سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: بگڙيل ڪٽنب

باب: --

صفحو :4

وندرائڻ جي ڪوشش ڪرڻي ڪانه پيئي هئي ۽ هن به وٽانئس نه ڪڏهن ڪنهن شيوا يا سک جي گهر ڪئي هئي ۽ نه کيس اهڙي طرح هيريو ئي هو؛ پر اڄ اوچتو هن اهي سڀ تمنائون ۽ آسون چاروءَ کان ئي پوريون ڪرائڻ ٿي چاهيون ۽ چاروءَ جي حالت اها هئي جو هنکي ڪجهه سجهيو ئي نٿي. هوءَ ته پوري طرح سمجهي نٿي سگهي ته ڀوپتي چاهي ڇا ٿو ۽ ڇا ڪرڻ سان هنجي دل خوش ٿيندي؛ پر هوءَ جيڪڏهن سمجهي به کڻي ها ته به هينئر اُئين ڪرڻ هنجي وس کان ٻاهر هو.

ڀوپتي جيڪڏهن قدم به قدم اڳتي وڌي ها ته شايد چاروءَ لاءِ اهڙو ڪٺن نه ٿئي ها؛ پر اوچتو راتو رات ڏيوالو ڪڍي جنهن نموني هنجي سامهون هٿ اچي ٽنگيائين، اُنهي نموني هنکي سخت مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو.

چاروءَ چيو، ”چڱو، اُما کي سڏائي وٺو؛ هنجي رهڻ سان توهانجي شيوا ٽهل ۾ گهڻي سهوليت رهندي.“

ڀوپتيءَ کلي چيو، ”منهنجي شيوا ٽهل! ڪو ضرور ڪونهي.“

ڀوپتي دل ۾ دکي ٿي سوچڻ لڳي: مان تمام رکو ماڻهو آهيان. چاروءَ کي ڪنهن به طرح سکي رکي نٿو سگهان.“

اِهو سوچي هن ساهتيه ۾ من لڳايو. هينئر هو سارو وقت بائرن، ٽينيسن، شيڪسپيئر ۽ شرت وغيره جي اڀياس ۾ رڌل رهندو هو. ڀوپتيءَ جا يار دوستار هنجي اِنهيءَ ڪمهلي ساهتيه پريم تي مذاق ڪرڻ لڳا پر هو کلي چوندو هو، ”بانس جي ٻوٽي ۾ به گل اُڀرندا آهن. پر ڪڏهن ٿا اُڀرن، فقط اُنهيءَ جو ٺڪاڻو ڪونهي.“

هڪڙي ڏينهن سنجها وقت سمهڻ جي ڪمري ۾ وڏو شمعدان روشن ڪري ڀوپتي هٽڪندي چيو، ”چارو، هڪڙو ليک ٻڌايانءِ؟“

چاروءَ چيو، ”ٻڌايو نه!“

”ڇا ٻڌايانءِ؟“

”جيڪي توهانکي وڻي.“

ڀوپتي چاروءَ طرفان اُتساه جو ڪوبه اُهڄاڻ نه ڏسي ڍرو ٿي ويو؛ پر وري همت ٻڌي چيائين، ”ٽينيسن جي هڪ ڪوتا جو ترجمو ٿو ٻڌايانءِ.“

”چاروءَ چيو، ”چڱو.“

سڀڪجهه مٽيءَ ۾ ملي ويو. هٽڪ ۽ اُتساه جي ڪميءَ سبب ڀوپتيءَ جو آواز نڙيءَ ۾ ئي اٽڪي بيٺو ۽ شروعاتي سمجهاڻي ڏيڻ لاءِ به هُو ڪي لفظ سوچي نه سگهيو. چاروءَ جون بي مقصد نگاهون ڏسي هو سمجهي ويو ته هنجي دل ۾ سندس ڪوتا ٻڌڻ لاءِ ذرو به اُتساه ڪونهي. اُن ننڍڙي روشن ڪمري ۾، رات جي اُنهيءَ اڪيلائيءَ ۾ محبت جو رنگ ڄمي نه سگهيو.

ڀوپتيءَ وري به هڪ اڌ دفعو ڪوشش ڪئي پر نيٺ هار مڃي چاروءَ سان اِنهيءَ باري ۾ ڪابه ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ئي بند ڪري ڇڏيائين.

جهڙي طرح زبردست چوٽ رسڻ تي انسان جي جذباتي شڪتي صفا نڪمي بڻجي ويندي آهي ۽ ڪجهه وقت لاءِ هن کي ڪو به درد معلوم نه ٿيندو آهي، ساڳي طرح چاروءَ کي به شروعات ۾ امل جي جدائي محسوس ڪانه ٿي.

پر پوءِ جئن ڏينهن ڏينهن گذرڻ لڳو تئن چاروءَ کي امل جي جدائيءَ ۾ ساري دنيا سڃي ڀاسڻ لڳي. دنيا جي اِها سچائي محسوس ڪندي ئي چارو هڪي ٻڪي ٿي ويئي؛ ڄڻ هرئي ڀرئي سندر چمن مان نڪري ڪنهن بيابان ۾ اچي پهتي هئي ۽ جئن پل پل گذرڻ لڳو تئن اُن بيابان جون حدون پڻ وسيع بڻجڻ لڳيون. هيلتائين هنکي ڪڏهن به اڪيلائيءَ جو اهڙو احساس ڪونه ٿيو هو.

هينئر صبح جو ننڊ مان سجاڳ ٿيندي ئي چاروءَ جي دل ۾ هڪ دڪو پيدا ٿي ويندو هو: هنکي يادگيري ايندي هئي ته امل هتي ڪونهي. پان ٺاهڻ وهندي هئي ته کڻ کڻ ۾ اِهو ئي ويچار ايندو هوس ته اڄ ڪوبه پٺيان لڪي لڪي اچڻو ڪونهي. ڪڏهن ڪڏهن بيخياليءَ ۾ ضرورت کان وڌيڪ پان ٺاهي وهندي هئي ۽ پوءِ اوچتو خيال ايندو هوس: پر ايترن پانن کائڻ وارو شخص هينئر آهي ڪٿي؟ رنڌڻي جي چانئٺ تي قدم رکندي ئي ويچار ايندو هوس ته اڄ امل لاءِ نيرن تيار ڪانه ڪرڻي آهي. من جي مونجهه جڏهن هنکي گهر اندر وٺي ويندي هئي تڏهن يادگيري ايندي هئس ته اڄ ڪو به ڪاليج مان موٽڻو ڪونهي. چاروءَ لاءِ ڪنهن به نئين پستڪ، نئين ليک، نئين سماچار، نئين کل چرچي يا ڪنهن جي لاءِ ڪا نئين شيءِ تيار ڪرڻ ۽ ڪنهن سان ضد يا لاڏ ڪرڻ جي آشا رکڻ ئي بيسود هئي.

دل جي اِنهيءَ اٿاهه پيڙا ۽ وياڪلتا لاءِ چارو خود پاڻ تي حيران هئي. دل جي اِها پيڙا سانده سهندي سهندي آخر هنکي ڊپ معلوم ٿيڻ لڳو. هوءَ بار بار پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳي: امل منهنجو ٿئي ڪير جو مان هن لاءِ ايڏو دکي ٿي رهي آهيان؟ آخر مونکي ٿي ڇا ويو آهي؟ جڏهن نوڪر، داسيون، ويندي گهٽيءَ ۾ فقيرن تائين بيپرواهيءَ سان گهمي رهيا آهن تڏهن منهنجو هي حال ڇو ٿيو آهي؟ ڀڳوان مونکي هن آفت ۾ ڇو اڙايو آهي!

چارو پاڻ کان اِنهيءَ قسم جا وري سوال ڪندي پاڻ تي عجب کائيندي هئي پر هنجي پيڙا ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي نه ٿي. امل جي يادگيري هنجي ظاهري توڙي حقيقي حياتيءَ ۾ اهڙي ته رلي ملي ويئي هئي جو هوءَ ڪنهن به طرح انکان پنهنجا پلوَ آجا ڪري نه سگهي.

ڀوپتيءَ کي گهربو ته اِئين هو ته چاروءَ کي اِنهيءَ مصيبت مان بچائي ها پر هو سرل دل مورک خود اِنهيءَ دک ۾ غلطان اِئين نه ڪري اُٽلو بار بار هنجون يادگيريون تازيون ڪرڻ لڳو.

چاروءَ آخر بيوس بڻجي پنهنجي ڊونڊيءَ کي ڇڏي ڏنو: پاڻسان لڙڻ جهڳڙڻ صفا بند ڪري ڇڏيائين. هار مڃي اِنهيءَ مصيبت کي بنا ڪنهن مقابلي جي قبول ڪري ڇڏيائين ۽ امل جي يادگيريءَ کي پنهنجي دل ۾ اوچي اَسٿان تي کڻي براجمان ڪيائين.

گهر جي ڪم هاج مان واندي ٿيڻ بعد چارو انهيءَ لاءِ ڪجهه وقت به مقرر ڪري ڇڏيو. اُنهيءَ وقت هوءَ اڪيلي ڪمري ۾ ويهي، دريون دروازا بند ڪري امل ۽ پنهنجي جيون جي هر هڪ واقعي کي ياد ڪندي هئي. ڪڏهن وهاڻي ۾ منهن لڪائي سڏڪا ڀري’امل، امل‘ ڪري پڪاريندي هئي ۽ ڄڻ ساگر جي پرينءَ ڀر تان سندس اُن پڪار جي موٽ ايندي هئي، ”ڀاڀي! ڀاڀي!!“ هوءَ پنهنجا نير ڀريا نيڻ اُگهي چوندي هئي، ”امل، تون مونسان ڪاوڙجي ڇو هليو وئين؟ مون ته ڪڏهن به ڪو ڏوه ڪونه ڪيو! تون جيڪڏهن کل خوشيءَ سان موڪلائي وڃين ها ته شايد مان ايترو دکي نه ٿيان ها. هوءَ اهي سڀ ڳالهيون ائين ڪندي هئي ڄڻ امل سامهون حاضر هوس. چوندي هئي، ”امل، هيترن ڏينهن ۾ مون توکي هڪ گهڙيءَ لاءِ به نه وساريو آهي! منهنجي جيون جي چمن ۾ توئي بهار آندي! مان جيسين جيئَنديس تيسين تنهنجي پوڄا ڪندي رهنديس.“

اهڙيءَ طرح چاروءَ پنهنجي گهر گرهستيءَ ۽ دنيوي فرضن جي تهه هيٺان هڪ سرنگ کوٽي، اُن سنسان گهري انڌڪار ۾ هڪ ڳجهو شوڪ مندر تيار ڪري، اُنکي لڙڪن جي مالهائن سان سينگاري ڇڏيو. اُتي هنجي پتيءَ يا دنيا جي ٻئي ڪنهن به شخص کي دخل ڪرڻ جو اختيار نه هو. اُن مندر جي چانئٺ تي قدم ڌرينديئي هوءَ پنهنجو سنسار ٻهروپي ويس لاهي پنهنجي اصلي روپ ۾ اندر داخل ٿيندي هئي ۽ اُتان ٻاهر نڪري وري اُهو ٻهروپي نقاب ڍڪي سنسار جي کل خوشي ۽ فرض جي رنگ ڀوميءَ تي پهچندي هئي.

اهڙي طرح من سان مقابلو ڪرڻ بند ڪري چارو پنهنجي ايڏي گهري دک ۾ هڪ نرالي شانتي حاصل ڪئي ۽ چت کي قابوءَ ۾ آڻي پتيءَ جي شيوا ۽ ڀڳتي ڪرڻ لڳي. ڀوپتي جڏهن ننڊ ۾ غافل هوندو هو تڏهن هوءَ ڌيري ڌيري پنهنجو سر هنجي چرنن تي رکي اُنهن جي پڻي پنهنجي مستڪ تي لڳائيندي هئي. هنجي شيوا ٽهل ۽ گهر جي ڪم هاج ۾ هينئر هوءَ ذري به غفلت يا گهٽتائي ٿيڻ نه ڏيندي هئي. گهر ۾ رهندڙ ڪنهن به شخص کي ذري به تڪيلف پهچڻ تي ڀوپتيءَ کي سخت رنج پهچندو آهي، انهيءَ ڳالهه کي ڌيان ۾ رکي هوءَ اُن ۾ به ڪا ڪمي پوڻ نه ڏيندي هئي. اهڙيءَ طرح هوءَ سڀ ڪم هاج سنڀاليندي ڀوپتيءَ جي جوٺيءَ ٿالهيءَ ۾ کائي پنهنجا ڏينهن گذارڻ لڳي.

چاروءَ جي انهيءَ شيوا ۽ ويچار ڀوپتيءَ کي ڄڻ نئين جواني ڏيئي ڇڏي. هيترا ڏينهن ڄڻ هنجي شادي ٿي ئي ڪانه هئي؛ هاڻي ئي ٿي هئي. ساج سينگار ۽ کل خوشيءَ جي رنگ ۾ رڱجي ڀوپتي سنسار جي ٻين ڪل چنتائن کي پنهنجي من مان ڌڪي ڪڍيو. بيماريءَ مان اُٿڻ بعد جئن سخت بک ۽ ڀوڳ چاهنا محسوس ٿيندي آهي ساڳي طرح ڀوپتيءَ جي مانسڪ جذبن ۾ به هڪ قسم جي زبردست چاهنا پيدا ٿي ويئي. نه فقط دوستن پر چاروءَ کان به لڪائي لڪائي هو ڪوتا جو اڀياس ڪرڻ لڳو. من ۾ اڪثر سوچيندو هو؛ اخبار بند ڪرڻ ۽ هيڏين تڪليفن سهڻ بعد ئي اڄ مونکي استري پراپت ٿي آهي!

هڪڙي ڏينهن ڀوپتيءَ چاروءَ کان پڇيو، ”چارو، تو هينئر لکڻ پڙهڻ صفا بند ڪري ڇڏيو آهي، ڇو؟“

چاروءَ جواب ڏنو، ”ها، مان ته ڏاڍو لکي ڄاڻان؟“

ڀوپتيءَ چيو، ”مان سچ ٿو چوان چارو! اڄ ڪلهه مونکي ٻيو ڪوبه اهڙو ليکڪ نظر نه ٿو اچي جو توجهڙي سهڻي ٻولي لکندو هجي.’سمپتر ڀارت‘ ۾ جيڪي لکيل هو، منهنجو پڻ ساڳيو ئي رايو آهي.

چاروءَ وري به چيو، ”چڱو هاڻي، گهڻو ٿيو!“

”هي ته ڌس.“ ائين چئي ڀوپتي اخبار جو هڪ پرچو کڻي چاروءَ ۽ امل جي لکڻيءَ جي ڀيٽ ڪرڻ لڳو. چاروءَ جو چهرو سرخ ٿي ويو. هن ڀوپتيءَ جي هٿ مان اخبار کسي پنهنجي ساڙهيءَ جي پلؤ ۾ لڪائي ڇڏي.

ڀوپتيءَ ۾ دل ۾ سوچيو، ٺيڪ آهي! لکڻ لاءِ ڪو ساٿي ئي نه هوندو ته لکڻ ڪئن پڄندو؟ هاڻي مونکي به لکڻ جو اڀياس ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ پاڻيهي آهستي آهستي چاروءَ جي دل ۾ اُتساه پيدا ٿيندو.

ڀوپتي هينئَر نهايت لڪائي لڪائي لکڻ جو اڀياس ڪرڻ لڳو. ڪوش مان اکر جاچي جوچي، الاهي دفعا ڪاٽ ڪوٽ ڪري هر ڪو ليک پنج اَٺ دفعا نقل ڪري هو پنهنجا بيڪاريءَ جا ڏينهن گذارڻ لڳو. ڀوپتي لکڻ ۾ جو ايڏا ڪشالا وٺي رهيو هو انهيءَ ڪري سڀاويڪ هنکي پاڻ ۾ وشواس ڄمڻ لڳو.

آخر هڪڙي ڏينهن هن پنهنجو ليک ٻئي ڪنهن کان نقل ڪرائي، چاروءَ جي هٿ ۾ ڏيئي چيو، ”منهنجي هڪ دوست تازو لکڻ شروع ڪيو آهي. مونکي ته ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي. تون ئي هڪ دفعو پڙهي ڏس ته ڪئن لکيو اٿس“”

ڪاغذ چاروءَ جي هٿ ۾ ڏيئي ڀوپتي هڪدم ٻاهر هليو ويو. چارو سرل دل ڀوپتيءَ جي انهيءَ ڇل کي هڪدم سمجهي ويئي.

لکڻ جو ڍنگ ۽ وشيه ڏسي چاروءَ ذرا مشڪيو. هاءِ! مان جڏهن سندس پوڄا لاءِ هيڏي تياري ڪري رهي آهيان تڏهن پاڻ هن قسم جي ٻاراڻي ڪري منهنجي پوڄا ۾ وگهن ڇو ٿو وجهي! منهنجي واتان واه واه ٻڌڻ لاءِ هو ايتري قدر وياڪل ڇو آهي؟ هو جيڪڏهن ڪجهه نه ڪري ها ۽ چاروءَ جي دل کي پاڻڏانهن ڇڪڻ لاءِ نت نيون ڪوششون نه ڪري ها ته چاروءَ لاءِ پتيءَ جي پوڄا ڪرڻ بلڪل سڀاويڪ ٿئي ها. چاروءَ حقيقت ۾ ائين ئي ٿي چاهيو ته سندس پتي پاڻ کي ڪنهن به ڳالهه ۾ کانئس گهٽ نه سمجهي.

چاروءَ ڪاپي ويڙهي سيڙهي وهاڻي هيٺان کڻي رکي ۽ اُنهيءَ مٿان ٺونٺ رکي سامهون ڀت کي تڪيندي نه معلوم ڇا سوچيندي رهي. امل به ته هنکي پنهنجا نوان ليک پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو!

شام جو ڀوپتي اُتساه ڀري دل سان سيجا ڀون جي ٻاهران ورانڊي ۾ رکيل گلن جي ڪونڊين ڏانهن تڪيندو رهيو. هنکي ڪنهن به سوال پڇڻ جي همت ڪانه ٿي.

تڏهن چاروءَ خود اچي چيو، ”ڇا توهانجي دوست جو هي پهريون ئي ليک آهي؟“

ڀوپتيءَ وراڻيو، ”ها.“

چاروءَ چيو، ”تمام سٺو لکيو اٿس. پهريون ليک ته لڳيئي نٿو.“

ڀوپتي بيحد خوش ٿي سوچڻ لڳو، هاڻي انهيءَ ليک تي پنهنجي نالي جو حق ڪئن ڄمايان!

انهيءَ بعد ڀوپتيءَ جون چؤنپڙيون جلدي جلدي ڪاريون ٿيڻ لڳيون ۽ نالي ظاهر ڪرڻ ۾ به دير ڪانه لڳي.

-----           -----           ------

ولايت مان ڪهڙن ڪهڙن ڏينهن تي ٿي چٺي اچي، چارو انهيءَ ڳالهه جو خاص ڌيان رکندي هئي. عدن مان ڀوپتيءَ جي نالي جيڪا پهرين چٺي آئي، امل اُنهيءَ ۾ ڀاڀيءَ لاءِ پرڻام لکيا هئا. سئَيز واري ٻي چٺيءَ ۾ به هن ڀاڀيءَ لاءِ پرڻام لکيا. وري مالٽا مان جيڪا چٺي آئي اُنهيءَ ۾ به ڀاڀيءَ لاءِ اُهي ئي سکڻا پرڻام هئا.

جڏهن امل وٽان چاروءَ جي خاص نالي سان ڪابه چٺي ڪانه آئي. تڏهن هن ڀوپتيءَ کان سڀ چٺيون وٺي اُنهن کي وري وري اُٿلائي پٿلائي ڏٺو ته سچ پچ اُنهن ۾ سندس لاءِ پرڻام کانسواءِ ٻيو ڪي ڪين هو.

هيڏانهن پوين ٿورن ڏينهن کان چارو دک جي جنهن اونداهي تهخاني ۾ اجهو ورتو هو، امل جي بيپرواهي هنجي اُنهيءَ اجهي کي به ڊاهي وڌو. هنجي دل ۾ وري ڀاري يڌ جاري ٿيو ويئي. هنجي گرهستي جيون ۽ سنساري فرض ۾ وري ڀونڪنپ جهڙي ڀيانڪ هلچل مچي ويئي.

ڀوپتيءَ هڪ دفعو اڌ رات جو اُٿي ڏٺو ته چارو پلنگ تي آهيئي ڪانه! هيڏانهن هوڏانهن نهاريائين ته هنکي ڏکڻ واري کليل دريءَ اڳيان ويٺل ڏٺائين. ڀوپتيءَ کي ڏسنديئي چارو هڪدم ڇرڪ ڀري اُٿي کڙي ٿي ۽ چيائين، ”ڏاڍي گرمي آهي، تڏهن ٿورو وقت هتي هوا ۾ اچي ويٺيس.“

ڀوپتي پريشان ٿي ويو ۽ صبح ٿيڻ شرط پهرين پهرين پلنگ مٿان جهلي هڻڻ جو حڪم ڏنائين. هنکي هاڻي اهو به ڊپ لڳو ته چاروءَ جي تندرستي نه ڊهي پوي. انهيءَ ڪري سارو وقت هنتي نظر رکڻ لڳو.

چارو اهو ڏسي کلي چوندي هئي، ”مان بلڪل چاڪ آهيان، توهين اجايو فڪر ڇو پيا ڪريو؟“

پر حقيقت ۾ چاروءَ کي فقط ايتري کلڻ لاءِ به پنهنجي دل جي ساري طاقت جو زور لڳائڻو پوندو هو.

امل ولايت پهچي ويو. چاروءَ سوچيو؛ رستي ۾ هنکي منهنجي لاءِ ڌار چٺي لکڻ جو وقت ڪونه مليو هوندو. هينئر منزل تي پهچڻ بعد هو ضرور مونکي وڏي شاهي چٺي لکندو. مگر اُها وڏي شاهي چٺي نه اچي نه آئي.

ولايت مان چٺي اچڻ جي هر ڪنهن ڏينهن تي چارو ظاهري گهر جو ڪم هاج ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندي به اندر ۾ سارو وقت اُتاولي رهندي هئي. پر جڏهن چٺي ايندي هئي تڏهن ڀوپتي متان ائين چوي ته تنهنجي لاءِ چٺي ڪانهي، انهيءَ ڊپ کان هنکي پڇڻ جي همت ئي ڪانه ٿيندي هئي.

اهڙين حالتن ۾ هڪ دفعو ولايت مان چٺي اچڻ جي ڏينهن ڀوپتي ڌيري ڌيري اندر آيو ۽ هلڪو مشڪي چيائين، ”هڪ شيءِ آندي اٿم، ڏسندينءَ؟“

چاروءَ ڇرڪ ڀري اُتساه وچان چيو، ”ڪٿي آهي؟ ڏسان!“

ڀوپتي چرچو ڪري ڏيکارڻ کان نٽائڻ لڳو.

چارو ڌيرج وڃائي ڀوپتيءَ جي دپٽي اندران اُن شيءِ کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. دل ۾ چوڻ لڳي: منهنجي دل ته صبح کان ئي شاهدي ڏيئي رهي هئي ته اڄ منهنجي چٺي ضرور ايندي.

ڀوپتيءَ کي انهيءَ چرچي مان ڏاڍو آنند آيو ۽ هو اُنهيءَ کي قائم رکڻ لاءِ پلنگ جي چوڌاري ڦرڻ لڳو ۽ چارو هنجي پٺيان پوڻ لڳي.

آخر چارو ناراض ٿي پلنگ تي ويهي رهي ۽ هنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.

چاروءَ جي انهي زبردست انتظاريءَ تي ڀوپتي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ نيٺ دپٽي جي اندران پنهنجي ليک جي چؤنپڙي ڪڍي چاروءَ جي گود ۾ رکي چيائين، ”هان وٺ، ڪاوڙ نه ڪر!“

-----           -----           ------

امل جيتوڻيڪ ڀوپتيءَ کي پهرينءَ چٺيءَ ۾ لکي موڪليو هو ته اڀياس جي مشغوليءَ سبب هنکي وري جلد چٺي لکڻ جو وقت ڪونه ملندو پر تنهن هوندي به ٻيءَ ٽپال ۾ جڏهن هنجي چٺي نه آئي تڏهن چاروءَ لاءِ ساري دنيا ڪنڊن جي سيجا بڻجي پيئي.

شام جي وقت چاروءَ پتيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نهايت اُداسيءَ سان چيو، ”توهين ڇا ٿا ڀانيو، ولايت تار موڪلي خبر گهرائڻ نه گهرجي ته امل ڪيئن آهي؟“

ڀوپتيءَ وراڻيو، ”پر اڃا ٻه هفتا اڳي جيڪا سندس چٺي آئي تنهن ۾ هن لکيو هو ته هو پنهنجي ڪم ۾ تمام مشغول رهندو ۽ چٺي لکي ڪونه سگهندو.“

”چڱو ٺهيو، مون کي رڳو اهو خيال ٿيو ته پرديس ۾ آهي. متان طبيعت ٺيڪ نه هجيس!“

”نه. بيمار هجي ها ته ضرور خبر ڏئي ها، ۽ تار جو خرچ به ڪو ٿورو ڪونهي!“

”ڇا تمام گهڻو خرچ لڳندو آهي؟ مون سمجهيو ته گهڻي ۾ گهڻو ٻه ٽي روپيه لڳندا هوندا.“

”چوين ڇا پيئي؟ گهٽ ۾ گهٽ سٺ ستر روپيه لڳندا.“

”تڏهن ته برابر ڳري ڳالهه آهي.“

ٻن ٽن ڏينهن بعد چاروءَ ڀوپتيءَ کي چيو، ”منهنجي ڀيڻ شانتيپور ۾ آئي آهي، اُنهيءَ جو ڪجهه احوال نه وٺي اچو.“

”ڇو، چڱي ڀلي آهي نه؟“

”ها، چڱي ڀلي آهي.... پر توهانکي خبر آهي ته توهان کي ڏسي هنن کي ڪيڏي نه خوشي ٿيندي آهي؟“

چاروءَ جي گهڻي زور ڀرڻ تي ڀوپتي نيٺ گاڏيءَ ۾ چڙهي روانو ٿيو. رستي ۾ ڍڳي گاڏين جي آمدرفت سبب هنجي گاڏيءَ کي ڪجهه وقت ترسڻو پيو.

ايتري ۾ هڪڙو واقف ٽپالي ڀوپتيءَ جي گاڏيءَ ڏانهن وڌي آيو ۽ هنجي هٿ ۾ هڪ تار جو لفافو ڏنائين. ولايت جي تار ڏسي ڀوپتي هڪدم ڏڪي ويو. سمجهيائين ته امل شايد بيمار آهي. ڏڪندي ڏڪندي هن لفافو کوليو. اندر لکيل هو، ”مان بلڪل چڱو ڀلو آهيان.“

انهيءَ جو ڇا مطلب؟ اُٿلائي پٿلائي ڏٺائين ته جواب جا پئسا به اڳيئي هتان ڀريل آهن.

ڀوپتي سٽيشن ڏانهن ڪونه ويو. گاڏي واپس موٽائي گهر پهچي اُها تار چاروءَ جي هٿ ۾ کڻي ڏني. ڀوپتيءَ جي هٿ ۾ تار ڏسنديئَي چاروءَ جو چهرو سفيد ٿي ويو.

ڀوپتيءَ چيو، ”مون کي ته هنجو مطلب سمجهه ۾ ئي نٿو اچي!“

پر ڪجهه ويچار ڪرڻ بعد ڀوپتيءَ کي اُنهيءَ جو مطلب سمجهه ۾ اچي ويو. چاروءَ پنهنجا ڪجهه زيور گروي رکي اُنهن روپين مان اها جوابي تار گهرائي هئي.

ڀوپتي سوچڻ لڳو؛ ايتري تڪڙ ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي! مونکي ٿورو وڌيڪ زور ڀري ها ته مان ئي تار موڪلي ڏيان ها. لڪائي ڇپائي نوڪر جي هٿان بازار ۾ ڳهڻا گروي رکي پئسا هٿ ڪرڻ! اها ڳالهه ته چڱي ڪانه ٿي!

هينئر رکي رکي ڀوپتيءَ جي دل ۾ فقط هڪ ئي سوال اُٿڻ لڳو: چاروءَ ايڏي زبردستي ڇو ڪئي؟ ۽ بيخبريءَ ۾ هنجي دل ۾ هڪ هلڪو گمان چڀڻ لڳو. ڀوپتيءَ اُنهيءَ گمان کي دٻائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ڪنهن به ريت سوڀارو نه ٿيو.

امل جي طبيعت ٺيڪ آهي، پوءِ به چٺي نٿو لکي! هڪدم ايڏي ڪٺور جدائي ڪيئَن پيئي آهي؟ چارو جي دل چاهيو ٿي ته هڪ دفعو انهيءَ سوال جو جواب هنجي زبان مان روبرو ٻڌان، پر وچ۾ جو سمنڊ ڇولون ماري رهيو هو اُنهيءَ کي پار ڪرڻ جو ڪو به وسيلو ڪو نه هو. انهيءَ ڪٺور ۽ بيدرد وڇوڙي کي مٽائڻ لاءِ چاروءَ کي ڪابه واه نظر نه ٿي آئي.

چارو هينئر پاڻ سنڀالي نه سگهي. اڪثر ڪم ائين ئي پيو هوندو يا هر ڪنهن ڪم ۾ غلطي ٿيندي هئي. نوڪرن ۽ داسين جي لٽ شروع ٿي ويئي. هنجي اهڙي حالت ڏسي هرڪو سس پس ڪرڻ لڳو؛ پر چاروءَ کي ڪنهن به طرح هوش نه آيو.

آهستي آهستي اهڙي حالت به اچي پهتي جو هوءَ اوچتو ڇرڪ ڀري اُٿندي هئي. ذري ذري ڳالهه تي ڳوڙهن ڳاڙڻ لاءِ هنکي ايڪانت جو اجهو وٺڻو پوندو هو. ايتري قدر جو امل جو نالو ٻڌنديئي هنجو منهن هئَڊ جهڙو پيلو ٿي ويندو هو.

آخر ڀوپتيءَ به سڀڪجهه ڏٺو ۽ هيلتائين جا ڳالهه هڪ کڻ لاءِ به نه سوچي هئائين، هنئَر هردم اُها ئي سوچڻ لڳو هينئر هن لاءِ ساري دنيا سڃي، خشڪ ۽ دک ساگر بڻجي ويئي.

وچ جا جيڪي ڏينهن ڀوپتي آنند ۾ انڌو ٿي ويو هو، هينئر اُنهن ڏينهن جي يادگيري هنکي لڄي ڪرڻ لڳي. جنهن مورک باندر کي جواهر جي پرک نه هجي، ڇا اُنهيءَ کي هن طرح ڪوڙو پٿر ڏيئي ٺڳڻ گهرجي؟

چاروءَ جي جنهن لاڏ پيار ۽ ناز و ادا تي ڀوپتي خوشيءَ ۾ ڦوليو نه سمائبو هو، هينئر اُهي سڀ ڳالهيون هنجي دل ۾ نؤڪدار ڀالن جيان چڀڻ لڳيون.

پڇاڙيءَ ۾ جڏهن هيڏن ڪشالن سان لکيل پنهنجن ليکن جي يادگيري آيس تڏهن هن دل ئي دل ۾ ڌرتيءَ کي ڦاٽڻ جو حڪم ڏنو. جيتيل ۽ زخميل انسان جيان تڪڙو تڪڙو ڊوڙندو هن چاروءَ وٽ پهچي چيو، ”منهنجون سڀ ڪاپيون ڪٿي آهن؟“

چاروءَ جواب ڏنو، ”مون وٽ ئي آهن.“

”مونکي ڏي.“

اُنهيءَ وقت چارو سندس لاءِ بيدن جون ڪچوريون تري رهي هئي. چيائين، ”هرو ڀرو هينئر کپنو ڇا؟“

”ها، اصل هينئر!“

چارو تئي لاهي، ڪٻٽ مان ڪاپيون ۽ ڪاغذ ڪڍي آئي.

ڀوپتيءَ اُتاولائيءَ سان هنجي هٿ مان سڀ ڪاپيون ڪاغذ کسي سامهون باهه ۾ کڻي اُڇليا.

چاروءَ هڪدم ڊوڙي اُنهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، ”هي ڇا ڪيو؟“

پر ڀوپتي هنجو هٿ پڪڙي رڙ ڪري چيو، ”جلڻ ڏين!“

چارو حيرت ۾ ڀرجي کڙي رهي. ڏسندي ڏسندي سڀ ليک جلي خاڪ ٿي ويا.

چارو سڀڪجهه سمجهي ويئي. هن هڪ اونهو ساهه کنيو ۽ پوءِ ڪچوريون اُئين اڌ ۾ ئي ڇڏي آهستي آهستي ٻاهر نڪري ويئي.

ڀوپتيءَ کي چاروءَ جي سامهون ليکن جلائڻ جو ڪوبه ارادو ڪونه هو. پر باهه بنهه سامهون ڀڙڪا ڏيئي رهي هئي؛ اُنهيءَ کي ڏسي هنجي سر تي هڪ قسم جو ڀوت سوار ٿي ويو! هو پاڻ سنڀالي نه سگهيو ۽ دوکيباز پتنيءَ جي سامهون ئي اُنهن کي جلائي پورو ڪيائين.

جڏهن سڀڪجهه جلي ڀسم ٿي ويو ۽ ڀوپتيءَ جو جوش ڪجهه ٿڌو ٿيو تڏهن هنکي خيال آيو ته چارو ڪيئن نه نگاه نيچي نوائي، ڪيڏو نه گهرو گوندر دل ۾ سانڍي، ڪئن نه پنهنجي گناهن جو بار چپ چاپ سر تي ڍوئي اُتان هلي ويئي. پر وري جڏهن سامهون نهاريائين تڏهن سوچڻ لڳو ته مونکي بيدن جون ڪچوريون ڏاڍيون وڻنديون آهن، اِنهيءَ ڪريئي چارو پنهنجي هٿ سان هيڏي محنت ڪري اِهي ڪچوريون تيار ڪري رهي هئي!

ڀوپتي ورانڊي ۾ پهچي ڪٽهڙي مٿان جهڪي چپ چاپ هيٺ نهارڻ لڳو. دل ۾ سوچي رهيو هو؛ هڪ طرف چارو هميشہ منهنجي لاءِ هيڏي جاکوڙ ڪري رهي آهي، ٻئي طرف مونکي دوکو ڏيئي رهي آهي. دنيا ۾ انهيءَ کان وڌيڪ دکدائڪ ڳالهه ٻي ڪهڙي هوندي؟ اهي سڀ ڇل ۽ دوکا! پر اِنهيءَ دوکيباز لاءِ ته اهي صرف ڇل ۽ دوکا نه آهن! اِنهيءَ هر هڪ ڇل ۽ دوکي رچڻ لاءِ ان اڀاڳڻيءَ کي پنهنجي ڦٽل دل جو خون چوسڻو پيو هوندو. ڀوپتي دل ۾ چوڻ لڳو: هاءِ اٻلا! هاءِ دوکيبازي! اِنهيءَ جي ڪهڙي ضرورت هئي. مونکي ته اِنهن سڀني ڳالهين جي ذري به گهرج ڪانه هئي. هيترا ڏينهن پريم نه ملندي به ته مون ڪڏهن دانهن ڪُوڪ ڪانه ڪئي هئي. منهنجي ته ساري حياتي ليکن لکڻ ۽ پروفن جاچڻ ۾ ئي پوري ٿي وڃي ها. منهنجي لاءِ ايڏي پيڙا سهڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي!

ڪهڙي به خوفناڪ مرض ۾ مبتلا مريض کي ڏسي جئَن ڊاڪٽر جي دل تي ڪو به اثر نه ٿيندو آهي، ڀوپتيءَ به هينئر چاروءَ ڏانهن اُنهيءَ شخص جيان نهارڻ لڳو جنهن جو هنجي جيون سان ڪو به واسطو ڪونه هو. اُن بيڪس ناريءَ جي دل تي هرطرف کان ڪهڙا نه ڪٺور حملا ٿي رهيا آهن! هن لاءِ ساري دنيا ۾ اهڙو ڪو به شخص ڪونهي جنهن سان هوءَ پنهنجي دل جو سارو راز سلي سگهي! هيڏي سنسار ۾ هن لاءِ اهڙي ڪا جڳهه ئي ڪانهي جتي هوءَ پنهنجي بدقسمتيءَ تي ڳوڙها ڳاڙي پنهنجو هينئَون هلڪو ڪري سگهي! ۽ ايتري هوندي به هنکي زندگيءَ جي هرهڪ کڻ ۾ اِنهيءَ ڪٺورتا، پيڙا ۽ دکن جو ڀاري بوجو سر تي ڍوئي دنيا جي ٻين معمولي استرين جيان، پنهنجي گهر گرهستيءَ جي هرڪا هاج ڪرڻي ٿي پوي.

ڀوپتيءَ سمهڻ جي ڪمري ۾ پهچي ڏٺو ته چارو دريءَ اڳيان بيهي خشڪ اکين سان ٻاهر بيحد آسمان ڏانهن تڪي رهي آهي. ڀوپتي آهستي آهستي هنجي پٺيان وڃي بيٺو. زبان مان هڪ اکر به ڪين اُڪليس، فقط هنجي مٿي تي هٿ کڻي رکيائين.

-----           -----           ------

دوستن ڀوپتيءَ کان پڇيو، ”اڙي ڀائي، ڳالهه ڇا آهي؟ ڏاڍو مشغول پيو لڳين؟“

ڀوپتيءَ وراڻيو، ”اخبار......“

”وري اخبار! ڇا انهيءَ اخبار پٺيان پنهنجو ڏيوالو ڪڍائڻ ٿو چاهين؟“

”نه، هينئر مان پاڻ ڪونه ٿو ڪڍان.“

”تڏهن؟“

”مئَسور مان هڪ نئين اخبار نڪرڻي آهي، مان اُنهيءَ جو سمپادڪ مقرر ٿيو آهيان.“

”ڇا گهر ٻار ڇڏي مئَسور هليو ويندين؟ پر زال کي ته ساڻ وٺي ويندين نه؟“

”نه، هتي مامو اچي رهندو.“

”ته تنهنجو اهو سمپادڪيءَ جو نشو اڃا ٽٽو ڪونهي.“

”هر اِنسان لاءِ ڪونه ڪو نشو هئَڻ ئي گهرجي.“

-----           -----           ------

اُسهڻ گهڙيءَ چاروءَ پڇيو، ”ڪڏهن موٽندا؟“

ڀوپتيءَ وراڻيو، ”تنهنجي دل جڏهن اُٻاڻڪي ٿئي تڏهن لکي موڪلج، مان هليو ايندس.“

ائين موڪلائي ڀوپتي جئن دروازي تائين پهتو تئن چارو ڊوڙندي سندس پٺيان آئي ۽ هنجو هٿ پڪڙي چيائين، ”مونکي به ساڻ وٺي هلو. مون کي هتي ڇڏي نه وڃو.“

ڀوپتي گهٻرائجي بيهي رهيو ۽ چاروءَ جي منهن ڏانهن تڪڻ لڳو. مٺ ڍلِي ٿيڻ تي چاروءَ جو هٿ ڀوپتيءَ جي هٿ مان ڇڏائجي ويو. ڀوپتي چاروءَ کان هٽي ٻاهر ورانڊي ۾ اچي بيٺو.

ڀوپتي سڀ سمجهي ويو..... جنهن گهر کي امل جي جدائيءَ جي يادگيري چؤڌاري گهيري جلائي رهي آهي، چارو انهيءَ گهر کي ڇڏي ڀڄڻ ٿي چاهي. ڇا هن منهنجو به ڪو ويچار ڪيو؟ مان ڪيڏانهن ڀڄي وڃان؟ جا استري کڻ کڻ ۾ ٻئي کي ياد ڪري رهي آهي، ڇا پرديس ۾ پهچي به اُنهيءَ کان جند آزاد ڪري نه سگهندس؟ اڻواقف ديس ۾ جتي ٻيو ڪوبه سنگتي ساٿي نه هوندو، اُتي به سارو وقت هنجي ئي صحبت ۾ ڪاٽڻو پوندو. سڄو ڏينهن ڳهي ڳهي جڏهن شام جو گهر موٽندس تڏهن انهيءَ ٻئي جي محبت ۾ رڱيل ۽ خاموش استريءَ سان ساري رات ڪاٽڻ ڪهڙو نه ڀيانڪ ٿيندو! جا دل ٻئي جو سمرن ڪري رهي آهي اُنهيءَ کي مان هردم پنهنجي ڪئن رکي سگهندس؟ ڪهڙي خبر، اڃا ڪيترا سال مونکي انهيءَ طرح ڪاٽڻا پون؟ جو اجهو ڊهي ڦٽي پٽ اچي پيو آهي ڇا اُنهيءَ جي ڀڳل ٽٽل سرن ۽ لڪڙين کي به هتي ڇڏي نٿو سگهان. انهن کي به سر تي ڍوئي اُتيئي کڻي وڃڻو پوندو!“

ڀوپتيءَ آخر چاروءَ وٽ پهچي چيو، ”نه، مونکان ائين ڪونه ٿي سگهندو.“

کن ۾ چاروءَ جي رڳن جو رت ٿڌو ٿي ويو ۽ هنجو چهڙو ڪاغذ جهڙو سفيد بڻجي ويو. هوءَ پلنگ جو پائو پاڻڏانهن پڪڙي ڪنهن نه ڪنهن نموني کڙي رهي.

ڀوپتي هنجي اهڙي حالت ڏسي هڪدم چيو، ”چڱو چارو، جلدي تيار ٿي وٺ، مونسان ئي هل.“

چاروءَ چيو، ”نه، هاڻي ڪو ضرور ڪونهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org