مٿي جنهن صورتخطيءَ جو بيان ڪيو ويو آهي، سان ميان
ابوالحسن پنهنجي پر ۾ تشڪيل هيٺ آندي هئي، تنهن ۾
ايتري گهڻي منجهه نٿي نظر اچي، جيتري مقدمة
الصلواة جي موجوده صورتخطيءَ واري ڇاپي ۾ آهي.
نظم جو نمونو:
مقدمة الصلواة کي هن طرز جي نظم جي سلسلي ۾ اهم ڇو
ٿو سمجهيو وڃي؟ اُن لاءِ خاص سبب هي آهي ته هي
اوائلي نظم جو نمونو آهي، جنهن کي بنيادي سرمايو
ڄاڻي، متاخرين اُن تي طبع آزمائي ڪئي، توڙي جو
مقدمة الصلواة اعليٰ پايي جي نظم جي زمري ۾ نٿو
اچي.
مخدوم ابوالحسن جو نظم مجموعي انداز کان اسان جي
مقرر ڪيل معيار موجب ’ڪامل‘ نه آهي. گهڻن ئي هنڌ
سندس شعر دوهري جي شڪل ۾ آهي. ڪٿي ٽي ته ڪٿي چار
سٽون هم قافيه آنديون اٿس. اهڙا تمام ٿورا هنڌ آهن
جتي هم قافيه مصراعن جو تعداد ڏهن يا ٻارهن کان
وڌي ويو آهي. مقدمة الصلواة جي ڳوڙهي اڀياس
مان پروڙجي ٿو ته مخدوم صاحب جو توجهه شعر جي
نزاڪت، بندش ۽ قافيه پيمائيءَ ڏانهن گهٽ، ۽ مقصديت
ڏانهن وڌيڪ هو. انهيءَ ڪري سندس نظم ۾ بيهڪ ۽ سٽاء
جون خاميون رهجي ويون آهن. مثال طور هيٺين مصراعن
۾ قافين جو بلڪل لحاظ نه رکيو ويو آهي-ع
اٺينءَ پنيون اي ليکيم جي رڪوع جون،
سڻج ساريان سي سنتون جي سجود جون،
جيئن اڳ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته هن ڪتاب جو مضمون
نماز، وضو ۽ غسل وغيره جي مسئلن تي مشتمل آهي.
اهڙي محدود ۽ خاص نوعيت جي موضوع سبب مصنف هڪ قسم
جي پابنديءَ ۾ رهيو آهي، ۽ ان ڪري پنهنجي نظم کي
تشبيهن ۽ استعارن سان سينگاري نه سگهيو آهي. هو
رڳو مقصد جي ڳالهه ٿو ڪري. لفظن ۾ به سادگي آهي،
ته انداز بيان به غير مڪلف ۽ سادو اٿس. اهڙي اسلوب
۾ هو ميت جي ڪنن جي صفائيءَ جو بيان ڪري ٿو-ع
ڪوڏان مکيا ڪن ٻئي ته توکي سائين شال،
سڻائي سچو ڌڻي سڌي بانگ بلال.
ڪفن وجهڻ جي بيان ۾ چوي ٿو-ع
ٻه گراٺيون ٻنهي پارين، مٺيا تن ڪجن،
موڪرائيءَ ۾ ميت کي ويڙهي جيئن وڃن،
پر مٺيا پهرين چادر ۾ چيائون گهرجن،
منجهينءَ ۾ ناهه ڪو احتياج سندو تن،
امداد الفتاح ۽ متانت ۾ انپر ٿا لکن.
ميان ابوالحسن جابجا سندن طور فقهه جي معتبر ۽
مستند ڪتابن جا حوالا به ڏنا آهن. اهڙيءَ طرح
متاخرين به ضروري حوالا ڏنا آهن، جن مان خبر پوي
ٿي ته هرڪا ڳالهه هو ڪهڙي حجت ۽ ڪهڙي دليل سان چون
ٿا. سجدي سهو جي سمجهاڻي مخدوم ابوالحسن هن ريت ڏي
ٿو-ع
صورت سجدي سَهوِ جي هن پر پروڙيج،
جيئن سلام سڄي پار ڏانهن ڏيئي ٻه سجدا ڪريج،
تهان پوءِ تحيات سين دعا درود پڙهيج،
تانپي ٻنهي پارن ڏانهن سلام سنئون واريج.
نماز جن سببن جي ڪري ڀڄي ٿي، انهن ۾ قي ۽ اُلٽيءَ
جو بيان فتح القدير ۽ بحر جي حوالي سان ڪري ٿو-ع
فتح القدير ۽ بحر ۾ هن پر ٿو چوي،
ته ايڪيتاليهون اوچتي جي ڪنهن قئي اچي،
سا وري پوءِ نه پڌري، ڀري وات وجهي،
ته اهڙي قئي نماز کي پڙهيا چون ڀڃي،
مصنف، نماز ۽ جسماني پاڪيزگيءَ جا جيڪي به مسئلا
سمجهايا آهن، تن کي اسلامي فقهه جي ڪتابن، حديثن
تفسيرن جي ٽيڪ وڌيڪ مستند ۽ محقق بنايو آهي. هن
صاحب خاص طور فتح القدير، امداد الفتاح، درمختار
بحرالرائق تان استفادو ڪيو آهي. پنهنجي ڪتاب ۾
مسئلا هيٺين ترتيب سان بيان ڪيا اٿس:
نماز جي ضرورت، وضوءَ جا فرض، وضوءَ جون سنتون
وضوءَ جا مستحب، غسل جو بيان، تيمم جو بيان، ميت
جو غسل، نماز جو وقت، فرض، واجب ۽ سنتون، نماز جا
ڀڃندڙ وغيره. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي فرزند
عبدالعزيز جو نالو آڻيندي، هنن مسئلن جي سکڻ جي
تاڪيد ٿو ڪري، ۽ پنهنجي نجات لاءِ مناجات ٿو ڪري-ع
ابول عبدالعزيز پُٽ پڇي پَڙهيَن کان،
هي مسئلا نماز جا ساري سنڌي واءُ،
ته مانَ مومن تن کي سکن سهج منجهان،
هن ڪميني کي ڪن ڪا ڪارڻ ڌڻيءَ دعا،
سبب تنهن شال ڇٽي هي عاصي عذابا،
سين مڙني مومنين جي امتي نبيءَ جا،
الاهي ابوالحسن ٿو منڱي تو ملا،
موليٰ مهربان تون، سائين سٻاجها.
مقدمة الصلواة
جو خاتمو هن مصرع تي ٿئي ٿو:
موليٰ مرهي تن کي ڪلمو جو چون.
ٻولي:
ابوالحسن پنهنجي ڪتاب ۾ سندس وقت جي عام مروج زبان
ڪم آندي آهي، جنهن ۾ ڪوبه تصنع ۽ تڪلف ورتل نه
آهي. هن ڄاڻي ٻجهي پنهنجي ڪلام ۾ مشڪل ۽ ثقيل عربي
فارسي لفظ استعمال نه ڪيا آهن، پر نج لاڙي محاوري
واري زبان ڪم آندائين. سندس نظم ۾ لاڙي لفظ گهڻي
انداز ۾ ملندا. جن مان ڪي هن وقت متروڪ آهن؛
جهڙوڪ: وترو (تکو)، مهيلي (زال)، جِها (جهڙا)،
مُلا (وٽان)، ٻجهن (ٻڌجن)،جيڻو (ساڄو)، رساڻي
(رسائي)، مرهڻ (معاف ڪرڻ)، اُبهڻ (بيهڻ).
انهيءَ کانسواءِ ڪيترا ٻيا لاڙي محاوري جا لفظ
استعمال ڪيا اٿس، جيڪي اڄ تائين لاڙ ۾ ساڳي تلفظ ۽
معنيٰ ۾ مروج آهن، جهڙوڪ:
پنو=
پهتو، ماڙهو=
ماڻهو، جيڙو=
جهڙو،
هيڙو=
ههڙو، پانجو=
پنهنجو، هوءِ=
هجي،
توجو=
تنهنجو، ڪريج=
ڪج، ويج=
وڃج ۽
ڪڄاڙو=
ڇا، وغيره.
مقدمة الصلواة
جيئن ته پهريون مڪمل ۽ منظوم سنڌي ڪتاب آهي، جنهن
۾ اسان کي ’سنڌي وائي‘ ملي ٿي، تنهن ڪري چئبو ته
هي ڪتاب مذڪور نظمي صنف جو بنيادي سرمايو آهي. ڪن
جزوي فني خامين هوندي به، مقدمة الصلواة کي
مقصديت جي ڪري اسين وڏي اهميت وارو ڪتاب سمجهون
ٿا. هي ڪتاب هن سلسلي جي پهرين مضبوط ڪڙي آهي، ۽
متاخرين لاءِ هي ڪتاب مشعلِ راهه بنيو. اهوئي خاص
سبب آهي جو اسين اُن کي ”سنڌيءَ“ ۾ نهايت اهميت
وارو ڪتاب ليکيون ٿا.
انتخاب:
آخر ۾ هن هيٺ مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ مان، نموني
طور ٿورو چونڊ ڪلام ڏجي ٿو-ع:
نماز
پنو پهريون باب اي جو وصوءَ جو،
هاڻي پڙهه نماز جو ٻهڳڻ باب ٻيو،
ته ٿئي نور نماز جي سين اندر سمهائو،
سهائي راهه لهين، پسين پريان لوءِ،
جنهن نينهن نماز سين هيان هيج ٿيو،
منهن تَنهن جو مولو ڪندو چوڏهين چنڊ جهو،
ڪريو نينهن نماز سين ڪاهل ڪيمَ ٿيو،
طلب ۾ توفيق سين، اُڀائي آهيو،
پوري ڪندو پاتشاهه آسون م لاهيو.
****
چوٿون رڪوع سجدي ۾ ڪرڻ ويرم ڪا،
قدر تسبيح هيڪڙي توڙي ٽي ڀيرا،
پنجون فرض فرض هنڌ واجب واجب جا،
ستون لفظ سلام سين نڪرڻ نمازا،
****
سجدي سهو هيڪڙي توڙي واجب گهڻا وڃن،
پر جي نه ڏنائين تنهن نماز ۾ سجدا سندا سهون،
ته واري پڙهڻ نماز جو واجب ٿا لکن،
پر جي وارجي نماز سا ته چڱو ائين چون.
****
ڪ امام آخر نماز ۾ قهقهو ڪيو،
ته ڀڳي نماز تنهن جي جو مسبوق هو،
چوڏهون چڙهي نماز ۾ جي صبح سج نڱيو
ڪ جمع جي نماز ۾ وچين وقت پيو.
****
دعا
ساراهجي سو ڌڻي سندو جنهن فرمان،
مڃيو مڙني مومنين آندائون ايمان،
****
تنهن ساراهي سڀڪو منجهه پٽاندر پاڻ،
ماڻهو مرون پکڻ پري ملڪ مت سڃاڻ،
جيڪي آهي جت ڪي ڳجهو ۽ پڌرو،
سو ساراهي رب کي پاڻ پٽاندر ٿو.
****
سبب تاليف
ڪارڻ طلب طالبين رسالو لکيوم،
مقدمة الصلواة سنڌي نالو تنهن رکيوم،
سهو خطائون خطرا سڀئي ساريجاه،
منجهان اِن مهر پئي ڏسي ڏور ڪجاه،
اچي نظر عاقلين جيڪا ڪچائي،
سا سائين ڪارڻ ثواب لڳ ساري ڪن سنئين،
اٻوجهن اٻوجهيون سڄاڻ سنيون ڪن،
ڍلا پٺ ڀلن جي رڙهي راهه پون،
عاصي پٺيءَ صالحين سڀئي شال ڇٽن،
مهند جن جي مصطفيٰ مَرَڪڻ مرسلن.
مخدوم ضياءُالدين
(1091-1171هه بمطابق 1677ع-1757ع)
مخدوم ضياءالدين بن مخدوم هارون بن مخدوم عجائب بن
مخدوم الياس، 1677ع ۾ سنڌ جي قديم شهر جوڻ ۾ ڄائو
هو. هو حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي (المتوفي
632هه) جي اولاد مان هو. سندس پڙڏاڏو مخدوم الياس،
سومرن جي دور ۾ عراق کان ترڪِ وطن ڪري، جوڻ ۾ اچي
رهيو.
مير قانع لکي ٿو ته ”هو صاحب ورياهه ۾ اچي رهيو، ۽
پوءِ لڏي، وڃي ٺٽي ۾ ويٺو.
مخدوم ضياءالدين، ٺٽي جي مشهور عالم ۽ فاضل مخدوم
عنايت الله کان تعليم حاصل ڪئي. مخدوم محمد معين
عرف مخدوم ٺارو به مخدوم ضياءالدين جو هم سبق ۽
دوست هو. علم جي تحصيل ڪرڻ کان پوءِ، مخدوم
ضياءُالدين پنهنجو مدرسو کوليو. سنڌ جو يگانو عالم
۽ بزرگ هستي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي به سندس شاگردن
جي زمري ۾ اچي شامل ٿيو. مخدوم ضياءالدين لاءِ مير
قانع لکي ٿو: ”هو باوجود وڏي علميت جي، فقيريءَ جي
راهه جو سالڪ ۽ نهايت نوڙت وارو بزرگ هو. پنهنجي
همعصرن ۾ وڏي هدايت، ۽ ڪافي فيض سان زندگي گذاري،
اَسي ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. سندس فرزند ميان
يار محمد ۽ سندس پوٽو ميان غلام محمد به وڏن جي
نقشِ قدم تي هلي، وڏي مان ۽ مرتبي وارا ٿيا“.
مخدوم ضياءالدين جو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب، جيڪو
”مخدوم ضياءُالدين جي سنڌي“ سڏجي ٿو،
سو اسان جي بحث جو موضوع آهي.
مخدوم ضياءالدين نه رڳو وضو ۽ نماز جا مسئلا
سمجهايا آهن، پر ٻيا به ڪيترا مسئلا، عقيدا ۽ فرض
بيان ڪيا اٿس، جهڙوڪ: ٻار کي نماز جو عادي ڪرڻ،
بالغ ٿيڻ کان پوءِ مذهبي فرض، اسلام جا پنج اصول،
ايمان جون ست صفتون، جسم ۽ لباس جي پاڪيزگي، پليد
ٿيل شي ڪيئن پاڪ ڪجي، وضو ڪيئن ڪجي، غسل جو بيان،
نماز جا وقت، ٻانگ، نماز جا شرط، ارڪان، واجب،
سنتون ۽ مستحب، وتر، نفل ۽ تراويح، سج ۽ چنڊ گرهڻ
جي نماز، سجدو سهو، قضا نماز، بيمار جي نماز، سفر
نماز، عيد نماز، جمع نماز، خوف نماز، تلاوت جو
سجدو، زڪواة، حج ۽ روزو وغيره.
ضياءُالدين جي ڪلام تي هڪ نظر:
مخدوم ضياءُالدين جو شعر ”ڪامل نظم“ واري ڪسوٽيءَ
تي مڪمل طور پورو نه آهي. ڪٿي ڏهاڪو مصرائون هم
قافيه رکيون اٿس، ته ڪٿي گهاٽي واڌي به ڪئي اٿس؛
ڪٿي ڪٿي دوهري وانگر رڳو ٻه مصراعون هم قافيه
بيهاريون اٿس. انهيءَ لحاظ کان به هن جي قائم ڪيل
سٽاء وارا طويل نظم مقرر دائري کان ٻاهر نه ليکبا.
مخدوم ضياءُالدين وٽ خيالات جي وسعت ۽ رنگين بياني
ايتري نه آهي جيتري پوئين دور وارن نظم نويسن وٽ
آهي، پر هن جو اسلوب ۽ انداز بيان، ابوالحسن جي
انداز بيان کان ڪي قدر سلجهيل آهي. هيءَ حقيقت آهي
ته هن قسم جي مضمون ٻڌڻ ۾ بلاغت ۽ فصاحت جي ڪا
گهڻي اُميد نه ٿي سکي سگهجي، پر ايترو سو چئبو ته
مقصد جو اظهار موزون ۽ واضح الفاظ ۾ ڪري سگهجي ٿو،
جنهن ۾ مخدوم ضياءُالدين چڱو ڪامياب ٿيو آهي. مثال
طور وضوءَ جو بيان ڪندي چوي ٿو-ع
ست ادب موچارا وضوءَ جا سڻيج،
دستار لاهي مٿي اُتان گوڏي تي رکيج،
پهريائين پاڻي ڪرئان هٿ جيڻي
هاريج،
پوءِ تون ڏائي هٿ کي ان پر پاڪ ڪريج،
ڌوئي هٿ ڪرائي سين ٻئي ڦٽرا
ڪريج
پاڻي نڪ ۽ وات کي ساري سڦرو ڏيج،
ڏندڻ هرئي
ڪ سڪي سين وات کي سوئيج،
جي نه لڀي ڏندڻ ڪي ته آڱر هلائيج،
غرغرا ۽ گرڙيون موچاريون ڪريج... الخ
وضوءَ جي سلسلي ۾ جتي جتي ڪي دعائون پڙهڻيون آهن
ته اُنهن جو ذڪر به ڪيو اٿس، هر دعا بابت اڳ ۾
اشارو ڪري ٿو. مثال طور: ”هي الفاظ ان وير ۾ ساري
تون پڙهيج“. وضوءَ جو بيان مخدوم ضياءُالدين به
اهڙي ترتيب سان ڏنو آهي، جهڙو ابوالحسن، پر هن
ابوالحسن وانگر وچ ۾ فرضن ۽ واجباب جي سمجهاڻي
ڏيئي، بيان کي منجهيل ۽ مبهم نه بنايو آهي. مسئلي
جي سمجهاڻي ۾ ضياءُالدين جو بيان وڌيڪ واضح آهي.
ميت جي غسل جي سمجهاڻي جيڪا ابوالحسن ڏني آهي سا
سندس سموري ڪلام کان وڌيڪ واضح آهي، نه ته مجموعي
طرح ضياءُالدين جو انداز بيان واضح آهي. ٻار جي
تربيت، عادتون ۽ ذهني نشونما بابت چوي ٿو ته مائٽن
تي فرض آهي ته ٻار کي مڪتب ۾ موڪلين، جيئن هن جي
طبيعت ۾ علم جي روشني ٺهراءُ آڻي، ۽ هو دين متين
جو پابند رهي. ٻار کي نماز لاءِ تاڪيد ڪجي، انهيءَ
سلسلي ۾ مصنف چوي ٿو-ع
ڏهن ورهن جو جي ٿئي ته مر اُن ماري،
ننڍي کي نماز لاءِ چابڪ چکائي.
اهڙيءَ طرح نماز کان ڀڄندڙ کي مخدوم ضياءُالدين
’آسارو‘ ۽ نافرمان سڏي ٿو، ۽ اُن کي مهميز تي زور
ڏي ٿو.
ٻولي: مخدوم ضياءُالدين جي نظم ۾ ڪم آيل ٻولي،
ابوالحسن واريءَ ٻوليءَ کان مختلف نه آهي. هن وٽ
لفظن جو ذخيرو، لب ۽ لهجو، ضميري پڇاڙيون لاڙي
لهجي واريون آهن. مخدوم ضياءُالدين ٺٽي جو رهاڪو
هو. اُن وقت علمي حلقن جو انداز گفتگو ۽ الفاظ
ڪهڙا به هئا، پر هن صاحب پنهنجي ”سنڌي“ نج لاڙي
لهجي ۾ لکي آهي-ع
هڻج هڪلج اُن کي جي اُو ٿئي امارو
اُو (هُو-اُهو) لاڙ ۾ ڪم ايندو آهي. هتي لفظ جي
ابتدا ۾ (هه) آواز گم ڪيو ويو آهي، جيڪو لاڙ جا
ماڻهو گهڻن ئي لفظن جي منڍ ۽ وچ ۾ اچاريندا نه
آهن؛ مثلاً:
معياري اُچار
لاڙي اُچار
جهڙو جيڙو
اُهڃاڻ اوڃاڻ
منهنجو مُونجو
مخدوم ضياءُالدين وٽ به اُچار ساڳيا لاڙي آهن-ع
فرض آهي ماءُ پِوءُ تي سعي سوڌيءَ ڀت،
سري ۾ ”پيءُ“ چونَ، پر لاڙ ۾ ”پي،“ چون. مصنف جي
ذآتي لهجي ۾ شايد ”پوءُ“ (پِي) هجي. ”ٻارهين ڪوهين
ٻولي ٻي“ واري اصول موجب هر لهجي
(dialect)
۾ ٻارهن ته ڇا پر ڇهن ڪوهن تي به اچارن ۾ فرق پوي
ٿو. اهڙا مثال مخدوم ضياءُالدين جي نظم ۾ پيا به
ڪيترائي ملندا، جن ۾ سندس لاڙي لهجي جا اهڃاڻ ملن
ٿا. سندس استعمال ڪيل لفظن مان ڪي هي آهن:
ڀِرڪو=
ڀيرو، هرڻٻي=
آهستي، واٽو=
ڀاڱو، وَٽارڻ=
اوٻارڻ، سوڌو=
سنئون، اَڪردو=
آجو، کيٽو=
انگل، پُنو=
پهتو يا پورو ٿيو، ڳِڙڻ=
ڳنهڻ ۽ وٺڻ، ڪِجاه=
ڪجو. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترا لفظ پنهنجي ڪلام ۾
ڪم آندا اٿس، جن کي سري (اتر) جا ماڻهو مشڪل سان
سمجهي سگهندا.
مخدوم ضياءُالدين لاءِ صورتخطي جي سلسلي ۾ ڪو رستو
کليل نه هو. ان ڪري ڪجهه ته هن خود ساخته صورتخطي
ڪم آندي آهي، ۽ ڪجهه ابوالحسن جا مقرر ڪيل حرف
قائم رکيا اٿس. ”ڻ“ جي بدران ”ن“، ۽ ”ڙ“ جي بدران
”ر“ عام جام لکي اٿس-ع
دعا لاءِ ڌنيءَ در هٿ ٻئي کَن (کڻ)،
ڻ
جيڪي دم جيئن جا سي سڀئي ڳَن (ڳڻ)،
ڻ
يا
سانجر سواري ڪج جڏهه ٿيو جروءِ (جهڙوءِ)
مٿيان چند مثال مخدوم ضياءُالدين جي ٻوليءَ ۽
صورتخطيءَ تي روشني وجهن ٿا.
آخري رايو:
مخدوم ضياءُالدين جي ’سنڌيءَ‘ جي مطالعي مان هن
نتيجي تي پهچون ٿا ته مصنف جي ڪلام ۾ مقصديت آهي.
سندس نظم جو وزن ايترو پختو نه آهي. سندس ڪلام جي
ڀيٽ ۾ متاخرين جي ڪلام- زادالفقير (هاشم) ۽
قمرالمنير (عبدالله)- جي بندش پختي ۽ چست آهي.
مخدوم ضياءُالدين متعلقه مسئلن جون واضح سمجهاڻيون
ڏيندو ويو آهي. ههڙي نظم ۾ جيڪڏهن ڪو مصنف تخيل جي
بلند پروازي نه ڏيکاري سگهي، ۽ علم بديع جا لوازما
ادا نه ڪري سگهي، ته معياري نه چئبو. مخدوم صاحب
شرعي مسئلا آندا آهن، جيڪي رندي ڪلام ۽ عاشقاڻي
پيام کان قطعي مختلف آهن.
انتخاب:
هن بيان کان پوءِ هيٺ مخدوم ضياءَالدين جي
”سنڌيءَ“ جا ڪي منتخب ٽڪرا ڏجن ٿا:
جي پاڻي ڪنهن کڏ ۾ پڌرو پيو هوءِ،
ته تنهن کي تون تميز ڪر پسي پاڻي پوءِ،
جا بوءِ ڪيائين بڇڙي ڪ سائو تنهن رنگوءِ،
وضو غسل اُن مان عاقل ڪونه ڪندو،
__________
فرض آهي ماءُ-پوءُ تي سعي سوڌيءَ ڀت،
ته موڪلي مڪتب ۾ صغير وڏي سٿ،
جئن تابع ٿئي طبيعت جو مؤمن وڏي مت،
راتو ڏينهن ٻالڪ ڪري نماز پرت،
وضوءَ جي وجود ۾ ڀڃي ڪري ڀرت،
__________
جي غافل ٿئي نماز ۾ ڪڏهه اَسارو،
ته هڻج هڪلج اُن کي متان او ٿئي امارو،
پڇي ڏات نماز جي سوڌو سوارو،
سکج سنبهج سانجهرو رات ۽ ڏينهارو،
ڪهو ڪلمو نبيءَ اُتي ته ٿئي مسلم موچارو،
__________
جي نه رسين امام کي ته ڇڏج سنتا،
ڪج اقتدا امام سين فرض کي رسجا،
ري فرض سنت کي قضا ناهه روا،
ڏني انهم قول تي عالمن فتوا.
__________
عورت هٿ تڪبير لاءِ جڏهن سا کڻي،
مقابل ٻنهي ڪلهن جي هٿن رساڻي،
ٻئي هٿ اُرهه تي ساري سي ٻڌي،
وهي ڏائي دڏي تي التحيات پڙهي،
پير پنهنجا ويهن ۾ جيڻي پاران ڪڍي.
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
(1104-1174هه بمطابق 1690-1761ع)
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، شهر ميرپور بٺوري، ضلع ٺٽي
۾، 1690ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو عبدالغفور
هو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان مليس. ان کان
پوءِ ٺٽي وڃي مولوي محمد سعيد ۽ مخدوم ضياءُالدين
کان تعليم حاصل ڪيائين. والد جي وفات کان پوءِ به
ٺٽي ۾ تعليم جاري رکندو آيو. مخدوم محمد هاشم،
ڇاڪاڻ ته، ميرپور بٺوري ۾ ڄائو هو،
|