجهي (۽ هو نهايت اهم ڳالهين
۾ مداخلت ڪندو آهي) هو مون وٽ هلي آيو. خيال ته
ڪريو، هو مون وٽ اچي ٿو، مون کي درخواست ٿو ڪري،
خوشامد ٿو ڪري..... يعني گريو مون کي درخواست ٿو
ڪري، خوشامد ٿو ڪري! ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه هي ته هو
نوين بجي آيو ۽ ان وقت اس پالينا جي چٺي هن وٽ
آهي. حيرت آهي ته اها ڪهڙي وقت لکي ويئي. شايد هنن
مس پالينا کي ننڊ مان اٿاري لکائي هوندي. مون کي
ته صاف نظر اچي رهيو آهي ته پالينا هن جي ڦندي ۾
گرفتار آهي ( ڇو جو هو مون کان به معذرت پئي گهري)
پر ان کان سواءِ هن جو آخر انهن ڳالهين سان ڪهڙو
تعلق آهي. هوءَ بذات خود ڇو هر ڳالهه ۾ دلچسپي ٿو
وٺي؟ هو ڇو ڪنهن جاگيردار کان ايترو ڊڄن ٿا؟ جي
جنرل صاحب مادموزيل بلانشي سان شادي ڪري رهيو آهي
ته ان ۾ ڇا آهي؟ هو هر هر چوندا ٿا رهن ته ڪا خاص
ڳالهه آهي. پر هيءَ ته بنهه خاص ڳالهه ٿي ڏسجي. ان
باري ۾ ڪهڙو خيال آهي؟ اوهان جون اکيون صاف ٻڌائي
رهيون آهن ته اوهان ان باري ۾ مون کان وڌيڪ ٿا
ڄاڻو.“
”يقيناً مون کي اوهان کان وڌيڪ خبر آهي.“ هن چيو. ”منهنجي خيال
۾ ته هن راز جو سڀ کان اهم ۽ وڏو مهرو مادموزيل
بلانشي آهي ۽ مون کي يقين آهي ته اهو سچ آهي.“
”هون، سو ڪيئن، مادموزيل بلانشي ڇو؟“ مون تڪڙ ۾ چيو (اوچتو هيءُ
ڳالهه منهنجي دل ۾ چهنڊڙيون پائڻ لڳي ته پالينا جي
متعلق ڪجهه نه ڪجهه ظاهر ٿيندو.)
”منهنجي خيال ۾ مادموزيل بلانشي في الحال جاگيردار ۽ هن جي بيگم
سان ملاقات کان پرهيز ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن جا خاص
سبب آهن، هن مان لڳي ٿو ته اها ملاقات توهين آميز
به ٿي سگهي ٿي.“
”هون، هون.....“
” ٻه سال ٿيا ته مادموزيل بلانشي هتي رولٽن برگ ۾ آئي هئي. مان
به هتي هوس. مادموزيل بلانشي ان وقت مادموزيل
ڪامنگس نه سڏائيندي هئي ۽ سندس ماءٌ مادام ڪامنگس
جو ته وجود ئي ڪونه هو. بهرحال ان جو ڪڏهن ذڪر ڪو
نه نڪتو هو. گريو پڻ هتي ڪونه هو. مان ته يقين سان
چوان ٿو ته هنن ۾ ڪا مائٽي ته ٺهيو، پر شناسائي به
ڪا تازي ٿي آهي. هو گريو ـــ مارڪئس به هاڻي ٿيو
آهي. مان هڪ اهڙي ماڻهو کي سڃاڻان، جو هن جي ٻئي
نالي کان به واقف آهي.“
”پر هن جو اٿڻ ويهڻ ته وڏن ماڻهن سان آهي.“
”ٿي سگهي ٿو. ممڪن آهي ته مادموزيل بلانشي جو به وڏن ماڻهن سان
ڪو لڳ لاڳاپو هجي، پر ٻه سال اڳ انهي جاگيردارياڻي
جي چوڻ تي پوليس مادموزيل بلانشي کي شهر ڇڏي وڃڻ
جو چيو هو ۽ هن کي نڪرڻو پيو هو.“
”اهو ڇو؟“
”هوءَ شروع ۾ هڪ شهزادي قسم جي اطالويءَ سان گڏ آئي هئي، جنهن
جو نالو غالباً باربري يا ڪجهه اهڙو ئي هو ــ هو
هر وقت منڊين ۽ هيرن ۾ جهنجهيو پيو هوندو هو ــ جي
ڪوڙا نه هئا! هو ٻيئي هڪ شاندار گاڏيءَ ۾ ويهي
گهمڻ نڪرندا هئا. مون کي ياد ٿو اچي ته مادموزيل
بلانشي پهرين داءُ کٽڻ بعد وڏيون شرطون هڻي کيڏڻ
لڳي. پر قسمت سندس ساٿ نه ڏنو. مون کي ياد آهي، هڪ
شام هوءَ وڏي رقم هارائي ويٺي. ان کان به وڏي
بدنصيبي اها ٿي جو هو سندس شهزادو به رفوچڪر ٿي
ويو. بس پوءِ ڇا گهوڙا ۽ ڇا گاڏيون. مطلب ته هر
شيءِ گم ٿي وئي. هوٽل جي بل جي رقم وڌي هزارن کي
لڳي. مادموزيل سليما ( هوءَ اوچتو بربري جي بجاءِ
مادموزيل سليما ٿي ويئي هئي) ڏاڍي مايوسي ۽ اداسي
جي حالت ۾ هئي. هوءَ سڄي هوٽل ۾ رڙين مٿان رڙيون
لائي بيهي رهي. چڙ ۽ تيسي ۾ پنهنجا ڪپڙا چيري ڦاڙي
ڇڏيائين. هڪ پولستاني ڪائونٽ هتي هوٽل ۾ رهيل هو
(سڀ پولستاني مسافر ڪائونٽ ٿيندا آهن). مادموزيل
سليما ڪپڙا ڦاڙيندي ته پنهنجي خوبصورت آڱرين سان
ٻليءَ وانگر منهن تي رانڀوٽا پائيندي، هن تي ڏاڍو
اثر وڌو. هنن پاڻ ۾ ڳالهيون ٻوليون ڪيون. آخرڪار
ٻنپهرن جي ماني مهل هن کي ڪجهه آٿت مليو. هو وڃي
ڪجهه سامت ۾ آئي. شام جو هو ڪائونٽ جي ٻانهن تي
ٻانهن رکيو، ڪاسينو ۾ آئي. هوءَ زور زور سان ٽهڪ
ڏئي کلي رهي هئي. هن جو طور طريقو اهڙو ئي سلجهيل
اطمينان وارو هو. هن پنهنجي روش مان ظاهر ڪري ڇڏيو
ته هوءَ اهڙين عورتن جي طبقي سان تعلق ٿي رکي،
جيڪي جيڪڏهن رولٽ جي جوا خاني ۾ به وڃن ٿيون ته
ماڻهن کي ٺونٺيون هڻيو پري ڪيو ڇڏين. اهڙين عورتن
۾ هڪ خص قسم جي چالاڪي هوندي آهي.“
”توهان ٺيڪ ٿا چئو.“
”پر سائين، هيءَ ڏسڻ ڏيکارڻ جي ڳالهه نه آهي. شائسته ماڻهن ۾
هنن جو گذر گهڻي ءَ دير تائين نٿو رهي سگهي. اهي
عورتون، جي فوزانو رولٽ جي ميز تي هڪ هزار روبل جو
نوٽ متائي سگهن، تن وٽ جڏهن پئسو ختم ٿي ويندو
آهي، ۽ هو هزار جو نوٽ مٽائڻ بند ڪنديون آهن ته
هنن کي خاموشيءَ سان راند بند ڪري ٻاهر نڪرڻ لاءِ
چيو ويندو آهي. بهرحال مادموزيل سليما ۾ بدقسمتيءَ
سان وچاري جي راند ئي ڪجهه اهڙي ابت سبت ٿي ويئي
هئي، جهڙي اڳي ڪڏهن به نه ٿي هيس. ياد رکو اهڙيون
عورتون هميشه کٽنديون آهن. ان لاءِ جو هنن ۾ قوت
برداشت ٿيندي، هڪ ڏينهن ڪائونٽ نه ان اطالوي
شهزادي جيان اوچتو گم ٿي ويو. غريب مادموزيل
بلانشي اڪيلي ئي رولٽ جي ميز تي آئي.هن ڀيري ائين
ٿيو جو ڪابه ٻانهن هن کي وٺڻ لاءِ اڳتي نه وڌي. ٻن
ئي ڏينهن ۾ هوءِ سڀ ڪجهه هارائي ويٺي. پنهنجو آخري
گلڊن به بازيءَ ۾ لڳائڻ کان پوءِ، هن هيڏانهن
هوڏانهن نظر ڦيرائي. ڏٺائين ته جاگيرار برمرهيم
سندس ويجهو بيٺو کيس عجيب قسم جي ڪاوڙ ۽ حيرت ڀريل
نگاهن سان ڏسي. مادموزيل سليما هن جي ڪاوڙ جو خيال
ڪرڻ بنان ئي پنهنجي دلربا مسڪراهٽ سان (جنهن کي
پاڻ چڱي طرح سڃاڻون) پاڻ ڏي متوجهه ڪري چيو.
جاگيردار صاحب کي هن پنهنجي لاءِ ڏهه لوئيس ڳاڙهي
نشان تي رکڻ لاءِ چيو. جاگيردارياڻي کي خبر پئي ۽
هن جي هڪ ئي شڪايت تي مادموزيل سليما کي هڪ شام جو
نوٽيس وصول ٿيو ته هوءَ آئينده ڪاسينو نٿي وڃي
سگهي. اوهان کي منهنجي ايڏي فضول معلومات تي حيرت
ته ٿي هوندي، پر اها معلومات مون کي منهنجي هڪ
مائٽ مسٽر فائيڊر کان ملي هئي. اهو سڀ ڪجهه مونکي
هن ٻڌايو هو. فائيڊر ان شام جو مادموزيل سليما کي
پنهنجي گاڏي ۾ ويهاري رولٽن برگ کان ٻاهر وٺي ويو
هو. هاڻ مادموزيل بلانشي جنرل جي زال بنجڻ ٿي
چاهي. شايد ان خڳال کان ته اڳتي پوليس طرفان اهڙي
نوٽيس جو خطرو نه رهيس ـــ جهڙو ٻه سال اڳ مليو
هوس. اڄڪلهه هو جوا بلڪل نٿي کيڏي. پر انهي مان ئي
ڀائنجي ٿو ته هن وٽ ذاتي سرمايو آهي، جنهن مان هو
هتي جي جوارين کي هڪڙي خاص سيڪڙي نفعي جي حساب سان
قرض ڏيندي آهي. ظاهر آهي ته اها جوئا آهي. مون کي
شڪ آهي ته بدنصيب جنرل ته هن جو مقروض آهي ۽ شايد
گريو به، يا شايد گريو هن سان انهي ڌنڌي ۾ شريڪ
آهي. هاڻ اوهين سمجهي ويا هوندا ته شادي تائين
هوءَ جاگيردار ۽ جاگيردارياڻي جو ڌيان پاڻ ڏي
ڇڪائڻ نٿي گهري. مطلب ته هن جي موجوده حيثيت ۾
اهڙي ڪنهن گڙٻڙ کان وڌيڪ ڪا شيءِ خطرناڪ ٿي نٿي
سگهي. اوهين ڇو جو هن پارٽي سان تعلق ٿا رکو. ان
ڪري ممڪن آهي ته اوهان جي اهڙي ڪا غلط روش گڙٻڙ جو
باعث بڻجي وڃي ــ خاص ڪري جڏهن هوءَ روز جنرل جي
ٻانهن تي ٻانهن رکيو يا مس پالينا سان گڏ ائين عام
جڳهين تي ايندي ويندي رهي ٿي. هاڻ سمجهي ويئو نه
اوهين؟“
”آءٌ ڪجهه به نه سمجهيس !“ مون زور سان ميز تي ڌڪ هڻي چيو. بيرو
دوڙي اچي پهتو ته الاهي ڪهڙي ڳالهه آهي.
”پر ائسٽلي صاحب، هي ته ٻڌايو“، مون تيزيءَ ۾ اچي چيو، ” جڏهن
اوهان سڄي ڪهاڻيءُ کان واقف هئا ۽ مادموزيل بلانشي
جي اصليت کان به واقف هئا ته پوءِ اوهان گهٽ ۾ گهٽ
مون کي يا جنرل صاحب کي يا وري مس پالينا کي ڇو نه
ٻڌايو، جا مادموزيل بلانشي جي هٿ ۾ هٿ وجهي ظاهر
ظهور ڪاسينو ۾ ايندي آهي؟ ڇا اهڙي ڳالهه کي
نظرانداز ڪري سگهجي ٿو؟“
”مونکي ضرورت ئي ڪهڙي هئي، مون کي خبر هئي ته اوهين ڪجهه به ڪري
نٿا سگهو.“ ائسٽلي صاحب اطمينان سان جواب ڏنو.“
”ٻئي ڪندي هنن کي ڇا ٻڌايان ها؟ جنرل ته بلانشي جي
باري ۾ شايد مون کان به وڌيڪ ڄاڻي ٿو ۽ سڀ ڪجهه
ڄاڻيندي به هو مس پالينا سميت هن سان گڏ گهمندو
رهندو آهي. جنرل ويچارو ڏاڍو بدنصيب ماڻهو آهي.
مون ڪالهه بلانشي کي ڏٺو ته هو ءَ گريو ڻ هن روسي
شهزادي سان گڏ، هڪ خوبصورت گهوڙي تي چڙهي وڃي رهي
هئي ۽ جنرل صاحب هن جي پٺيان پٺيان پنهنجي ڪميت تي
پئي ويو. جنرل صاحب صبح جو مونکي ٻڌايو هو ته هن
کي ٽنگن ۾ سور هو. پر هو گهوڙي تي سوار بهرحال
ڏاڍي اعتماد سان ويٺو هو. ان وقت مونکي خيال آيو
ته هو واقعي برباد ٿي چڪو آهي. پر ميان، منهنجو
ڪهڙو ڪم جو هڪ هڪ کي ٻڌائيندو وتان. منهنجي ته
پالينا سان شناسائي به هاڻي ٿي آهي. بهرحال....
(ائسٽلي صاحب جلدي پنهنجو پاڻ کي سنڀالي ورتو.)
ڏسؤ، آءٌ پهرين چئي چڪو آهيان ته آءٌ اوهان کي ڪن
سوالن ڪرڻ جو حقدار نه ٿو سمجهان. هونئن مون کي
اوهان سان انس آهي.....“
”بس سائين بس“ مون اٿندي چيو، ”هاڻ مون کي هيءَ ڳالهه ڀليءَ ڀت
معلوم ٿي ويئي آهي ته مس پالينا بلانشي کي چڱي طرح
سڃاڻي ٿي، پر هوءَ پنهنجي فرينچ کان جدا ٿي نٿي
سگهي ۽ يقيناً ان ڪري هوءَ هن سان گڏ ايترو گهمي
ٿي. يقين ڪريو، ٻيو ڪوبه اثر هن کي بلانشي سان گڏ
گهمڻ ڦرڻ ۽ مون کي جاگيردار مي معاملي ۾ مداخلت نه
ڪرڻ جي التجا ڪرڻ ٿي مجبور ڪري نٿو سگهي. افسوس
آءٌ ايتري ڳالهه به سمجهي نه سگهيس.“
”پر اوهان اهو وساري رهيا آهيو جناب ته مادموزيل ڪامنگس جنرل جي
مڱيندي آهي. ٻيو هي ته پالينا جنرل جي اڳ ڄائي
آهي. هن جا ٻ ڀائر ڀينر آهن، جي جنرل جا پنهنجا
ٻار آهن. جن جي زندگي هن چرئي ماڻهو رڳو غفلت سان
خراب ڪري ڇڏي آهي.“
”جي ها، بلڪل ٺيڪ آهي. ٻارن کي ڇڏڻ، هنن کي بلڪل برباد ڪرڻ جي
برابر ٿيندو ۽ اتي رهڻ معنيٰ ته هنن لاءِ ڪجهه ثمر
محفوظ رهندو ۽ هنن جي زندگي خوشحال گذري سگهندي.
بيشڪ، اهو بلڪل ٺيڪ آهي. اوهه هاڻ آءٌ سمجهيس ته
هو ڏاڏيءَ ۾ ايتري دلچسپي ڇو وٺي رهيا آهن!“
” ڪنهن ۾، ڪنهن ۾؟“ ائسٽلي صاحب پڇيو.
”اهائي مايڪو واري پوڙهي، جا ڪڏهن نه مرندي، پر هي سڀ هن جي مرڻ
جي تار جو انتظار پيا ڪن.“
”برابر ـــ مطلب ته هاڻي هوءَ ئي سڀ ڪجهه آهي. سڀني ڳالهين جو
دارومدار هن جي ملڪيت تي آهي. جيڪڏهن جنرل کي چڱو
ڪجهه ملي ويو ته هو شادي به ڪندو ۽ مس پالينا کي
به نجات ملندي ۽ گريو.“
”جي ۽ گريو؟“
” گريو کي به ادائيگي ٿيندي. هو ايتري لاءِ ترسيل آهي.“
اوهان جي خيال ۾ هو صرف انهيءَ لاءِ ئي ترسيل آهي؟“
”ان کان وڌيڪ مون کي خبر ڪانهي“ ائسٽلي صاحب ائين چئي، بلڪل چپ
ٿي ويو.
”پر مون کي خبر آهي، مون کي خبر آهي.“ مون زور ڏيندي چيو، ” هو
خود به ان ورثي جو انتظار ڪري رهيو آهي، ڇو جو
پالينا کي سندس ڏاج ملندو ۽ پئسا ملندي ئي هو سندس
گلي پئجي ويندي. سڀ عورتون اهڙيون ٿينديون آهن.
خوددار کان خوددار عورت به اهڙن موقعن تي ذليل کان
ذليل غلام بڻجي ويندي آهي. پالينا ته رڳو محبت ڪرڻ
جي شيءِ آهي ۽ ان کان سواءِ ڪجهه به نه. هن جي
متعلق ته منهنجي اها راءِ آهي ته هن کي ان وقت ڏٺو
وڃي جڏهن اڪيلي ئي اڪيلي سوچ ۾ ٻڏل هجي.ڄڻ روز ازل
کان اهو ئي هن جي مقدر ۾ لکيل آهي ۽ هوءَ ان لاءِ
ئي خلقي وئي آهي. هو زندگيءَ جون تڪليفون کلي
برداشت ڪري سگهي ٿي. هن جا جذبات هن جي پوري وس ۾
آهن. هوءَ..... پر هي ڪير مون کي سڏي رهيو آهي.
مان اوچتو چوڻ لڳس. ”هي رڙيون ڪير پيو ڪري؟ مون
خود ڪنهن کي.اليگزي اوا نووچ، چوندي ٻڌو! ڪنهن
عورت جو آواز هو. ٻڌو، ٻڌو!“
ان وقت اسين هوٽل وڃي رهيا هئا سين. قهوه خاني مان نڪتي گهڻو
وقت ٿي ويو هو. پر اسان کي ان جو خيال به ڪونه هو.
”ڪنهن عورت جو آواز ته مون به ٻڌو هو. پر خبر نه آهي ڪنهن کي
پئي سڏيائين. روسي ٻوليءَ ۾ سڏي رهي هئي هوءَ_ هاڻ
سمجهيس.“ ائسٽلي صاحب چيو، ”هوءَ ڏس هوءَ عورت جا
هينئي معذورن واري ڪرسي تي ويٺي، هتان لنگهي، او!
هوءَ ـــ جنهن کي ڪيترئي خادم مٿي ڏاڪڻ تان کنيو
پيا وڃن، پٺيان هيتريون پيتيون به پيا مٿي نين.
شايد گاڏي هينئي آئي آهي.“
”پر هوءَ مونکي ڇو سڏي پئي؟ هوءَ وري وردي سڏ ڪري. ڏسو پاڻ
ڏانهن رومال لوڏي پئي.“
”ها، ها وقعي هوءَ اسان کي ئي پئي سڏي.“
اليگزي اونووچ_! اليگزي اونووچ! خدا رحم ڪر، عجيب ماڻهو آهين،
ٻڌ ته سهي!“ هوٽل جي ڏاڪڻن تان ڪو چئي رهيو هو.
اسين تيزي سان صدر دروازي ڏانهن وڌياسين. آءٌ جيئن تڪڙو تڪڙو
ڏاڪڻ چڙهي پهتس ته حيرت کان منهنجا پير زمين ۾ کپي
ويا. |