سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سڏ پڙاڏو

 

صفحو : 5 

غلام رباني آگرو

سڏ – پڙاڏو

 

ڀٽائيءَ، سر مارئي ۾، ملير ۽ مارن جي محبت جا جيڪي گيت ڳايا آهن سي عالمي ادب جا دلاويز داستان آهن.

مان ننڍڙو هئس، محبت ديري جي مڊل اسڪول ۾ داخلا ورتي هئم. اسان جي ڳوٺ ۾ تڏهن اڃا بجلي ڪا نه آئي هئي. رات جو شمعدان ٻرندا هئا. سياري ۾ باهه جي مچ تي ڀٽائيءَ جو رسالو پڙهندو هئس. ڏاڍو مزو ايندو هو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو جوڙيل هو.ڪاري رنگ جا جلد هئس، سر مارئيءَ ۾ هڪ سٽ پڙهم، جا اڃا ياد اٿم:

”سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهنِ ٻڌائون.“

ڳوٺ ۾ منهنجو هڪ يارڙو هو --- رسول ونجر، کيس ڳچيءَ ۾ ڪارڙو سڳڙو پاتل هوندو هو، ته ڪا نظر نه لڳيس. سڳڙو ڪنهن پير فقير جو پڙهيل هو يا نه، سو مون کانئس ڪڏهن ڪو نه پڇيو، پر، سندس مائٽن جو عقيدو اهو ئي هو ته ٻچڙو کانئن پري هوندو ته کيس ڪوسو واءُ نه لڳندو. جڏهن ڪجهه وڏڙو ٿيس، ته ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي اهڙا سڳڙا عام جام ڏٺم. ڪن کي ڳچيءَ ۾ پاتل ته ڪن کي ٻانهنِ ۾ ٻڌل --- اهو سنڌ جو ڪلچر هو ۽ اڃا زندهه آهي.

ڀٽائيءَ اهو بيت ڪهڙيءَ ڪيفيت ۾ چيو، سو چوڻ ته ڏکي ڳالهه آهي، پر، ڳالهه ڏاڍي سهڻي ڪئي اٿس! هونئن به ڀٽائيءَ جي ته هر ڳالهه سهڻي هوندي آهي. عمرڪوٽ جي قيد ۾، مارئيءَ کي سانگيئڙن جي سڪ لڳي ٿي، ته پنهنجين ٻانهنِ ۾ ٻڌل سندن سڳڙا ڏسي، ڳائي ٿي،

”سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهن ٻڌائون.“

جڏهن ڪجهه وڏو ٿيس، ته نوشهري فيروز جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيس. منهنجي (مرحوم) وڏي ڀاءُ جو هڪ دوست هو، جو ساڻس گڏ ڪراچيءَ جي ڪاليج ۾ پڙهندو هو. اسان وٽ ڳوٺ مهمان ٿي آيو. ڪچهري ڪندي، ڳالهه ڪيائين ته پروفيسر رام پنجواڻي جڏهن کين ڪاليج ۾ پڙهائيندو هو، ته ڪڏهن ڪڏهن ڪلاس ۾ ڀٽائيءَ کي ڳائيندو هو. چيائين ته هڪ دفعي مان ڪلاس ۾ هئس. رام پنجواڻي گهڙو وڄائي رهيو هو ۽ ڀٽائي کي ڳائي رهيو هو:

”سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهنِ ٻڌائون“.

منهنجي ڀاٽي جي دوست چيو ته مون کان اهو نظارو ڪڏهن ڪو وسرندو. ڪلاس  ۾ گهڙي جا ڌڌڪا هئا. ڪاليجي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا هشام هئا. ڪن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. رام پنجواڻي دنيا جهان کان بيخبر هو. ڀٽائي کي ڳائي رهيو هو:

سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهنِ ٻڌائون

مون کي ٻانهنِ ٻڌائون.

او ميان!

مون کي ٻانهنِ ٻڌائون.

مان سڄي عمر قرب جو سڪايل رهيو آهيان. ڪو به انسان قربائتو پير ڀريندو آهي، ته وساري ڪو سگهندو آهيان. ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب ڇپيو. ته سنڌ جي لائق ۽ فائق عالمن، اديبن، دانشورن ۽ صحافين، ان کي ٽي وي، ريڊئي، اخبارن ۽ رسالن ذريعي ساراهيو --- ۽ اهو پيار جو پهريون اصول آهي.

قدرت هن جهان ۾ هونئن ته ڪيئي نعمتون خلقيون آهن، پر محبت جي ڪا مٽ ئي ڪانهي. قرآن ڪريم جو ارشاد آهي ته خالق، هن جهان ۾ جوڙا جوڙا خلقيا آهن: باهه ۽ پاڻي، اوندهه ۽ روشني، گرمي ۽ سردي، محبت ۽ نفرت، انساني لڳ لاڳاپا پڻ ٻن جذبن تي ٻڌل آهن محبت ۽ نفرت. ٻنهي جو اثر سحر انگيز آهي. نفرت ۾ الله بخش سومري جهڙو سچو انسان ۽ ڪنور جهڙو درويش ڪسي وڃن ٿا. محبت ۾ پکي ۽ جهنگ جا جانور پڻ ماڻهو سان سرچي وڃن ٿا.

سونهاريءَ سنڌ جي قربدارن مون سان وڏا ڪرم ڪيا. ڏاڍا قرب ڪيا، جيئن تاج محل جي ديوارن تي سنگ مرمر جون سهڻيون وليون ۽ گل اڪريل آهن. تيئن سندن جا ٻول منهنجيءَ دل تي نقش ٿيل آهن.

اسلام آباد برساتن ۽ مينهنِ جو ملڪ آهي. هت ڪارا ڪڪر سدائين وسندا رهندا آهن. مون چمڪندڙ کنوڻين ۽ وڏ ڦڙي جي وسڪاري ۾ پنهنجن مٺن مارن کي سڪ سان ساريو ۽ رام پنجواڻيءَ سان هم آواز ٿي، بار بار ڀٽائي کي ڳايو:

سون برابر سڳڙا مون کي ٻانهنِ ٻڌائون

مون کي ٻانهنِ ٻڌائون.

او ميان

مون کي ٻانهنِ ٻڌائون!

* * *

لاڙڪاڻي ضلعي مان، ڀاءُ امام الدين راشديءَ جو خط پڙهيم، ته سندس سڪ ڏسي، دل ڀرجي آئي. پر، کانئس هڪ چڪ به ٿي ويئي. پنهنجي پيار جي اظهار لاءِ جيڪو شعر لکيائين سو گولڙي شريف جي پير مهر علي شاه جي نعت جو شعر آهي:

”ڪٿي مهر علي ڪٿي تيري ثنا

گستاخ اکيان ڪٿي جا لڙيان“.

جيڪا عبارت پيغمبر سائينءَ ڏانهن منسوب هجي، ان جو ٻئي هنڌ استعمال بي ادبي آهي. اسان گنهگار انسان، جن جو پاپن جو پڃرو چوٽيءَ تائين چور آهي. سندن ئي شفاعت جا اميدوار آهيون. ٻنهي جهانن جا سردار اسان جو اجهو ۽ آڌار آهن. غلام فريد جي لفظن ۾ ”اسان جو دين ۽ ايمان آهن.“ پيغمبر جي نور کانسواءِ ته هيءَ دنيا هڪ ڪاري رات آهي. اقبال ڪهڙي نه سٺي دعا گهري آهي ته ”منهنجا مولا، قيامت جي ڏينهن مون کي پنهنجي رحمت سان نوازڻ چاهين ته پيغمبر جا پير چمڻ جي اجازت ڏجانءِ.“

پيغمبر سائين جو قول آهي ته ”عمل نيت سان پرکبو آهي“. ڀاءُ امام الدين جي نيت نيڪ هئي، ليڪن، ڀل ۾ کانئس خطا ٿي ويئي رب سائين بخشڻ وارو آهي.

لاڙڪاڻي ضلعي مان منگي صاحب لکيو آهي ته مولانا عبيد الله سنڌيءَ بابت رحيم بخش سومري صاحب جي بيان ڪيل روايت صحيح ڪانهي. منگي صاحب جو چوڻ آهي ته مولانا سنڌي فقير ماڻهو هو، اها ڳالهه ڪتاب جي ٻئي ڇاپي مان ڪڍي ڇڏجي.

ڪتاب جي ڇپجڻ کان سست پوءِ محمد امين خان کوسي جي ڀاءُ جو خط آيو، جنهن ۾ مولانا سنڌيءَ ۽ سباش چندر بوس جو ذڪر آهي. سباش چندر بوس انگريزن کان آزاديءَ لاءِ ”انڊين نيشنل آرمي“ ٺاهي هئي ۽ ٻيءَ مهاڀاري لڙائيءَ وقت هٽلر ۽ جپانين سان لڳ لاڳاپا قائم ڪيا هئائين. اوچتو، هوائي جهاز جي حادثي ۾ موت جو شڪار ٿيو. کوسي صاحب جي روايت مان رحيم بخش سومري صاحب جي روايت کي تقويت ملي ٿي.

رحيم بخش سان جڏهن اها ڳالهه ڪيم، ته ٻڌايائين ته سندس والد (شهيد) الله بخش سومرو جڏهن سنڌ جو وزيراعليٰ هو. تڏهن لنواريءَ واري حج تي بندش وڌي هئائين. چيائين ته ”سعودي حڪومت خوش ٿي بابا کي انعام اڪرام موڪليا. پر بابا وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته ”مون اهو ڪم هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ ڪيو هو.“ جڌهن قاصد اهو پيغام سعودي حڪومت کي وڃي پهچايو ته هيڪاري خوش ٿي بابا کي چيائون ته ”هاڻي ڀلا ٻيو ڪم به ڪيو. مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي جلاوطني ختم ڪرايو. اها سفارش فلسطين جي مفتي اعظم جي چوڻ تي ڪيائون. بابا اهو ڪم به ڪيو. فلسطين جو مفتي اعظم، مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو دوست هو ۽ يهودين جو ڪٽر دشمن هو. هٽلر سان انڪري لڳ لاڳاپا هئس، جو اهو به يهودين جو دشمن هو ۽ ڪيئي يهودي مارايا هئائين، جو هو عادي بنيادي سازشي آهن.

بهرحال حقيقت جيئن به هجي، منگي صاحب جو حڪم اکين تي. ٻئي ڇاپي مان اها عبارت ڪڍي ڇڏبي.

هڪ خط قبلا مخدوم صاحب واري مضمون متعلق آيو. ان ۾ (۽ برادرم الانا صاحب جي مضمون ۾) حضرت مخدوم نوح رحمت الله عليه بابت هڪ ڳالهه ڏانهن اشارو هو. مون ان دوست کي چيو ته ادا سائين مون ته ان ڳالهه کي ”مغالطو“ (غلطي) ڪوٺي خود ئي ختم ڪري ڇڏيو هو. چيائين ته پوءِ ته ڳالهه ڇُٽي. مون چيو ته نه، ايترو ڪافي ناهي. انشاءَ الله ايندڙ ڇاپي مان اها سٽ ئي ڪڍي ڇڏبي ۽ هت اها به وضاحت ڪري ڇڏڻ ضروري آهي ته حضرت مخدوم نوح رحمة الله عليه اسان جي پيغمبر سائينءَ صلي الله عليه وسلم جن جي پهرئين يار، حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنہ جي اولاد مان آهن. سنڌي ادبي بورڊ جيڪي فارسي ڪتاب شايع ڪيا آهن، تن ۾ هڪ جو سنڌي ترجمو شايع ٿيو آهي. جيڪو برادرم عبدالرسول قادري بلوچ تمام وڻندڙ ٻوليءَ ۾ ڪيو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾، ميان سيد علي ثاني شيرازي جي احوال ۾، حضرت مخدوم نوح رحمة الله عليه جو شجره نسب ڏنل آهي، جو هن ريت آهي.

”مخدوم نوح بن نعمت الله، بن اسحاق، بن شهادت الدين، بن مخدوم سرور، بن شيخ فخر الدين، بن شيخ عز الدين، بن شيخ فخر الدين، شيخ بوبڪر ڪتابي ويٺل ڪوٽ ڪروڙ بن شيخ اسماعيل، بن شيخ عبدالله.“

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين رحمة الله عليه حضرت مخدوم نوح رحمة الله عليه جا سترهان جانشين هئا. منهنجون ساڻن ٻٽيهه دليون هيون. زندگيءَ جا ٽيهارو ورهيه سندن قربت ۽ خدمت ۾ گذريا. پوين ڏينهن جو هڪ واقعو ياد اچيمٿو. جڏهن محترمه بينظير ڀٽو، ملڪ جي وزيراعظم هئي ته وزارت ثقافت مان مون کي فون آئي ته هالن جي مخدوم صاحب کي سندس ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ ”ستاره“ ڏيڻ جو مٿان حڪم مليو آهي. اوهان جي ساڻن قربت آهي سندن Citation ٺاهي ڏيو. مون مخدوم صاحب جن سان محبت ۽ حجت سببان پڇڻ کانسواءِ واسطيدار آفيسر کي چيو ته ستارو ڪو نه کپي. ڏيو ته ”هلال“ ڏيو. اهو احساس هئم ته ڳالهه ايڏي سولي به ڪانهي. ”هلال“ ملڪ جو سڀ کان اعليٰ ايوارڊ آهي ۽ ادبي خدمتن جي اعتراف طور گذريل چاليهن ورهين ۾ فقط هڪ شخص کي مليو آهي. مخدوم صاحب جن سان ڳالهه ڪيم پاڻ خوش ٿيا ۽ مون کي دعائون ڏنائون. سائين غلام مصطفيٰ شاه تعليمي وزير هو. ڀرپور مدد ڪيائين ۽ پر، ستت حڪومت بدلجي ويئي.

الله سائين کي منظور هو، سو منهنجو پرهئو ثاب پيو. نئينءَ حڪومت به مخدوم صاحب جن لاءِ ”هلال“ جو اعلان ڪيو. منهنجو مقصد سندن خوشي ئي هئي ورنه قدرت کين جيڪو مان مرتبو ڏنو هو، ان جي اڳيان ملڪ جو ڪو به ايوارڊ بي معنيٰ هو. هڪ دفعي مون سان ڳالهه ڪيائون ته جڏهن مرحوم ڀٽو صاحب پاور ۾ آيو ته چيائين مخدوم صاحب هاڻي ته سڀ ڪجهه پنهنجي هٿ وس آهي، اوهان کي ڇا گهرجي؟ مخدوم صاحب جن چيو ته ”مون ڀٽي صاحب کي جواب ڏنو ته الله پاڪ اسان جي خاندان جي جيڪا عزت ڪئي آهي، فقط اها برقرار رکجو.“

قبلا مخدوم صاحب جن هي جهان ڇڏي،. ڪنهن بهتر جهان ۾ ويا آهن. دعا آهي ته رب ڪريم کين جنت ۾ جايون ڏئي ۽ پنهنجن پيارن جو پاڙو نصيب ڪري. سندن متبرڪ خاندان سان منهنجي محبت ۽ نيازمندي قائم رکي. (آمين)

گهوٽڪي مان، هڪ خط عزيزم ذوالفقار لکيو آهي. پڇيو اٿس ته علامه قاضي صاحب لنڊن ۾ رهندو هو ۽ پير صاحب ڪراچيءَ ۾، ته سندن آمدنيءَ جا ذريعا ڪهڙا هئا؟ مون ڪتاب ۾ جيڪي خاڪا لکيا آهن، انهن ۾ ڪٿي ڪٿي ٿورا گهڻا اشارا آهن. مثلاً پير صاحب واري مضمون ۾ مون کانئن ئي ٻڌل ڳالهه بيان ڪئي آهي ته سنڌ جي عظيم تاريخ نويس جي زندگيءَ جو سفر ڪيئن شروع ٿيو. پوءِ چاليهن پنجاهه ورهين جي عرصي اندر عقل سان اڳتي وک وڌائي، پنهنجي زندگي ڪيئن ٺاهيائين. ساڳي ريت علامه صاحب واري مضمون ۾ مون سندس هڪ هندو دوست جي خط جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن پنجاهه ورهين کان پوءِ لکيو هئس ته تون اسڪول ۾ سڀني ڇوڪرن کان عمدو لباس پائي ايندو هئين. اها ڳالهه علامه صاحب جي ننڍپڻ ۾ سندن پرورش جي نشاني آهي ۽ ثابتي آهي ته سندس والدين سکيا ستابا هئا. آمدنيءَ جا انگ اکر ڏيڻ نه مناسب هئا ۽ نه ضروري. ائين ڪبو ته ادبي ڪتاب درسي ڪتاب ٿي ويندو.

”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب وڏن ماڻهن جو تذڪرو آهي. وڏن ماڻهن مان منهنجي مراد نيڪ ماڻهو آهن. ڇو ته سچي پچي وڏائي نيڪي آهي. وڏن ماڻهن جي سوانح پڙهڻ جو مطلب اهو آهي ته انسان سندن قدمن تي هلي، پنهنجي زندگي ٺاهي. هيءَ زندگي ڪنهن لاءِ به سکن جي سيج ڪانهي. تڏهن ته سنڌ جي ڏاهن چيو آهي ته ”هي مورن جو ميدان، هت ڪانئر جاءِ نه ڪا.“ ڏسڻو اهو آهي ته، انسان پنهنجين حالتن هيٺ، زندگي ڪيئن گذاري ٿو؟ سندس ڪمال اهو آهي ته ناسازگار حالتن کي بدلائي، سازگار بنائي. ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته:

Better to light a candle, than to curse darkness

”اوندهه کي پٽڻ ۽ پاراتا ڏيڻ بدران، بتي ٻارجي.“

عزيزم ذوالفقار پنهنجي خط ۾ مخدوم بصر الدين سيوهاڻيءَ جي حوالي سان چيو آهي ته اها ڳالهه اعتبار جوڳي نه آهي، ته دنيا جا مسئلا بزرگن جي دعائن سان حل ٿي وڃن.

مان به ائين ئي سمجهان ٿو. بلڪ هر ڪو ائين ئي سمجهي ٿو. تڏهن ته پهاڪو جڙيو آهي ته ”ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽڪن سندا موٺ.“ پر، ڳالهه شايد اهڙي سولي به ڪانهي، جو چئجي ته اتي پوري ٿي.

مان سنڌي ادبي بورڊ جي ڄامشوري واري گهر ۾ رهندو هئس. سانجهيءَ جي مهل هئي، جو رحيم بخش سومرو ۽ سندس هڪ زميندار دوست موٽر مان اچي لٿا ۽ چيائون ته ”ٻيون ڳالهيون پوءِ، پهريائين چاءِ ٺهراءِ.“ سندس زميندار دوست جو نالو هاڻي وسري ويو اٿم، پر ايترو ياد اٿم ته ذات جو بروهي هو. تنهن چيو ته ”مون کي اول مصلو ۽ وضوءَ لاءِ پاڻي ڏيو ته نماز پڙهان.“

نماز پڙهي آيو ته پڇيو مانس: ”بروهي صاحب! اوهان سمجهو ٿا ته نماز پڙهڻ ۽ دعا گهرڻ سان من جون مرادون پوريون ٿين ٿيون؟“

چيائين ته”بلڪ ائين سمجهون ٿا، تڏهن ته نماز پڙهون ٿا.“

ٻيهر ساڳي ڳالهه مير علي احمد خان ٽالپر (مرحوم) سان ڪڍيم، چيائين ته ”دعا گهرڻ سان مادي حالتون ته تبديل ٿين ٿيون الائي ڪو نه، پر دعا گهرڻ واري جي ذهني ڪيفيت تبديل ٿئي ٿي.“

بروهي صاحب ۽ مير صاحب ڏاها ماڻهو هئا، پر، دين جا عالم ڪو نه هئا. سو، ڪنهن عالم جي تلاش ۾ رهيس. پير حسام الدين راشديءَ ۽ سندس هڪ ايراني دوست، ڊاڪٽر علي اڪبر جعفريءَ کان چاليهه ورهيه اڳ ڊاڪٽر حميد الله جو نالو ٻڌو هئم. سندس ٻه ٽي ڪتاب هٿ ڪري پڙهيا هئم: هڪ انگريزيءَ ۾ محمد رسول الله، ٻيو اردوءَ ۾ مديني جي مسلمان رياست ۽ ٽيون خطبات بهاولپور. پهرئين ڪتاب کانسواءِ باقي ٻئي اڃا ملن ٿا.

ڊاڪٽر حميد الله جي پهريون دفعو زيارت سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٿي. مولانا قاسمي صاحب کيس قرآن مجيد جو حضرت مخدوم نوح وارو فارسي ترجمو ڏيکارڻ لاءِ وٺي آيو هو. پنج پندرهن منٽ ويٺو. قرآن ڪريم ڏسي، موٽي سنڌ يوينورسٽيءَ هليو ويو. جتي مهمان طور ٽڪيل هو. ٻيو دفعو کيس سال ٻه اڳ راولپنڊيءَ ۾ همدرد دواخاني جي دعوت ۾ ڏٺم.

ڊاڪٽر حميد الله گذريل پنجاهه سالن کان پئرس ۾ رهندو آهي. اصل ۾ حيدرآباد دکن جو ويٺل آهي. تازو اسلام آباد جي اخبار ۾ خبر آئي ته پاڪستان جي دوري تي اچڻ وارو آهي. مون کي ساڻس ملاقات جي آرزو هئي. اسلامي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر هئس. چيم ته اتي ڪنهن کي خط لکان. پر ڪو هٿ پير هڻان، ان کان اڳ ۾ ئي پرائيم منسٽر هائوس مان دعوت نامو آيو، ته اوهان ڊاڪٽر حميد الله سان لنچ ۾ اچي شريڪ ٿيو. ٻي دعوت ملي، ته وزارت مذهبي امور ۾ ڪن چونڊ عالمن ۽ دانشورن کي ڊاڪٽر حميد الله سان ملاقات لاءِ سڏيو ويو آهي، تن ۾ اوهان به شامل آهيو.

وزيراعظم هائوس ۾ لنچ ۾ منهنجو نالو بظاهر انهيءَ سبب سان شامل ٿيو هوندو ته ڊاڪٽر حميد الله عالم اديب ۽ مفڪر ماڻهو آهي، لنچ ۾ سندس صحبت لاءِ اهڙا ماڻهو سڏجن، جن جو قلم ۽ ڪتاب سان واسطو هجي. پر، اسلام آباد ۾ اهڙين اديبن ۽ عالمن جي ڪمي ڪانهي. انڪري مون کي ائين سمجهڻ جو حق آهي ته منهنجو نالو ڪنهن اتفاق يا حادثي ڪري، لسٽ ۾ شامل ڪو نه ٿيو. - ۽ مذهبي امور جي وزارت ۾ به مون ڪنهن کي چئه چواءُ ڪو نه ڪرايو هو. سو ائين ئي سمجهندس ته ”قدرت منهنجي دعا قبول ڪئي.“

مون وزارت مذهبي امور واريءَ ميٽنگ ۾ ڊاڪٽر حميد الله کان ڪو به سوال ڪو نه پڇيو. پر ”هاليڊي ان“ هوٽل ۾ کيس خط لکي موڪليم ۽ اهو ئي سوال ڪيم جو عزيزم ذوالفقار مون کان پڇيو آهي ته دعا سان من جون مرادون پوريون ٿين ٿيون يا نه؟

جواب ۾ لکيائين ته ”عربيءَ ۾ نماز کي صلوٰت چوندا آهن. ۽ ان جي معنيٰ دعا ڪا نه آهي. قرآن ۾ چيل آهي ته الله ۽ سندس ملائڪ پيغمبر تي صلوٰت موڪلين ٿا. صلوٰت معنيٰ ڪنهن ڏانهن مائل ٿيڻ. قرآن ۾ اهو ته ڪٿي به چيل ڪونهي ته اوهان دعا گهرندا وڃو، ته سڀ ڪم ازخود ٿيندا ويندا. منهنجي سوال جي جواب ۾ چيائين ته ”بندﻵ کي دعا قبول کرنـﻶ کـﻶ لئـﻶ خدا کـﻶ ان گنت طريقـﻶ هين“.

هت ڊاڪٽر حميد الله جا اصل اردو اکر ان ڪري ڏنا اٿم. جو اهي توجهه طلب آهن. اصل ڳالهه اهائي آهي ته انسان جي دعا قبول ڪرڻ لاءِ خدا جا اڻ ڳڻيا طريقا آهن.

ذوالفقار ائين چئي سگهي ٿو ته ڊاڪٽر حميد الله سان ملاقات واري مثال کي False Causation سمجهڻ ئي صحيح ٿيندو. سبب Cause ۽ نتيجي Effect جي اصول کان ڪو به انڪار ڪونهي. آلبرٽ آئنسٽائين جو چوڻ آهي ته ”هيءَ دنيا سبب ۽ نتيجي جو جهان آهي. سبب نتيجي جي اصول کي رد ڪنداسين ته هڪ ته اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته اتفاق ۽ حادثي جي ڪري ائين ٿيو. اتفاقن ۽ حادثن تي دنيا جو ڪاروبار ڪيئن هلي سگهندو؟ ٻيو ته اهو به مڃڻو پوندو ته خدا هيءَ دنيا اڻپوري ٺاهي آهي. جو وقت بوقت ان جي نظام کي درست رکڻ لاءِ کيس قدرتي قاعدن ۽ قانونن ۾ ترميمون ڏيڻيون پون ٿيون.“

آئنسٽائين جي ڳالهه کي وڏو وزن آهي، ليڪن جلال الدين روميءَ جو خيال هو ته ”اوهان جنهن ڳالهه کي سبب Cause سمجهو ٿا، سو خود نتيجو Effect آهي ڪنهن سبب Cause جو، جنهن جو سٽاءُ ڪنهن ٻئي هنڌ ٿئي ٿو.“

هن اها ڳالهه شايد انهيءَ عقيدي موجب چئي هئي جو رب پاڪ کي ”مسبب الاسباب“ Causer of  the causes ڪوٺبو آهي. ڀٽائيءَ به چيو آهي ته:

هڙ ۾ ڪي هئون، هئين هن نه چاڙهيا،

سارو ڏينهن سمونڊ تي لهي سج ويون،

جڏهن سائينءَ سبب ڪيون،

تڏهن ستڙ ٿيا سيد چئي.

سبب اسباب ڳولڻ، سوچڻ، ڪوشش ڪرڻ، انسان تي فرض آهي، ڀٽائيءَ جو قول آهي: نينهن نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه ٿين. قرآن جو بار بار فرمان آهي ته سوچيو، ويچار ڪريو، غور ڪريو.

قدرت جڏهن ڪرم ڪندي آهي ته پهريائين اسباب پيدا ڪندي آهي. سو ماڻهوءَ کي به هٿ پير هلائڻو آهي. سوچ ويچار کان سواءِ ڪو به ڪم ڪيئن ٿيندو؟ پير علي محمد راشديءَ چوندو هو ته ”ڳوٽ عقل سان ئي ڀڄندي آهي.“

مغربي مفڪرن ۾ گئليلي ڪهڙو نه سهڻو چيو آهي ته:

I do not feel obliged to believe that the same God, who has endowed us, with reason and intellect has intended us to fore go thier use.

عقل خدا جي سڀ کان وڏي نمعت آهي. هڪ دفعي ڪن ماڻهن پيغمبر سائينءَ اڳيان ڪنهن شخص جي نيڪي ڪندي ڏاڍو وڌاءُ ڪيو. پاڻ پڇيائون ته ”عقل ۾ ڪيئن آهي؟“ انهن ماڻهن چيو ته ”سائين اسان ته سندس خير، خيرات ۽ عبادت جو ذڪر ڪريون ٿا“. تڏهن فرمايائون ته ”احمق پنهنجي جهالت سببان پاڻ کي اهڙين ته آفتن ۾ اڙائيندو آهي، جي بدڪار شخص جي بدڪارين کان به بڇڙيون هونديون آهن.“

ڪنهن ٻئي موقعي تي فرمايائون ته ”وچٿري واٽ وٺڻ علقمندي آهي.“ يعني انتهاپسنديءَ کان پاسو ڪجي.

ڪن جو چوڻ آهي ته اهو چيني ڏاهي ڪنفيوشس جو قول آهي.

ساڳي ڳالهه فرانسيسي دانشور موليئر هيئن ڪئي آهي ته، ”ڪامل عقل هر قسم جي انتهاپسنديءَ کان پاسو ڪندو آهي“.

مسلمان مفڪرن پنهنجي پيغمبر جي تعليم موجب عقل ۽ علم کي اوليت ڏني. جهالت کي اسلام جو ضد ڪوٺيائون ۽ چيائون ته اسلام ۽ جهالت ڪڏهن به هڪ ٿي نٿا سگهن.

ارسطو ان خيال جو هو ته انسان ٻين جاندارن کان ان ڪري مختلف ۽ ممتاز آهي، جو کيس ڳالهائڻ جي قوت آهي يعني حيوان ناطق آهي. پر، ابوالڪلام انساني فضيلت جو بنياد ”نطق“ بدران ”عقل“ تي رکيو. هو عقليت پسنديءَ جو قائل هو. مذهبي معاملن ۽ ادب توڙي تهذيب جي تصوير ۾ سندس وچ عقليت پسنديءَ واري هئي. هو ان ڳالهه جو قائل هو ته انسان جي سموريءَ ترقيءَ جو بنياد عقل آهي.

”غبار خاطر“ ۾ هڪ هنڌ صليبي جنگين جي باري ۾ جيڪي چيو اٿس، ان مان دعا جي باري ۾ سندس نقطه نگاهه جي وضاحت ٿئي ٿي:

”صليبي جهاد ازمنه وسطيٰ جي يورپ کي مشرق وسطيٰ جي برابر آڻي بيهاريو هو. يورپ ان دور جي مسيحي ذهن جي نمائندگي ڪري رهيو هو ۽ مشرق وسطيٰ مسلمانن جي دماغ جي يورپ مذهب جي مجنونانه جوش جو علمبردار هو. مسلمان علم ۽ دانش جا علمبردار هئا. يورپ دعائن جي هٿيار سان وڙهڻ ٿي گهريو. مسلمان لوهه ۽ باهه جي هٿيارن سان وڙهي رهيا هئا. يورپ جو اعتماد رڳو خدا جي مدد تي هو. مسلمانن جو خدا جي مدد تي به هو، پر خدا جي پيدا ڪيل ساز سامان تي به هو. يورپ رڳو روحاني طاقتن جو معتقد هو. ٻيو روحاني ۽ مادي ٻنهي جو. پهرئين معجزن جو انتظار ڪيو، ٻئي عمل جي نتيجي جو. معجزا ظاهر ڪو نه ٿيا، پر عمل جي نتيجي ۾ جنگ ۾ فتح ۽ شڪست جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

اهو حال هو تيرهين صديءَ عيسويءَ جو، پر، ڪجهه صديون پوءِ جڏهن وري يورپ ۽ مشرق جو مقابلو ٿيو، ته صورتحال بدلجي چڪي هئي. صليبي جنگين وقت جيڪا ذهنيت ۽ حالت عيسائين جي هئي، سا هاڻي مسلمانن جي هئي ۽ جيڪا ان وقت مسلمانن جي هئي، سا هاڻي عيسائين جي هئي. ارڙهينءَ صديءَ عيسويءَ جي آخر ۾ جڏهن نيپولين مصر تي حملو ڪيو ته ته مراد بڪ جامع اظهر جي عالمن کي گڏ ڪري، ساڻن صلاح ڪئي ته نيپولين جو مقابلو ڪيئن ڪجي؟ عالمن سڳورن کيس متفقه مشورو ڏنو ته جامع اظهر ۾ ”صحيح بخاري“ جو ختمو ڏيارجي، ته مطلب حاصل ٿيندو. سو ائين ڪيائون، ليڪن اڃا ختمو پورو ئي ڪو نه ٿيو ته نيپولين مصري حڪومت جا ڪم لاهي ڇڏيا.

اڻويهينءَ صديءَ عيسويءِ ۾ جڏهن روسين بخارا کي گهيرو ڪيو ته بخار جي امير حڪم ڏنو ته سمورن مدرسن ۾ ”ختم خواجگان“ شروع ڪيو وڃي. هوڏانهن روسين جون توبون قلعي کي ڊاهي رهيون هيون. هيڏانهن ”ختم خواجگان“ جي حلقن ۾ ويٺل شخص ”يا مقلب القلوب“ ۽ ”يامحول الاحوال“ جا نعرا بلند ڪري رهيا هئا. آخر ڪار نتيجو اهو ئي نڪرڻو هو، جنهن ۾ هڪ طرف گولا بارود هجي ۽ ٻئي طرف ختم خواجگان“.

ابوالڪلام مٿيان واقعا بيان ڪرڻ کان پوءِ انهن مان هي نتيجو ڪڍيو آهي:

 ”دعائون ضرور فائدو پهچائن ٿيون. مگر انهن کي جيڪي پختو ارادو ۽ همت رکندا هجن. بي همت ماڻهن لاءِ اهي عمل ڇڏي ڏيڻ جو بهانو بڻجي وڃن ٿيون.“

دعا جي ڳالهه نڪتي هئي مخدوم بصر الدين جي دعائن جي ذڪر تان. مون مخدوم صاحب پاڻ ڪو نه ڏٺو، پر گهڻن ئي چڱن ماڻهن کان ٻڌم ته ويهينءَ صديءَ جي شروعاتي دور جو غير معمولي انسان هو. انگريزي سرڪار کيس وڏي نوڪري ڏني، پر غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ مان لاهي اڇلائي ڇڏيائين. انگريزيءَ ۽ عربيءَ تي کيس وڏو عبور هو. نهايت پرهيزگار، ۽ عبادت گذار هو. منجهس مجذوبيت جو انگ هو. وڏو طبيب هو، پر دنيا جي طمع کان بي نياز هو. . سنڌي ۾ طبيب کي حڪيم به ڪوٺيندا آهن ۽ مجذوب وري ان کي چوندا آهن جو سمجهه ۾ نه اچڻ جهڙيون ڳالهيون ڪري. حڪيم معنيٰ داناءُ --- ان جو مطلب ته مخدوم بصر الدين داناءُ به هو ۽ مجذوب به! عجب انسان چئبو!

پيغمبر جي هڪ حديث ۾ درويش ۽ اوليائن جي صفت هن ريت بيان ٿيل آهي:

الله تعاليٰ جا نيڪ ٻانها هن زمين تي ائين آهن، جيئن بارش خش زمين تي – جيئن بارش جي قطرن مان سمنڊ مان (سپين جي پيٽ مان) موتي نڪرندا آهن. تيئن الله جي پيارن جو فيض عام آهي. الله جو پيارو اهو آهي، جنهن مان خدا جي خلق کي گهڻي کان گهڻو فائدو پهچي.

انهيءَ معيار تي پرکي ڏسبو ته مخدوم بصر الدين صحيح معنيٰ ۾ درويش هو. ڏکويل انسانن جي زخمن تي دوا ۽ دعا جا پها رکندو هو. الله پاڪ پنهنجن اهڙن نيڪ ٻانهن جي التجائن کي قبوليت جو شرف نصيب ڪري، ته ان ۾ عجب ڪونهي. منهنجي ذاتي عقيدي موجب شڪارپور وارو انگريز ڊاڪٽر هالنڊ جيڪو هر سال انگلستان مان سنڌ ۾ ايندو هو ۽ خيراتي ڪئمپ هڻي، غريبن جي اکين جا آپريشن ۽ علاج ڪري، کين نور جي نعمت وٺي ڏيندو هو. سو به الله پاڪ جو پيارو هو.

رهيو اهو سوال ته درويش جي دعا سان ماڻهوءَ جي من جون مرادون ”ڪيئن“ پوريون ٿين ٿيون؟ سو انهيءَ باري ۾ هڪ ڳالهه ياد ٿي اچيم.

هڪ دفعي پير علي محمد راشديءَ سان ڪچهري ڪندي، کيس چيم ته ”روحانيت جي ڳالهه ئي اجائي آهي. مان ته ان کي ڪو نه ٿو مڃان!“

راشدي صاحب ٿڌي نموني چيو ته ”ائٽم بم جي قوت کي مڃين ٿو؟“

مون چيو ته، ”هائو“.

چيائين ته ”تو کي بم ٺاهڻ جو نسخو ڏيان ۽ سمورو مسالو به ته ٻڌاءِ بم ٺاهي ويندين؟“

مون چيو ته ”ن.“

چيائين ته: ”روحانيت جو معاملو به ائين ئي سمجهه، اهو جهانُ پنهنجيءَ سمجهه کان مٿڀرو آهي، جيڪي ان جا واقف آهن، سي ئي ان جا راز ۽ رمزون ڄاڻن ٿا.“

راشدي صاحب ڏاهو ماڻهو هو. ٿورن اکرن ۾ وڏي ڳالهه ڪري ويو ته، جيڪي عقل کان مٿڀرو آهي، سو عقل جي خلاف نه آهي.

اصولي طرح، واقعي ان ڳالهه کان انڪار ٿي نه ٿو سگهي ته ”جيڪي عقل کان مٿي آهي، سو عقل جي خلاف نه آهي.“

ٻهراڙيءَ ۾ ماڻهو چوندا آهن ته ”انگريز ڪمال ڪري ڇڏيو. لوهه هوا ۾ اڏائي ڇڏيو!“ لوهه هوا ۾ اڏامي يا پاڻيءَ تي تري، سا ڳالهه سراسر عقل جي خلاف آهي. پر، اها ڳالهه ڪالهه تائين ائين هئي، اڄ اسان جي اکين اڳيان، لوهه مان ٺهيل جهاز هوا ۾ اڏامن ٿا ۽ پاڻيءَ تي به ترن ٿا.

ان جو هڪ مطلب ته اهو نڪتو ته لوهه جو هوا ۾ اڏامڻ يا پاڻيءَ تي ترڻ بظاهر عقل کان مٿي هو. پر عقل جي خلاف نه هو. ٻيو مطلب اهو نڪتو ته اهو ضروري ڪونهي ته سچ ائين ئي هجي ۽ ايترو ئي هجي جيترو ڪنهن ماڻهوءَ جي سمجهه ۾ اچي. هر انسان پنهنجي سمجهه سارو سچ کي سمجهي سگهي ٿو. ان ڪري سياڻن جو قول آهي ته ”ماڻهن سان سندن سمجهه موجب ڳالهايو.“

دعا جو واسطو روحانيت جي جهان سان آهي. جنهن ماڻهوءَ جو روحانيت ۾ اعتبار نه آهي. ان لاءِ ”دعا“ اهڙي اجنبي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن کان هو اڻ واقف آهي. کين سمجهه ۾ ڪو نه ايندو. ”روحاني حقيقت“ هن دنيا جي مادي، مڪاني ۽ زماني حقيقتن کان مختلف آهي. جيڪي ماڻهو روحانيت ۾ اعتبار ڪن ٿا، سي ائين سمجهن ٿا ته هن دنيا ۾ ماڻهوءَ جيڪا زندگي گذاري آهي، ان جا نتيجا ۽ اثر ٻيءَ دنيا ۾ يعني موت کان پوءِ واريءَ حياتيءَ ۾ اتان جي سطح مطابق ظاهر ٿيندا. ”معنيٰ جو جهان“ هن دنيا جي ”صورت جي جهان“ کان مختلف آهي.

سنڌ جي شاعر ڪنهن ڪيفيت ۾ فرمايو آهي:

”صورت“ ليکي هت،”معنيٰ“ ليکي مارئين،

عمر منهنجي چِت، اوطاقون ٿرن ۾.

هن جهان جي رهاڪوءَ کي هتان جي صورتن موجب ئي مثال ڏيئي ڳالهه سمجهائڻي پوندي. جيئن ڦڏي پير واري شخص لاءِ موچيءَ کي ڦڏي جتي ٺاهڻي پوندي، روميءَ جو قول آهي ته:

پائي ڪج راڪفش بايست ڪج

ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ واٽهڙو واٽ وٺيو پئي ويو، رستي تي هڪ شخص ويٺو هو. کانئس پڇيائين ته روم جي شهر ڪيتريءَ دير ۾ وڃي پهچندس؟ ان شخص چيس ته سڌو ئي سڌو هليو وڃ. اهو ٻڌي واٽهڙوءَ چيس ته ڏاڍو ڪو بداخلاق آهي. اهو مون کي جواب ٿو ڏين. جڏهن اڳڀرو هليو ته ان شخص پٺيان سڏ ڪري چيس ته سائينءَ جا سنواريا. جيڪڏهن مان تنهنجي پنڌ ڪرڻ جي رفتار نه ڏسان ها ته تو کي ڪيئن ٻڌائي سگهان ها ته ڪيتري دير ۾ روم پهچندين؟

اسان جو معاشرو جهالت، وهم ۽ وسوسي ۾ ايترو ته ورتو پيو آهي، جو ڪنهن به ذهين ماڻهوءَ کي ائين چوڻ وڏي ۾ وڏو ظلم ڪرڻو آهي ته سچ تنهنجي ۽ منهنجي سمجهه کان مٿي آهي.

هڪ طرف مسلمان عالمن جو چوڻ آهي ته اسلام ۽ جهالت هڪ ٻئي جو ضد آهن، ٻئي طرف حقيقت اها آهي ته اڄ جيتري جهالت مسلمانن ۾ آهي، اوتري ٻين مذهبن وارن ۾ ڪانهي. علم جو مطلب اکر سڃاڻڻ برابر ڪو نه آهي. پر، اکر سڃاڻڻ به علم آهي. هن وقت دنيا ۾ شايد سوويت يونين مان تازا آزاد ٿيل مسلمان ملڪ ئي آهن، جن ۾ سو سيڪڙو ماڻهو پڙهيل آهن، انهن ملڪن جي اها ڪاميابي مغربي تهذيب جي اثر ڪري آهي.

پڙهيل ماڻهو سڀ کان وڏو باغي آهي. تعليم انسان جي اکين تان جهالت جي پٽي ڇوڙي ڇڏي ٿي. هو سوال ڪرڻ لڳي ٿو ته هيئن ڇو آهي ۽ هونئن ڇو نه آهي؟

محمد اسماعيل عرساڻيءَ بالغن جي تعليم کي زور وٺائڻ جي مقصد سان ”بدنصيب ٿري“ ناٽڪ لکيو. سندس ٻه ڪردار دودو ۽ چنيسر پاڻ هيئن گفتگو ڪن ٿا.

چنيسر: اسان جا پير زوري نماز کي ويجها ڪو نه وڃن، پر سندن خليفا ويٺل ماڻهن کي ٻڌائن ته اسان جا مرشد روز مڪي مديني نماز پڙهڻ ويندا آهن.

دودو: چنيسر! ڪنو پاڻي هوندو، ته به باهه ته وسائيندو.

عرساڻي صاحب کي الله سائين جنت ۾ جايون ڏئي! ڪني پاڻيءَ جو مثال ڪيئن ڏنائين!

چين ۾ هڪ نمائش ڏٺم، پاٽوڙن ۾ گپ چڪ وجهي، بڙ جا ٻوٽا پوکيا هئائون. ٻوٽا ڦٽا، گونچ ۽ پن جهليائون، ٻروٽڙا ٿيا. وڏا درخت ٿي نه سگهيا، ڇو ته غذا لاءِ گهربل پاڻي ۽ مٽي ڪونه ملين. مون چيني ماڻهوءَ کي سندس سياڻپ جو داد ڏنو. بوتل ۾ جن کي بند ڪري ڇڏيو هئائين. پر، اسان جي تهذيب شايد چين جي تهذيب کان به پراڻي آهي. ان ڪري اسان جا عيار چينين کان به چالاڪ آهن. هت، هڪڙيءَ درگاه جا پينو فقير ڏٺم، سگهارا جوان هئا. پر مٿو ٻار جيترو! ڪنهن ڳالهه ڪئي ته ٻاراڻيءَ وهيءَ ۾ مجاور اهڙن مسڪينن کي مٿي تي لوهي ٽوپي پارائي ڇڏيندا آهن. وڏا ٿيندا آهن ته جسم وڌي ويندو اٿن. پر مٿو ٻار جيترو ئي رهجي ويندو اٿن. وڏي هوندي، مجاور لوهي ٽوپي لاهي کانئن پن ڪرائيندا آهن.

تازو هڪ سنڌي ڪتاب ۾ هي معجزا ۽ ڪرامتون پڙهيا اٿم.

1. چون ٿا ته پوئينءَ رات جو هڪ شينهن پڇ سان آستاني تي ٻهاري ڏيندو هو.

2.      هڪ ڏينهن ساٿين سان گڏ ٿي ويو. رستي مان ماڻهن جي نظر کان غائب ٿي ويو. گهڻي وقت کان پوءِ ان کي ڏٺائو ۽ پڇيائون ته ”ڪيڏانهن ويو هئين؟“

چيائين ته ”دنيا جي آسمان تي ويو هئس. گهريم ٿي ته ٻئي آسمان تي وڃان، پر توهان ساٿين جي سنگت ۽ رفاقت جو لحاظ ڪري موٽي آيو آهيان.“

3.      گهر واريءَ جي ڀاڻيجي کي اڃا ڏاڙهيءَ جو خط به ڪو نه آيو هوس. چيائينس ته ”اي بابا، هاڻي مون ۾ امامت جي طاقت ڪا نه رهي آهي. تون ڏاڙهيءَ سان ٿي ۽ منهنجي بدران امامت ڪر.“ چون ٿا ته ٻيپهريءَ جي وقت ائين چئي، هن جي ڳلن تي هٿ ڦيريو هئائين ۽ ٽيپهريءَ تائين هن کي ڏاڙهي جا نشان ظاهر ٿيا.

4.      اهو واپاري ماڻهن جي مهڻن کان تمام تنگ دل ٿي پيو. سنگتي ساڻ ڪري، سيد کي بهاني سان ٻيڙيءَ ۾ ويهاري، هلڻ لڳا. جڏهن وچ سير ۾ پهتا ته جنڊ جو ڳرو پڙ درياهه ۾ ٻيڙيءَ وانگر هلڻ لڳو ۽ سيد مٿس چڙهي ويٺو”.

اهڙي قسم جون ڳالهيون جاهلن جي واتان ٻڌڻ ۾ اچن ته حيرت ٿيڻ نه گهرجي، پر، ڪتابن ۾ لکيل هجن تي، سوچڻ گهرجي ته پڙهندڙ جي ذهن تي انهن جو ڪهڙو اثر ٿيندو؟ ڪتاب پڙهي، مون ته ائين محسوس ڪيو ته سنڌي ماڻهوءَ جي مٿي تي صدين کان لوهي ٽوپ پاتو پيو آهي. نياز همايونيءَ الائي ڪهڙي ڪيفيت ۾ چيو هو؛

”سنڌ صدين کان دلوراءِ جي ننگري آهي.“

حسين شاهه راشديءَ ڳالهه ڪئي ته”ادا ڦڪن جي پاسي هڪ نوجوان مليم. جوانيءَ ۾ ئي ڪٻو ٿي لڳو. حيران ٿي پڇيو مانس ته توسان خير؟“

چيائين ته ،”سائين، اسان جي پاسي، سيد آهن گهڻا، سو، کين پيرين پئي پئي. چيلهه چٻي ٿي وئي اٿم.“

انگريزيءَ ۾ هڪ لفظ آهي؛ OBSCURANTISM اها بيماري AIDS کان به بڇڙي آهي. سو، مون کي انديشو آهي ته اسان ڍؤ تي ماني کائي، ٻه ٽي اوڳرايون ڏيئي، ازلي ۽ ابدي صداقت سمجهڻ لاءِ جيڪي ڳالهيون ٻوليون ڪريون ٿا، تن مان روشنيءَ بدران، مورڳو Obscurant Forces جهل، وهم ۽ وسوسي کي تقويت نه پهچي، ڇو ته پير علي محمد راشديءَ پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ چتاءُ ڏنو آهي ته، ”دنيا ۾ اڪثريت عقل جي انڌن جي رهي ٿي.“

ممتاز دانشور، خليفي عبدالحڪيم پنهنجي ڪتاب ”تشبيهات رومي“ ۾ لکيو آهي ته نبين، اوليائن ۽ ڏاهن کان وٺي عام ماڻهن کي اخلاقي ۽ ديني تعليم ڏيڻ لاءِ مثال ۽ تشبيهه کان ڪم ورتو آهي. پر، گهٽ عقل وارا ماڻهو مثال ۽ تشبيهه جو اصل مطلب سمجهڻ بدران ان جي اکرن کي چهٽي ٿا پون ۽ سمجهن ٿا ته بهشت عياشيءَ جو اڏو ۽ دوزخ ڪالو لوهار جي بٺي آهي.

موصوف تحقيق ڪئي آهي ته اسڪئنڊ نيويا جي ملڪن ناروي ۽ سئيڊن ۾ عيسائيت کان اڳ ۾ جيڪو مذهب هو، انهيءَ ۾ بهشت جو تصور اهو ڏنل هو ته اتي وڏا وڏا شڪار گاهه آهن ۽ جاين جي اندر سدائين سگريون ٻرنديون رهنديون آهن، سو ڏاڍيون گرم ۽ آرام واريون هونديون آهن. انهيءَ تصور جو سبب اهو هو جو انهن ملڪن ۾ سدائين پئي برف وسي. درياهه ۽ سمنڊ ڄميا پيا آهن. ماڻهن کي سيءَ سڪائي ٺوٺ ڪري ڇڏيو آهي. سو، کين آرام لاءِ گرم هنڌ گهرجي.

ليڪن گرم ملڪن جو ماڻهو جڏهن دائمي آرام ۽ فرحت واري ڪنهن هنڌ جي پڇا ڪندو ته کيس اها ڳالهه ٻڌي خوشي ٿيندي ته اتي درياهه پيا وهن. باغن ۾ وڻ مٺن ميون سان ڀريا پيا آهن. پاڪيزه ۽ سهڻيون زالون آهن.

بصري واري بيبي رابعه هڪ دفعي بازار مان پي گذري. کيس هڪ هٿ ۾ باهه سان ڀريل ٿانو هو ۽ ٻئي ۾ پاڻيءَ سان ڀريل. پڇيائونس ته بيبي صاحبه، باهه ۽ پاڻيءَ سان ڀريل ٿانو ڇو کنيا اٿيئي؟ جواب ۾ چيائين ته باهه سان بهشت کي ساڙي خاڪ ڪرڻ گهران ٿي ۽ پاڻي سان دوزخ جي باهه وسائڻ چاهيان ٿي ته ماڻهو الله جي عبادت ڪنهن لالچ ڪري نه ليڪن محبت خاطر ڪن.

جيڪي انسان بيبي رابعه وانگر، عام ماڻهن جي سطح کان مٿيرو ٿي سوچن ٿا، سي ئي ”صورت جي جهان“ جي ڳجهارت سلي، ”معنيٰ جي جهان“ ڏانهن وک وڌائين ٿا. ظاهر آهي ته اها واٽ ڏاڍي ڏکي آهي. تڏهن ته سچل سائينءَ چيو آهي؛

عاشقن کي سور سختيون، محب مهمانيون مڪيون

حضرت عيسيٰ هڪ دفعي برپٽ مان پئي ويو ته طوفان ۽ وڏ ڦڙو مينهن اچي لٿو. هڪڙي غار ۾ وڃي پناهه ورتائين. وحي نازل ٿيس ته انهيءَ غار ۾ ڪاري خرگوش جو گهرڙو آهي. ٻاهر نڪر، جو خرگوش جا ٻچا تنهنجي ڊپ کان اندر اچي نٿا سگهن.

غار مان ٻاهر نڪتو ۽ آسمان ڏانهن نهاري، ڳوڙهن ڀريل اکين سان چيائين، ”منهنجا مولا، ڪاري خرگوش جي ٻچن لاءِ ته پناهه جي جاءِ آهي. مريم جي ٻچڙي لاءِ ايتري جاءِ به ڪانه آهي؟“

اسان جهڙا بي سمجهه انسان ته هن دنيا جي طلسم ۾ ڏک ڏسن ٿا، ڇو ته هو ته پنجن حواسن جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل آهن. ڪوريئڙو جيت جڻئي کي قابو ڪرڻ لاءِ ڄار اڻندو آهي. انسان خواهشن جو ڄار اڻي ٿو ۽ ان ۾ ڦاسي ٿو. هرڻ رڻ جي رڃ ۾ اڃ مٽائڻ لاءِ ڊوڙي ڊوڙي ساڻو ٿي ڪرندو آهي، انڪري هندي زبان ۾ رڃ کي مرگهه ترشنا ڪوٺيندا آهن. انسان جو به اهو ئي حال آهي!

پير سائين پاڳاري روضي ڌڻي رحمت الله عليه جي ملفوظات ۾ پڙهيل هڪ سنڌي شعر ياد ٿو اچيم. منجهس وڏي معنيٰ واري ڳالهه نظر آئي؛

جيڪي ڏنائون، سو سهه سڀوئي جندڙا

مَ چئه ڇنائون، اي پڻ ڳنڍيو سڄڻين.

قرآن ڪريم ۾ ائين به چيل آهي ته ڪي ڳالهيون اوهان کي وڻن ٿيون، پر اهي اوهان جي فائدي ۾ نه آهن ۽ ڪي ڳالهيون اوهانکي نٿيون وڻن، پر اوهان جي فائدي ۾ آهن، ان جو مطلب اهو ٿيو ته ڪي دعائون پوريون نه ٿين، ته ائين نه ڀائنجي ته دعائون قبول ڪونه ٿيون ٿين.

تازو، هڪ ڪتاب ۾ هاڪاري سائنسدان گئليي جو هڪ قوم پڙهيم ته ”هيءُ سج سون هزارن سالن کان ڌرتي ۽ ان کان وڏيون ٻيون ڪيئي ڌرتيون، چنڊ ۽ تارا ساڻ کنيو ڦرندو رهي ٿو. پر، منهنجي باغ ۾ انگور جي ول ۾ جيڪو ڇُڳو آهي، ان کي به ايڏيءَ ته محنت سان آهستي آهستي پچائيندو رهي ٿو، جو مان ته ڀانيان ٿو ته سج کي انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪم ڪونهي.“

سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جڏهن سج ۾ ايڏي طاقت آهي، ته پوءِ جنهن سائينءَ سج جهڙن سوين سجن کي پيدا ڪيو آهي، تنهن جي طاقت ڪيڏي هوندي! مان ته ائين سمجهان ٿو ته جيڪو سائين سج، چنڊ، تارا، ڪتيون ۽ ڌرتيون خلقي ٿو، انسان کي ساهه سان گڏ سمجهه ڏئي ٿو، سو سندس سڏڙا به ٻڌي ٿو.

عزيزم ذوالفقار جي خط تي گفتگو البت ڊگهيري ٿي ويئي آهي، ڇاڪاڻ ته؛

لذيذ تربود حکايت، طويل تر گفتم

هڪ دوست پنهنجي خط ۾ سنڌ ۾ بدامنيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. بيشڪ سنڌ ڏاڍي ڏکئي دور مان گذري رهي آهي. عارضي امن شال دائمي ثابت ٿئي. گهڻا سال ٿيا ته سنڌ جو هڪ نالي وارو وڏيرو مون وٽ مهمان ٿي آيو.(هاڻي هن جهان ۾ ڪونهي). انهن ڏينهن ۾ حالتن اڃا اهڙو اگرو روپ اختيار ڪونه ڪيو هو. مون ساڻس ڳالهه ڪڍي ۽ علاج پڇيو. فوراً جواب ڏنائين ته ”اسان ۾ ٻڌي ڪانهي.“ چيائين ته ”اسان پاڻ ۾ هڪ هجون. پوءِ ڏسو ته پنهنجو نالو ڪير وٺي ٿو؟“

هيڻي ۽ ڏاڍي جو اتحاد ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. پر، جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ کي درياه جي ٻوڏ جو خطرو هجي ته ان جا رهاڪو ائين ڪونه سوچيندا ته ڀلي ته شاهوڪارن جون ماڙيون ڪرن. نه وري شاهوڪار ائين سوچيندا ته غريبن جا ڪچا ڪوٺا ڪرن ته وڃي ڪرن، اسان کي ڪهڙي ڳڻتي آهي. سڀ سمجهه کان ڪم وٺي، ڳوٺ کي حفاظتي بند ٻڌندا.

هڪ دفعي محترم حفيظ قريشيءَ مون کي چيو ته ”فقط فرد مظلوم ڪونه ٿيندا آهن، قومون به مظلوم ٿينديون آهن.“

ممڪن آهي ته سنڌ کي ڪيئي بيماريون هجن ۽ انهن جو علاج به اهڙو سولو نه هجي. پر سنڌي وڏيري جيڪا ڳالهه ڪئ آهي، ان ۾ وڏو وزن آهي. سنڌ جا چڱا مڙس ۽ غريب غربا، ساڃهه ۽ سمجهه کان ڪم وٺن، پاڻ ۾ هڪ ٿين، ته سنڌ جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.------- ابن سينا جو قول آهي ته ”قدرت هر زمين ۾ ان جي بيمارين جو علاج به رکيو آهي.“

منهنجي محسن، پير حسام الدين راشديءَ جي سنڌ سان ڏاڍي سڪ هئي. 1985ع ۾ بيمار ٿي پيو ۽ علاج لاءِ وڏي ڀاءُ وٽ منيلا ويو. اتان مون کي ڊگها خط لکندو هو. هڪ خط ٽيهن ٽيهن ”صفحن جو“ هت اسان ون يونٽ جي مصيبت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خلاف شريف ڪميشن جي غلط سفارشن ڪري وڏي آزار ۾ هئاسين ۽ رات ڏينهن ان جي خلاف رڻ ٻاريو ويٺا هئاسين. هڪ خط ۾ پير صاحب سان اهي سور اوريم. مون کي دلداريون ڏنائين ۽ سنڌ کي دعائون.

الله اهو ڏينهن به آندو، جو سندس ڳالهه حرف بحرف صحيح ثابت ٿي. حڪومت شريف ڪميشن جون سفارشون خود ئي ختم ڪري ڇڏيون ۽ ون يونٽ به چٽ ٿي ويو.

ڪاريون راتيون ۽ ڏک جا ڏينهن ڪيڏا نه ڊگها ڇونه هجن، دل نه لاهجي. حوصلو رکجي. ٽيهارو کن ورهيه اڳ، جي ڳالهه آهي، ڏاڍو ڏکويل هئس. سائين جي ايم سيد سان احوال ڪيم. حافظ جو هڪ شعر ٻڌايائين ته، دل نه لاهه، جو زمانو سدائين هڪ حال تي قائم نه آهي.“

سونهاريءَ سنڌ جي مٺن مارن، ڀٽائي گهوٽ ۽ سچل سائينءَ جي وارثن، مانوارن عالمن، اديبن ۽ شاعرن ۽ پنهنجن پيارن پڙهندڙن جي خدمت ۾ هي ”نياز نامو“ دل جي سموريءَ سڪ ۽ سچائيءَ سان پيش ڪريان ٿو ۽ ان کي پنهنجي محسن، مرحوم پير صاحب جي دعائيه لفظن تي ختم ڪريان ٿو. سندس تاريخي لفظن ۾ منهنجي دل جي صدا به ٻڌڻ ۾ ايندي؛

سنڌ جي اتر تي سلام

سنڌ جي ڏکڻ تي سلام

سنڌ جي اوڀر تي سلام

سنڌ جي اولهه تي سلام

سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر تي سلام

خاڪ پاڪ سنڌ جي ذري ذري تي سوَ سوَ سلام

 

خوشا شيراز وضعش بيمثالش

خداوند نگهدار از زوالش

اسلام آباد

7- 4-1993ع                       غلام رباني آگرو

 

___*__

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org