نظم جي سٽاءَ ۽
هيئت
ڪن محقتن هن قسم جي طويل نظمن کي ڪبت به سڏيو آهي.
عام طور هن صنف کي ”سنڌي“ سڏيو ويندو آهي. ’ڪبت‘
اصل سنسڪرت لفظ ڪَوّ
KAV
مان نڪتل آهي
هي طويل نظم آهي جو مسلسل ۽ يڪي قافيي تي ٻڌل
هوندو آهي. هن جو قافيو الف اشباع ’و‘ ’ن‘ ۽ ’آن‘
وغيره هوندو آهي. بيت جون مصراعون محدود هونديون
آهن، پر هن طويل نظم لاءِ اهڙو قيد نه آهي. هن ۾
مصرعن جو تعداد ويهن پنجويهن کان هزارن تائين نظر
اچي ٿو. ڪٿي ڪٿي پنجن ڇهن مصرعن تي قافيو بدلبو
رهيو آهي، ته ڪٿي سوين مصراعون هڪ قافيي تي قائم
ٿيل آهن. ڏوهيڙي (دوهره- دوها) وانگر هي به ڇند
وديا تي ٻڌل آهي،
جنهن ۾ وري سنگيت ۽ تال جو وڏو دخل آهي. ماترائن
جي تعداد جي لحاظ کان ڪيترائي تال بنجن ٿا. ڪي ڏهن
ماترائن جا ته ڪي ٻارهن ماترائن جا ٿين ٿا. ڪي
مشهور تال هي آهن: تين تال، جهپ تال جهومراتال،
ايڪ تال، آڙه چؤ تاله ۽ ڌمار وغيره. ماترا برابر
آهي طبلي يا پڪواز تي هڪ چوٽ هڻڻ جي. مثال طور:
هيٺ ڏنل ماترائون ڏهه آواز ڏيکارين ٿيون: ڌن ڌن ڌن
نا، ڌن ڌن ڌن نا، ڌن نا.
دوهو، جو پوءِ ڏوهيڙو ٿيو، سوهنديءَ يا اُتر
هندستان جي ٻوليءَ ’برج‘ مان آيو. دوهو يعني ٻن
سٽن وارو شعر. هن جو بنياد به ڇند وديا تي آهي.
ڪيترن ئي مختلف ڇندن کي عالمن ۽ مهاڪوين مختلف
نالا ڏنا آهن. اُنهن مان ڪن مقبول ڇندن جي بيهڪ ۽
سٽاء توڙي سمجهاڻي مثالن سان هن ريت آهي:
دوها ڇند:
هن ۾ قافيا ٻنهي سٽن جي پڇاڙيءَ ۾ ايندا آهن. هر
سٽ ۾ ٻه اڌ ٿيندا آهن، جن مان هرهڪ کي چرڻ چئبو
آهي. هيٺ ڏنل خاڪي ۾ قافيا
X
نشان وٽ ٻئي ۽ چوٿين چرڻ ۾ اچن ٿا. انگ، ماترائن
جو تعداد ڏيکاري ٿو.
11 13
____________________، _____________________X
____________________، _____________________X
11 13
مثال: (الف)
نينهن نياپي نه ٿئي، سڌئين سيڻ نه هُونِ،
ڪارئين راتئين رت ڦڙا، جان جان نيڻ نه روُنِ.
(شاهه ڪريم)
(ب)
ساجن ميرا ايڪ هئي، دوجا ڪرون نه ڪوءِ،
دوجا ساجن تب ڪرون، جب ڪل دو جي هوءِ.
(ڪبير)
مٿي ڏنل ٻن مثالن مان هي ظاهر آهي ته دوهي ۾ قافيا
ٻئي ۽ چوٿين چرڻ ۾ اچن ٿا. دوهي جي اُبتڙ ”سورٺي“
۾ وري، قافيا پهرئين ۽ ٽئين چرڻ ۾ اچن ٿا؛ سورٺي
جو نقشو هي آهي:
سورٺا ڇند
13 11
____________________
X
_____________________،
____________________
X
_____________________ .
13 11
مثال:
ايڪ قصر در لک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون،
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون.
انهن ٻنهي ڇندن جو ميل هڪ نئين تشڪيل وٺي، دوها-
سورٺا ميل سڏجڻ ۾ آيو:
11 13
____________________
,
_____________________
X
____________________
X
_____________________ .
13 11
هن ۾ پهرين سٽ دوهي جي آهي، ۽ ٻي سٽ سورٺي جي.
اهڙيءَ ريت سنڌي شاعرن انهن هيئتن ۾ گهڻي جدت
ڏيکاري. هنن وٽ هيئت جو پيمانو محدود نه رهيو،
تنهنڪري ڪيترائي نوان ڇند به آزمايائون. اهڙن ڇندن
جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
سورٺا - دوها - سورٺا ميل
نه ڪو خبر نه خواب، نه ڪو اوٺي آئيو،
هتان جو هت ڪنهن، ڏنو ڪونه جواب،
هميرن حساب، ڪوهه ڄاڻان ڪيئن ٿيو؟
ڪن وري دوهي جي ٽن سٽن کان پوءِ، هڪ سٽ سورٺي جي
ڪم آندي، ته هيٺين هيئت وڃي بيٺي:
ڏيڍو دوها ۽ سورٺا ميل
_____________ ، _______________
X
_____________ ، _______________
X
_____________ ، _______________
X
_____________
X
_______________ .
اهڙيءَ طرح سٽن جو تعداد وڌڻ ڪري، اهو پيمانو
محدود نه رهيو، ۽ نيون نيون هيئتون بڻجي پيون.
شاهه جي رسالي ۾ آيل ڪاپائتيءَ جي مت، جنهن لاءِ
ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو: ”فارسي مسمط جي طرز تي چيل
آهي، تنهنڪري ڌاريون ڪلام آهي،
۽ جنهن مت کي ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم، حافظ پنيل
جي تصنيف ليکيو آهي، سا ”مت“ حقيقت ۾ ڇند جي هڪ
صنف آهي.
”مت“ هندوستان جي ڪيترن ئي شاعرن چئي آهي، جهڙوڪ:
ملڪ محمد جائسي، تلسيداس، اميرخسرو، حضرت گيسو
دراز، وَجَهِي ۽ ڪبير وغيره.
مٿيون اُهي چند صنفون آهن، جن جو خاص طور ڏوهيڙي
سان واسطو آهي. هنديءَ ۾ ٻيون به انيڪ صنفون آهن،
جن مان دِڪپّال ڇند، چؤپائي ڇند، ارڌالي چؤپائي،
مالتي، چندرايڻ ڇند ۽ ات بروا وغيره. انهن مان ات
بروا، چندرايڻ ۽ دڪپال ڇند تي هن قسم جا طويل نظم
بيٺل آهن. هندي شاعرن به انهن ئي ڇندن ۾ مسلسل
قافين وارا نظم چيا آهن.
وزن توڙي سٽاء جي لحاظ کان مذڪوره سنڌي نظم جو
تعلق به چندرايڻ، ات بروا ۽ دڪپال ڇند سان آهي.
هنن ڇندن ۽ دوها ڇند ۾ گهڻو تفاوت آهي. دوهي جي
ماترائن جي سمجهاڻي، ڇند جي عالمن نهايت سهڻي
نموني ڏني آهي. هر ڊگهي آواز ۾ ٻه، ۽ هر ڇوٽي آواز
۾ هڪڙي ماترا ليکي اٿن. مثال طور،
"S"
نشاني ٻن ماترائن لاءِ آهي، ۽
"I"
نشاني هڪ ماترا لاءِ آهي.
IS IIS SS S IS IIS SS
سائي صورت عين ڪي، سائي صورت غين،
IS S IS IS SI IS SII III
سمن نقطا دور ڪرو، اوءِ عين ڪي عين.
مٿئين دوهي جي پهرين مصرع ۾
"S"
نشان وارا ڪل 9 پد آهن، جن جون
18=2x9
ماترائون ٿين ٿيون، ۽ ساڳيءَ مصرع ۾
"I"
نشان وارا ڪل 6 پد آهن. انهيءَ حساب سان سڄيءَ
مصرع ۾
24=6+18
ماترائون ٿيون. اهڙي وزن کي دوهي جو وزن چئبو.
پهرينءَ مصرع جي پهرئين چرڻ جي ماترائن جو جوڙ 13،
۽ ٻئي چرڻ جي ماترائن جو جوڙ 11 ٿيو. چند رايڻ ۽
ات بروا، جيڪي ڪبت جا ڇند آهن تن ۾ هر سٽ ۾ 21
ماترائون ٿين ٿيون، پر ٻنهي جي چرڻن جي ماترائن ۾
فرق هوندو آهي، چندرايڻ جي مصرع جي پهرئين چرڻ ۾
11، ۽ ٻئي ۾ 10 ماترائون ٿينديون آهن.
ماترائن جي ڪل تعداد ۾ هي ٻئي ڇند هڪ جهڙا آهن. پر
ات بروا جي پهرئين چرڻ ۾ 21 ۽ ٻئي چرڻ ۾ 9
ماترائون ٿينديون آهن. چندرايڻ ڇند جي مثال لاءِ
گرهوڙي صاحب جي ”سنڌيءَ“ جي مصرع کي ڏسون ٿا:
S IS SSI S SI IS IS
اسم ساڻ الله جي، سڀيئي ٿوڪ ٿيا.
_____________________ __________________
11 + 15
چندرايڻ ڇند جي ماترائن کان دڪپال ڇند جي ماترائن
(21+21) ۾ فرق آهي. اُن ڪري اُهو دوهي لاءِ موزون
آهي. پر ڪي طويل نظم (مثال لاءِ مولوي محمد صلاح
الدين جي ’سنڌي‘) دڪپال ڇند ۾ به آهن. جتي سنڌي
عالمن ’قرآن شريف‘، ’حديث‘ ۽ ’قصيدي برده‘ مان
حوالا ڏنا آهن، اُتي وزن مقرر حد کان وڌي ويو آهي،
نه ته ٻيءَ حالت ۾ وزن مقرر ڪيل ڇندن تي پورو بيهي
ٿو.
سرسري نظم
هن قسم جي نظم جي شروعات، مخدوم ابوالحسن جي ڪتاب
’مقدمة الصلواة‘ سان ٿي. هن باب ۾ اسان کي ڏسڻو
آهي ته شروعاتي نظم ڪهڙي پايي تي آهي، ۽ ڪلهوڙن جي
دور ۾ لکيل ٻين ”سنڌين“ جو علم و ادب ۾ ڪهڙو درجو
آهي؟
هن دور جي مختلف ”سنڌين“ جي فني تجزئي ۽ باهمي
مشابهت مان جو نتيجو ظاهر ٿئي ٿو سو هي آهي ته
اوائلي دور کان آخري دور جون ’سنڌيون‘ مضمون
آفرينيءَ توڙي سٽاءَ جي لحاظ کان پختيون ۽ معياري
آهن. مخدوم ابوالحسن پنهنجو ڪتاب مقدمة الصلواة
1700ع ۾ لکيو. اِهو ڪتاب ئي هن قسم جي تاريخ ۾
سنگ- ميل جي حيثيت رکي ٿو. اُن سان ئي سنڌ ۾ اهو
عام رواج پيو. هن صاحب جي پيش نظر اهو مقصد هو ته
شريعت جي سمجهاڻي سليس سنڌيءَ ۾ ڏني وڃي. پنهنجي
نظم ۾ شعر و شاعريءَ جا لوازم، شاعراڻيون خوبيون ۽
وزن جي بندش قائم رکڻ جو خيال ڪونه هوس. اهوئي سبب
آهي جو سندس تصنيف ۾ نه ادبي زبان آهي، نه لفظي
صنعتون آهن، ۽ نه وري سندس نظم سٽاء جي لحاظ کان
ڪو اعليٰ پايي جو آهي. مخدوم ابوالحسن جي مقابلي ۾
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي رسالن، ذبح شڪار،
زادالفقير ۽ مخدوم عبدالله جي ڪتاب، قمرالمنير
وارو نظم، اسلوب توڙي سٽاء جي لحاظ کان اعليٰ
معيار وارو آهي. اهڙيءَ طرح مخدوم غلام محمد بگائي
۽ مولوي محمد صلاح
جون سنڌيون بندش ۾ چشت، رنگين بيانيءَ ۽ مضمون جي
گوناگونيءَ جي ڪري بلند پايي جون آهن. مخدوم
ابوالحسن جي نظم ۾ وزن جي ڏَڌ جو مثال هيٺ ڏجي ٿو-
ع
پير جيڻي جي چيٽ ڪنان، ننهن کي لاهي،
ڏائي پير جي چيٽ، اُتي نيئي پهچائي،
شرح ۾ مشڪواه جي، ائين فرمائي.... الخ.
چندرايڻ، دڪپال ۽ ات بروا ڇند، جن جو ذڪر نظم جي
سٽاء جي سلسلي ۾ ڪري آيا آهيون، تن مان ڪنهن تي به
هنن مصراعن جو وزن نٿو بيهي، ۽ دوها ڇند تي به
پورو نه آهي. ليڪ ڏنل چرڻ جو وزن اٺن ماترائن ۾
آهي، جيڪو هن قسم جي نظم جي ڪنهن به ڇند جو نه
آهي. اِن مان اسان جو مقصد اهو نه آهي ته ابوالحسن
جي سڄي نظم کي وزن جي ڪري غير موزون ۽ گرگلو
سڏيون. گهڻي ڀاڱي سندس نظم وزن جي مقرر ڪيل پيماني
تي آهي. پختي نظم جي مثال لاءِ مولوي محمد صلاح جي
ڪلام مان هڪ ٽڪرو ڏجي ٿو:
وڳي نوبت نبي ڄام جي، آيو احمدا،
ڀڀڪي ڀيڙ بهادري، خاتم خيرالوريٰ،
گوهر گجرن ڳائيو، چوڏس چڱائيا،
قريشيءَ جي ڪچهرئين، پيئي پچارا،
راهوءَ سندي رهاڻئين، ورتي ورونها.
هاشميءَ جو هل ٿيو، منجهه ملڪن مشهورا... الخ
(دوها ڇند 13+11)
جيتوڻيڪ هن ۾ مختلف مصراعن جو وزن مختلف آهي پر
عام طرح هي نظم پختو آهي. سڄي مصرع موزون آهي.
ڪيترن شاعرن دڪپال ڇند کي ڇڏي دوها ڇند ۾ به ڪلام
چيو آهي.
مخدوم غلام محمد بگائيءَ جا ڪبت جي طرز تي چيل
’معجزا‘ نه رڳو تخيل، اسلوب ۽ مضمون آفرينيءَ جي
ڪري اعليٰ معيار جا آهن، پر وزن تي به پورا ۽ بندش
۾ چست آهن. مثال طور- ع:
ڪامل هوس ڪليم وٽ، اڪثر اياما،
دل هئي دائود سان، منهنجي مرغوبا،
صحبت سليمان سان، ٿيم نعمت نصيبا،
الفت عيسيٰ سان هئي، مون کي محمدا،
مڙني مرسلن سان، ڪيم ويهي ورونها،
تن سڀني کان مون سئي، تنهنجي تعريفا،
سڀ سڪندا هئا توکي، ساريندا صحيحا،
مشرق مغرب ملڪ جو، ڪيم سير سردارا... الخ.
مخدوم بگائيءَ جو نظم بندش جي لحاظ کان بلڪل پختو
آهي. لفظن جي جڙت، شسته زبان ۽ تجنيس حرفيءَ جي
صحيح استعمال ڪري، اعليٰ پايي جي نظمن جي زمري ۾
اچي ٿو. مخدوم بگائيءَ وانگر مولوي محمد صلاح به
رسول ڪريم صلعم جن جي صفت ۽ ساراهه لاءِ هن قسم جي
نظم جو سهارو ورتو. معلوم ٿو ٿئي ته هنن پنهنجي
همعصر نظم نويسن جو چڱيءَ طرح مطالعو ڪيو هو. اُن
ڪري نه رڳو سندن نظم ۾ پختگي آئي، پر خيالات ۾ به
وسعت ۽ هم آهنگي پيدا ٿي. بگائي توڙي محمد صلاح جي
انداز بيان ۽ اسلوب ۾ جدت ۽ جوش آهي. سندن نظم ۾
ادبي ۽ مروج زبان ملي ٿي، جا مخدوم ابوالحسن ۽
مخدوم ضياءالدين جي زبان کان وڌيڪ فصيح آهي. رسول
پاڪ جي صفت جيڪا هنن منظوم ڪئي آهي، تنهن کي سهڻين
تشبيهن ۽ مؤثر استعارن سان سينگاري پيش ڪيو اٿس.
بلاغت ۽ فصاحت جي ڪري نسبتاً هن نظم کان رندي
ڪلامن ۽ بيتن ۾ رس جس وڌيڪ آهي. جيئن صوفياڻي
شاعري کي عام قبوليت جو درجو حاصل ٿيو، تيئن
عالمن، طالبعلمن ۽ پڙهڻ پڙهائڻ وارن وٽ وري
”سنڌين“ کي اهميت ملي، ۽ ”سنڌيءَ“ جي مشهوري
اسلامي مدرسن جي دائري کان ٻاهر به چڱي ٿي. مذهبي
خيالات رکڻ وارن جي حلقي ۾ هن جو چرچو عام ٿي ويو.
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي پياري شاگرد ۽ مريد
عبدالخالق به اُستاد جي ارشاد سان سنڌيءَ ۾ پنهنجو
منظوم ڪتاب، مطلوب المؤمنين، 1723ع ۾ تصنيف ڪيو،
جو مخدوم محمد هاشم کيس صحيح ڪري ڏنو.
هن ”سنڌيءَ“ ۾ عبدالخالق اُهي اخلاق ۽ عمل بيان
ڪيا آهن، جيڪي پورا ڪرڻ لاءِ قرآن مجيد ۽ حديث
شريف جو حڪم آهي. انهن عملن ۾ فرض، واجب، سنتون ۽
مستحب اچي وڃن ٿا. مخدوم محمد هاشم ’فرائض
الاسلام‘ ۾ رڳو اُهي عمل بيان ڪيا آهن، جيڪي شريعت
موجب لازم ٿين ٿا. اِنهيءَ بنياد تي ’مطلوب
المؤمنين‘ کي ’فرائض الاسلام‘ جو تڪملو چئجي ته
صحيح ٿيندو. اِنهيءَ سان گڏ عبدالخالق امر ۽ منع
ٿيل عملن جو بيان جدا به ڪيو آهي.
ڪن شاعرن ٽن يا چئن مصراعن کان پوءِ قافيو بدلايو
آهي. عبدالخالق به ڪن هنڌن ائين ڪيو آهي. اسان جي
خيال ۾ هن قسم جي نظم ۾ ’ڪامل‘ ان کي چئجي جنهن جو
شروع وارو قافيو جيڪڏهن آخر تائين نه هلي، ته به
ويهن مصراعن تائين ته ضرور هلي. مخدوم ضياءالدين
جي نظم کي به ’ڪامل‘ چئي نٿو سگهجي. ’ڪامل‘ نظم جي
سلسلي ۾ مخدوم محمد هاشم جي ’فرائض الاسلام‘،
مخدوم محمد عبدالله جي ’ڪنزالعبرت‘ ۽ ’قمرالمنير‘،
۽ مولوي محمد حسين جي ’سير بستان‘
جا نالا سرِ فهرست اچن ٿا. اهي سڀ ڪتاب اول کان
آخر تائين يڪي هڪڙي قافيي تي آهن، رڳو فرائض
الاسلام ۾ ٻارهن هزار مصراعن مان فقط ڏيڍ ٻه سو
مصراعون ڌار قافيي تي آهن. سيرِ بستان به ڪامل نظم
جو سهڻو مثال آهي. مٿي مقرر ڪيل معيار موجب ڪامل
نظم جا ٻيا ڪي مثال ٿورا لڀندا.
گرهوڙي صاحب وري هر مضمون کي جنهن قافيي تي کنيو
آهي، ان تي ئي پورو ڪيو آهي. مثال طور ’حقيقتِ
محمدي‘ واري سنڌي هڪ قافيي تي ته ’عقائد‘ واري
سنڌي ٻئي قافيي تي؛ اهڙيءَ طرح تفسيرن جي سمجهاڻي
وري علحدي قافيي تي رکي اٿس. مضمون جي وچ تي ڪٿي
به قافيو نه بدلايو اٿس. مولوي عبدالسلام جو ڪتاب
’شمائل نبوي‘ (تصنف 1197هه)، جيڪو هن طرز تي رسول
ڪريم جن جي صورت ۽ سيرت جي بيان ۾ آهي، سو به ڪامل
نظم جي زُمري ۾ اچي ٿو، ۽ مولوي علي اڪبر پنهنجي
ڪتاب ’حصص الاموال و بخل الاموال‘ (تصنيف 1748ع) ۾
خيرات، فطري ۽ زڪواة جو بيان ڪيو آهي. مولوي
عبدالسلام ۽ مولوي علي اڪبر جي ”سنڌين“ ۾ جيتري
پختگي ۽ مضمون آفريني آهي، اوترو ئي مخدوم محمد
ابراهيم ڀٽيءَ (ولادت 1690ع) جي ”سنڌيءَ“ ۾ وزن جا
ڏَڌَ، غيرواضح ۽ مبهم سمجهاڻيون آهن.
مخدوم عبدالرؤف ڀٽي (1682- 1752ع)، جنهن جو موزون
ڪلام مولودن جي صورت ۾ گهڻوئي مشهور ۽ عام آهي،
تنهن هن طرز تي ڪي مناقبا به چيا آهن. هڪڙو مشهور
معجزو به چيو اٿس، اُن مان سندس نظم جي پختگي ظاهر
ٿئي ٿي-ع
ميٽ وڌائونس مٿي ۾، ور ڏيو کي وارن،
تان قدرت ساڻ ڪريم جي، ترڪيس پير تڙن،
اُلٽي پيئي آب ۾، ڪري تان ڪپن،
ڪڍي مٿو ٻاهر ٿي، ديکي سان ديدن،
موڙهو مٽجي عورت مان، مثل ٿيو مردن،
ڪرشو ڏٺائين ڪپ تي، اُهي وڻ وطن... الخ.
هي قصو هڪ ڪافر جي بيان ۾ آهي، جيڪو سنڌ ۾ عام
مشهور ۽ مقبول آهي. اهو قصو مختصر هيئن آهي: هڪڙو
ڪافر، پنهنجي زال کي طعام تيار ڪرڻ لاءِ چئي، ڪرشو
کڻي، درياءَ تي وهنجڻ لاءِ ويو. هو اوچتو پاڻيءَ ۾
ڪري پيو، ۽ عورت بنجي پيو، ۽ ٻئي هنڌان وڃي نڪتو.
اُتي ساڻس هڪ سوداگر شادي ڪئي. ان مان کيس ست پٽ
ڄاوا.
هڪڙي ڏينهن هو وري درياءَ تي وهنجڻ جي خيال کان
آيو. ٽٻي هڻڻ سان وري پنهنجي ڳوٺ واري تڙ تان مرد
جي روپ ۾ نڪتو. هن ڏٺو ته سندس ڪرشو به ڪپ تي پيو
آهي. ڪرشو کڻي گهر آيو. زالس چيس ته ”جلدي موٽي
آئين؟، آءٌ ته اڃا باهه پيئي ٻاريان.“
هن قصي کي عبدالرؤف نهايت خوبيءَ سان، روان ۽ شسته
زبان، ۽ موزون تشبيهن سان بيان ڪيو آهي. اهڙيءَ
طرح ميون عيسو هالائي، جيڪو ڪلهوڙن جي اوائلي دور
جو شاعر هو، تنهن رسالي جي بيتن سان گڏ هن طرز ۾
به ڪجهه شعر چيو آهي.
آهيم آسرو اوهانجو، وسيلا ولهن،
ترهو موڪل تڪڙو، مڇڻ وڃان وِيرن،
تنهنجي ترهي توهه سان، بچان کان بحرن،
آهيان مفلس نڪڻو، پالهو ثوابن،
عيسيٰ کي احسان سين، بچائي کان بحرن،
جيڪي يار عزيز مون، تِنِهين ساڻ سڀن،
هوتاڻي حضور ۾، هيڪاندا هجن.
جيئن ڏوهيڙي، بيت، لوڙائو ۽ ڪافيءَ کي نغمگي ۽
موسيقيت آهي، تيئن هن قسم جي نظم ۾ جا موسيقيت
آهي، انجو مزاح منفرد ۽ علحدو آهي. هن ۾ عشقيه
مضمون آڻجي يا مذهبي، مخدوم محمد هاشم جون
عالماڻيون سمجهاڻيون هجن يا مخدوم عبدالرؤف جون
آزيون نيزاريون، محمد شريف جي ’ملڪي سنڌي‘ هجي يا
مئين عيسي جي مداح، نغمگيءَ جي ڪري، هر حالت ۾
قاريءَ جي ذهن تي اثر ٿئي ٿو.
ڪلهوڙن جي دور واري هن طرز جي نظمن کي هڪ ”تحريڪ“
چئي سگهجي ٿو، جنهن جو اولين ڪارج شريعت جي
سمجهاڻيءَ سان پورو ٿيو. جيئن ته پوءِ هن ۾ خدا ۽
رسول جي مدح ۽ ثنا به ٿيڻ لڳي، اُن ڪري هنن نظمن
کي وڌيڪ مقبوليت حاصل ٿي، ۽ منجهن جا نغمگي سمايل
هئي تنهن سنجيده ۽ بالغ ذهنن تي گهرو اثر ڪيو.
ائين چوڻ ۾ ذرو به وڌاءُ نه ٿيندو ته هن نظم، نه
رڳو ابوالحسن جي هٿن کان گرهوڙيءَ رحه جي هٿن
تائين، ارتقائي منزلون طي ڪيون، پر اُن جو عام
چرچو به ٿي ويو.
آخر ۾ ڪلهوڙا دور جي هنن نظمن ۾ ڪم آيل ٻوليءَ تي
سرسري نظر وجهڻ ضروري آهي ته جيئن خبر پوي ته هنن
نظمن جي اُستادن ڪا تڪليف ۽ تصنع واري زبان ته ڪم
نه آندي آهي، يا سندن ٻولي سادي ۽ عام فهم آهي؟
مخدوم محمد هاشم جي ٻولي عالماڻي آهي. لفظن جو
ذخيرو گهڻي قدر ابوالحسن وارو ساڳيو ڪم آندو اٿس،
جن مان گهڻا هاڻي متروڪ آهن. هڪ ڳالهه جي ڪري ميان
ابوالحسن ٻين نظم نويسن کان ممتاز حيثيت رکي ٿو،
ڇو جو سندس لفظن جو ذخيرو گهڻو آهي، ۽ مخدوم محمد
هاشم کان سواءِ ٻين سڀني اُهي لفظ ايتري انداز ۾
استعمال نه ڪيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ميان ابوالحسن
جي پيرويءَ جي ڪوشش ڪنهن حد تائين متاخرين ڪئي
آهي.
جهڙيءَ طرح ڀٽائيءَ رحه جي زبان انهيءَ وقت جي
عوام جي روزمره جي زبان هئي، اهڙيءَ طرح هن نظم جي
زبان به عوام جي روزمره جي گفتگو ۾ ڪم ايندڙ ۽
مروج زبان هئي.
هنن سڀني عالمن جو لب ۽ لهجو، تقريباً لاڙي آهي.
لاڙ جي اثر کان ابوالحسن کان گرهوڙيءَ تائين ڪوبه
آجو نه آهي. سڄي دور ۾ ٻوليءَ جي لب- لهجي ۽ نحوي
بناوت کي لاڙي لهجي سان وڏو واسطو آهي.
اعليٰ پايي جا نظم نويس
ڪلهوڙن جي دؤر ۾ لکيل ”سنڌين“ جي تفصيلي جائزي کان
پوءِ، اسين هن نتيجي تي پهتا آهيون ته مخدوم
ابوالحسن، مخدوم ضياءالدين، مخدوم محمد هاشم،
مخدوم عبدالله ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، بيشڪ
اعليٰ پايي جا نظم نويس هئا. اِهي پنج بزرگ نه رڳو
نظم جي گهڻي ذخيري جي بنياد تي، پر دلپذير اسلوب ۽
فصيح زبانيءَ ڪري به ادبي تاريخ ۾ اهم جڳهه
والارين ٿا، ۽ هن صنف ۾ بلند پايي جا نظم نويس ٿي
گذريا آهن.
هن هيٺ انهن سڀني بزرگن جي سوانح حيات ۽ سندن
’سنڌين‘ تي قدري تفصيل سان تبصرو ڪجي ٿو.
1- مخدوم ميان ابوالحسن
ڪارڻ طلب طالبين رسالو لکيوم،
مقدمة الصلواة سنڌي نالو تنهن رکيوم.
اُهو نظم جنهن کي سنڌيءَ جو نالو ڏنو ويو، تنهن
جي سلسلي ۾ اسان جا علمي ۽ ادبي تذڪره جنهن بزرگ
جو نالو سر- فهرست ڏين ٿا، ۽ جنهن کي هن قسم جي
نظم جو رواج وجهندڙ ڄاڻائين ٿا، سو مخدوم ميان
ابوالحسن هو. هن قسم جي نظم جي سلسلي ۾ سندس پيروي
ڪيترن ئي بزرگن ڪئي آهي.
سندس ابتدائي زندگيءَ جي احوال بابت علمي ادبي
تذڪرن ۾ پوري چٽائي، ڪيل نه آهي. ايترو معلوم ٿئي
ٿو ته هن بزرگ پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو ٺٽي ۾،
درس ۽ تدريس، تصنيف ۽ تاليف ۾ گذاريو.
مخدوم ابوالحسن جي تصنيف ’مقدمة الصلواة‘ 1700ع جي
آهي، جڏهن سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪا مستند الف- بي،
مقرر ڪانه هئي، ۽ عربي جا فاضل اُن ڏانهن ڪوبه
ڌيان نه ڏيئي رهيا هئا. هرڪو اُن کي پنهنجي نموني
پيو لکندو هو، ۽ اُن کي اوٽ تي پيو پڙهبو هو.
هيٺين نج سنڌي آوازن لاءِ ڪي به حرف مقرر ٿيل نه
هئا: ٻ، ڳ، ڏ، ڄ، ڃ، ڇ، ٿ، ڀ، ڙ، ڊ ڍ، ڻ، ڌ، ڱ،
گهه، ٽ، ٺ ۽ ڦ. مخدوم ابوالحسن اِنهن آوازن لاءِ
هيٺيون صورتون مقرر ڪيون: ٻ=
ٻ، ڳ=
گ، ڏ=
ڏ، ڄ=
ج، ڃ=
نج، ڇ=
چهه، ٿ=
تهه، ڀ=
بهه، ڙ=
ر ۽ ر، ڊ=
در، ڍ=
ڊ، ڻ=
ن، ڌ=
دهه، ڱ=
نگ، ٽ=
تر، ٺ=
تهه ۽ ڦ=
ڦ ۽ پهه.
ڪيترا حرف وسرگ آوازن جي ضرورت خاطر بنايا هئائين؛
مثال طور: ب ۽ هه مان ’ڀ‘، ت ۽ هه مان ’ٿ‘، پ ۽ هه=
’ڦ‘، د ۽ ر مان ڍ، ۽ چ ۽ هه مان ڇ. اهڙي طرح ڪي
حرف اهڙا بنيادي رکيائين، جن تي 1853ع واري
ڪميٽيءَ غور ڪيو، ۽ اهي حرف جيئن جو تيئن منظور
ڪيا؛ جهڙوڪ: ٻ، ڦ، ڊ (جيتوڻيڪ ابوالحسن ’ڊ‘ ’ڍ‘
لاءِ ڪم آندي آهي ۽ نه ’ڊ‘ لاءِ)، مٿينءَ صورتخطي
۾ ابوالحسن پنهنجو ڪتاب مقدمة الصلواة 1700ع ۾
لکيو، ۽ اهو ڪتاب پاڻ پنهنجي مدرسي ۾ پڙهائيندو
هو. سندس وفات کان پوءِ جڏهن مخدوم محمد هاشم
پنهنجو ڪتاب فرائض الاسلام پڙهائڻ گهريو تڏهن
مخدوم ابوالحسن جي جهونن شاگردن اعتراض اُٿاريو، ۽
اُن ڪري مخدوم محمد هاشم مجبور ٿي، ڪن ترميمن ۽
اضافن سان وري مقدمة الصلواة مدرسي ۾ پڙهائڻ شروع
ڪيو.
|