مهتاب اڪبر راشدي
قلم جو جادو
(پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچيءَ پنهنجي پروگرام ”سنڌ رنگ“
۾ ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب تي تبصرو ڪيو. محترمه
شبنم گل ڪمپيئر ۽ محترمه مهتاب راشدي ۽ محترم تاج
بلوچ مبصر هئا. محترم تاج بلوچ جو ڪتاب تي مفصل
مضمون الڳ شايع ڪيو پيو وڃي، انڪري هت محترمه
مهتاب راشديءِ جو تبصرو پيش ڪجي ٿو. ٽي – ويءَ تي
وقت محدود هوندو آهي، ان ڪري محترمه مهتاب لاءِ
سڄي ڪتاب تي تبصرو ڪرڻ ممڪن نه هو، مقرر وقت ۾،
هوءَ فقط پهرئين جلد تي اختصار سان تبصرو ڪري سگهي
– مرتب)
شبنم گل! سڀ کان اول مان هڪ وضاحت ڪريان. اوهان ابتدائي تعارف ۾
فرمايو ته ”منهنجو مطالعو ڏاڍو وسيع آهي.“ منهنجو
مطالعو وسيع ناهي، ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جي
لکندڙ جو مطالعو ڏاڍو وسيع آهي.
جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو، ته ڏاڍو مزو آيو. ڪتاب پڙهندي ڪجهه
پرائڻ جو احسا پئي ٿيو. اوهان جڏهن ڪن شخصن کي
ڏٺو، ساڻن مليا هجو، کين سڃاڻندا هجو ۽ پوءِ انهن
بابت ڪجهه پڙهو، ته اوهان انهن شخصن بابت لکڻ واري
جي تاثرات جي پنهنجن راين سان ڀيٽ ڪري سگهو ٿا.
مان سمجهان ٿي ته ڪن ٿورن ماڻهن هي ڪتاب پڙهيو
هوندو. توقع رکان ٿي ته آئنده ان کي گهڻو پڙهيو
ويندو. انهيءَ ڪري جو جن به شخصيتن جو ڪتاب ۾ ذڪر
آهي، تن مان گهڻن کي اسان جي نئينءَ ٽهيءَ ڪو نه
ڏٺو.
ڪتاب جي پهرين جلد ۾ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ادا ربانيءَ جو والد
صاحب عبداللطيف آگرو، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود
پوٽو، عثمان علي انصاري، سيد ميران محمد شاهه، پير
حسام الدين راشدي تمام قدآور شخصيتون آهن.
مون کي جنهن ڳالهه ڏاڍو متاثر ڪيو سا هيءَ ته ماڻهو پنهنجي
والدين ۽ مٽن مائٽن کي گهڻي اهميت ڏيندا آهن.
جيڪڏهن رباني صاحب پنهنجي والد صاحب جو خاڪو ڪتاب
۾ سڀ کان پهريائين رکي ها، ته شايد ڪنهن کي به
اعتراض ڪو نه ٿئي ها، ڇو ته اها شخصيت سندن والد
صاحب جي آهي. يقينن سندن شخصيت تي سندن اثر سڀني
کان زيادهه هوندو ۽ کانئن گهڻو ڪجهه سکيو
هوندائين. پر، ادا ربانيءَ ڪتاب جي ترتيب ۾، ڄاڻي
واڻي، علامه قاضيءَ جي خاڪي کي اوليت ڏني آهي.
پنهنجي والد جو خاڪو ٻئي نمبر تي رکيو آهي. ادا
ربانيءَ سوچي سمجهي ائين ڪيو آهي ۽ پڙهندڙن تي
آشڪار ڪيو آهي ته منهنجو والد منهنجو جسماني پيءُ
هو ۽ علامه قاضي روحاني پيءُ هو. روح کي جسم تي
اوليت آهي.
اسان مان ڪن ٿورڙن کي اها خبر آهي ته علامه قاضيءَ جا سنڌ تي
ڪيڏا عظيم احسان آهن! مان سمجهان ٿي ته اهي احسان
ايترا ته آهن جو ڪيترا نسل لاهي نه سگهندا. علامه
صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جو جيڪو (تخيل) ”Vision“
ڏنو، اسان اڃا تائين ان تي پهچي ڪو نه سگهيا
آهيون. مون کي علامه آءِ آءِ قاضيءَ تي ادا
ربانيءَ جو لکيل خاڪو ڏاڍو وڻيو. خاص طور تي جهڙي
نموني سان علامه صاحب جن جي موت کي بيان ڪيو ويو
آهي. يا خود سندن شخصيت کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
وئي آهي، يا سندن ڪنٽروبيوشن کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي - - اهي سڀ دل کي ڇهندڙ آهن. ادا رباني
علامه صاحب کي هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ ڏٺو ۽ اڳتي هلي
ادبي بورڊ سان تعلق ڪري کين ويجهو ڏٺو. اهڙيءَ
طرح، علامه صاحب کي علمي ۽ عملي زندگي ۾ ڏٺو. انهن
ڳالهين مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. هڪ دفعي ادا رباني
مون کي ٻڌايو ته علامه صاحب سان سموريءَ عقيدت ۽
عشق جي باوجود ممڪن آهي ته مون کان سندن شان ۾ ڪي
گستاخيون ٿيون هجن! پر مون کي مضمون ۾ هڪ ڳالهه به
اهڙي نظر ڪا نه آئي. علامه صاحب سان ادا رباني جي
محبت رڳو علم، اخلاق ۽ سچ جي ساڃهه ۽ سڃاڻپ خاطر
هئي. تڏهن ته هڪ هنڌ لکيو اٿائين ”حيدرآباد ڄڻ ته
اٿينس جو شهر هو، جنهن جا رهواسي سقراط اڳيان ڪنڌ
نمائي سچ جو سبق وٺندا هئا.“ ادا رباني جي سنڌ جي
هن ڏاهي انسان سان ايڏي عقيدت ڏسي مون کي ڏاڍي
خوشي ٿي – تمام ڏاڍي خوشي ٿي.
ڪتاب ۾ ڏنل خاڪن جي اهميت پنهنجي جاءِ تي. مون کي مقدمو ڏاڍو
وڻيو. ان جي دلچسپ ترين ڳالهه اها آهي ته لکندڙ
دنيا جهان جي علم جا حوالا ڏنا آهن. شاعريءَ جا
حوالا ڏنا آهن، صوفين جا قول ڏنا آهن. تصوف جا
نڪتا بيان ڪيا آهن. تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا جاندارن
تي اثر بيان ڪيا آهن. مطلب ته ادا رباني دنيا ۾
جنهن هنڌ به ويو آهي، اتي هر هنڌ پاڻ ”اکيون کولي
هل“ واري اصول تي عمل ڪندي پنهنجي پروڙ
Preception
موجب نتيجا ڪڍندو رهيو آهي.
مقدمي جو مرڪزي موضوع ”اخلاقيات“. ادا ربانيءَ ان ڳالهه تي زور
ڏنو آهي، ته شخصيت تي اخلاق جو ڪهڙو اثر ٿئي ٿو.
شخصيت جي ٺهڻ ۾ اخلاق جا عوامل ڪيئن ڪار فرما ٿين
ٿا. انسان جي شخصيت ۾ اخلاق جو حصو ڪهڙو ٿئي ٿو.
مختلف قسمن جون شخصيتون ڪيئن ٺهن ٿيون ۽ ڪهڙي
نموني ٺهن ٿيون.
ادا ربانيءَ جي پير حسام الدين راشديءَ صاحب سان ڏاڍي قربت هئي.
پير صاحب کي مون به ويجهو ڏٺو، مون کي به اڄ سندن
ڪمي ڏاڍي شدت سان محسوس ٿيندي آهي. پير صاحب جن جي
شخصيت جيتري ڀرپور هئي. ادا ربانيءَ اوتري ئي سهڻي
نموني سان اها بيان ڪئي آهي. ڳالهه کي بيان ڪرڻ جي
لحاظ کان کين هڪڙي واقعي کي ٻئي سان ملائڻ جو جيڪو
وڻندڙ سليقو آهي، مان ته ان کان تمام گهڻي متاثر
ٿي آهيان. سچي ڳالهه اها آهي ته ادا ربانيءَ ڪتاب
لکڻ ۾ ”انتهائي محنت“ ڪئي آهي. صرف ڪتاب لکيو ڪو
نه اٿائين، پر ان جي ”هڪ هڪ“ جزي کي ايترو ته نظر
۾ رکيو اٿس، جو مان سمجهان ٿي ته جيئن ته موتين جي
ڪا لڙهي پوئجي ۽ پڪ ڪجي ته ان ۾ ڪا ڪمي ڪوتاهي ته
رهجي ڪا نه ويئي، تيئن ڪتاب جي هر لفظ، هر جملي،
هر سٽ ۽ هر پئرا کي وڏي رٿا ۽ ويچار سان قلمبند
ڪري هر ”خاڪي“ کي ڪمال مهارت سان لکي راس ڪيو اٿس.
جيڪڏهن ادا ربانيءَ ڪنهن به شخصيت جي ڪن اوڻاين جو کڻي ڪو ذڪر
ڪيو آهي، ته ان شخصيت جي محبت پهلوئن کي به ڀرپور
انداز سان اجاگر ڪيو آهي. مان سمجهان ٿي ته اها هڪ
وڏي قلمڪار جي خوبي آهي، جو هو ان شخصيت کي اهڙي
نموني پڙهندڙن جي سامهون آڻي، جو پڙهڻ وارو سندس
قلم جي جادوءَ کان آزاد ٿي نه سگهي --- ادا
ربانيءَ جي اها خوبي، منهنجي خيال موجب هن ڪتاب جي
هر صفحي تي نقش ٿيل آهي.
___*__
ڊاڪٽر غلام علي الانا
جهڙا گل گلاب جا
سنڌي ادب ۾ تذڪره نويسيءَ جو فن ڪو نئون ڪو نه آهي. هونئن ته
گهڻو ئي مواد اڳ ۾ ئي موجود آهي، پر ويجهڙائيءَ ۾
سنڌي ادبي بورڊ ڪي ڪتاب ڇپايا آهن، جن ۾ هيٺيان
خاص طور اهم آهن.
مشاهير سنڌ ... مولانا دين محمد وفائي
جنب گذاريم جن سين .... جي ايم سيد
اُهي ڏينهن، اُهي شينهن... پير علي محمد راشدي
هو ڏوٿي، هو ڏينهن ... پير حسام الدين راشدي
جديد سياست جا نورتن، خاڪا، ڪيئي ڪتاب ۽ يادرفتگان --- ٻيا اهڙا
ڪتاب آهن، غلام رباني آگري جو ڪتاب ”جهڙا گل گلاب
جا“ به ساڳئي سلسلي جي ڪڙي آهي ۽ معاشرتي علوم ۾
هڪ خاص مقام والاري ٿو. هن قسم جا ڪتاب سماجي،
ثقافتي، معاشي ۽ معاشرتي علمن واريءَ فئڪلٽيءَ ۾
شمار ڪبا.
هي ڪتاب اهڙي اديب ۽ سخنور جي تخليق آهي، جنهن ۾ مشاهدي، ڪردار
نگاريءَ، سيرت نگاريءَ، حقيقت نگاريءَ، ۽ فطرت
نگاريءَ جون مڙيئي خوبيون موجود آهن. قابل مصنف،
نهايت گهريءَ سوچ، سمجهه ۽ وسيع مطالعي وسيلي سنڌ
جي معاشي، معاشرتي، علمي، ادبي، سياسي ۽ ثقافتي
تاريخ بيان ڪئي آهي. هو هڪ باخبر ۽ باصلاحيت اديب
آهي ۽ ڄاڻي ٿو ته پاڻ ڪنهن جي باري ۾ لکي رهيو آهي
۽ ڪهڙي موضوع يا واقعي تي لکي رهيو آهي. سو هن هر
لفظ، فقرو، جملو ۽ پئراگراف سوچي سمجهي، سنڀالي،
توري ۽ تڪي لکيو آهي. پنهنجي ڪتاب جي هر ڪردار جي
سيرت، اخلاق ۽ عادتن کان واقف هجڻ سبب هن مناسب ۽
موزون لفظن جي چونڊ ڪئي آهي ۽ انداز بيان به اهڙي
ئي رنگ جو ڪم آندو آهي.
هي ڪتاب سنڌ جي هڪ پوري دور جي تاريخ آهي، جيڪڏهن ان جي مضمونن
۽ عنوانن کي الڳ الڳ ڪري هر هڪ تي ويهي تحقيق ڪبي،
ته منجهانئس گهڻو مواد ملي سگهندو. مرحوم رئيس
ڪريم بخش نظاماڻيءَ واريءَ ڪاوش (ڪيئي ڪتاب)
وانگر، هن ڪتاب ۾ به سنڌ جي جديد دور جي تاريخ جا
”ڪيئي باب“ سمايل آهن. رباني صاحب جن جن بزرگن جي
باري ۾ پنهنجا تاثرات ۽ تجربا لکيا آهن، تن جي
جيون ڪهاڻين مان ڪي نقطا کڻي، پاڻ سندن سوچ، فڪر،
فن ۽ علم جي باري ۾ سنڌ جي محقق، مورخن ۽ سماجيات
جي شاگردن لاءِ تحقيق ۽ اڀياس جا ڪيئي دفتر کولي
ڇڏيا اٿس.
ڪتاب ۾ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جهڙي فلسفي ۽ مفڪر، مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰ سائينءَ جهڙي اعليٰ ۽ عظيم شاعر
۽ روحاني پيشوا، سيد حسام الدين راشديءَ جهڙي
اعليٰ مورخ، اديب، عالم ۽ فاضل --- جنهن سنڌ جي
تاريخ کي نئون رنگ ۽ موڙ ڏيئي سنڌ جي نوجوانن لاءِ
تاريخ جي مطالعي جو شوق جاڳايو --- شمس العلماءَ
عمر بن محمد دائودپوٽي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي
مولابخش سومري، مولانا غلام محمد گرامي، علامه
غلام مصطفيٰ قاسمي، مولانا عبدالواحد سنڌي، ٻيڙي
فقير ڪنڀر، سيد غلام مصطفيٰ شاه، ايڇ ٽي لئمبرڪ،
محمد ابراهيم جويي ۽ اهڙين ٻين ڪل ٽيويهن شخصيتن
جا تذڪرا آهن، جن ۾ سياست، سماجيات، ادبيات، علم
التعليم ۽ علم التاريخ جا صاحب اچي وڃن ٿا.
ڪتاب پڙهڻ جي باري ۾، مرحوم مرزا قليچ بيگ صاحب مقالات الحڪمت
(سنڌي ادبي بورڊ) ۾ لکي ٿو ته:
”ڪن ڪتابن کي رڳو چکڻ گهرجي، ڪن کي ائين ئي ڳهڻ گهرجي، يعني ڪن
ڪتابن کي رڳو مٿاڇرو مطالعو ڪرڻ گهرجي. ڪن کي
سنڀالي يڪدم پڙهڻ گهرجي، فقط ڪن ٿورن کي منڍ کان
وٺي پڇاڙيءَ تائين ورائي ورائي، گهڻي ڌيان ۽ محنت
سان پڙهڻ گهرجي.“
منهنجي نظر ۾ ”جهڙا گل گلاب جا“ هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن کي منڍ
کان وٺي پڇاڙيءَ تائين، ورائي ورائي، گهڻي ڌيان ۽
توجهه سان پڙهڻ گهرجي.
آءٌ مصنف کي ان وقت کان سڃاڻان، جڏهن پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو
اسسٽنٽ سيڪريٽري هو. مون سندس چار دور ڏٺا آهن:
پهرئين دور ۾ پاڻ بورڊ جي اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ هئڻ سان گڏ ٻارن جي
رسالي ”گل ڦل“ جو ايڊيٽر پڻ هو. سوشلسٽ نظريا
رکندو هو، پر سندس اندر ۾ ڪو خدا پرست ۽ مذهبي
ماڻهو هو. گويا غلام ربانيءَ جي اندر ۾ سچ پچ ڪو
”رباني“ هو. نسب جي لحاظ کان به پاڻ مذهبي ۽ ديني
عالمن جي خاندان مان آهي. اسلام آباد ۾ هڪ دفعي
مون کانئس پڇيو ته ”اوهان وري موٽ ڪيئن کاڌي؟“
ڏکويل آواز ۾ چيائين ته ”امان ۽ بابا جڏهن هي جهان ڇڏي ويا،
تڏهن اکيون کلي ويم.“
ٻيو دور اهو هو، جنهن ۾ پاڻ بورڊ جو سيڪريٽري ٿيو، انهيءَ دور ۾
گهڻو چمڪيو. کيس پنهنجي قابليت ۽ ذهانت جي مظاهري
ڪرڻ جو موقعو مليو. هونئن ماتحت هو، هاڻي پنهنجي
سمجهه ۽ سياڻپ موجب، بورڊ جي ڪارڪردگيءَ کي عملي
جامو پهرائڻ ۾ آزاد هو. اسان انهيءَ دور ۾ هڪ ٻئي
کي ويجهو آياسين.
رباني صاحب جو ٽيون دور سنڌ يونيورسٽي جو پرو – وائيس چانسلر
مقرر ٿيڻ وارو هو. ان وقت سنڌ جا ٻه چوٽيءَ جا
اديب يعني پاڻ ۽ شيخ اياز صاحب سنڌ يونيورسٽي جون
واڳون سنڀالي رهيا هئا. ماڻهو مٿانهين منصب تي
پهچي غرور ۾ اچي ويندا آهن. پر، انهيءَ دور ۾ به
رباني صاحب گهٽ ۾ گهٽ مون سان ڪڏهن به بيرخيءَ سان
پيش نه آيو. هميشه عزت ۽ احترام سان مليو. جيءَ ۾
جايون ڏنائين. جيتوڻيڪ ڪن هلڪيءَ طبيعت رکندڙ
خودغرض ماڻهن، کيس پنهنجي مطلب موجب هلائڻ ۽ فيصلن
وٺڻ جي ڪوشش به ڪئي. پر، پاڻ پڙهيل ڪڙهيل هو ۽
سائين حسام الدين راشدي، سيد ميران محمد شاهه ۽
علامه آءِ آءِ قاضيءَ جهڙن اڪابرن جو تربيت يافته
هو. سو، خوشامندڙن ۽ چاپلوسن جي چالبازين کي پرکي
ويو. پر، کيس اعليٰ عهدي تي فائز ڏسي، هنن ڪڏهن به
سندس چائنٺ ڪا نه ڇڏي. جڏهن به سندس آفيس ۾ وڃڻ
ٿيندو هو، ته ڪٿي ڪا ويهڻ جي جاءِ به نظر ڪا نه
ايندي هئي.
شيخ اياز صاحب ۽ رباني صاحب پڳ مٽ يار هئا. پر، سازشي عناصرن جي
زهريلين زبانن هڻي وڃي هنڌ ڪيو. اوچتو رباني صاحب
کي رهائشي بنگلو خالي ڪرڻو پيو. جنهن جو سامان
پلنگ، صوفا سيٽ، فرج، ميزون ۽ ڪرسيون صبح سان
سنڌالاجيءَ ۾ پهچي ويون. (اڄ به اتي موجود آهن).
رباني صاحب خالي هٿين ادبي بورڊ ۾ موٽي ويو.
يونيورسٽي ۾ خود سندس نوازيل ماڻهن منجهان به ڪو
وٽس وڃي همدرديءَ جا ٻه ٻول چوڻ لاءِ تيار نه هو
--- ان ۾ حيرت جي ڳالهه ڪا به ڪانهي. اسان سنڌي
هميشه اڀرندڙ سج جي پرستش ڪندا آهيون!
رباني صاحب بورڊ ۾ اڪيلو، اُداس ۽ مايوس هو. پر، علامه قاسمي
صاحب جي صحبت، محبت، پيار ۽ شفقت سندس ڏک ڏور ڪيو.
هو خدا شناسيءَ جي راهه تي هليو. پنج وقت نماز
پڙهي، سڪون واري ماحول ۾ پنهنجي ڪم ۾ محو ٿي ويندو
هو. الله جو شڪر آهي. جو پاڻ ان راهه تي ثابت قدم
رهيو آهي.
رباني صاحب واپس بورڊ پهچي ويو. پر ان ۾ خود بورڊ جي ڀلائي هئي.
رباني صاحب بورڊ کي اچي بچايو. ان ئي مهيني ۾ بورڊ
جي ختم ٿيڻ جو فيصلو ٿيڻو هو، پر هيءَ هڪ الڳ
داستان آهي.
رباني صاحب جو چوٿون دور اڪادمي ادبيات پاڪستان ۾ ملازمت وارو
آهي. اسلام آباد اچڻ کان اڳ مون سان ئي مشورو
ڪيائين ۽ ان تي عمل ڪيائين. شڪر آهي جو منهنجو
مشورو سندس مستقبل لاءِ مشعل راه ٿيو. اسلام آباد
۾ اسان ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جا ساٿي هئاسين. اسان جا
ناتا اڃا به وڌيڪ گهاٽا تڏهن ٿيا، جڏهن سندس نياڻي
بيمار هئي ۽ اسلام آباد جي پالي ڪلينڪ اسپتال ۾
علاج لاءِ داخل ٿي. آءٌ ساڻس دلجوئي ڪرڻ ۽
همدرديءَ لاءِ پهتس. پاڻ ڏاڍو اداس هو، پر مون کي
ڏسي خوش ٿيو. منهنجي مشوري ۽ مدد سان پنهنجيءَ
معصوم ٻارڙيءَ جو علاج ڪرايائين. انهيءَ اوکيءَ
ويل ٻيو کيس مسٽر الاهي بخش سومرو ڪم آيو.
جڏهن اڳوڻيءَ سنڌي حڪومت اوپن يونيورسٽي مان منهنجي ڪڍڻ جا
فرمان جاري ڪيا. تڏهن رباني صاحب کي ڏاڍو ڏک ٿيو.
پاڻ اڳيئي ڪن سورن سببان اسپتال داخل هو. مان اتي
ساڻس ملڻ ويس. مون کي ڏسي، ناچاق هوندي به بستري ۾
اٿي ويٺو ۽ ڀاڪر پائي چيائين ته ”ته ڀاءُ تو سان
اهو ظلم ڇو؟ تو ته سڄي عمر، سنڌ ۾ توڙي سنڌ کان
ٻاهر، علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي آهي!“
آءٌ کيس ڪهڙو جواب ڏيان! مان خاموش رهيس. خاموشيءَ کي پنهنجي
زبان ٿئي ٿئي. رباني صاحب جي دل ڀرجي آئي ۽ پاڻ به
وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو. آءٌ ڪافي دير وٽس ويٺو
رهيس.
رباني صاحب يارن جو يار آهي، سندس دوستيءَ جو مثال صديق سالڪ تي
سندس مضمون آهي، جنهن ڪار جي حادثي ۾ سندس مدد ڪئي
هئي. ان مضمون جو اقتباس ملاحظه ڪجي:
”سالڪ مرحوم جي چاليهي تي مان، سندس پٽ سرمد ۽ ڌيءَ صحيفه کي
ساڻ ڪري، سندس قبر تي ويس. ڌيڻس جو اڳئين ڏينهن تي
جنم جو ڏينهن هو. ان ڏينهن تي هر سال سالڪ کيس ڪو
يادگار تحفو ڏيندو هو. هن ڀيري پاڻ پيءُ جي قبر تي
اڪيلي ويٺي هئي ۽ ”برٿ ڊي ڪارڊ“ لکي، سر جي تيليءَ
۾، قبر جي سيرانديءَ کان ٻڌي آئي هئي. مون اهو
ڪارڊ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي --- ڪارڊ تي لکيو
هئائين ”تون دنيا ۾ سڀ کان پيارو پيءُ هئين، بابا!
اڄوڪو جنم جو ڏينهن ڏاڍو ڏک ۾ گذريو.“
مان ان کان وڌيڪ پڙهي نه سگهيس. ان ڏينهن برسات پئي هئي ۽ سالڪ
جي قبر آلي هئي. منهنجين اکين جا ڳوڙها سندس آليءَ
قبر ۾ آسانيءَ سان جذب ٿي ويا. مون ان ڏينهن کان
پوءِ سالڪ جي قبر تي حاضري ڪا نه ڏني آهي. سچي
ڳالهه اها آهي ته سندس قبر تي حاضري ڏيڻ جي پاڻ ۾
طاقت ڪا نه ٿو ڀايان.
رباني صاحب جي هن مضمون جو اردو ترجمو، ڪجهه عرصو اڳ، جي ايڇ
ڪيو پنڊيءَ جي فوجي رسالي ”هلال“ ڇپيو. فوج جي
سابق سربراهه، جنرل ڪي ايم عارف پنهنجي هڪ دوست کي
فون تي ڀريل دل سان چيو ”رباني صاحب جي مضمون اسان
کي رئاري ڇڏيو.“
تازو 18 جون 1992ع تي آءٌ رباني صاحب سان ملڻ لاءِ اسلام آباد ۾
اڪادمي جي نئين آفيس ۾ ويس. عمارت ڏسي فخر وچان
ڳاٽ اوچو ٿي ويم. علمي اداري جي اهڙي شاندار عمارت
رباني صاحب جي ڏينهن ۾ ٺهي. ان جي پلاٽ وٺڻ لاءِ
اسين ٻئي ڄڻا گڏجي، سي ڊي اي جي سنڌي ميمبر، محترم
شفيع محمد سيوهاڻيءَ وٽ ويا هئاسين، اسان ٻنهي جي
عزت ڪيائين ۽ گهربل پلاٽ الاٽ ڪيائين.
نئين عمارت ۾، رباني صاحب کي چيئرمين واريءَ ڪرسيءَ تي ويٺل ڏسي
ڏاڍو خوش ٿيس. پاڻ انهيءَ ڪرسيءَ جوحقدار هو، پر
ساڳئي وقت اهو احساس ٿيم ته هڪ ته ٻه دفعا کانئس
گهٽ تجربيڪار ماڻهن کي مٿانئس چيئرمين مقرر
ڪيائون. جڏهن ڪيائون ته کيس 21 گريڊ ۾ رکيائون.
ساڳيءَ ڪرسيءَ ۾، صوبي پنجاب جو ماڻهو 22 گريڊ ۾،
صوبي سرحد جو ماڻهو به 22 گريڊ ۾، پر سنڌي ماڻهو
21 گريڊ ۾ ويهي. اها ڪيڏي نه ڏٺي وائٺي بيواجبي
ڳالهه آهي. دل ۾ چيم ته وري به مٿس اها مهرباني
ڪيائون، جو کيس چيئرمين ڪري نالي ۾ نهال ته
ڪيائون. هونئن نه ته اڳوڻيءَ سنڌي حڪومت وقت،
اسلام آباد ۾ ڇهه اهم آساميون اهڙيون هيون، جن جا
سربراهه سنڌي هئا، پر کين پڪو ڪرڻ بدران هٽائڻ جا
حڪم جاري ڪيا.
اڪادميءَ جي آفيس ۾ ڪچهري ڪري، اسان ٻئي ڄڻا اسلام آباد هوٽل ۾
وڃي ويٺاسين. حال احوال اوريوسين ۽ منجهند جي ماني
به کاڌيسين. ڳالهيون ڪندي شام جا پنج لڳي ويا، خبر
ئي ڪا نه پئي.
مون کي “جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب جي باري ۾ لکڻو هو ۽ آءٌ وڃي ٻين
ڳالهين ۾ پيو آهيان. بهرحال، موقعو مليو ته مان ڪن
اهم واقعن ۽ ڪارنامن جي باري ۾ تفصيل سان احوال
قلمبند ڪندس ته سنڌين خود سنڌين سان ڪهڙا ويل
وهايا آهن.
رباني صاحب سمجهدار، سياڻو، مهل ۽ موقعي جي شناس رکندڙ اهل دل
انسان ۽ دسترخوان جو ڪشادو آهي. دوستيءَ توڙي
دشمنيءَ جو ڏانو به ڄاڻي. دوستن تي ڀرپور ويساهه
رکندو آهي، انهن ۾ ڪي سندس شيدائي به آهن، جن ۾
منهنجيءَ معلومات موجب حسين شاه راشدي، تنوير
عباسي، محمد حسين پنهور ۽ نفيس احمد ناشاد سر
فهرست آهن.
رباني صاحب ادب دوست ۽ ادب نواز، اديب، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار،
خلق ۽ آئي کي آڌر ڏيندڙ شخص آهي. پاڻ چاهيندو آهي
ته ڪنهن کي به ناراض نه ڪري. هر شهر ۾ سندس دوست
آهن، سو، پاڻ هر دور ۾ هر حلقي ۾ ۽ هر هنڌ ڪامياب
آهي.
”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب ۾ سندس مٿي بيان ڪيل خوبين ۽ خصوصيتن،
سياڻپ، ڏاهپ، ذهانت، دانشمنديءَ جا سڀ ڳڻ ظاهر
آهن. هو ڪن کي چاچي به چئي ويو آهي، ته چهنڊڙي به
هڻي ويو آهي. ساڳئي وقت بنا نالي وٺڻ جي. اهڙن
ماڻهن جو به ذڪر ڪري ويو آهي، جن کيس اڳيان وڌائي،
ڏاڪڻ تي چاڙهي، پوءِ ڏاڪڻ ڪڍي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي.
اهڙن ٻهروپين جي باري ۾ اشارن ۾، ڪناين، اهڃاڻن ۽
علامتن ذريعي ڪتاب ۾ اشارا ڏنا اٿس.
رباني صاحب جي هن ڪتاب کي لارڊ بيڪن جي ڪتاب ”بيڪنس ايسيز“ سان
ڀيٽي سگهجي ٿو. مرزا قليچ بيگ مرحوم لارڊ بيڪن
لاءِ جيڪي لفظ ۽ جملا ڪم آندا آهن. سي رباني آگري
صاحب سان به هوبهو ٺهڪي اچن ٿا. مرزا صاحب فرمائي
ٿو ته:
” هو هڪڙي وڏي سوداگر سان مشابهت ٿو رکي. جنهن جي تمام گهڻي
مايا اهڙي قيمتي يا املهه ناڻي جي صورت ۾ هجي، جا
هڪڙيءَ ننڍڙيءَ صندوقڙيءَ ۾ رکي سگهجي.
هن ڪتاب ۾ لارڊ بيڪن هزارين ڳالهيون ۽ هزارين خيال جي عوام جي
فائدي لاءِ آهن ۽ جن جو جهانگيريءَ جي ڪمن ۾ گهڻو
کپ ٿئي ٿو. سي ويڙهي سيڙهي آڻي هٿ سوڙها ڪيا آهن.
ٻيا ڪتابن وارا گويا سون جي ذري کي، سونارن وانگي
ڪٽي ڪٽي، وڌائي، پني جي صورت ۾ ٿا آڻين. پر لارڊ
بيڪن اصلي نهرو سون ڪم ٿو آڻي. تنهن ڪري هن ڪتاب
جي قدر هيئن ڪرڻ گهرجي ته جيڪي منجهس لکيل آهي، ان
تي نظر ڪرڻ گهرجي ته سجايو آهي يا نه؟“
رباني صاحب پڻ هن ڪتاب ۾ هزارين ڳالهيون، هزارين نڪتا، هزارين
قول ۽ هزارين املهه ماڻڪ (هڪ صندوق ۾) گڏ ڪيا آهن.
مثلاً ڪتاب جو مقدمو، سنڌي ادب ۾ اخلاقيات واري
موضوع تي هڪ املهه باب آهي. رباني صاحب اهو هنن
لفظن سان ٿو شروع ڪري.
”هي ڪتاب عيسوي ويهينءَ صديءَ جي اهڙن مشاهيرن جو تذڪرو آهي، جن
مان ڪن جي زيارت ۽ صحبت، ته ڪن سان خط ۽ ڪتابت جي
سعادت، قدرت مون کي نصيب ڪئي. سندن روح مان بسنت
بهار جي خوشبو آيم. ان ئي نسبت سان سندن تذڪري جو
نالو رکيم، ”جهڙا گل گلاب جا“. ڀلاري ڀٽائيءَ اهي
اکر سُر مومل راڻي ۾ سهڻن ماڻهن جي صفت ۾ ڪم آندا
آهن: ”جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس.“
انهن اعليٰ انسانن جي ابتڙ، زندگيءَ ۾ اهڙا ادنيٰ، ماڻهو به عام
جام ڏٺم، جيڪي ظاهر ۾ اڇا اجرا، پر باطن ۾ بگهڙ
هئا. درحقيقت دنيا ۾ اڪثريت اهڙن ئي درندن جي
هئي.“
رباني صاحب جي انهن ابتدائي جملن مان پڙهندڙ کي ڪتاب جي باري ۾
ائين ئي ساءُ ۽ سواد اچي ٿو. جيئن قابل بورچيءَ کي
ديڳ ۾ دميل چانورن چکڻ شرط ملي ويندو آهي.
منهنجي نظر ۾ هي ڪتاب سنڌي زبان ۾ نثر نويسيءَ ۽ عبارت آرائيءَ
جو هڪ اعليٰ نمونو آهي، پنهنجي عبارت ۽ اسلوب کي
رباني صاحب مسجع نثر، تشبيهن، تمثيلن، تاريخي
حوالن، اشارن، ڪناين ۽ اهڃاڻن سان سينگاريو ۽
سنواريو آهي. پنهنجي دور جي انهن ماڻهن جو ذڪر ڪيو
آهي، جن مان ڪي هونئن ته ظاهر ۾ ڏاڍا معتبر ۽ مان
وارا ٿي لڳا، وڏهن مرتبن تي پهتل هئا، پر باطن ۾
بگهڙن کان به خطرناڪ درندن کان به دهشتناڪ هئا. جن
لاءِ رباني صاحب لکي ٿو:
”پر مون اهڙا ڪارا روح به ڏٺا، جن ۾ اشرافت شايد ڪڏهن ڪا نه
چمڪي هئي. سندن ڪرتوت ڏسي، آدم جي تخليق وقت،
علائقن جي دانهن ياد ايندي هئي، ڇا منجهس (ڌرتيءَ
۾) اهڙي کي ٿو پيدا ڪرين، جو فساد ڪندو ۽ ناحق رت
هاريندو.“
هن ڪتاب جي نثر نگاري، عبارت آرائي، حسن بياني ۽ اسلوب تي
جيڪڏهن ويهي لکجي ته هڪ ٻيو ڪتاب لکجي ويندو.
رباني صاحب سنڌ جي عالمن، اڪابرن، اديبن ۽ شاعرن
توڙي عام ماڻهن جي عادتن، مزاج ۽ نفسياتي ڪيفيتن
جي باري ۾ مثالن ۽ دليلن جي مدد سان جائزو پيش ڪيو
آهي. ان لحاظ سان هي ڪتاب سنڌ جي ماڻهن جي سيرت ۽
ڪردار متعلق هڪ اعليٰ اڀياس آهي.
هن ڪتاب جو مقدمو، رباني صاحب جي ايمان، اعتقاد، مطالعي ۽
مشاهدي جو اعليٰ ثبوت آهي. مقدمي ۾ پاڻ قرآن پاڪ،
بائيبل ۽ ٻين مقدس ڪتابن سان گڏ، رشين منين،
ديوتائن، مغربي توڙي مشرقي مفڪرن، اديبن، عالمن،
فاضلن، شاعرن جي بيان ڪيل نڪتن سان گڏوگڏ، سنڌي
ڏاهن جا قول ۽ سنڌي زبان ۾ رائج پهاڪا ڏنا اٿس.
مقدمي جي آخر ۾ عزت مآب سيد حسام الدين راشدي صاحب
جو هڪ قول لکي، مون کي اسلام آباد ۾ گذاريل عرصو،
۽ سنڌ جي معتبر ماڻهن جون ڪيل خدمتون ۽ موٽ ۾ سندن
ڏکوئيندڙ رويو ياد ڏياري ڇڏيائين. سيد حسام الدين
شاه راشديءَ جو اهو قول هي آهي:
”زندگيءَ جي سفر ۾ جي بداخلاق ماڻهوءَ سان پلئه پيو، ته پس پيش
ڏنگ هڻندو، پر جي بااخلاق ماڻهوءَ جو ساٿ نصيب
ٿيو، پوءِ ڇپر به ڇاڙڪي آهي.“
رباني صاحب جو واسطو شايد ڪن اهڙن ماڻهن سان پيو هو، سو لکي ٿو
ته:
”زماني جا يار اڪثر خود غرض نڪرندا هئا. ٻاهران موتئي وانگر پيا
مهڪندا هئا، پر وقت آئي سندن وکا پڌرا ٿي پوندا
هئا، ڪي ته بي سبب ڏنگ به هڻي ڪڍندا هئا. پنهنجي
محبت ۽ سندن بي مروتي ڏسي، دل ۾ جهير پئجي ويندا
هئا.“
رباني صاحب، اوائل ۾ افسانه نگار هو. ان ڪري هن پنهنجي تخليقي
قوت ۽ حسن بيانيءَ وارين صلاحيتن سان هن ڪتاب ۾،
سنڌي سماج جو، تذڪرن جي روپ ۾، نقشو چٽيو آهي.
سندس تجربو ثابت ڪري ٿو ته هو سماجيات جي ڪنهن به
ماهر کان گهٽ ڄاڻ نٿو رکي. مثال طور هيءَ پئراگراف
ملاحظه فرمايو:
(1) ”سنڌ جي ڏک ۽ پيڙا جا هونئن ته ڪيئي ڪارڻ آهن، پر مکيه ٻه
آهن. پهريون ڪارڻ هي آهي ته سنڌ ۾ جاگيرداري ۽
زمينداري نظام رائج آهي، جنهن موجب پيداوار جو
مکيه ذريعو زمين آهي. زمين فقط هڪ واحد شخص جي
قبضي ۾ آهي ۽ نوانوي سيڪڙو ماڻهو سندس ٻيلي آهن.
اهي جيڪا به محنت ڪن ٿا، ان جو مکيه فائدو اهو هڪ
شخص کڻي ٿو. سنڌ جي انهن نوانوي سيڪڙو پورهيت
ماڻهن جي حالت غلامن واري آهي. هو جسماني لحاظ کان
غلام نه آهن، پر سندن ۽ غلامن جي زندگيءَ ۾ گهڻو
فرق به ڪونهي.“
(2) سنڌ جي ماڻهن جي پستيءَ ۽ بدحاليءَ جو مکيه ڪارڻ پيري مريدي
جو نظام آهي. ايران، ترڪي ۽ ٻيا اهي ملڪ، جن وٽان
سنڌ ۾ پيري، مريديءَ جو طريقو صديون اڳ پهتو هو،
سي ڪڏهوڪو ذهني ڪوڙڪيءَ مان پاڻ ڇڏائي ويا.“
رباني صاحب، مرحوم گرامي صاحب جي تذڪري ۾ انهن ماڻهن جو اشارن ۾
حوالو ڏنو آهي، جن گرامي صاحب سان پنهنجو وڙ نه
ڪيو. ناتا نه نباهيا، حالانڪه گرامي صاحب انهن جي
ڪري گاريون کاڌيون. مٿس ڪفر جون فتوائون به صادر
ٿيون. گرامي صاحب انهن لاءِ قلمي جهاد ڪيو. پر
انهن ماڻهن گرامي صاحب جو سندس جيئري يا وفات کان
پوءِ ڪو به قدر ڪونه ڪيو. ساڻس وفاداريءَ جو ثبوت
نه ڏنو.
رباني صاحب فرمائي ٿو: ”بنيادي طرح سان جيڪا ڳالهه سندس پوريءَ
زندگيءَ ۽ شخصيت تي حاوي رهي، سا هيءَ هئي ته هو
مسڪين ماڻهو هو. هن جون سڀيئي تمنائون، حسرتون ۽
اميدون سندس مسڪيني حال جي تابع هونديون هيون.“
اڳتي هلي لکي ٿو: ”گرامي صاحب جو فرزند شبير
غالباً اڃا بيروزگار ويٺو آهي، سنڌ ۾ اڄڪلهه
سجاڳيءَ جي وڏي لهر آهي، پر دعا آهي ته خدا اهو
ڏينهن به آڻي، جڏهن سنڌ پنهنجن محسنن کي ياد ڪرڻ
جي پاڻ ۾ شناس پيدا ڪري ۽ گرامي صاحب جهڙن گوهرن
جي ٻچڙن جي سار سنڀال لهي.“
سنڌي اديبن ۾ ڪي اهڙا صاحب به هئا، جيڪي سنڌ سان سچا هئا، انهن
جو ذڪر ڪندي رباني صاحب فرمائي ٿو:
”چوندا آهن ته مصيبت سدائين ٻارين ٻچين ايندي آهي، سو،
بدقسمتيءَ سان عين انهيءَ وقت سنڌ ۾ اديبن ۽
شاعرن اندر ون يونٽ پسند ٽولو ساماڻو، جنهن اهو ڪم
پنهنجي مٿي تي کنيو، ته سرڪار جو مخبر ٿي، انهن
سنڌي اديبن ۽ شاعرن خلاف پڪاري، جيڪي ون يونٽ خلاف
ڳالهائين ۽ سنڌ دوستيءَ جو دم ڀرين. ون يونٽ پسند
اديبن، سنڌ دوست اديبن جي خلاف جلسا ڪيا ۽ اخبارن
۾ صفحن جا صفحا ڪارا ڪيا. کين اندر ۾ ککندو ته
هوندو ته هي ڪم ڪُڌو آهي، سو سنڌ جي ماڻهن کي ٺڳڻ
لاءِ مذهب جي اوٽ ورتائون ۽ نعرو هنيائون ته اسلام
خطري ۾ آهي.“
رباني صاحب جي ڪتاب جي جيتري واکاڻ ڪريان، اوتري ٿوري آهي. هن
ڪتاب ۾ ڪم آندل نثر ۽ ان جي عبارت، ڪتاب جي عظمت
لاءِ وڏو دليل آهي. مثال طور ڪي ٽڪرا نموني طور
پيش ڪريان ٿو:
(1) ”خودغرضي، انسان جي خمير ۽ ضمير ۾ ڏاڍي ڪا اونهي آهي. سنڌ
جي تاريخ ۾ هڪ مير جو قصو پڙهيم، جو جنگ جي ميدان
۾ زخمي ٿي پيو. جان بچي ويس. ٿڪو ماندو، اڃيو،
بکيو، رت ڳاڙيندو، واه جي ڪپ تي پهتو، ٿڌو ساهه
ڀري، پنهنجي پياري نوڪر کي چيائين ته ”ابا ڪو
پاڻيءَ جو چڪو ته پيار.“ وفادار نوڪر پنهنجي اڃايل
آقا کي پاڻي ته ڪو نه پياريو، پر سندس چيلهه ۾ ٻڌل
سونيءَ تلوار جي لالچ ۾، کيس گهٽا ڏيئي واهه ۾
ٻوڙي ماريو.“
(2) ”قدرت سنڌ تي سدائين مهربان رهي. سنڌ پٽڙا ڄڻندي ۽ انهن تي
ناز به ڪندي. پر، جيئن ته ٻيو شاه ڀٽائي ڪو نه
ايندو، تيئن ٻيو علامه قاضي به پيدا نه ٿيندو.“
(3) در محمد ناريجو ڳالهه ڪندو هو ته علامه صاحب سنڌين جون
ڏاڍيون دانهون ڪندو هو. چوندو هو ته، ايڪويهين
صديءَ ۾ هي ڪيئن ڪندا؟ نه صنعت ۾، نه تجارت ۾ ۽ نه
وري منجهن قومي ايڪو ۽ اتحاد، اٽلندو هڪ ٻئي لاءِ
ساڙ ۽ حسد. پوءِ ٿڌو ساهه ڀري چوندو هو ته ”ابا هي
آخر وڃي ڳوٺ وسائيندا ۽ ٻهراڙين مان کير مکڻ آڻي،
شهري ماڻهن کي پهچائيندا.“ --- افسوس آهي ته پاڻ
جنهن سنڌ سان سڄي عمر عشق ڪيائين، تنهن سنڌ کيس
جيئري ئي وساري ڇڏيو.
(4) علامه قاضي سنڌ جو شان هو ۽ عمر جي انهيءَ حصي ۾ هو، جڏهن
سنڌ، جيڪر، شيڪسپيئر جي لافاني لفظن ۾ کيس
LOVE, HONOUR AND TROOPS OF FRIENDS
جو نذرانو پيش ڪري ها. پر، اها سنڌ ڪڏهوڪو سمهي
پيئي هئي ۽ علامه صاحب اڪيلو ئي جاڳي رهيو هو.
(5) ”سال ٻه اڳ مان بنگلاديش جي دوري تي ويس. ايشيا جي ملڪن مان
منتخب اديب ۽ شاعر اچي گڏ ٿيا هئا. شام جو اسان کي
ڍاڪا ۾ ٽي وي اسٽيشن تي وٺي ويا. آواز ۽ روشنيءَ
جي رنگن وسيلي موسيقيءَ جو پروگرام پيش ڪيائون. ان
پروگرام جا ٻه گيت مون کان ڪڏهن ڪو نه وسرندا. هڪ
گيت ڪوي ٽئگور جو هو، جنهن جا ٻول هئا.
”تون اهڙو ئي سهڻو آهين جهڙو منهنجي دل ۾ تنهنجو تصور
يا ايڏو ئي حقيقي روشن، جيڏو آسمان ۾ قطب تارو.“
ٻيو گيت لالڻ شاه نالي هڪ صوفي شاعر جو هو. ڳائڻ واري ڏاڍي سهڻي
هئي ۽ سندس آواز جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! سندس سونهن،
ساز ۽ آواز اسان تي سحر بنگال وانگر جادو ڪري
ڇڏيو. لالڻ شاه جو جيڪو گيت ڳائي رهي هئي، ان جا
ٻول هئا:
مون کي درياهه جي ٻئي پار وٺي هل
Take me to the other side of the river
گيت جا آلاپ بلند ٿيا، ته بت مان سيسراٽيون نڪري ويون! جڏهن
ساڄي کاٻي نهاريم، ته بيشمار اکين جي پنبڻين ۾ پاڻ
وانگر ڳوڙهن جون جهالرون ڏٺم. ماڻهن جا هيانءَ ڦسي
پيا هئا. سندن سڏڪن ۽ سيسراٽين جي وچ ۾، ڳائڻيءَ
جا آلاپ فضا ۾ بلند ٿي رهيا هئاءِ
”مون کي درياهه جي ٻئي پار وٺي هل“
سنڌي ادبي بورڊ کي جس هجي، جنهن پنهنجن بنيادي معمارن مان هڪ
معمار يعني منهنجي ڀاءُ غلام ربانيءَ جي هن ڪتاب
جي ڇپائيءَ، گيٽ اپ، سهڻي سرورق ۽ اوچي ڪاغذ تي دل
کولي خرچ ڪيو. انهن خوبين هن ڪتاب جي رونق کي اڃا
به وڌايو آهي.
آزاد بوڪ ڊيپوءَ جو مالڪ، مرحوم پير محمد چوندو هو ته، ”بهترين
ڪتاب اهو آهي، جو پاڻهي پاڻ وڪڻائي، ڇو ته شيلف تي
رکيل اهڙو سهڻو ۽ دلڪش گيٽ – اپ وارو ڪتاب، ڪتابن
جي شوقينن کي خودبخود پري کان ڇڪيندو. ان لحاظ کان
هي ڪتاب يقيناً مرحوم پير محمد شيخ جي روح کي راحت
بخشيندو، سنڌي ادبي بورڊ هن معياري پبليڪيشن لاءِ
کيرون لهڻيون.
”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ لاجواب، بي بها ۽ املهه
اضافو آهي، جنهن تي انشاءَ الله هر سنڌ دوست کي
فخر ٿيندو.
آءٌ دل جي گهراين سان پنهنجي پياري ڀاءُ غلام رباني آگري کي هن
لاثاني تصنيف لاءِ لکين مبارڪون پيش ڪريان ٿو. مون
کي اُميد آهي ته هي ڪتاب هن صديءَ جي بهترين ڪتابن
۾ شمار ڪيو ويندو.
___*__
نفيس احمد شيخ
ريڊيائي مُذاڪرو
نفيس احمد شيخ: اڄ هتي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽوڊيوز ۾،
سنڌي زبان جي مشهور ليکڪ ۽ دانشور، سائين غلام
رباني آگري جي تازي ڇپيل ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“
تي گفتگو ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون. هي ڪتاب تازو
سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. هيءُ مختلف شخصيتن جي
باري ۾ رباني صاحب جي يادگيرين، تجربن ۽ مشاهدن تي
مشتمل آهي.
رباني صاحب فخر ڪرڻ لائق پنهنجين ادبي خدمتن جي ڪري، سنڌي ادب ۾
وڏي مڃتا جو مالڪ آهي. کيس جديد سنڌي افسانوي ادب
جي بنياد وجهندڙن ۾ شمار ڪيو ويو آهي. ”آب حيات“
سنڌي افسانوي ادب ۾ هڪ ڪلاسڪ ڪتاب آهي، جنهن ۾
شامل ڪن سندس ڪجهه ڪهاڻين جا انگريزي، چيني، ۽
جرمن ٻولين ۾ ترجما پڻ شايع ٿيا آهن. تاريخ جي
تحقيق خاص طرح سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب تي اسلامي اثر
۽ سيرت رسول صلي الله عليه وسلم سندس کوجنا جا خاص
موضوع رهيا آهن. ان ڏس ۾ سندس مضمونن جو سلسلو
”سنڌي ڪلچر – پس منظر ۽ پيش منظر“ وڏي اهميت رکي
ٿو. سائين رباني صاحب متعدد قومي ۽ بين الاقوامي
ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شريڪ ٿيا آهن ۽ پاڻ به اهڙن
اجتماعن ڪوٺائڻ ۾ حصو ورتو اٿن. ايران، چين،
بنگلاديش ۽ ڀارت ۾ پاڪستاني اديبن جي وفدن جي
اڳواڻي پڻ ڪري چڪا آهن.
حڪومت پاڪستان سندن ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ کين ”تمغه امتياز“
ڏنو آهي. رباني صاحب ملڪ جي اهم علمي ادارن اقبال
اڪيڊمي لاهور، اداره لغت بورڊ ڪراچي، اداره ثقافت
اسلاميه لاهور، قائد اعظم اڪيڊمي ڪراچي، نيشنل بوڪ
ڪائونسل آف پاڪستان اسلام آباد، انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي ڄامشورو، نيشنل بوڪ فائونڊيشن اسلام آباد
۽ سنڌي ادبي بورڊ جا به ميمبر رهي چڪا آهن.پاڻ فلم
سينسر بورڊ جا ميمبر به رهيا آهن ۽ ان جي اپيليٽ
ڪاميٽيءَ جا ميمبر به رهيا آهن. فلمي ايوارڊن جي
نيشنل ڪاميٽيءَ ۽ ٽيليويزن ايوارڊن جي قومي
ڪاميٽيءَ تي بطور جج به ڪم ڪيو اٿن. ان کان علاوه
ڪجهه وقت اردو سائنس بورڊ لاهور ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ
فار ڪلچرل اينڊ هسٽاريڪل ريسرچ اسلام آباد جا ڪجهه
وقت نگران ڊائريڪٽر پڻ رهي چڪا آهن.
سائين رباني صاحب سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ هن
اداري جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ورهين جا ورهيه جيڪو
پاڻ پتوڙيو آهي، تنهن کان ملڪ جا ادبي حلقا چڱي
طرح واقف آهن. پاڻ ڪجهه عرصو سنڌ يونيورسٽي جا پرو
– وائيس چانسيلر رهيا آهن. اڄڪلهه ملڪ جي ممتاز
ادبي اداري ”اڪادمي ادبيا پاڪستان“ جا چيئرمين
آهن. جتي اڳ ۾ پاڻ ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن ۽
ڊائريڪٽر جنرل طور به خدمتون سرانجام ڏنيون اٿن.
”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب سندن وسيع مطالعي ۽ مشاهدي، تجربي ۽
شعور جو هڪ دلپذير اڀياس آهي، جيڪو مختلف شخصيتن
جي خاڪن جي تاڃي پيٽي ۾ اڻيل آهي. کين سنڌي نثر
نويسيءَ تي جيڪو ملڪو حاصل آهي. ان جي انفراديت هن
ڪتاب جي هر جملي ۾ جهلڪي ٿي. هي ڪتاب سنڌ جي ادبي
حلقن ۾ گفتگو جو خوشگوار موضوع آهي ۽ سنڌي ادب ۾
ان کي نهايت اهم ادبي واڌارو قرار ڏنو پيو وڃي.
اڄوڪي مذاڪري ۾ اسان ان ڪتاب تي گفتگو ڪنداسين.
انهيءَ ۾ شريڪ ٿي رهيا آهن. ڊاڪٽر الياس عشقي
صاحب، مراد علي مرزا صاحب ۽ شيخ اسماعيل صاحب.
شريڪ دوستن جي تعارف طور ايترو چوڻ ڪافي آهي ته ڊاڪٽر الياس
عشقي، سنڌي تحقيق جي سلسلي ۾ هڪ سينيئر ۽ محترم
نالو آهي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعري، لطيفيات، سنڌي راڳ
۽ موسيقي ۽ عام ادبيات سندس خاص موضوع آهن. جن تي
سندس مقالن کي سنڌي ادب ۾ مٿاهين جاءِ حاصل آهي.
پاڻ سنڌي ٻولي ۽ ان جي ادب تي کين دسترس حاصل آهي.
سنڌي ثقافت تي سندن مطالع نهايت وسيع آهي ۽ سنڌي
ادب جي خدمت جي سلسلي ۾ سندن تحقيقي ڪمن ۾ ڪڏهن به
رخنو ڪو نه پيو آهي.
سائين مراد علي مرزا: سنڌي ادب جو هڪ مانوارو ۽ وڏو نانءُ آهي.
فڪشن سندس بنيادي سبجيڪٽ آهي. جنهن ۾ ناول، افساني
۽ ڊرامي جي سلسلي ۾ مڃتا لائق لکيو اٿن. ڪيترائي
ڪتاب، مقالا ۽ علمي موضوع ڪمال ڪاميابيءَ سان
ترجمو ڪيا اٿن. ادب جي مختلف صنفن ۽ شعبن ۾ سندس
مطالع وسيع آهي ۽ سندس تنقيدي ڪم قابل قدر آهي.
پاڻ ادب جي مختلف صنفن تي شاهڪار تحقيقي مقالا به
لکيا اٿن.
شيخ محمد اسماعيل: هونئن ته سڄي زندگي ادب جي خدلت ۾ گذاري اٿن.
پر سنڌي لوڪ ادب سندن بنيادي موضوع آهي، جنهن ۾
مثال لائق ڪم ڪيو اٿن. سنڌي لوڪ ادب اسڪيم جا پاڻ
1951ع کان وٺي ريسرچ معاون رهندا ٿا اچن. لطيفيات،
تصوف، تذڪره، اساسي شاعري، تاريخ، سنڌي ٻولي ۽
گرامر، ثقافت ۽ موسيقي جي عنوانن تي سندن علمي ڪم،
سنڌي ادب ۾ وڏو واڌارو آهي. هاڻي مذاڪري جي شروعات
ڪندي سائين مراد علي کي عرض آهي ته جناب رباني
آگري جي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جي ”مقدمي“ جو
علمي جائزو ڏين.
مراد علي مرزا: رباني صاحب ڪتاب جو جيڪو هي مقدمو لکيو آهي، سو
مان سمجهان ٿو ته پنهنجي جاءِ تي مثالي مقدمو آهي،
مون سنڌي ادب ۾ يا اردو ادب ۾ يا ٻين زبانن جي ادب
۾ ڪڏهن به ايڏو جامع مقدمو نه ڏٺو آهي. انگريزي
زبان جو هڪڙو آئرش رائيٽر هو، جارج برنارڊشا. ان
جي شهرت آهي ته ڊرامو لکندو هو مثال طور ٻه سو
صفحا ته ان لاءِ سو صفحا مقدمو ضرور لکندو هو. هن
اُن سلسلي ۾ ايڏا جامع مقدما لکيا، جو هن جي ڊرامن
جو جيڪو مجموعو شايع ٿيندو هو ته مقدمي جو وري الڳ
ٻيو هڪڙو جلد شايع ٿيندو هو. رباني صاحب بابت مون
کي خبر آهي ته ڪاليج ۾ تعليم واري زماني ۾ انگريزي
ادب جو شاگرد رهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته برنارڊشا جو
مٿس اثر هجي. بهرحال رباني صاحب جو هي مقدمو
پنهنجيءَ جاءِ تي هڪڙي شاهڪار تحرير آهي ۽ ان ۾
رباني صاحب پنهنجي پوري علم ۽ پنهنجي پوريءَ ڄاڻ
سان اڀري آيو آهي. وٽس زندگيءَ جا جيڪي به علمي ۽
تهذيبي تجربا آهن يا جيڪي ڪجهه هن ڏٺو، سندس
مشاهدي ۾ جيڪو جديد علم آهن ان جو ذڪر ڪيو اٿس. هن
ڪتاب جي مقدمي ۾ سچ پچ وڏو ڪمال ڪري ڏيکاريو اٿس.
ڪتاب جو جيڪو موضوع ”Theme“
آهي، يا جنهن موضوع تي هو لکڻ ٿو چاهي --- اهو
حقيقت ۾ آهي اخلاق، اخلاقيات جهڙي خشڪ موضوع تي هن
جيڪو مقدمو لکيو آهي، اهو ايڏو ته دلچسپ آهي ۽
ايڏو ته خوبصورت لکيو اٿس جو مان ڀانيان ٿو ته
جيڪڏهن رڳو اهو مقدمو ئي لکي ها تڏهن به ادب ۾ هن
جو نالو يادگار رهي ها. ان کان علاوه جيڪا ٻي خوبي
هن مقدمي جي آهي، سا آهي ته مهل ۽ موقعي جي مناسبت
سان ڏنل شعر، اردو، انگريزي،فارسي، سنڌي ادب مان
پاڻ جيڪي حوالا ڏنا اٿس تن مان خبر پوي ٿي، ته
رباني صاحب وٽ جيڪو به علم آهي يا جيڪا به معلومات
آهي، ان جو سڄو نچوڙ مُقدمي ۾ سموهيو اٿس. اها
تمام وڏي ڳالهه آهي، سنڌي زبان جا جيڪي آئنده جا
ليکڪ آهن، تن لاءِ اها رهنمائي آهي. رباني صاحب
مقدمي ۾ گويا هڪ نئون رستو ٺاهي ڏنو آهي ته هن
نموني سان به لکي سگهجي ٿو. ان کانسواءِ رباني
صاحب جو انداز تحرير اسلوب يا اسٽائيل جيڪي به ان
کي چئجي، سو ڏاڍو دلڪش، دلپذير ۽ اثر ڪندڙ آهي.
شيخ محمد اسماعيل: هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته خود مصنف پنهنجي موضوع
جي باري ۾ ڪهڙو موقف آهي. ان سلسلي ۾ مصنف ڇا ٿو
چوي ۽ ڪتاب جو نالو ”جهڙا گل گلاب جا“ ڇو منتخب
ڪيو.
ڪتاب ۾ هڪ هنڌ چوي ٿو ته ”هي ڪتاب ويهينءَ صديءَ جي اهڙن عالمن
۽ اعليٰ مشاهيرن جو تذڪرو آهي، جن مان ڪن جي زيارت
۽ صحبت ته ڪن سان خط و ڪتابت جي سعادت مون کي نصيب
ٿي. سندن روح مان بسنت بهار جي خوشبو آيم. ان نسبت
سان ئي سندس هن تذڪري جو نالو ”جهڙا گل گلاب جا“
رکيو اٿم. انهن انسانن جي اُبتڙ زندگيءَ ۾ اهڙا
ادنيٰ ماڻهو عام ڏٺم جيڪي ظاهر ۾، اڇا اجرا پر
باطن ۾ بگهڙ هئا، در حقيقت دنيا ۾ اڪثريت اهڙن
درندن جي هئي.
ان کان پوءِ اڳتي جيئن مراد علي مرزا صاحب ٻڌايو ته جيڪو مقدمو
آهي ان ۾ بنياد نقطو اخلاق سان گڏ خود مصنف جي
جيڪا اندر جي لوچ ۽ ڪيفيت آهي سا ڇا آهي؟ ۽ اها هي
آهي ته آئون ڇا آهيان؟ ۽ زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟
۽ انهيءَ تي هو پاڻ کي پاڻ سان گڏ ٻين انسانن کي
اڃ ۽ رڃ جا راهي چوي ٿو ۽ زندگيءَ جي سفر ۾ کيس
جيڪي به صعوبتون آيون آهن، تڪليفون آيون آهن، يا
جيڪي چڱايون ۽ خوبيون هن کي نظر آيون آهن، تن کي
هن چڱيءَ طرح سان بيان ڪيو آهي. مقدمي جي آخر ۾
رباني صاحب جيڪي لفظ چيا آهن سي ڏاڍا عجيب آهن ۽
نهايت ڏاڍا سهڻا آهن. اُهي آهن ته زندگيءَ جو سفر
اڃان به اوکو ٿي پوي ها، پر ڪي اعليٰ انسان هئا،
جيڪي رڻ ۾ رهنمائي ڪندا هئا. جڏهن ڪو مسافر مون
وانگر اڃ ۽ رڃ ۾ هلي هلي ماندو ٿي ڪري پوندو هو،
ته کيس آٿت ڏئي اڀاريندا هئا، ته دل نه لاهه،
زندگيءَ جا هي ڏکيا ڏينهڙا به گذري ويندا. اهڙا
اعليٰ انسان ڪي ورلي نظر ايندا هئا. پر ڇا چئجي
سندن جوت جو ڄڻ ته ڪوئلن ۾ هيرا. رڻ جي اڪرين
راتين ۾ چوڏهين جي چنڊ وانگر چمڪندا هئا. ٿڪا
ماندا مسافر سندن ئي سوجهري تي وک وڌائيندا هئا.
انهن اعليٰ انسانن جو ڪنهن به قوم ڪڙم ۽ قبيلي سان
واسطو ڪو نه هوندو هو. پيغمبر جي پيروي ڪندا هئا ۽
سموريءَ انسان ذات کي سهارو ڏيندا هئا.
انهن جو جيڪو ماحصل آهي يا جيڪو مقصد آهي، سو انهن لفظن ۾ ئي
بيان ٿو ڪري، سندس انهن شخصيتن تي نظر وجهڻ يا
انهن کي قلم بند ڪرڻ، اهو به انهيءَ مقصد وٽان
آهي، جو پاڻ کين رهنما تصور ڪري مثالي انسان ڪري
پيش ڪري ٿو.
هن ڪتاب ۾ آگري صاحب جي ٻولي نهايت سهڻي آهي. پاڻ جيئن ته
ٻهراڙيءَ جي ماحول سان واسطو رکندڙ آهي. ان ڪري
جيڪا عوامي ٻولي آهي، ڳوٺن جي ان تي کين پوري پوري
دسترس حاصل آهي. هڪ ڀيرا مون کي ياد آهي ته پاڻ
هڪڙو لفظ مون کان پڇيو هئائون. سندس افساني جو
عنوان هو ”چور پهو“. شايد ڪنهن دوست ان لفظ تي
اعتراض ڪيو هو ته مون کان تصديق ڪيائون ۽ اها به
ان حوالي سان جو مان لغت آفيس ۾ ڪم ڪندو هئس، ان
ڪري مون کان تصديق ڪرائيندي، بلڪل عار محسوس نه
ڪيائون، ته چوڻ جو مقصد آهي ته ٻولي جيڪا به سڄي
ڪتاب ۾ آهي، سا صاف، شفاف ۽ سليس آهي. ڪي به اهڙا
ڏکيا ۽ اڙانگا لفظ ڪو نه آهن ۽ انهن ۾ ايڏو تاثر
سمايل آهي، جو جيڪي پاڻ محسوس ٿوڪري، اهو ساڳيو
تاثر پڙهندڙ به قبول ٿو ڪري.
نفيس احمد شيخ: سائين الياس عشقي صاحب، اوهان کي گذارش آهي ته
هن ڪتاب جي علمي ۽ ادبي پهلوئن جي باري ۾ پنهنجي
راءِ کان اسان کي آگاهه ڪريو.
ڊاڪٽر الياس عشقي: پهريائين ته عرض ڪريان ته هي ڪتاب ايترو ته
دلچسپ تذڪرو آهي، جو ان کي شروع کان آخر تائين،
مون نهايت مُنهمڪ ٿي پڙهيو آهي. رباني صاحب جو
پهروين ڪتاب جيڪو سندن افسانن جو مجموعو آيو هو
”آب حيات“ ان کان پوءِ ڊگهي عرصي تائين سندن ڪو
ٻيو ڪتاب منظر عام تي ڪو نه آيو هو. ان وقفي باعث
محسوس ائين پئي ٿيو ته رباني صاحب شايد لکڻ ڇڏي
ڏنو آهي. ها ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن رسالي ۾ سندن ڪو مضمون
يا سفرنامو ڇپبو به هو، پر اُهو به ڪڏهن ڪڏهن ۽
ورهين ڪرهين! هاڻي جڏهن ڊگهي عرصي کان پوءِ سندن
ڪتاب آيو آهي ”جهڙا گل گلاب جا“، ان کي جڏهن مون
پڙهيو ته مون کي احساس ٿيو ته رباني صاحب ۾ جيڪو
ڪهاڻيڪار آهي، اهو اڃا زنده آهي. انهيءَ حوالي سان
هن ڪتاب جي وڏي خوبي اها آهي ته جتي ڪٿي، شخصيت،
ماحول جو بيان، هن بلڪل هڪ افسانه نگار وانگر ڪيو
آهي. سنڌي ادب ۾ هيءَ جيڪا صنف آهي. پورٽريٽ يا
خاڪا نگاري، جهڙوڪر اڃا نئين صنف آهي. هونئن ڏٺو
وڃي ته پورٽريٽ نگاري دنيا جي صنفن ۾ جهوني زماني
کان رائج آهي ۽ پرڏيهي ادب ۾ ان قسم جي ادب جو
جيڪو پهريون مثال لڀي ٿو، اُهو آهي “گريٽ رومن“ ۽
“گريٽ گريڪ“. انهي ڪتابن ۾ رومن ۽ گريڪ جون جيڪي
وڏيون وڏيون شخصيتون هيون، انهن بابت خاڪا لکي کين
محفوظ ڪيو ويو آهي ۽ اهي تمام مثالي خاڪا آهن ۽ اڄ
جيڪو اسين لکون ٿا، اهو انهن کان ٻاهر ڪو نه آهي.
ڪهڙي به زبان ۾ ماڻهو خاڪو لکي، انهن ڪلاسڪس کان
ٻاهر ڪو نه هوندو. سنڌي ادب ۾ جيستائين مون کي ياد
ٿو پوي ته، مون پهرين پهرين جيڪو ڪتاب پڙهيو هو سو
”شيخ راز“ جو ڪتاب “سانگي ڪي ساريام“ آهي. هن ڪتاب
جي سنڌي ادب ۾ جنهن ڪتاب ۾ راز صاحب دوستن بابت
خاڪا لکيا آهن. قطه نظر ان ڪتاب جي سنڌي ادب ۾
جنهن ڪتاب کي خاڪا نگاريءَ جو حرفِ آخر چئبو سو
آهي پير علي محمد راشديءَ جو ڪتاب ”اُهي ڏينهن،
اُنهن شينهن“ ۽ ان کان پوءِ پير حسام الدين
راشديءَ جو ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“. ان کان پوءِ
هاڻي سنڌي ادب ۾ پورٽريٽ عام جام لکجي پيو. پر
رباني صاحب ڇاڪاڻ ته بنيادي طرح افسانه نگار آهي،
ان ڪري هنن پورٽريٽس ۾ هُن جو انداز بيان تمام
سهڻوImegenative
۽ تمام حقيقت تي مبني آهي.
شيخ صاحب، جيئن ٻڌايو ته اسين ڇا آهيون؟ ڪٿان آيا آهيون؟ ۽ اسان
جو انجام ڇا ٿيندو؟ اُهي زندگيءَ جا بنيادي سوال
آهن. مون کي ياد آهي ته جڏهن رباني صاحب ڪاليج ۾
داخل ٿيو هو ته اُهي خيال سندس ذهن ۾ آيا هئا ۽
انهن سوالن جي جوابن لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي سان
مليو هو. – رباني صاحب لکي ٿو ته علامه صاحب انهن
سوالن جو ڪو به جواب ڪو نه ڏنو خير، انهيءَ زماني
۾ ته هُن ڪو جواب ڪو نه ڏنو، پر پوءِ جڏهن خود
علامه صاحب هن جهان ۾ ڪو نه رهيا، تڏهن هڪڙي ڏينهن
ڊاڪٽر بلوچ صاحب رباني صاحب کي چيو ته، ادا! مون
به انهيءَ ساڳئي سوال جو جواب کانئن گهريو هو.
جواب ڏنائون، پر جيڪو ٿي گذريو آهي انهيءَ مان
جواب پڌرو آهي. هاڻي ڏسو، اها افسانه نگاري جي
ٽيڪنيڪ آهي ته ڪن شين کي بيان نه ڪري، پر ان جي
حياتيءَ ۾ مٿس جيڪو ڪجهه ٿي گذريو، ان جو جواب بنا
ڪنهن جواب ڏيڻ جي سامهون اچي وڃي ته اهو ٿيو
افسانه نگار جي ٽيڪنيڪ جو ڪمال.
رباني صاحب ٻڌايو آهي ته وڏن ماڻهن جي ڪردار ۾ وڏي شيءِ ڇا
هوندي آهي ۽ وڏن ماڻهن جي ڪردار ۾ ڪهڙي شيءِ اهڙي
هوندي آهي، جنهن مان ماڻهو ڪو سبق پرائي سگهي ٿو ۽
ان تي عمل ڪري سگهي ٿو. پنهنجي والد تي قلم کڻڻ ۽
لکڻ تمام ڏکي ڳالهه هوندي آهي. پر، رباني صاحب
پنهنجي والد کي هڪ پري کان ڏسندڙ ۽ مشاهدو ڪندڙ
ماڻهوءَ جي انداز ۾ غيرجانبدارانه انداز ۾ ڏٺو
آهي. مون ان حوالي سان هڪ خاص ڳالهه محسوس ڪئي آهي
ته اڳئين زماني ۾ ماڻهو اڪثر اسڪول ماستر وٽ ويندا
هئا. افسوس جو هاڻي اسان وٽ اسڪول ٽيچر واري
Institution
ڪمزور ٿي وئي آهي. استاد اڄڪلهه ٻئي نموني جا ٿي
پيا آهن. رباني صاحب جو والد صرف اسڪول ٽيچر نه
هو، جنهن ماحول ۾ هو موجود هو، ڏسندو ته اوهان کي
پتو پوندو ته هو هڪڙي وڏي اخلاقي اداري جو سربراهه
نظر ايندو. انهيءَ زماني ۾ اسڪول جو ماحول ڪهڙو
هوندو هو، شاگرد ڪهڙا هوندا هئا، سڀ کان وڏي ڳالهه
جيڪا مون کي وڻي، اها هي ته ڪنهن باغ مان ڪنهن
ٻنيءَ مان، ڪا شيءِ وٺڻي هوندي هئي ته انهيءَ
زماني جا جيڪي باغ جا مالهي هوندا هئا، مائينڊ نه
ڪندا هئا. پاڻ شيءِ مفت ۾ ڏيندي فخر محسوس ڪندا
هئا. اهڙيون ننڍڙيون ننڍڙيون جيڪي شيون آهن، اُهي
هن ڪتاب ۾ موجود آهن. اوهان ڏسندا ته جنهن جنهن
شخصيت جو بيان آهي، ان مان خبر پوي ٿي ته ان زماني
جو ماحول ڇا هوندو هو؟
مراد علي مرزا: ان سلسلي ۾ عرض ڪريان ته رباني صاحب خاڪن ۾ هڪڙي
فضا جيڪا قائم ٿو ڪري ۽ هر خاڪي لکڻ وقت شروع، وچ
يا آخر ۾ جيڪا ٽيڪنيڪ ٿو رکي اُن ۾ پڙهندڙ پاڻ
Involve ٿو ٿيو وڃي.
ڊاڪٽر الياس عشقي: هڪڙي ڳالهه آهي ته، سوسائٽي ۾ ڪيترا بنيادي
سيڪشن به ٿيندا آهن. هن ڪتاب ۾ انهن سڀني جي
نمائندگي ٿي وئي آهي. مثال طور عالم آهن، شاعر
آهن، اديب آهن، وڏيرا، زميندار ۽ سگهڙ آهن، پير
آهن، تعليم جا ماهر آهن، مؤرخ آهي. هن ڪتاب ۾ سڀئي
هڪڙي ترتيب سان موجود آهن ۽ اهڙي ترتيب سان انهن
تي لکيو ويو آهي مالها جا موتي هجن.
مراد علي مرزا: ساڳئي وقت هڪڙي ٻي ڳالهه به رباني صاحب ڪئي آهي،
جيڪا ڏاڍي هڪڙي دلچسپ آهي. مثال طور هڪڙو خاڪو
مولانا قاسمي صاحب جو. مولانا قاسمي صاحب جو ذڪر
ڪندي تفصيل سان مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو به ذڪر
ڪيو اٿس، مولانا ابوالڪلام آزاد جو ذڪر به ڳالهين
ئي ڳالهين ۾ اچي ويو آهي. اهڙيءَ طرح ٻين خاڪن ۾
به جڏهن جڏهن ڪو موقعو مليو اٿس، ته جيڪي به ٻيون
لاڳاپيل شخصيتون ياد آيون اٿس، انهن جو تذڪرو به
ڪندو ويو آهي.
ڊاڪٽر الياس عشقي: اوهان صحيح فرمايو مراد صاحب – ان سان گڏوگڏ
هڪ ٻي ڳالهه به آهي جيئن مثال طور پير حسام الدين
راشديءَ جو ذڪر ٿئي، ته ان ۾ ضرور شاعرن جو ذڪر به
ٿيندو، مؤرخن جي ڳالهه به ٿيندي، اردو، سنڌي،
فارسي، هر ٻوليءَ جي اديب جو ذڪر به ضرور ايندو.
اردو دانشورن جو ذڪر نڪتو ته لاهور جو ذڪر به
ايندو. مختلف ادارن جو ذڪر ٿيو ته جن جن ادارن سان
پير صاحب وابسته هو انهن جو ذڪر به ايندو. اهڙيءَ
ريت ڏسبو ته رباني صاحب پير صاحب جي مڪمل ڦهلاءُ
کي، ان هڪ خاڪي ۾ محفوظ ڪري ورتو آهي. مطلب ته
شخصيتن جي حوالي سان هُن شخصيتن جي آس پاس واري
ماحول کي پوري توجهه ۽ ڌيان سان انهن خاڪن ۾ چٽيو
آهي. ان حوالي سان به ڏسبو ته رباني صاحب جي لکيل
انهن خاڪن ۾ رڳو شخصيتن جو ذڪر ڪونهي. ان ۾ سموري
صورتحال ۽ ماحول جو تذڪرو به آهي، جن ۾ رهي ڪري
اُهي شخصيتون وڏيون شخصيتون ٿيون آهن. ڪتاب جي
فهرست ۽ شخصيتن جي نالن تي نظر وجهبي ته هر شخصيت
هڪ ٻئي کان مختلف ۽ مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ
نظر ايندي. ان حوالي سان هن ڪتاب ذريعي رباني صاحب
مختلف ماحول هڪ هنڌ گڏ ڪيا آهن. مطلب ته ايترين
شخصيتن جي حوالي سان، مختلف علائقن جو احوال، جيڪو
هن هڪڙي ڪتاب ۾ گڏ ٿيل آهي، شايد ئي ڪنهن ٻئي اهڙي
قسم جي ڪتاب ۾ گڏ ٿيل هجي.
شيخ محمد اسماعيل: مان عرض ڪريان ته رباني صاحب وڏو نڪته نواز
ماڻهو آهي. هن پنهنجي سڄي زندگي، ماحول مان، ماڻهن
مان نڪتا چونڊي پوءِ پنهنجي زندگيءَ کي بنايو آهي.
مثال طور آءٌ ٻڌايان ته، جڏهن ريل گاڏيءَ ۾ هڪڙي
مسافر کي زنجير ۾ هٿ وجهي بيٺل ڏسي ٿو تڏهن هو ان
جي پريشانيءَ کي تصور ۾ آڻي ٿو ۽ سوچي ٿو ته هي
منصور آهي جو صليب تي ٽنگيو پيو آهي ۽ پوءِ ان
بابت پنهنجي اندر جو اظهار ٿو ڪري ته هن ماڻهوءَ
کي پنهنجي منزل جي خبر ڪانهي ته هي سفر ڪيڏانهن
پيو ڪري ۽ پوءِ هُن کان آخر پڇي ٿو ته تون ڪيڏانهن
ٿو وڃين؟ هو چوي ٿو ته مون کي ته خبر ئي ڪانهي ته
آءٌ ڪيڏانهن پيو وڃان! ته اها مجموعي طور هڪڙي
انسان جي زندگيءَ جي سفر جي ڪيفيت آهي، جنهن ۾ هن
کي خود ڪا خبر ڪانهي ته ڪٿان آيو آهي ۽ ڪيڏانهن
پيو وڃي؟
هڪڙو ٻيو نڪتو به عرض ڪري وڃان ته سچل سائينءَ جو هڪ واقعو آهي
ته هڪڙي ڪنهن ماڻهو کي ڏٺائون، جيڪو ڍڳو ڪاهيو پئي
آيو. انهيءَ کان پڇيائون ته نالو ڇا ٿئي ته جواب
ڏنائين منهنجو نالو ”محبوب“ آهي، ڪٿان آيو آهي؟
چيائين ته مستيءَ مان پيو اچان. ڪيڏانهن پيو وڃين؟
چيائين ته محبت ڏي پيو وڃان. مستيءَ مان مراد آهي
ٽنڊو مستي ۽ محبت مان مراد آهي محبت ديرو. سچل
سائين نهايت اعليٰ انسان هو. سندس دل سچيءَ محبت ۽
عشق سان ڀريل هئي. هُن کي نڪتي جي ضرورت هئي،
انهيءَ نڪتي کان پوءِ، هن وڃي پاڻ کي لوڙهي ۾ قابو
ڪيو ته سبحان الله! محبوب مستيءَ کان هليو آهي،
محبت ڏانهن پيو وڃي.
ساڳيءَ طرح سان رباني صاحب جي به اها ساڳي ڪيفيت آهي ته هو
ماڻهن مان نڪتي جي چوند ٿو ڪري ۽ جتان جتان به هن
کي ڪو نڪتو ٿو ملي. ان کي هو پنهنجي ذهن ۾ محفوظ
ٿو ڪري ۽ جيڪي پڙهي ٿو، انهيءَ کي ذهن ۾ سانڍي ٿو
رکي ۽ پوءِ انهن مان به هو پنهنجي پسند جي نڪتي جي
چونڊ ٿو ڪري. آءٌ ته اهو عرض ڪندس ته جيڪو مقدمو
رباني صاحب لکيو آهي، اهو خود سندس شخصيت ۽ سندس
سوانح جو هڪڙو پهلو ٿو ظاهر ڪري ان ڪري هن ڪتاب ۾
ٽيويهه سوانح عمريون يا خاڪا لکيا آهن، تن کي
چوويهه ڪري ليکجي. خود رباني صاحب
جي اندر جو سربستو احوال موجود آهي.
مراد علي مرزا: هونئن به جتي جتي رباني صاحب کي پنهنجي حوالي
سان موقعو مليو آهي، اتي پنهنجي زندگيءَ جو احوال،
ذاتي تجربا، بين السطور لکندو ويو آهي. سفر جا
تجربا پڻ ان ڏس ۾، هنن خاڪن جي وچ وچ ۾ لکي، هُن،
هنن خاڪن جي اهميت ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.
ڊاڪٽر الياس عشقي: مون وري خاڪا پڙهندي سوچيو ته اهو رباني جيڪو
افسانه نگار آهي، اُهو هنن خاڪن ۾ ڪٿي آهي؟ ۽ ڇا
پيو ڪري؟ هاڻي ان حوالي سان ڏسبو ته، رباني صاحب
ته، هڪ دفعو لاهور جي ڪنهن هوٽل ۾ وڃي ترسيو، اتي
کيس هڪڙي عورت نظر آئي. ان جو سمور بيان هن نهايت
مهذب، پر افسانوي انداز سان ڪيو آهي. سندس لکيل
انهيءَ پيراگراف کي پڙهي ويساهه ٿئي ٿو ته رباني
جي اندر ۾ جيڪو افسانه نگار آهي، سو اڃا زنده آهي.
وري جڏهن نواب نور احمد خان لغاري ۽ پاڻ ايران ويا
هئا، ته ايراني عورتن جو جيڪو بيان هن ڏنو آهي. ان
سلسلي ۾ نه فقط پنهنجي پر نواب نور احمد خان جي
تاثرات کي به ائين بيان ڪندو ويو آهي، جيئن پنهنجي
تاثرات کي ڪيو اٿائين. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻنهي کي
سڃاڻندڙ هوندو ته اهو ئي محسوس ڪندو ته ڪهڙيءَ
ڪاميابيءَ ۽ ڪهڙي نزاڪت سان هن انهيءَ سفر کي بيان
ڪيو آهي.
مراد علي مرزا: اصل ۾ سائين ڳالهه هيئن آهي ته (منهنجو پنهنجو
ذاتي تجزيو آهي) مون ڪيترن ڪتابن جي مطالعي کان
پوءِ ڏٺو آهي ته جيڪو ماڻهو افسانا لکي سگهي ٿو،
اهو ادب جي ڪنهن به صنف تي تمام ڪامياب ۽ تمام
خوبصورت پيرايي ۾، دل جو اظهار ڪري سگهي ٿو. رباني
صاحب ڇاڪاڻ ته بنياد طرح پنهنجي ادبي زندگيءَ جي
شروعات ئي افسانن لکڻ سان ڪئي هئي. هُن کي افسانه
لکڻ جي ٽيڪنيڪ تي وڏي دسترس به حاصل هئي، ۽ پورو
علم هو ۽ آهي. انهيءَ ڪري اوهان ڏسندو ته جيڪو به
پورٽريٽ لکيو اٿس، ان ۾ اوهان کي افساني جي ٽيڪنيڪ
جي حوالي سان ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ ڇرڪائيندڙ
پڄاڻيءَ وارا سمورا لوازمات پڙهڻ لاءِ ملندا. خاڪن
۾ اهڙي خوبي صرف افسانه نگار ئي رکي سگهي ٿو.
ڊاڪٽر الياس عشقي: مان سمجهان ٿو ته رباني صاحب جي هر خاڪي جا
ايترا ته رخ ۽ پهلو آهن جو انهن مان هر هڪ تي ڌار
ڌار گفتگو ڪري سگهجي ٿي.
مراد علي مرزا: جي ها، بلڪل.
ڊاڪٽر الياس عشقي: اسين ته صرف اڌ ڪلاڪ لاءِ هن ڪتاب جي سلسلي ۾
هت گڏ ٿيا آهيون ۽ ايتري ٿوري وقت ۾ هن ڪتاب جي
سڀني پهلوئن، خوبين ۽ خاڪن ۾ سمايل شخصيتن تي سير
حاصل گفتگو نٿي ٿي سگهي.
شيخ محمد اسماعيل: مان عرض ڪريان ته، ڪتاب پڙهندي مون محسوس ڪيو
آهي ته ڪتاب ۾ ڪائنات جي حُسن جي ڳولا آهي، ان
لاءِ جاکوڙ آهي. ليکڪ دنيا کي حسين ڏسڻ گهرجي ٿو ۽
انهيءَ سلسلي ۾ حسن جي هڪڙي پهلو ”اخلاق“ تي هن جي
نظر تمام گهڻي آهي. هو حُسن اخلاق کي جدا نٿو
سمجهي. ڪائنات کي حسين ڏسي ٿو ۽ خود به هڪڙي حسين
تصنيف، انهيءَ جي روشنيءَ ۾ ڏئي ڏيکاري ٿو.
ڊاڪٽر الياس عشقي: ۽ اوهين ڏسندؤ ته ان ڏس ۾ هن پنهنجي نهايت
خوبصورت تصوير هن ڪتاب ۾ ڇڏي آهي.
مراد علي مرزا: اصل ۾ سائين ڪيٽس جو هڪڙو جملو هي ته ”Truth
is beauty and beauty is truth“ رباني صاحب کي به خبر آهي ته سُونهن ئي تحقيقي سچائي آهي،
جنهن انسان وٽ سُونهن جي ساڃهه ڪانهي، ته
ايمانداري ۽ اخلاق به ڪونهي. اُن وٽ ڄڻ ته ڪجهه به
ڪونهي، اهو ٺهلو نانءُ آهي. رباني صاحب اُنهن ئي
انسانن کي پنهنجي پورٽريٽس ۾ آندو آهي، جن ۾ اهي
سڀئي اعليٰ خوبيون آهن. اُهي ماڻهو اعليٰ اخلاق
وارا به هئا، وڏا عالم وڏا اديب هئا ۽ گڏوگڏ نهايت
بهترين دوست به هئا. انهن سڀني ۾ جيڪي به گڻ هئا،
جيڪي به انهن جون خوبصورت ڳالهيون هيون، چڱايون
هيون، انهن سڀني جو تت ۽ نچوڙ ڪڍي، رباني صاحب
اسان کي ڏنو آهي. سچ پچ ته هي هڪ نهايت خوبصورت
ڪتاب آهي ۽ ان ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جو وڌاءُ
ڪونهي.
شيخ محمد اسماعيل: سائين رباني صاحب محبت جو پيغام ڏئي ٿو. هو
پاڻ به سراپا محبت آهي. هُن جيڪي به ڪردار لکيا
آهن يا جيڪي به ڪردار هُن جي ذهن تي چڙهن ٿا، تن
سان هو بي حد محبت ڪري ٿو ۽ بي انتها ڪري ٿو. اها
هڪڙي هُن جي شخصيت جي، هڪ وڏي خوبي آهي ۽ اهڙن ئي
محبت وارن ڪردارن کي هن اسان سان شيئر به ڪيو آهي.
ڊاڪٽر الياس عشقي: مان به پڄاڻيءَ تي عرض ڪريان ته رباني صاحب
مقدمي ۾ ڄاڻايو آهي ته ماڻهو ٻن قسمن جا ٿيندا
آهن، هڪڙا شريف ۽ ٻيا اخلاق کان وانجهيل. ان حوالي
سان مون سڄي ڪتاب ۾ ڳولا ڪئي ته، ڪو اهڙو ماڻهو
نظر اچي يا ان جو ڪٿي ذڪر هجي .... ته ڪٿي ڪٿي
ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ جو ڪو خفيف اولڙو نظر آيو ۽ بس
... ته جيڪڏهن هڪڙي ماڻهو جو ذڪر اچي به ويو آهي
ته ان کي نظر انداز ڪرڻ کپي .... ته مان ڀانيان ٿو
ته جيڪو انسان حُسن جو ڳولائو هوندو آهي، ان کي
انسان مان ڪمزوريون گهٽ ۽ خوبيون گهڻيون نظر
اينديون آهن.
نفيس احمد شيخ: ”جهڙا گل گلاب جا“، سائين غلام رباني آگري صاحب
جي ڪتاب تي ڊسڪشن جي سلسلي ۾ هن وقت جناب ڊاڪٽر
الياس عشقي، جناب مراد علي مرزا ۽ محترم محمد
اسماعيل شيخ حصو ورتو ---- سندن بي حد مهرباني.
مذاڪري جو پروڊيوسر ۽ ٽرنسڪرائيبر
نصير مرزا
(ڊسمبر 1991ع)
___*___ |