امل انهيءَ باري ۾ وڌيڪ ڪوبه بحث ڪونه ڪيو. دل ۾ ايترو سمجهي
ويو ته چاروءَ سندن باري ۾ ڀائوءَ سان ڪا اهڙي
ڳالهه ڪئي آهي جا هنکي ڪرڻ نه کپندي هئي.
امل گهر مان ٻاهر نڪري رستي تي اچ وڃ ڪرڻ لڳو. هنجي دل چاهڻ لڳي
ته هو وري انهيءَ گهر ۾ واپس موٽي نه وڃي.ڀائوءَ
جيڪڏهن ڀاڀيءَ جي ڳالهه تي اعتبار ڪري کيس اپراڌي
سمجهيو آهي ته کيس به اُهو ئي رستو اختيار ڪرڻ کپي
جيڪو اُما کي وٺڻو پيو آهي. زبان سان برابر ڪنهن
ڪجهه چيو ڪونه هو. پر اُما کي ائين اُماڻڻ ڄڻ امل
لاءِ گهر نيڪاليءَ جو اڻ سڌو حڪم هو. انهيءَ بعد
هنجو رستو بلڪل صاف هو. هينئر هڪ پل به هتي وڌيڪ
رهڻ نه گهرجي. مگر هن ائين به نٿي چاهيو ته ڀائوءَ
جي دل ۾ سندس واسطي هڪ بي بنياد وهم گهر ڪري وهي.
هيترن سالن کان ڀوپتي مٿس اٽل وشواس رکي کيس
پاليندو آيو هو. امل ڪڏهن به انهيءَ وشواس جو
ناجائز فائدو ڪو نه ورتو هو. ڀائوءَ کي اها ڳالهه
سمجهائڻ کانسواءِ هن اِتان ائين هليو وڃڻ ٺيڪ نه
ٿي سمجهيو.
ڀوپتي اُنهيءَ وقت مٿي کي هٿ ڏيئَي عزيزن جي وشواس گهات،
قرضدارن جي تقاضائن ۽ منجهيل حساب جي ڳڻتين ۾ ٻڏو
پيو هو. انهيءَ گهور مصيبت ۾ هنکي ڪو به ساٿي يا
همدرد نظر نه ٿي آيو. اِنڪري انهيءَ آپدا کي اڪيلي
سر منهن ڏيڻ لاءِ هو پنهنجون ساريون شڪتيون ڪٺيون
ڪري رهيو هو.
اهڙي وقت امل طوفاني هوا جي جهوٽي جيان هنجي ڪمري ۾ اندر لنگهي
آيو – ڀوپتي ڄڻ پنهنجي اٿاه چنتائن مان اوچتو ڇرڪ
ڀري هنڏانهن نهاريو ۽ پڇيائين، ”ڪهڙي خبر آهي
امل؟“ هنکي اهائي خاطري هئي ته امل به ڪنهن نئَين
آفت جو ئي سماچار کڻي آيو آهي.
امل چيو، ”ڀائو، ڇا مون ۾ گمان آڻڻ جو ڪو ڪارڻ بڻيو آهي؟“
ڀوپتيءَ اچرج وچان چيو، ”تو ۾ گمان؟“ پر اِتيئي من ۾ ويچار آيس
ته ڪهڙو عجب! دنيا جهڙي ڏسجي پيئي تنهن ۾ شايد
ڪنهن ڏينهن امل ۾ به شڪ آڻڻو پوي.
امل پڇيو، ”ڇا، ڀاڀيءَ منهنجي چال جي باري ۾ توهان وٽ ڪا شڪايت
ڪئي آهي؟“
ڀوپتيءَ سوچيو اوه، اها ڳالهه آهي! خير، جيءَ ۾ ساه ته پيو! هو
سمجهي ويٺو هو ته ڪا ٻي بدقسمتي ڪڙڪڻ تي آهي. پر
اِنسان کي اهڙي سخت سنڪٽ جي وقت ۾ به اهڙين خسيس
ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيڻو ئي پوي ٿو. دنيا هڪ طرف
اِنسان مٿان مصيبتون آڻي ٿي ته ٻئي طرف هنکي
زندگيءَ جي ڏکئي پيچري تان سنڀالي هلڻ جي تاڪيد
ڪندي ٿي رهي. دنيا جو دستور ئي اهڙو آهي.
ٻيو وقت هجي ها ته ڀوپتي امل تي ٺٺولي ڪرڻ کان ڪين رهي ها پر اڄ
هو انهيءَ مزاج ۾ نه هو. هن چيو، ”تون پاڳل ته
ڪونه ٿي ويو آهين؟“
امل وري پڇيو، ”ڀاڀيءَ ڪجهه ڪونه چيو آهي.“
”هوءَ توکي پيار ٿي ڪري، تنهنڪري هن جيڪڏهن ڪجهه چيو به هجي ته
به توکي ڪاوڙ ڪرڻ نه گهرجي.“
امل کن ترسي چيو، ”منهنجو ويچار آهي ته مان ڌنڌي ڌاڙيءَ جي ڳولا
ڪرڻ لاءِ ڪيڏانهن ٻاهر وڃان.“
اهو ٻڌي ڀوپتيءَ هنکي ڌمڪي ڏيئي چيو، ”امل، تون هيءَ ٻاراڻي
ڇاجي ڪري رهيو آهين؟ پهرين پڙهي لکي پورو ڪر. ڌنڌي
ڌاڙيءَ ڪرڻ جو وقت اڃا ويو ڪونهي.“
امل اُداس منهن کڻي اُتان هليو ويو ۽ ڀوپتي کاتي جو ڪتاب کڻي
حساب ملائڻ ويٺو.
----- ----- ------
امل دل ۾ اهو فيصلو ڪري ويٺو هو ته ڀاڀيءَ سان هڪ دفعو نبيرو
ضرور ڪبو ۽ انهيءَ ڳالهه کي ختم ڪرڻ کانسواءِ ائين
ڇڏي ڪونه ڏبو. ڀاڀيءَ کي جيڪي تکيون لميون ڳالهيون
چوڻيون هيس، دل ئي دل ۾ اُنهن جي ياداشت به ٺاهي
رکي هئائين.
چاروءَ جو ويچار هو ته اُما جي اُسهڻ بعد هوءَ خود امل کي سڏائي
هنجي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪري ڇڏيندي؛ پر سڏائڻو ڪنهن ليک
ٻڌائڻ جي بهاني هوس. امل جي هڪ ليک جي ڍنگ تي هن
به ”اُماس جو پرڪاش“ نالي هڪ ليک لکي رکيو هو.
چاروءَ کي خبر هئي ته امل کي سندس آزاد لکڻي پسند
نه آهي.
پورڻماسي پنهنجو سمورو پرڪاش لٽي ٿي ڇڏي، اِنهيءَ لاءِ چاروءَ
هنتي خوب ڦٺ لعنت وجهي هنکي شرمايو هو! هن لکيو
هو، ”اُماس جي اٿاه انڌڪار جي ذري ذري ۾ سورهن
ڪلائن واري چندرما جو سمورو پرڪاش سمايو پيو آهي.
اُنهيءَ پرڪاش جو هڪ ذرو به زيان نه ٿيو آهي.
انهيءَ ڪريئَي اُماس جي ڪارنهن پورڻماسيءَ جي
چانڊوڪيءَ سان ڀري پيئي آهي!“
امل پنهنجا سڀ ليک سڀني اڳيان ظاهر ڪري ڇڏيندو هو پر چارو پاڻ
ائين ڪانه ڪندي هئي. ڇا پورڻماسيءَ ۽ اُماس جي ڀيٽ
ڪرڻ ۾ هنجو اِنهيءَ ڳالهه ڏانهن ئي اشارو هو؟
هوڏانهن ڀوپتي قرض جي بوجي کان ڇوٽڪاري پائڻ لاءِ پنهنجي گهري
دوست موتيلعل وٽ ويو هو.
ڀوپتيءَ موتيلعل کي سندس ڏکئَي وقت ۾ ڪئين هزار روپيه اُڌار ڏنا
هئا ۽ اڄ گهرج پوڻ تي هنکان اُنهن روپين جي تقاضا
ڪرڻ ويو هو. موتيلعل سنان پاڻي ڪري پنهنجي اُگهاڙي
بدن تي وڃڻي سان هوا ڪري رهيو هو ۽ اڳيان ڪاٺ جي
پيتيءَ تي پنو رکي، اُنهيءَ تي ننڍن ننڍن اکرن ۾
هزارين دفعا درگا جو نالو لکي رهيو هو. ڀوپتيءَ کي
ڏسي هن نهايت پيار ۽ آدر سان چيو، ”اچو اچو، اڄ
ڪلهه ته توهين ڏسڻ کان ئي مهانگا ٿي ويا آهيو!“
پر روپين جي ڳالهه ٻڌي هن، لوڪ توڙي پرلوڪ جي چنتا ڪندي چيو،
”ڪهڙن روپين جي ڳالهه ٿا ڪريو؟ ڇا مون توهان کان
ڪجهه ورتو آهي؟“
ڀوپتيءَ جڏهن هنکي سال ۽ تاريخ وغيره ياد ڏياري تڏهن چيائين،
”اوه! پر اِنهيءَ رقم جي مدي خارج ٿئي ته اِلاهي
ڏينهن ٿي ويا آهن.“
ڀوپتيءَ جي نگاه ڄڻ دنيا جي چؤطرف ڦري ويئي. دنيا جي جنهن ڀاڱي
تان مٿيون نقاب لهي ڪري پيو هو، اُنهي ڀاڱي کي ڏسي
ڀوپتيءَ جي ڌرن ڏڪي ويئي! اوچتي ٻوڏ ٿيڻ جي جيئَن
هيسيل انسان جيڏانهن مٿاهين ڏسندو آهي اوڏانهن
ڀڄندو آهي، ڀوپتي به ساڳي طرح دوکيباز دنيا کان
بچڻ لاءِ نهايت تيزيءَ سان پنهنجي گهر ڏانهن ڀڄڻ
لڳو. من ۾ چوڻ لڳو: دنيا ۾ ٻيو ڪجهه به هجي، گهٽ ۾
گهٽ منهنجي چارو ته مونکي دوکو ڪانه ڏيندي.
چارو اُنهيءَ وقت کٽ تي ويهي، گود ۾ وهاڻو ۽ وهاڻي تي ڪاپي رکي
ڪنڌ جهڪائي ڪجهه لکي رهي هئي. ڀوپتي جڏهن هنجي
بلڪل ڀرسان اچي بيٺو تڏهن مس هنکي هوش آيو ۽ هوءَ
هڪدم ڪاپي گوڏي هيٺان لڪائي سڌي ٿي ويهي رهي.
دل ۾ جڏهن درد هوندو آهي تڏهن هڪ خسيس ڳالهه به سخت چوٽ
پهچائيندي آهي. چاروءَ کي ائين ڪاپي لڪائيندو ڏسي
ڀوپتيءَ جي دل کي تمام گهري چوٽ رسي.
ڀوپتي آهستي چاروءَ جي ڀرسان ويهي رهيو. چارو پنهنجي ليک لکڻ ۾
اوچتي رنڊڪ پوڻ سبب ۽ ڀوپتيءَ جي نگاهن سامهون
ائين تڙ تڪڙ ۾ ڪاپي لڪائڻ سبب اهڙي ته گهٻرائجي
ويئي جو هنجي وات مان هڪ لفظ به اُڪلي نه سگهيو.
اڄ ڀوپتيءَ کي پنهنجي طرفان ڪجهه چوڻو يا چوارائڻو ڪو نه هو. هو
خالي هٿين چاروءَ وٽ عرضدار بڻجي آيو هو. چاروءَ
وٽان محبت جو هڪ لفظ ئي هنجي ڦٽن تي ملم جو ڪم ڪري
سگهي ها پر اِنهيءَ ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ چاروءَ
کان پريم – خزاني جي ڪنجي ڳوليندي به ڪانه لڌي ۽
ٻنهي جي ڪٺور خاموشيءَ سبب ڪمري جي اڪيلائي سهڻ
کان سرس بڻجي ويئي.
ڪجهه منٽ بلڪل چپ رهڻ بعد ڀوپتي هڪ اونهو ساه کڻي کٽ تان اُٿيو
۽ ڌيري ڌيري ٻاهر هليو ويو.
امل به اُنهيءَ ئي وقت ڪوڙين ڳالهين جي شاهي ڀري سر تي ڍوئيندو
تڪڙو تڪڙو جئن چاروءَ جي ڪمري ڏانهن پئي ويو تئَن
وچ ۾ ئي ڀوپتيءَ جو نهايت سڪل ۽ سفيد چهرو ڏسي
روڪجي ويو. چيائين، ”ڀائو، توهانجي طبيعت ته ٺيڪ
آهي نه؟“
اوچتو امل جو رسيلو آواز ٻڌي ڀوپتيءَ جي دل ڄڻ سڏڪن سان ڀرجي
ويئي. ڪجهه گهڙيون ته هنجي وات مان هڪ اکر به ڪين
نڪتو. نيٺ زبردستي پاڻ سنڀالي هن ڀريل آواز ۾ چيو،
”ها، ٺيڪ آهي. پر امل، هن دفعي اخبار ۾ تنهنجو ڪو
ليک ڇپجي رهيو آهي ڇا؟“
امل جيڪي ڪؤڙيون ڪؤڙيون ڳالهيون ڪٺيون ڪري آيو هو، اُهي نه
معلوم ڪيڏانهن ڪافور ٿي ويس. هن هڪدم چاروءَ جي
ڪمري ۾ پهچي سوال ڪيو، ”ڀاڀي، ڀائوءَ کي ڇا ٿيو
آهي؟ ٻڌاءِ ته.....“
چاروءَ چيو، ”ڇا آهي، مونکي ته ڪابه خبر ڪانهي! شايد ٻئي ڪنهن
اخبار واري سندس اخبار کي گهٽ وڌ ڳالهايو هوندو!“
امل ڪنڌ ڌوڻڻ لڳو.
بنا ڪوٺائڻ جي امل پاڻيهي هليو آيو آهي ۽ سڀاويڪ طور ڳالهه
ٻولهه ڪري رهيو آهي. اهو ڏسي چارو ڏاڍي خوش ٿي
اُٿي. هن هڪدم ليک جو ذڪر ڇيڙي چيو، ”سويل مون
’اُماس جو پرڪاش‘ ليک ويٺي لکيو ۽ هڪدم خبردار نه
ٿيان ها ته هُو ضرور ڏسي وٺي ها.“
چاروءَ کي اِها خاطري هئي ته امل هنجي نئَين ليک جي ڳالهه ٻڌي
اُتاولو ٿي ويندو ۽ ٻڌڻ لاءِ زور ڀريندو. اِنهيءَ
مقصد سان هن گوڏي هيٺان ڪاپيءَ جي ڪنڊ ڪڍي ذرا
هيڏانهن هوڏانهن پڻ ڦيرائي. پر امل چاروءَ جي چهري
ڏانهن هڪ دفعو ڪرڙي نگاه سان ڏٺو ۽ نه معلوم ڇا
ڏٺائين ۽ ڇا سوچيائين. ۽ پوءِ هڪدم ڇرڪ ڀري اُٿي
کڙو ٿيو؛ گويا راهگير پهاڙي پيچڙي تان هلندي
هلندي، اوچتو اڳيان بادلن جي ڪوهيڙي: دور ٿيڻ تي
ڏٺو ته هو هزارين فوٽ هيٺ اونداهي اوڙاه ۾ قدم ڌري
رهيو هو. امل بنا ڪجهه چوڻ يا پڇڻ جي ٻاهر هليو
ويو.
چارو امل جي اِنهيءَ نرالي روش جو ذرو به مطلب سمجهي نه سگهي.
----- ----- ------
ڀوپتيءَ وري ٻئي ڏينهن به سيج ڀؤن ۾ ڪمهلو آيو، استريءَ کي
چيائين، ”چارو، امل لاءِ هڪ ڏاڍي سٺي مائٽي آئي
آهي.“
چارو جو من ڪنهن ٻئي هنڌ پئي ڀٽڪيو. پڇيائين، ”ڇا سٺي آئي آهي؟“
”مائٽي.“
”ڇا. هاڻي مان پسند ڪانه ٿي پوان.“
ڀوپتي زور سان ٽهڪ ڏيڻ لڳو. چيائين، ”تون پسند آهين يا نه. اها
ڳالهه اڃا امل کان پڇي ڪانه اٿم. پر جيڪڏهن پسند
هجين به کڻي ته به منهنجو به ته ٿورو گهڻو حق آهي!
۽ مان ٿو پنهنجو حق ائين ڇڏيان!“
چاروءَ جو منهن سڪي ويو. ”اوف، هي اڄ چئو ڇا پيا. توهان هينئر
ڪونه چيو ته توهانجي لاءِ هڪ مائٽي آئي آهي؟“
ڀوپتيءَ چيو، ”ائين هجي ها ته هينئر تو وٽ ڊوڙندو اچان ها. ڪنهن
انعام وغيره جي اُميد ته هئي ڪانه!“
”ته ڇا امل جي مائٽي آئي آهي؟ ٺيڪ آهي، دير وجهڻ جي ڪهڙي ضرورت
آهي، ڪري ڇڏيو.“
”بردوان جو وڪيل رگهناٿ بابو پنهنجي ڌيءُ جو امل سان وهانؤ ڪري
هنکي ولائت موڪلڻ ٿو چاهي.“
چاروءَ حيرت وچان چيو، ”ولايت.“
”ها، ولايت.“
”امل ولايت ويندو؟ ڏاڍو سٺو! توهين هن کان به ته هڪ دفعو پڇي
ڏسو!“
”منهنجو ويچار آهي ته منهنجي چوڻ کان اڳي هڪ دفعو تون هنکي
سمجهائي مڃائين ته بهتر ٿيندو.“
”مان ته هزار دفعا چئي چڪي آهيان پر هو منهنجي ڳالهه مڃي ڪٿي
ٿو؟ مان هاڻي وڌيڪ ڪانه چونديس.“
”ڇا تون سمجهين ٿي ته هو قبول ڪونه ڪندو.“
”اڳي به ته ڪئين دفعا ڪوشش ڪئي اٿو. ڪڏهن مڃيو ته ڪونه اٿس.“
”مگر هن دفعي هن مائٽيءَ کي ڇڏڻ هن لاءِ چڱو نه ٿيندو. مون تي
چڱو قرض چڙهي ويو آهي. هينئر مان هنکي اڳي جيان
رکي نٿو سگهان.“ ۽ هن بروقت ئي امل کي سڏائي
چيو،”امل، بردوان جو بابو رگهناٿ وڪيل پنهنجي ڌيءُ
جي مائٽي توسان ڪرڻ ٿو چاهي. هنجي مرضي آهي ته
شادي ٿي وڃڻ بعد توکي ولايت پڙهڻ موڪلي. تنهنجي ڇا
مرضي آهي؟“
امل وراڻيو، ”جيڪڏهن توهانجي آگيا هجي ته مون کي ڪنهن به قسم جو
اعتراض ڪونهي.“
امل جي ڳالهه ٻڌي ٻنهي کي بيحد عجب لڳو. ٻنهي مان ڪنهن کي به
اهڙي اُميد ڪانه هئي ته هو هڪ دفعي چوڻ مان ئي
راضي ٿي ويندو.
چاروءَ ٺٺولي ڀرئي آواز ۾ چيو، ”ٺيڪ آهي. ڀائوءَ جي آگيا هجي ته
هنکي ڪوبه اعتراض نه آهي. ذرا ڏسوس ته سهين، ڪهڙو
نه آگيا ڪاري ڀاءُ آهي! بابو صاحب، هيلتائين
ڀائوءَ جي ايڏي مڃتا ڪٿي لڪي پيئي هئي؟“
امل ڪوبه جواب نه ڏيئي مشڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
امل کي خاموش رهندو ڏسي چاروءَ ڄڻ هنکي ڀڙڪائڻ لاءِ وري چيو،
”ائين ڇونه ٿو چوين ته هاڻي منهنجي ئي دل ٿي آهي.“
ڀوپتيءَ کلي چيو، ”امل هيلتائين تنهنجي ڪريئي بگلو ڀڳت بڻيو
ويٺو هو ته متان ڏيراڻيءَ جي ڳالهه ٻڌي تنهنجي دل
۾ ساڙ پيدا ٿئي.“
چاروءَ جو چهرو سرخ ٿي ويو ۽ شور مچائي چوڻ لڳي، ”ساڙو! ها
ڇونه! اها توهانجي سخت بي انصافي آهي.“
”ڏس ڀائي، پنهنجي استريءَ سان ايترو چرچو به نٿو ڪري سگهان.“
”مونکي اهڙا چرچا پسند نه آهن.“
”چڱو بابا، سخت گناه ٿيو؛ معاف ڪر! پر شاديءَ جي ڳالهه ته پڪي
ٿي ويئي نه؟“
امل هڪدم چيو، ”ها.“
چارو چيو، ”“ايترو ڌيرج به نٿو ڌري سگهين جو کڻي پڇين ته ڇوڪري
ڪيئن آهي، سٺي آهي يا خراب آهي! مونکي ته خواب
خيال به ڪونه هو ته تنهنجي اهڙي وڃي دردشا ٿي
آهي.“
اها ڳالهه ٻڌي ڀوپتيءَ چيو، ”امل ڇوڪري ڏسڻ چاهين ته اُنهيءَ جو
به انتظام ٿي سگهي ٿو. مون پنهنجي سر پڇا ڪئي آهي
ته ڇوڪري تمام سهڻي ۽ سٺي آهي.“
”نه، ڏسڻ جو ضرور ئي ڪونهي.“
پر چاروءَ يڪدم چيو، ”ٻڌينس ڳالهه؛ ڇوڪري ڏسڻ کانسواءِ مائٽي ٿي
ويندي! تنهنجي مرضي نه آهي ته ڀلي نه ڏس. باقي گهٽ
۾ گهٽ مان ته ضرور ڏسنديس.“
امل چيو، ”نه ڀائو، ڏسڻ ڪرڻ ۽ اجائي دير وجهڻ جو ڪوبه ضرور
ڪونهي.“
چاروءَ چيو، ”ها، بلڪل ٺيڪ آهي. قسمت جو لڌو ڪنهن پاتو آهي!
بابو صاحب هينئر ئي مڪٽ ٻڌي روانا ٿي وڃو ته متان
توهانجي انهيءَ املهه خزاني کي ڪو ٻيو نه لٽي
وڃي!“
پر امل کي چاروءَ جي ڪيتري به ٺٺولي بي صبر ڪري نه سگهي.
چاروءَ وري چيو، ”ڪئن بابو صاحب، ولايت ڀڄڻ لاءِ هينئر کان ئي
دل ڦڙ ڦڙ ڪري رهي آهي؟ ڇا هتي توکي ڪير زبردستيءَ
ٻڌي ويٺو آهي؟ اڄ ڪلهه جي نؤجوانن کي ٽاءِ ٽوپلي
پائڻ کانسواءِ رات جو ننڊ ئي ڪين اچي. ٺيڪ آهي
بابو صاحب، پر ولايت مان موٽي اسان جهڙن ڪارن
ماڻهن کي سڃاڻي سگهندا؟“
امل چيو، ”ته هونءَ باقي ولايت وڃڻ جو ضرور ڪهڙو؟“
ڀوپتيءَ کلي چيو، ”ڪاري روپ کي وسارڻ لاءِ ئي ته ست سمنڊ جهاڳڻا
آهن. پر انهيءَ ۾ ڊڄڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي چارو؟ مان
ته آهيان نه! ڀارت ديس ۾ ڪاري روپ جي ڀڳتن جي اڻاٺ
ڪانه رهندي.“
ڀوپتي خوش ٿي بروقت ئي بردوان کي چٺي لکي موڪلي.
شاديءَ جي تٿ به مقرر ٿي ويئي.
----- ----- ------
اِنهيءَ وچ ۾ ڀوپتيءَ کي اخبار بند ڪرڻي پيئي. هينئر هو اِنهيءَ
جو بار کڻي نه سگهيو. هيترن ڏينهن کان هو جنهن
ساڌن کي ايڪاگر چت سان ساڌيندو آيو هو هينئر
اُنهيءَ کي هڪ گهڙيءَ ۾ ئي ٽوڙڻو پيس. پوين ٻارهن
سالن کان ڀوپتيءَ جي زندگيءَ جا سڀ اُدم ۽ نيم
جنهن واقف مارگ تان بنا ڪنهن هٽڪ جي هلندا پئي
آيا، اڄ اُهو مارگ ڄڻ اوچتو اُٿل جي پاڻيءَ هيٺ
ٻڏي ويو. ڀوپتي ايڏي مصيبت لاءِ تيار نه هو. هاڻي
هو پنهنجن اُدمن ۽ نيمن کي ڪهڙي راه تان هلائي؟
اُهي ڄڻ بکايل ۽ ڀٽڪيل اناٿن جيان سندس منهن تڪڻ
لڳا. ڀوپتي تڏهن لاچار ٿي اُنهن کي پنهنجي گهر ۾
دياوان شيواڌارڻ استريءَ جي سامهون وڃي کڙو ڪيو.
۽ استريءَ اُنهيءَ وقت ڇا پئي سوچيو، هن دل ئي دل ۾ پئي چيو،
ُڪهڙي نه اچرج ڀري ڳالهه آهي! امل جو وهانءُ
ٿيندو، اِها ته سٺي ڳالهه آهي! پر هيترن ڏينهن بعد
اسان کي ڇڏي، ڌارئي گهر شادي ڪري ولايت هليو
ويندو، اِنهيءَ ويچار امل جي دل ۾ فقط هڪ دفعو، هڪ
مختصر گهڙيءَ لاءِ به ذري اُداسي پيدا نه ڪئي؟
هيترا ڏينهن اسان هنکي هيڏي جتن سان سنڀاليو،
اُنهيءَ جو ڪوبه خيال نه ڪري، هنکي جئن ئي ڀڄڻ جو
وجهه مليو تئن هڪدم ڪمرڪشي تيار ٿي ويو! ڄڻ هيترا
ڏينهن اِنهيءَ جي ئي تاڪ ۾ هو. ۽ زبان سان ڪهڙيون
نه مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪندو هو! ڪيڏو نه پريم! سچ
آهي، انسان کي پروڙڻ ڪٺن آهي. ڪنهن کي خبر هئي ته
جو ماڻهو هيڏا ليک لکي سگهي ٿو اُنهيءَ جي سيني ۾
دل ئي ڪانه هوندي.
پنهنجي دل سان ڀيٽ ڪندي چارو امل جي دل کي بيحد تڇ ظاهر ڪرڻ جي
ڪوشس ڪئي پر سوڀاري نه ٿي! سندس دک ۽ ڪاوڙ کيس
اندر ئي اندر تتل ڀالن جيان ڏنڀي، سندس اهنڪار کي
ڀڙڪائڻ لڳا.
امل جيتوڻيڪ ٻئي ڏينهن تي هليو وڃڻو هو پر تنهن هوندي به هيترن
ڏينهن ۾ هنجو ڪو پتو ڪونه پيو. ٻنهي جي وچ ۾ جيڪو
دلين جو ويڇو پئجي ويو هو، اُنهيءَ کي مٽائڻ لاءِ
هنکي فرصت ئي ڪانه هئي. چارو کڻ کڻ ۾ اِئين ئي
سوچيندي هئي ته امل پاڻيهي ايندو. هيترن ڏينهن جي
دوستيءَ کي هو ائين ٽوڙي ڪين ڇڏيندو؛ مگر امل ڪونه
آيو. آخر جڏهن ولايت اُسهڻ جو ڏينهن بنهه ويجهو
اچي پهتو، تڏهن چاروءَ خود امل کي سڏايو.
امل چوائي موڪليو، ”ٿوريءَ دير ۾ اچان ٿو.“
چارو اُتيئي ورانڊي ۾ هڪ ڪرسيءَ تي ويهي رهي. صبح کان ئي جهڙ
هئڻ سبب اونده ٿي ويئي هئي. چارو پنهنجن کليل وارن
کي اڌو گابرو ٻڌي پنهنجي ٿڪل بدن تي آهستي آهستي
وڃڻي سان هوا ڪرڻ لڳي.
پريان ديول جي گهڙيال ۾ يارهن جا ٺڪاءَ لڳا. سنان پاڻي ڪري
ڀوپتي هينئر ڀوڄن ڪرڻ ايندو! اڃا اڌ ڪلاڪ آهي.
هينئر به جيڪڏهن امل اچي وڃي! ڪئن به هجي، هنکي
اِنهيءَ ويڇي کي مٽائڻ گهرجي. امل کي ائين وداع
ڪين ڪندي! هيتري عرصي کان اِنهيءَ هم عمر ڏير
ڀاڄائيءَ جو جيڪو سٻنڌ هلندو آيو هو جنهن ۾ انيڪ
دفعا رسڻ پرچڻ، وڙهڻ کيڏڻ ۽ پيار ڀريو ظلم ٿيندو
آيو هو ۽ پوتر پريم جي لوڙهي سان گهيريل جيڪو چمن
پوکجي چڪو هو، ڇا امل اڄ اُنهيءَ کي ائين اُجڙ ڪري
ايڏو دور هليو ويندو؟ ڇا هنکي ذرو به ارمان نه
ٿيندو؟ ڇا پڇاڙيءَ ۾ اِنهيءَ چمن جي ٻوٽن کي هڪ
دفعو پاڻي به ڪين ڏيندو؟ ڏير ڀاڄائيءَ جي پوتر
پريم جو پاڻي؟
اڌ ڪلاڪ پوري ٿيڻ تي هو. اڌو گابرو ويڙهيل وارن کي وري ڇوڙي
چارو اُنهن جي هڪڙي چڳ پنهنجي آڱر تي ويڙهڻ ۽ کولڻ
لڳي. روڪڻ جي ڪيتري ڪوشش ڪندي به هوءَ پنهنجا لڙڪ
روڪي نه سگهي. داسيءَ اچي چيو، ”سائڻ، بابوءَ لاءِ
آچار ڪڍڻو آهي.“
چارو ساڙهيءَ جي پلؤ مان ڪنجن جو ڇڳو کولي داسيءَ جي پيرن ۾ کڻي
اُڇليو. هوءَ وائڙي ٿي ڪنجيون کڻي هلي ويئي.
چاروءَ جي سيني مان ڄڻ ڪجهه ٻاهر نڪرڻ لڳو.
مقرر وقت تي ڀوپتي مشڪندو ماني کائڻ ويٺو. چارو جئن پنکو کڻي
چؤنڪي ۾ گهڙي تئَن ڏٺائين ته امل به اُتي ويٺو
آهي. چاروءَ هنڏانهن نهاريو به ڪين.
امل پڇيو، ”ڀاڀي، مونکي سڏايو هوءِ؟“
چاروءَ ورندي ڏني، ”ٺهيو، هينئر ضرور ڪونهي.“
”ته مان وڃان؟ الاهي ڪم رهيا پيا آهن!“
چاروءَ هڪ دفعو ٻرندڙ اکين سان هنڏانهن نهاريو؛ پوءِ چيائين،
”ڀلي.“
امل به چاروءَ ڏانهن هڪ دفعو نهاري هليو ويو. ڀوپتي هميشهه روٽي
کائڻ بعد ڪجهه وقت چاروءَ وٽ وهندو هو. پر اڄ ڏي
وٺ ۽ حساب ڪتاب جي جهنجهٽ ۾ لڳل هو، انهيءَ ڪري
سڀاويڪ گهڻو وقت ترسي نه ٿي سگهيو. انهيءَ ڪري ذرا
ارمان وچان چيائين، ”اڄ مان گهڻو وقت ڪونه ترسندس.
ڪم تمام گهڻو رهيو پيو آهي.“
”ته وڃو نه. ڪير ٿو جهليوَ!“
ڀوپتيءَ سمجهيو، چارو رٺي آهي. چيائين، ”انهيءَ جو مطلب اهو ته
ڪونهي ته هڪدم هليو وڃان. ٿورو وقت آرام ڪري پوءِ
ويندس.“ پر هن ڏٺو ته چارو حد اُداس آهي. ڀوپتي
ڪيترو وقت ڀاري دل سان ويٺو رهيو پر ڪنهن به طرح
گفتگوءِ جو سلسلو جاري ڪري نه سگهيو. بيسود ڪوشش
بعد آخر چيائين، ”امل ته سڀاڻي هليو ويندو، پهريان
ٿورا ڏينهن توکي تمام اڪيلائي محسوس ٿيندي.“
چارو بنا ڪنهن جواب ڏيڻ جي ڪنهن شيءِ آڻڻ جي بهاني ڀر واري ڪمري
۾ ويئي هلي. ڀوپتي ڪجهه منٽ هنجي راه تڪيندو رهيو.
پوءِ هو به ٻاهر هليو ويو.
اڄ امل جي شڪل ڏسي چارو سمجهي ويئي هئي ته هنن ٿورن ڏينهن ۾ ئي
هو بدن ۾ تمام ڳري ويو آهي. هنجي چهري تان جوانيءَ
جي اُها جهلڪ ئي اُڏامي ويئي هئي. اِنهيءَ ڳالهه
چاروءَ کي ڪجهه دک رسايو ۽ ڪجهه خوشي ڏني. سندس
جدائيءَ ئي امل کي اهڙو سڪائي ڇڏيو آهي اِنهيءَ ۾
چاروءَ کي ذرو به شڪ نه رهيو؛ پر پوءِ به هو اهڙو
وهنوار ڇو ڪري رهيو آهي؟ هو دور دور ڇو پيو ڀڄي؟
موڪلاڻيءَ جي آخرين گهڙيءَ به هو اهو جدائيءَ جو
داغ قائم رکڻ ڇو ٿو چاهي؟
بستري تي ليٽي چارو اهي ڳالهيون سوچيندي اوچتو اُٿي کڙي ٿي
ويٺي. هنجي دل تي اُما جي ياگيري تري آئي. ڇا هنکي
اُما سان اهڙو پيار ٿي ويو آهي؟ اُما جي جدائيءَ ۾
ئي هنجو اهڙو حال؟ ڇه ڇه! ڇا امل جي دل اهڙي تڇ ٿي
سگهي ٿي؟ ڇا هو اهڙو نيچ آهي، جو هڪ پرڻيل استريءَ
سان محبت ڪري؟ ناممڪن! چارو انهيءَ گمان کي دور
ڪرڻ جي حد ڪوشش ڪئي پر اُنکي مٽائي نه سگهي.
اهڙيءَ طرح موڪلاڻيءَ جي آخرين گهڙي به اچي پهتي پر گمان جا
بادل ڪين هٽيا.
امل اندر اچي ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ”ڀاڀي، منهنجي اُسهڻ جو وقت اچي
ويو. تون ڀائوءَ جي سنڀال لهندي رهج! هن وقت هو
سخت مصيبت مان لنگهي رهيو آهي توکانسواءِ هنجو ٻيو
ڪوبه مددگار ڪونهي.“
ڀوپتيءَ جي اُداس ۽ ملول منهن کي ڏسي امل هنجي سڄي حالت ڄاڻي
ورتي هئي. ڀوپتي ڪهڙي طرح چپ چاپ دک ۽ مصيبت کي
اڪيلو منهن ڏيئي رهيو آهي ۽ جيتوڻيڪ هنکي ڪنهن
وٽان به همدردي ۽ مدد ڪانه ٿي ملي پر پاڻ تنهن
هوندي به پنهنجي اجهي هيٺ رهندڙ سڄڻن ۽ مترن کي
ايڏي سنڪٽ سمي ۾ به ڪا تڪليف پهچڻ نه ٿو ڏئي. انهن
سڀني ڳالهين جو خيال ڪري هو چپ رهيو. اُنهيءَ بعد
هو چاروءَ ۽ پاڻ بابت سوچڻ لڳو ۽ هنجا ڪن هڪدم سرخ
ٿي ويا ۽ هڪدم رڙ ڪري چيائين، ”جهنم ۾ وڃي آکاڙ جو
چندرما ۽ اُماس جو پرڪاش! مان جڏهن بئريسٽر بڻجي
ڀائوءَ کي ڪجهه مدد ڪريان تڏهن ئي مرد ليکبس؟“
گذريل ساري رات جاڳي چارو اهو ئي سوچيندي رهي ته موڪلاڻيءَ جي
آخرين گهڙيءَ وقت هوءَ امل کي ڇاڇا چوندي. خاص خاص
لفظ چوندي هن اُنهن کي دل ئي دل ۾ اڀمان ۽ ڪاوڙ جي
سراڻ تي گهي نوڪدار ڪري رکيو هو. مگر جڏهن اُها
گهڙي آئي تڏهن چاروءَ جي زبان مان هڪ اکر به اُڪلي
نه سگهيو. هوءَ فقط ايترو چئي سگهي، ”چٺي ته لکندو
رهندين نه؟“
امل ڌرتي ڇهي پرڻام ڪيو ۽ پوءِ ڊوڙ پائي پنهنجي ڪمري ۾ پهچي
دروازو اندران بند ڪري ڇڏيائين.
----- ----- ------
ڀوپتي بردوان ۾ امل جي شادي ڪرائڻ بعد هنکي ولايت روانو ڪري پاڻ
گهر موٽي آيو.
دنيا جي دوکن ۽ هرطرف کان ڌڪن کائڻ بعد ڀوپتيءَ جي دل ۾ هڪ قسم
جو ويراڳ پئدا ٿي ويو هو. سڀائون، ميڙ، ياري
دوستاري – هنکي ڪجهه ڪين اُجهندو هو. هو سوچيندو
هو؛ انهن سڀني ڳالهين ۾ مون پاڻ کي ئي ٺڳيو آهي.
زندگيءَ جا سکيا ڏينهن وئرٿ گذري ويا. حياتيءَ جو
مول حصو اڪيار ٿو لنگهي ويو.
ڀوپتي دل ئي دل ۾ چوندو هو. هڪ ڪري چڱو ڪيم جو اخبار بند ڪري
ڇڏيم. هاڻي پاڻ آزاد ٿيس. سنجها وقت اونده جو
اُهڃاڻ ڏسنديئي پکي جئن پنهنجن آکيڙن ڏانهن موٽندا
آهن، ڀوپتي به ساڳي طرح هيڏو عرصو ڪرکيتر ۾ لڙڻ
بعد هينئر اُنکان منهن موڙي گهر ۾ چاروءَ وٽ پهچي
ويو ۽ من ۾ ارادو ڪيائين ته بس، هاڻي ٻئي ڪنهن به
هنڌ ڪونه ويندس. هاڻي هتي ئي منهنجو ٺڪاڻو ٿيندو.
ڀوپتيءَ جي من تي شايد اهو انڇر ويٺل هو ته مرد کي استريءَ تي
اڌڪار ڄمائڻو ڪونه پوندو آهي. ڌرو تاري جيان استري
پنهنجي دل جو ديپڪ هميشہ روشن رکندي آهي. اُن ديپڪ
کي نه تيل جي ضرروت آهي ۽ نه ڪنهن طوفان ۾ اُجهائڻ
جو ئي ڊپ آهي. انهيءَ ڪري ٻاهر جڏهن سڀڪجهه ڊهڻ ۽
ڪرڻ شروع ٿيو تڏهن ڀوپتيءَ جي من ۾ ايترو خيال به
ڪونه آيو جو پنهنجي گهر اندر ليئَو پائي ڏسي ته
اُتي ته ڪا ڦوٽ ڪانه پيئي آهي.
ڀوپتي بردوان مان موٽيو ته شام ٿي ويئي هئي. هن جهٽ پٽ هٿ منهن
ڌوئي تڪڙو تڪڙو ماني کائي ورتي. هن سمجهيو ته چارو
سڀاويڪ امل جي شاديءَ ۽ هنجي ولايت اُسهڻ جو
سماچار سلسليوار ٻڌڻ لاءِ اُتاولي ٿي رهي هوندي،
انهيءَ ڪريئي هن هڪ گهڙي به اجائي نه وڃائي. ماني
کائي هڪدم سمهڻ جي ڪمري ۾ پهچي پلنگ تي وڃي ليٽيو
۽ چلم مان بڙڪا ڪڍڻ لڳو، پر چارو ڪانه آئي.
سمجهيائين؛ گهر جي ڪم هاج ۾ مشغول هوندي، ڄاڻ آئي.
تماڪ جلي وڃڻ بعد ڀوپتي جهوٽا کائڻ لڳو ۽ هر گهڙي
ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. هو سمجهي ڪين
سگهيو ته چارو اڃا ڇونه آئي آهي. آخر جڏهن وڌيڪ
رهيو نه ٿيس تڏهن ماڻهو موڪلي هنکي سڏائي ورتائين.
چارو آئي ته ڀوپتيءَ سوال ڪيو، ”چارو، اڄ هيڏي دير ڇو ڪيءِ؟“
چاروءَ ڪو به عذر نه ڏيئي چيو، ”ها، اڄ دير ٿي ويئي.“
ڀوپتيءَ چاروءَ جي اُتساه ڀريل سوالن جو انتظار ڪندو رهيو پر
چاروءَ ڪجهه ڪين پڇيو. اِنهيءَ روش ڀوپتيءَ کي ذرا
دک پهچايو ۽ هو سوچڻ لڳو: ڇا چاروءَ کي امل لاءِ
ذرو به پيار ڪونه هو؟ هو جيستائين هتي هو تيستائين
چارو هنسان خوب کلندي کيليندي رهي پر جئن ئي هو
هليو ويو تئن هنڏانهن ايڏي بيپرواهي! اهڙو رکو
وهنوار ڏسي ڀوپتيءَ جي من ۾ هڪ شڪ پيدا ٿيو: تڏهن
ڇا چاروءَ جي دل اهڙي گهري ڪانهي؟ ڇا هوءَ صرف کلي
۽ کيلي ئي ڄاڻي؟ ڪنهن سان پريم ۽ محبت نه ٿي ڪري؟
استرين لاءِ اهڙو ڪٺور سڀاءُ چڱو ته ڪونهي!
چاروءَ ۽ امل جي دوستيءَ مان ڀوپتيءَ کي آنند ملندو هو. هنن
ٻنهي جي ٻاراڻي، رسڻ پرچڻ ۽ صلاح ڪميٽيون هن لاءِ
خوشيءَ جو باعث هئا. چارو جو هميشہ امل جي
خاطرداري ڪندي هئي اُنهيءَ مان ڀوپتيءَ کي هنجي
ڪومل ۽ همدرد دل جي ثابتي ملندي هئي ۽ هو دل ئي دل
۾ تمام خوش ٿيندو هو. پر اڄ هُو تپرس ۾ پئجي ويو
ته ڇا اهي سڀ ڳالهيون فقط ظاهري هيون؟ هن جي دل ۾
سچ پچ ڪوملتا يا همدردي ڪانهي؟ ڀوپتي سوچڻ لڳو ته
جيڪڏهن چاروءَ جي دل ۾ همدردي ۽ محبت ڪانهي ته پاڻ
هينئر ٻيو ڪٿي وڃي اَجهو وٺي.
پر پڪ ڪرڻ لاءِ ڀوپتيءَ وري ڌيري ڌيري ڳالهه ڇيڙي، ”چارو، تون
ٺيڪ آهين نه؟“
چاروءَ مختصر جواب ڏنو، ”ها.“
”امل جو وهانءُ ته ٿي ويو.“
ايترو چئي ڀوپتي چپ ٿي ويو. چارو موقعي پٽاندڙ ڪا ڳالهه چوڻ
چاهي ٿي پر ڪجهه به چئي نه سگهي. بت بڻجي ويٺي
رهي.
ڪنهن به شيءِ يا ڳالهه کي غؤر سان ڏسڻ ڀوپتيءَ جو سڀاءُ ڪونه
هو. پر سندس دل ۾ جو امل جي جدائيءَ جو شوڪ ڀريل
هو اِنهيءَ ڪري چاروءَ جي ان بيپرواهيءَ کيس سخت
چوٽ رسائي. هن چاهيو ٿي ته ساڳي شوڪ ۾ رتل چاروءَ
سان امل جي باري ۾ ٻه چار ڳالهيون ڪري پنهنجي دل
جو بار ڪجهه هلڪو ڪري.
ڀوپتيءَ چيو، ”ڇوڪري شڪل جي ڏاڍي سهڻي ۽ سٺي آهي...... چارو،
ننڊ اچي ويَءَ ڇا؟“
”ويچارو امل اڪيلو هليو ويو. گاڏي جڏهن ڇٽڻ تي هئي تڏهن هو ٻارن
وانگر روئڻ لڳو. هنکي ائين رئندو ڏسي مان به
پنهنجن لڙڪن کي روڪي نه سگهيس. گاڏي ۾ ٻه انگريز
ويٺا هئا. مردن کي ائين رئندو ڏسي هنن کي ڏاڍو مزو
آيو.“
بتي جهڪي ڪري چارو پهرين ته پاسو ورائي سمهي پئي پر پوءِ اوچتو
اُٿي ٻاهر نڪري ويئي. ڀوپتيءَ حيرت وچان پڪاريو،
”چارو، طبيعت خراب اٿيئي ڇا؟“ پر ڪوبه جواب نه
ملندو ڏسي هو به اُٿي ويٺو ۽ ڀرواري ورانڊي مان
دٻيل سڏڪن جو آواز ٻڌي جئَن ٻاهر آيو تئَن ڏٺائين
ته چارو زمين تي اونڌي ليٽي پنهنجي روئڻ کي روڪڻ
جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
دک جو ايڏو زبردست اظهار ڏسي ڀوپتي وائڙو ٿي ويو: ته ڇا چاروءَ
کي سمجهڻ ۾ مون غلطي ڪئي آهي؟ ڇا چاروءَ جو سڀاءُ
حقيقت ۾ اهڙو اونهو آهي جو هوءَ منهنجي اڳيان به
پنهنجو دک سلڻ نه ٿي چاهي؟ پر جن جو سڀاءُ اهڙو
ٿيندو آهي، اُنهن جو پيار به تمام گهرو ٿيندو آهي
۽ اُنهن کي درد به تمام گهڻو محسوس ٿيندو آهي.
ڀوپتيءَ دل ئي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو ته چاروءَ جو
پريم رواجي استرين جي پيار جيان ٻاهران ڏسڻ ۾ نٿو
اچي. چارو جي پريم ۾ هن هيلتائين به ڪڏهن ڪا
هلڪائي نه ڏٺي هئي ۽ اڄ هنکي خاطري ٿي ويئي ته
چاروءَ جو پريم اندر ۾ ئي سمايل آهي. ڀوپتيءَ کي
به محبت جو ظاهري ڏيکاؤ ڪرڻ ڪونه ايندو هو.
اِنهيءَ ڪري چاروءَ جي سڀاءَ ۾ به همدردي ۽ پريم
جي ساڳئي گنڀيرتا ۽ گهرائي پسي هنکي بيحد خوشي ٿي.
ڀوپتي چاروءَ جي ڀرسان ويهي رهيو ۽ ڪجهه به ڪڇڻ کانسواءِ هنجي
بدن تي آهستي آهستي هٿ ڦيرڻ لڳو. ڀوپتيءَ کي اِهو
علم ڪونه هو ته ڪنهن کي دلداري ڪئَن ڏبي آهي. هنکي
اِها ڄاڻ ئي ڪانه هئي ته جڏهن ڪو انسان پنهنجي دک
جو گلو اڪيلائيءَ ۾ دٻائڻ چاهيندو هجي تڏهن
اُنهيءَ وقت ٻئي ڪنهن جو شاهد بڻجي هنجي سامهون
ويهي رهڻ، هنکي پسند ڪين پوندو آهي.
----- ----- ------
ڀوپتي جڏهن اخبار بند ڪئي هئي تڏهن هن پنهنجي من ۾ آئينده
زندگيءَ جو چتر به چٽي ڇڏيو هو. هن پڪو ارادو ڪيو
هو ته وري دنيا جي ڪنهن به جهنجهٽ ۾ ڪين ڦاسندو ۽
چاروءَ وٽ ويهي لکڻ پڙهڻ، لاڏ پيار ۽ گرهست جي فرض
ادائيءَ ۾ ئي هو پنهنجي باقي حياتي پوري ڪندو. هن
پئي سوچيو: گرهستي سک، ملي به سولو ۽ آهي به ڪهڙو
نه سندر، نرمل ۽ پؤتر! آئينده اِهو اپار آنند مان
پنهنجي گهر ۾ ئي پراپت ڪندس. گهر ۾ کل چرچي، يٽ
شٽ، راند روند ۽ وندر لاءِ ڪو ملهه به ڏيڻو ڪونه
پوي ۽ سک به ڪافي ملي.
مگر هن جڏهن ان سک حاصل ڪرڻ لاءِ هٿ وڌايو تڏهن ڏٺائين ته اِهو
سک ملڻ اهڙو سولو نه آهي. جنهن چيز لاءِ ملهه ڏيڻو
نه ٿو پوي اُها جيڪڏهن از خود اسان وٽ لنگهي نٿي
اچي ته پوءِ ڪيتري به ڪوشش ڪندي، ڪيترو به ڳوليندي
اُهو سک حاصل ڪرڻ مشڪل آهي.
ڀوپتي ڪنهن به طرح چاروءَ سان گهرائي ۽ پنهنجائي قائم ڪري نه
سگهيو. اِنهيءَ لاءِ هو پاڻکي ئي ڏوه ڏيڻ لڳو.
سمجهيائين ته سانده ٻارهن سال اخبار ۾ لکندي لکندي
استريءَ سان پريم ڀري رهاڻ وغيره ڪرڻ جي وديا صفا
ڀلجي ويو آهيان. سنجها جي ڏيئَي روشن ٿينديئي
ڀوپتي دل ۾ اُتساه سانڍي گهر موٽي ايندو هو. هو هڪ
اڌ ڳالهه ڪندو هو، چارو به اڌو گابرو جواب ڏيندي
هئي. اُنهيءَ بعد ڀوپتيءَ کي سجهندو ئي ڪين هو ته
ڇا چوي يا ڇا ڪري. پنهنجي اِنهيءَ گهٽتائيءَ تي هو
استريءَ اڳيان نهايت شرمسار ٿيندو هو. پتنيءَ سان
يٽ شٽ هڻڻ هن جهڙو سولو سمجهيو هو. اُهو اِن موڙهل
لاءِ اوترو ئي ڪٺن ثابت ٿيو. اِنهيءَ کان ته ڪنهن
ميڙ ۾ وياکياڻ ڏيڻ سولو آهي.
ڀوپتيءَ سنجها بعد جنهن وقت کي کل چرچي ۽ محبتي رهاڻ سان سندر
بڻائڻ جو ارادو ڪيو هو، هينئَر اُنهيءَ وقت کي
ڪاٽڻ به هن لاءِ مشڪل مسئلو ٿي پيو. ڪجهه وقت سخت
ڪوشش سان سانت رهڻ بعد خيال ايندو هوس ته اُٿي
هليو وڃان؛ پر ائين ڪرڻ سان چارو ڇا سمجهندي،
اِنهيءَ ويچار اينديئي هو چري به ڪين سگهندو هو.
نيٺ چوندو هو ”چارو، پتي راند ڪندينءَ؟“
چارو ٻيو ڪوبه اُپاءُ نه ڏسي چوندي هئي، ”ها.“ ۽ هوءَ اُٿي تاس
ته کڻي ايندي هئي پر راند شروع ٿيڻ تي انيڪ غلطيون
ڪري هارائي ڇڏيندي هئي. انهيءَ کيل مان ڪنهن کي به
آنند ڪونه ملندو هو.
ڪيتري سوچ ويچار بعد ڀوپتيءَ آخر هڪڙي ڏينهن چاروءَ کان پڇيو،
”چارو، اُما کي گهرائي وٺون ته ڪئن؟ تون ڏاڍي
اڪيلي ٿي پيئي آهين.“
چارو اُما جو نالو ٻڌنديئي ٽانڊي جيان پڄري اُٿي. چيائين، ”نه،
مونکي اُما جي ضرورت ڪانهي.“
ڀوپتيءَ کلي ڏنو. هو دل ۾ تمام خوش ٿيو. ستيون ساوتريون ڪٿي به
پتورت ڌرم ۾ ذري ڪوتاهي ڏسن ته اُتي پنهنجو ڌيرج
قابوءَ ۾ رکي ڪين سگهن.
پر پوءِ چاروءَ ويچار ڪري ڏٺو ته اُما هتي هوندي
ته شايد ڀوپتيءَ کي وڌيڪ خوش رکي سگهندي. ڀوپتي
سندس صحبت مان دلي آنند حاصل ڪرڻ ٿو چاهي پر پاڻ
ڪنهن به ريت هنکي اهو آنند پهچائي نه ٿي سگهي،
چارو اها ڳالهه محسوس ڪري تمام دکي ٿي رهي هئي.
ڀوپتي ساري دنيا ۽ سڀني ڳالهين کي تياڳي فقط سندس
صحبت جو ئي مزو ماڻڻ ٿو چاهي. چارو هنجي اها تمنا
۽ ڪوشش ۽ پنهنجي ڪمزوري ۽ رکائي محسوس ڪري ڊڄي
ويئي ۽ سوچڻ لڳي ته ائين ڪيترا ڏينهن رهي سگهبو؟
هو پنهنجو من ڪنهن ٻي ڳالهه ۾ ڇونه ٿو وندرائي؟
وري ڪا اخبار وغيره ڇونه ٿو ڪڍي؟ هيلتائين چاروءَ
کي ڪڏهن به ڀوپتيءَ جي من |