سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: سڏ پڙاڏو

 

صفحو :1

سڏ پڙاڏو

نصير مرزا

ناشر طرفان ٻه اکر

هڪ دفعي رباني صاحب مون سان ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب جو ذڪر ڪندي ڳالهه ڪئي ته سنه 1977ع ۾ پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو – وائيس چانسيلر هو، ته مسٽر نفيس احمد شيخ ايڊيٽر ”مهراڻ“ کيس مشورو ڏنو ته مختلف رسالن ۾ اوهان جا ڇپيل مضمون گڏ ڪري، ڪتابي صورت ۾ ڇپڻ گهرجن. تن ڏينهن ۾، شيخ صاحب مرحوم پير صاحب جا مضمون گڏ ڪري رهيو هو، جن جو پوءِ ”ڳالهيون ڳُوٺ وڻن جون“ نالي سان ڪتاب شايع ٿيو. رباني صاحب ان ڳالهه ۾ دلچسپي ڪا نه ورتي، سو معاملو اڳتي ڪو نه وڌيو. اڳتي هلي جڏهن پاڻ اسلام آباد ويو، ته مسٽر نفيس احمد شيخ کي اهو ڪم ڪرڻ لاءِ چيائين، پر تڏهن وري هو ان ڳالهه ۾ دلچسپي وٺي ڪو نه سگهيو. ان وچ ۾ رباني صاحب نوان مضمون لکيا، جن مان ڪي شيخ صاحب مهراڻ رسالي ۾ ڇپيا. مسٽر محمد دائود بلوچ منصور اڪيڊميءَ طرفان انهن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ جو فيصلو ڪيو. اهڙيءَ ريت ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب لکڻ جو آغاز ٿيو.

ليڪن ستت سنڌي ادبي بورڊ قبلا سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ مرحوم جي اڳواڻيءَ هيٺ ڪتاب ڇپائي جو ٺهراءُ منظور ڪيو ۽ ان کي ٻن جلدن ۾ نهايت سهڻي نموني ڇپيو.

جڏهن ڪتاب ڇپيو ته پڙهندڙن کي ايڏو پسند پيو، جو رباني صاحب کان ان جا ٻيا جلد لکڻ جي گهر ڪيائون. ڪتاب جي ڪاميابيءَ جو عڪس هن مجموعي ۾ ڏنل خطن، مضمون ۽ تبصرن ۾ نظر اچي ٿو. دوستن کي چڱي من ۾ پيئي، سو، اهي گڏ ڪري، ڪتابي صورت ۾، ڇپائي محفوظ ڪرڻ جو فيصلو ڪيائون. ان ڪم جو آغاز وري به مسٽر نفيس احمد شيخ ڪيو. رباني صاحب ۽ شبير صاحب سان رابطو مسٽر الطاف آگري ڪيو. سولنگي صاحب سڄڻن جو ساٿ ڏنو ۽ نصير مرزا صاحب مواد جي ترتيب جو ڪم سنڀاليو. ”گهڻين ڪلهين ڇپر کڄي“ چوڻيءَ موجب، هي ڪتابڙو ٺهي ويو، پر ان ۾ ٻه تبصرا شامل ٿيڻ کان رهجي ويا. هڪ محمد حسين پنهور صاحب جو ۽ ٻيو ڪريم بخش خالد صاحب جو، ٻئي ڏاڍا سٺا هئا ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل هئا. اسان کي انگريزي ۾ ڇپائيءَ جي سهوليت ڪا نه هئي. انهن تبصرن جي رهجي وڃڻ جو هميشه افسوس رهندو.

اميد آهي ته سنڌ جي لائق ۽ فائق، عالمن، اديبن ۽ دانشورن جي سڪ ۽ سچائيءَ جي سرهاڻ سان واسيل هي ڪتابڙو، جنهن جي ڪٻٽ، طاق يا اوطاق ۾ رکيل هوندو. ان جي سهونهن  سوڀيا ۾ اضافو ڪندو.

گهڻا گهڻا سال ٿيا، جو هند ۽ سنڌ جي چونڊ سنڌي افسانن جي انگريزي ترجمي (مترجم حشو ڪيولراماڻي) تبصرو ڪندي، ڪراچيءَ جي انگريزي اخبار ”ڊان“ جي مبصر لکيو هو:

”سو صفحن جو هي ڪتابڙو نجي سون ۾ تورڻ لائق آهي.......

شاهه لطيف جي ديس جا اديب واقعي وڏا فنڪار آهن.“

مان سمجهان ٿو ته اها تاريخي فتويٰ سو ڏيڍ سو صفحن جي هن ڪتابڙي تي به صحيح ۽ صادق آهي.

 

  ڪراچي                                آغا نور محمد پٺاڻ

17-4-1993

 

 

 

 

مهاڳ

سنڌي ٻوليءَ جو جڳ مشهور ڪهاڻيڪار، دانشور، عظيم نثر نگار ۽ صاحب دل شخصيت، سائين غلام رباني آگري جي تصنيف ”جهڙا گل گلاب جا“ بابت سنڌ جي سرموڙ، سهڻين ۽ شانائتين شخصيتن جا تبصرا، مضمون، خط ۽ رايا مرتب ڪندي، سچ پچ ته مان پاڻ کي فخرمند پيو محسوس ڪريان.

رباني صاحب جو هي ڪتاب ويهينءَ صديءَ جي عظيم مشاهيرن تاريخ ساز بزرگن، عالمن ۽ شاعرن جي تذڪري تي مشتمل هڪ اهڙو دستاويز ۽ ”شهه پارو“ آهي، جنهن کي ويهين صديءَ دوران لکيل بي مثال ۽ هر دؤر ۾ ”سدا حيات“ ڪتابن مان شمار ڪيو ويندو.

معلوم رهي ته اهي ڪتاب ئي هوندا آهن، جيڪي ليکڪ جي زندگيءَ کي امرتا بخشيندا آهن. خاص ڪري جيڪڏهن ڪتاب پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ جي فروغ، ادب ۽ ثقافت سان امٽ پيار جي جذبي سان سرشار ٿي تحرير ڪيا ويندا آهن ته انهن ڪتابن کي، ان ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن وٽان به، اهڙي ته شانائتي موٽ ملندي آهي جو، ان کان پوءِ ڪتاب جي مصنف جو نالو به هر يُگ، هر دؤر ۾ ڄڻ دلين جي ڌڙڪڻ بنجي، تاريخ جي دل ۾ ڌڙڪندو رهندو آهي. ان راءِ جي روشنيءَ ۾ پرکبو ته ويجهي ماضيءَ ۾ شايع ٿيل وڏي مرتبي جي ڪتابن ”جنب گذاريم جن سين“ (سائين جي ايم – سيد) ۽ ”اُهي ڏينهن اُهي شينهن“ (پير علي محمد راشدي) کان پوءِ هي تذڪرو ”جهڙا گل گلاب جا“ بجا طور تي انهيءَ مالها جو ٽيون املهه موتي آهي.

ڄاڻڻ گهرجي ته تقريباً ست سو صفحن تي پکڙيل ۽ ٽيويهن شخصيتن کي موضوع بنائي لکيل، هي دستاويز، صرف انهن ئي شخصيتن جو رڪارڊ پيش ڪو نه ٿو ڪري پر انهن شخصيتن جي حوالي سان، سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ سنڌ سان ٿيل تاريخي واقعن جو اتهاس پڻ هنن خاڪن ذريعي قلمبند ٿي، رباني صاحب جي ”شاهڪار نثر“ ۾ محفوظ ٿي ويو آهي.

مان سمجهان ٿو ته هنن خاڪن جي ان حوالي سان به وڏي اهميت آهي ته ڪتاب ۾ آيل انهن مانائيتين شخصيتن زماني کي ڪهڙين اکين سان ڏٺو. ڪهڙي نظر سان پرکيو ۽ ڪهڙيءَ نوعيت جو رد عمل ظاهر ڪيو. ڪهڙا ڪهڙا آدرش هئا، جيڪي هنن سوچيا ۽ ڪهڙا اهڙا خواب هئا، جن جي ساڀيا ماڻڻ لاءِ هنن پنهنجون سڄيون ساريون زندگيون وقف ڪري ڇڏيون هيون. ان نظر سان به هن ڪتاب جو مطالعو ڪبو ته ائين ڀانئبو ته رباني صاحب پنهنجي وائلن جي سرن سان نرم مٺيءَ ۾ وڻندڙ دل آويز نثر ۾ جا بجا ڪئي اهڙا جمال، ڪئي اهڙا واقعا، هن ڪتاب جي موتين مالها مثل نثر ۾ ويهي پويا آهن، جن جي حيثيت تاريخي آهي ۽ سدائي رهندي، ياد رهي ته ٻولي، ادب ۽ ثقافت لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيندڙ سنڌي سرموڙ عالمن جي صحبت رباني صاحب کي سنڌي ادبي بورڊ جي ڇانو ۾، قدرت کين ميسر ڪري ڏني هئي ۽ پاڻ وري انهن شخصيتن جو تذڪرو اهڙي ته دل – وڻندڙ اسلوب ۽ انداز ۾ ڪيو اٿن، جو اهي شخصيتون يقين سان چئجي ته هنن خاڪن ذريعي ايندڙ هر دور جي اکين اڳيان زنده، سلامت ۽ متحرڪ رهنديون اينديون. انشاءَ الله

هن ڪتاب جو هڪ سؤ صفحن تي مشتمل ”مقدمو“ هڪ اهڙي ته وزن دار ۽ ملهائتي تحرير آهي، جو سچ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هن کان اڳ لکيل مقدمن مان شايد ئي ڪو هن مقدمي سان بر ميچي سگهي. مقدمي ۾، رباني صاحب لکن ٿا ته ” مون ڪتاب جي مقدمي ۾ اخلاق جي اهميت تي زور ڏنو آهي، جو منهنجي خيال موجب انسان جي عظمت جو صحيح ماپو اخلاق ئي آهي.“

سچي ڳالهه ته هيءَ آهي ته ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جو سمورو تَتُ رباني صاحب جي ان راءِ جي روشنيءَ ۾ هن مقدمي ۾ ائين بند آهي، جيئن مٽيءَ جو رنگ ۽ ڌرتيءَ جي مهڪ، گلاب جي پنکڙين ۾ منعڪس هوندي آهي.

مون کي پنهنجي ڀاءُ الطاف آگري ۽ دوستن نفيس احمد شيخ جا ٿورا مڃڻا آهن، جيڪي هن ڪتاب --- ”سڏ – پڙاڏو“ --- جي مواد سهيڙڻ ۾، منهنجا ٻانهن ٻيلي هئا. ٿورائتو ته مان شاه عبداللطيف سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچيءَ جي صدر سائين نور محمد پٺاڻ جي هٿ – همراهيءَ لاءِ به ازحد آهيان، جنهن صاحب، لي، آئوٽ، گيٽ اپ ۽ پرنٽنگ جي هر مرحلي ۾، پنهنجو پاڻ ملهائي، هن ڪتاب کي خوبصورتيءَ سان ڇپائي، اسان سڀني جي هٿن تائين آندو آهي ۽ ڀاءُ فيض محمد سمي جو، جنهن وڏي محبت ۽ سڪ سان هن ڪتاب کي ڪمپوز ڪيو اهي مڙئي مهربان دوست مبارڪن جا مستحق آهن.

 

خيرپور          نصير مرزا

7-3-1993

___*___

 

 

 

 

سڏ – پڙاڏو

 

 

If literature creates new meaning, if it Shapes Society, Then only to the extent that we was readers participate, in the dialogue. Even in the age of Sponsorship, the best support for art is still the interest, the Criticism, and the commitment of the listening wiewwing, and reading public.

MICHAEL HUTTER

LITERATURE CHANGES WORLDS

 

عبدالقادر جوڻيجو

 

گلاب جي گلن جهڙو ڪتاب

جن ٽن چئن وڏن نالن، زندگيءَ سان ڀرپور ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان ڳانڍاپيل، جديد سنڌي ادب جي پيڙهه رکي، غلام رباني آگري جو نالو انهن نالن مان هڪ آهي - ۽ اها هڪ اهڙي ته چٽي ۽ سگهاري حقيقت آهي، جنهن کي پُٺ ڏيڻ پنهنجي پاڻ سان ڪُوڙ هڻڻ جي برابر آهي. گڏوگڏ اها حقيقت ايتري پراڻي به ناهي، جو ڪنهن کان وسري سگهي. ربانيءَ سنڌ ۾ موجوده سماجي بي انصافيءَ بابت جيڪي دل جهٻيون ڏيندڙ ڪهاڻيون لکي پنهنجو نالو ڪڍيو، سي اڄ به ايتريون ئي تازيون توانيون آهن، جيتريون ڪالهه هيون ------ انهن ڪهاڻين جي ”سڀاڻي“ به وڃڻي ناهي.

غلام ربانيءَ لکڻ جي شروعات تڏهن ڪئي، جڏهن هڪ پاسي امن، پيار، درد، بي وسي، ماٺار ۽ ٻوڏار جي ڌنڌ ۾ ويڙهيل سنڌ جي سماجي جوڙجڪ ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيا هئا، ته ٻئي پاسي ٻن عظيم جنگين ۽ ڪجهه انقلابن جي نتيجي ۾ اڀري آيل نظرين، فني ڪارنامن ۽ سائنسي ايجادن سنڌ جي سمجهو ماڻهن کي ذهني توڙي جذباتي سطح تي لوڏي وڌو هو. ته آخر ڪا واٽ وٺن ته ڪهڙي وٺن؟ انهيءَ صورتحال جي نتيجي ۾ هڪڙا ته اتيئي بيهي رهيا، جتي جو کين حڪم هو، ڇاڪاڻ ته حڪم جا بندا پنهنجو رستو پاڻ نه چونڊيندا آهن ۽ حڪم ڏيڻ وارا ڪنهن کي اڳتي چرڻ نه ڏيندا آهن. ٻين وري پٽڪا ڳچين ۾ وجهي، جتيون هٿن ۾ کڻي، ماسڪو جي ڳاڙهي پير جي درگاهه ڏانهن رخ رکيو. سڄي اوڀر يورپ ۽ وچ ايشيا ۾ موجود سڀني سياسي درگاهن جي ڀينگ ٿي ويئي، ته به اسان جي دوستن جون اکيون ”اُتيئي آهن، جتي اوهان ڇڏيون.“ ٽئين ڌر چؤنڪ نه ڇڏيو. پر، اهڙي پاسي وٺي ڊوڙ پاتائون جو نعريبازي، لفاظي، ٻاراڻي جذباتيت جي هڪ انڌي کوءِ ۾ وڃي ڪريا، جتان ٻاهر نڪري فڪر جي تازي هوا وٺڻ ڏاڍي مشڪل آهي. اهڙين حالتن ۾ ڪيفيتن ۾، جن پنجن اٺن سمجهو دوستن نظرياتي بنيادن تي صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجن ويچارن ۾ توازن رکڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ويا، تن ۾ رباني تمام اهم حيثيت رکي ٿو. سندس انهيءَ فڪري گهرائيءَ ۽ توازن جو تازو مثال سندس ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ آهي.

گذريل، ڳچ سالن ۾ فلسفيانه سطح تي جيڪا نظرياتي ڀڃ ڊاهه ٿي آهي، انهيءَ جي عمومي تصوير خاڪن اندر ۽ خصوصي تصوير ڪتاب جي تفصيلي مقدمي ۾ پڌري ٿي پڙهندڙن جي سامهون اچي ٿي.

ربانيءَ سڄي ڪتاب ۾ جيڪا نظرياتي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي ۽ جنهن رنگ ڍنگ ۾ هن دور جي تاريخ ساز شخصيتن جي تور تڪ ڪئي آهي، سو فني ڪارنامو ائين ئي آهي، جيئن ڳوٺ جي ڪا سُگهڙ مائي داڻا ڇڄ ۾ ڇنڊي، پوءِ آڱرين جي ڇنڊڪي سان اَن ۾ تُههَ ڌار ڪندي ويندي آهي، ربانيءَ جي نڪته نگاه سان ڪو اختلاف ته ڪري سگهي ٿو. پر ڪو به ائين نٿو چئي سگهي ته فلاڻي هنڌ فلاڻي ڳالهه ”منڌل“ آهي، يا فلاڻي هنڌ رباني ڊيگهه ڪري ويو آهي. يا فلاڻي هنڌ ڳالهه کٽل آهي. ايڏيءَ دِل، ذميواريءَ، اورچائيءَ ۽ سمجهه سان لکڻ جو ڪم رباني ئي ڪري سگهي ٿو.

ربانيءَ جي اها خوبي ادبي تخليق سان گڏوگڏ، سندس تيار ڪيل سرڪاري خطن ۽ نوٽن توڙي زباني ڳالهه ٻولهه ۾ به ائين جو ائين موجود هوندي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هُنَ پنهنجيءَ عمر جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ لکيو آهي. گهڻي لکڻ سان گهڻو ڪري ليکڪ جي هٿ مان ڀولڙي ڇڏائي ويندي آهي. ربانيءَ هيستائين ڪو اهڙو ڪم ئي نه ڪيو آهي، جو ڪو سندس لکڻيءَ تي آڱر کڻي. گهٽ لکڻ ۽ سٺو لکڻ ربانيءَ جي خصوصيت آهي.

فئشني ڪپڙا پائي هلڻ واري ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي، پر فئشني ٻولي لکڻ ۽ ڳالهائڻ جو مامرو سمجهه کان ٻاهر آهي، پهرئين ته اهو فيشن اچي نڪتو، جو پينسل ڪن مٿان ڦاسائي، سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا اهڙا عربي ۽ فارسي اکر ملائي سامهينءَ ڌر کي جملو ائي هڻجي جو يا فقير چٽ يا سارنگي چٽ!  ڀلا، جيڪڏهن ڪو عرب يا ايراني اهي اکر پڙهي وٺي، ته پوءِ يا پڙهندڙ چٽ يا لکندڙ چٽ! نيٺ جڏهن اهو فيش اچي ٽٽو، ته ٻئي فيشن اچي سِڱَ ڪڍيا، جنهن موجب منهن مٿو پٽي ڪري، وار وڏا ڇڏي ۽ مڇون داٻائو (Drooping) ڪري هنديءَ ۽ سنسڪرت جي اکرن تان ائين گهور پيو وڃبو، ڄڻ ته همراه تازو گنگا مان اشنان ڪري آيو آهي، پر مٿو نه ڪوڙايو اٿس.

مطلب ته فئشن طور اهڙي ڳالهه لکڻي آهي جيڪا نه اسان جي بزرگن کي سمجهه ۾ اچي، نه اسان کي سمجهه ۾ اچي ۽ نه اسان جي آل اولاد کي سمجهه ۾ اچي. گهٽ ۾ گهٽ ٽن پيڙهين تي رعب ويٺل هجي. اهڙن فيشن باز ماڻهن جو ڊاڪٽر ائنٽن چيخوف وٽ تمام سٺو علاج هوندو هو، جيڪو روسي ماستر وٽ اچي نڪرندو هو ۽ ڏکين روسي اکرن سان ڀريل ڳالهه جي اڃا شروعات ئي مس ڪندو هو، ته چيخوف نيٽ هٿ ۾ کڻي سندس پويان ايستائين لڳو ويندو هو، جيستائين اهو ماستر پٽيون ڏئي ڀڄي جند نه ڇڏائيندو هو. غلام رباني آگرو نه ته چيخوف وانگر چيڙاڪ آهي ۽ نه ئي وري اڃا نيٽ کڻي هلڻ جهڙو ٿيو آهي. انهيءَ ڪري جو هو تمام سولا ۽ سادا اکر جوڙي، اهڙي ته ڳوڙهي ڳالهه ڪري ويندو آهي، جو جيڪڏهن ڪو فيشن باز سندس ڪا به لکڻي پڙهي، ته ڪر علاج ٿي وڃيس. غلام رباني خالص سنڌي ٻولي ته لکندو آهي، پر خالص سنڌي لکڻ جي شوق ۾ هو نه ته ڪئين سال اڳي مري ويل سنڌي لفظ قبرن مان کوٽي ڪڍي ڪم آڻيدو آهي، نه وري سندس ٻوليءَ ۾ ايتري گهڻي مقاميت هوندي آهي، جو نوابشاه ۽ نوشهري ضلعن کان ٻاهر رهندڙ ماڻهو ڪنهن لفظ تي اٽڪي بيهي رهن. ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ ۾ هن جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي، اها جيڪب آباد کان وٺي ننگر پارڪر تائين ۽ ڪچي جي ڪنهن ڳوٺ کان وٺي نيو يارڪ جي ڪنهن اسڪاءِ ڪريپر جي مٿينءَ ماڙ تي ويٺل سنڌيءَ کي، بنا پڇڻ جي سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي. سندس گلاب جي گلن جهڙو ڪتاب پڙهندي نه ته مٿو کنهڻو ٿو پوي، نه اوٻاسي ٿي اچي ۽ نه ئي وري ڪو هيڏانهن هوڏانهن ڌيان ٿو ڇڪجي. پڙهندڙ ڪتاب سان ايستائين ٻڌل ٿو رهي، جيستائين پڙهي پورو نه ڪري.

هي ڪتاب بظاهر ته خاڪن جو ڪتاب آهي، پر هن ڪتاب ۾ ”خاڪن“ کان علاوه به پڙهڻ لاءِ تمام گهڻو مواد موجود آهي. ربانيءَ هن ڪتاب لاءِ معروف شخصيتن کي بنياد بنائي جيڪو مواد چونڊيو آهي. اهو مواد گذريل ساٺيڪو سالن تي ٻڌل سنڌ جي سماجي، ثقافتي، علمي ۽ ادبي تاريخ آهي ۽ هڪ اهڙي دور جي تاريخ آهي، جنهن دور ۾ سنڌ پاسو ورايو آهي..

 

___*___

 

 

 

عبدالغني سومرو

هڪ روح آفرين ڪتاب

سوانح نويسيءَ يا خاڪي نگاريءَ جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ هيل تائين چڱو مواد اشاعت هيٺ اچي چڪو آهي، ڳچ مواد مضمونن جي صورت ۾ آهي ۽ ڪجهه وري ڪتابي شڪل ۾. جيڪي ڪتاب وڌيڪ مشهور ٿيا. ته ۾ سائين جي ايم سيد جو ڪتاب “جنب گذاريم جن سين“، پير علي محمد شاه راشديءَ جو ڪتاب “اهي ڏينهن اهي شينهن“، پير حسام الدين راشديءَ جو ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۽ علي احمد بروهيءَ جو ڪتاب ” ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا“ شامل آهن.

تازو سنڌي ادبي بورڊ هڪ دلپذير ڪتاب شايع ڪيو آهي ..... ”جهڙا گل گلاب جا“. هن روح آفرين ڪتاب جو ليکڪ رباني صاحب جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي بانيڪارن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. پر سندس ٻين علمي ۽ ادبي، ثقافتي ۽ تعليمي خدمتن جو سلسلو به وسيع آهي. پاڻ خطابت جي حوالي سان به وڏي مڃتا جو مالڪ آهي. رباني صاحب جا مختلف علمي ۽ تحقيقي عنوانن تي لکيل مضمون به سنڌي ادب ۾ وڏي شهرت رکن ٿا، جن ۾ سنڌي ڪلچر (اخباري ڪالمن جو سلسلو) سنڌي عورت، هنگلاج ۾ جاءِ ۽ ميٺا رام هاسٽل پنهنجيءَ معني آفرينيءَ ۽ اسلوبِ بيان جي حيثيت سان انفراديت رکن ٿا.

رباني صاحب جي هن ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ ۾ مختلف علمي ۽ ادبي شخصيتن تي سوانحي خاڪا آهن. جن ۾ يادگيرين جي حوالي سان، ڪيترائي قومي ۽ ثقافتي نوعيت جا اهم واقعا اچي وڃن ٿا. انهن کي سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ بنيادي اهميت حاصل آهي. رباني صاحب پنهنجي مواد ۾ فقط بايوڊيٽا ٽائيپ خاڪا ڪو نه لکيا آهن، پر واسطيدار شخصيت جي حوالي سان لاڳاپيل ڪيترن ئي اهم ڪردارن ۽ واقعن کي به بيان ڪيو آهي.

رباني صاحب جي لکڻ جي هڪ انفراديت اها به آهي ته جنهن ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو، سو ايڏو ته دل کي وڻندڙ ۽ پيشڪش جي لحاظ کان ڀرپور آهي، جو لاڀ حاصل ڪرڻ کان اڳ ان کي ختم ڪرڻ تي دل ئي نه ٿو چوي.

رباني صاحب پنهنجي خاڪي نگاريءَ دوران سنڌ جي علمي، سياسي، ادبي، سماجي، ثقافتي ۽ صحافي تاريخ جا ڪيترائي وسريل ۽ اهم ورق محفوظ ڪري ورتا آهن، جن شخصيتن تي هن ڪتاب ۾ مواد موجود آهي،  تن تي نهايت ڀرپور ۽ انوکي انداز ۾ لکڻ جو صحيح معنيٰ ۾ حق ادا ڪيو آهي. ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي جي شروعات، سنڌ جي روشن ضمير عالم ۽ محسن علامه آءِ آءِ قاضيءَ سان ڪئي وئي آهي ۽ ان کان پوءِ بابا سائين عبداللطيف آگري، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، عثمان علي انصاري، سيد ميران شاه ۽ پير حسام الدين شاه راشديءَ تي مضمون آيل آهن. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي جي ابتدا شيخ عبدالمجيد سان ڪيل آهي. ڪتاب ۾ جيڪي يادگار تصويرون ڏنل آهن. تن ڪتاب جي معيار ۽ سونهن سوڀيا ۾ خاصو واڌرو ڪيو آهي. جيڪي خاص ڳالهيون اڀري سامهون اچن ٿيون سي هي آهن.

1- علامه آءِ آءِ قاضي تي مضمون جامع آهي، ان ۾ سنڌ جي هن جليل القدر عالم ۽ ڏاهي انسان جي زندگيءَ ۽ سندس ڪارنامن تي روشني وڌل اهي. علامه صاحب تي اڄ تائين لکيل سڀني مضمونن ۾ هيءُ مضمون مايه دار آهي.

 2- پير حسام الدين راشديءَ تي مضمون پڻ جامع آهي. دراصل ڪتاب جي ڄڻ ته جان آهي. رباني صاحب ڪتاب جي شروع ۾ اخلاق جي اهميت تي زور ڏنو آهي، پير صاحب جي قول جي حوالي سان ثابت ڪيو اٿس ته هو وڏو عالم ۽ عملي طرح  وڏو بااخلاق شخص هو.

3- ٻيڙي فقير جهڙي دنيوي لحاظ کان مسڪين ماڻهوءَ تي رباني صاحب جنهن انداز سان لکيو آهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته کيس فن ۽ علم، اوصاف ۽ اخلاق جي شاهوڪاري عزيز آهي ۽ ان کي ئي وڏي اهميت ملي آهي.

4- مولانا قاسميءَ جي باب ۾ برصغير جي هڪ نهايت متبرڪ اڳواڻ مولانا عبيد الله سنڌيءَ جي سوانح ۽ ڪارنامن جو گهڻو ذڪر ڪيو اٿس. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته رباني صاحب کي سندس عظمت جو گهڻو احساس ۽ ادارڪ آهي.

5 – برگيڊيئر محمد صديق سالڪ جو تعلق سنڌ سان ڪو نه آهي.پر هن شخص جي سوانح پڙهڻ سان انساني عظمت جو هڪ عجيب ۽ دل کي ڇهندڙ قدر آڏو اچي ٿو.

6 – محمد ابراهيم جويي کي سنڌ جي عظيم محسن مرحوم شمس العلماءَ قليچ بيگ سان گڏ پيش ڪيو اٿس. سنڌ جي هن زنده روشن ضمير ۽ ڏاهي انسان کي سندس زندگيءَ ۾ عقيدت جو خراج پيش ڪري، رباني صاحب صحيح معنيٰ ۾ رفاقت جو حق ادا ڪيو آهي.

”جهڙا گل گلاب جا“ موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان نهايت اهم ڪتاب آهي. ان جامع عالمانه مقدمي وسيلي اخلاق جي اهميت تي زور ڏنو آهي. ڪتاب ۾ ٽيويهن ناميارن شخصن تي خاڪا لکيل آهن. جن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي، عبداللطيف آگرو، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، عثمان علي انصاري، سيد ميران محمد شاه، پير حسام الدين راشدي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي مولا بخش سومرو، نواب نور احمد لغاري، مولانا غلام محمد گرامي، ٻيڙو فقير ڪنڀر، مولوي حافظ عبدالحميد ڀٽي، رشيد ڀٽي، برگيڊيئر صديق سالڪ، ايڇ ٽي لئمبرڪ، محمد امين خان کوسو، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاه، محمد ابراهيم جويو، شفيق الرحمان، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ آخر ۾ پشتو زبان جو عظيم شاعر غني خان شامل آهن.

ڪتاب ۾ موقعي جي مناسبت سان فوٽو پڻ ڏنل آهن. هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. ڪتاب جو مقدمو 111 صفحن تي ڦهليل آهي. ان کي پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙ محسوس ڪري ٿو ته مون ڪجهه پرايو آهي. هي مقدمو رباني صاحب جي ذاتي تجربن، مشاهدن، مطالعي ۽ تقابلي اڀياس، ۽ عام انساني امنگن ۽ احساسن، وارداتن ۽ جذبن جو مؤثر اظهار خيال سان ”هڪ ڪلاسڪ تحرير“ جي حيثيت رکي ٿو.

جڏهن ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڪتاب جا ڪجهه مضمون ڇپيا هئا، تڏهن ئي سنڌ جي علمي حلقن ۾ انهن جي وڏي شهرت ٿي هئي. مصنف کي چڱي من ۾ پيئي، جو وڌيڪ مضمون لکيائين ۽ ائين اهو مواد ٻن جلدن جي صورت ۾ شايع ٿيو .. ”جهڙا گل گلاب جا” ڪتاب لکي فاضل ليکڪ سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌ جي نئين نسل کي ڄڻ سندن تاريخ جو هڪ مستند دستاويز ڏنو آهي. انهيءَ قومي خدمت لاءِ رباني صاحب کيرون لهڻي.

 

 

____*____

 

 

 

محمد دائود بلوچ

جهڙو گل گلاب جو

 

محترم غلام رباني آگري سان منهنجي غائبانه واقفيت تڏهن ٿي، جڏهن پاڻ نئين زندگيءَ رسالي ۾، بطور اسسٽنٽ ايڊيٽر، ڪم ڪندو هو سندس ڪجهه ڪهاڻيون به ڇپيون هيون. انهن ڏينهن جي ڪهاڻيڪارن ۾ ٻيا ناميارا نالا هئا: جمال ابڙو، اياز قادري، ع – ق شيخ، رشيد ڀٽي، بشير مورياڻي، شيخ حفيظ، سراج، ابن حيات پنهور ۽ ابن الياس سومرو ------ پر، غلام رباني صاحب جون ڪهاڻيون منهنجيءَ دل جي گهراين ۾ گهڙي وينديون هيون.

جڏهن پاڻ سنڌي ادبي بورڊ ۾ آيو ۽ بورڊ ڪراچيءَ مان حيدرآباد آيو، تڏهن ساڻس رابطو قائم ٿيو ان وچ ۾ مون به ڪچيون ڦڪيون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون.

ڳالهه پئي هلي رباني صاحب جي. مون کيس هڪ عظيم ڪهاڻيڪار پئي سمجهيو. ٿورا سال ٿيا، ته پاڻ ٽريفڪ جي حادثي ۾ زخمي ٿي، سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ٿيو. وٽس ڪيترائي اديب، شاعر، ادب دوست، ذاتي يار، ننڍا وڏا ملازم، عزيز اقارب ميل ملاقات لاءِ ايندا رهندا هئا. سندس زنده دلي ۽ خوش اخلاقيءَ جي حد هئي، جو ساڻن پنهنجا سور سلڻ بدران، زخمي حالت ۾ به اهڙي گفتگو ڪندو هو، جو ڄڻ ته کيس ڪا به تڪليف ڪانهي. هر ڪنهن سان خوش خير عافيت ڪرڻ کان پوءِ سندس ڏک سک معلوم ڪندو هو ته ڪا تڪليف ته ڪانهي؟ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هو. الائي ته ڪهڙن ڪهڙن ملڪن ۽ ڪتابن جون ڳالهيون ڪري کين وندرايو ويٺو هوندو هو.

هڪ دفعو مون کيس عرض ڪيو ته ”اوهان پنهنجي ڪهاڻين جو ڪتاب مون کي ڇپائڻ لاءِ ڏيو. يا وري ڪو سفرنامو وغيره“. چيائين ته ”ڪهاڻين تي نظرثانيءَ جي ضرورت آهي، جا ڪري تو کي موڪليندس.“

جڏهن اسپتال مان ٺيڪ ٿي اسلام آباد ويو، تڏهن به خط لکندو رهيو. وساريائين ڪو نه. ڪتاب لاءِ لکيائين ته ”ڪهاڻيون تو کي ڪو نه ٿو موڪليان. پر ٻيو ڪتاب ڏيان ٿو، جيڪو ترت مضمونن جي صورت ۾ تو وٽ پهچندو.“ پوءِ مضمون پهچندا ويا ۽ ڪمپوز ٿيندا ويا. اهڙيءَ ريت ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ ٺهي تيار ٿيو ويو.

يادگيرين، سوانح عمريءَ ۽ خاڪن تي هن کان اڳ به سائين جي – ايم سيد، پير علي محمد راشديءَ، پير حسام الدين راشديءَ ۽ ٻين اديبن جا اهم ڪتاب آهن، پر ”جهڙا گل گلاب جا“ هڪ منفرد نوعيت جو پرڪشش ڪتاب آهي. سنڌ جي اديبن، دانشورن ۽ ڏاهن تي جنهن نموني رباني صاحب لکيو آهي، ٻيو ڪو شايد ئي لکي سگهي. هن ڪتاب ۾ اڌ صديءَ کان مٿي دور جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي معلومات آهي. ان کان سواءِ جامع مقدمي مان  مصنف جي مطالعي، مشاهدي، معلومات، ترجبي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

هڪ ڳالهه مون کي محسوس ٿئي ٿي سا هيءَ ته اڃا به ڪيترائي گلاب جا گل سنڌ ڌرتيءَ تي موجود آهن. رباني صاحب جي ذهن ۾ به هوندا. مون کي يقين آهي ته هن ڪتاب جا ٻيا به ٻه ٽي حصا وڌي سگهن ٿا. اميد ته جهڙو گل گلاب جو رباني صاحب پاڻ، تهڙا گلاب جا وڌيڪ گلدان سينگاري تيار ڪندو.

___*__

 

 

غلام محمد لاکو

... تهڙا مٿن ويس

 

جڏهن کان سنڌي نثر لکجڻ ۾ آيو آهي، تڏهن کان مشاهيرن بابت گهڻو مواد لکيو ويو آهي. آتم ڪهاڻيون لکيون ويون آهن ۽ سوانح نگاري به ٿي آهي. قيام پاڪستان کانپوءِ، ادبي طور، سنڌي زبان شاهوڪار ٿي اڀري آهي. منجهس ٻين صنفن کان علاوه شخصيتن بابت پڻ گهڻو مواد گڏ ٿيو آهي. هن ڏس ۾ ٻه مثالي ڪتاب ”تذڪرو مشاهير سنڌ“ (مولانا دين محمد وفائي) ۽ “جنب گذاريم جن سين“ ( جي ايم سيد) سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا، جن جي وڏي اهميت ۽ حيثيت آهي. ستت بورڊ ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ (پير علي محمد راشدي) به ڇپيو آهي، جيڪو سنڌي خاڪا نگاريءَ ۾ مثالي درجو رکي ٿو. ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ (سيد حسام الدين راشدي) به ساڳئي اداري ڇپيو. جيڪو پڻ سوانح نگاري، آتم ڪهاڻيءَ ۽ خاڪا نگاريءَ جو سنڌي زبان ۾ هڪ يادگار ڪتاب ڏسجي ٿو. راشدي برادران جا اهي ٻئي ڪتاب زبان، اسلوب، مقصد ۽ روان شسته نثر سبب وڏي حيثيت ماڻي چڪا آهن.

گذريل ڪجهه سالن ۾، سنڌيءَ ۾ خاڪا نگاري عروج تي پهتي آهي. ڪيترن ئي لکندڙن قلم کڻي همعصر اديبن، دوستن، شاعرن ۽ عالمن توڙي قومي ڪارڪنن بابت خاڪا تحرير ڪيا آهن. مثلاً طارق اشرف (جيل گهاريم جن سين)، تنوير عباسي (منهن تنين مشعل)، ناز سنائي (ماءُ کاهوڙي هليا)، عبدالواحد آريسر (ماڻهو ميگهه ملهار)، عبدالقادر جوڻيجو (شڪليون)، غلام محمد گرامي (ويا سي وينجهار)، ماهتاب محبوب (جيءَ جهروڪا)، علي احمد بروهي (ڄام، ڄاموٽ ۽ ڄامڙا)، رشيد ڀٽيءَ (جيءُ جياريو جن) وغيره.

تازو ”جهڙا گل گلاب جا“ جي نالي سان خاڪا نگاريءَ جو هڪ وڌيڪ سهڻو ڪتاب سنڌيءَ ۾ ڇپجي نروار ٿيو آهي. ڪتاب جو مصنف سنڌ جو نامور اديب ۽ افسانه نگار جناب غلام رباني آگرو آهي. پهرئين حصي جي ابتدا ۾ هڪ جامع مقدمو ڏنو ويو آهي. جو سؤ کان وڌيڪ صفحن تي پکڙيل آهي. ان بعد پهرئين جلد ۾ ڇهن شخصيتن جا خاڪا آهن. علامه امداد علي قاضي، عبداللطيف آگرو (مصنف جو والد)، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، عثمان علي انصاري، سيد ميران محمد شاه، ۽ پير حسام الدين راشدي، ٻئي حصي ۾ سورنهن خاڪا ڏنل آهن: شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولا بخش سومرو، نواب نور احمد خان لغاري، مولانا غلام محمد گرامي، مولانا عبدالواحد سنڌي، ٻيڙو فقير ڪنڀر، مولوي حافظ عبدالحميد ڀٽي، رشيد ڀٽي، صديق سالڪ، ايڇ ٽي لئمبرڪ، محمد امين کوسو، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاه، محمد ابراهيم جويو، شفيق الرحمان، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ غني خان ----- چار غير سنڌي ۽ باقي اوڻيهه نج نبار سنڌي مشاهير آهن.

جناب غلام رباني آگرو اٽڪل روءِ پنجٽيهه ورهيه ڪراچيءَ، حيدرآباد، ڄامشوري ۽ اسلام آباد ۾ ملازمت ڪندو رهيو آهي. ابتدا ۾ پاڻ ”رسالي نئين زندگي“ سان ڪجهه عرصو لاڳاپيل رهيو. ان کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ پهريان اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ پوءِ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ويهارو ورهيه ملازمت ۾ رهيو ۽ سندس ادبي، علمي ۽ انتظامي تربيت ٿي. سنڌ جي ناميارن اديبن، عالمن ۽ محققن سان گڏ رهڻ ۽ ڪم سکڻ جو موقعو مليو. ان بعد سندن خدمتون وفاقي حڪومت حاصل ڪيون. جتي پهريائين اڪادمي ادبيات پاڪستان جو ڊائريڪٽر، پوءِ ڊائريڪٽر جنرل ۽ هن وقت چيئرمين طور پنهنجا فرض نباهي رهيو آهي. ساڍن ٽن سالن لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پرو – وائيس چانسيلر به رهي چڪو آهي.

هن سموري عرصي ۾ اسان جو هي لائق مصنف، سنڌ جي تحريڪ سان به وابسته رهيو – خاص ڪري ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۽ سنڌي زبان واري تحريڪ ۾، پس پرده، سرگرم ڪردار ادا ڪيائين. کيس اهو به اعزاز آهي ته ٻارن جي اڪيلي سنڌي رسالي ”گل ڦل“ جو باني ايڊيٽر رهيو آهي. ائين سندس ذهني تربيت ٿي. علمي حياتيءَ جا شب و روز گذريا. عملي زندگي جي تشڪيل ٿي، سنڌ ۽ ملڪ جي نامور ادبي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، عالمي سطح تي مشهور علمي مرڪزن ڏسڻ جو اتفاق ٿيو ۽ مختلف خيالن، سوچن ۽ شعبن جي بزرگن، اديبن، شاعرن ۽ عالمن سان گڏجڻ ۽ کين سمجهڻ ۽ کانئن ڪجهه نه ڪجهه پرائڻ جو موقعو مليو. اهڙن انسانن جي قطار هونئن ته ڊگهي آهي، پر پاڻ ڪتاب لاءِ ٽيويهن شخصيتن جي چونڊ ڪئي اٿس. جن مان ڪن سان وڏو عرصو گڏ گذاريو اٿس ته ڪن کي ٿوري عرصي لاءِ ڏٺائين. ان هوندي به جنهن شخصيت بابت ڪتاب ۾ لکيو اٿس، ان کان پاڻ متاثر ٿي لکيو اٿس. ڪن ته سندس ذهن، سوچ ۽ فڪر تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا آهن.

ڪتاب ۾ ذڪر ٿيل انسانن مان هر هڪ گلاب جو گل ڏسجي ٿو ۽ هر گل جي خوشبو پنهنجي پنهنجي آهي. هر بزرگ معاشري ۾ پنهنجو منفرد ڪردار ادا ڪيو ٿو ڏسجي. ان ڪري کيس اسان جي تاريخ ۾ به لازوال حيثيت ملي چڪي آهي. جناب غلام رباني آگري هي خاڪا لکندي، هر انسان جي ڪا نه ڪا خاص خوبي، خاصيت يا اهميت ڳولي لڌي آهي. پاڻ جنهن کان متاثر ٿيو. ان شخصيت بابت قلم کڻڻ لاءِ مجبور ٿيو. ليڪن سندس مقصد رڳو ان شخص جي تعريف، ساراه ۽ ثنا ڪانهي. مڪمل ذات ته رب ڪريم جي آهي. ڪو به انسان عيبن کان خالي ڪونهي. ان پس منظر ۾ هن ڪتاب جي ليکڪ ڪٿي ڪٿي، ڪن شخصيتن تي نهايت احتياط ۽ خبرداريءَ سان تنقيد به ڪئي آهي. اسان وٽ هن وقت مسئلن جي شدت سبب، تنقيد جو جارحانه انداز مروج آهي. ليڪن، آگري صاحب جي تنقيد جو نمونو تعميري ۽ شانائتو ڏسجي ٿو. لائق مصنف هر شخصيت تي لکندي نهايت دانائيءَ ۽ تدبر جو ثبوت ڏيندي، لفظن جي چونڊ ۽ معيار جو پڻ وڏو جتن ڪيو آهي. جيتوڻيڪ کيس سنڌ کان ٻاهر رهڻ، غير سنڌي اديبن کي ويجهو رهڻ، بين الاقوامي ادب کي پڙهڻ ۽ دنيا جي سطح تي اهم ادارن، مرڪزن ۽ ليکڪن سان رابطي ۾ رهڻ  جو چڱو موقعو مليو. تڏهن به سندس ٻوليءَ ۽ ان جي اصليت تي ڪو خاص اثر نه پيو آهي. ان طرح چئي سگهجي ٿو ته ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب جي ٻولي نج نبار سنڌي ۽ وڏي حد تائين صاف سٿري آهي.

هي ڪتاب آهي ته برابر ٽيويهن معتبر انسانن جي زندگين تي مشتمل، ليڪن ان کي پڙهندي ٻيون تمام گهڻيون ڳالهيون پڙهندڙن جي آڏو اچن ٿيون. بلاشڪ ان ذريعي سنڌ جي روان اڌ صديءَ جي تاريخ جا ڪيئي روپ سامهون اچن ٿا. مثلاً ون يونٽ جو آزار، سنڌي زبان سان هاڃا، جديد سنڌي ادب جي اڏاوت، رسالي نئين زندگيءَ جو اسرڻ، جاگيردارن، ڪامورن ۽ پيرن جا بڇڙا افعال، (جنهن ڪري سنڌي معاشرو برباديءَ جي ڪناري تي پهتو آهي) سنڌي ادبي بورڊ جي تعمير ۽ ترقي، ٻيڙي فقير سگهڙ جي صورت ۾ سنڌ جي نئين ڳولا (DISCOVER OF SINDH). سنڌي انڪري پوئتي آهي جو پنهنجي ڪُڙم جو ويري آهي. لازوال سنڌي ڪردارن جي بيقدري، پيري مريديءَ جهڙي ناسور سان ڀريل رسم، وڏيرڪي سماج جي بدبودار زندگي (اڄ اهي اسرندڙ سنڌي مڊل ڪلاس کي تباه پيا ڪرائين). خود سنڌي اديبن جون ڪي جماعتون يا ٽولا، جن گذريل ٽيهن سالن کان سنڌي ادب، ۽ ٻولي جي دشمنن جي دلالي ڪندي، اسان تي مصيبتون آنديون آهن. گاسليٽي ڪامريڊن جا ڏنل سور، ڏجها ۽ ڪن ٻهروپين نام نهاد سنڌي اديبن جون لٻاڙون – اهڙا ته دلچسپ ۽ اهم عنوان آهن، جن متعلق مفيد معلومات هن ڪتاب وسيلي ئي اسان کي ملي ٿي.

هن ڪتاب ۾ جن چئن غير سنڌي مشاهيرن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. تن ۾ ايڇ ٽي لئمبرڪ جي ايمانداري اجاگر ڪيل آهي. شفيق الرحمان ۽ غني خان جي ڪردار ۾ پڙهندڙ کي جا ڳالهه شدت سان محسوس ٿئي ٿي، اها سندن اولاد جي وقتي موت مان سرجندڙ غم، ڏک ۽ پيڙا واري ڪيفيت آهي. مرحوم صديق سالڪ اوکيءَ ويل مصنف کي ڪم ته آيو، پر هو سندس دوست ۽ هڪ بهترين اديب پڻ هو.

ڪتاب ۾ سوانح نگاري ۽ خاڪا نگاريءَ جا ڪي نوان تجربا ڪيا ويا آهن. مثلاً ڪٿي تحقيق جو رنگ ڏسجي ٿو. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ وارن خاڪن ۾ مصنف اهي انٽرويو به ڏنا آهن، جن سنڌ جي هنن اعليٰ انسانن کان پاڻ ورتا هئائين. قاسمي صاحب تي لکندي مولانا آزاد ۽ عبيد الله سنڌيءَ بابت به مفيد مواد ڏنو اٿس. ليڪن ڪتاب جو نهايت سهڻو، شاندار ۽ باوقار گل ”پير حسام الدين راشدي“ آهي، جن جي خوشبو ۽ مهڪ سان وڏي عرصي تائين سنڌ جي سرزمين واسيل رهندي. هن ڪردار تي طويل ترين خاڪو لکيو ويو آهي. آخر ۾ مرحوم جي ڪتابن جي لسٽ ڏنل آهي، اڻ پوري ۽ غير مستند آهي. ”مهراڻ“ جي ”راشدي نمبر“ ۾ مون مڪمل لسٽ ڏني آهي. مصنف جيڪڏهن ان کي ڪتب آڻي ها، ته هوند هي خاڪو وڌيڪ معتبر ۽ مستند ٿئي ها. جناب غلام رباني آگري صاحب پير صاحب کان علاوه زندگيءَ جو وڏو عرصو ٻين به گهڻن ئي نامور اديبن، شاعرن ۽ عالمن سان گڏ گذاريو. ان ڪري پڙهندڙن کي توقع آهي ته ڪتاب جو پاڻ ٽيون حصو به لکندو، جنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، حيدر بخش جتوئي، شيخ اياز، پير علي محمد راشدي، مهتاب راشدي، تنوير عباسيءَ ۽ ڪن ٻين همعصر هستين تي لکي، سنڌي مطالعي جي ڪن پوشيده رخن کي اجاگر ڪندو.

سنڌي ادبي بورڊ ڪافي وڏي عرصي کان پوءِ پنهنجي اشاعتي سلسلي هيٺ هڪ بهترين ڪتاب ڇپيو آهي. جنهن لاءِ اداري جو چيئرمين (مرحوم) سائين مخدوم صاحب ۽ ميمبر صاحبان مبارڪباد جا مستحق آهن.

مون مٿي عرض ڪيو آهي ته سوانح ۽ خاڪا نگاريءَ جا سنڌيءَ ۾ متعدد ڪتاب ڇپيا آهن، پر، هن ڪتاب جو ”مقدمو“ مصنف جي مطالعي، تجربي ۽ عملي حياتيءَ ۾ اخذ ڪيل نتيجن تي محيط ڏسجي ٿو. مقدمي تي ٻه ڳالهيون ڇانيل آهن. هڪ مذهب جي فوقيت ---- روس ۽ يورپ ۾ ڪميونزم جي زوال ليکڪ جي خيالن کي هٿي ڏني آهي ------ ٻيو فردن، قومن ۽ سماجن جو اخلاق، جنهن وسيلي دنيا ترقيءَ ۽ سلامتيءَ جو طويل سفر ڪيو آهي. ليکڪ هڪ هنڌ تيرٿ وسنت جو هڪ گفتو ڏنو آهي، جو منهنجي خيال موجب، سڄي مقدمي تي ڇانيل آهي. ”منهنجا مولا، تون رحيم آهين، ڪريم آهين، پر رڳو هيترو ته ٻڌاءِ ته هن دنيا ۾ بدمعاش جي بازي زور ڇو آهي؟ اشراف سدائين موچڙن ۾ ڇو آهن؟

 

 

___*__

 

مجيد پنهور

خوبصورت لفظن ۾ مڃتا

سٺو لکڻ ڄڻ ته صالح اولاد ڄڻڻ آهي. ڄمڻ کان پوءِ ٻار جو صدورو ٿيڻ ۽ نيڪ ناميءَ جو باعث بنجڻ ماءُ پيءُ لاءِ ايتري ئي خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جيتري ڪنهن ليکڪ لاءِ سندس ڪتاب جي پڙهندڙن طرفان خوبصورت لفظن ۾ مڃتا ٿيڻ.

هن وٺ وٺان ۽ ڀڄ واري دور ۾، هڪ سٺو ڪتاب لکڻ ڏاڍو مشڪل آهي. هونئن به، لکڻ هڪ ڏکيو فن آهي ۽ ان جي مڃتا لاءِ ڪيترو نه سوچي، سمجهي، قلم کڻڻو ٿو پوي!

تازو، ممتاز سنڌي اديب محترم غلام رباني آگري جو سنڌ جي نامور هستين تي لکيل سوانحي خاڪن جو ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ شايع ٿيو، ته چوڌاري وه واه ٿي ويئي، ته واه جو ڪتاب ڇپيو آهي!

ڪتاب ٻن جلدن ۾ ڇپيو آهي. پهرين جلد ۾ مصنف ڪتاب جو اٽڪل سؤ کن صفحن جو مقدمو لکيو آهي، جيڪو هڪ الڳ ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو. منجهس دنيا جهان جو علم، مثالن ۽ دليلن سان ڏنل آهي. انسان، انسانيت ۽ اخلاق جي وصفن کي پيغمبرن فيلسوفن ۽ مفڪرن جي دليلن، حديثن ۽ دلچسپ شعرن سان سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ته وري زندگي ڇا آهي ۽ زندگيءَ ۾ اخلاق جو ڪيترو عمل دخل آهي. مقدمي ۾ ننڍي کنڊ ۽ مغربي ملڪن جي عوام جي حالتن ۽ خاص طور چين ملڪ جي مختلف طبقن جي رهڻي ڪهڻيءَ جو جائزو ڏنل آهي.

ٻوليءَ جي رواني، جملن جي ادائگي، مثال، دليل، لطيفي شعرو شاعريءَ ۽ وچ وچ ۾ مختلف شخصيتن جي ذڪر واريءَ تحرير جو سواد سنڌ ۾، پير حسام الدين راشديءَ، پير علي محمد راشديءَ ۽ علي احمد بروهيءَ کان پوءِ ڪنهن به ٻئي جي لکڻيءَ ۾ آهي، ته اهو رباني صاحب آهي.

ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ ۾ ڏنل خاڪن ۾ مشاهدو به آهي، تجربو به آهي ته ڏک ۽ سک جي احساس جو خوبصورت لفظن ۾ بيان به آهي. زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جو ذڪر به آهي، ته پنهنجن جا سهارا به آهن. محبتون ۽ نفرتون به آهن، ته ڪٿي ڪٿي گاسليٽي ڪامريڊن جو ذڪر به آهي. ڪن ڪن خاڪن کي پڙهندي ائين ٿو ڀاسي، ته ڄڻ پڙهندڙ انهن شخصيتن ۽ مصنف جي وچ ۾ ويٺل هجي ۽ انهن واقعن ۽ موقعن جو اکين ڏٺو شاهد هجي.

پهريون خاڪو آهي سنڌ جي عظيم مفڪر علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو! هي خاڪو وڏي ڪمال سان لکيل آهي. ڇا ته ٻوليءَ جي رواني آهي! ڇا ته منظر ڪشي آهي! ڇا ته مهل ۽ موقعن جو سهڻو بيان آهي.

علامه صاحب جو شمار سنڌ جي انهن اعليٰ شخيتن ۾ ٿئي ٿو، جن نه رڳو سنڌ جي تعليمي ميدان ۾ خدمت ڪئي، پر پنهنجي فڪر ۽ علم سان سنڌ کي هڪ روشن خواب ڏنو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان سندن فڪر کي ڪهڙي پاسي ڇڪيو ۽ ڪيترو لاڀ پرايو يا مورڳو نظر انداز ڪيو. گهڻي قدر ته اسان جي نوجوانن کي علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي پوري ڄاڻ به ڪانه آهي. رباني صاحب لکي ٿو ته:

”مزار سان لاڳو سڙڪ تان ايندڙ ويندڙ راهگيرن کي مون ڪڏهن به دعا لاءِ هٿ کڻندي ڪو نه ڏٺو. ان جو مکيه سبب اهو هو ته اڪثر راهگيرن کي ڪل ئي ڪا نه هئي، ته علامه صاحب ڪير هو ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ سندس ڪهڙو مان مرتبو هو.“

رباني صاحب جو هي بيان سؤ سيڪڙو سچ آهي. علامه صاحب جي زندگيءَ ڪارنامن ۽ فڪر کان اسان جو نوجوان عام راهگير وانگر اڻڄاڻ آهي. رباني صاحب، علامه صاحب سان گذاريل گهڙين کي ۽ پنهنجن مشاهدن ۽ مؤقف کي ڀرپور نموني ۾ پيش ڪيو آهي. ان ڪري پڙهندڙ جي اڳيان علامه صاحب جو خوبصورت اسڪيچ اڀري بيهي ٿو.

ٻيو خاڪو مصنف پنهنجي والد تي لکيو آهي، جنهن ۾ اڳوڻي وقت ۾، ڳوٺن جي تعليم ۽ ڳوٺن جي ماحول جو پتو پوي ٿو ۽ سنڌ جي سچڙن ماڻهن جي ڀرپور زندگيءَ جو چٽو عڪس اکين اڳيان اچي ٿو.

ٽيون خاڪو ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي تي آهي، جنهن مان سندس قابليت ۽ ايمانداريءَ جو ا اندازو لڳائي سگهجي ٿو. بدقسمتي اها آهي ته ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جهڙن عالمن تي سٺي نموني سان اڃا تائين ڪا به ريسرچ ڪا نه ڪئي وئي آهي. سو اسان وٽ انهن جي باري ۾ ڄاڻ جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي. چوٿون خاڪو محترم عثمان علي انصاريءَ تي آهي. اهو خاڪو ٻين جي ڀيٽ ۾ گهٽ سوادي، ۽ مٿاڇرو لڳي ٿو. ان کان پوءِ سيد ميران محمد شاه تي خاڪو آهي، جو عاليشان آهي. هن خاڪي ۾ شاه صاحب جي ڀرپور زندگيءَ جو هڪ مڪمل باب ملي ٿو. پهرين جلد جو آخري خاڪو اٽڪل سوا سو صفحن تي پکڙيل آهي، جيڪو ٻنهي جلدن ۾ وڏي ۾ وڏو خاڪو آهي. اهو آهي محترم حسام الدين راشديءَ جو خاڪو. جنهن ۾ پير صاحب جي زندگيءَ سندس ساٿين، دوستن، نجي ڳالهين، تجربن ۽ تجزين، ائين کڻي چئجي ته پير صاحب جي پوري زندگيءَ جو هڪ جائزو آهي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ان کان علاوه پير صاحب جي تصنيفن جو مختصر تعارف، سنڌي، اردو ۽ فارسي زبان جي اديبن جو ذڪر، نهايت تفصيلي نموني ۾ ڪيو ويو آهي. مصنف صفحي 274 تي ون يونٽ جي ذڪر ۾ پنجاب جو بيان ڪندي لکي ٿو ته ”سنڌ ۾ ون يونٽ جي ڪري رڻ متو پيو هو، جوشيلا جوان رات ڏينهن جلسا جلوس ڪڍندا رهندا هئا، پر لاهور ۾، وچولي طبقي جي ماڻهن ۾ ڪا پچار ئي ڪا نه هئي. کين سڄو وقت پنهنجي گذر سفر ۽ آمدني وڌائڻ جو فڪر هوندو هو“ - - اها ڳالهه رڳو تاريخ جي هڪ دور تي تبصرو نه آهي --- پنجاب جي وچولي طبقي جي سوچ جو عڪس آهي.

هڪ هنڌ پير صاحب جي حوالي سان هي مزيدار ٽوٽڪو ڏنو ويو آهي ته ”گلبرگ ۾ رهائش دوران، پير صاحب ۽ مان ڪڏهن ڪڏهن شام جو رستي تي پسار ڪندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ آمريڪا مان امن جا دستا Peace Corps ---- نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پاڪستان ۾ آيل هئا ۽ پروگرام موجب مهينن جا مهينا وڏن ماڻهن جي گهرن ۾ ٽڪيل هوندا هئا. ڊاڪٽر عبدالله چغتائي نالي پير صاحب جو هڪ دوست اڪثر ڪري اسان سان گڏ شام جو گلبرگ جي رستن تي چڪر ڏيندو هو. امريڪي ۽ پاڪستاني نوجوان جوڙن کي ڏسي، پير صاحب چوندو هو ته ”چغتائي هي نوجوان جوڙا پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ باهمي خير سگاليءَ کي فروغ ڏيڻ لاءِ سڀ فرائض سرانجام ڏيندا هوندا؟“

پير حسام الدين راشديءَ جي کلمک ۽ رنگين طبيعت جي هڪ ٻي جهلڪ رباني صاحب هيٺين طرح بيان ڪئي آهي ته ”پير صاحب پنهنجن دعوتن ۾ خوبصورت زالون به سڏيندو هو.“ (جنهن جو ٿورو گهڻو اثر پير صاحب جي وليعهد محترم حسين شاهه راشديءَ تي پڻ نظر اچي ٿو).

ڪٿي ڪٿي مصنف پنهنجن ذاتي دلچسپين جو ڏاڍو مؤثر ذڪر ڪيو آهي ---- مثلاً لاهور جي هوٽل ۾ دريءَ مان ديدار جو واقعو!

هڪ ٻئيءَ جاءِ تي مصنف پير صاحب جي سنڌ سان محبت جي جهلڪ هن طرح چٽي آهي ته ”ڪورٽ مرحوم ڀٽي صاحب کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني ته سندس پارٽيءَ جا چڱا ڀلا ماڻهو، جن کانئس ڪيئي فائدا ورتا هئا، سي چپ ٿي ويا. ڪي ٿورا اهڙا هئا، جن سندس جان بچائڻ لاءِ رحم جون اپيلون ڪيون. پير صاحب نڪي سياستدان هو ۽ نه مرحوم جي پارٽيءَ سان واسطو هئس، پر ڀٽو سنڌ جو باشندو هو، ان نسبت سان پير صاحب اپيل جاري ڪئي ۽ سرڪاري عتاب جي ڪا به پرواهه ڪا نه ڪئي. پاڻ مون کي ٻڌايائين ته خود سندس وڏو ڀاءُ به اخبار ۾ اپيل پڙهي ڇرڪي ويو. ليڪن پير صاحب لحظي لاءِ به نه لڏيو. اٽلندو پاڻ سيد صاحب وٽ سن ويو، ته تون به اپيل جاري ڪر.“

”جهڙا گل گلاب جا“ جي ٻئي جلد ۾ پهريون خاڪو شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ تي لکيل آهي. هي خاڪو پڻ واه جو آهي. سائين شيخ صاحب جي شخصيت اکين ٿي اچي. تصور ۾ جهڪي سلام ڪرڻ تي دل ٿئي ٿي. سنڌ ۾ کڻي ڪهڙا به ڪٺور دل ماڻهو ٿيا هجن، پر شيخ عبدالمجيد جهڙي شخصيت کي جنم ڏيئي سنڌ پنهنجا ڏوهه بخشائي ڇڏي ٿي. اسان وٽ تاريخ جا ڪيترائي ڪتاب ملن ٿا. تاريخي شخصيتن جو اهڙي ته بي سوادي نموني ذڪر هوندو آهي. جو پڙهندڙ کي ڪا هڙ حاصل ته ڪا نه ٿيندي آهي. ورندو مٿي ۾ سور پوندو آهي. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ تي مضمون ۽ خاڪا ٻين به سٺا لکيا آهن، پر، رباني صاحب شيخ صاحب جي شخصيت، سندس سياسي تدبر، ڏاهپ، سياڻپ، نفاست پسندي، ڏکن، تڪليفن ۽ آزمائشن جو ڏاڍو وڻندڙ ذڪر ڪيو آهي ۽ سنڌ، سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ سندس خدمتن کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو آهي. شيخ صاحب جو هڪ انٽرويو به مضمون ۾ ڏنو ويو آهي، جيڪو پڙهڻ ۽ دل سان هنڊائڻ جهڙو آهي. ------- شيخ صاحب ان ۾ فرمايو آهي ته:

”اسان غريب ماڻهون آهيون. اسان وٽ خوشي ۽ غم گڏ رهن ٿا. اهڙو ڪو خوشيءَ جو وقت ئي ڪو نه ٿو سجهي، جنهن ۾ ڪو نه ڪو غم نه هجي.“

”سنڌي مسلمان پارٽيون ڪڏهن کان سمجهڻ لڳا آهن؟ سنڌ جي سياست تي ته وڏيري جو اثر آهي.“

شيخ صاحب هي ڳالهيون اڄ کان ويهارو سال اڳ واري سياسي منظر کي خيال ۾ رکي چيون هيون، پر سنڌ جي سياست ۾ اڄ به رتيءَ جو فرق ڪونهي!

هنن خاڪن ۾ ٻيو هڪ ڀرپور خاڪو مولانا غلام محمد گراميءَ تي. گرامي صاحب سنڌ جي اديبن ۾ هڪ بلند ۽ محترم مقام واري شخصيت هئي. گرامي صاحب سنڌي ادب جي آبياري ڪئي. رت ست ڏنو، پر انهيءَ ماڻهوءَ جي زندگيءَ جا آخري ايام ڪيئن گذريا؟ اسان وٽ اڄ به ڪيترائي اهڙا اديب دوست ساڳين حالتن مان گذري رهيا آهن، پر ڪير ٿو کين پڇي؟ قلم جو ڪهڙو قدر آهي؟

ٻئي جلد ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي مولا بخش سومري، نواب نور احمد خان لغاري، مولانا غلام محمد گرامي، مولانا عبدالواحد سنڌي، ٻيڙي فقير ڪنڀر، حافظ عبدالحميد ڀٽي، رشيد ڀٽي، صديق سالڪ، ايڇ ٽي لئمبرڪ، محمد امين کوسي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاه، محمد ابراهيم جويي، شفيق الرحمان، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ غني خان تي خاڪا ڏنل آهن، جن کي پڙهڻ کان پوءِ بي اختيار پڙهندڙ مصنف سان متفق ٿئي ٿو ته ”عالمن جو اهو نسل آهي، جيڪو اسان وٽان اٿي ويو. هاڻي انهن کي ڏسڻ لاءِ اکيون سڪنديون. مٺا ماڻهو هئا، عجب انسان هئا“. (الله سائين رهيل داڻن ڪڻن کي سلامت رکي.)

هنن خاڪن لکڻ ۾ رباني صاحب نه صرف انهن شخصيتن جو ڀرپور نموني ۾ جائزو ورتو آهي، پر انهن سان گڏ مولانا عبيد الله سنڌي، مولانا ابو الڪلام آزاد جي شخصيتن تي پڻ سٺي ڄاڻ مهيا ڪئي آهي. سنڌي ادبي بورڊ کي جس هجي، جنهن هي تاريخي ڪتاب ڇپايو آهي. شايد هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ پروف جون غلطيون يا ڀُل نامو ڪونهي. البت ڪمپيوٽر جي دور ۾، هينڊ ڪمپوزنگ ڪتاب جي سونهن وڃائي ڇڏي آهي. انصاف تڏهن ٿئي ها، جڏهن سنڌ جي محسنن ۽ هيرن جهڙن املهه انسانن ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بانين جي زندگين، ڪارنامن ۽ سندس خدمتن تي لکيل هن بهترين ڪتاب کي ڪمپيوٽر تي ڪمپوز ڪرائي ڇپايو وڃي ها. ------- بحرحال جڙيءَ کي جس!

 

__*__

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org