پروليءَ جو سماجي ڪارج
هيتريءَ لکڻ پڄاڻان هاڻي اسان لاءِ اهو مشڪل نه آهي ته اسان
پروليءَ جو سماجي ڪارج مقرر ڪري سگهون. هن باري ۾
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جو اڀياس به قابل قدر آهي، پر
هاڻي ڇاڪاڻ ته اسان پروليءَ جي بحث کي گهڻو اڳتي
وٺي ويا آهيون، اسان پروليءَ جي سماجي ڪارجن کي به
سڌاري سان لکي ٿا سگهون. پروليءَ جا سماجي ڪارج
هيٺ اچن ٿا:
پرولي معنيٰ ۽ لفظن جي هڪ مشق آهي، جنهن جي مدد سان اسان ٻولي
اسڪولن کان ٻاهر ۽ سماج ۾ سکون ٿا.
پرولي منظوم شڪل ۽ موسيقيت واريءَ حالت ۾ ٻوليءَ کي لطافت ڏئي
ٿي.
پرولي ٻوليءَ جي لغت ڏئي ٿي.
پرولي وندر ۽ ورونهه جو سامان ڏئي ٿي.
پرولي اخلاق جا آداب ۽ نقطا سيکاري ٿي.
پرولي شين جي تصوراتي حقيقتن ڏانهن اشارو ڪري ٿي.
پروليءَ ٻوليءَ جي اهڃاڻ ٺاهڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
پرولي ڳالهه ٻولهه ۽ گفتار جي چاشني ڏئي ٿي.
پرولي ٻار جو تلفظ ۽ ٻوليءَ جي رواني مقرر ڪري ٿي.
پرولي عقل جا نقطا ۽ سماجي قدر سمجهائي ٿي.
هن طرح ڏٺو ويندو ته پرولي سنڌي سماج ۾ هڪ وڏو ڪم ڪري رهي آهي.
پر وڏي ڳالهه ته پروليءَ جي اڀياس مان معلوم ٿو
ٿئي ته اسان جو پرولي دان ۽ پرولي ساز نه رڳو سماج
جو خدمتگار آهي پر هر ٻوليءَ جو پرچارڪ ۽ مبلغ به
آهي. هيءَ ڳالهه اسان جي لوڪ ادب جي ترقيءَ جو وڏو
سبب بڻجي ٿي.
پرولي ۽ ادا
(Style or Presentation)
پروليءَ جي سڄي اڀياس ۾ جيڪي لفظي سٽائون اچن ٿيون، اهي اسان
لاءِ ڏاڍيون اهم آهن. پر اڃا به وڌيڪ اهم اهو
انداز ۽ اها ادا آهي، جنهن سان اسان پرولي ڏيون ٿا
۽ کوليون ٿا.
لفظي سٽائن
(Word Series)
جي باري ۾ ڏٺو ويندو ته معلوم ٿيندو ته ڪٿي ”هيئن
ته هيئن“ يا ”متان هيئن ته هيئن!“ اچي ٿو.
جيئن، ”ادا“! هيئن ته هيئن، هيئن ته هيئن (نمبر 1059).
اهڙيءَ ريت ”متان تڏهن-“
متان تڏهن ماريو ويٺو آهي (1062).
ڪهو چيلا ڪيا....... (نمبر 1160)
ڪهو چيلا ڪس......(نمبر 1161)
هنن لفظن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو ڌيان ڪونه ڇڪايو آهي، ڇو ته هي لفظ
پروليءَ جي سماجي ڪارج ۽ اسان جي مخصوص ادبي نظريي
سان تعلق رکن ٿا، جن ڳالهين تي اسان کان اڳ ڪونه
سوچيو ويو هو.
مٿي آيل مثالن مان معلوم ٿئي ٿو ته ته پروليءَ جو اصل روح
انهيءَ ٽيڪنيڪ ۾ آهي، جنهن کي ادبي طريقن ۾ ادا يا
انداز چئي ٿو سگهجي. هيءَ ٽيڪنيڪ ادب جي خيال کان
هڪل ڪندڙ
(Challenging)
آهي.
پر هن تڪنيڪ جي اڃا به وڏي ڳالهه اها آهي، جيڪا ادا ۾ موجود
آهي. هيءَ ادا اها شيءِ آهي، جنهن کي اسان لفظن ۾
آڻي ئي نه ٿا سگهون. هن جو اندازو صرف ان وقت ڪري
ٿو سگهجي، جنهن وقت اسان ڏسون ٿا ته ڪو پروليدان
ڪيئن ٿو پرلي ڏئي، ۽ ڪو پروليدان ڪيئن ٿو پرولي
کولي.
هن ادا جو تعلق مشادي ۽ احساس سان آهي. اهو ئي سبب آهي، جو اسان
پنهنجي ادب جي نظريي ۽ ادا يا انداز کي درگذر ڪري
ئي نه ٿا سگهون.
سماجي تاريخ ۽ سگهڙپائيءَ جا ٻول
سماجي ڪارج جي خيال کان سگهڙپائيءَ جا ٻول، سماج ۾ اندر ۽ موجود
ڪم ڪندڙ وٿن
(Values)
جو ذڪر ڪن ٿا. هن طرح هي ٻول سماجي نقصان ۽ ٽوٽي،
سماجي نڀاڳ ۽ اڀاڳ، سماجي خرابين ۽ مسئلن طرف
اشارو ڪن ٿا.
سماجي خرابين جي ذڪر جي باري ۾ ۽ سماجي مسئلن جي ذڪر جي باري ۾،
ٻول نمبر 1211 کان وٺي ٻول نمبر 1292 تائين سڀ،
ڪنهن نه ڪنهن عاقلاڻي نقطي، انساني ڪمزوريءَ ۽
معاشي ابتريءَ ڏانهن اشارو ڪن ٿا.
معاشي ابتريءَ جي باري ۾، ٻول نمبر 186 ٻڌائي ٿو ته ”...... اهي
ستئي سدا سکيا رهن.“ هن طرح اسان جو سگهڙ ڪن
آسماني آفتن جهڙو مينهن، باهه، بيماري ۽ موت سان
گڏ ڪي زميني ۽ انساني آفتون به ڳڻائي ٿو. اهي
آفتون آهن نفس، راجا (ڪمزور عدالتي نظام)، نيڻ ۽
ٺار.
اهڙيءَ ريت ”ستئي سور“، ”آٺ ئي.......“ ۽ ”نو ئي......“ وارا
لفظي سرشتا به سماجي زندگيءَ جو هڪ خاڪو پيش ڪن
ٿا، جن جي بنياد تي اسان پنهنجي سماجي تاريخ لکي ۽
سمجهائي سگهون ٿا.
پروليءَ جي روايت
ادبي روايتن جي خيال کان پروليءَ کي هڪ روايت ته چئي ٿو سگهجي.
پر انهيءَ ڳالهه جو فيصلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته
پروليءَ جي روايت ادب جي ڪهڙي روايت آهي.
هن باري ۾ جيڪي ڏکيائيون آهن، سي هي آهن.
پروليءَ جي ڪتاب ۾، تمام گهڻين صنفن جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ سٽا يا
ڪارج جي خيال کان اهي صنفون ڪي قدر مختلف آهن.
ڪتاب جي مهاڳ ۾ پروليءَ جو تلق لغز، چيستان ۽ پارسي (جيئن حاصل
فقير وسائيپوٽي جي پروليءَ ۾ آهي) سان ڏيکاريو ويو
آهي، جيڪي مقامي صنفون ڪونه آهن.
ٻوليءَ جو تعلق پهيليءَ سان ڏيکاريو ويو آهي، پر
اهو ڪونه ڏيکاريو ويو آهي ته، فني خيال کان يا
سٽاءُ جي خيال کان، پروليءَ ۽ پهيليءَ جو پاڻ ۾
ڪهڙو تعلق آهي.
اهڙيءَ ريت، انگريزيءَ جي لفظ رڊل
(Riddle)
جي باري ۾ به، مثالن کان سواءِ اهو چيو ويو آهي ته
ان جو تعلق لغز ۽ چيستان سان آهي، ۽ وري سنڌ جي
علمي حلقن ۾ پڻ پارسيءَ جي چيستانن جو رواج ڪونه
هو.
اهڙيءَ ريت ڪتاب جي مهاڳ جي صفحي نمبر 4 تي، پروليءَ جو تعلق
ڳجهارت سان به ڏيکاريو ويو آهي. هن طرح ڳجهارت ۽
پروليءَ جون ڪي صنفون هڪٻئي کان مخلتف آهن. هن
باري ۾ به هڪدم ڪو فيصلو ڪري نه ٿو سگهجي.
انهن بنيادن تي وسهي ٿو سگهجي ته پروليءَ جي ادبي روايت جي باب
۾ ڪنهن به فيصلي ڪرڻ کان اڳ ۾ اسان کي سنڌي لوڪ
ادب جي ڪن ضروري ۽ اهم صنفن جو اڀياس ڪرڻ گهرجي.
هن اڀياس جي باري ۾ اسان لاءِ پروليءَ کانسواءِ
ٻيون اهم صنفون آهن:
ڳاهن سان ڳالهيون،
ٻارن جون آکاڻيون،
لوڪ ڪهاڻيون،
لوڪ گيت ۽
ڳيچ.
آءٌ ڀانيان ٿو ته هنن صنفن تي جدا جدا بحث کانپوءِ اسان لاءِ
اها واٽ نڪري ايندي ته هر هڪ صنف ۾ ڪهڙي ادبي
روايت پيدا ٿي آهي يا منتقل ٿي آئي آهي. جڏهن اسان
انهيءَ سوال تي سوچي رهيا آهيون ته هر صنف ۾ ڪهڙي
روايت موجود آهي، تڏهن اسان لاءِ هر روايت جي
ارتقا ۽ پوءِ واري دور ۾ ان روايت جي موجودگيءَ جي
باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه ممڪن ٿي سگهندو. ظاهر آهي ته
هن قسم جو اڀياس نئون ۽ نرالو اڀياس آهي، پر آءٌ
ڀانيان ٿو ته هن قسم جو اڀياس اسان لاءِ پنهنجي
ادب جي هڪ سنڌريل تاريخ لکڻ جو رستو ۽ رخ ممڪن ڪري
وجهندو.
ڳجهارت
ٻوليءَ جي ميدان تي جيڪو ڪم ٿيو آهي، سو جدا جدا ملڪن ۾ جدا جدا
طريقن سان ٿيو آهي. ڪٿي ٻولين جي ترقيءَ ۾
سڌوسنئون حڪومتن جو هٿ رهيو آهي، جيئن انگريزيءَ
جي حالت ۾ ٿيو آهي.
انگريز جتي به ويا پنهنجي ٻولي کڻي ويا ۽ وڏو ڪم هنن پنهنجي
حڪومت جي طاقت ۽ وڏي حڪمت عمليءَ سان به ڪيو.
هنن سائنسي ٻوليءَ کي اختيار ڪيو ۽ هنن ادبي مسئلن ۾ وڏيون ۽
انتهائي اعليٰ ڪوششون ڪيون.
انگريزي ٻوليءَ جو دائرو هن ڪري به ويڪرو ٿيو، جو ان زبان ۾
فرانسيسي، جرمن، لاطيني ۽ يوناني ٻولين جا بي
انداز لفظ ۽ محاورا شامل ٿي ويا هئا.
اهڙيءَ ريت فرينچ ٻوليءَ جي ترقيءَ وارا سبب بيٺڪي راڄن وارن
سببن جهڙا آهن، ڇو ته فرينچ ٻوليءَ کي به بيٺڪي
راڄ مليا، ۽ اتي اها ٻولي پکڙجي ويئي. هونئن فرينچ
ادب دنيا جي تمام سڌريل ادب آهي. پر جرمن ۽
يونانيءَ جا سبب ڪي قدر مختلف آهن. هنن حالتن ۾
ٻولين جي ترقيءَ جو وڏو سبب آهي ٻولين جي داخلي
قوت ۽ ٻولين جي سماجي حيثيت ۽ صلاحيت. ارڙهين
صديءَ کان اڳ جڏهن ورڊس ورٿ
(Words Worth)
اهو خيال ڏنو ته اعليٰ شاعريءَ لاءِ هروڀرو اهو
ضرور نه آهي ته مشڪل ۽ مٿانهين درجي جي ٻولي ڪم
اچي، عام طور تي دنيا ۾ ٻولين جو معيار اهڙو هو،
جو عام ماڻهو ٻوليءَ جي مامري ۾ نه ته سڌوسنئون ڪو
ڪم ڪري ٿي سگهيو ۽ نه ئي ٻوليءَ جي اعليٰ قوت ۽
ڪارج کان ڪو ڪم وٺي ٿي سگهيو. انهن دورن ۾، جيئن
پوءِ تيئن وڌيڪ، ٻوليءَ جي ترقيءَ جو ڪم ڪم حاڪمن،
وزيرن، ٻاون ۽ صاحبن جي هٿ ۾ هو؛ ۽ اهڙيءَ ريت
ٻوليءَ جي ڄاڻن يا لکڻ پڙهڻ وارن جو هڪ ڪلاس يا
طبقو هوندو هو.
انسان جي انهيءَ طبقاتي دور ۾ ٻوليءَ کي پرماريت
(Exploitation)
جو هڪ وسيلو ڪري ڪم آندو ويو هو. ٻولي جيڪا سماجن
جي سڀني فردن مان هر هڪ جي پنهنجي شيءِ يا ڳالهه
هئي، تنهن جي قوت ۽ طاقت جو وڏي ۾ وڏو فائدو رڳو
هڪڙي طبقي کان ملندو هو.
ٻوليءَ جي پرماريت جو دائرو تمام وڏي اثر وارو ٿئي ٿو، ڇوته
ٻولي عقل ۽ علم جو وڏو وسيلو آهي. انسان ذات جي
ڪارن دورن ۾ هن قسم جي پرماريت عام ماڻهوءَ کي وڏو
ڇيهو رسايو آهي. اهڙن دورن ۾ جدا جدا سماجن ۾ جدا
جدا وڳوڙن ۽ سماجي بي آرامين جو ۽ ڏچن جو وڏو سبب
به اهو هو ته عام ماڻهو ٻوليءَ جي نعمتن کان ڪوبه
فائدو وٺي نه ٿي سگهيو. تحرير هن جي وس جي ڳالهه
نه هئي ۽ تقرير هن جي لاءِ نهايت ئي مٿانهين شيءِ
هئي.
ڇاڪاڻ ته عوامي سطح تي ٻوليءَ جو استعمال ماڻهن کي عقل ۽ علم جا
خزانا ڏئي ٿو، منجهن حاڪماڻا خيال اڀاري ٿو، کين
مدني ۽ سماجي زندگيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ
تيار ڪري ٿو، انهيءَ ڪري حاڪمن ٻوليءَ کي عوامي
سطح تائين پهچائڻ ۾ پنهنجي خيريت نه سمجهي. اهڙيءَ
ريت نه رڳو عوام کي ڇيهو رسيو پر خود ٻوليءَ جي
ترقي به متاثر ٿي.
ٻولي جڏهن هر هڪ ماڻهوءَ تائين پهچي ٿي يعني سماج ۽ فرد کي
ٻوليءَ جي سڄي ۽ پختي استعمال جا موقعا ملن ٿا،
تڏهن ٻوليءَ انفرادي صلاحيت ۽ عمل جو فائدو وٺندي
وڌندي رهي ٿي.
ٻوليون جڏهن قبيلن مان نڪري سماجن ۾ آيون تڏهن اهي ڀائپيءَ،
خوشيءَ، وندر، اظهار، رس، ڳڻ ۽ ضرورت جي پوئواريءَ
لاءِ ڪم اچڻ لڳيون. اهڙيءَ ريت ٻولين جي پنهنجي
جمهوريت وجود ۾ آئي، پر ان دور ۾ ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ
جي شهنشاهيت مٿانهين طبقي جو هڪ ڪارگر وسيلو هئي،
ٻوليءَ جي عواميت يا جمهوريت جو ۽ ٻوليءَ جي
شهنشاهيت جو ٽڪر ناگريز
(Inevitable)
هو.
سنڌي ٻوليءَ انگريزن جي شنشهاهيت واري دور ۾ جيڪا عواميت يا
”جمهوريت“ حاصل ڪئي هئي، سا اڄ سوڌو اسان جي اڳيان
آهي.
ڏٺو ويندو ته اهڙيءَ حالت ۾ ٻوليءَ اسان جي ڪلچر جي حفاظت جو ڪم
ڪيو آهي ۽ اسان جي قومي، وطني ۽ سماجي حيثيتن کي
برقرار رکڻ جو ڪم ڪيو آهي.
ٻولي هڪ طرف کان ڳڻ کڻي ٿي ۽ ٻئي طرف کان ڳڻ ورهائي ٿي. ڪبير
شاهه چيو: ”جن جو ڳڻن ڀريو ڳالهاءِ سي اوتيون عام
سين.“ اهي ڳڻ، اهي گفتا، اهي عقل جا نقطا، اهي
سمجهه ۽ ڏاهپ جا ڏاڻ، پکڙجي ۽ پڌر پئي، سماج ۾
حرارت پيدا ڪن ٿا. ان حرارت مان سماج ۾ ڏيئا ٻرن
ٿا ۽ محبتن جو ميٺاج وڌي ٿو ۽ پوءِ سماج سارو
سڌريل ۽ هڪ سٻنڌ ۾ ونگيل ۽ هڪ طاقتور نظام جهڙو ٿي
ٿو پوي، جيڪو روحاني ۽ سماجي ڪائناتن لاءِ هڪ
محافظ رستي جو ڪم ڏئي ٿو.
هر ڪا ٻولي پنهنجي جاءِ تي هڪ گوناگون گنج ۽ عجب اسرار آهي.
سنڌي ٻولي به-
هڪ سماجي قوت آهي.
هڪ اٿاهه ساگر آهي، علم، عقل ۽ ڀروسي جو.
انفرادي طاقت ۽ قوت جو هڪ وسيلو آهي.
محبت، ڀائيچاري، ٻل ۽ طاقت جو هڪ ذريعو آهي.
لغت، معنيٰ، خيال ۽ اظهار جو هڪ گنج آهي.
ٻوليءَ جي عواميت ۽ جمهوريت هاڻي هڪ مڃيل حقيقت ۽
طاقتور نظام جهڙي آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي رستي ۾ ڪٿي به حاڪميت ۽ شهنشاهيت جو
هٿ نه رهيو آهي، نه اها رياست جي طاقت جي وسيلي
طور ڪم آئي آهي ۽ نه اها شهنشاهيت جي هٿ ۾ رانديڪي
جهڙي رهي آهي.
سنڌيءَ ٻولي جو سرچشمو سنڌ جو عوام رهيو آهي ۽ سنڌي ٻولي عوامي،
جمهوري، ۽ سماجي حيثيت سان ڪم ڪندي رهي آهي.
اهوئي سبب آهي، جو سنڌي ٻولي ٽن وڏين ٻولين جي مقابلي ۾ به
پنهنجي حيثيت قائم رکڻ ۾ ڪامياب رهي آهي.
پارسي، عربي ۽ انگريزي زبان کي ”شهنشاهيت“ واري طاقت به حاصل
رهي آهي. انهن جي حفاظت لاءِ قانون به موجود هئا ۽
انهن جي سرپرستيءَ لاءِ حاڪمن جا خزانا هڪيا حاضر
هئا. ٻولين کي فوجن ۽ سياستن جو ٻل به حاصل هو ۽
اهي درٻاري ۽ محلاتي حيثيتن م به نمايان هيون. پر
اهي سنڌيءَ جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي نه
سگهيون، ڇو ته سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي سماجي
”طبيعات“ ۾ هڪ مڃيل حيثيت حاصل رهي آهي.
ازل کان وٺي اسان ڌڻيءَ جي هن ڌرتيءَ جي ان ٽڪري تي آباد ۽
آسودا آهيون، جنهن کي پاڻي، سردي، گهم، خشڪي ۽
ٻوڏ، سوڪ ۽ پاڻي، واري، ٻوسٽ، هوا ۽ ٿڌ ملي، اسان
جي اها طبيعات بڻائين ٿا، جنهن مان اسان جي ٻولي
طبيعي حقيقتن کي حاصل ڪري ٿي ۽ اسان جي سماج ۾
تصورن
(Concepts)
کي وڏو، ويڪرو ۽ عميق بڻائي ٿي.
اسان جي ماحول جا ماڻهو به اسان جي طبعي حقيقتن جيان خشڪ، گرم،
رکا، سادا، اٽل، آدجگاد تائين قائم رهڻ وارا آهن.
ڀورا ۽ سانورا، ڪارين ۽ ناسي اکين وارا، قداور،
ڪوپا، توڙي ڏٻرا ۽ ڏيل هيڻان، سونهارين ۽ وڏن وارن
وارا ۽ سهڻا ستابا ماڻهو به ڏيک ويک ۾ اهڙا آهن،
جهڙي سنڌي ٻولي، جهڙي سندن ڌرتي يا جهڙو سندن
ماحول.
اهڙي ئي ماحول ۽ اهڙي ئي سٽا ۽ ساٿ ۾ ٺهيو آ اسان جو سماج، ۽
اهڙي ئي سماج مان اڀري آ اسان جي ٻولي.
هن اسان جي سماج جي اندر ۾، درياهه شاهه جيان وهندي، ماڻهوءَ
ماڻهوءَ کي ڍائيندي، آباد ۽ سکيو رکندي، اسان جي
ٻولي هلندي ويندي، تان جو محبتن ۽ ميلاپن، ڏوراپن
۽ ويڻن، مهڻن ۽ مهميزن، رمزن ۽ ڏاهپن ۽ عقلن، طعنن
۽ ٽوڪن، حرفن ۽ حيفن، حقيقتن ۽ حڪمتن جا گفتا ٺهي
ٺهي، ٻوليءَ کي اتاهه ۽ عميق سمنڊ جهرو ڪري ڇڏيندا
۽ پوءِ ايندا گهاتو پنهنجي گهر ۾.
اهي اسان جا سگهڙ، هنر وارا، ڳولائو، کاهوڙي، ڏور وارا،
ڳجهارتيا ويهندا ڪانڀ ڪڍي ۽ اڇلائيندا ڏور يا
ڳجهارت.
معنيٰ ئي معنيٰ لغت ئي لغت، ڏور به معنيٰ ۽ تاريخ، لڪ ۽ رمز، ۽
ڳجهارت به لغت، معنيٰ وندر، عقل، هوش ۽ ڏاهپ؛ ۽
هنر هڪ لفظ جون گهڻيون معنائون، گهڻين معنائن وارو
هڪ لفظ- هي ٿيو هنر، ۽ ڏهر ۽ سينگار سڀ ٻوليءَ جي
سونهن ۽ ساهه جا ساکي. پر سڄي ڳجهارت آ ٻوليءَ جو
سفر- منزل ملي ته معنيٰ ملي. معنيٰ ملندي ته ٺاپر
ٿيندي، من جي آنڌ مانڌ جهڪي ٿيندي- پر وري به
معنيٰ جي پٺيءَ معنيٰ، چي:”مال جي ٻولي سمورا وڻ
کائيندياس.“ سڄيءَ ۾ چئبو ”ڪاشي (شيءِ) تنهنجي
سومرا نه مان کائيندياس.“
سڄيءَ ڳجهارت ۾ هڪڙو آ ”اشارو“
(Clle or hint). ٻيا آهن بند يا پاوا. ۽ پوءِ هوندو لفظ ”ٻولي“- جيئن مال جي
”ٻولي“ سومرا. سومرا اشارو آ، جنهن مان سڄيءَ
ڳجهارت جي معنيٰ هٿ ڪرڻي آ.
اشارو Clue:-
اشارا ٻوليءَ جي ڪائنات جي جدا جدا داستانن
Legends
جا اشارا آهن. اهي رڳو رخ يا وهڪرا ٻڌائين ٿا.
هن ڳجهارت ۾ ”سومرا“ لفظ مان سنڌي ٻوليءَ جي هڪ داستان جو يا
وهڪري يا رخ جو پتو پوي ٿو . ۽ پوءِ اهو فيصلو ٿي
ٿو وڃي ته معنيٰ جو واسطو سنڌي ٻوليءَ جي ڪهڙي رخ،
وهڪري ۽ داستان سان آهي.
داستان:-
داستان ٻوليء جو اهم نظام، رخ، يا ٻوليء جي ڪائنات جو اهو
علامتي نظام
(Sign discipline)
آهي، جنهن کي سماج پنهنجي سماجي تاريخ جي آڌار تي
ڪن سماجي قدرن جي ڪري هڪ خاص درجو ڏيئي ڇڏيو آهي.
عمر مارئيءَ جو داستان گوناگون سماجي قدرن جي ڪري هڪ مستقل
عنوان بڻجي پيو آهي. اهڙيءَ ريت اهو داستان هزارها
رمزن ۽ مهميزن مان فقط هڪ رمز ٻڌائي ٿو. اهو
داستان وطن دوستيءَ، انسان دوستيءَ، حاڪميءَ،
متحاجيءَ، بنديخاني، سڪ ۽ سچيءَ سونهن جهڙن ڳرن
(Episodes)
کي پاڻ ۾ سمائي، پنهنجو هڪ هڪ جدا نظام قائم ڪري
ٿو، جيڪو وري هڪ ڦاٽ جيان پنهنجو پاڻ ٿو متعين
ڪري.
بند يا پائو:-
بند اصل ۾ نالو آهي انهيءَ ديوار جو، جنهن جي وسيلي معنيٰ ڳجهي
آ ۽ ڳجهه ۾ آهي. اها معنيٰ داستان جي رڳو هڪڙيءَ
ڳر ۾ موجود آهي. مثال طور عمر مارئيءَ واري داستان
۾ ”مال“ واري لڪ داستان جي حاڪماڻي تصور ڏانهن
اشارو ٿي ڪري، ۽ هن حالت ۾ ”حاڪماڻو“ رخ داستان جي
رڳي هڪ ڳر آهي.
ٻولي:-
”ٻولي“ ٻوليء جي ڪائنات جو رڳو هڪ لفظ آهي. اهو داستان جي ڳرن
کان به بي نياز ٿئي ٿو ۽ رڳو پنهنجي ٻوليءَ واري
حيثيت
(Status)
۾ قائم رهي ٿو. ڳجهارت ۾ ٻولي ”معنيٰ“ قائم ڪرڻ جو
هڪ ٻوليائي وسيلو آهي.
معنيٰ:-
ڳجهارت واري معنيٰ اکري ۽ لفظي نه پر سماجي آهي، ڇوته ان جا بند
سماج ۾ موجود مادي يا روحاني حقيقتن جي معنيٰ جا
بند آهن. مثال طور ”مال“ سنڌي سماج ۾ هڪ سماجي
حقيقت آهي ۽ معاشي يا معاشرتي زندگيءَ جو وڏو دليل
آهي. ان ڪري ”مال جي“ وارو بند جنهن ۾ حاڪماڻي کاڌ
خوراڪ جي معنيٰ اهي، ٻن سماجي حقيقتن تي ٻڌل آهي-
هڪ مال ۽ ٻيو مفلسيءَ ۽ حاڪميءَ جي وچ ۾ طبقاتي
فرق.
سماجي ڪارج:-
هاڻي ڏسڻو آهي ته اهو ڪهڙو سماجي ڪارج آهي، جيڪو هن هنڌ تي آيل
ڳجهارت پورو ڪري ٿي.
هيءَ ڳجهارت اسان کي پنهنجيءَ ٻوليءَ جي قدرت ۽ قوت سمجهڻ ۾ مدد
ڪري ٿي.
پنهنجي اڪابرن عي علم، عقل ۽ ڄاڻ سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
پنهنجي ڏيهه جي سماجي تاريخ جو راز کولي ٿي.
ڪلچر ۽ تهذيب کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
ٻوليءَ جي لغت ۽ ڪوش جي وڌيڪ اڀياس ۾ مدد ڪري ٿي.
سماجي جي اندر موجود طبقاتي ڪشمڪش کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿي.
هڪڙي وڏي سماجي بي آراميءَ جي طرف اشارو ڪري ٿي، جنهن ۾ ٻولي
احتجاج
(Protest)
جو وسيلو بڻجي ٿي.
عوامي سطح تي رس رهاڻ ۽ ذهني عاميت يا جمهوريت جو تصور ڏئي ٿي،
ڇوته سڄو سارو اهو ماحول، جنهن ۾ ڳجهارت کلي ٿي يا
سڄي ٿي ٿئي، ان راز ۽ رڪارڊ جو امانت دار ٿئي ٿو ۽
ڄاڻو ليکجي ٿو. جيڪو راز هو کولي ٿو.
ڳجهارت عام طور تي ٻوليءَ جي معنيٰ واري حصي کي
سمجهائي ٿي ۽ ان جي معنيٰ ٻاهر آڻي پيکڙي ٿي.
ڏٺو ويندو ته ڳجهارت هن حالت ۾ بيت، دوهي، ڪافيءَ،
غزل ۽ نظم جهڙي نه آهي، توڙي جو ڳجهارت به هڪ ادبي
صنف يا چيز آهي. ڳجهارت جا سڀ پهلو (اشارو، بند يا
پاوا، داستان ۽ ٻولي يا رمز) سماج ۾ موجود حقيقي
شين تي ٻڌل آهن. اهي حقيقي شيون آهن مال، ٻولي،
سومرو ( ڏاڍ جو نشان) ۽ عام ماڻهوءَ جو انهيءَ
ماحول ۾ ردعمل، جيڪو هت احتجاج طور تي ظاهر ٿيو
آهي.
ڪٿي هي ردعمل
(Reaction)
همت به ظاهر ڪري ٿو، مثال طور ساڳئي داستان ۾: ”اي
عمر کڻ پنهنجا عضوا آءُ ذات ئي ناهيان“ جيڪا سڄي
هئين ٿيندي ته
”اي عمر کڻ پنهنجا ڍاڪئان آءُ (بخاري) باري ناهيان.“
اهڙيءَ ريت سڄي سماجي ڌارا
(Social postulate) به ڳجهارت ۾ اچي ٿي. مثال طور ساڳئي داستان ۾:
”ادا عمر! اسان جي ملڪ ۾ اٺ سٽ جي ڪري ئي ڪانه“
”ادا عمر! اسان جي سنڌ ۾ ٻه حق ڪا (ٻهڪ ڪهه) ڪري ئي ڪانه.“
ڳجهارت جي اڀياس مان ٻوليءَ جي باري ۾ هڪڙو وڏو راز هي ٿو کلي
ته رمز واريءَ معنيٰ جو تعلق هروڀرو ٻوليءَ يا لفظ
جي خطي صورت سان نه آهي. جئين ”ٻه حق“ جو لفظ اٺ
جي ”ٻهڪ“ ۽ ”ڪا“ سٽ جي ”ڪهه“ مان نڪتو آهي.
اهڙيءَ حالت ۾ معنيٰ جو تعلق ٻوليءَ جي صوتي ۽ صوتياتي نظامن
سان وڌيڪ آهي. هن حقيقت کي سامهون رکي ڏسجي ٿو ته
اسان ”پڙهيل“ دنيا وارا ٻوليء جي فطري ۽ سماجي
نظام کي هڪ قدر ڇڏي چڪا آهيون. مثال طور سماجي
نظام ۾ لفظ ٿيا آهن ڪاغذ، جانار، بگر، پر اسان
مصنوعي ۽ هٿراڌو نظام ۾ انهن جي شڪل قائم رکي آهي.
ڪاغذ، جانور ۽ بغير واري. هن قسم جي غيرحقيقي طرز
عمل جي ڪري اسان جي ٻوليء جي پنهنجي خمير جي ترقي
ڪنهن قدر رڪجي وئي آهي.
ڳجهارتون لوڪ ادب جي سلسلي ۾ گڏ ٿيون آهن ۽ اڄ انهن جو وڏو
تعداد اسان جي لکت ۾ اچي چڪو آهي. ڳجهارت جو سماجي
ڪارج تمام وڏو آهي ۽ اهو ڪارج اسان کي فقط ڳجهارت
تي جدا تحقيق جي آڌار تي ئي سمجهه ۾ ايندو.
آءٌ رڳو مثال طور عمر مارئيءَ جي داستان مان ڪي ٻه ٽي ڳجهارتون
هيٺ لکان ٿو:
”ادا عمر! تنهنجي مٽيءَ کان آءٌ مال جي چڱي.“
”ادا عمر! تنهنجي ٻانهينءَ کان آءٌ ٻٽي چڱي.“
”ڪپڙي مال جي ڇڏ آءٌ پاڻيءَ جي ناهيان.“
”سوڙيون سانڍي ڇڏي آءٌ هيرڪ ئي ناهيان.“
”وکر ناهيان سومرا نالي آهي حرام.“
”ستي ناهيان سومرا آرام آهي حرام.“
”مٽي ڇڏيم ميان سومرا سي رڇ هونديون ڪيئن!“
ڪنئاريون ڇڏيم سومرا، سي پرنيون هونديون ڪيئن!“
(مٽي- ڪنئري، رڇ، پرڻ)
ڳجهارت اسان جي عام رواجي زندگيءَ ۾ ڏٺ جي آڌار تي
به ٺهي ٿي. ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا:-
”ذات پئي ذات کي کنيو وڃي.“
ذات پلال- ”پلال پيو پلال کي کنيو وڃي.“
هيءَ هڪ ڳجهارت آهي پر عملي زندگيءَ ۾ ڏٺ جي آڌار تي ٺهي آهي.
”گاهه وڙهيا پاڻ ۾، ته پکين ڇڏايا.“
- ”جهنجهڻ وڙهيا پاڻ ۾ ته ڪنگن ڇڏايا.“
(”جنجهڻ“ ذات آهي ۽ ”ڪنگ“ پکي ۽ ذات)
هن طرح معلوم ٿئي ٿو ته ڳجهارت جو بنياد ڏٺ آهي.
*
ٻاراڻيون آکاڻيون
ٻوليءَ جي سماجي ڪارج جي خيال کان ٻاراڻيون آکاڻيون اسان جو وڌ
۾ وڌ قيمتي سرمايو آهن. ٻاراڻيون آکاڻيون به
آکاڻيون آهن، پر هنن آکاڻين جي هڪ وڏي خصوصيت اها
آهي ته هنن ۾ ٻوليءَ جو اهو ذخيرو شامل آهي، جيڪو
هڪ طرف کان سماجي ته ٻئي طرف کان سولي ۾ سولو آهي.
ذخيرو سولي ۾ سولو ان ڪري آهي، جو هي ٻارن جي لاءِ
لکيو ويو آهي ۽ ٻار مشڪل ۽ ڳرن لفظن کي سمجهي ڪونه
ٿا سگهن.
هن موضوع تي لکڻ وقت اسان جي اڳيان لوڪ ادب سلسلي جو پنجويهون
ڪتاب آهي. ”آکاڻي“ جي باري ۾ ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ
آهي ته ”اهي ننڍيون حڪايتون آهن، جن ۾ انساني
معاشري جي مختلف شعبن جا ننڍا وڏا فرد شامل آهن ۽
جن کي لکڻ جو مقصد ٻارن جي وندر آهي: آسانيءَ
خاطر انهن کي آکاڻيون سڏيو ويو آهي.“
*
ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب جي مقدمي ۾لکي ٿو ته آکاڻين جون خصوصيتون
هيٺئين ريت آهن:
سادگي.
جدت.
وندر.
عام رواجي زندگيءَ جو اڀياس.
نصيحت.
پهلواني.
سچ جي فتح.
کل ڀوڳ.
انساني لاڳاپا.
همٿ.
ڪشالو.
ٺڳي.
عقل ۽ بخت، وغيره وغيره.
هي سڀ روايتون وڏيون روايتون آهن ۽ گهڻي ڀاڱي اسان جي پراڻي ادب
۾ موجود آهن. ادبي لحاظ کان هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب
مقدمي ۾ ئي وڌيڪ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ چڱو مواد ڇڏيو
آهي. هنن آکاڻين جي اڃا به وڏي خصوصيت آهي انهن جي
”ادا“. هر ڪهاڻي هڪ ادا رکي ٿي، ۽ هنن ڪهاڻين جو
وڏي ۾ وڏو حسن آهي سندن ٻولي، جنهن تي اڳتي بحث
ڪيو ويندو. ادب جي هن حصي ۾ اسان لاءِ هت ايترو
ڪافي آهي.
حوالا
Laverty, Hierth and Kroiter:
“The Unity of English”, Harper and Raw
Publishers, 1971, p. 277.
Brewer: “Dictionary of Phrase and Fable”.
Cassell and Co: Ltd: London, p. 443.
Ibid: p. 443.
Shipley J.T. (Editor): “Dictionary of World
Literary Terms”, George Aklen and Union Ltd:
London, p. 162.
نوٽ:-
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پروگرام ”ڪچهري“ به لوڪ ادب جي هڪ
صنف آهي. اهڙيءَ ريت عام ادبي ڪچهريءَ جو مواد به
لوڪ ادب جو مواد آهي. هي پروگرام ”ساڻيهه جا
سينگار“ جي عنوان سان پيش ٿئي ٿو.
(6) James
Hastings (Editor): “Encyclopaedia of Religion
and Ethics” Vol: VI (Second Edition), T. and T
Clark,
Edinburgh
(England), 1925, pp. 57- 59.
(7) ”The
New Universal Library” Vol VI, The Caxton
Publishing Co, London, 1968. p
p 14-15.
(8) جوڻيجو عبدالجبار (ڊاڪٽر): ”سنڌي ادب جي
مختصر تاريخ“، حيدرآباد سنڌ، 1973ع، صفحا 19- 20.
(9) ”The
New Universal Library” Vol. VI.
The Caxton Publishing Co:
London, 1968, pp. 11-12.
نبي بخش خان بلوچ (ڊاڪٽر)، ايڊيٽر:
”گيت“، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، صفحو 1.
The New Universal Library Vol. VI,
The
Caxton Publishing Co: London, 1968, pp. 11-12
Ibid:
pp. 11-12.
Ibid:
p. 14.
Shipley
J.T (Editor): “The Dictionary of World Literary
Terms”, George Allen and Uniwin Ltd: London,
1955, p. 163.
Ibid:
p. 163.
(16)
Brewer: “Dictionary of Phrase, and Fable”,
Cassell and Co: Ltd: London, p. 298.
(17) قاضي اطهار رام پوري: ”عرب و هند عهد
رسالت مين“، طبع اول ادارو ندوته المسلمين، جامع
مسجد، دهلي، جنوري 1965ع، صفحات 60 کان 72 تائين
(اقتباس).
***
|