سيڪشن؛ ناول

ڪتاب: بگڙيل ڪٽنب

 

صفحو :2

اُما وراڻيندي هئي، ”توهانکي جڏهن چاهنا ڪرڻ کان اڳيئي پان ملي ٿا وڃن تڏهن اُنهن کي چورائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“

”چوري ڪري کائڻ ۾ مزو جو وڌيڪ آهي.“

”پر توهان ته ڪجهه پڙهيو ويٺي نه؟ پوءِ روڪجي ڇو ويا؟ مونکي ٻڌڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو آهي.“

اڄ کان اڳي اُما کي ساهتيه لاءِ رتيءَ ماتر به پريم ڪو نه هو. چاروءَ جي مرضي نه هئي ته ٺوٺ اُما اڳيان امل ڪجهه پڙهي ۽ امل جي اڇا هئي ته اُما به سندس مضمون ٻڌي.

چاروءَ چيو ”امل انگريزي شاعريءَ جي سمالوچنا لکي آهي سو تنهنجي سمجهه ۾ ڇا...“

”اڙي مان مورک برابر آهيان پر ڇا مان انگريزي شاعريءَ کي ذرو به سمجهي ڪانه سگهنديس؟“

اِهو جواب ٻڌي امل جي دل تي هڪ يادگيري تري آئي. هڪ دفعي چارو ۽ اُما تاس کيلي رهيو هيون ته امل پنهنجو ليک هٿ ۾ کڻي ڪمري ۾ داخل ٿيو. چاروءَ کي پنهنجي نئين ليک پڙهي ٻڌائڻ لاءِ هو ماندو ٿي رهيو هو ۽ راند ختم نه ٿيندي ڏسي هو دل ئي دل ۾ ڪاوڙجي رهيو هو. آخر چيائين، ”چڱو ڀاڀي، توهين راند ڪري پوري ڪريو ته مان تيسين رميش بابوءَ کي پنهنجو مضمون ٻڌائي ٿو اچان.“

چاروءَ هنجي ڪوٽ جي ڪنڊ پڪڙي چيو، ”اوف، ٿورو ويهه نه، وڃين ڪيڏانهن ٿو؟“۽ هن ڄاڻي واڻي بازي هارائي راند ختم ڪري ڇڏي.

اِنهيءَ تي اُما چيو، ”توهين هينئر ضرور پڙهڻ شروع ڪندا؟ ته مان هلان ٿي.“

چاروءَ شرافت سانگي چيو، ”ڇو ڀاڀي، تون به ويهي ٻڌ نه!“

”نه بابا، مان توهانجو هڪ سکڻو اکر به سمجهي ڪانه سگهنديس.“ ائين چئي راند جي جلد ئي ختم ٿيڻ سبب ٻنهي تي سخت ناراض ٿي هوءَ اُتان اُٿي ويئي.

اُها ساڳي اُما اڄ انگريزي شاعريءَ جي سمالوچنا ٻڌڻ لاءِ تيار هئي. امل چيو، ”ڀاڀي، تون مضمون ٻڌندينءَ اِها ته منهنجي وڏي خوشنصيبي آهي.“ ۽ هن هڪدم ورق ورائي پڙهڻ جي تياري ڪئي. مضمون جي شروعات ۾ چڱو رس ڀريل هو، اُنهي کي ڇڏي ڏيڻ تي هنجي دل ڪانه وري.

چاروءَ هنکي هڪدم روڪي چيو، ”پر امل، تو جو چيو هو ته لائبرريءَ مان ڪجهه جهونيون اخبارون وٺي ايندين!“

”اڄ؟“

”اڄ نه تڏهن ڪڏهن؟ ايتري ۾ وساري ڇڏيُءِ!“

”وساري ڇا جو ڇڏيو اٿم. تو ڪونه چيو ته.....“

”چڱو تنهنجي مرضي. توهين پڙهو ته مان ڀولي کي وڃي ٿي موڪليان ته اُهو ئي وٺي اچي. ائين چئي هوءَ اُٿي ويئي.

امل کان ايندڙ مصيبت جا اُهڃاڻ لڪل نه رهيا. اُما به اندر ۾ سمجهي ويئي ۽ اُنهيءَ گهڙيءَ ئي سندس دل ۾ چاروءَ لاءِ زهر ڀرجي ويو. چاروءَ جي هلئَي وڃڻ بعد، امل جڏهن ’اُٿان يا نه‘ سوچيندي اکيون ٿررڙائڻ لڳو تڏهن اُما ذرا مشڪي چيو، ”وڃو ڀائي، رٺل ڀاڀيءَ کي وڃي پرچايو. مونکي ليک ٻڌائي مصيبت ۾ پوندا.“

اِنهيءَ بعد امل لاءِ اُتان اُٿڻ نهايت ڪٺن ٿي پيو. هن ذرا بيپرواهي ڏيکاري چيو، ”مصيبت ۾ ڇو پوندس!“ ۽ پنا ورائي وري پڙهڻ لڳو.

اُما هنجي ڪاپي ٻنهي هٿن سان ڍڪي چيو، ”بس وڌيڪ پڙهڻ جي ضرورت ڪونهي ۽ هوءَ ڄڻ سڏڪا روڪي اُتان ويئي هلي.

-----           -----           ------

چارو ڪنهن دعوت تي ويئي هئي ۽ اُما گهر ۾ ويهي وار سنواري چوٽي ڪري رهي هئي. امل ’ڀاڀي، ڀاڀي!‘ پڪاريندو اندر لنگهي آيو. اُما کي خاطري هئي ته امل کي چاروءَ جي دعوت تي وڃڻ جي ڄاڻ ڪانهي سو هن کلي چيو، ”امل بابو! ڪنهنجي ڳولا ۾ آيا ۽ گڏيا ڪنهن سان! توهانجي تقدير ئي ڪا اهڙي آهي!“

”گاه جهڙو ساڄي پاسي وارو تهڙو ڏائي پاسي وارو، گڏه وٽ ٻنهي جي ساڳي عزت آهي.“ ائين چئي امل اُتيئي ويهي رهيو. کن ترسي وري چيائين، ”اُما ڀاڀي! اڄ تون پنهنجي ڳوٺ جي ڳالهه ته پوري ڪر. مان پڇاڙيءَ تائين ٻڌڻ ٿو چاهيان.“

مضمون جي وشيه چونڊڻ ڪاڻ امل هر ڪنهن جي هرڪا ڳالهه نهايت دلچسپيءَ سان ٻڌندو هو. اِنهيءَ اُما ڏانهن به هينئر اڳي جيان بيپرواهي ڪين ڏيکاريندو هو. هاڻي هن لاءِ اُما جي شخصيت ۽ اُما جي اِتهاس ۾ ڪافي اُتساه ڀريل هو. هنجو جنم ڪٿي ٿيو، ننڍپڻ ڪئن گذري، شادي ڪڏهن ٿي وغيره؛ هينئر هُو اِهي سڀ ڳالهيون کوٽي کوٽي پڇڻ لڳو. اُما جي معمولي آتم ڪهاڻيءَ ڄاڻڻ لاءِ ايڏي اُتاوليءَ جو ڪارڻ ڪهڙو هو سو هن ظاهر ڪونه ڪيو پر اُما پنهنجي ئي آنند ۾ مست سڀ ڳالهيون بڪندي اڳتي هلندي پئي ويئي. وچ وچ ۾ سو ڪنهن وقت ائين چيائين پئي، ”مونکي ته ڪل ئي ڪانه ٿي پوي ته ڇا پيئي بڪندي وڃان.“

پر امل اُتساه ڏياري پئي چيس، ”نه نه؛ مونکي ڏاڍو مزو پيو اچي. تون چوندي هل.“

اُما جي پيڪن ۾ هڪ گماشتو هو. هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي استريءَ سان جهڳڙو ڪري هن سان رسي بک هرتال ڪندو هو ۽ آخر جڏهن بکن ۾ پاه ٿيندو هو تڏهن لڪي لڪي سندن گهر اچي کائيندو هو. هڪڙي ڏينهن هنجي استريءَ هنکي اوچتو پڪڙي ورتو. امل جنهن وقت اهو مزيدار قصو ٻڌي خوشيءَ وچان کلي رهيو هو، ٺيڪ اُنهيءَ وقت چارو ڪمري ۾ اندر لنگهي آئي.

قصي جو سلسلو ٽٽي ويو. هنجي اچڻ سان اوچتو رنگ ۾ ڀنگ پئجي ويو هو، چاروءَ کان اهو لڪل رهي نه سگهيو.

امل پڇيو ”ڀاڀي، سويل ئي موٽي آئينءَ!“

چاروءَ چيو، ”ها، ٺيڪ آهي. سويل ئي موٽي آيس.“ ۽ هوءَ وڃڻ لڳي.

امل چيو، ”چڱو ڪيُءِ، مونکي بچائي ڇڏيُءِ. مون ويٺي ويچار ڪيو ته تون الائي ڪيڏي مهل موٽندينءَ. منمٿ دت جو هڪ نئون ڪتاب نڪتو آهي، توکي پڙهي ٻڌائڻ لاءِ کڻي آيو آهيان.“

”هينئر ته مونکي ڪم آهي.“

”مونکي ٻڌاءِ ته مان پورو ڪري اچان.“

چاروءَ کي خبر هئي ته امل اڄ ڪتاب خريد ڪري ايندو ۽ کيس پڙهي ٻڌائيندو. چاروءَ ويچار ڪيو هو ته امل جي دل ۾ ايرکا پيدا ڪرڻ لاءِ پاڻ ڪتاب جي خوب ساراه ڪندي ۽ امل اُنتي ٺٺولي ٻڌڻ شروع ڪندو. انهن سڀني ڳالهين جو خواب لهندي هوءَ ساهيڙين جي آزين نيزارين کي ٽاري، طبيعت ناساز هئڻ جو بهانو ڪري مجلس جي وچمان اُٿي گهر موٽي آئي هئي. پر هتي پهچي سڀ ڪجهه ڏسي بار بار ائين محسوس ڪرڻ لڳي ته پاڻ اُتي بلڪل مزي ۾ هجي ها ۽ اُتان اِئين موٽي چڱو ڪين ڪيائين.

چارو وري سوچڻ لڳي: پر اُما به ته گهٽ بيحيا ڪانهي. هيڏي ساري گهر ۾ امل سان اڪيلي ويهي ڏند ڪڍي کلي رهي آهي! ماڻهو ڏسندا ته ڇا چوندا؟ پر سندس لاءِ اُما کي انهيءَ باري ۾ ڪجهه چوڻ نهايت ڪٺن هو. هوءَ به جيڪڏهن مونکي موٽ ۾ ساڳي ڳالهه چوي ته! مگر منهنجي ته ڳالهه ئي صفا نرالي آهي. مان ته امل کي لکڻ لاءِ اُتساه ڏياريندي آهيان، هن سان ساهتيه تي بحث مباحث ڪندي آهيان پر اُما جو ڪهڙو مقصد آهي؟ هوءَ هن سرل دل جوان جي دل کي موهڻ لاءِ ڄار پکيڙي رهي آهي ۽ امل کي انهيءَ ڀيانڪ آفت کان بچائڻ منهنجو فرض آهي.

چارو منجهي پيئي ته امل کي انهيءَ ڪامڻيءَ جي اصلي راز کان واقف ڪئن ڪري؟ ڳالهه ڇيڙڻ مان هنجي ڪشٽ دور ٿيڻ بدران اُٽلو وڌي وڃي ته؟“

۽ ويچارو ڀائو! هو ويچارو سندس پتيءَ جي اخبار لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري جيءُ جهوري رهيو آهي ۽ هيڏانهن اُما جا هي افعال آهن جو هوءَ هتي ڪنڊ ۾ لڪي امل کي موهڻ جون سٽون سٽي رهي آهي. ڀائو ته ويچارو بلڪل نشچنت آهي. اُما تي هنجو بيحد وشواس آهي. پر پاڻ اهي سڀ ڳالهيون ڏسي به سانت ڪري ڪئَن وهي! اها سخت بي انصافي ٿيندي!

چاروءَ کي وري اتيئي ويچار آيو؛ پر امل اڳي ته اهڙو ڪو نه هو. فقط جڏهن کان لکڻ شروع ڪري نالو ڪڍيو اٿس تڏهن کان ئي هي سڀ انرٿ ٿيڻ شروع ٿيا آهن. پر هنجي لکڻ شروع ڪرڻ جو مکيه ڪارڻ ته مان ئي آهيان. الائي ڪهڙي نڀاڳي گهڙيءَ ۾ مون هن کي لکڻ لاءِ اُتساه ڏياريو. پر ڇا امل تي اڃا به منهنجو اڳيون زور هلي سگهندو؟

چارو چڱي طرح سمجهي ويئي هئي ته امل سندس هٿن مان نڪري ٻين جي هٿن ۾ پهچڻ بعد وڏي آفت ۾ اڙجي ويو آهي. هينئر هو کيس پنهنجو ثاني نٿو سمجهي؛ هو کانئس اڳتي وڌي ويو آهي. هينئر هو ليکڪ آهي ۽ پاڻ فقط پاٺڪا. انهيءَ جو ضرور ڪو اُپاءُ ڪرڻو پوندو.

آه! ڀورڙو امل، ڪامڻي اُما ۽ ويچارو ڀائو!

-----           -----           ------

تنهن ڏينهن سارو آڪاس آکاڙ جي بادلن سان ڇانيل هو. ڪمري ۾ گهاٽي انڌڪار هئڻ سبب چارو کليل دريءَ وٽ ويهي بلڪل هيٺ جهڪي ڪجهه لکي رهي هئي.

امل ڪيڏي مهل دٻيل قدمن سان سندس پٺيان اچي بيٺو، تنهنجي هنکي ڪابه سمڪ نه رهي. جهڙ جي جهڪي پرڪاش ۾ چارو لکندي رهي ۽ امل پڙهندو رهيو. هنجي سامهون امل جا ئي ٻه ٽي ليک لکيا پيا هئا. چاروءَ لاءِ اُهي ئي مضمون نويسيءَ جا اوچ آدرش هئا.

”تون ته چوندي آهين ته توکي لکڻ اچيئي ڪونه!“ اوچتو امل جو آواز ٻڌي چارو ڇرڪي اُٿي ۽ هڪدم پنهنجي ڪاپي کڻي لڪايائين. پوءِ چيائين، ”تنهنجي هيءَ سخت بي انصافي آهي!“

”بي انصافي ڪئن آهي؟“

”لڪائي لڪائي ڇو ڏٺءِ؟“

”کليو کلايو ڏسي نٿو سگهان انهيءَ ڪري.“

چارو پنهنجو ليک ڦاڙي ڦٽو ڪرڻ ٿي چاهيو پر امل جهٽ هڻي هنکان ڪاپي کسي ورتي. چاروءَ چيو، ”تو جيڪڏهن اهو پڙهيو آهي ته مان سڄي حياتيءَ لاءِ توسان ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏينديس.“

”۽ تون جيڪڏهن پڙهڻ لاءِ منع ڪندينءَ ته مان به توسان هميشہ لاءِ رسي ويندس.“

”امل بابو، منهنجي سر جو قسم اٿيئي جي پڙهيو اٿيئي.“

آخر چاروءَ کي ئي هار مڃڻي پيئي. حقيقت ۾ سندس دل به امل کي انهيءَ امل کي انهيءَ ليک ڏيکارڻ لاءِ ڦٿڪي رهي هئي. پر کيس اهڙي خبر ڪا نه هئي ته ڏيکارڻ وقت پاڻ اهڙي لڄ محسوس ڪندي.

امل جڏهن انيڪ آزين نيزارين بعد پڙهڻ کان نه رهيو تڏهن چاروءَ جا هٿ پير برف جهڙا ٿڌا ٿي ويا. پر گهڙيءَ بعد پاڻ سنڀالي چيائين، ”چڱو، مان پان کڻي ٿي اچان.“ ۽ هوءَ ٻئي ڪمري ۾ ويئي هلي.

امل پڙهڻ ختم ڪري چاروءَ وٽ پهچي چيو، ”تو ته ڏاڍو سٺو لکيو آهي.“

چارو پان تي ڪاٿو هڻڻ ڀلجي ويئي. چوڻ لڳي، ”ٺهيو هاڻي. ٺٺولي ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. ڏي، منهنجي ڪاپي موٽائي ڏي.“

امل چيو، ”ڪاپي هينئر ڪانه موٽائيندس. پهرين نقل ڪري ڇپڻ لاءِ موڪليندس.“

”هان؟ ڇپڻ ٿو موڪلين!“

چاروءَ گهڻو ئي گوڙ ڪيو پر امل ڪنهن به طرح جند ڪانه ڇڏيس. هن جڏهن هر هر قسم کائي چيو ته ليک سچ پچ اخبار ۾ ڇپڻ لائق آهي تڏهن چاروءَ ڄڻ بيحد نراس ٿي چيو، ”توسان مان پڄي ٿوروئي سگهنديس. جنهن ضد تي چڙهين اُنهيءَ کي پوري ڪرڻ کانسواءِ رهين ئي ڪين.“

امل چيو، ”۽ هڪ دفعو ڀائوءَ کي به ڏيکارڻو آهي.“

اهو ٻڌي چارو هڪدم پان ٺاهڻ ڇڏي اُٿي کڙي ٿي ۽ هنکان ڪاپي ڦرڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين، ”نه، هنکي اصل نه ٻڌائج. هنسان جيڪڏهن منهنجي لکڻ جي ڳالهه ڪندين ته مان هن کانپوءِ هڪ اکر به ڪانه لکنديس.“

”ڀاڀي، تون سخت غلطي ڪري رهي آهين! ڀائو زبان سان ڪجهه به چوي، پر تنهنجو هي ليک ڏسي ضرور خوش ٿيندو.“

”مونکي انهيءَ خوشيءَ جي تمنا ڪونهي.“

چارو دل ۾ پرتگيا ڪري ويٺي هئي ته پاڻ اهڙو ليک لکندي جو امل کي وائڙو ڪري ڇڏيندي. اُما ۽ سندس وچ ۾ ڪيڏو نه فرق آهي اهو ثابت ڪرڻ کانسواءِ پاڻ هڪ کڻ به آرام ڪين ڪندي. پوين ڪيترن ڏينهن کان هن گهڻو ئي ڪجهه لکيو هو پر سڀ ڦاڙي ڦٽو ڪري ڇڏيو هئائين. هن جيڪي به لکڻ شروع ٿي ڪيو، اُهو بلڪل امل جهڙو ٿي ٿي ويو. ڀيٽي ڏٺائين ته ڪٿي ڪٿي ته اکر به اکر امل جي مضمون جو نقل پئي لڳو؛ ۽ ٽڪر به اُهيئي سٺا هئا، باقي سڀ معمولي هئا. اِنهن کي ڏسي امل ضرور اندر ۾ کلندو، اهو ويچار ڪري چاروءَ اُهي سڀ ليک ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري تلاءَ ۾ ڦٽا ڪري ڇڏيا جئَن هڪ اڌ ٽڪر به امل جي هٿ چڙهي نه سگهي.

چاروءَ پهرين لکيو هو ’سانوڻي* بدلي‘. دل ۾ سمجهيائين ته ڀاونائن ۽ اُمنگن سان ڀريل هڪ نهايت سندر رچنا لکي اٿم. پر اوچتو هوش آيس ته اِهو ته امل جي ’آکاڙ جي چندرما“ جو نقل آهي. امل لکيو هو، ”ڀائي چنڊ، تون بادلن ۾ هيئَن چورن جيان ڇو پيو لڪين ڇپين؟“ چارو لکيو هو، ”سکي ڪادميني، تون اوچتو ڪٿان پرگهٽ ٿي پنهنجي نيلي پلاند پٺيان چنڊ کي چورائي ڀڄي رهي آهين.“ وغيره.

چارو جڏهن ڪنهن به طرح امل جي طرز کي ڇڏي نه سگهي تڏهن هن ليک جي وشيه ئي بدلائي ڇڏي. چندرما، بادل، گل ۽ بلبل، انهن سڀني کي ڇڏي هن ’ديويءَ جي مندر‘ سري سان هڪ ليک لکيو. سندس پيڪن ۾ تلاءَ جي ڪناري وڻن جي اوٽ ۾ هڪڙو ڪالي ماتا جو مندر هو. اُن مندر جي باري ۾ سندس دل ۾ ننڍپڻ جون ڪئَين ڀؤ ۽ اُتساه ڀريون يادگيريون ڀريل هيون. ڳوٺ ۾ اِن زنده ديويءَ جي مهما جي باري ۾ ڪئَين عجيب غريب ڏند ڪٿائون صدين کان هلنديون آيون هيون. اُنهن کي ئي پنهنجي وشيه بڻائي هن هڪ ليک لکيو هو. اُنجو شروعاتي حصو امل جي ڍنگ جيان ڪوتا سان ڀريل هو پر اڳتي هلي، اُن سندس ڳوٺ جي مروج پهاڪن سان سينگارجي پنهنجي سادي طرز اختيار ڪئي.

امل چاروءَ کان اِهو ئي ليک کسيو هو. هن به ڏٺو ته شروعاتي حصو تمام سٺو لکيل آهي پر پڇڙيءَ تائين ڪوتا جي ريکا ڪانه ٿي آهي. ڪيئَن به هجي پر پهرئين ليک جي لحاظ کان ليکڪا جي ڪوشش ساراه جوڳي هئي.

چاروءَ چيو، ”امل بابو، اسين ٻئي گڏجي هڪ ماهوار اخبار ڇو نه ڪڍون؟“

”پر گهڻن گهڻن روپين بنا اخبار هلندي ڪئن؟“

”اسانجي اِنهيءَ اخبار لاءِ ڪو به خرچ ڪو نه ٿيندو. ڇپبي ٿوروئي، هٿ جي لکيل هوندي. اُنهيءَ ۾ توکان ۽ مونکانسواءِ ٻئي ڪنهن جو به ليک ڪونه پوندو نه ٻئي ڪنهن کي پڙهڻ لاءِ ئي ملندو. فقط ٻه پرچا نڪرندا؛ هڪڙو تنهنجي لاءِ ٻيو منهنجي لاءِ.“

اِها ساڳي ڳالهه ڪجهه ڏينهن اڳي ٿئي ها ته امل خوشيءَ وچان ديوانو ٿي وڃي ها پر هينئر هنجو اِهو راز رکڻ جو اُتساه مٽجي چڪو هو. هينئر سڄي دنيا اڳيان پنهنجي ليک ظاهر ڪرڻ کانسواءِ هنکي لکڻ ۾ مزو ئي ڪين ايندو هو. پر تڏهن به پراڻو ٺاٺ قائم رکڻ خاطر هن اُتساهه ڏيکاري چيو، ”ڏاڍو مزو ٿيندو!“

چارو چيو، ”پر هڪڙو انجام ڪرڻو پوندءِ ته تون پنهنجي اخبار کانسواءِ ٻي ڪنهن به اخبار ۾ پنهنجا ليک ظاهر نه ڪندين.“

”ائين ته سمپادڪ مونکي ماري وجهندا!“

”۽ منهنجي هٿ ۾ شايد مارڻ جو ڪو هٿيار ئي ڪونهي.“

ڳالهه پڪي ٿي ويئي. ٻنهي سمپادڪن، ٻنهي ليکڪن ۽ ٻنهي پاٺڪن جي هڪ ڪميٽي ٺهي. امل چيو، ”اخبار جو نالو رکون ”چارو پاٺ“

چاروءَ چيو، ”نه، اُنهيءَ جو نالو ٿيندو، ”املا.“

انهيءَ نئين انتظام ۾ چارو وچ جي ڪجهه ڏينهن جو دک ڀلجي ويئي. هنجي انهيءَ ماهوار اخبار ۾ ٻاهر وارن لاءِ ته ٺهيو پر اُما جي دخل ڪرڻ لاءِ به ڪا راه ڪا نه هئي.

-----           -----           ------

ڀوپتيءَ هڪڙي ڏينهن چاروءَ وٽ اچي چيو، ”چارو، مونکي ته خواب خيال به ڪين هو ته ڪا تون به ليکڪا آهين!“

چارو ڇرڪ ڀري سرخ ٿي ويئي. چيائين، ”مان ليکڪا! توهانکي ڪنهن چيو؟“

”هينئر ته سڳ سوڌي پڪڙجي ويئي آهين! هيءَ وٺ ثابتي!“ ائين چئي ڀوپتيءَ هنکي نؤيگه اخبار جو پرچو کڻي هٿ ۾ ڏنو. چاروءَ ڏٺو ته جن ليکن کي پاڻ پنهنجو گپت خزانو سمجهي پنهنجي هٿ سان لکيل اخبار ۾ ڪٺو ڪري رکيو هئائين، اُهي ساڳيا ليک، ليکڪ ۽ ليکڪا جي نالي سان نؤيگه ۾ ڇپجي ويا آهن.

چاروءَ کي ائين معلوم ٿيو ڄڻ ڪنهن سندس ڏاڍي جتن سان پاليل پکين جي پڃري جو در کولي، اُنهن کي اُڏائي ڇڏيو آهي. ڀوپتيءَ جي سامهون سڳ سوڌي پڪڙجڻ جي شرم کي وساري هوءَ وشواس گهاتي امل تي دل ئي دل ۾ بيحد ناراض ٿي اُٿي.

”۽ هي ڏس.“ چئي ڀوپتيءَ چاروءَ اڳيان هڪ ٻي اخبار جو هڪ پرچو کولي رکيو. اُنهيءَ ۾ ’مؤجوده هندي ليکڪ‘ جي سري سان هڪ ليک ڇپيل هو.

چاروءَ اُنکي هٿ سان هڪ طرف هٽائي چيو، ”سو مان انهيءَ کي ڇا ڪريان؟“ اُنهيءَ وقت هنکي امل تي جيڪا ڪاوڙ پئي آئي انهيءَ جي جوش وچان هوءَ ٻئي ڪنهن به ڳالهه ڏانهن ڌيان ڏيئي نه سگهي. ڀوپتيءَ وري چيو، ”هڪڙو دفعو پڙهي ته ڏس.“

چاروءَ کي لاچار انهيءَ ڳالهه ڏانهن ڌيان ڦيرڻو ئي پيو. ليک ۾ ڪن موجوده ليکڪن جي هلڪائي ڀريل ليکن تي نهايت سخت لفظن ۾ نقط چيني ڪيل هئي. لکندڙ منمٿ دت ۽ هنجي لکڻيءَ تي به خوب ٺٺولي ڪئي هئي ۽ اُنهيءَ سان ڀيٽ ڪندي نئين ليکڪا شريمتي چارو بالا جي لکڻيءَ جي سرل طرز، چرتر رچنا ۽ قابليت جي خوب ساراه ڪئي هئي. لکيل هو..... امل ۽ منمٿ دت جهڙن ليکڪن جو اُڌار انهيءَ قسم جي رچنا ۽ طرز اختيار ڪرڻ سان ئي ٿي سگهي ٿو. ٻيءَ حالت ۾ کين جلد ئي نااُميدي پسڻي پوندي.

ڀوپتيءَ ٽهڪ ڏيئي چيو، ”انهيءَ کي ئي سڏبو آهي ’گرو مار وديا‘“

چارو پنهنجي لکڻيءَ ۽ طرز جي ساراه پڙهي جئن خوش ٿيڻ چاهيو تئن هنکي دل ۾ هڪ قسم جو درد محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ خوشيءَ هنجي دل ۾ ٽڪڻ ئي نٿي چاهيو. ناموس ۽ ساک جي امرت جو پيالو جئَن هنجي چپن وٽ پهتو تئن هن هڪدم اُنهيءَ کي ٿيلهو ڏيئي پري ڪرڻ ٿي چاهيو.

چارو سمجهي ويئي ته امل سندس ليک اخبار ۾ ڇپائي کيس اوچتو عجب ۾ وجهڻ جي سٽ سٽي آهي ۽ خيال ڪيو اٿس ته جڏهن ٻيءَ ڪنهن اخبار ۾ منهنجي ساراه پوندي تڏهن مونکي اُهي ٻئي ليک گڏ ڏيکاري منهنجي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪندو ۽ اُتساه ڏياريندو. پر هينئر جڏهن ساراه جو ليک به ظاهر ٿي ويو آهي تڏهن امل ڊوڙندو کيس ٻڌائڻ ڇو نه آيو آهي؟ شايد سندس ايڏي ساراه امل کي چوٽ رسائي آهي ۽ هينئر مونکي ڏيکارڻ نٿو چاهي ۽ انهيءَ ڪارڻ ئي هن اهي اخبارون لڪائي ڇڏيون آهن. چارو پنهنجي آنند خاطر اوجهڙ ۾ جيڪا هڪ ساهتيه ڪٽيا اڏي هئي، اڄ اوچتو ساک ۽ ساراه جي ڀيانڪ طوفان ۾ اُنهيءَ جي پٽ پوڻ جي نؤبت اچي پهتي. چاروءَ کي اها ڳالهه اصل ڪانه وڻي.

ڀوپتيءَ جي وڃڻ بعد چارو پنهنجي سيج ڀون ۾ پهچي چپ چاپ پلنگ تي ويهي رهي. سندس سامهون اُهي سڀ اخبارون کليون رکيون هيون. ٿوريءَ اَويل کانپوءِ امل به اُهي ساڳيون اخبارون هٿ ۾ جهلي، هنکي اوچتو عجب ۾ وجهڻ جي رٿ رٿي دٻيل قدمن سان سندس ڪمري ۾ داخل ٿيو. پر ڀرسان پهچي ڏٺائين ته هوءَ به اُهيئي اخبارون سامهون رکي اُنهن کي يڪ ٽڪ نگاهن سان ڏسي رهي آهي.

امل جئن آيو هو تئن ئي دٻيل قدمن سان واپس موٽي ويو. سوچڻ لڳو: منهنجي نندا ۽ پنهنجي ساراه پڙهي هوءَ خوشيءَ ۾ اهڙي مگهن ٿي ويئي آهي جو آسپاس جي سمڪ ئي ڪانه ٿي رهيس. کن پل ۾ ئي سندس دل جي ڪيفيت ڦري ويئي. چارو هڪ مورک جي واتان پنهنجي ساراه ٻڌي پاڻکي گروءَ کان به مٿي ٿي سمجهي. انهيءَ ويچار اينديئي امل کي مٿس تمام سخت ڪاوڙ آئي. چاروءَ کي گهربو هو ته اها اخبار ٽڪر ٽڪر ڪري باه ۾ ساڙي ڀسم ڪري ڇڏي ها.

چاروءَ تي ڪاوڙجي امل اُما جي ڪمري وٽ پهچي ٻاهران پڪاريو، ”اُما ڀاڀي!“

”اچو امل بابو! اڄ ته منهنجا وڏا ڀاڳ آهن.“

”ڀاڀي، مون هڪڙو نئون ليک لکيو آهي، تون ٻڌندينءَ؟“

”ڪيترن ڏينهن کان ’ٻڌائيندس ٻڌائيندس‘ چئي رڳو اُميدون پيا ڏيکاريو. ڪڏهن ٻڌايو ته ڪونه ٿا؟ پر ٺهيو ضرور ڪونهي. مرڳو وري ڪير ڪاوڙجي پيو ته مصيبت توهانجي ئي مٿان ٻري ايندي، مونکي ڇا ٿيندو!“

امل ذرا تکي آواز ۾ چيو، ”ڪير ڪاوڙجندو؟ ڇو ڪاوڙجندو؟ چڱو، جيڪي ٿيندو تنهنکي ڏٺو ويندو. تون هينئر ٻڌ ته سهين!“

اُما هڪدم ڏاڍي اُتساه ۾ ڀرجي ٻڌڻ لاءِ تيار ٿي ويٺي ۽ امل نهايت سريلي آواز ۾ ٺاٺ سان پڙهڻ لڳو.

امل جو ليک اُما جي سمجهه کان بلڪل ٻاهر هو؛ پر تڏهن به هوءَ پنهنجي مک تي خوشيءَ ڀري مرڪ آڻي ڏاڍي چاه سان ٻڌڻ لڳي. اُتساه وچان امل جو آواز آهستي آهستي جوش ۾ اچڻ لڳو.

امل پڙهي رهيو هو، ”جهڙي طرح اڀيمنو گرڀ اوستا ۾ فقط ويوه ۾ داخل ٿيڻ سکيو هو، اُنهيءَ مان ٻاهر اچڻ ڪين سکيو، ساڳي طرح جل ڌارا به پهاڙي ترنگ مان فقط سامهون ئي هلڻ سکي آهي، پٺتي موٽڻ ڪانه سکي آهي. هاءِ ڙي جل ڌارا! هاءِ ڙي جواني! هاءِ ڙي زمانا! هاءِ ڙي دنيا! توهين سڀ اڳتي ئي وڌي سگهو ٿا. جنهن راه تي يادگيريءَ جا سونهري پهڻ پکڙيندا پيا وڃو، اُنهيءَ راه تان وري هڪ قدم به واپس موٽي نٿا سگهو. صرف انساني من ئي آهي جو پٺيان نهاري سگهي ٿو. باقي هن اٿاه سنسار جي ٻي ڪا به چيز ڪنڌ ورائي پٺيان نهاري نٿي سگهي....“

اِنهيءَ وقت ڪمري جي در وٽ هڪ ڇايا نظر آئي ۽ اُما اُنهيءَ ڇايا کي ڏسي ورتو. هن ڪجهه ڏٺو ئي ڪين اهڙي طرح يڪ ٽڪ نگاهن سان امل جي منهن ۾ نهاريندي هنجو ليک ٻڌندي رهي.

چارو ارادو ڪري ويٺي هئي ته امل جي اچڻ تي پاڻ انهن سڀني اخبارن جي پنهنجي وس آهر بيعزتي ڪندي ۽ امل جو انجام ٽوڙي سندس ليک ٻاهرين اخبارن ۾ ڇپڻ لاءِ ڏنا آهن اُنهيءَ لاءِ هنتي ڦٽڪار وجهندي.

امل جي اچڻ جو وقت گذري ويو پر هنجو اڃا ڪوبه پتو ڪونه هو. چاروءَ صبح جو هڪ ليک لکي رکيو هو. خيال ڪيو هئائين ته شام جو امل کي پڙهي ٻڌائينديس. اُهو به ائين ئي پيو هو.

اوچتو چاروءَ کي امل جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو اُما جي ڪمري مان! هنکي ڄڻ ڪنهن تير هڻي گهائي وڌو. هوءَ هڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ دٻيل قدمن سان اُما واري ڪمري جي ٻاهران وڃي بيٺي.

امل اُما کي جيڪو ليک ٻڌائي رهيو هو اُهو چاروءَ اڃا ڪونه ٻڌو هو. امل پڙهي رهيو هو؛ صرف انساني من ئي آهي جو پٺيان نهاري سگهي ٿو. هن اٿاه سنسار جي ٻي ڪا به چيز پٺيان نهاري نٿي سگهي.

چاروءَ جئن دٻيل قدمن سان آئي هئي تئن واپس موٽي نه سگهي. اڄ هڪ ٻئي پٺيان کاڌل چوٽن هنکي بلڪل اڌير بنائي ڇڏيو. اُما هڪ اکر به ڪونه ٿي سمجهيو ۽ امل هڪ ڇسي مورک جيان هنکي پنهنجو ليک ٻڌائي خوش ٿي رهيو هو. چاروءَ اها ڳالهه ٻڌي وڏي آواز سڄي دنيا کي ٻڌائڻ ٿي چاهي، پر زبان مان جڏهن هڪ اکر به ڪين اُڪليس تڏهن اها ساري ڪاوڙ هنجي پيرن دواران پرگهٽ ٿي ويئي. پنهنجي سيجا ڀؤن ۾ پهچي هن تمام وڏي ڌڙاڪي سان دروازو بند ڪري ڇڏيو.

امل جو پڙهڻ ڪجهه سيڪنڊن لاءِ روڪجي ويو. اُما مشڪي چاروءَ ڏانهن اشارو ڪيو. امل دل ۾ سوچيو، ”چاروءَ جي هيءَ ڪهڙي زوراوري آهي! ڇا پاڻ سمجهي ٿي ته مان سندس خريديل ٻانهو آهيان ۽ کانئَس سواءِ ٻئي ڪنهن کي به پنهنجو ليک ٻڌائي نٿو سگهان! اهو ته نسورو ظلم آهي. اهڙيءَ طرح ويچاري هو اڳي کان به وڏي آواز سان پڙهڻ لڳو.

ليک ختم ٿيڻ بعد امل جئن چاروءَ جي ڪمري اڳيان لنگهيو تئن ڏٺائين ته هنجي ڪمري جو دروازو بنديو پيو هو.

چاروءَ قدمن جي آهٽ مان پروڙي ورتو ته امل سندس ڪمري جي سامهون لنگهي ويو ۽ هڪ سکڻو سيڪنڊ به ڪين ترسيو. ڪاوڙ ۽ دک وچان هوءَ روئي به ڪانه سگهي.

سنجها سمي ورانڊي ۾ رکيل ڪونڊين مان گلن جي خوشبوءِ پئي آئي. ٽڙيل پکڙيل بادلن وچمان صاف آڪاس ۾ ٻه ٽي تارا پئي ڏٺا. چاروءَ نڪي اڄ وار سنواريا هئا، نڪي ڪپڙا بدلايا هئا. اونداهيءَ ۾ دريءَ وٽ بت بڻجي ويٺي هئي. هلڪي هوا سندس کليل وارن کي پاڻ سان گهلي وڃڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ۽ هنجي اکين مان جي لڙڪ پئي لڙيا تنجي هنکي ڪا به سمڪ ڪا نه هئي.

ايتري ۾ ڀوپتي ڪمري ۾ اندر لنگهي آيو. هنجو چهرو بيحد اُداس هو ۽ هينئَون ڀاري. اهو وقت ڀوپتيءَ جي اچڻ جو ڪونه هو. اخبار لاءِ ليک لکندي ۽ پروف جاچيندي هنکي گهر موٽڻ ۾ اڪثر اوير ٿي ويندي هئي. پر اڄ ائين پئي لڳو ڄڻ ڪنهن مصيبت ۾ اڙجي ويو هو ۽ دلداريءَ پائڻ جي آس دل ۾ رکي، سنجها سمي ئي چاروءَ وٽ هليو آيو هو.

ڀوپتيءَ ذرا اچرج وچان پڪاريو، ”چارو!“

ڀوپتيءَ جي آواز تي ڇرڪي چارو هڪدم اُٿي کڙي ٿي. هنکي خواب خيال به ڪين هو ته ڀوپتي اڄ ايترو سويل موٽي ايندو. ڀوپتيءَ هنجي زلفن وچ ۾ آڱريون ڦيريندي پيار ڀرئي آواز ۾ پڇيو، ”هيئَن اونده ۾ ڇا ويٺي ڪرين؟ اُما ڪيڏانهن ويئي آهي؟“

چارو جيڪي اٺسٺا اڏي ويٺي هئي، اڄ سڄي ڏينهن ۾ اُنهن مان هڪڙو به پورو ڪونه ٿيو هو. هنکي خاطري هئي ته امل ضرور واپس موٽي ايندو ۽ کانئس معافي گهرندو، ۽ هوءَ انهيءَ لاءِ تيار ٿي هنجي انتظار ۾ ويٺي هئي. پر اُنهيءَ جي عيوض پنهنجي پتيءَ جو اوچتو آواز ٻڌي هوءَ پاڻ سنڀالي نه سگهي. هڪدم روئي ڏنائين.

ڀوپتيءَ ذرا گهٻرائجي ۽ دکي ٿي چيو، ”ڇو چارو، ڇا ٿيو آهي؟“

چاروءَ لاءِ اهو ٻڌائڻ مشڪل هو ته ڇا ٿيو آهي ۽ حقيقت ۾ ڪا خاص ڳالهه به ته ٿي ڪانه هئي. امل پنهنجو نئون ليک کيس نه ٻڌائي اُما کي ٻڌايو آهي. اها ڪا اهڙي ڳالهه ڪانهي جنهن لاءِ ڀوپتيءَ وٽ شڪايت ڪري! ڇا ڀوپتيءَ کي انهيءَ تي کل ڪانه ايندي؟ چارو ڪوبه اهڙو دليل سوچي نه سگهي جنهن جي آڌار تي هوءَ انهيءَ معمولي ڳالهه کي ايڏي زبردست دک جو ڪارڻ بڻائي سگهي ۽ پنهنجي ايڏي دک کي واجبي ٺهرائڻ لاءِ وٽس ڪوبه دليل ڪونه هو. اهو احساس هنکي باقي به دکي بڻائڻ لڳو.

”ٻڌاءِ توکي ڇا ٿيو آهي؟ ڇا مون توکي ڪنهن قسم جو دک رسايو آهي؟ تون ئي پاڻ ڄاڻين ٿي ته مان ڪم ۾ ڪيتري قدر نه ڦاٿل آهيان. جيڪڏهن تنهنجي دل کي ڪا چوٽ پهچائي اٿم ته اُها ڄاڻي ٻجهي ڪانه پهچائي اٿم.“

ڀوپتي اُهي سوال ڪري رهيو هو جنجا چاروءَ وٽ ڪي به جواب ڪونه هئا. انهيءَ ڪري هوءَ باقي به پريشان ٿي ويئي.هنجي دل چاهڻ لڳي ته ڀوپتي جيڪر چپ چاپ وٽانئس هليو وڃي ته بهتر!

ڀوپتيءَ کي جڏهن اڃا به جواب ڪونه مليو تڏهن وري سنيهه وچان چيائين، ”چارو، مان تو وٽ گهڻو اچي وڃي نٿو سگهان. انهيءَ لاءِ مان برابر تنهنجو اپراڌي آهيان. پر اڄ کان وٺي ائين نه ٿيندو. هاڻي مان ڏينهن رات اخبار پٺيان انڌو اونڌو ڪونه رهندس. تون جيترو وقت چاهيندينءَ اوترو وقت مان تو وٽ رهندس.“

چاروءَ نيٺ بي صبر ٿي چيو، ”اهو سبب ڪونهي.“

”تڏهن ڪهڙو سبب آهي؟“ ائين چئي ڀوپتي پلنگ تي ويهي رهيو.

چارو پنهنجي خفي کي لڪائي نه سگهي. چيائين، ”چڱو هينئر ڇڏيو، رات جو ٻڌائينديسانوَ.“

ڀوپتي گهڙيءَ لاءِ وائڙو ٿي ويو. پوءِ چيائين، ”چڱو هنيئر ڇڏ!“ ۽ اُٿي آهستي آهستي ٻاهر هليو ويو. پاڻ جيڪي چوڻ آيو هو اُهو ڪجهه به چئي نه سگهيو.

چاروءَ کي اها ڳالهه پڻ لڪل ڪانه رهي ته ڀوپتي ڪو ارمان دل ۾ سانڍي ٻاهر هليو ويو. خيال آيس ته وري سڏ ڪريانس، پر چونديس ڇا؟ دک ۽ ارمان هنجي هينئَين ۾ جيڪو اجهو اڏي ويٺو هو، اُنهيءَ کي ڊاهڻ جو هنکي ڪوبه حيلو نظر نٿي آيو.

-----           -----           ------

اڄ رات چاروءَ ڀوپتيءَ جي روٽي ڏاڍي جتن سان پرڇي ۽ پنکو هٿ ۾ کڻي لوڏڻ لڳي.

ايتري ۾ هن ٻڌو ته اُما وڏي واڪي نوڪر کي سڏ ڪري رهي آهي، ”برجُو، برجوُ!“ ۽ برجوءَ جي اچڻ تي پڇيائين، ”ڇا ننڍو بابو کائي اُٿيو آهي؟“ نوڪر جڏهن ها چيو، تڏهن اُما هنتي ڪاوڙجي چيو، ”ته تون پان کڻڻ ڇونه آئين؟“

ٺيڪ اُنهيءَ وقت ڀوپتي ماني کائڻ ويٺو. چارو پنکو لوڏي رهي هئي.

چارو اڄ پرن ڪري ويٺي هئي ته ڀوپتيءَ سان تمام پيار ڀريو ورتاءُ ڪندي. هوءَ دل ۾ ڪئين ڳالهيون سوچي ويٺي هئي. پر اُما جي آواز سندس سارو مانڊاڻ ڊاهي ڇڏيو ۽ ماني کارائڻ وقت هوءَ پتيءَ سان هڪ اکر به ڳالهائي نه سگهي. ڀوپتي به نهايت منجهيل ۽ موڳو پئي لڳو. هن پوري طرح کاڌو به ڪين. تڏهن چاروءَ فقط هڪ دفعو چيو، ”ڇو اڄ پورو کاڌو به ڪين؟“

ڀوپتيءَ جواب ڏنو، ”ڇو، هونءَ کان گهٽ ڪونه کاڌو اٿم!“

سيج ڀون ۾ پهچڻ بعد ڀوپتيءَ پڇيو، ”سنجها جو چيُءِ، ته رات جو ٻڌائينديسانو.“

چاروءَ کڻ خاموش رهي چيو، ”ڪجهه ڏينهن کان، مونکي اُما جي روش ٺيڪ نه ٿي لڳي. هينئر هنکي هتي وڌيڪ رهائڻ جي مونکي همت نه ٿي ٿئي.“

”ڇو، ڇا ڪيو اٿس؟“

”هوءَ امل سان ائين ٿي هلي جو ڏسڻ واري کي به لڄ اچيو وڃي!“

ڀوپتيءَ کلي چيو، ”تون پاڳل ته ڪانه ٿي ويئي آهين! امل ته اڃا ٻار آهي. تنهن ڏينهن......“

”توهانکي گهر جي ڪهڙي سڌ؟”توهين ته فقط ٻاهريون خبرون ڪٺيون ڪندا وتو. ڪئن به هجي پر مونکي ته ويچاري ڀائوءَ جو ئي اونو آهي. هو کائي ٿو يا نه، تنهنجو ته اُما کي ڪوبه فڪر ڪونهي؛ باقي امل لاءِ ايڏي چنتا اٿس جو پان تي ذرا چنو گهٽ لڳي ويو ته ويچارن نوڪرن جو اڌ ساه ڪڍي ٿي ڇڏي.“

”توهان زالن جو سڀاءُ هميشہ شڪي ٿيندو آهي.“

چاروءَ چيو، ”ٺيڪ آهي. اسانجو سڀاءُ شڪي آهي. پر مان ٻڌائي ٿي ڇڏيانو ته مان پنهنجي گهر ۾ اهڙي بيحيائي ٿيڻ نه ڏينديس!“

چاروءَ جي اِنهيءَ بي بنياد گمان تي ڀوپتيءَ دل ئي دل ۾ کليو ۽ خوش ٿيو. گهر پوتر رهي ۽ گرهست ڌرم کي صرف خيال ۾ به ڪو ڪلنڪ ڇهي نه سگهي، انهيءَ لاءِ پتورت نارين لاءِ بيحد خبردار رهڻ ۽ ڪرڙي نظر رکڻ تمام ضروري آهي ۽ اِنهيءَ ۾ ئي گرهست جي مڌرتا ۽ مهما آهي.

ڀوپتي پيار ۽ صدق وچان چاروءَ جي پيشانيءَ تي مٺي ڏيئي چيو، ”توکي اِنهيءَ باري ۾ شور مچائڻ جو موقعو ئي ڪونه ملندو؛ ڇاڪاڻ ته ٻن چئن ڏينهن ۾ اُماپت وڪالت ڪرڻ لاءِ ڊاڪا وڃي رهيو آهي. اُما کي به ساڻ وٺي ويندو.“

آخر ۾ پنهنجي چنتا ۽ انهيءَ اڻوڻندڙ پچار کي پوري ڪرڻ خاطر ڀوپتي ميز تان هڪ ڪاپي کڻي چيو، ”چارو، اڄ ته مونکي به ڪو پنهنجو سٺو ليک پڙهي ٻڌاءِ.“

چاروءَ پتيءَ کان ڪاپي کسي چيو، ”توهانکي اهي ليک ڪونه وڻندا. توهين چٿرون ڪندا.“

ڀوپتيءَ کي اِنهيءَ نوع تان ذرا درد ٿيو پر هن اُنهيءَ کي دٻائي ظاهري مشڪي چيو، ”چڱو، مان چٿرون ڪونه ڪندس. بلڪل چپ چاپ ويهي ٻڌندس.“

پر هو ڪنهن به طرح چاروءَ کي اِنهيءَ ڳالهه لاءِ راضي ڪري نه سگهيو ۽ ڏسندي ڏسندي سڀ ڪاپيون هنجي نگاهن کان اوجهل ٿي ويئون.

-----           -----           ------

ڀوپتي چاروءَ کي سڀ ڳالهيون ٻڌائي نه سگهيو. اُماپتي هنجي اخبار جو مکيه ڪم ڪندڙ هو. چندا وصول ڪرڻ، پريس ۽ بازار جي ڏيتي ليتي ڪرڻ، نوڪرن کي پگهارون ڏيڻ، اهي سڀ ڪم هوئي ڪندو هو.

پر اوچتو هڪڙي ڏينهن پني وارن طرفان وڪيل جي اطلاع ملڻ تي ڀوپتي دنگ رهجي ويو. ڀوپتيءَ ڏانهن هنجا ستاويهه سؤ روپيه رهيل هئا! هن هڪدم اُماپتيءَ کي سڏائي پڇيو، ”هيءَ ڳالهه ڪيئن آهي؟روپيه ته سڀ مون توکي ڏنا آهن. هنجا گهڻي ۾ گهڻا پنجه سوَ روپيه مس رهيل هوندا.“

اُماپتيءَ چيو، ”هنن کان ضرور ڪا غلطي ٿي ويئي آهي!“

مگر ڳالهه لڪي نه سگهي. پوين ڪجهه ڏينهن کان اُماپتي اهڙي طرح دوکو ڏيندو پئي آيو. نه فقط پنو پر ڀوپتيءَ جي نالي هن بازار مان ٻي به ڪيتري ئي اوڌر کنئي هئي. تازو ڳوٺ ۾ جيڪا پڪي جاءِ ٺهرائي هئائين، اُنهيءَ جو به اڌ کان مٿي سامان ڀوپتيءَ جي نالي ئي بازار مان ڳڌو هئائين ۽ کاتي ۾ اُهي سڀ پئسا ڪاغذ بلي داخل ڪيا هئائين.

نيٺ جڏهن ڳالهه ڦاٽ کاڌو تڏهن هن رکي آواز ۾ چيو، ”پر مان ڀڄي ته ڪونه ٿو وڃان؟ آهستي آهستي سڀڪجهه موٽائي ڏيندس. تنهنجي هڪ هڪ ڪوڏي واپس نه ملي ته منهنجو نالو کڻي مٽائج.“

اُماپتيءَ جي نالي بدلائڻ سان ڀوپتيءَ کي ڪهڙي تسلى ٿئي ها؟ حقيقت ۾ هنکي روپين جو ارمان ڪو نه هو پر اِنهيءَ اوچتي وشواس گهات ڄڻ هنجي پيرن هيٺان زمين ئي ڪڍي ڇڏي.

اِهو ئي ڪارڻ هو جو ڀوپتي تنهن ڏينهن ڪمهلو چاروءَ وٽ پهتو هو. سنسار ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو انسان وشواس جوڳو آهي اِنهيءَ ڳالهه جي خاطري ڪرڻ لاءِ هنجي دل وياڪل ٿي رهي هئي. پر انهيءَ گهڙيءَ چارو خود پنهنجي گوندر ۾ غلطا هئي ۽ سنجها جي ديپڪ ٻارڻ بنا اونداهي ڪمري ۾ ڳڙکيءَ وٽ ويٺي هئي.

اُماپتي ٻئي ڏينهن ئي ڊاڪا وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو. بازار وارن کي خبر پوي، هن تنهن کان اڳيئي کسڪي وڃڻ ٿي چاهيو. ڀوپتي نفرت وچان هن سان هڪ اکر به ڳالهائي نه سگهيو ۽ هنجي انهيءَ خاموشيءَ کي اُماپتيءَ پنهنجي خوش قسمتي سمجهي.

امل اُما وٽ پهچي سوال ڪيو، ”اُما ڀاڀِي، ڳالهه ڪئن آهي؟ هي سڀ سامان سڙو ٻڌجي رهيو آهي....؟“

”ٻيو ڇا، هتي هميشهه لاءِ قبو اڏائي ته ڪونه ويهبو. اڄ نه ته سڀان ضرور وڃڻوئي پوندو.“

”ڪٿي جي تياري آهي؟“

”ڳوٺ جي.“

”ڇو، هتي ڪجهه تڪليف ٿي رهي آهي؟“

”تڪليف ڪهڙي آهي. توهين سڀ هئا، منهنجو وقت ته ڏاڍو مزي ۾ ڪٽبو هو! پر ٻين کي جو تڪليف ٿيڻ شروع ٿي آهي!“ ايترو چئي هن چاروءَ جي ڪمري ڏانهن اشارو ڪيو.

امل گنڀير بڻجي خاموش ٿي ويو. اُما چيو، ”ڪهڙي نه شرم جي ڳالهه آهي! وڏو بابو پنهنجي دل ۾ الائي ڇا سوچيندو هوندو!“


 


*  ننڍڙو بادل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org