شڪرگذاري
هن مقالي جي تياري مون پنهنجي استاد جناب علي نواز
جتوئي صاحب جي رهبريءَ هيٺ ڪئي. جتوئي صاحب جنهن
محنت ۽ محبت سان منهنجي رهبري ڪئي سا آءٌ وساري
نٿو سگهان.
مقالو پريس ۾ وڃڻ کان اڳ جيڪڏهن قبله مولانا غلام
مصطفيٰ قاسمي صاحب جي نظر مان نه گذري ها ته منجهس
ڪي فاش غلطيون رهجي وڃن ها، تنهن کان سواءِ منهنجي
رهنمائيءَ لاءِ مولانا صاحب جيڪي مشورا ڏنا تن
لاءِ آءٌ سندس ٿورا مڃيان ٿو. مخدوم عبدالله جي
بيان ۾ مون مولانا صاحب جي ڏنل معلومات جو اعتراف
ڪيو آهي.
منهنجي استاد جناب غلام علي الانا، نه رڳو هن ڀيري
پر هر وقت منهنجي رهنمائي ۽ مدد ڪئي آهي. سندس
سعيي سان هي مقالو ڪتابي صورت ۾ اوهان جي هٿن ۾
پهتو آهي. ”ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا“.
سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر، جو ٿورو مڃيان ٿو
جو هن صاحب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان منهنجي
هن ڪتاب جي شايع ڪرڻ جي منظوري ڏني، ۽ رقم منظور
ڪئي.
سنڌ يونيورسٽي
خيرانديش
25 جون 1969ع عبدالجبار
جوڻيجو
ناشر طرفان ٻه اکر
زنده قومون پنهنجي ادبي سرمايي کي جيءَ ۾ جاءِ
ڏينديون آهن، ۽ ان کي وڏي قدر ۽ شان سان
سموهينديون ۽ سانڍينديون آهن. هرڪا قوم ”اڄ“ ۽
”ڪالهه“ جي پيٽ مان پيدا ٿي، ”سڀاڻي“ کي جنم ڏئي
ٿي. جنهن قوم ”اڄ“ جي حالات ۽ ”ڪالهه“ جي تصور
(تاريخ) کي اهميت ڏني، اهائي قوم سڀاڻي سرهي
ٿيندي. باقي جا قوم ”ڪالهه“ جي تصور کان غافل ۽ بي
نياز رهندي آهي، اها هڪ اهڙي سڪل بنڊ وانگر آهي،
جنهن کي وقت ۽ حالات جا گرد آلوده تهه پنهنجيءَ
آغوش ۾ ويڙهي، هستيءَ جي دنيا کان هزارين بلڪ لکين
ڪوهه پري وڃي ٿا ڇڏين. ان ڪري ڪنهن به قوم جي
صحتمند ۽ سالم ادب کي ئي ان قوم جي زندگي سڏيو
ويندو آهي.
اسين قومي زندگيءَ جي حيثيت سان اڄ ڪهڙي موڙ تي
بيٺل آهيون، تنهن لاءِ اسان جون ”اڄ“ جون حالتون
شاهد آهن. اسان وٽ پنهنجو صحتمند معاشرو آهي، اسان
وٽ ادبي فڪرن ۽ رجحانن جي هڪ وسيع ۽ رنگارنگي دنيا
آباد آهي، قديم ۽ جديد قدرن سان ڀرپور ادب ۽ تاريخ
آهي، ليڪن انهيءَ سڀ ڪجهه هوندي به اسين پاڻ کي
سڌريل ۽ ادبي حيثيت سان هڪ شاهوڪار قوم نٿا
سمجهون. اهو انهيءَ ڪري جو اسان جهڙيءَ ريت ”اڄ“
جي حالتن تي توجهه نه ڏنو آهي، تهڙيءَ ريت ”ڪالهه“
جي حالتن ۽ واقعن تي به ڌيان نه ڏنو اٿئون. نتيجي
طور اسان جي ادب جو تاريخي ۽ تحقيقي پهلو، جنهن کي
ادبي عمارت جي پيڙهه چئجي، نسبتاً ڪمزور ٿي رهيو
آهي.
سنڌي ادب کي مختلف صنفن سان مالا مال ڪرڻ ۽ سنڌ جي
نوجوان طبقي ۾ تحقيق جو چاهه جاڳائڻ، سنڌ
يونيورسٽيءَ جي ادارهء سنڌيات (انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي) جي خاص مقصدن مان هڪ مقصد آهي. هن اداري
جي مقصدن مان هڪ مقصد هي به آهي ته سنڌ
يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن ۾ ايم. اي ۽ پي. ايڇ.
ڊي ڊگرين لاءِ پيش ڪيل مونوگراف ۽ مقالا ڇپايا
وڃن. هن سلسلي ۾ اسان جون ڪوششون جاري آهن، ۽ سنڌي
شعبي ۾ پيش ڪيل مونوگرافن مان هي ٽيون مونوگراف
ڇپائي پڌرو ڪري رهيا آهيون.
مصنف هن ڪتاب جي مواد ۾، ڪجهه ڦيرڦار ڪئي آهي. نه
فقط ايترو پر عنوان به بدلايو اٿس. اصلي مونوگراف
جو عنوان هو ”ڪبت ڪلهوڙن جي دور ۾“، جو ڦيرائي
”سنڌيون“ رکيو اٿس.
ادارهء سنڌيات جو هي چوٿون ڪتاب آهي. هن ڪتاب جي
اشاعت کان پوءِ اسين دعويٰ ڪري سگهون ٿا ته اسان
سنڌي ڪتابن جي اشاعت جي ميدان ۾ هر سال اڳتي وڌي
رهيا آهيون. اسان جي منشا آهي ته سنڌي زبان ۾ لکيل
اعليٰ علمي ڪتاب ڇپائي، پڙهندڙن جي پياس پوري
ڪريون.
حيدرآباد سنڌ سنڌي ٻوليءَ
جو فدائي
سيپٽمبر 1969ع خواجه غلام
علي الانا
اسسٽنٽ ڊائريڪٽر
ادارهء سنڌيات
تمهيد
هن مقالي ۾ بزرگن ۽ عالمن جي انهن نظمن تي بحث ڪيل
آهي جن کي ”سنڌي“ سڏجي ٿو؛ جهڙوڪ: ”ابو الحسن جي
سنڌي“ وغيره.
هتي ڪلهوڙن جي دور واري نظم جي اُن حصي تي مفصل
تبصرو ڪيو ويو آهي. سڄي مقالي کي پنجن بابن ۾
ورهايو ويو آهي. پهرئين باب ۾ ملڪ جي تاريخ جو
مختصر جائزو، ۽ ٺٽي جي علمي حلقن ۾ ”سنڌيءَ“ جي
مقبوليت جو بيان ڪيو ويو آهي. ٻئي باب ۾ نظم لکڻ
جي مقصد سان گڏ، اُن جي مضمونن جي وضاحت ڪيل آهي.
ٽئين باب ۾ نظم جي سٽاء ۽ هيئت تي ڇند وديا جي
روشنيءَ ۾ بحث ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح چوٿين باب
۾ ڪلهوڙن جي دور جي نظم تي عام تبصرو ڪيو ويو آهي،
جنهن ۾ اُن دؤر جي اوائل کان آخر تائين هڪ جائزو
ورتل آهي. باهمي ڀيٽ ڪندي عام مشهور شاعرن کان
سواءِ ضمني طور مئين عيسي، عبدالرؤف، مخدوم بگائي،
مولوي محمد صلاح، علي اڪبر، عبدالسلام، محمد حسين
۽ عبدالخالق جو به بيان ڪيو ويو آهي. پنجين باب ۾
پنج مشهور نظم نويس کنيا ويا آهن. هن مقالي لاءِ
مواد جي فراهميءَ جي سلسلي ۾ جن ڪتابن ۽ رسالن تان
استفادو ڪيو ويو، يا جن جا حوالا جابجا حاشين ۾
نروار ڪيل آهن، تن جي فهرست آخر ۾ ڏنل آهي.
18 اپريل 1962ع
فقط
حيدرآباد
عبدالجبار جوڻيجو
تاريخي پس منظر
سنڌ جي ڪلهوڙن حاڪمن جو وڏو ڏاڏو، ميان آدم شاهه،
جنهن کي سيد ميران محمد مهدي جونپوريءَ کان فيض
مليو، سو، سري کان ٿيندو، چانڊڪي پرڳڻي جي هٽڙي
ڳوٺ ۾، گادي سينگاري اچي ويٺو، ۽ خلق جي ڏانهس
رجوعات ٿي.
کانئس پوءِ سندس پٽن ۽ پوٽن تائين به ڪنهن کي سنڌ
جي حڪومت هٿ ڪرڻ جو خيال نه هو. پر ميان يار محمد
ڪلهوڙي جي تدبر سان سنڌ جي وچئين ڀاڱي تي، 1700ع
۾، ڪلهوڙن جو قبضو ۽ تسلط قائم ٿيو.
اهو دور دهليءَ جي مغل حڪومت توڙي سنڌ لاءِ بي
بندوبستگي ۽ عام افراتفريءَ جو دور هو، جنهن ۾
مغلن جو زور گهٽجي چڪو هو. سنڌ جي اترئين ڀاڱي تي
دائود پوٽن جو راڄ قائم ٿي چڪو هو، پر تنهن هوندي
به سکر ۽ ٺٽي ۾ مغلن جا نواب موجود هئا.
”شاهه عالم از دلي تا پالم“ واري چوڻي غلط نه هئي.
جهاندار شاهه
تخت نشين ٿيو ته اهو هڪ پيشه ور لال ڪنور جي
نازبرداريءَ ۾ ئي مشغول رهيو، ۽ حڪومت جي معاملن
کان بي خبر ۽ بي نياز رهيو.
ڪلهوڙا خاندان ۾، حقيقت ۾ ميان نور محمد ئي پهريون
حاڪم هو جيڪو خودمختياريءَ جو پروانو حاصل ڪري،
سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳو. ڊاڪٽر سورلي، ميان نور محمد
کي سنڌ جو پهريون حاڪم ليکي ٿو.
ڪلهوڙن جي حڪومت ارڙهين صديءَ جي اواخر ۾ مستحڪم
ٿي. انهيءَ لحاظ سان ڪلهوڙن جي حڪومت جو عرصو
1719ع کان وٺي 1782ع تائين ليکبو. هن خاندان جو
آخري حاڪم ميان عبدالنبي هو.
پيري مريديءَ جو سلسلو جو سنڌ جي عوام، ميان آدم
شاهه سان رکيو سو ميان عبدالنبيءَ تائين پهچندي
پهچندي، خودبخود ختم ٿي ويو. ميان عبدالنبيءَ کان،
مير فتح علي خان، 1782ع ۾، سنڌ جو ملڪ فتح ڪري
ٽالپرن جي راڄ جو پايو وڌو.
ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾، ٿر جي سوڍن شورشون ڪيون.
مددخان پٺاڻ فتنه انگيزي ۽ خونريزي ڪئي. پهرين ٺٽي
جي مغل نواب ۽ ڪن مقامي زميندارن جي سازش سان حضرت
شاهه عنايت الله ميرانپوريءَ صوفيءَ جي شهادت جو
واقعو (1718ع) ٿيو. هن دلگداز واقعي لاءِ ميان
يارمحمد به هڪ جوابدار هو. ههڙي قسم جا غير معمولي
واقعا ۽ حادثا هڪ ملڪ جي تاريخ ۾ خاص اهميت رکندا
آهن. اُنهن جو اثر ادب تي پوڻ لازمي آهي. مدد خان
جي ڦرلٽ ۽ ڪاهه جو ردِ عمل سياسي طور هڪ جدا ڳالهه
آهي. ”مدد پوڻ“ ۽ ”گهوڙا گهوڙا ڪرڻ“ جهڙا اصطلاح
مدد خان جي ڦرلٽ جي ياد تازي ڪن ٿا.
شاهه عنايت جي شهادت جو پڙاڏو، اُنهيءَ زماني کان
وٺي، هِن زماني تائين، هر زنده دل انسان جي ڪنن ۾
گونججي رهيو آهي.
اِها نهايت دلچسپ ڳالهه آهي جو اهڙين غير معمولي
حالتن کان ٺٽي جي عالمن ۽ طالب علمن جو طبقو سراسر
بي خبر هو، ۽ پهلو تهيءَ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
اِهو اِنهي ڪري جو هن طبقي پنهنجو ڌيان رڳو پڙهڻ ۽
پڙهائڻ تي ئي ڏيڻ گهريو.
ٺٽو ته شروعات کان وٺي هر دور ۾، علم جو گَهِوارو
رهيو آهي. ڪلهوڙن جي دور ۾، عالِمن جي حلقي ۾،
عربي ۽ فارسي جو دؤر دورو هو. تصنيف ۽ تاليف، درس
۽ تدريس جو سڄو ڪم عربي ۽ فارسيءَ ۾ ئي ٿيندو هو.
فارسي ارغونن جي دور کان وٺي سنڌ جي دفتري زبان
رهندي ٿي آئي، جنهن کي اِهو درجو، ۽ اعليٰ اعزاز
انگريزن جي فتح (1843ع) تائين حاصل رهيو. عربيءَ
جي مقبوليت کي ڪنهن حد تائين ارغونن ڌڪ هنيو، پر
ته به عربيءَ کي عالمن ۽ فاضلن وٽ ديني لحاظ کان
عزت جي نگاهه سان ڏٺو ٿي ويو، ۽ فارسيءَ تي به
ترجيح ۽ شرف حاصل هوس.
انهيءَ هوندي به عالمن جو ڌيان پنهنجيءَ مادري
زبان طرف به گهڻو هو. ”پارسي گهوڙي چاڙهسيءَ“ جي
دور ۾ ئي تصنيف ۽ تاليف جو ڪم سنڌيءَ ۾ شروع ٿيو.
پراڻي روايتي نظام ۾ هن تغير جا ٻه سبب هئا: هڪڙو
سبب هي هو جو عالم ۽ فاضل آهستي آهستي سنڌيءَ جي
اهميت محسوس ڪري رهيا هئا، فارسيءَ جي مسلسل درس
تدريس کان پوءِ، هاڻي هنن مادري ٻوليءَ ڏانهن ڌيان
ڏيڻ ٿي گهريو. ٻيو سبب انهيءَ سلسلي ۾ معاون ثابت
ٿيو، جنهن جي نوعيت تبليغي قسم جي هئي. حضرت پير
عبدالقادر جيلاني رحه جي اولاد مان حضرت شيخ يوسف
الدين بغدادي
سنڌ ۾ تبليغ جي ارادي سان آيو، سندس تبليغ جي ڪري
ڪيترائي ماڻهو مسلمان ٿيا. اُنهن جي تعليم ۽
تربيت، اسلامي اصولن ۽ شريعت جي سمجهاڻيءَ لاءِ
ضروري هو ته کين سنڌيءَ (مادري زبان) ذريعي تعليم
ملي. اسلامي اصول هو رڳو مادري ٻوليءَ ۾ ئي بخوبي
سمجهي سگهن ها. بلڪل ساڳيءَ طرح سومرن جي دور کان
وٺي اسماعيلي بزرگن ۽ داعين پنهنجيءَ تبليغ کي
ڪامياب بنائڻ لاءِ، ۽ عام ماڻهن تائين پنهنجو
نياپو پهچائڻ لاءِ، مادري زبان کي ئي موزون
سمجهيو. اهڙيءَ طرح مخدوم ابوالحسن به انهيءَ نيڪ
ڪم کي، وقت جي تقاضا ڄاڻي، پورو ڪيو. 1700ع ۾ سنڌي
ٻوليءَ ۾ پنهنجو منظوم ڪتاب ”مقدمة الصلواة“
لکيائين. انهيءَ ڪتاب لکڻ لاءِ الف- ب ٺاهيائين
جنهن لاءِ عربي زبان جي رسم الخط کي بنياد ڪري
ورتائين. نج سنڌي آوازن لاءِ سنڌي صورتخطيءَ ۾
جيڪي حرف اڳ مقرر نه هئا، سي مقرر ڪيائين. هن
سلسلي ۾ مخدوم ضياءُالدين ۽ سندس پياري شاگرد
مخدوم محمد هاشم بنا دير جي مخدوم ابوالحسن جي
پيروي ڪئي. پوءِ ته هن قسم جي نظم ۾ نه رڳو اهو
مقصد خيال ۾ رکيو ويو، پر عالمن جدا جدا مسئلا هٿ
۾ کڻي، پنهنجيءَ طبع جون خوب جولانيون ڏيکاريون.
ايتريقدر جو ڪلهوڙن جي دور ۾ هن قسم جي نظم جو
رواج عام ٿي ويو. انهيءَ تحريڪ جو محرڪ ابوالحسن
هو. اُن کان اڳ رڳو هڪڙو طويل نظم موجود هو، جنهن
کي سنڌيءَ سان مناسبت آهي. اهو نظم پير محمد
لکويءَ جو آهي. هي بزرگ ارغونن جي دؤر ۾ ٿي گذريو
آهي. پير محمد لکوي ۽ مخدوم ابوالحسن جي وچ ۾،
ٽيون ڪوبه اهڙو نظم نويس معلوم ٿي نه سگهيو آهي.
مٿئين پس منظر ۽ جائزي کان پوءِ اسين هن نتيجي تي
پهچون ٿا ته مخدوم ابوالحسن ئي هن قسم جي شعر کي
عام رواج ۾ آندو.
لکڻ جو مقصد ۽ مضمون
جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته هن قسم جو نظم لکڻ
جو پهريون مقصد اِهو هو ته نؤ مسلمن جي تربيت ڪنهن
بهتر ۽ مؤثر طريقي سان ٿي سگهي.
هن دؤر ۾ رڳو شرعي ڳالهين جي سمجهاڻي ڏيڻ لاءِ
”سنڌيون“ لکيون ويون. فقط گرهوڙي صاحب جي نظم ۾
شريعت سان گڏ طريقت جا اهڃاڻ به ملن ٿا. تصوف جي
چاشنيءَ سان بزرگ گرهوڙيءَ پنهنجي نظم کي وڌيڪ
وڻندڙبنايو آهي، ڇو جو ڪلهوڙن جي دؤر جي پڇاڙيءَ
تائين صوفياڻي شعر کي عام مقبوليت حاصل ٿي چڪي
هئي. ٻين سڀني نظم نويس عالمن- مخدوم ابوالحسن کان
وٺي مخدوم عبدالخالق تائين- وٽ اهو مقصد پيش نظر
هو ته اِسلامي اصولن جي سمجهاڻي سليس سهڻيءَ
سنڌيءَ ۾ ڏجي، پر ايترو سو چئبو ته ٽالپور دؤر کان
وٺي، موجوده وقت تائين، مذاحيه ۽ عشقيه مضمون به
هن قسم جي نظم ۾ شامل ٿي ويو آهي؛ پر ڪلهوڙن جي
دؤر ۾ ڪو اهڙو خارجي مضمون قبول ڪيو ويو هجي تنهن
لاءِ ڪو مثال ڪونه ٿو ملي. انهيءَ لحاظ سان چئبو
ته ڪلهوڙا دؤر ۾”سنڌي“ لکندڙن جي اڳيان هڪ مقصد
هو. انهن سواءِ مقصديت وارن مضمونن ۽ موضوعن جي،
ٻيا ڪي به عشقيه مضمون وغيره اختيار نه ڪيا، ۽ رڳو
شريعت ۽ اُن سان واسطو رکندڙ ڳالهين جو بيان
ڪيائون.
بنياد عام طور مذهبي نوعيت جي مضمون تي ٻڌو ويو، ۽
پوءِ اها عمارت جڙي راس ٿي. ڪلهوڙا دور ۾ نظم جا
جيڪي به مثال ملن ٿا تن ۾ شريعت جو چٽو بيان آهي.
ايمان، عقائد ۽ شرعي مسئلن تي تفصيل سان روشني وڌي
ويئي آهي. اُنهن مسئلن مان چند هي آهن: وضو ۽ نماز
جي سمجهاڻي (ابوالحسن)، ڪلمو ۽ حج (ضياءُالدين)،
ترڪو (گرهوڙي) عام اسلامي اصول، فقهه ۽ تفسير
(محمد هاشم)، رسول ڪريم صه جن جي حيات ۽ عادات و
اطوار وغيره (عبدالله ۽ عبدالسلام). اهڙيءَ طرح
ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا شرعي مسئلا ذڪر ڪيل نظم
جي قالب ۾ آندا ويا آهن: جهڙوڪ: ذڪواة، روزو،
خيرات، حرام ۽ حلال شيون، اخلاقي اقدار، ايمان جون
صفتون، قبرستان ۾ وڃڻ، اولياءَ الله کان مرادون
پنڻ، پَڙَ وجهڻ، جادو ۽ ڪامڻ، ٽوڻا ڦيڻا، پوشاڪ ۽
تعليم و تربيت وغيره. مطلب ته ميان ابوالحسن کان
وٺي، مئين عبدالرحيم تائين هن قسم جي نظم جي بازار
گرم رهي. اِهو اتفاقي امر آهي ته ساڳيو دؤر سنڌي
بيت جي به عروج جو دؤر ثابت ٿيو. هن طرز ۾ مداحون،
مناجاتون، معجزا ۽ مناقبا به چيا ويا. مخدوم
عبدالرؤف ڀٽي (1682-1752ع) جيڪو مولودن جي ڪري
وڌيڪ مشهور آهي، تنهن ڪن مداحن ۽ معجزن کي طويل
نظم ۾ به منظوم ڪيو. ساڳئي دؤر ۾ ٻين به ڪيترن
شاعرن رسول اڪرم صلعم جن جي حيات بابرڪات کي مضمون
طور آندو؛ تن ۾ ميون عيسو هالائي، مخدوم غلام محمد
بُگائي، مولوي محمد صلاح ٽنڊي قيصر وارو، مولوي
علي اڪبر ۽ مولوي عبدالسلام خاص طور قابل ذڪر آهن.
اهڙيءَ طرح ڪيترن، شريعت جي سمجهاڻيءَ سان گڏ،
رسول صلعم جن جي صفت ۽ ساراهه سان نظم کي
سينگاريو؛ تن ۾ مخدوم محمد هاشم، مخدوم ابوالحسن،
مخدوم ضياءُالدين، مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي، مخدوم
عبدالله ۽ مخدوم عبدالخالق جا نالا پيش پيش آهن.
مڪمل عشقيه داستان ۽ قصا،
ميرن ۽ انگريزن جي دؤر ۾ چيا ويا. انهن ۾ رمضان
ڪنڀر جا ڪلمات مشهور آهن؛ جن ۾ عشق ۽ محبت جا
لوازما به آندل آهن، ته رسول ڪريم صه جو معجزو به
بيان ڪيو ويو آهي. مثال طور رمضان ڪنڀر قصي ۾ هڪ
هنڌ چوي ٿو- ع:
تنهن ٻانهيءَ اڳيون بادشاهه جي آندو احوالا،
ته تنهنجي دختر پاڻ فدا ڪيو مٿان مشتاقا،
ويٺا آهن وڻ هيٺان يگانا يڪجا،
پر ڪڏهن ڪيائون ڪونه ڪو هرگز حراما،
چنبي بره جي چُور ڪئي جنهن کي سرت نه ڪا... الخ.
انهيءَ قصي ۾ معجزي جي مام به نهايت مؤثر ۽ سهڻي
اسلوب ۾ رکيل آهي- ع:
چڙهيو حضرت هاشمي وٺي اصحابا،
اُڙد اصحابن سين چيدا چار چڙهيا،
ٿي هڪل هرجاءِ تي ٿيو لوڙهه ڌڪا،
آيو گهوٽ گنبذ وٽ سيد سردارا.
*****
رمضان منگتو آهي سوالي سندو سردارا،
مري ميڙي محمد مير جي مرڪي مقبولا،
چئو صلواتون حضرت رسول تي دمدم درودا.
اها هڪڙي چيز ”سنڌيءَ“ کي ”دو آتشه“ ٿي ملي، جنهن
۾ عشق محبت جو بيان آهي پر ايترو چئبو ته هن ۾ وري
مذهب جو عنصر غالب آهي. عشقيه مضمون وانگر مذاحيه
مضمون به پوءِ آيو. مثال طور موجوده دور جو هڪ
سگهڙ محمد صديق
چوي ٿو- ع:
اِها جڏهن آچوءَ کي خبر پيئي ڪن،
گهت ڏنائين گهر ڏانهن منجهي ويس من،
نيٽ جي ڀولي تي کنيائين ڪهاڙي جوڳن،
ڪا ڇيل نڪري ڪُڙد ڪئين، ويجهو ٿيو وڻن،
سُرندي آيو سارين مان، جتي وڏا هئا پن... الخ.
ههڙن تفريحي موضوعن ۽ مضمونن جي برعڪس ڪلهوڙن جي
دؤر ۾ اهي طويل نظم رڳو شريعت جي مضمون سان
سينگاريل هئا. پوئين دور وانگر ڪلهوڙن جي دور ۾
ڪوبه نج تفريحي، مزاحيه ۽ عشقيه مضمون هن نظم ۾
داخل نه ٿيو. اها ڪلهوڙن جي دور واري نظم جي علحدي
خوبي آهي، ۽ اُها خوبي آهي: مقصديت، سنجيدگي ۽
متانت؛ ايستائين جو گرهوڙي صاحب کان سواءِ ٻئي
ڪنهن تصوف ۽ طريقت کي به نه آندو.
بيتن ۽ واين ۾ شاهه عبداللطيف، روحل صوفي ۽ سلطان
الاوليا خواجه محمد زمان وغيره طريقت کي توريو، ته
ابوالحسن ۽ ٻين عالمن شريعت جي اپٽار ڪئي، ۽ شريعت
جي سمجهاڻي ڏني. اِهوئي بنيادي مقصد ڪلهوڙن جي دؤر
جي عالمن جي اڳيان هو؛ اِهو مقصد ۽ ڪارج بلڪل
خوبيءَ ۽ ڪاميابيءَ سان پورو ڪيو ويو.
|