انتخاب:
مخدوم عبدالله جي ’سنڌيءَ‘ مان نموني طور انتخاب
هن هيٺ ڏجي ٿو:
ڪنزالعبرت مان
ڏهون باب خيانت جو ڪريهون مذڪورا،
جا آهي دعا دين ۾ ۽ پڻ منجهه دنيا،
لکن ڪتابن ۾ ان پر ٿا علماءَ،
ڪرڻ خيانت دين ۾ ۽ منجهه عبادت مؤليٰ،
۽ ڪرڻ خيانت دنيا ۾، منجهه ڪنهن امانتا،
ڪ دغا، تور ڪ ڪسب ڪ منجهه واپارا،
سي ٻئي قسم خيانت جا آگي حرام ڪيا.
_________
ڪتاب سفر السعادت ۾ اِن پر مذڪورا،
فرمايو رسول رب جي نور الانبياء (صه)،
وٺومَ وڪامنديون عورتون جي ڳائين ڳيچ ڳيا،
جئن وٺڻ وڪڻڻ ان جو ۽ کٽيو ان منجها،
۽ پڻ سيکارڻ ايءَ حاجڙي ۽ سڻڻ اُن ڪنا،
سو سڀوئي حرام ٿيو منجهه دين اسلاما.
_________
اهو منهنجي اکين جو ٺار منجهه دنيا،
۽ پڻ ميوو هوم دل جو وندر وجودا،
آنڊا جگر منجها ان سين هئا ٺريا،
هيجان سانڍيو مون هنج ۾ سو پيارو پاڻا،
ڪوڏان نپايم جنهن کي جهجهي سڪ منجها،
هوم آ ڳانڊو اکين دلبر منجهه دنيا.
_________
م مهٽي قبر سا هٿن سين ۽ سَڪَر
ڏي ڪا،
جنهن پر چمن ٿا قبر کي جاهل ويچارا،
م لاهي پنهنجي منهن کي ڪا خاڪ کڻي اُتا،
شرح ۾ شيخ عبدالحق جي آڻي ٿو اها،
مگر چمڻ قبر ماءُ پيءَ جي درست لکن ٿا،
پڻ اُڀٽي
زيارت ميت
جي ڪرڻ افضل آهه،
جي هوئس
قدرت اُڀيڻ
جي ناته ويٺي پڻ رهاءِ،
ڪتاب حيات القلوب ۾ آڻي ٿو اها،
جو تصنيف مخدوم محمد هاشم جو رحمت ڪريس خدا.
_________
جئن امير علي رضه ڪنان منجهه حديث مُروي آهه،
جي پوي ڪنهن کوه ۾ ڦڙو شرابا،
تان پوءِ سڪي کوه سو ٿئي ويرانا،
ماڻهو منارو تنهن ماڳ ۾ اڏين ٻانگ لاءِ،
ته هوند اتس چڙهي ٻانگ نه ڏيئون هرگز هميشاه.
_________
حڪم ساڻ حڪيم جي ڦاٽي ڇت مٿان،
منجهانئس نڪري هڪڙو هٿ ٿيو پيدا،
تنهن هٿ مٿي هو هڪڙو ڳاڙهو ياقوتا،
ڪر شمع قنديل ڪنهن آڻي ٻاريو آهه،
مون تان لڌو ٿي سهڻو سپنو ننڊ منجها،
چان ڪر ڪرسَي هڪڙي منبر رکيو آهه،
ڳتا آهن تنهن ۾ موتي هزارا،
ياقوت، زمرد، فيروز ۽ در جواهرا،
ڪهڙي ڪجي زبان سين تن جي تعريفا.
_________
سکي مسئلا شرع جا پاڙجن پرت منجها،
راضي ٿئي رحمان ڌڻي ۽ پڻ رسول خدا،
سائينم سٻاجها ڌڻي واحد رب وڏا،
عبدالله جهڙي عاصيءَ جي بخشين بوڇ بڇا،
ڏئين توفيق تنهن کي اتي اسلاما،
قادر ڪاري تنهن هٿا سڀئي ڪم سڦرا.
فمر المنير مان
مون کي جئڻ مشڪل ٿيو ڌاران دوستن،
نفسانيت نابود ڪي مِٺائي مِڙِن،
عادت ويئي احسان جي منجهانئي ماڻهن،
وڌا شڪ سڀن کي سرهي شيطانن،
مهر محبت لڏيو هيج نه منجهه هِنن،
ماڻڪ موتي تتهين مرتبو مان لهن
جتي پارک پڌرا صراف هون سندن،
راعي جي رڍن جا سڃ منجهه سهڙن،
جواهر ياقوت جي سي ڪوه قيمت ڄاڻن،
هيري لعل فيروز جي پرک نه پنوهارن،
لهي پاڙ پتل جو سون ري صرافن.
_________
الاهي احسان سين مالڪ سندا ملڪن
سڻ عرض عبدالله جو قادر سين ڪرمن
حرمت حضرت رسول جي عزت اصحابن،
ڪر ڪو تدارڪ تنهنجو منجهانئي مهرن،
جنهنکي ڏکن جا ڏيل ۾ پيا چاڪ ِڪن،
ٻاهر ٻاڦ نه نڪري منجهه مچ ٻرن.
ميون عبدالرحيم گرهوڙي
(1152-1192هه بمطابق 1739-1778ع)
ميون عبدالرحيم ذات جو مڱريو هو. سندس والد جو
نالو سعدالله هو.
ميون عبدالرحيم 1739 ۾ واڙ ڳوٺ، تعلقي کپري (ضلع
سانگهڙ)، ۾ ڄائو هو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب کيس ”موسيجو“ سڏي ٿو،
پر گرهوڙي صاحب پاڻ کي ”مڱريو“ سڏيو آهي- مثال-ع
سچي سور سناسئين، کٿي خوش ٿين،
اُن تڻ اٿن انگ جي، مڱريو چوي من،
اوسر عيدون ڪن، اُٿي گوندر گڏيا.
مڱرين جي وڏي ڏاڏي ”موسيٰ“ جي نالي جي مناسبت سان
”موسيجو“ سندن اوڙڪ ٿي سگهي ٿي.
بهرحال عبدالرحيم گرهوڙيءَ فقہ ۽ تفسير جي تعليم
چوٽيارين ۾ وڃي ورتي،
جتي مشهور عالم ۽ مدرس مئين مبين کان علم جي تحصيل
ڪئي. پنهنجي ذهن ۽ ذڪاوت، فهم ۽ فراست، طفيل ظاهري
علوم سان سينگارجي يگانو عالم ٿيو. سڀ سوانح نگار
انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته گرهوڙي صاحب ڪتابي
علم تي تڪيو نه ڪندو هو، پر پنهنجي عقل سليم ۽
اجتهاد تي هلندو هو. هو مجتهد هو، ۽ ڪنهن کي پاڻ
پاڻ جهڙو عالم نه سمجهندو هو. ظاهري علم تي غرور ۽
ناز هوندو هوس. هو اهل دل درويشن تان ٺٺوليون ڪندو
هو. نيٺ هڪ ڏينهن اهڙو آيو جو هو لنواريءَ جي لال،
حضرت سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان صاحب جو هلي
وڃي مريد ٿيو. پنهنجي هستيءَ کي مرشد ۾ گم ڪيائين،
۽ سڄو هٺ هاري ڇڏيائين
پوءِ مرشد کان فيض وٺي، واپس وطن موٽيو، ۽ خلق کي
فيض مان ورڇ ڏيڻ لڳو-ع
اُتران عيد ٿي، ڏکڻ ڏٺو چنڊ،
جهڙي ڦڙي جنڊ، آيو گُر گرهوڙ ۾.
گرهوڙ ۾ آيو ته هزارين ارادتمند سندس حلقي ۾ اچي
داخل ٿيا. گرهوڙي هاڻي اهلِ دل ۽ فنا في الشيخ هو.
حضرت خواجه سلطان الاولياء جن جي جامي بدلائڻ تي
گاديءَ تان تڪرار ٿيو، پر گرهوڙي صاحب، خواجه صاحب
جن جي فرزند حضرت محبوب الصمد خواجه گل محمد جي
حمايت ڪئي، ۽ خواجه گل محمد (رح) گادي نشين ٿيو.
اِنهيءَ عقيدت منديءَ جو اظهار گرهوڙي صاحب واضح
لفظن ۾ ڪري ٿو-ع
گوهر گل محمد جا دلي دماما،
علهم صلي عليٰ آيا اماما،
عام خلق ۾ گرهوڙي صاحب بابت ڪيتريون ئي روايتون،
ڏند ڪٿائون ۽ پيشينگوئيون مشهور آهن، جن مان ڪن جي
صحت ۾ شڪ جي گنجائش آهي. ڪن ۾ ڪنهن حد تائين صداقت
به موجود آهي. اهڙين روايتن کي اڪثر سوانح نگارن
راوين جي زبانن تي اعتبار ڪري، بزرگ جي سوانح ۾
داخل ڪيو آهي. اهڙيون وڌ ۾ وڌ روايتون، مرحوم
ڊاڪٽر دائود پوٽي ڏنيون آهن.
ممڪن آهي ته خداباد واري مناظري ۾ گرهوڙيءَ هڪ
طالبعلم کي (جيڪو مخدوم محمد هاشم جو پوٽو هو)
مخدوم محمد هاشم جو نالو وٺڻ تي مس ڪُپڙي هنئي هجي،
پر اِهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي ته شاهه ڀٽائيءَ،
گرهوڙيءَ کي ڪي سوکڙيون پاکڙيون موڪليون هونديون،
جڏهن ڀٽائي بزرگ جي وفات وقت گرهوڙي 12-13 سالن جو
ڇوڪرو هو. جن بزرگن سان ڀٽائي صاحب هلي وڃي ملاقات
ڪئي هئي، تن ۾ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي گرهوڙي بزرگ
جو نالو به ڄاڻايو آهي،
پر مٿينءَ وضاحت کان پوءِ اهڙيءَ ضعيف روايت کي
مڃڻ عقل کان بعيد آهي.
گرهوڙي صاحب کي جهاد اصغر جو جوش فطرت ۾ سمايل هو.
اُن لاءِ سندس ٽي عملي ڪارناما مشهور آهن؛ هڪڙو
پير پٿوري تي ٻانگ ڏيارڻ، ٻيون ٽنڊي جان محمد وارو
ٿُڙ وڍڻ، ۽ ٽيون مهاڏيو جي مڙهيءَ واري پروهت سان
دوبدو لڙائي، پوئين معرڪي ۾ گرهوڙي صاحب شهيد ٿيو.
سندس شهادت جو سال 1778 آهي.
گرهوڙي صاحب جي ”سنڌيءَ“ کان سواءِ ٻيون هيٺيون
تصنيفون آهن، جيڪي عربي ۽ فارسيءَ ۾ آهن.
1- فتح الفصل (عربي):
هِن ۾ حضرت سلطان الاولياء جن جا اقوال عربيءَ ۾
سمجهايا ويا آهن.
2- مڪتوبات (فارسي): هي امام
ربانيءَ (رح) جي مڪتوبات جو اختصار آهن.
3- رساله گل نما (فارسي): هيءَ هڪ
مثنوي آهي، جنهن ۾ مصنف، حضرت محبوب الصمد خواجه
گل محمد جن جي مدح ۽ تعريف ڪئي آهي.
4- شرح ابيات سنڌي (عربي):
هن ڪتاب ۾ خواجه سلطان الاولياء جن جي سنڌي بيتن
جي سمجهاڻي لکي ويئي آهي.
نظم جو مضمون ۽ ٻولي:
گرهوڙي صاحب جي ’سنڌيءَ‘ جو مضمون هيٺين مسئلن تي
ٻڌل آهي:
مختلف سورتن جا تفسير، ست فرض، عقائد، ايمان، ترڪو
۽ حقيقت محمدي. حقيقتِ محمديءَ جي سمجهاڻي مذهبي
زاويہء نگاهه توڙي ادبي نقطهء نظر کان اعليٰ پايه
جي آهي. هتي اِهو ڏسڻ ضروري آهي ته جنهن مسئلي کي
گرهوڙي بزرگ اوليت ٿو ڏي اُن جي ماهيت ڇا آهي.
مخدوم ابوالحسن ڏاهري لکي ٿو:
”ازل الازال ۾ حق سبحانہ و تعاليٰ هڪ واحد حقيقي
موجود هو ۽ اُن سان ٻيو ڪجهه نه هو. سڀ ڪا شئي
ڪُلي ۽ جزوي ازل کان ابد تائين سندس علم ۾ حاضر
هئي، انهن علمي صورتن کي اعيان ثابة چوندا
آهن، اِنهن مان پهرين حضور جن جي صورت هئي- جنهن
کي حقيقت محمدي يا حقيقت الحقائق چوندا آهن؛ پوءِ
الله تعاليٰ پنهنجي ارادت ۽ علم موافق ڪنهن معين
زماني ۾ حقيقت محمديءَ کي نهايت لطيف نوراني صورت
۾ موجود ڪيو، ۽ اهڙيءَ طرح نور محمدي وجود ۾ آيو.“
هن جامع پر مختصر وصف کي اهلِ دل ۽ اهلِ نظر تفصيل
سان هيٺين ريت بيان ڪيو آهي: ”خدا تعاليٰ پهريائين
ڳجهو خزانو هو. هر شي سندس علم ۾ هئي؛ ارادو
ڪيائين ته ڳجهي خزاني بدران ظاهر خزانو ٿيان. سڀ
کان پهريائين جا حقيقت علم ۾ هيس سا حقيقت محمدي
هئي. پر اڃان ڪا به تخليق عمل ۾ نه آئي هئي، تنهن
ڪري انهي معين عرصي کي سڏجي ٿو. انهيءَ عرصي کان
پوءِ جڏهن ڌڻي تعاليٰ حضور جن جو نور پيدا ڪيو، ۽
نور جي تخليق واري انهي دؤر کي نور محمديءَ سان
منسوب ڪيو وڃي ٿو. تنهن کان پوءِ جڏهن خود رسول
ڪريم صلعم جن انساني جامو زيب تن فرمائي هن عالم
خلق ۾ آيا، ۽ جيڪو وقت بشر جي صورت ۾ هن ڪثرت
منجهه موجود هئا ته اُنهيءَ ٽئين دؤر کي بشريت
محمديءَ وارو دؤر سڏجي ٿو. اِنهيءَ اسرار تي
ظاهري عالمن نور ۽ بشر جا جيڪي بحث، اختلاف ۽
مناظرا کڙا ڪيا آهن سو ڪو ساراهه جوڳو ڪم ڪونهي.
بشريت وارو دؤر گذري ويو پاڻ ڪريم اُن عرصي ۾ بشر
هئا، پر سندن حقيقت کي عام بشر سان تعبير ڪرڻ عقل
کان پري آهي، گرهوڙي صاحب هن حقيقت جي تهه ۾ وڃي
حضرت آدم کي به رسول ڪريم جن جو ولد ٿو سڏي. کين
بشير به سڏي ٿو، پر نه ظاهر پرستن وانگر- چوي ٿو-ع
بهشت باغ بشير جي لاڳاپي لطفا،
بر ۾ جاءِ بشير جي، اُڀ ڀونءِ اوطاقا،
حضور جن جو نور ئي آهي جنهن جي طفيل حضرت آدم جي
تخليق ٿي. حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان
لنواري وارو ته هن اسرار کي ڏسي حيرانيءَ ۾ آهي-ع
عجب جهڙي آهه، حقيقت حبيب جي،
نڪي چئبو سو ڌڻي، نڪي مخلوقا،
شفق جي ساڃاهه، جامع ليل و نهار کي.
پنهنجي مرشد جو مٿيون بيت تضمين ڪندي چوي ٿو-ع
اصل مڙني ماهيتين ماهيت محبوبا،
آگو چؤ م اُن کي م ڪي مخلوقا،
مدح ۾ محبوب جي هاتڪ حيرانا،
حقيقت حبيب جي عجب جهڙي آهه،
جامع اليل نهار کي شفق جي ساڃاهه،
عقل اوراهون رهي احمد عاليجاءِ،
جهڙو صورت سفرو تهڙو منجهه معنيٰ،
آدم ولد ان جو توڙي والد آهه،
والد آهه وڻ جئن ميوو مولوداء،
ذرو زليخا سريو سيد سونهن منجهاءَ،
مهتر يوسف مڱيو حسن حبيبن کان،
پنهون راڻي پنيو، جوت جانب مان.
گرهوڙي صاحب پڌري پٽ رسول ڪريم جن جي نور کي هر
شئي جو منبع سڏي ٿو. حقيقت محمدي کي گرهوڙي صاحب
ٻين ڪل ڳالهين جو منبع ۽ بنياد سڏيو آهي. ڪن حلقن
۾ حقيقت محمدي جي غلط ۽ مبهم تشريح به ڪئي ويئي
آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽو لکي ٿو: ”حقيقت محمديءَ جو
تخيل يا عقيدو اوائلِ اسلام ۾ پيدا ٿيو، اُن جو
ڪارڻ موضوع يا ضعيف حديثون آهن، جي پهريائين اهل
التشيع ۾ مشهور ٿيون، ۽ رفتي رفتي اهل السنت
الجماعة ۾ به سرايت ڪري ويون. انهن سڀني جو بنياد
ڪرستاني لاگاس يا ڪلمي، سخن يا شبد تي ٻڌل
آهي، ڇاڪاڻ ته ڪرستان حضرت عيسيٰ کي ڪلمةالله ڪري
مڃيندا آهن.“
ساڳئي وقت موصوف حقيقت محمديءَ کي زردشت جي تعليم
سان منسوب ڪيو آهي. هن اسرار کي تخيل سڏي اُنجو
بنياد ڪن جڙتو حديثن تي ڄاڻائي موضوع سان انصاف نه
ڪيو آهي. سندس اشارو غالباً هن حديث ڏانهن آهي،
’اول ما خلق الله نوري‘. وري ٻي حديث آهي: ’اول ما
خلق الله عقل‘ هنن حديثن جي سمجهاڻي حضرت مجدد الف
ثاني ’مڪتوبات‘
۾ واضح طور ڏني آهي، اسرار و معاني جو بيان ڪندي
فرمائين ٿا ته: ”انهن ٻنهي حديثن ۾ ڪوبه فرق
ڪونهي؛ ٻنهي جو مطلب هڪ آهي. حضور پاڪ جن جو نور
سراسر عقل آهي، نور جي وصف آهي ڇپيل شين کي
ظاهر ڪرڻ.“
مٿينءَ مختصر وضاحت کان وڌيڪ حقيقت محمدي جي ماهيت
بابت ڪجه اهل دل ئي چئي سگهن ٿا، جن کي حضرت
بهاءُالدين ذڪريا ملتاني رحمةالله عليه وانگر، تن
۾ هيءَ طلب آهي-ع
آن کس که ترا شناخت جان را چه کند؟
فرزند و عيال و خانمان را چه کند؟
ديوانه کني و هر دو جهانش بديهي،
ديوانهء تو هردو جهان راچه کند؟
اهڙا ڌڻيءَ ڌئا، جيڪي وحدت جي واديءَ ۾ غرق آهن تن
کي جواب به سهڻو ملي ٿو. چي: ”بادرد بساز که
آشنائي تو منم“. اهي ئي حقائق ۽ معارف کي سمجهن
ٿا. ٻيا بقول حافظ: ”چون نه ديدند حقيقت ره افسانه
زدند“ ڇاڇر ۾ ڇيرون ٿا ڪن.
حقيقت محمديءَ کانسواءِ وحدت جو بيان به گرهوڙي
صاحب خوب ڪيو آهي؛ فرمائي ٿو ته: ”ڌڻيءَ سواءِ ٻيو
ڪوبه دنيا تي قادر نه آهي“-ع
جوڳو عبادت جو ڪونهي رب سوا،
ڪنهن کي روا ناهه ڪا پرور ري پوڄا،
تفسيرن ۾ سوره فاتح، اخلاص، تبارڪ ۽ انا اعطينا جو
مطلب، تشبيهن ۽ استعارن جي چاشنيءَ سان سمجهايو
اٿس. سوره فاتح کي قرآن شريف جو بنياد ڄاڻي، ٻيو
سڀ ان جي معنيٰ ۾ ڄاڻائي ٿو-ع
ماءُ ڪل قرآن جي فاتح سوره چون،
ٻيو سڀ تنهن سور جي معنيٰ منجهه ٻجهن،
جن پروڙيو تنهن سور کي ڪَرَ سڀ پروڙيو تن.
”سوره اخلاص“ جي شروعات ۾ ترجمي جا پورا لوازما ۽
اصول ادا ڪيا اٿس-ع
محمد چئو ماڻهن کي هن پر ڳالهه ٻڌن،
الله آهي هڪڙو جهڙس ڪونه ڪهن،
هيڏو ههڙو هيترو قادر ڪيم چون.
اهڙيءَ طرح تفسيرن ۾ زبان نهايت روان ۽ شسته ڪم
آندي اٿس. سنڌي عقائد واريءَ توڙي ستن فرضن واريءَ
۾ هن فصاحت ۽ بلاغت کي هٿان نه ڇڏيو آهي، فرضن
لاءِ تمهيد طور چوي ٿو-ع
ست فرض انسان تي لازم لکن ٿا،
جني ڇڏيو هڪڙو تن تي عذابا،
ڪلمون حج زڪواة چوٿون روزو نمازا،
ڇهون ڇڏڻ حرام جو ستون سک او امراءِ.
عقائد ۾ قيامت جو بيان ڪيو اٿس. ڪشف نالي ڪتاب جو
حوالو ڏيندي چوي ٿو-ع
آهي ڪشف ڪتاب ۾ اهڙي پچارا،
تيرهن سو جي اول ۾ تنهنجو ظهورا
ست وره تنهنجي سڪ ۾ عالم آراما،
پر حياتيءَ ۾ ان جي ايندو دجالا
جو آهي ڪافر بڇڙو چائيندو
الله.
ترڪي واري سنڌيءَ ۾ اهو وضاحت سان فقهه جي ڪتابن
جي بنياد تي ڄاڻايو اٿس ته ڪهڙا عزيز فوتيءَ جي
ملڪيت جا وارث ٿي سگهن ٿا. انهيءَ ضمن ۾ دلائل سان
سير حاصل بحث ڪيو اٿس. هي هڪ شرعي مسئلو آهي
تنهنڪري بزرگ ان جي سمجهاڻي ڏني آهي، نه ته هو
مسڪين ٿي مرڻ کي پسند ٿو ڪري.
گرهوڙي صاحب پنهنجي ڪلام ۾ وقت جي مروج ۽ لاڙي
محاوري واري زبان ڪم آندي آهي. اُن ۾ سريلي محاوري
جو ته خير پر وچولي واري محاوري جو به ڪو اهڃاڻ نه
آهي. نحوي بناوتون به نج لاڙي اٿس؛ مثال طور-ع
ڪنهن جي ڪل نه ڪنهن کي پانهنجي هول وچا،
مگر هوندا مؤمن متقي منجهه پاڇو ئي عرشا،
ڪنهن کي ڪِيمَ ڏکوءِ تون آگي جي ادبا،
حق مَ ڀڃج ڪنهنجو جي ڏئين ڪي گهران،
__________
ڪافر ڪريو پوندا، وڍجيو پير وچا،
جيڪو طبقو هيٺ گهڻو سو اڳرو عذابا،
انهيءَ سان گڏ گرهوڙي صاحب وٽ لفظن جو سڄو ذخيرو
لاڙي آهي. وٽس بي ساختگي گهڻي آهي. زبان ۾ رواني
اٿس، اُن ڪري سندس سنڌي وزن تي پوري ۽ پختي آهي.
وٽس لفظن جو جيڪو ذخيرو آهي تنهن مان ڪي چند لفظ
هي آهن، جيڪي نج لاڙي آهن:
پانجو، اُڀيندا، چؤندو، مهندا، هُونِ، ماڳهين،
هوئج، اچيج، ڪاپڙيين.
گرهوڙي صاحب جي ’سنڌي‘ ۾ سڀ معنوي ۽ صوري خوبيون
موجود آهن. سندس ”سنڌ“ ڪامل نظم جي معيار تي پوري
آهي. کانئس پوءِ انهيءَ پايي جو نظم نويس ڪو ورلي
ٿيو آهي.
انتخاب:
هن هيٺ گرهوڙيءَ بزرگ جي ’سنڌيءَ‘ مان چونڊ ٽڪرا
ڏجن ٿا-ع
اسم ساڻ الله جي سڀئي ٿوڪ ٿيا،
جو خالق مخلوقن جو رهبر رحيما،
صلواتون سرور اتي، جو جوهر جهانا،
آل احمد ٻيڙيون پارس ڏيهه ڏيا،
ڪي ٿيا عاشق ڪوڏيا سالڪ سچارا،
جي سدا شوق شفيع جي پچن پروانا،
وڏا طالع تن جا جي سڪن سيد لاءِ،
سڪن سڃاڻڻ ري محض محالي آهه،
ڪون سڃاڻي ڪڏهم هوت هنئين ڌارا،
سي ڪئن سڃاڻن سپرين جني قلب ستا،
سڻي صورت ظاهري آين آراما،
دار دنيا جو ڇڏي لنگهه لقاپور ڏانهه،
جي دنيا دار ۾ پرين ٿيا پڌرا،
ته هوند نه رهيو هڪڙو ڪافر منجهه ڪفرا،
لالن لقاپور رهي پڌر پاڇويا،
اُهي ڏسن ان کي جي انهي ڏيهه ويا،
ٻيا سڀ سڻن ڳالهيون ڪي پسن پاڇويا،
ڳڙ نه سڃاپي ڳالهئين جان جان ڳڙ نه کاءُ.
__________
اصل مڙني ماهيتين ماهيت محبوبا،
آگو چئو م انکي م ڪي مخلوقا
مُلڪ ماڳ نه هوت جي پريون پينارا،
مور نه آهي ملڪ ۾ سيد شريڪا،
پڌرو پدمن ۾ ٿئي عدد مور نه آهه،
حسن جوهر هيڪڙو ڪثرت جاءِ نه ڪا،
ناهه جهجهائي جوت ۾ توڙي ڏهه لک ٿئي ڏيا،
سرور آخر صورتين مهڙ منجهه معنا،
اصل عالم مون پريس علت ايجادا،
آدم ولد انجو توڙي والد آهه،
والد آهه وڻ جئن ميوو مولودا،
اَوَّلُ اّلِفڪّرِ اَخَــرُ اُلّعَملِ پرين
پاراها،
پاڻان سونهنِ مون پرين ٻيا سڀ اِن سببا،
نرمل نوري پاڻ ۾ ٻين نور اِتا،
سچي سونهن شفيع جي ٻين هوت هٿان،
مگر محمد ڄام کان ڪي حسن هٿ ڪندا،
حقيقت حبيب جي پسندي پُر ٿيا،
ماهيت محمد شاهه جي اهڙي عجيبا،
صلحي ساڻس سک ۾ ٻر ٻر ٻين لاءِ،
ملڪن آدم مڃيو سيد جي سببا،
ٻيڙي طوفانان نڱي نرمل جي نظرا،
مٿي در دوستن جي درسن دائودا،
شوڪت سليمان کي نوري جي نظرا،
قدرت قريبن جي ڦيريو فرعونا.
__________
جيڪي خالق خلقيو سڀ سو مسلم ڪن،
ٻاهتر فريقن گمراهه ٿيا مسلم وچون تن،
جنين ميل ظاهر ڏي سي ڀائر يهودين،
جنين ميل باطل ڏي سي جهڙا نصارن،
مسلم وچون واٽ تن وحدت ۾ وهسن،
هٿ سڱڻيا جنهن جا اُهو هت هوندو،
محمد حسن معنوي صوري شيطانو.
__________
واحد آهي وهيون، ور سڱ واحد سين ڪن،
گولو وفا نه ڪري، بکيا بار ٿين،
سڱ سرهو رب جو ٻيا سڱ سور ٿين،
سڱ سرهو ساجن جو، ٻئنون هٿ ڌوپن،
حمد لائق حق کي، جو خالق ڪل خلقن،
خالق ڏنيون خوبيون مڙني مخلوقن،
ساراهجي مخلوق ته ساراهه رب سمجهن،
ڪُنان ڪنڀارن سڦرا ته اوءَ سڦرائي اُن،
پاڻيءَ چنڊ چمڪيو ته ايءَ آهي سونهن اُڀن،
ٻجهن وارن ٻجهيو، ٻجهيو تان نه ٻين،
نچڻ وارا ڀولڙا اڳيان استادن،
مالڪ مڙني مون ڌڻي، واري تئن ورن،
خالق جي خلقت کي بڇڙو ڪين ڪهن،
احَسَن کُلّ شَيء خَلقَہُ سڀو هنڌ حمدن،
ڏوهارين ري ڏيهه ۾ سکر نه سڃاپن،
اوندهه ڌاران سج جو ڪهڙو قدر تن،
دوزخ ڌاران دمڙي بهشت نه بها لهن،
علم مڙوئي اُن کي مر ملڪ منجهه پسن،
قدرت ڪلي رب جي عاقل ائين سمجهن.
ڪامل ڪاتي پنهنجي هاتڪ ڇڏ م هٿان،
جيڪي تو آڏو اچي هلندي حبيبا،
اٽڪ وجهي واٽ ۾ ڪڏهن ڪنهن طرحا.
__________
جنين توسين نه وڻي، توڻي مٺورا،
توڙان تنهنجي روش ۾ راضي جي نه رهيا،
ڪونهي اصل انجو بيخ نه بنيادا،
ابتر اڀاڳا ٿيا خالي خير ڪنا،
ناهه پاڇانڊو وڻ تنهين جنهن بيخ نه بنيادا،
اصل عالم تون ٿئين ڇنان توهم کان.
ببليوگرافي
هن مقالي جي تياريءَ لاءِ خاص طور هيٺيان ڪتاب
اڀياس ۾ رهيا.
سنڌي ڪتاب
1. مير علي شير قانع: تحفة الڪرام (سنڌي)، سنڌي
ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1957ع.
2. مولائي شيدائي: جنت السنڌ، سنڌي ادبي بورڊ،
حيدرآباد _ ڪراچي، 1958ع
3. رائچند هريجن: تاريخ ريگستان، سنڌي ادبي بورڊ،
ڪراچي، 1956ع
4. محمد صديق ميمڻ: سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو
پهريون، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد، 1937ع
5. لطف الله بدوي: تذڪره لطفي، ڀاڱو پهريون، ڇاپو
ٻيو، آر. ايڇ. احمد برادرس حيدرآباد، 55_1956ع
6. عبدالحسين موسوي ۽ محمد ابراهيم عباسي: سرهاڻ،
سنڌ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد، 1958ع
7. جهمٽ مل ڀاوناڻي: ڇند سڳند، هندو پريس، اجمير،
1953ع
8. جهمٽ مل ڀاوناڻي: ڍولا مارو، هندوستان ساهتيه
مالا، بمبئي، 1956ع
9. ايڇ. ايم. گربخشاڻي: شاهه جو رسالو، ڀاڱو
پهريون، ڪمشنر جو ڇاپخانو، ڪراچي 1923ع
10. ڪلياڻي آڏواڻي: شاهه جو رسالو، هندوستان ڪتاب
گهر، بمبئي، 1958ع
11. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: معجزا، سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد، 1960ع
12. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: مناقبا، سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد، 1960ع
13. الله بچايو سمون: سير لاڙ، ماڊرن سنڌ پبلشنگ
هائوس، ڪراچي
14. ايڇ. ايم. گربخشاڻي: لنواريءَ جا لال،
ايجوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني، ڪراچي، 1934ع
15. عمر محمد دائودپوٽو: ڪلام گرهوڙي، سنڌي ادبي
سوسائٽي، ڪراچي، 1956ع
16. علي نواز جتوئي: سنڌي ڪلام مئين عبدالرحيم
گرهوڙيءَ جو، آزاد بوڪ ڊيپو، حيدرآباد، 1956ع
17. ڄام ڪانڀو خان: سنڌي مئين عبدالرحيم جي،
ڪراچي، 1904ع
18. مخدوم عبدالله: ڪنزالعبرت، ايجوڪيشنل پريس،
ڪراچي، 1961ع
اردو ڪتاب
19. اعجازالحق قدوسي: تذکره صوفيائه سندهه، اردو
اڪيڊمي ڪراچي، 1959ع
20. غلام رسول مهر: تاريخ سندهه عهد کلهوڙ ٻه جلد،
سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ڪراچي، 1958ع
فارسي ڪتاب
21. مير علي شير قانع: مقالات الشعراء، سنڌي ادبي
بورڊ، ڪراچي، 1957ع
عربي ڪتاب
22. مخدوم محمد معين: دراسات اللبيب، سنڌي ادبي
بورڊ، حيدرآباد، ڪراچي، 1957ع
انگريزي ڪتاب
23. Sorley, H. T.: SHAH ABDUL LATIF OF BHIT,
Oxford University Press, London, 1940
24. Rao, V. N.: Classical Hindi Poetry and
Music, Pioneer Press, Allahabad, 1922.
|