سيڪشن؛ادب

ڪتاب: سڏ پڙاڏو

 

صفحو :4  

سون برابر سڳڙا

 

 

ادا غلام رباني

اسلام عليڪم:

سنڌي ادبي بورڊ مهرباني ڪري، اوهان جو گلن وارو ڪتاب موڪليو، اوهان جي گلن جي واڙيءَ جو سير ڪيم ۽ اوهان جا چونڊيل گل ڏٺم، جيتوڻيڪ اوهان پنهنجو وڙ ڪري، مون کي گلاب جو گل ڪو نه بنايو آهي، ته به ٻيڙي فقير جي حوالي سان جيڪي لفظ لکيا آهن، سي سچا آهن، ان انصاف لاءِ اوهان کي مبارڪ!

سچا لفظ ٿورائي هوندا آهن: پوءِ سوچجي ٿو ته جتي عبارتن جا انبار هجن، اتي سچن لفظن جو جزو الائجي ڪيترو هوندو.

اميد ته اوهان بخير هوندا.

مخلص

نبي بخش بلوچ

سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد

***

 رباني سائين!

چولي ميلي، صابن ٿولا، ڪيوين مَل مَل ڌووان”

سيني وچ داغ رانجهو دا، جيوين ڏيکان تيوين رووان!

ڪتاب “جهڙا گل گلاب جا“ وڏي جاکوڙ کان پوءِ دستياب ٿيو. هنيانءُ نپوڙيندڙ ۽ اکيون آليون ڪندڙ ڪتاب آهي. جس هجي اوهان کي جو لکي پورو ڪيو. ڪتاب جا هڪ سو ۽ اٺ صفحا مقدمي وارا ته واهه جا آهن!

سائين حسام الدين راشديءَ سان نياز مندي مولانا گراميءَ جي آفيس ۾ ٿي. مولانا گرامي گهٽ عالم ڪو نه هو. مون سندس جهڙا سير چشم مولوي گهٽ ڏٺا آهن. ڪم از ڪم مون ته کيس ائين محسوس ڪيو.

سائين غلام مصطفيٰ شاهه سان ڊويزنل ڪائونسل خيرپور ۾ سال اڌ گڏ هوس. اوهان سندس ”Yes“ ته ڪتاب ۾ ڄاڻائي آهي، پر سندس ”السلام عليڪم“ چيائين ته ڄڻ کيس اهو حڪم ٿيو  ته ”هليو وڃ!“

علامه قاسميءَ سان پيچ پيل آهن. هڪ دفعي سندس بيماريءَ جو ٻُڌي هتان ٺل (ضلعي جيڪب آباد) نڪري پيس. مغرب مهل سڌو سندس گهر حيدرآباد وڃي پهتس، سندس فرزند سمجهيو ته ڪو پرو چانڊيو آهيان. مولوي صاحب سان ملڻ ڪو نه ڏنائين، نڪي مولوي صاحب کي ڪا سُڌ پئي، ته مان جيڪب آباد مان ڪهي آيو آهيان، لاچار رات جو سٽي گيٽ هوٽل“ ۾ رهي اسر مهل اٿي، واپس ٺل روانو ٿيس.

حاجي مولا بخش سومرو صاحب، هڪ دفعي روجهاڻ جماليءَ ۾ گڏيو. رحيم بخش مون کي پنهنجي موٽر ۾ ويهاريو. جيڪب آباد تائين گڏ آياسين. حاجي صاحب کان مڃايم ته ”ڀُٽو سنڌ لاءِ سٺو آهي.“ حاجي صاحب فرمايو ته ”هيءَ تسبيح هٿ ۾ اٿم ۽ زبان تي وظيفو ته اها ڳالهه ڪريان ٿو“. هن اهو به چيو ته ”تون شينهن جو ڀاءُ آهين. ٻروچ بهادر آهن، بلوچستان جا ٻروچ وڙهي رهيا آهن. حقن لاءِ کين سبق ڪنهن نه ڏنو آهي!“

رحيم بخش، شهيد جو پُٽ آهي. دوستي جو ڏاڍو پڪو، پر سندس واعدي تي هروڀرو اعتبار به نه ڪجي.

مولانا عبيد الله سنڌي جرمني ويو هو، ته وري هتي پهچي سباش چندر بوس کي هٽلر ڏانهن موڪلڻ ۾ پڻ سندس ڪارفرمائي هئي. حضرت امين الملت تي اوستي محمد ۾ خوني حملو ٿيو هو ته سباش چندر پوس جيڪب آباد ۾ موجود هو. بلوچستان حڪومت کيس اوستي محمد نه ڇڏيو هو. سباش چندر بوس کي بارکان روڊ کان ڪوئيٽا – زاهدان صرف پهچائڻ ۾، حضرت امين الملت ئي سندس رهنما ۽ هم سفر هو. آزاد هند فوج ئي هندستان جي آزادي لاءِ هر اول دستو هو. گويا ريشمي رومال تحريڪ وارو ساڳيو ڪم دوباره سالن پڄاڻان مولانا سنڌيءَ سباش کان ورتو. مولانا ابو الڪلام آزاد اشارتاً اهو ذڪر پنهنجي ڪنهن خط ۾ ڪيو آهي.

پاڻ (محمد امين کوسي) سوين صفحا ”منهنجا ليڊر رباني“ ڪري اوهان کي لکيائون. اُهي هتي ارڙنهن ورهيه ته لاهور ۾ سنڀاري رکيم، اڳتي الائي ڇا ٿيندو.(اڏوهي به پئي ڦري) رهيو ته اتي روزا رکي وقت ٽپايائين. پيسا آيا، ته کيس موڪليندو هوس. ڪراچيءَ ۾ هڪ دفعو 1954ع ۾ پورو مهينو فقط هڪ چولي ۾ گذاريائين. اهو به ڦاٽل! مٿان شيروانيون پائي پئي هليو. هتان پئسن جو بندوبست ڪري موڪليندو هوس، ته پوءِ دسترخوان به وسيع، ته ٻيا ڪم به دُرست! ٺل کان عزيز آباد ڏهه ميل آهي. انهيءَ رستي سان پوليس سندس جنازي کي سلاميون ڏنيون. اها پوليس گورنر بگٽيءَ لاءِ اڳواٽ بيٺل هئي.

رباني سائين! ڪنهن سان ويهي روح رهاڻ ڪجي؟ ڪتاب پڙهڻ لاءِ به دماغ ۽ اکين کي طاقت جي گهرج آهي. هاڻي چراغ سحري آهيان، ڄاڻ وسامي ويندس. منهنجي اولاد مان ڪو به اهڙو ڪو نه جُڙيو جو “آستان امين الملت“ جي ٻُهاري برداري ڪري.

مون هڪ سئو ماڻهن جي باري ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪري ڪتاب جوڙيو آهي. مگر ڇاپڻ وارو ڪونهي! نڪي هتي ڪو بندوبست ٿي سگهي ٿو. هي عاجز پنهنجي آقا ۽ مُربي (محمد امين خان کوسي مرحوم) جو ته رازدان آهي. مگر کوسا قبيلي ۾ آخري ماڻهو آهي، جنهن وٽ قوم جي تاريخ سيني اندر محفوظ آهي. ڪتاب لکڻ جي ڪوشش ڪيم. مگر ڇاپي ڪير؟ کوسا قوم جو تاريخي تذڪرو مراد ڪهيريءَ کان وٺي ياد اٿم. ڪن وڏڙن ۽ مشاهيرن ۽ مٿيرن جي مزارن جي به خبر اٿم.

تاريخي واقعن جي ڄاڻ رکڻ جي ضرورت هاڻي ڪنهن کي به ڪانهي. ڪنهن کي به ڪتابن پڙهڻ جو شوق ڪونهي. ڪيترا ماڻهو آهن. جن کي خود اوهان جي ڪتاب جي ڇپجڻ جي به خبر ڪانهي ---- سنڌ ۾ ڏاڍو ڪو نٺر ماڻهوءَ جو دورو آيو آهي!

اوهان جي ڪتاب مون کي بيحد متاثر ڪيو آهي. خدا اوهان کي سلامت رکي ---- في امان الله!

دعاگو

نظام الدين کوسو

*****

 

محترم سائين

سنڌي ادب ۾ ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب جي اهميت ته پنهنجي جاءِ تي هڪ مڃيل حقيقت آهي، پر منهنجي لاءِ اهو ڪتاب هڪ بي بها خزانو آهي.

هر ماڻهو چاهيندو آهي ته پنهنجين آئيڊيل شخصيتن بابت گهڻي کان گهڻو ڄاڻي. سو، منهنجي به اها خواهش آهي ته پنهنجي پسنديده شخصيتن جي زندگين بابت ڄاڻ حاصل ڪريان ۽ ان جو مقصد پنهنجيءَ زندگيءَ سڌارڻ ۽ بهتر بنائڻ آهي. منهنجي آئيڊيل شخصيتن ۾ توهان سان گڏ ذوالفقار علي ڀٽو، فيض احمد فيض ۽ پير حسام الدين راشدي آهن.

هي ڪتاب ٻين مشاهيرن جي تذڪري سان گڏوگڏ، توهان جي پنهنجي سوانح عمري به آهي. ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ توهان جي سڄي زندگي اکين اڳيان روشن ٿي بيهي ٿي. توهان جنهن به شخصيت تي لکيو آهي، سو گهڻو ڪري پنهنجي حوالي سان لکيو آهي. يعني توهان سان سندس ڪيترو تعلق رهيو. توهان جي ساڻس لاڳاپي جي ذڪر سان گڏوگڏ، سندس شخصيت جا ڪيترا پهلو به واضح ٿيندا ويا آهن ۽ سندس مزاج، سوچ ۽ ڪردار جي هڪ چٽي تصوير سامهون اچي ٿي.

هڪڙيءَ ڳالهه جي ڪمي محسوس ٿي، سا هيءَ ته انهن شخصيتن مان ڪن جي زندگي جا معاشي پهلو ظاهر نه ٿي سگهيا آهن. مثلاً علامه آءِ آءِ قاضي ضرور ڪنهن خوشحال گهراڻي ۾ پيدا ٿيو هوندو، تنهن ڪري ئي هو لنڊن پڙهڻ لاءِ وڃي سگهيو ۽ اتي گهڻو وقت به رهيو. پير حسام الدين راشدي ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ رهندو هو ۽ خوشحال زندگي گذاريندو هو،. ته سندس آمدنيءَ جو ذريعو ڪتابن جي معاوضي کان سواءِ ڪو ٻيو به هوندو.

ڪتاب پڙهندي ڪي ڳالهيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جن کي منهنجو ننڍڙو دماغ مڃڻ لاءِ تيار ناهي. مثال طور: حڪيم بصر الدين وارو قصو، جنهن ۾ قلندر شهباز جي روح سان سندس ملاقات جو ذڪر آهي. جيڪڏهن دنيا جا مسئلا بزرگن جي دعائن سان حل ٿي وڃن ها، ته ماڻهو کي ٻي ڪا تڪليف ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪا نه پوي.

ٻي ڳالهه نظر لڳڻ واري آهي. ٿي سگهي ٿو ماڻهوءَ جي نظر جي لهرن ۾ ڪجهه طاقت هجي، پر ان جو واسطو ماڻهو جي تقدير يا سندس مستقبل سان ٿي نٿو سگهي. مون نفسيات جي هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو هڪ واقعي کان پوءِ فوراً ڪنهن ٻئي واقعي سان واسطو پوي ٿو ته هو ٻئي واقعي کي پهرين واقعي جو نتيجو سمجهي ويهي ٿو. توڙي جو ٻنهي واقعن جو پاڻ ۾ ڪو تعلق ڪو نه هوندو آهي. انگريزيءَ ۾ ان کي False Causation ڪوٺيندا آهن.

سڄي ڪتاب ۾ جيڪي خاڪا مون کي سڀ کان وڌيڪ وڻيا، سي پير حسام الدين راشدي، رشيد ڀٽي ۽ صديق سالڪ وارا آهن. ته اُهي ٻئي توهان جا حقيقي دوست هئا. تنهن ڪري مٿس مضمون لکڻ وقت محبت، سڪ، خلوص ۽ نيڪي انهن مضمونن ۾ ڄڻ ته پيٽجي پيئي آهي. ٽنهي مضمونن مان ڪيڏو نه قرب ۽ خلوص ظاهر ٿئي ٿو! هونئن ته سڀ خاڪا لکڻ وقت توهان سٺي معلومات جو سهڻيءَ ٻوليءَ ۾ اظهار ڪيو آهي. پر، سڄي ڪتاب جو سينگار ۽ توهان جي علم ۽ ڏاهپ جو تت ڪتاب جي مقدمي ۾ سمايل آهي.

مقدمي ۾ توهان انسان ۽ ڪائنات جي حقيقت جي باري ۾ ڏاڍي ڪارائتي ۽ وڻندڙ معلومات ڏني آهي. انسان جي ڪردار ۽ شخصيت تي ڪهڙين ڳالهين جو اثر ٿئي ٿو؟ انسان جي عمل جا محرڪ ڪهڙا آهن؟ خدا بابت انسانن جو تصور ڪهڙو آهي؟ انسانن جا پاڻ ۾ تعلقات ڪهڙين ڳالهين تي منحصر آهن؟ ان جهڙن ٻين ڪيترن سوالن جا جواب مقدمي ۾ ملن ٿا. انهن موضوعن تي ان قسم جي معلومات مون اڳ ۾ ڪٿي به ڪا نه پڙهي آهي. خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ ته انهن موضوعن تي نه هئڻ برابر مواد آهي. منهنجي خيال ۾ سنڌي زبان ۾ اهو بلڪل نئون ۽ صحتمند قدم آهي.

مقدمي ۾، توڙي سڄي ڪتاب ۾، جيڪا ڳالهه مون کي ڏاڍي وڻي، سا توهان جو مذهبي رواداري وارو رويو آهي. توهان جتي حضرت محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جو ذڪر ڪيو آهي ته اتي عيسيٰ، گوتم، زرتشت ۽ گرو نانڪ جو ذڪر به ساڳي ئي ادب ۽ احترام سان آندو آهي.

توهان مقدمي جي شروعات ۾ رام لڇمڻ جي ڳالهه سان ڪئي آهي ۽ پنهنجي والد محترم جي دوستن مسٽر پرچارام ۽ ڪاڪي گني مل جو ذڪر جنهن سڪ ۽ محبت سان ڪيو آهي. سو ڏاڍو وڻيو. ان حوالي سان ڪتاب ۾ هڪ ڪمي به محسوس ٿيم. سا هيءَ ته پنهنجي ڪنهن هندو دوست تي به مضمون لکو ها. مثلاً سوڀي گيانچنداڻي ۽ حشو ڪيولراماڻي تي. مون کي ان ڳالهه جي ڪمي شدت سان محسوس ٿي. جڏهن سوڀي متعلق توهان جو هڪ جملو پڙهيم، ته دل ڏاڍي خوش ٿي. مان سمجهان ٿو ته اهو هڪ ئي جملو ايترو ته پيارو ۽ جامع آهي جو سڄي مضمون تي ڀاري آهي:

”پر، سنڌي مائرن سوڀي جهڙا سدورا پٽ ڪل گهڻا ڄڻيا آهن؟“

توهان مقدمي ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”پنهنجيءَ قسمت ۾ رڳو رڃ ۽ اڃ جو سفر لکيل هو ... رڻ ۾ پنجاهه ورهيه پنڌ ڪري پيرن ۾ لڦون پئجي ويون، پر نه ملير مليو ۽ نه اها مُند موٽي، جنهن ۾ ڏکن جا ڏينهن کٽندا آهن.“

توهان کي اها شڪايت نه ڪرڻ کپي. توهان حقيقي معنيٰ ۾ هڪ ڪامياب زندگي گذاري آهي. دنيا ۾ ڪيترا اهڙا وڏا ليکڪ ٿيا آهن، جن مفلسيءَ ۾ زندگي گذاري ۽ ڪيترا اهڙا ڪروڙ پتي آهن، جن جو نشان به مٽجي ويو. انهن صرف پئسو ڪمايو ۽ ڪمائي مري ويا. ڪامياب ماڻهو اهو آهي جيڪو معاشي طور تي به خوش هجي، ته اعليٰ مقصدن لاءِ ڪوشش به ڪندو رهي --- پنهنجي پٺيان اعليٰ ڪم ۽ ڪردار جي ڪري نالو به ڇڏي وڃي ----  توهان اهي ٻئي ڳالهيون حاصل ڪري ورتيون آهن. ادب جي ميدان ۾ توهان جو هڪ اعليٰ مقام آهي. سنڌي افساني جو ذڪر توهان جي ذڪر کانسواءِ نامڪمل آهي، نه صرف ذڪر، پر سنڌي افساني کي نئون موڙ ڏيڻ ۾ توهان جو هٿ آهي. سنڌي ادبي بورڊ جو جڏهن به ذڪر ٿيندو ته ان ۾ توهان جو نالو وڏي احترام سان ورتو ويندو. اڪيڊمي آف ليٽرس جو تذڪرو اڌرو رهندو، جيڪڏهن ان ۾ توهان جو ذڪر نه ايندو. --- خود هي ڪتاب به هميشه قائم رهڻ وارو ڪارنامو آهي.

توهان کي دنيا ۾ تمام وڏن سٺن ماڻهن جي صحبت، محبت ۽ سنگت نصيب ٿي. ملڪ اندر توڙي ٻاهر ڪيترن اديبن ۽ عالمن سان توهان جا سٺا تعلقات آهن. توهان تمام ننڍي عمر ۾ عملي زندگيءَ ۾ داخل ٿيا ۽ مسلسل سرگرم زندگي گذاري. ان کان وڌيڪ ته ڪامياب ماڻهو ٿي نٿو سگهي. جڏهن ته ان شخص جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو هجي، سو رڳو پنهنجين لياقتن، صلاحيتن ۽ قوتن جي آڌار تي ڪيو هجي!

مان توهان جي زندگيءَ کي هڪ ڪامياب زندگي سمجهان ٿو. توهان جي شخصيت منهنجي لاءِ هميشه اتساهه جو باعث رهندي. جيئن ”غبارِ خاطر“ توهان جي من جي مونجهه لاهيندو آهي، تيئن ”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب منهنجي دل جي سڪون جو هڪ بي مثل نسخو آهي.

ذوالفقار علي شاهه، گهوٽڪي.

*****

جيءَ جا جاني

سائين رباني

گهڻو ڪجهه پڙهيو اٿم. پر، لئبرري ۾ آيل تازو ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ حصو پهريون ڪالهه يعني 1-8-1992ع تي پورو ڪيم.

ڪتاب لڳاتار پڙهندي، ڪيترا ڀيرا روئندو رهيس. هڪ ته عظيم انسانن جو تذڪرو، نئين انداز سان پڙهندي. ايمان ۽ عشق تازو ٿيو. ٻيو وري هن قسم جو “مقدمو“ جنهن ۾ هڪ هڪ لفظ سٽ، جملو ۽ ڳالهه ۾ ڳالهه جو انداز انسان جي حياتي کي اوجارڻ وارو هجي، ۽ ”پاڻ – سُڃاڻن“ واري فلسفي جو بيمثال سبق ڏنل هجي.

اهائي ڳالهه هئي، جنهن اڌما جاڳايا ته توهان کي ملي ته نٿو سگهان، پر، هن خط وسيلي ڪا نيازمندي ۽ سلام خدمت ۾ آڇيان ته پوءِ ----- ”مان منهنجي ڪا، سڳر ۾ سارَ ٿئي.“

سائين، آئون اوهان جي بابا سائينءَ جي ڪيڙيل ۽ سڌاريل استادن مان آهيان. اسان مومن پبليڪيشن پاران ”ساهتيءَ جا عظيم استاد“ ڪتاب ۾ اوهان جي بابا سائينءَ جو احوال، پنهنجي وت ۽ معلومات آهر قلمبند ڪيو آهي. ڪتاب پريس ۾ آهي. البت اخبار تعليم ماه مئي ۽ جُون 1991ع ۾ صفحه 23 کان 29 تائين پياري استاد سائين عبداللطيف آگري جو احوال ڇاپيو ويو آهي.

هو عظيم انسان جيڪي درس ڏئي ويو، سي اسان لاءِ مشعل راهه آهن. مان سندن زبردست ملازم (استاد) ٿي رهيس. سندن هر ڳالهه مثالي هئي ۽ انفرادي. سندن مان تمام مٿاهون هو. اڄ سندن زندگيءَ بابت سندن لائق ۽ فائق فرزند ارجمند جيڪو احوال ڏنو اهي، تنهن وري ويتر اندر اُجاري ڇڏيو.

سائين رباني! اوهان جي عهدي نه، مگر اوهان جي ڪتاب ۽ ان جي اسلوب بيان مون تي ايترو اثر ڇڏيو، جو ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳايو ته مان تمام گمنام ماڻهو به اوهان جي فياضيءَ ۾ اميدوار ٿي، ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو. مون کي اميد آهي ته

جانب تون جيڏو آهين شان شعور سين

مون سين ڪر منهنجا پرين، توه تُسي تيڏو

اي ڪامل! ڪيڏو، جو نوازيم نگاهه سين.

والسلام – حق موجود

محمد بخش حافظ

 

*****

 

محترم غلام رباني آگرا صاحب!

اسلام عليڪم:

”جهڙا گل گلاب جا“ ٻئي جلد پڙهي پورا ڪيم. ڪتاب مجموعي طور سٺو آهي. سنڌ ۽ سنڌين بابت ۽ مستقبل جي محقق لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو. منهنجي خيال ۾ ان نالي سان ٻيا جلد به اچڻ گهرجن. سائين جي ايم سيد ۽ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو تي به قلم کڻو. اهو اوهان جو قومي فرض آهي.

هر غيرت مند ۽ باشعور سنڌي آزار ۾ آهي. سنڌ ڦرجندي ۽ لٽجندي ڏسندي، هر هڪ باهه ۾ پچي ٿو. اڳ هڪ ٻه اغوا ٿيندا هئا. هاڻي ڌاڙيل ماڻهن کي ائين هڪليو پيا وڃن، جيئن ڌنار رڍن ۽ ٻڪرين کي يعني ڌڻن جي صورت ۾. هاڻي اسان کي ٻن شين جي سخت ضرورت آهي: هڪ اخلاق ٻيو هٿيار، ليڪن هٿيار فقط بااخلاق ماڻهن وٽ بچاءُ لاءِ هجن. اسان جيڪو ڀوڳي رهيا آهيون، سو پنهنجي بداخلاقيءَ جو اُجورو آهي. بداخلاقي ليڊرن ۾ آهي. لوڙيون اسان سڀ ٿا. توهان مهاڳ ۾ اخلاق بابت لکيو آهي. اهو ڏاڍو وڻيو.

ڪتاب متعلق چند مشورا عرض ڪري رهيو آهيان. اميد ته انهن تي غور ڪندا:

مولانا عبدالله بابت لکيو اٿو ته مفتي اعظم فلسطين سان گڏجي جرمنيءَ ويو هو ۽ هٽلر سان ملي کيس يهودين جي قتل عام جي صلاح ڏني هئائين.

سائين! ٻئي ڇاپي ۾ اهو جملو ڪڍرائي ڇڏجو، ڇو ته مولانا عبيد الله سنڌي فقير منش ماڻهو هو. هو ائين ڪري نه ٿو سگهي. الائي ڇو ان جملي ڏکوئي وڌو ۽ خط لکڻ جو جواز پيدا ڪيو.

ٻيو مشور هي آهي ته ڪتاب ۾ ڪافي فارسي شعر آهن. جيڪڏهن انهنجو ترجمو ڏنل هجي ها ته مکڻ ماکيءَ وارو ڪم ٿئي ها. هونءَ به توهان ڄاڻو ٿا ته فارسي ڄاڻڻ وارا رهيا ئي ڪيترا آهن.

منگي سجاد

سنڌ بڪ اسٽال، نئون ديرو.

*****

 

محترم غلام رباني صاحب

اسلام عليڪم:

گذارش آهي ته چار سال کن ٿيا. جو بورڊ مان اوهان جي نگرانيءَ ۾ شايع ٿيل رسالي ”مهراڻ“ جي ”حسام الدين راشدي نمبر“ جي ڪاپي هٿ آئي. پڙهي موصوف جي شخصيت جو عقيدتمند بڻجي ويس. سندس شخصيت جو مداح انهيءَ ڪري به جو سائينءَ سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ظالمن کي ننگو ڪيو آهي. انهيءَ ڪارنامي ڪري، سنڌ ۽ سنڌين جو مٿس سلام رهندو.

مون پهچ سارو سندس سڀ ڪتاب هٿ ڪيا. هڪ ڏينهن وڃي قاسمي صاحب ۽ جويي صاحب سان مليس. جويي صاحب لاکي صاحب کي گهرائي ملاقات ڪرائي ۽ سندس حوالي ڪيائين. همراهه نڀائيندو اچي. پير صاحب ۽ ڪتابن بابت ڳالهيون ٻڌائيندو، منهنجو ايمان تازو ڪندو آهي.

ڪجهه ڏينهن ٿيا جو ٿر کان حيدرآباد اچڻ ٿيو. بڪ اسٽال جي مئنيجر صاحب چيو ته آگري صاحب جو ڪتاب آيو آهي. ڪتاب پڙهيم ته پير حسام الدين راشديءَ تي مضمون پڙهي روئي ڏنم.

ڳالهه مان ڳالهه ڪرڻ جو ڏاڍو ڍنگ اٿوَ. ٻولي ڏاڍي پياري آهي. حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ تي مضمون پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي.

شال خوش هجو

اشرف سمون

اسلام ڪوٽ، مٺي، ٿرپارڪر.

******

 

”جهڙا گل گلاب جا“ ڪتاب، سنڌ جي مشاهيرن ۽ عالمن جو هڪ اهڙو تاريخي تذڪرو آهي، جنهن جي وسيلي اسان جي نئين نسل کي چڱيءَ طرح ڄاڻ حاصل ٿي سگهندي، ته سنڌ ڪهڙن مڻيادار موتين کي جنم ڏنو. جن پنهنجي جوت ۽ جلا سان جڳ کي جرڪايو. سنڌ جي عالمن ۽ سنڌي سماج جي اڏاوت ۾ مکيه حصو وٺندڙ دانشورن جي سوانح ۽ ڪارنامن تي مشتمل هي ڪتاب مون کي يقين آهي ته اسان جي ايندڙ نسل کي اتساهه ڏيندو. سبق ڏيندو ۽ رهبري بخشيندو.

محترم غلام رباني آگرو، سنڌ جو برک دانشور ۽ ممتاز ليکڪ آهي، سندس لکت ۾ قدرت عجب ڪشش ۽ شيريني رکي آهي، سندس اندازِ بيان دل کي وڻندڙ آهي. رباني صاحب پنهنجن عمعصر عالمن جو هي تذڪرو لکي، سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي.

ادب ۾ سوانحي خاڪن جي جيڪا اهميت آهي، ان کي نظر انداز ڪري نٿو سگهجي. رباني صاحب، سنڌ جي سپوتن جي سوانحي نقطن ۽ علمي ڪارڪنامن کي اجاگر ڪري، هڪ وڏي فرض ادائي ڪئي آهي. علامه آءِ آءِ قاضيءَ کان وٺي غني خان تائين. سڀئي مضمون نهايت اثر انگيز ۽ دل لڀائيندڙ آهن. خاص ڪري پير حسام الدين شاه راشديءَ تي سندس مظمون مون کي ڏاڍو وڻيو. آءٌ رباني صاحب کي اهڙي شاندار ڪتاب لکڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو.

قاضي محمد اعظم، هالا پراڻا.

 

*****

 

مربي ڀاءُ غلام رباني آگرا صاحب!

خوش هجو شال

السلام عليڪم،

ادا تازو مون کي اوهان جو ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ پڙهڻ جو موقعو مليو. ڪتاب جي تعريف لاءِ مون وٽ ڪي به لفظ ڪونهن. بس، اهو ئي چوندس ته سنڌي ادب جو هي هڪ انتهائي شاندار ۽ عظيم ڪتاب آهي. ڪتاب جي پڙهڻ مان اهو احساس چٽو نظر آيم ته، اوهان هڪ حساس دل، شفيق ۽ مهربان انسان آهيو. اوهان جي شخصي زندگيءَ جي جهلڪ، هن ڪتاب ۾ نمايان نظر آئي.

پر، ان ڳالهه جو به احساس ٿيم ته، اوهان جي دوستي هميشه وڏن ماڻهن سان رهي آهي، غريب غربي جي ياريءَ کان اوهان شايد لنوايو آهي. پوءِ مون سوچيو ته مان صفا غريب آهيان. اسان سان اوهان دوستي ڪيئن رکندؤ!

ڪٿي مهر علي، ڪٿي تيري ثنا.

گستاخ اکيان ڪٿي جا لڙيان.

پر پوءِ به اوهان لاءِ دل مان هميشه دعائون نڪرنديون آهن. مون کي ته اهو احساس به آهي ته اوهان منهنجي ڀاءُ حسين شاه راشديءَ جا تمام گهرا دوست آهيو. ادا حسين شاه جڏهن به مون وٽ ايندو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اوهان جو ذڪر ضرور نڪرندو آهي. خدا ڪري ته اوهان گلاب جي گلن جيان ٻهڪندا رهو!

امام الدين راشدي، لاڙڪاڻو

*****

 

محترم و مڪرم، سائين غلام رباني آگرا صاحب

السلام عليڪم

الله ڪري جو اوهان هر طرح بخير و عافيت هجو.

گذريل مهيني هڪڙي دوست کان اوهان جو ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ مليو. يقين ڪريو ته جيستائين ٻئي جلد پڙهي ختم نه ڪيم، تيستائين آرام ڪو نه آيو. اڄ رات، نائين وڳي مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي تي لکيل مضمون پڙهي ٻيو جلد پورو ڪري ڇڏيم ----- ”گاسليٽي ڪامريڊ“ وارو محاورو ڏاڍو وڻيو. اوهان پنهنجي حقيقي راءِ بنا رک رکاءَ جي ڏيئي، هڪ ته تاريخي ڳالهيون ۽ حقيقتون محفوظ ڪري ڇڏيون آهن ۽ ٻيو ته ڪري پنهنجا تجربا ۽ خيالات بيان ڪري اسان جهڙن ڪورن لاءِ رستي ڳولڻ واسطي روشني ڪري ڇڏي آهي.

الله سائين، اوهان ۽ اسان سڀني تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي.

والسلام

دعائن جو طالب

عبدالقدير ڪاڃون

*****

 

 

 

 

 

محترم ڀاءُ

السلام عليڪم

اوهان جي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جو مقدمو پڙهي هينئر بس ڪيو اٿم ۽ دل خط لکڻ تي مجبور ٿي آهي.

مقدمو پنهنجي ليکي خود هڪ ”ڪتاب الاخلاق“ آهي، جنهن ۾ قرآن ۽ حديث سان گڏ دنيا جي مشرقي ۽ مغربي مفڪرن جا دل کي ڇهندڙ ۽ جيءُ جاڳائيندڙ قول ۽ مشاهدا آهن. خدا ٿو ڄاڻي هن مقدمي ۾ اوهان مطالعي ۽ مشاهدي جا واهڙ وهائي ڇڏيا آهن.

خدا ۽ رسول ﷺ جي عظمت سان گڏ، اوهان اخلاق تي زور ڏنو آهي. هن ڪائنات ۾ انسان جو جوهر آهي ئي اخلاق ۾ سمايل.

ڪتاب ۾ اڳتي ڇا هوندو؟ بس هڪ باضمير انسان لاءِ مقدمو ئي ڪافي آهي ----- “ڪيس ناءَ نهال، پسڻ تان پري رهيو!“

ويجهو هجو، ته اوهان جي قلم کي اکين تي رکي، چمجي، جو اوهان ان سان اهڙا موتي پنن تي پکيڙيا آهن. اوهان جي علمي عظمت کي سلام آهي.

عبدالرسول قادري

سڪرنڊ – سنڌ

******

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org