ڀُوپتيءَ کي روزگار جي ڪا
به ضرورت ڪا نه هئي، وٽس چڱو ئي پيسو پنجڙ هو؛ پر
گره ڪي اهڙا هئَس جو ڪم هاج ۽ مشغوليءَ کانسواءِ
سک ڪو نه ايندو هوس. اِنڪري کيس هڪ انگريزي اخبار
ڪڍڻي پيئَي. اُن کانپوءِ هنکي وري ڪڏهن به بيڪار
گهڙين جي ڊيگهه تي دانهن ڪرڻ جو سبب نه مليو.
ننڍپڻ کان ئي هنکي انگريزيءَ ۾ لکڻ ۽ تقريرن ڪرڻ جو شؤق هوندو
هو. ڪنهن خاص ضرورت نه هوندي به انگريزي اخبارن
ڏانهن چٺيون ۽ مضمون لکي موڪليندو هو ۽ مجلس مڙيءَ
۾ به ڪجهه نه ڪجهه چوڻ کان اصل ڪين رهندو هو.
راڄنيتي اڳواڻ هن جهڙي پيسي واري ماڻهوءَ کي
پنهنجي ٽوليءَ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سندس خوب ساراه
ڪندا هئَا؛ جنهنڪري ڀوپتيءَ کي پنهنجي لياقتن ۾ حد
کان وڌيڪ وشواس ٿي ويو.
هنجي وڪيل سالي اُماپتيءَ وڪالت جي ڌنڌي کان نيٺ هار کائي
ڀيڻوئي کي چيو، ”ڀوپتي، توکي هڪ انگريزي اخبار ڪڍڻ
گهرجي. توجهڙي هوشيار...“ بس، ڀوپتي اُتساه ۾ ڀرجي
ويو. پراين اخبارن ۾ مضمون پڌرا ڪرڻ ۾ ڪهڙو سواد؟
پنهنجيءَ اخبار ۾ آزاديءَ سان قلم کي تيز ڊوڙائي
سگهبو. سو سالي کي مددگار بڻائي ڀوپتيءَ ننڍي عمر
۾ ئي سمپادڪيءَ جي گادي وڃي والاري.
ننڍيءَ اوسٿا ۾ اخباري توڙي راڄنيتي نشو اَٽوٽ غالب پويٿو. ا:ن
کانسواءِ ڀوپتيءَ کي جوش ڏيارڻ وارا به چڱائي سڄڻ
ملي ويا. اهڙي طرح جڏهن هو اخباري نشي ۾ چور ٿي
رهيو هو، تڏهن گهر ۾ هنجي ننڍڙي ڪنوار چارؤلتا
آهستي آهستي جوانيءَ ڏانهن وک وڌائيندي پئَي وئي.
پر اخبار جي سمپادڪ کي انهيءَ ضروري سماچار جي ڪا
به سمڪ ڪانه رهي. هن لاءِ تمام ضروري ڳالهه اها
هئَي ته هند سرڪار جي سرحدي نيتي ڪهڙيءَ ريت ڌيري
ڌيري وڌندڙ دٻاءَ جو ٻنڌن ٽوڙڻ ٿي چاهي.
ڀتار شاهوڪار هو. اِنڪري سڀاويڪ چارولتا کي ڪو به ڪم هاج ڪونه
ڪرڻو پوندو هو. نتيجو اهو نڪتو جو اُنهن بيڪار
ڊگهن ڏينهن ۽ راتين ۾ هن لاءِ پشپ جيان ٽڙڻ
کانسواءِ ٻيو ڪوبه ڪم ڪونه رهيو. هن کي ڪنهن به
ڳالهه جي ڪمِي ڪا نه هئي. اِنهن حالتن هيٺ وجهه
ملندي ئي ڪنوار پنهنجي پتيءَ مٿان غالب پئَجي
ويندي آهي ۽ گهرو سرڪار جي سرحدي نيتي گرهستيءَ
جون حدون اورانگهي مهل مان ڪمهل ۾ ۽ انتظام مان بي
انتظاميءَ ۾ پهچي ويندي آهي پر چارولتا کي اهڙو ڪو
به موقعو ڪونه مليو. هن لاءِ اخبار جي چؤديواري
ٽوڙي پتيءَ تي اڌڪار ڄمائڻ ڪٺن هو.
ڀوپتيءَ جي ڪنهن ماميءَ يا ماسيءَ هڪ دفعي سندس ڌيان جوان
پتنيءَ ڏانهن ڇڪائي کيس شرمايو، جنهن تي هن سجاڳ
ٿي چيو، ”تڏهن ته چاروءَ لاءِ ڪنهن سکِي سهيليءَ
جو هئڻ تمام ضروري آهي. ويچاري اڪيلي اڪيلي ويهي
ڇا ڪندي هوندي!“
ٻن ٽن ڏينهن بعد هن اُماپتيءَ کي چيو، ”تون پنهنجي پتنيءَ کي
وٺي هتي ڇو نه اچي رهائين. چاروُ ڪنهن به ساهيڙيءَ
بنا ڏاڍي ويڳاڻي ٿي گذاري.“
سمپادڪ مهاشيه جي سمجهه ۾ رڳو اها ڳالهه آئي ته چاروءَ لاءِ
ڪنهن سکي ساهيڙيءَ جو نه هئَڻ ئي تمام دکدائڪ آهي.
اِن کان وڌيڪ هو ڪجهه به سمجهي نه سگهيو ۽ سالي جي
زال اُما کي گهر ۾ گهرائي بيفڪر ٿي، وري اخباري ڪم
کي لڳي ويو. انهيءَ طرح پريم ڪلي جنهن گهڙيءَ پشپ
بڻجڻ تي هئي، تنهن گهڙيءَ پتي پتنيءَ جڏهن هڪ ٻئَي
کي ڏٺو، تڏهن ڪنهن کي به ڪل ڪا نه پيئَي ته گرهست
جي اها سونهري پرڀات بيخبريءَ ۾ ڪيئَن گذري ويئَي.
حقيقت اها هئَي ته نواڻ جو سواد چکندي ئي ٻنهي
ائين محسوس ڪيو گويا اڳيئَي ڳچ وقت کان هڪ ٻئَي جا
واقف هئَا.
چارولتا جو پڙهڻ لکڻ ڏانهن سڀاويڪ وڌيڪ لاڙو ٿيو. اِنڪري هن
لاءِ ڏينهن جا چار پهر وڌي ڪين پوندا هئَا. هن
پنهنجيءَ ڪوشش ۽ انيڪ اُپاون سان پنهنجي اڀياس جو
انتظام ڪري ڇڏيو. ڀوپتيءَ جو پڦاٽ اَمل جونير بي –
اي ۾ پڙهندو هو. چارولتا هنکان سبق سکندي هئَي ۽
انهيءَ عوض کيس وري هنجون ڪئَين سختيون سهڻيون
پونديون هيون. هوٽلن ۽ انگريزي ساهتيه جي پستڪن جا
بل اڪثر کيس ئي ڀرڻا پوندا هئا. اَمل ڪڏهن ڪڏهن
پنهنجن دوستن کي دعوتون ڏيندو هو ۽ اُنهيءَ يگيه
جو سمورو بار به گرو دکشڻا طور چاروُلتا کي پاڻتي
ئي هموار ڪرڻو پوندو هو. ڀوپتيءَ پاران ته
چاروُلتا کان ڪا به تقاضا ڪا نه ٿيندي هئَي؛ پر
ڀوپتيءَ جو پڦاٽ اَمل ٻه اکر پڙهي ايڏي عيوضي جي
گهر ڪندو هو جنهنجو ڪو انت ئي ڪو نه هو. انهيءَ تي
چاروُلتا ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙبي هئي؛ پر ڪنهن ڀلي
اِنسان جي وقت سر سهائتا ڪرڻ ۽ هنجا سنيہ ڀريا ظلم
سهڻ به سندس لاءِ نهايت ضروري ڳالهه ٿي ويئَي.
اَمل چيو، ”ڀاڀي، اسانجي ڪاليج ۾ هڪڙي*راجا
جو ناٺي پڙهندو آهي. هُو هر روز هٿ جا مڙهيل نوان
نوان سئَيٽر پائي ٿو اچي. هاڻي مونکان سٺو نه ٿو
ٿئي. مونکي به هڪ اهڙو نئَون سئَيٽر ٺاهي ڏي نه ته
عزت ڪوڏيءَ جي به ڪانه وڃي رهندي.“
چاروءَ چيو، ”ها، مونکي ڄڻ ٻيو ڪو ڪم ئي ڪونهي جو تولاءِ سئَيٽر
ويهي مڙهينديس! پيسا ٿي ڏيانءِ، وڃي بازار مان وٺي
اچ.“
”نه، مونکي اُهو ڪونه کپي.“
چاروءَ کي سئَيٽر مڙهڻ ڪونه ايندو هو پر هن اَمل اڳيان اِها
ڳالهه ظاهر ڪرڻ نه ٿي چاهي. اَمل کي جڏهن هٿ جو
مڙهيل سئَيٽر کپي تڏهن سنسار ۾ انهيءَ اڪيلي وينتي
ڪندڙ جي وينتي پوري ڪرڻ کانسواءِ هوءَ رهي ڪٿي ٿي
سگهي؟ سو امل جڏهن ڪاليج ويندو هو تڏهن هوءَ خوب
چت لڳائي سئَيٽر مڙهڻ سکڻ لڳي ۽ امل جڏهن سئَيٽر
جي ڳالهه صفا ڀلجي ويو هو تڏهن هڪ ڏينهن شام جو
چاروءَ هنکي نوتو ڏنو.
امل ڪرسيءَ تي ويهي جئَن پوش مٿي کنيو تئَن ڏٺائين ته هڪ
ٿالهيءَ ۾ بيحد سندر پشم جو هٿ جو مڙهيل هڪ نئَون
سئَيٽر رکيو آهي. چارولتا ٽهڪ ڏيئَي کلڻ لڳي.
سئَيٽر پائي امل جون اُميدون اڃا به اڳتي وڌڻ لڳيون. هاڻي هڪڙو
گلابند به کپي، ريشمي رومال جي چؤڌاري هٿ سان ڪيل
ڪر به کپي، سندس اوطاق ۾ جيڪا آرام ڪرسي پيئَي آهي
اُنهيءَ ڪپڙي تي تيل جو داغ ٿي پيو آهي، تنهن لاءِ
پاپلن جي ڀرت ڀريل ڇوَ به کپي.
چارولتا پهرين هر ڳالهه تي اعتراض وٺي ڪلهه ڪندي هئَي ۽ پوءِ
شؤقين امل جي شؤق ڏاڍي جتن ۽ سنيہ سان پورو ڪندي
هئَي! امل وچ وچ ۾ پڇا ڪندو رهندو هو؛ ”ڀاڀي، باقي
گهڻو رهيل آهي؟“
چارولتا ڪوڙ ڳالهائي چوندي هئي، ”اڃا شروع ڪٿي ڪيو اٿم!“ ڪڏهن
چوندي هئَي، ”اڙي، مونکي ته ڳالهه ئي وسري ويئَي!“
پر امل ائين جند ڇڏڻ لاءِ وارو شخص نه هو: روز ياد ڏياريندو هوس
۽ تنگ ڪندو هوس. اهڙيءَ طرح هٿ ڌوئي پٺيان پوڻ
واري امل جي اِنهن ظلمن سهڻ لاءِ ئي چارو اُداسي ۽
خفو ظاهر ڪري ڪاوڙ ڪندي هئي ۽ پوءِ اوچتو هڪ ڏينهن
هنجي وينتي پوري ڪري مزو ڏسندي هئي.
ڌنوان پتيءَ جي گهر ۾ چاروءَ کي ٻئَي ڪنهن لاءِ به ڪجهه ڪرڻو ڪو
نه پوندو هو. صرف امل ئي هو جو کانئَس ڪم وٺڻ
کانسواءِ نه رهندو هو. هنجي انهن سنهن ٿلهن ڪمن
ڪرڻ مان چاروءَ کي دلي آنند حاصل ٿيندو هو.
ڀوپتيءَ جي مڪان جي پٺئَين حصي ۾ جيڪا ٿوري گهڻي زمين خالي
پيئَي هئي اُنهيءَ کي جيڪڏهن باغيچو سڏجي ته اِهو
ذرا وڌاءُ ٿيندو. خير، اُنهيءَ باغيچي ۾ مکيه
ڳالهه هئي ولائتي توتن جو وڻ.
اُنهيءَ باغيچي کي سڌارڻ لاءِ چاروءَ ۽ امل پاڻ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي
هئي. ڪجهه ڏهاڙن کان ٻئَي گڏجي هڪ وڏي ڪاغذ تي
نقشو ڪڍي ڏاڍي اُتساهه سان اِنهيءَ باغيچي کي
سڌارڻ جي رٿا رٿي رهيا هئَا.
اَمل چيو، ”ڀاڀي، اسانجي اِنهيءَ باغيچي ۾ پراچين سمي جي
راجڪمارين جيان توکي به پنهنجي هٿن سان ٻوٽن کي
پاڻي ڏيڻو پوندو.“
چاروءَ جواب ڏنو، ”۽ هن پرينءَ ڪنڊ ۾ هڪ جهوپڙي ٺاهڻي پوندي
جنهن ۾ هرڻيءَ جا ٻچا رهندا.“
امل رٿ ڏني، ”۽ هڪ ننڍڙو تلاءُ به کوٽائينداسين جنهن ۾ هنس پکي
ترندا.“
چارولتا اِنهيءَ رت تي اُتساه ۾ ڀرجي چيو، ”۽ مان اُنهيءَ ۾
نيلا ڪنول پوکينديس. نيلا ڪنول ڏسڻ تي منهنجي
ڪيترن ڏينهن کان دل آهي.“
امل چوڻ لڳو، ”اُنهيءَ تلاءَ جي مٿان هڪ پل ٻڌبي ۽ گهاٽ تي
هميشہ هڪ ننڍڙي ٻيڙي ٻڌل رهندي.“
چاروءَ چيو، ”اُهو گهاٽ سفيد سنگمرمر جو هوندو!“
امل ڪاغذ پينسل ۽ فوٽپتي کڻي، پرڪار جي سهاري ڏاڍي اڊمبر سان
باغيچي جو نقشو تيار ڪرڻ لڳو.
ٻئَي ڄڻا ائين هر روز گڏجي خيالي قلعا اڏيندا ۽ ڊاهيندا رهيا ۽
اهڙيءَ طرح ويهه پنجويهه جدا جدا نقشا تيار ٿي
ويا.
نقشن تيار ٿي وڃڻ بعد ڪل خرچ ڪيترو ايندو اُنهيءَ جو تخمينو ٿيڻ
لڳو. پهرين فيصلو ٿيو هو ته چارو پنهنجي ريزڪي خرچ
جي پئَسن مان آهستي آهستي باغيچو ٺاراهيندي. گهر ۾
ڇا پيو وهي واپري اُنهيءَ جي ڀوپتيءَ کي ڪا به سمڪ
ڪانه رهندي هئَي. چاروءَ دل ۾ سوچيو ته باغيچي
تيار ٿي وڃڻ تي پاڻ پتيءَ کي نينڍ ڏيئَي اُتي
گهرائيندي ۽ هنکي اچرج ۾ وجهي ڇڏيندي. ڀوپتي ضرور
سوچيندو:علاوالدين جي جادو بتيءَ جي ڪرامت سان ئِي
جپان ديس جو ڪو سڄي جو سڄو باغيچو اُڏامي هتي اچي
پهتو آهي.
مگر تخمينو چڱي چوکي ڪفايت سان تيار ڪندي به چاروءَ کي اُهو
پسند ڪو نه پيو. ايترا پئَسا پاڻ آڻيندي ڪٿان؟
تڏهن اَمل وري هڪ نئَون نقشو تيار ڪيو، جنهن ۾
ڪافي ڦير گهير ڪئَي ويئَي.
اَمل چيو، ”ڀاڀي، هڪڙو ڪم ڪريون؟ تلاءَ جو خيال لاهي ڇڏيون!“
چاروءَ چيو، ”نه نه. تلاءُ ڪڍي ڇڏيون ته باقي ڇا رهندو! نيلا
ڪنول ته اُنهيءَ تلاءَ ۾ ئي لڳندا نه!“
اَمل وري چيو، ”ته ڀلا هرڻ جي جهوپڙيءَ ۾ ڪاٺ جي ڇت نه هڻايون.
ڪکن ڪانن مان ئي پورائي ڪري ڇڏينداسين.“
چاروءَ کي ڪاوڙ وٺي ويئَي. هن غصي ٿي چيو، ”ته ٺهيو، انهيءَ
جهوپڙيءَ جي ضرورت ئي ڪانهي.“
ماريشش مان لؤنگ، ڪرناٽڪ مان چندن ۽*
سنهل ديپ مان دالچينيءَ جي ٻوٽن گهرائڻ جي رٿ
هئي. اَمل اُنهن جي عوض ڪلڪتي جي سرڪاري باغ مان
معمولي ديسي ۽ ولائتي چڪين جي گهرائڻ لاءِ چيو ته
چاروُ منهن سڄائي ويهي رهي. چيائين، ”ٺهيو، مونکي
باغيچو ئي ڪونه کپي.“
تخميني گهٽائڻ جو اهو طريقو ٺيڪ نه هو. تخميني سان گڏوگڏ
ڪلپنائن کي به قدمن هيٺان لتاڙڻ چاروءَ جي سهن
شڪتيءَ کان سرس هو؛ ۽ امل کڻي زبان سان ڪجهه به نه
چيو پر دل ۾ ته هنکي به اِها ڳالهه پسند ڪانه آئي
هئي.
امل چيو، ”ڀاڀي، تون ڀائوءَ سان کڻي باغيچي جي باري ۾ ذڪر ڇيڙ،
هو ضرور روپيه ڏيندو.“
”نه، هنکي ٻڌايوسين ته سڄو مزو ئي هليو ويندو، فقط اسين پاڻ ۾
ئي باغيچو ٺاهينداسين. هو انگريزي ڪمپنيءَ کي آرڊر
ڏيئي هندستاني باغيچو ٺاراهي سگهي ٿو. پر اسانجن
نقشن جو پوءِ ڪهڙو حال ٿيندو؟“
توتن جي وڻ جي ڇايا ۾ ويهي ٻئَي چارو ۽ امل، هوائي قلعن اڏڻ جي
سک ساگر ۾ غوطا کائي رهيا هئا. چاروءَ جي ڀاڄائيءَ
اُما مٿان ماڙيءَ تان سڏ ڪري چيو، ”هيڏي اوير ٿي
ويئي آهي، توهين اڃا اِتي باغيچي ۾ ڇا ويٺا ڪريو؟“
چاروءَ جواب ڏنو، ”پڪل توت ويٺا ڳوليون.“
لوڀڻ اُما چيو، ”ٿورا منهنجي لاءِ به کڻي اچجو.“
چارو کلڻ لڳي، امل به کلي ڏنو. هنن ٻنهي جي انهن اٺسٺن ۾ خوشيءَ
۽ فخر جي مکيه ڳالهه اِها هئي ته اُنهن جي فقط کين
ئي خبر هئي. اُما ۾ ٻيا ڪهڙا به گڻ هجن مگر هن ۾
ڪلپنا شڪتي رتيءَ ماتر به ڪا نه هئي؛ هوءَ اِنهن
سڀني ڳالهين مان ڪو به رس حاصل ڪري نه سگهي ها!
انڪري هوءَ اِنهن ٻنهي ڪرمچارين جي سڀني ڪاميٽين
وغيره کان بلڪل دور هئي.
اِنهيءَ هوائي باغيچي جو نه تخمينو ئي گهٽجي سگهيو ۽ نه ڪلپنا
ئي ڪا هار مڃي. سڀاويڪ سانده ڪيترا ڏينهن توتن جي
وڻ هيٺان ڪميٽي گڏ ٿيندي رهي؛ ۽ باغيچي ۾ جنهن هنڌ
ڍنڍ بڻجڻي هئي، جتي هرڻيءَ جي جهوپڙي ٺهڻي هئي،
جتي سنگمرمر جو گهاٽ تيار ٿيڻو هو، امل اُنهن سڀني
جڳهين تي نشان به ڪري ڇڏيا.
اُن باغيچي ۾ توتن جي وڻ هيٺان جنهن هنڌ چبوتڙو ٺهڻو هو، اَمل
اُنهيءَ جي چؤڌاري ڪوڏر سان نشان ڪري رهيو هو.
اِنهيءَ وقت چارو وڻ جي ڇايا ۾ اچي ويٺي. چيائين،
”امل، توکي جيڪڏهن شعر، مضمون يا آکاڻي لکڻ ايندي
هجي ها ته ڏاڍو سٺو ٿئي ها.“
اَمل سوال ڪيو، ”ڪيئَن سٺو ٿئي ها؟“
”پوءِ جيڪر توکان اِنهيءَ باغيچي جو ورڻن ڪرائي هڪ آکاڻي لکايان
ها! اِها ڍنڍ، هرڻ جي ڪٽيا، توتن جو وڻ، اُنهيءَ ۾
سڀڪجهه هجي ها. اسان ٻنهي کانسواءِ ٻيو ڪير به
ڪجهه سمجهي نه سگهي ها تڏهن ڏاڍو مزو ٿئي ها. امل،
تون هڪ ڀيرو لکڻجي ڪوشش ته ڪري ڏس. تون ضرور لکي
سگهندين.“
”چڱو ڀلا جي لکي ويس ته پوءِ ڇا ڏيندينءَ؟“
”ڇا کپيئي؟“
”مان توکي پنهنجي مڇردانيءَ تي گلڪاري ليڪي ڏيندس ۽ توکي اِها
ريشم سان ڀري ڏيڻي پوندي.“
”اِهو وري اجايو شوق! مڇردانيءَ تي به ڪڏهن ڀرت ٿيو آهي؟“
مڇردانيءَ جهڙيءَ شيءِ کي هڪ اڻوڻندڙ قيد خانو بڻائي رکڻ جي
خلاف امل ڪئَين دليل ڏيئي ويو. هن چيو، ”دنيا ۾
نوانوي سيڪڙو اهڙا ماڻهو آهن جنکي سونهن جي پائيءَ
جيتري به پرک نه آهي. بدصورتيءَ تان اُنهن کي ذري
به ڪراهت نٿي اچي، اِها اِنجي ثابتي آهي.“
چاروءَ اُنهيءَ گهڙيءَ ئي دل ۾ اِها ڳالهه قبول ڪري ڇڏي ۽ اِهو
ڄاڻي ڏاڍي خوش ٿي ته سندن ايڪانت ڪميٽي اِنهن
نوانوي سيڪڙو کان الڳ آهي. چيائين، ”چڱي ڳالهه
آهي. تون مضمون لک ته مان مڇردانيءَ تي گلڪاري ڀري
ڏينديسانءِ.“
امل راز ڀرئي ڍنگ سان چيو، ”تون ڇاٿي سمجهين ته مان لکي
سگهندس؟“
چارو نهايت جوش ۾ ڀرجي چيو، ”ته تو ضرور اڳيئَي ڪجهه لکيو آهي.
مونکي ڏيکار.“
”نه ڀاڀي، اڄ نه!“
”نه. اڄ ئِي ڏيکارڻو پوندءِ. توکي منهنجو قسم آهي امل، وڃي
پنهنجي ڪاپي کڻي اچ. جلدي ڪر.“
چاروءَ کي پنهنجي لکيل رچنا پڙهي ٻڌائڻ جي اُتاولائي ۽ جوش ئي
هيلتائين امل جي راه ۾ رنڊڪ ٿي بيٺا هئا. متان
چاروءَ کي سمجهه ۾ نه اچي، متان هن کي نه وڻي!
اِنهيءَ هٽڪ کي هو مٽائي نٿي سگهي.
اڄ ڪاپي آئي، ذرا لال مک سان، ذرا کنگهي هن پڙهڻ شروع ڪيو.
چاروُ وڻ جي ڇايا ۾، ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي، سبز گاه تي
پير پساري ٻڌڻ لڳي.
مضمون جي وشيه هئي، ”منهنجي پهرين ڪاپي.“
امل لکيو هو: اي منهنجي اوجل ڪاپي، منهنجي ڪلپنائن اڃا توکي ڇتو
به ڪينهي. ويم گهر ۾ قسمت جي فيصلي ٿيڻ کان اڳي
ٻالڪ جي سفيد سر جيان تون نرمل آهين، راز ڀري
آهين. جنهن ڏينهن تنهنجي آخرين ورق تي آخرين باب
لکندس، اُهو ڏينهن اڄ ڪٿي آهي؟ اڄ تنهنجا اِهي
اوجل ورق مس سان چٽيل اُن آخرين باب جي سپني جي به
ڪلپنا نٿا ڪري سگهن....“ اِنهيءَ نموني امل پڙهندو
ويو ۽ چارو وڻ جي ڇايا ۾ ويهي ڏاڍي ڌيان سان ٻڌي
رهي هئي. مضمون پوري ٿيڻ تي هن ڪجهه گهڙيون خاموش
رهڻ بعد چيو، ”توکي لکڻ ڪونه ايندو آهي نه،
ڪيئَن.“
اُنهيءَ ڏينهن اُنهيءَ وڻ جي ڇايا ۾ امل ۽ چاروءَ حياتيءَ ۾
پهريون دفعو ساهتيڪ شراب جي چڪي چکي. هنن لاءِ
اُنهيءَ جو رس ۽ آنند بلڪل نئَون هو ۽ ٽئَين پهر
جي روشني ۽ لنبي ڇايا نهايت راز ڀري معلوم ٿيڻ
لڳي.
چاروءَ چيو، ”امل، ٿورا توت کڻي هلڻا پوندا، نه ته اُما کي ڪهڙو
جواب ڏينداسين؟“
اَياڻيءَ اُما اڳيان ساهتيه وغيره تي بحث ڇيڙڻ لاءِ ٻنهي مان
ڪنهن جي به دل تيار نه هئي اِنهيءَ ڪري هنن کي
ڪجهه توت کڻي وڃڻا ئي پيا.
-----
------
------
باغيچي جا اٺسٺا، هنجي ٻين انيڪ اٺسٺن جيان ڪلپنا جي اٿاه ساگر
۾ ڪڏهن گم ٿي ويا، اُنجو پتو امل ۽ چاروءَ مان
ڪنهنکي به ڪو نه پيو.
هينئَر امل جا مضمون ۽ آکاڻيون ئي ٻنهي جي ٽيڪاٽپڻي ۽ بحث جي
مکيه وشيه بڻجي پيا. امل اچي چوندو هو، ”ڀاڀي، اڄ
دماغ ۾ هڪ نهايت عمدو ويچار جاڳيو اٿم.“
چارو اُتساه ۾ ڀرجي چوندي هئي، ”هل ته پٺئَين دالان ۾ هلي وهون.
هت اُما ڄاڻ پانن ٺاهڻ لاءِ آئي!“
پٺئَين دالان ۾ پهچي چارو نيٽ جي هڪ پراڻي ڪرسيءَ تي وڃي وهندي
هئي ۽ امل ڪٽهڙي جي ٻني تي ٿي وهندو هو.
امل جيڪي لکندو هو تنهنجو ڪو به خاص مقصد ڪو نه هوندو هو انڪري
سڀاويڪ ڪجهه به صاف صاف چوڻ هن لاءِ ڏکيو هوندو
هو. ڦيرائي گهيرائي هو جيڪي چوندو هو اُهو ڪنهن
لاءِ به سولائيءَ سان سمجهڻ مشڪل هو. امل خود به
چوندو هو، ”ڀاڀي، مان توکي پوري طرح سمجهائي نٿو
سگهان.“
چارو چوندي هئي، ”نه نه، مان گهڻي ڀاڱي سمجهي ويئي آهيان. تون
اهو سڀڪجهه جلدي لکي وٺ، دير نه ڪر.“
ڪجهه سمجهي ۽ ڪجهه ري سمجهي، ڪجهه ڪلپنا ڪري ۽ ڪجهه امل کي چڱي
طرح سمجهڻ جي اُتساه ۾، چارو دل ئي دل ۾ جيڪا هڪ
عجيب شيءِ کڙي ڪري ڇڏيندي هئي اُنمان هنکي بيحد
خوشي پراپت ٿيندي هئي ۽ اُتساه وچان اَڌير ٿي
ويندي هئي.
اُن ساڳئي ڏهاڙي شام جو ئي چارو پڇندي هئي، ”لکي پورو ڪيُءِ؟“
امل جواب ڏيندو هو، ”ڀلا ايترو جلد به ڪڏهن پورو ٿيو آهي؟“
ٻئَي صح جو چارو ذرا ناراضگيءَ جي آواز ۾ پڇندي هئي، ”ڇا ڪو نه
لکيو اٿيئَي؟“
امل چوندو هو، ”ترس ته سهين، تڪڙ ڪهڙي پيئي آهي؟ ڪجهه سوچڻ ته
ڏي.“
چارو اِنهيءَ تي غصي ٿي چوندي هئي، ”نه، ٺهيو؛ لکڻ جي ضرورت ئي
ڪانهي.“
سانجهيءَ جو جڏهن اُهو غصو ڪٺو ٿي ڳالهائڻ ٻولهائڻ بند ٿيڻ جي
نؤبت تائين پهچندو هو تڏهن امل رومال ڪڍڻ جي بهاني
کيسي مان لکيل ڪاغذن جو ڪجهه حصو ٻاهر ڪڍندو هو.
گهڙيءَ ۾ ئي چاروءَ جي خاموشي ڪافور ٿي ويندي هئي.
هوءَ هڪدم چئي ڏيندي هئي، ”اِهو ڇاهي؟ تو لکيو آهي
نه؟ مونسان ڪوڙ! جلدي ڪر، ڏيکار!“
امل چوندو هو، اڃا پورو ڪونه ڪيو اٿم. سڄو پورو ڪري پوءِ توکي
ٻڌائيندس.
حقيقت ۾ امل خود به ٻڌائڻ لاءِ اُتاولو هوندو هو؛ پر چارو کي
ٿوري دير هلاک ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به ٻڌائڻ لاءِ
هنجي دل ئي ڪانه ورندي هئي. اُنکان پوءِ هو ڪاغذ
هٿ ۾ کڻي پنا ٺيڪ ڪندو هو، ڪن ڪن هنڌ پينسل سان
درستيون ڪندو رهندو هو ۽ چارو تيستائين خوشيءَ
ڀرئي اُتساه ۾ پاڻيءَ ڀريل بادلن جيان امل مٿان
جهڪي ويٺي هوندي هئي.
امل جيڪي ٻه چار سٽون يا مصرائون لکندو هو، اُهي بروقت ئي
چاروءَ کي پڙهي ٻڌائڻيون پونديون هئس ۽ باقي وري
لکيل حصي کي راءِ زني ۽ ڪلپنا دواران ولوڙيو ويندو
هو.
هيلتائين ٻئي ڄڻا آسماني گلن چونڊڻ ۾ مشغول هئا پر ڪوتا پشپن جي
کيتي شروع ٿيڻ سان ٻين سڀني ڳالهين کي ڀلجي ويا.
هڪ ڏينهن شام جو امل ڪاليج مان موٽيو ته سندس کيسو جان تان ڪجهه
وڌيڪ ڀريل پئي لڳو. هو جئَن گهر ۾ گهڙيو تئَن
چاروءَ اندرئين ڪمري جي ڳڙکيءَ مان ئي سندس ڀريل
کيسو ڏسي ورتو. ٻين ڏينهن تي امل ڪاليج مان موٽندو
هو ته گهر جي اندر پهچڻ ۾ اصل اوير ڪانه ڪندو هو
پر اڄ ڀريل کيسي سان ٻاهرين بيٺڪ ۾ ئي ترسي پيو ۽
اندر اچڻ جو نالو به ڪو نه ورتائين.
------ ------- -------
چارو اندرئين ڪمري جي ٻاهرينءَ حد تي بيهي ڪئَين دفعا تاڙيون
وڄايون پر ڪنهن ٻڌو ئي ڪين. تڏهن هوءَ ناراض ٿي
اندرئين ورانڊي ۾ پهچي منمٿ دت جو هڪڙو ڪتاب کڻي
پڙهڻ لڳي.
منمٿ دت نئون ليکڪ هو. هنجي لکڻيءَ جو ڍنگ گهڻي قدر امل جي ڍنگ
سان ملي ٿي آيو ۽ انهيءَ ڪريئي امل ڪڏهن به هن جي
ساراه ڪين ڪندو هو؛ اُٽلو ڪڏهن ڪڏهن چاروءَ جي
سامهون هنجون رچنائون ٽٽل زبان ۾ پڙهي هنتي ٺٺولي
ڪندو هو ۽ چارو امل جي هٿ مان هنجو ڪتاب کسي پري
کڻي ڦٽو ڪندي هئي.
اڄ جڏهن هن امل جي قدمن جي آهٽ ٻڌي ته اُنهي منمٿ دت جي ڪتاب
پڙهڻ ۾ ڏاڍي محو ٿي ويئي.
امل ورانڊي ۾ داخل ٿيو پر چاروءَ هن ڏانهن اک کڻي به ڪو نه
نهاريو. امل پڇيو، ”ڀاڀي، ڪهڙو ڪتاب ويٺي پڙهين؟“
چاروءَ وٽان ڪو به جواب نه ملندو ڏسي امل وڌي هنجي پٺيان اچي
بيٺو ۽ ڪتاب ڏسي چيائين، ”منمٿ دت جو ڪتاب!“
چاروءَ چيو، ”اُف! پريشان نه ڪر، مونکي پڙهڻ ڏي.“
پٺيان بيٺي بيٺي امل به ٺٺوليءَ جي نموني پڙهڻ لڳو، ”مان هڪڙو
ننڍڙو سلو آهيان. هڪ رواجي ننڍڙو سلو! ڀائي قداور،
راڄ – ويسڌاري.*
اشوڪ! مان هڪڙو معمولي ننڍڙو سلو آهيان. مون ۾ گل
ڪينهن، منهنجي ڇايا ڪانهي، مان پنهنجو ڳاٽ شان سان
نيلي آسمان ڏانهن کڻي نٿو سگهان. ڪوئل پنهنجي
ڪُوڪُو جي مڌر گيت سان دنيا کي مست بڻائڻ لاءِ
منهنجو اجهو ڪو نه ٿي ڳولي؛ پر تڏهن به ڀائي اشوڪ،
تون پنهنجي اِنهن گلن ڦلن سان ڀريل اوچين ٽارين
سان موڏانهن ڌڪار مان نه نهار! مان برابر تنهنجي
قدمن ۾ پيو آهيان، مان تمام ننڍڙو سلو آهيان، پر
تڏهن به تون مونکي تڇ نه سمجهه.“
امل ايترو ٽڪر ڪتاب مان پڙهي پوءِ پنهنجي طرفان ٺاهي پڙهڻ لڳو،
”مان واڱڻ آهيان. ڀائي ڪدو، اي ڀائي متارا ڪدو،
مان سچ پچ بدشڪل ڪارو واڱڻ آهيان!“
چارو پنهنجي هرکر وچان ڪاوڙ ڪري نه سگهي؛ پر کلي اُٿي کڙي ٿي ۽
ڪتاب ڦٽو ڪري چيائين، ”تون حد ريساڙو آهين، پنهنجي
رچنا کانسواءِ ٻئي ڪنهنجي رچنا کي ڪجهه سمجهين ئي
نٿو.“
امل چيو، ”تون بيحد اُدار دل آهين. توکي واڱڻ ملي ته اُنهيءَ کي
به هڪدم ڳيهي وڃڻ ٿي چاهين!“
”چڱو شريمان، وڌيڪ ٺٺولي ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي، کيسي ۾ ڇا اٿوَ؟
جلدي ٻاهر ڪڍو.“
”تون ڇا ٿي ڀانئَين، ڇا هوندو؟“
ائين ڪيترو وقت چاروءَ کي تنگ ڪرڻ بعد امل نيٺ کيسي مان هفتيوار
’نؤيگ‘ جو هڪ پرچو ڪڍيو.
چاروءَ کولي ڏٺو ته اُنهيءَ پرچي ۾ امل جو ”منهنجو چمن“ نالي
وارو ليک ڇپيل هو.
چارو اُهو ڏسي چپ ٿي ويئي. امل سمجهيو هو ته ڀاڀي بيحد خوش
ٿيندي. مگر خوشيءَ جو ڪو به خاص اُهڃاڻ نه ڏسي هن
چيو، ”نؤيگ ۾ جهڙن تهڙن جا ليک ڪو نه ڇپبا آهن.“
امل ٻيو به گهڻو ئي ڪجهه چئي ويو. حقيقت ته ائين آهي ته اخبارن
جي سمپادڪن کي ڪو به هلائڻ جهڙو ليک ملي ويندو آهي
ته ڇپي ڇڏيندا آهن. پر امل چاروءَ جي دل تي
اِنهيءَ اثر ڄمائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته سمپادڪ
تمام سخت ماڻهو ٿيندا آهن ۽ سؤ ليکن مان ٻه ٽي مس
چونڊيندا آهن.
اهو ٻڌي چارو خوش ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي پر خوش ڪانه ٿي سگهي.
سندس دل کي ڪهڙي ڪارڻ چوٽ رسي هئي، اُنهيءَ کي
سمجهڻ جي پڻ هن بيحد ڪوشش ڪئي، پر ڪو به واجبي سبب
ڳولي نه سگهي.
حقيقت ۾ امل جا مضمون ۽ ڪهاڻيون، سندس ۽ چاروءَ جي ئي ملڪيت
هئا. هڪ ليکڪه هو، ٻي پاٺڪا! ليکن جي لڪل رهڻ ۾ ئي
اُهو انوکو رس ڀريل هو. هينئَر اُنهن ليکن کي
سڀيئي پڙهندا، ڪئين اُنهن جي ساراه ڪندا، انهيءَ
ڳالهه چاروءَ کي ايڏو دک ڇو رسايو، اهو هوءَ پاڻ
به چڱي طرح سمجهي ڪانه سگهي.
مگر ليکڪ جي تمنا فقط هڪ پاٺڪا جي ساراه مان گهڻن ڏينهن تائين
پوري رهي نه سگهي. امل پنهنجن ليکن کي ڇپائڻ شروع
ڪيو ۽ قدرداني ۽ مشهوري به حاصل ڪيائين.
ڪڏهن ڪڏهن ڪن شرڌالن جون چٺيون به اينديون هيس. امل اُهي پنهنجي
ڀاڀيءَ کي ڏيکاريندو هو. چارو اُهي ڏسي ۽ پڙهي خوش
ٿيندي هئي ۽ دکي به. هينئر امل کي لکڻ لاءِ تيار
ڪرڻ ۾ چاروءَ جي اُتساه يا جوش ڏيارڻ جي ضرورت
ڪانه پوندي هئي. هاڻي ڪڏهن ڪڏهن امل وٽ اڻواقف
ڇوڪرين وٽان پڻ چٺيون اينديون هيون. اُنهن ڏانهن
اشارو ڪري چارو هينئر ساڻس چرچا ڪندي هئي پر آنند
ڪا نه پائيندي هئي. اوچتو سندن ايڪانت ڪميٽيءَ جو
بند دروازو کولي ساري ديس جي پاٺڪ منڊلي هنن ٻنهي
جي وچ ۾ اچي کڙي ٿي هئي.
ڀوپتي هڪڙي ڏينهن واندڪائي ملڻ تي چيو، ”چارو، مونکي خبر ڪا نه
هئي ته اسانجو امل اهڙو سٺو لکي سگهي ٿو.“
ڀوپتيءَ جي واتان امل جي ساراه ٻڌي چارو تمام خوش ٿي. امل به
ٻين ڪيترن وانگر ڀوپتيءَ جي اجهي هيٺ رهندڙ هو. پر
اُنهن ۽ هنجي وچ ۾ فرق آهي اها ڳالهه سندس پتي به
محسوس ڪري رهيو آهي اهو ڄاڻي، چاروءَ کي هڪ قسم جي
فخر جو انڀؤ ٿيو. سوچڻ لڳي: هيترن ڏينهن بعد اڄ مس
مس توهانجي سمجهه ۾ آيو آهي ته مان امل کي هيترو
پيار ڇو ٿي ڪريان. مونکي اصل کان ئي هنجي قابليت
جي ڄاڻ هئي.
چاروءَ پڇيو، ”توهان هنجا ليک پڙهيا آهن؟“
ڀوپتيءَ وراڻيو، ”پوري طرح سان ڪونه پڙهيا اٿم؛ وقت ڪٿي ٿو ملي!
پر ڪالهه شريڪانت اُنهن جي خوب ساراه ڪري رهيو هو.
هو هندي ليک بلڪل چڱي طرح سمجهي سگهندو آهي.“
چاروءَ جي پڻ اِها ئي دلي آرزو هئي ته امل لاءِ ڀوپتيءَ جي من ۾
به عزت جاڳي.
------ -------- -------
اُماپتي ڀوپتيءَ کي اخبار ۾ انعام چٽا ڀيٽي شروع ڪرڻ جي صلاح
ڏيئي رهيو هو پر هنجي سمجهه ۾ ڪنهن به طرح اها
ڳالهه نه ٿي ويٺي ته اهي چٽاڀيٽيون اخبار لاءِ
ڪهڙي نموني ٿي سگهن ٿيون.
چاروءَ هڪڙو دفعو ڪمري ۾ ليئَو پاتو ۽ اُماپتيءَ کي اُتي ويٺل
ڏسي واپس موٽي ويئي. گهمي ڦري وري ڪجهه وقت بعد
ڪمري ۾ ليئَو پائي ڏٺائين ته اڃا به ٻئي ڄڻا حساب
ڪتاب جي باري ۾ بحث ڪري رهيا آهن.
اُماپتي چاروءَ جي بيچيني ڏسي، بهانو ڪري ٻاهر نڪري ويو. ڀوپتي
وري انگن اکرن ۾ ڌيان اٽڪائي ويهي رهيو.
چاروءَ ڪمري ۾ داخل ٿي چيو، ”شايد توهانجو ڪم اڃا ختم ڪو نه ٿيو
آهي؟ مان ته سمجهي نٿي سگهان ته توهين ڏينهن رات
اِنهيءَ اخبار پٺيان پنهنجو وقت ڪئن ٿا ڪاٽيو؟“
ڀوپتي حساب ڪتاب جا رجسٽر پاسيرا هٽائي هلڪو مشڪڻ لڳو. دل ۾
سوچيائين: سچ آهي؛ چاروءَ ڏانهن ذري به ڌيان ڏيڻ
جي مونکي فرصت ئي ڪانه ٿي ملي. اهو سخت انياءُ
آهي. هن ويچاريءَ لاءِ وقت ڪاٽڻ جو ڪو وسيلو ئي
ڪونهي.
ڀوپتي سنيهه ڀرئي آواز ۾ چيو ”اڄ شايد تنهنجو پڙهڻ ڪو نه ٿيو
آهي! ڇا ماستر صاحب ڪيڏانهن ڀڄي ويو آهي، يا
توهانجي پاٺشالا جا سڀ نيم اُلٽا آهن. شش پوٿيون
پنا کڻي تيار ويٺو آهي ۽ گروءَ جو پتو ڪونهي! ڇا
هاڻي امل توکي ڪونه پاڙهيندو آهي؟“
چاروءَ چيو، ”ڇا امل جو وقت انهن ڳالهين ۾ ضايع ڪرڻ واجب آهي؟
يا توهان هنکي ڪو رواجي خانگي ماستر سمجهيو آهي؟“
ڀوپتيءَ چاروءَ جي چيلهه ۾ ٻانهن وجهي هنکي پاڻ ڏانهن ڇڪي چيو،
”هن ۾ خانگي ماستريءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ مان جيڪر
تو جهڙي ڀاڀيءَ کي پاڙهي سگهان ته.......؟“
”ٺهيو هاڻي، ڇڏيو. پتيءَ هوندي به اِهي افعال آهن ته.......!“
ڀوپتيءَ کي ذرا چوٽ رسي. چيائين، ”چڱو، سڀاڻي کان وٺي مان پاڻ
توکي پاڙهيندس. پنهنجا ڪتاب ته کڻي اچ، ڏسان
هيلتائين ڇا پڙهي آهين؟“
”گهڻو ٿيو، هاڻي توهانجي پاڙهڻ جي ضرورت ڪانهي. هينئر مونکي فقط
ايترو ٻڌايو ته ڪجهه وقت اخبار جي انهن کنڌن کي
بند ڪري ڪنهن ٻيءَ ڳالهه ڏانهن به ڌيان ڏيئي
سگهندا يا نه؟“
ڀوپتيءَ ورائيو، ”ضرور ضرور! هن وقت تون منهنجي من کي جيڏانهن
به ڇڪڻ چاهين اوڏانهن ڇڪي سگهين ٿي!“
”ٺيڪ آهي. ته امل جو هيءُ ليک پڙهو. ڏسو ڪهڙو نه سٺو لکيو اٿس!
سمپادڪ هنکي لکيو آهي ته ڄاڻن هنجو اهو ليک پڙهي
کيس هندوستان جو
*رسڪن
سڏيو آهي.“
ڀوپتيءَ اِهو ٻڌي ذرا هٽڪندي اخبار هٿ ۾ ورتي. کولي ڏٺائين: ليک
جي وشيه هئي ”آکاڙ جو چندرما“ گذريل ٻن هفتن کان
ڀوپتي هند سرڪار جي بجيٽ جي سمالوچنا ڪرڻ لاءِ وڏا
شاهي حساب ڪتاب چڪاسي رهيو هو ۽ علم رياضيءَ جا
انگ انيڪ پيرن وارن جيتن جيان سندس دماغ جي هزارين
سوراخن ۾ هيڏانهن هوڏانهن سري پري رهيا هئا.
اهڙيءَ گهڙيءَ ۾ اوچتو هندي ڀاشا ۾ لکيل ’آکاڙ جو
چندرما‘ يڪساهي پڙهڻ لاءِ هنجو من تيار نه هو. ليک
به ننڍو ڪو نه هو.
ليک جي شروعات هن طرح هئي. آکاڙ جو چندرما اڄ ساري رات هيئن
بادلن پٺيان لڪڻ جي ڪوشش ڇو پيو ڪري! ائين پيو لڳي
ڄڻ هُو اندر لوڪ مان ڪجهه چورائي آيو آهي يا کيس
پنهنجي ڪاري ڪلنڪ لڪائڻ لاءِ ٻي جڳهه ئي نٿي لڀي.
ڦڳڻ ۾ جڏهن گگن ۾ هڪ سکڻو بادل به ڪين هو تڏهن ته
اٿاه آڪاس ۾ ساري دنيا جي نگاهن سامهون بيحد
بيحيائيءَ سان منهن کولي پئي هليو. پر اڄ هنجي
اُها پريشان مرڪ، ٻالڪ جي سپني جيان محبوب جي
يادگيريءَ جيان، اندر لوڪ جي اپڇرائن جي پريشان
گهنڊيدار زلفن جيان........“
ڀوپتي مٿو کنهندي چيو، ”چڱو لکيو اٿس! پر مونکي .... ڇا مان
اِها ڪوتا سمجهي سگهندو آهيان؟“
چاروءَ ذرا خفي ٿي پتيءَ جي هٿ مان اخبار کسي ورتي. چيائين،
”تڏهن توهين ڇا سمجهندا آهيو؟“
ڀوپتيءَ چيو، ”مان ته هن دنيا جو هڪ انسان آهيان ۽ انسان کي ئي
سمجهندو آهيان.“
چاروءَ سوال ڪيو، ”ته ڇا ڪوتا ۾ انسانن جي ڳالهه لکيل ڪانهي؟“
”لکيل برابر آهي پر سڀ غلط. تنهن کانسواءِ اسانجي سامهون جڏهن
زنده انسان مؤجود آهي تڏهن انکي بناوٽي ڳالهين ۾
ڳولڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“
ائين چئي هن چاروءَ جي کاڏي پڪڙي وري چيو، ”مثال طور جئَن مان
توکي سمجهي سگهان ٿو. ڇا انهيءَ لاءِ مونکي
ڪاليداس ۽ شيڪسپيئَر پڙهڻ جي ضرورت آهي؟“
ڀوپتيءَ کي اِنهيءَ ڳالهه جو فخر هو ته پاڻ ڪوتا ڪو نه سمجهندو
آهي. پر امل جي آکاڻين ۽ مضمونن کي چڱي طرح پڙهڻ
کانسواءِ ئي سندس مٿس شرڌا هئي. ڀوپتي سوچيندو هو:
ڳالهه ڪجهه چوڻ جهڙي ئي نه هجي پر تڏهن به ورائي
ڦيرائي اُنهيءَ تي صفحن جا صفحا لکي وڃجن، مونکان
ته جيڪر ڪلاڪ سر جهوليندي به اها ڳالهه ٿي نه
سگهي.
امل ۾ ايڏي شڪتي لڪل آهي اهڙي خبر ڪنهن کي هئي؟
----- ----- -----
پاٺڪ منڊليءَ ۾ امل جو نالو چڱو مشهور ٿي ويو. اڳي هو فقط
ڪاليجي شاگرد هو پر هاڻي هو هڪ معزز شخص سمجهبو
هو. هينئر هو پنهنجا مضمون ساهتيه سميلن ۽ جلسن ۾
پڙهندو هو. سمپادڪ ۽ اُنهن جا قاصد وٽس بيٺائي
هوندا هئا ۽ کيس مجلسن ۽ جلسن ۾ شريڪ ٿيڻ جون
دعوتون ڏيئي ويندا هئا. ڪئين شخص هڪ نه ٻي سڀا جي
ميمبر يا سڀاپتي ٿيڻ لاءِ وٽس منٿائو ٿي ايندا
هئا. گهر جي نؤڪرن چاڪرن ۽ يارن دوستارن جي نگاهن
۾ هنجي عزت اڳي کان گهڻو مٿي چڙهي چڪي هئي.
اُما کي هيلتائين هن منجهه ڪا به خاص ڳالهه نظر نه آئي هئي.
هوءَ امل ۽ چاروءَ جي کل ٽهڪڙي يا بحث مباحثي کي
ٻاراڻي سمجهي بيپرواهيءَ سان پان ٺاهيندي رهندي
هئي. ۽ گهر جي ڪم هاج ۾ مشغول رهندي هئي. پاڻکي
هنن کان سريشت ۽ گرهستيءَ لاءِ وڌيڪ ڪارائتو
سمجهندي هئي.
امل جي پانن کائڻ جي حد ئي ڪا نه هئي؛ ۽ اِهو بار اُما جي ڪلهن
تي هئڻ سبب اِنهيءَ فضول خرچ تي اڪثر ناراض رهندي
هئي. اِنهيءَ ڪري چارو ۽ امل رمز ڪري اُما جي پانن
واري دٻي کي اڪثر ڌاڙا هڻندا هئا ۽ اِها چوري
آهستي آهستي سندن وندر جو هڪ وسيلو بڻجي ويئي هئي.
اهڙي وقت اُما به جڏهن ڏٺو ته امل جتان ڪٿان عزت پائي رهيو آهي
تڏهن پاڻ به اک کڻي هنجي اوچي ڳاٽ ڏانهن نهارڻ لڳي
۽ سندس جوان چهري تي نئين فخر جي جهلڪ پسي سندس
نيڻن ۾ هڪ قسم جو موه پيدا ٿي ويو. هينئر هن امل
کي نئين روپ ۾ ڏٺو.
اِنهيءَ بعد امل کي پانن چورائڻ جي ضرورت ڪانه رهي. امل جي
ناموس وڌڻ ڪري چاروءَ کي اِهو به نقصان پهتو. هنجو
سٽن سٽڻ ۽ لڪائي ڇپائي پانن چورائڻ جو مزو ويندو
رهيو. هينئر ڪنهن به قسم جي ڪمي ڪانه هئي؛ پان
ازخود امل جي اڳيان پهچي ويندا هئا.
اِنهيءَ کانسواءِ ڪئين اُپاون ڪندي اُما کي پنهنجي ايڪانت
ڪاميٽيءَ کان دور رکڻ ۾ جو آنند ملندو هون، هينئر
اُنهيءَ جي به ناس ٿيڻ جي نوبت اچي پهتي. هينئر
اُما کي پري رکڻ مشڪل ٿي پيو. اُما کي اِها ڳالهه
اصل ڪانه وڻي ته امل صرف چاروءَ کي ئي پنهنجي
اڪيلي ساٿڻ ۽ سمجهندڙ تسليم ڪري. هينئر هن سندن
طرفان اختيار ڪيل بيپرواهيءَ جو وياج سوڌو وير وٺڻ
ٿي چاهيو. اِنهيءَ ڪري هينئر سڀاويڪ امل ۽ چاروءَ
جي ڀيٽ يا ملاقات ٿينديئي هوءَ ٻنهي جي وچ ۾
پنهنجي ڇايا وجهي سندن سک جي سج تي گرهڻ لڳائي
ڇڏيندي هئي. اُما جي سڀاءَ ۾ انهيءَ اوچتي ڦير
گهير سبب امل ۽ چاروءَ کي هينئر ڪنهن به کل چرچي
ڪرڻ جو موقعو ملڻ مشڪل ٿي پيو.
هنجي ايڪانت ڪميٽيءَ ۾ اُما جو ائين ري ڪوٺيو شامل ٿيڻ جيتري
قدر چاروءَ کي اڻوڻندڙ لڳو، امل کي شايد اهڙو برو
معلوم نه ٿيو. هڪ بيپرواه ناريءَ جي دل پڻ آهستي
آهستي ڏانهس ڇڪجي رهي آهي، اِهو ڄاڻي امل اندر ئي
اندر ۾ آنند محسوس ڪرڻ لڳو.
پر چارو جڏهن اُما کي پريان ئي ايندو ڏسي آهستي چوندي هئي،
”هوءَ ته اچي پيئي.“ تڏهن امل به چوندو هو، ”اچي
ويئي ڇا؟ ماري رکيائين!“ سنسار جي ٻين سڀني ماڻهن
لاءِ ناراضگي ظاهر ڪرڻ جي امل کي عادت پئجي ويئي
هئي، سو اُها يڪدم ڪئن مٽجي! نيٺ اُما جڏهن ڀرسان
اچي بيهندي هئي تڏهن ڄڻ زوريءَ آءُ ڀاءُ ڪرڻ سانگي
چوندو هو، ”ڪهڙي خبر آهي اما ڀاڀي؟ اڄ پانن جي دٻي
کي ڪو ڌاڙو وغيره لڳو آهي يا نه؟“
|