باب ٽيون
ٻولي- ان جي وصف ۽ ڪارج
1- ٻولي- (وصف)
”ٻولي ”فونمين“ جو هڪ اهڃاڻوي سرشتو آهي.“ (1)
”ٻولي رواج ۽ روايت جو ٻيو نالو آهي. “ (2)
ٻولي هڪ اهڙو طريقو آهي جنهن کي انسان جي پنهنجي مرضيءَ پٽاندر
ٺاهيو ويو آهي.
”ٻولي ۾ آواز ته گهڻا ٿا ٿين پر ان جي جوڙجڪ خاص مونجهاري واري
آهي. انهن ٿورن آوازن جي مدد سان هڪ عام رواجي ذهن
وارو ماڻهو سوين هزارين لفظ ٺاهي ٿو سگهي. هن
بنياد تي ٻوليءَ کي هڪ تمام وڏو ۽ گهڻ- پٽاڻو
مانڊاڻ
(Complex)
چئي ٿو سگهجي.“ (3)
”لکڻ کي ٻولي نه چئبو، پر لکڻ رڳو اهو طريقو آهي جنهن سان
ٻوليءَ کي رڪارڊ تي رکيو ٿو وڃي. لفظ يا اکر رڳو
اهي نشان يا انڊا آهن جيڪي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.“ (4)
”وڏو مطلب وٺجي ته ٻولي انسانن جي وچ ۾ هڪ اظهار جو وسيلوآهي...
پر جي ٻوليءَ جو سڌريل پهلو ڏسجي ته معلوم ٿيندو
ته ٻولي سڌي سنئين هڪ انساني خصوصيت آهي. اها
خصوصيت انسان جي امتيازي خصوصيت آهي.“ (5)
”ٻولي معنيٰ ڳالهه ٻولهه، ٻولي معنيٰ فرد جي ٻوليائي عمليت جنهن
۾ هن کي ڪمال حاصل آهي.“
ڪي ماهر ٻوليءَ ۽ عام رواجي گفتگوءَ ۾ فرق ڪن ٿا. هڪ کي هو
(Parole)
پئرول ٿا چون ۽ ٻئي کي ٻولي
(Language).
”ٻولي انساني عمل جو هڪ نمونو آهي.“ (6)
”سوال رڳو اهو نه آهي ته ٻولي اسان کي ٻين جي تجربن مان ڪجهه
وٺي ڏئي ٿي. سوال اهو به ناهي ته اسان پنهنجو
تجربو رڳو ٻوليءَ جي وسيلي ٻين تائين پهچايون ٿا.
برابر تجربي جي منتقليءَ ۾ به ٻوليءَ وڏو ڪم ڪيو
آهي، پر ٻوليءَ جو اڃا به وڏو ڪم اهو آهي ته ٻولي
پنهنجو پاڻ ۾ ئي هڪ وڏو تجربو ۽ علم سمايون ويٺي
آهي. رڳو اهو خزانو هٿ ڪرڻ ئي اسان لاءِ ايترو
فائدي وارو ٿيندو، جو ڄڻ اسان ڪو وڏو علم پرايو
آهي.“ (7)
”ٻوليءَ جي عمل جو به هڪ مقصد ٿئي ٿو. اهو مقصد اِهو آهي ته هڪ
انسان پاڻ جهڙن ٻين انسانن سان ذهني طور تي لاڳاپي
۽ لهه وچڙ ۾ اچي. پر اسان کي هروڀرو ائين نه سمجهڻ
گهرجي ته ٻولي هڪ ذهني وسيلو آهي جنهن سان خيال
منتقل ڪري سگهجن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته ڳالهائڻ وارن جي
گفتگو مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن وٽ ڳالهائڻ جو
مقصد هروڀرو ”خيال“ ڏيڻ ڪونه آهي. جنهن جو مطلب هي
آهي ته هو هروڀرو ڪا معنيٰ منتقل ڪرڻ ڪونه ٿا
چاهين، پر خود هيءَ غيرمقصديت واري عملي چرپر به
ٻوليءَ جي ترقيءَ جو سبب بڻجي ٿي.“ (8)
پر جيڪڏهن ٻولي هڪ عملي چرپر آهي ۽ اها چرپر ٻوليءَ جي ترقيءَ
جو سبب به بڻجي ٿي ته پوءِ اها ”غيرمقصديت واري“
چئي نه ٿي سگهجي. جڏهن رڳو اشارن ۾ يا نظري ۽ بصري
ٻوليءَ ۾ يا نشانين
(Pictographs)
۾ به ڪانه ڪا معنيٰ ٿئي ٿي، ته پوءِ ٻوليءَ جي
ڪابه حيثيت اهڙي مڃي ڪانه ٿي سگهجي، جيڪا مقصد کان
سواءِ هجي.
جيڪڏهن انسان جو اڀياس خود انسان ذات جو اڀياس آهي ته پوءِ
انسان ذات جي اڀياس ۾ ٻوليءَ جو اڀياس ضروري آهي.
ڇوته ٻولي انسان ۽ ٻين جانورن جي وچ ۾ فرق سمجهائي
ٿي. (9)
انسان کانسواءِ ٻيو ڪوبه جانور اهڙو نه آهي جيڪو ڪوبه اطلاع
اڳواٽ سکيل
(Learned)
علامتن يا اهڃاڻن
(Signs or Symbols)
جي وسيلي پهچائي سگهي. دراصل انهن اهڃاڻن ۽ علامتن
کي ئي اسان ٻولي چئون ٿا، جيڪي ڳالهيون ٻوليءَ جي
وسيلي تهذيب کي ممڪن بڻائين ٿيون. انهن ۾ اهي
علامتون ۽ اهڃاڻ ۽ اهو منتقليءَ جو طريقو
(Way of Communication) اچي وڃن ٿا. (10)
آڊمس
(Adams)
دعوا ٿو ڪري: ”پنهنجي ٻوليءَ (انگريزي) ڳالهائڻ
واريءَ عادت اسان جي ذهن جي اصل بنياد
(Substance)
کي پنهنجي طريقي يا لئه
(Fashion)
۾ بدلائي ڇڏيو آهي. اها ڳالهه نه فقط هڪ صورتحال
آهي، بلڪه اها ته هڪڙي پختي حقيقت آهي جيڪا تاريخي
حادثي جهڙي آهي.“ (11)
”ٻولي انهيءَ خزاني جو نالو آهي جيڪو ڳالهائڻ جي عمل جي وسيلي
گڏ ٿي ويو آهي.“ (12)
ٻولي انسان جو محض غيرجبلتي يعني سکيل يا حاصل ڪيل طريقو آهي،
جنهن سان انسان اهڃاڻن جي وسيلي خيال، جذبا ۽
خواهشون ٻين تائين پهچائي ٿو. (13)
”ٻوليءَ جي وصف هيئن به آهي ته اها عادتن جو هڪ سيٽ آهي. جيڪو
هر ماڻهو ٻال جتيءَ ۾ ئي پنهنجي ٻوليءَ جي قوميت
مان سکي ٿو. عادتن جو اهو سيٽ ڪن خاص آوازن جي
پيدا ڪرڻ مان ٺهي ٿو. انهن خاص آوازن کي فونيم
(Phonems)
ٿو چئجي. اهي فونيم وري ٻوليءَ جي ٻين سرشتن
(مورفيم
Morphemes)
جي صورت وٺن ٿا.“ (14)
”ماڻهنجي عملي کوجنائن کان وڌيڪ اهم ته ماڻهن جو اهو رڪارڊ آهي
جيڪو ماڻهن جي خيالن، نظرين ۽ محسوس ڪرڻ جي طريقو
جو آهي. ڪابه تاريخ اهڙي دلچسپ ۽ اهم نه آهي جهڙي
انسان جي روح جي. انهيءَ تاريخ کي هڪ وٿ
(Value)
۽ هڪ مقصد آهي ۽ اها تاريخ اسان کي لفظن جي انهيءَ
اڀياس مان ملي ٿي جنهن جو مقصد آهي انهيءَ تاريخ
کي سمجهائڻ ۽ ان کي ڪنهن واضح پس منظر ۾ رکڻ.“
(15)
”ٻولي غير جبلتي ۽ اهو مڪمل طريقو آهي، جنهن سان ماڻهو خيال،
جذبا ۽ خواهشون پڌريون ڪري سگهي ٿو. هن باري ۾
انسان جو وسيلو آهن ارادي طور تي پيدا ڪيل اهڃاڻ.“
(16)
”ٻولي ان وقت ٺهي، جنهن وقت اسان شخص
(Persons)
ٿياسون يا اسان انسان واري انهيءَ تهذيبي منزل تي
پهتاسون جنهن جي خصوصيت آهي ٻولي.“ (17)
”ٻولي هڪ اهڃاڻوي عمل
(Symbolic activity) آهي. ٻولي رڳو لفظن جي لغوي صورت جو نالو نه آهي، توڙي جو لفظ
به ٻوليءَ جو هڪ حصو آهن. ٻوليءَ جو اصل ته اهڃاڻ
ئي آهن.“ (18)
توڙي جو ٻوليءَ لاءِ کڻي چئجي ته اها آواز پيدا ڪندڙ عضون جي هڪ
اپت آهي؛ ايترو ته مڃڻو پوندو ته ٻوليءَ پوءِ به
هڪ اهڃاڻوي طريقو آهي يا اهڃاڻوي عمل آهي. تنهنڪري
لفظن جي هٿراڌو صورت به انسان جي سماج تي وڏو ۽ اڻ
ڄاتل اثر ڪري آهي.“ (19)
”ٻوليون ماڻهن جي هڏن مان نه پر زندهه ماڻهن جي روزمرهه جي
زندگيءَ مان معلوم ڪري سگهبيون.“ (20)
گرين برج
(Green berge)
ٿو چوي ته اها ڳالهه هرڪو مڃي ٿو ته ٻولي ماڻهن جي
ڪلچري ڪارڪردگيءَ جو حصو آهي. ٻوليءَ جو علم
اهڙيءَ ريت منطقي طور تي علم الانسان جي انهيءَ
شاخ سان تعلق رکي ٿو، جنهن جو واسطو ڪلچر سان آهي.
اهڙيءَ ريت ڏٺو ويندو ته اهو نظريو جيڪو انسان سان
تعلق رکي ٿو سو ٻوليءَ سان به لاڳو ٿئي ٿو.
”ٻولي انسان جو حياتياتي يا موروثي عمل نه آهي. ٻولي ته
غيرجبلتي، پرايل ۽ ڪلچري انساني عمل آهي.“ (21)
”ٻولي خاص انساني عمل آهي ۽ اهو خيالن، جذبن ۽ خواهشن جي ظاهر
ڪرڻ جو هڪ غيرجبلتي طريقو آهي. پنهنجي انهيءَ ڪم
جي لاءِ ٻولي اهڃاڻن جي هڪ خودساخته سرشتي کان مدد
وٺي ٿي. جنهن شيءِ کي اسان ٻولي ٿا سڏيون سا ته
اهڃاڻن جو هڪ وڏو هٿراڌو ۽ خود ساخته سرشتو آهي.“
(22)
”هرڪا ٻولي پنهنجو پاڻ ئي اظهار جو هڪ اجتماعي آرٽ آهي. انهيءَ
آرٽ ۾ جيڪي شيون شامل آهن سي آهن جمالياتي عنصر.
جمالياتي عنصرن جي هڪ خاص نموني ۾ صوتياتي عنصر، موزونيت وارا
عنصر، اهڃاڻوي عنصر ۽ ٻوليءَ جي جوڙجڪ وارا عنصر
شامل آهن. هي سڀ عنصر اهڙا آهن، جو اهي هر ٻوليءَ
۾ جدا ٿين ٿا ۽ ڪن به ٻن ٻولين ۾ اهي هڪجهڙا ڪونه
ٿا ٿين.“ (23)
ٻوليءَ جي قوميت جي باري ۾ مئڪس مپولر جهڙي عالم جو رايو آهي ته
”مون وري وري چيو آهي ته جڏهن مان ڪنهن کي آريا ٿو
چوان تڏهن منهنجو مطلب نه رت سان آهي نه هڏن سان
نه وارن سان ۽ نه ئي هڏائين پڃري سان. آريا چوڻ
سان منهنجي مراد انهن سان آهي جيڪي آريائي ٻولي
ڳالهائين ٿا.“ (24)
انهيءَڳالهه جي تائيد ساپر
(Sapir)
جهڙو عالم به ڪري ٿو ته ٻوليءَ جي ڪانه ڪا قوميت
ٿئي ٿي. ساپر چوي ٿو، ”هر هڪ ٻوليءَ جو هڪ دائرو
ٿئي ٿو ۽ ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ اهڙيءَ ريت ڪنهن نه
ڪنهن قوميت سان تعلق رکن ٿا. ٻوليءَ جي قوميت اها
شيءِ آهي جيڪا طبعي خصوصيتن
(Physical characteristics)
جي ڪري ٻين گروهن ۽ قوميتن کان ڇنل آهي.“
پوٽر ٿو چوي، ”چئي سگهجي ٿو ته اڄڪلهه دنيا ۾ پنج شيون انسان
ذات کي ورهائي رهيون آهن: قوميت، مذهب، ڪلچر، ٻولي
۽ نسل: هي سڀ شيون هڪٻئي سان لاڳاپو رکن ٿيون.“
پوٽر وڌيڪ چوي ٿو ته ”هڪڙي لحاظ کان ٻولي آداب جي شعبي جيان هڪ
سرشتي جو نالو آهي. ٻولي انساني ڪارڪردگيءَ جو
تمام اهم حصو آهي، جيڪو روايت ۽ ڪلچر جي تحت رهي
ٿو.“ (25)
ٻوليءَ جي اظهار واري ڪردار جي باري ۾ مرجوري بوسٽن جا خيال هن
ريت آهن:
”مون سان نه ڳالهاءِ“ هيءَ دڙڪو تمام وڏو آهي ۽ انتهائي
ناراضگيءَ جو دليل آهي.
اظهار هنن طريقن سان ٿئي ٿو:
حقيقتون- گاڏي يارهن وڄي ويهن منٽن تي ويندي.
حڪم يا خواهش- پاڻي پيار، يا پاڻي ته پيار!
جذبا- ٽري وڃ اکين اڳيان! ڀلي اچ، نچ اچ!
دليل- جئين تون چوين ٿو ته دنيا هڪ سڌي سنئين ٿالهيءَ جهڙي آهي،
جي ائين هجي ته ضرور ڪو اهڙو رڪارڊ به هجي ها،
جنهن ۾ اهو ڏيکاريو ويو هجي ته فلاڻو ڪناري تان
ڪري پيو.
ميل جول جا طريقا- ڀلي آئين. معاف ڪجانءِ. وري چئجان. خير جي
ڳالهه آ! ڪا ڳالهه ناهي. مهرباني. الوداع! خدا
حافظ!
جادو، منڊ ۽ ڦيڻا.
پڇاڳاڇا- ڪنهن ڳالهه معلوم ڪرڻ لاءِ پنهنجي خواهش ظاهرڪرڻ: ادا
ٻڌائيندا ته مسجد ڏانهن ڪهڙو رستو ٿو وڃي!
لفظن جو لطف وٺڻ- لفظ رڳو مزي خاطر به ڪم آڻجن ٿا. مثال طور،
ماڻهوءَ کي ڄاهو، گدڙ (ڊڄڻو)، رڍ (حليم)، ڳئون جي
کل (نرم)، جبل (تمام ڳورو)، سڪو ڪاٺ (رکو) چيو ٿو
وڃي.
پنهنجو پاڻ ڳالهائڻ.
راڳ ۽ نغمو. (26)
عام رواجي ٻوليءَ جي باري ۾، پوٽر جا خيال وڏي ڪم جا آهن. لکي
ٿو: ”ٻوليءَ جي صحت ۽ طاقت جو دارومدار سڀ کان اڳ
۾ عام رواجي ٻوليءَ تي آهي، ڇو ته اها ٻولي پنهنجي
عذا ۽ پنهنجي تازگي روزمرهه جي بهترين ڳالهه ٻولهه
مان لڳاتار حاصل ڪندي ٿي رهي.“
پيئرسل سمٿ تان نقل ڪندي، پوٽر هن باري ۾ لکي ٿو: ”انساني ٻولي
عوامي پيداوار آهي. اها نه عالمن جي پيداوار آهي ۽
نه استادن جي. عالم ۽ استاد ٻوليءَ کي شاهوڪار
بڻائين ٿا، ۽ ان کي سينگاري ٺاهي ادبي ٻوليءَ جي
حسن جو گل بڻائين ٿا. پر ته به ٻوليءَ جون اهم
ترين مکڙيون انهيءَ ٽاريءَ تي پيدا ٿين ٿيون، جيڪا
پنهنجو پاڻ اڀري ۽ وڌي آهي ۽ ان جون پاڙون زمين ۾
آهن ۽ جيڪا ڪنهن به هڪ جي محنت جو نتيجو نه آهي.
اها ئي زمين آهي جنهن مان ٻوليءَ کي پنهنجي تازگي
۽ غذا وٺڻ گهرجي. ٻيءَ حالت ۾ تاريخ جي سفر ۾ اها
به انهن ٻولين جيان مري ويندي، جيڪي پنهنجي عام
رواجي حالت کان ڇڄي جدا ٿيون هيون.“ (27)
ساڳئي ريت پوٽر چوي ٿو ته ”بهترين زبان اها آهي جنهن جو بنياد
سماجي روايات تي رکيل هجي.“
هڪڙي ٻي اهم راءِ هن هيٺ نقل ڪجي ٿي- ”انسان زمين تي انهيءَ
مخلوق جو نالو آهي، جيڪا زبان جي مالڪ نه آهي پر
خود ٻولي آهي.“ (28)
”ٻولي ڪليات
(Universals)
جي اها سگهه آهي، جيڪا انسان کي انهيءَ لاءِ ڏني
ويئي آهي ته هو پنهنجي ماحول جو مشاهدو ڪري سگهي ۽
اهو معلوم ڪري ته هو به هڪ دنيا جو مالڪ آهي. دنيا
خلقهڻ ٻوليءَ جي قانون ۾ آهي، ان ڪري اها ڪوشش
اجائي آهي جنهن جو مقصد آهي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد
معلوم ڪرڻ. جهڙيءَ طرح عقل جو بڻ بڻياد معلوم ڪري
ٿو سگهجي، اهڙيءَ ريت ٻوليءَ جو بڻ بڻياد معلوم
ڪري نه ٿو سگهجي. عقل ۽ ٻوليءَ جي عمر ايتري آهي
جيتري خود انسان جي. عقل ۽ ٻولي ٻيئي انسان جي اهم
ترين حقيقت ۽ سندس لساني وجود جا حصا آهن“. (29)
”ٻولي اها شيءِ آهي، جيڪا انسان کي انهيءَ لائق بڻائي ٿي ته هو
پاڻ جهڙن ٻين انسانن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري، ٻين
جي اڳيان پنهنجي نفس جا راز کولي؛ خدا جي اڳيان
پنهنجون التجائون، خواهشون، نااميديون ۽ ڏک ظاهر
ڪري.“
”لفظ مخلوق نه آهي ڇو ته اهو فقط لفظ ”ڪن“ جي مدد سان ممڪن ٿيو
هو ته دنيا وجود ۾ آئي ۽ خالق ڪا شيءِ خلقي.
جيڪڏهن ائين چيو ويو ته ”ابتدا ۾ رڳو خدا جو وجود
هو“ ته پوءِ لفظ جو وجود به خدا جي وجود سان
وابسته مڃڻو ٿو پوي.“
”انسان ٻولي کانسواءِ خود پاڻ کي سڃاڻي نه ٿو سگهي. ٻولي انسان
جي نمائندگي ڪري ٿي. ٻولي انسان جو وڏو ڪمال آهي.“
”ٻوليءَ جي مدد سان انسان جي طاقت جي حفاظت ٿي رهي آهي.“
”ٻولي رڳو ميڪانيڪي سرشتو نه آهي، توڙي جو اُها هڪ ميڪانيڪي
سرشتو آهي. ان جو مقصد اهو هئڻ گهرجي ته ڏسون ته
ٻوليءَ جي ميڪانيت ۽ ٻوليءَ جي معنيٰ جو پاڻ ۾
ڪهڙو لاڳاپو آهي.“
”ٻولي انسان ۽ خدا جي وچ ۾ تعلق جو هڪ وسيلو آهي.“
”ڪائنات پاڻ ئي ٻولي آهي. اهڙيءَ ريت ٻولي نالو آهي خيالن کي
وجودن بخشڻ
(Corporealisation)
جو.“
”ٻِولي رڳو ”هئڻ“
(being)
نه آهي: ٻولي ته ”ٿيڻ“ يا ”بڻجڻ“
(Becoming)
به آهي.“ (30)
ٻولي پنهنجو پاڻ ئي زندگيءَ جي هڪ نئين معيار کي ممڪن بڻائي ٿي.
ٻوليءَ جي مدد سان ئي اسان پنهنجي وسيع ترين دنيا
جي جدا جدا علائقن ۾ داخل ٿيون ٿا. لفظن جي سکڻ
سان اسان انهيءَ دنيا کان واقف ٿيون ٿا، جيڪا اهي
لفظ پاڻ ۾ سمائين ٿا.“ (31)
”ٻولي اظهار جو اهڙو وسيلو آهي، جنهن کي جدا جدا نمونن ۾ ورهائي
ٿو سگهجي. اهو جن ڀاڱن ۾ ورهائي ٿو سگهجي، انهن
مان هر هڪ کي مونيم
(Moneme)
ٿو چئجي. انهيءَ مونيم ۾ ٻوليءَ جي معنيٰ وارو
مواد به هوندو آهي ۽ ان جي صوتياتي صورت به هوندي
آهي. انهيءَ صوتياتي صورت کي وري جن جزن ۾ ورهائي
ٿو سگهجي، انهن کي فونيم ٿو چئجي هو. فونيمن جو
تعداد ٻوليءَ ۾ مقرر ٿئي ٿو ۽ انهن جي نوعيت ۽
هڪٻئي سان واسطيداري به جدا جدا ٿئي ٿي.“ (32)
ٻوليءَ جون ڪي وڌيڪ خصوصيتون
ٻولي هڪ مڪمل اهڃاڻوي نظريو آهي، جنهن ۾ انسان جو تجربو شامل
آهي.
”ٻولي پنهنجي ڪارڪردگيءَ
(Activity)
جي لحاظ کان عمل کان جدا ڪري نه ٿي سگهجي.“ (33)
(33) ”اها ٻولي جيڪا هڪ وسيلوآهي ۽ منطقي طريقو
آهي، تنهن جو تعلق ڳالهائڻ وارن عضون جي مدد سان
نڪرندڙ آوازن سان آهي ئي ڪونه.“ (34)
انهيءَ جو واسطو عقل ۽ سماجي حالتن سان ۽ ڪلچر سان آهي.
وڌيڪ تحقيق
ٻوليءَ جي باري ۾ مٿي جيڪي ان جي وصف جي لحاظ کان چيو ويو آهي،
ان سڄي کي هڪ وقت پڙهبو به جيڪي نتيجا ڪڍي سگهبا،
پهريائين اهي هيٺ ڏجن ٿا:
ٻوليءَ جي اڏاوت ۾ آوازن ۽ معنيٰ جي جزن، جهڙوڪ مونيم، فونيم ۽
مورفيم، گڏجي ڪم ڪيو آهي.
ٻولي گلي جي عضون يا آوازن وارن عضون جي اداري
چرپر جي مد سان ٺهي آهي.
ٻولي هڪ عمليت ۽ هڪ عمل
(Activity)
آهي، ڇو ته ارادي ۽ مقصدي شيءِ آهي.
ٻولي اظهار جو وسيلو آهي، پر اظهار رڳو معنيٰ جو
چئي نه ٿو سگهجي، ڇو
ته ٻوليءَ ۾ ته انسان جو عظيم تجربو ۽ ان جون
بنيادي صلاحيتون به موجود آهن.
ٻولي انسان جي پهرين امتيازي حيثيت آهي، ڇو
ته ان ۾ انسان جي محنت ۽ عمل يا پورهئي جا تجربا
شامل آهن، جن جي ڪري بنيادي انساني تهذيب وجود ۾
آئي.
ٻولي پنهنجو پاڻ ئي هڪ علم ۽ خزانو آهي.
ٻوليءَ جو اڀياس ڄڻ انسان ذات جو اڀياس آهي.
ٻولي انسان جي حاصلات ۽ ان جي عضون ۽ صلاحيتن جي
اپت آهي. ان ڪري ٻولي پهريائين انسان جو ارادي عمل
۽ پوءِ هن جي عادت آهي.
ٻوليءَ اهڃاڻن، علامتن ۽ نشانن جو هڪ وسيلو آهي،
جنهن جي مدد سان اڳواٽ سکيل تجربو ٻين تائين
پهچائجي ٿو، ۽ اهڙيءَ ريت انساني تهذيب کي ممڪن
بڻائجي ٿو.
(جيئن آڊمس ٿو چوي) ڳالهائڻ واري
عادت (يا ٻولي) اسان جي ذهن جي اصل جوڙجڪ
(Substance)
کي پنهنجي لئه يا طريقي
(Fashion)
۾ بدلائي ٿي ڇڏي. (هن ڳالهه تي وڌيڪ بحث ساپر ۽
هودف جي مفروضي جي باب ۾ ڪيو ويو آهي.)
ٻولي ماڻهن جي خيالن، نظرين ۽ محسوس ڪرڻ جي طريقن
جو هڪ
رڪارڊ آهي، جيڪو انسان ۽ انسان جي روح جي تاريخ
جهڙو آهي ۽ ان ڪري سڀني تاريخن کان وڌيڪ اهم آهي.
(جيئن لوگن پيٽريل سمٿ ٿو چوي).
ٻوليون ماڻهن جي هڏن مان نه پر زندهه ماڻهن جي
روزمره جي زندگيءَ مان ئي معلوم ڪري ٿيون سگهجن.
(فرٿ
Firth
جو نظريو).
ٻولي انسان کي قوميتن ۾ ورهائي ٿي.
ٻوليءَ جي مدد سان انسان پنهنجي ماحول کي پاڻ ئي
سمجهي سگهي ٿو.
ٻوليءَ جي عمر خود انسان جي عمر جيتري آهي.
هنن پندرنهن نقطن کي سماج ۽ ان جي سٽا ۽ جوڙجڪ جي باب سان ملائي
پڙهبو، ته نظر ايندو ته جيڪي ڳالهيون انسان کي
سماج جو هڪ جزو بڻائين ٿيون، اهي سڀ ٻوليءَ ۾
موجود آهن.
مثال طور عمل، تجربو، ارادو، مقصد، اعتقاد، ميل ميلاپ، اظهار،
پيار جو جذبو. روح جي تاريخ، تهذيب، خيال، نظريا،
سوچ جا طريقا ۽ روزمره جي زندگيءَ جا اصول سڀ
ٻوليءَ جي وصف ۾ شامل آهن. ۽ اهي ئي اهي ڳالهيون
آهن، جن جي بنياد تي ڪو سماج ٺهيو آهي. ان ڪري
آخري طور تي مٿي حوالن طور پيش ڪيل راين جي آڌار
تي، اهو نظريو قائم ڪري ٿو سگهجي ته سماج ۽ ٻوليءَ
جو سٻنڌ نه رڳو قائم آهي پر اهو اٽوٽ آهي ۽ ٻيئي
هڪٻئي جا لازم ۽ ملزوم آهن. اهڙيءَ ريت ٻوليءَ جو
اڀياس، سماج جو اڀياس آهي، ۽ سماج جو اڀياس ٻوليءَ
جو اڀياس آهي، يا ٻيئي هڪٻئي کي سمجهڻ جا وسيلا
آهن، ۽ گڏجي انسان جي سچي تاريخ ٺاهين ٿا. ٻوليءَ
جو واسطو سماج ۽ ڪلچر سان اڃا به وڌيڪ آهي. هن
باري ۾ بحث ۽ تحقيق طور ڇنڊڇاڻ اڳتي اچي رهي آهي.
حوالا
“Encyclopaedia of Social Sciences”, Editor in
chief R. A. Edwin Solisman, Asstt: Editor
Johenson, Chapter on Language, Vol. IX, p. 156.
See Nelson
Francis W. “English Language” an Introduction
and Background for Writing, 1956.
Ibid, pp.
1-5.
Bloomfield
Leonard, “Language”, 1961, p. 21.
Encyclopaedia
Britannica, Ency. Britannica Corporation Ltd,
Vol. X (chapter on Language), 1961, p. 696.
Isaac
Goldberge: “The Wonders of the World”, N. Y.
1938, p. 29.
Alfred Kuhn:
“The Study of Society”, (A multi- disciplinary
approach) Social Science (paper back). Tavistock
Publication Ltd.
London,
1966, p. 152.
Encylopaedia
Britannica, Ency: Britannica Corporation, 1861,
(Chapter on Language), Vol. X, p. 696.
Alfred Kuhn
“The Study of Society” (A multi- disciplinary
approach), Social Science (paper back),
Tavistock Publication Ltd,
London,
1966, p. 152.
Ibid, p. 154.
Toynbee as
quoted by Adams in his Essay “The idea of
Civilization” in his “Civilization”, University
of California Press, 1959, p. 56.
Odgen C. K. Richards I. A. “The Meaning of Meaning.”
Rlutledge and Kegan Paul Ltd,
London, Tenth edition, 1952, p. 5.
Sapir Edward: “Language”: (An introduction to the study of
speech), Harcourt, 1949 p. 7.
Shiply J.T.
(Editor) “The Dictionary of World Literary
Terms”, George Allen and Unwin, London, 1955, p.
246.
Ogan Pearsal Smith: “Words and Idioms”, Constable and Co.
Ltd,
London. 1928 p. Vii (Introduction).
Sapir Edward: “Language” (An introduction to the
study of speech) Harcourt, 1921.
Joeseph, R. Keller: “Linguistic Theory and the Study of
English” (A selective outline), Burgess
Publishing Co. 1963, p. 1.
Ibid, p. 2.
Ibid, p. 4.
John, R. Firth: “Papers in Linguistics” 1975, p.
179.
Sapir, Edward: “Language” (An Introducation to the study of
speech), Har- court, Brace, 1949, p. 4.
Ibid, pp. 8- 11.
Ibid, pp. 12- 13.
Simeon Potter: “Language in the Modern World” (A
Pelican book), Hazell Watson, Ltd, 1960, pp. 24.
Ibid, p. 175.
Boulton,Marjorie: “The Anatomy of Language”,
Routledge and Kegan Paul Ltd, London 1960, pp.
3- 12.
Simeon Potter: “Language in the Modren Wolrld”
(A pelican book), Hazell, Watson, Ltd, 1960, p.
178.
Ruth Nauda and Anshen: “Lnaguage” (An enquiry
into its meaning and function), Harper and
Brothers (N. Y), 1957, p. 3.
Ibid, pp. 3-4.
Ibid. pp, 4.
Bean, S. I. and Peter, R.S. “Social Principles and the Democratic
State”, George Allen and Unwin Ltd, Lodon, 1968,
p. 14.
Andre Martinet: “Functional View of Language”,
1962, p. 26.
“Encyclopaedia of Social Sciences”, General
Editor R. A. Edwin Seligman. Asstt: Editor
Johenson, Vol. IX, chapter on Language, p. 158.
Ibid, p. 156.
***
باب چوٿون
ڪلچر
1- وصف
ڪلچر مان اسان جي مراد آهي هڪڙو مادي شين
(Concretes)
يا عنصرن
(Elements)
جو اهڙو سلسلو
(Continuum)
جيڪو هڪ طرف کان مادي ته ٻئي طرف کان تصوراتي هجي.
ان جو دارومدار اهڃاڻوي طريقي
(Symboling)
تي هجي.
2- مقصد
ڪلچر جو مقصد آهي:
(1) انسان ذات جي زندگيءَ کي خطرن کان محفوظ ڪري،
ان کي جٽادار بڻائڻ.
(2) انسان ذات جون ضرورتون پوريون ڪرڻ.
اهي ضرورتون هي آهن:
(1) جيڪي خارجي دنيا کي ڪم آڻڻ مان پوريون ڪري سگهجن ٿيون،
(2) اندريون ۽ نفسياتي ضرورتون،
(3) سماجي ضرورتون، ۽
(4) ماڻهوءَ کي هڪ طرف پنهنجي ماحول سان ڳنڍڻ ۽ ٻئي طرف ماڻهوءَ
کي ماڻهوءَ سان ملائڻ واريون ضرورتون.
3- وجود
ڪلچر جو وجود انسان جي عملن تي دارومدار رکي ٿو.
ان جي بقا ۽ مدد به ساڳئي طريقي سان ٿي سگهي ٿي.
ڪلچر کي سرشتي
(System)
۾ آڻڻ واري شيءِ خود فطرت
(Nature)
آهي، جنهن ڪلچر کي عام طريقو
(General way or Comman way)،
جوڙجڪ
(Structure)
۽ ڪارڪردگي
(Behaviour)
ڏنا آهن، ان جوڙجڪ ۾ انساني جسماني جوڙجڪ ۽ ان جون
صلاحيتون موجود آهن. ٻيءَ حالت ۾ ڪلچر جو وجود
ممڪن ئي نه هو. (1)
4- حصا
ڪلچر ۾ جيڪي شيون شامل آهن، سي هيٺ ڏجن ٿيون:
واپرائڻ جي شين جا ڪي نمونا،
اوزار،
رواج، ۽
جسماني يا دماغي عادتون.
هي سڀ اهي شيون آهن، جيڪي انسان جي ضرورتن کي پورو ڪن ٿيون. (2)
2- ڪلچر ۾ جيڪي شيون شامل آهن، سي وڌيڪ هيٺ ڏجن ٿيون:
(1) ورثي ۾ مليل ملڪيت يا سامان،
(2) کاپي جون شيون،
(3) تڪنيڪي سلسلا،
(4) عمل،
(5) عادتون، ۽
(6) وٿون يا قدر- (3)
ڪلچر تنهنڪري اها حقيقت آهي
جنهن کي وسيلا هجن.
جنهن جي وجود جو مقصد انسان جون ضرورتون پوريون ڪرڻ هجي.
جنهن کي پنهنجو هڪ اهڙو طريقو هجي، جنهن سان هو انسان کي قابل
بڻائي سگهي ٿو ته هو ماحول سان نباهه ڪري.
ڪلچر انسان کي وڍڪٽ جا اوزار مهيا ڪري ٿو.
ڪلچر انسان کي پنهجي بچاءَ لاءِ هٿيارن جي هڪ زرهه
يا پاکر
(Armour)
عطا ڪري ٿو.
ڪلچر انسان کي چرپر
(Mobility)
۽ رفتار
(Speed)
ڏئي ٿو، ته جيئن هو پنهنجي ماحول ۾ چري پري
سگهي.(4)
5- دائرو
ڪلچر انسان جي ڪل موڙي ۽ پيدا ڪيل اپت
(Creation)
آهي. اها اپت انسان جي صلاحيت جو دائرو وڏو ڪري ٿي
۽ ان جي عمل جو دائرو به وڏو ڪري ٿي. اها انسان کي
سوچ سمجهه جي گهرائي ۽ عقل جي ويڪرائي بخشي ٿي.
اهي ڳالهيون اهي آهن، جيڪي جانورن ۾ ڪونه ٿيون
لڀن. (5)
6- طريقا
علم الانسان
(Anthropology)
ڪلچر کي ٻن طريقن جي مدد سان پيش ڪري ٿو:
ارتقائي طريقو، ۽
تاريخي يا ڪلچري ميلاپ وارو طريقو.
پهريون طريقو ٻڌائي ٿو ته ڪلچر تمام گهڻا ٿي سگهن ٿا ۽ انهن مان
هر هڪ مڪمل طور تي قائم رهڻ جهڙو آهي ( بشرطيڪ
ارتقائي اصولن جي خيال کان قائم رهڻ جي لائق هجي
يعني فطرت ان جو اتنخاب ڪيو هجي ۽ ان کي ”جوڳائتي
بقا“
(Survival)
جي اصول تي بقاءُ حاصل ٿيو هجي.)
ٻيو طريقو ڪلچر جي تاريخ واري خيال کان ڪلچر کي هڪ ۽ واحد ڪلچر
ٿو سمجهي ۽ جدا جدا ڪلچرن جو وجود الڳ الڳ ۽ نرالو
نه ٿو سمجهي. پر انهن کي هڪ ئي ڪلچر جي گهرائيءَ
(Intensity)
جا جدا جدا مرحلا ٿو سمجهي. ان خيال مطابق ڪلچر
هڪٻئي ۾ گم ٿي وڃن ٿا ۽ گم ٿي سگهن ٿا. (6)
7- ڪلچر جي معنيٰ
ڪلچر جو لفظ انسان جي ڪل کوجنا يا اپت جي موڙيءَ جي لاءِ ڪم
آندو ويندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ منڍ کان وٺي اڄ
تائين ڪلچر انسان جي عملن جو هڪ نچوڙ آهي. ان جو
مطلب هي آهي ته مادي، تصوراتي ۽ خيالي هر اها
شيءِ، جا انسان پاڻ زندهه هئڻ واري حالت ۾ پيدا
ڪئي آهي، سا ڪلچر جي تصور ۾ اچي ٿي. (7)
8- ڪلچرُ يا ڪلچرَ
ڪلچر هڪ اهڙو به ٿئي ٿو جنهن جا گهڻا ڪلچر به ٿين ٿا. (اهڙيءَ
حالت ۾ جاگرافي جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ به ڪلچرُ
يا ڪلچرَ قائم رهي سگهن ٿا.) پر باهمي ميل ميلاپ
جي لاءِ واحد ٻوليءَ جو وجود ضروري آهي. پر اهو به
تڏهن ضروري آهي جڏهن اعتقاد، مقاصد ۽ جذبا سڀ
ساڳيا هجن ۽ اهي هڪ ئي طرز زندگيءَ ۾ شراڪت يا
ڀائيچاري کي وڌائيندا هجن. ٻيءَ حالت ۾ باهمي ميل
ميلاپ جو درجو محدود رهندو. (8)
9- ڪلچر ۾ واڌارو وٺڻ
(Cultural Borrowing)
فقط اهي ئي شيون ٻئي ڪلچر وٽان وٺي سگهجن ٿيون، جن کي پنهنجي
ڪلچر ۾ سمائي سگهجي، يا جن جي پاڻ وٽ کوٽ هجي. خاص
ڪري هڪ سٺي سماجي تنظيم ۾ ته اڌارو يا نئون ڪلچر
ٿڏجي ٿو وڃي يا ان جو سخت مقابلو ٿو ٿئي. ان ڪري
اهڙي صورتحال ۾ ڪلچري ميلاپ
(Cultural Fusion)
جي رفتار تمام سست ٿي رهي. (9)
10- ڪلچري مواد جي تقسيم
(1) ٻولي.
(2) مادي شيون ۽ هٿيار يا اوزار (هن ۾ کاڌي پيتي جون شيون به
شامل آهن.)
(3) آرٽ، پينٽنگ، ڊرائنگ، موسيقي ۽ شاعري.
(4) عبادتون، بيمار جي تيمارداري، لاش سان سلوڪ،
سليقو، رسمون ۽ اعتقاد.
(5) خاندان ۽ سماجي طريقا.
(6) مائٽيءَ جي حيثيت.
(7) وراثت.
(8) سماجي تنظيم.
(9) راند روند يا وندر جو طريقو.
(10) دولت.
(11) اصلي ۽ خانداني خانگي زر ۽ مٽاسٽا جا معيار.
(12) واپار.
(13) سرڪار.
(14) سياسي نظام، قانوني ۽ عدالتي نظام، جنگ ۽ امن
جا تصور. (10)
ڪلچري مواد جي اڃا وڌيڪ هڪ تقسيم به آهي، جنهن جي
سري هيٺ ٻه طريقا اچن ٿا.
منطقي طريقو ۽
جمالياتي طريقو.
منطقي:
(الف) علم جي اها دولت، جنهن کي منطقي طريقن سان پرکيو وڃي.
(ب) وسيلا، جن کي تجربي سان پرکيو وڃي.
جمالياتي:
اهي شيون، جيڪي سماج کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ ڪم اچن ٿيون، جيئن
جهنڊو امتيازي نشان، مذهبي احڪام، قانون، اهڃاڻ
واريون شيون. (11)
11- جدا جدا ڪلچر
انساني معيارن تي انساني سماج جا اهي ذخيرا، جن جو تعلق هڪ طرف
کان انساني سماج جي سموري
(General)
۽ عام ڪلچر سان ڳنڍيل آهي، ۽ ٻئي طرف کان اهي پاڻ
ممتاز ۽ جدا حيثيت جا مالڪ پڻ آهن، تن کي جدا جدا
ڪلچر ٿو چئجي. (12)
12- ڪلچر جي خيال کان سنڌي سماج جي عمومي حيثيت
هن سري هيٺ هاڻي اسان لاءِ اهو ضروري آهي ته اسان پنهنجي سماج
جي عملن جي انهن عمومي ڌارائن
(General Postulates) جو ذڪر ڪريون، جيڪي اڳتي هلي اسان جي سماج جي سماجي ڪلچري ۽
ٻوليائي حيثيت کي وڌيڪ سمجهڻ ۾ مدد ڪن.
هن باري ۾ پڌرو هجي ته اسان جي سماج ۾ نئين پراڻي جو تصور هڪ ئي
هڪ اچي ٿو، ڇو ته ويجهڙائي ۾ اسان جي سماج تي به
ڪل قومي معيارن جو وڏو اثر پيو آهي ۽ ان ڪري اهو
هاڻي تمام تيزيءَ سان وڌي ۽ بدلجي رهيو آهي. ان
ڪري اسان پنهنجي سماج کي ”جهونو يا پراڻو“ سڏڻ سان
گڏ اهو احساس به رکون ٿا ته اهو ڦري رهيو آهي ۽
نئون ٿي رهيو آهي.
حوالا
Lesile, A. White: “The Evolution of Culture”, p.
3.
“Encyclopaedia of Social Sciences”, General
Editor R. A. Edwin Seligman, Asstt: Editor-
Johenson. Vol. 13 (Chapter on Culture).
Ibid, p. 622.
Ibid, p. 625.
Ibid, p. 625.
Ibid, p. 626.
Franz Boas: “Race Language and Culture”, The
Free Press, N. Y. Paper back Edition, 1966, p.
140.
Ibid, p. 141.
Ibid, p. 143.
Clerk Wissler: “Man and Culture”, J. v. Crowell
Co, New York, 1923, p. 74.
James. W. Woodard: “American Classification of
Culture” in “American Sociological
Review”, of “Academy of Sciences”, 1936, (New
York).
Paul p. Horton and
Chester
L. Hunt: “Sociology”, Mc- Graw Hill Book
Compangy,
New York,
1946, p. 46.
***
باب پنجون
سنڌي سماج جون ڪي عمومي ڌارائون
ٻوليءَ جي شاهديءَ تي سماج جون ڌارائون هي آهن:
مٽي مائٽي ”ڏي وٺ“ جي بنياد تي ٿئي ٿي.
نتيجا:
مٽي مائٽيءَ ۾ اسان جون ذميواريون ذاتي ذميوارين کان گهڻو مٿي
آهن.
گهوڙي ڪن برابر- مٽي مائٽيءَ ۾ وڏ ننڍائيءَ جو سوال ئي ڪونه ٿو
پيدا ٿئي.
ذاتي عمل جي ذميواري به ذات وارن يا مائٽن تي عائد ٿئي ٿي، ان
ڪري بدلي يا هرجاڻي ۾ سڀ گڏ ۽ شريڪ رهڻا آهن.
ننگ ۽ نياڻيون سڀني کي هڪجهڙيون پياريون آهن.
ننگن ۽ نياڻين تي يا ونين تي سر ڏبا آهن.
ننگن جي سام رڳو سڄڻ جهلي سگهندا آهن يا سيڻ.
ننگ ڏبا ته نشانبر (ظاهر) ٿي ڏبا، ڇو ته مٽي مائٽي وڻو (عيب)
ڪونه ٿا سمجهون.
ڀائر ڀائرن جا وارث آهن (يعني مال ملڪيت ۾ سڀني جو
حق آهي، ڇو ته هو پياري ۾ پياري شيءِ يعني نياڻي
به هڪٻئي کي ڏين وٺن ٿا).
زال ۽ مڙس جا هڪٻئي تي حق آهن پر پيڪا ۽ ساهرا به حق رکن ٿا.
(زال اها جيڪا پيڪا به ملهائي ساهرا به.)
زال مرد جي لاءِ هڪ وسيلو آهي وڌيڪ عمليت ۽ سماجي ڪارڪردگيءَ جو
(ان ڪري زال کي چئون ”ٻانهن“).
زال ٻن ڌرين جي وچ ۾ لاڳاپن جو وسيلو آهي (ان ڪري زال کي چئون
”سڱ“).
زال ۽ مرد جي جنسياتي ۽ سماجي لاڳاپا انتهائي جانبدار ۽ محفوظ
رهن ٿا.
نتيجا:
مرد جي حيثيت اهڙي آهي جهڙي پٽڪي جي ورن جي، جيڪي هڪٻئي مٿانهون
ورن ٿا ۽ هڪٻئي جو ڍڪ ٿين ٿا (ان ڪري مڙس کي چئون
”ور“).
زال وڌيڪ نسل پيدا ڪري ٿي ان جو وسيلو بڻجي ٿي (ان ڪري زال کي
چئون ”وهه“ (يعني وهڪرو
Channel). (”مون ور تون ئي تون تو ور وهون ڪيتريون.“)
مرد غير عورت سان ڏسي وٺون ته چئون ”ڪارو“ (بد) آهي.
اهڙيءَ ريت عورت غير مرد سان هجي ته چئون ”ڪاري“ آهي (ڪاري
ڪاريءَ جي سزا موت آهي.)
غير صحتمند ۽ ناجائز تلعقات هئڻ جي ڪري چئون ته فلاڻي جو
فلاڻيءَ سان ”منهن ڪارو“ آهي يا فلاڻي جو فلاڻيءَ
سان ”منهن ڪارو“ آهي.
عورت ناجائز تعلقات رکي ته چئون ته ”کريل“ آهي. (اهڙيءَ ريت مرد
لاءِ به ”کريل“ ڪم اچي ٿو.)
عورت ڀڄي وڃي مڙس ڪري ته چئون ته ”ڀڳين ڪهڙا سيڻ“ (يعني هن جو
هاڻي مائٽن سان ڪو واسطو ڪونهي.)
نياپي سنيهي ڏيڻ واري يا واريءَ کي چئون ته ”وچتي“ آهي يا ”وچ
واري“ آهي، ڇو ته اهو مرد يا عورت زال ۽ مڙس جي
تعلقات کي ڇني ٿي.
”مڙس“ معنيٰ ”گهر“، ان ڪري مڙس کي چئون ”گهر وارو“
۽ زال کي چئون ”گهر واري.“
پٽجو اولاد وڌيڪ نسل جي اپائڻ ۽ نپائڻ لاءِ ضروري آهي.
نتيجا:
عورت کي پٽ نه ٿئي ته ان لاءِ نفرت کان چئبو ته ”نپٽي“ (نڀاڳي)
آهي.
اهڙيءَ ريت مرد لاءِ به ”نپٽو“ لفظ ڪم آڻي، هن کي نڀاڳو سمجهبو.
اڪيلو پٽ يا اڪيلي نياڻي هجي، ته چئون ته ”سڪيلڌو“ آهي يا
”سڪيلڌي“ آهي (معنيٰ وڏيءَ اڪير کان پوءِ ڄائي
آهي.)
پٽ يا ڌيءَ جي زندگي ان جي هڪڙي هئڻ جي حالت ۾ ڏاڍي پياري ٿئي
ٿي، ان ڪري ”هڪڙي پٽ جي ماءُ“ سڏي، اسان ڄڻ ڪنهن
عورت کي قسم ڏيندا آهيون. (مائي! هڪڙي پٽ جي ماءُ
آن، تون ڳالهه ڪر.)
پٽ کي ڀاڳ سمجهندا آهيون، ان ڪري سڀاڳيءَ عورت کي چئون ”پٽن
ماءُ“.
پٽ کلندو هجي يا کلڻو هجي، ته چئون ته ”ماءُ هن کي کلي ڄڻيو
آهي.“ دير سان پٽ ڄمي ته چئون ته مينهن ۽ پٽ
”قسمتي“ (يعني پٽ ڄڻ قسمت آهي.)
يا چئون ته ”پٽ ڊڀ ناهن، جو هر هر ڄمندا.“
پٽ کي چئون ”ويڙهو“: دعا ۾ چئون ”شل ويڙها وڌنئي!“ (يعني شل
خاندان ۾ برڪت پوي.)
پٽ کي ”پيڙهي“ چئون. ان ڪري چئون (نپٽيءَ لاءِ) ته پويان پيڙهي
ڪانه ٿيس.“ پٽ کي پيڙهي ڪري سڏ ڪريون- ”او ابا!
پيڙهي!“
پٽ کي سڏيون ”سلو“” پٽ نه هجي ته چئون. ته ”پويان سلو ڪونه
ڇڏيائين.“
اهڙيءَ ريت مرد لاءِ لفظ ”وڻي“ (وڻ جهڙو) يا ”وانگي“ (وانگ يا
ڇانگ جهڙو) ڪم آڻيندا آهيون.
پٽ کي يا ڌيءَ لاءِ لفظ ”روچي“ ڪم آڻيون (”روچ“ ڀاڳ جي معنيٰ ۾
ڪم اچي ٿو). پٽ يا ڌيءَ کي سڏيون ”وڌندي روچي“ (يا
وڌندڙ ڀاڳ).
پٽ کي ”ٽُهي“ يا ٽهي به سڏيندا آهيون. ٽهي معنيٰ ول يا ٻوٽو
(نهال). ان ڪري جوان نسل کي سڏيون ”نئين ٽهي“
(جنهن جو مستقبل روشن هجي). (”ٽهو“ لفظ اسان جي تر
۾ تيليءَ لاءِ به ڪم اچي ٿو ڇوته ان تي مٿان سنگ
يا پيداوار ٿئي ٿي). مثال: ”گاهه جي ٽهي لاءِ وڙهي
پيا.“)
پٽ کي چئون ”پڳ“. ان ڪري گهاٽي يار کي چئون ”پڳ مٽ“ يار (پٽ
جهڙو پيارو-) (”پڳ“ مٿان جو ڪم اچي ٿو).
پٽ کي چئون ”بڻياد“ معنيٰ نسل يا بنهه پاڙ (ان ڪري ”پيڙهي
بڻياد“ لفظ گڏ ڪري به ڪم آڻيندا آهيون).
پٽ کي چئون ”اميد“ ان ڪري حامله عورت جي لاءِ چئون ته ”اميد
واري“ آهي (هر عورت لاءِ چاهيندا آهيون ته هن کي
پٽ ڄمي.) يا حاملا لاءِ چئون ته ”اميد سان آهي“ يا
هن کي ”اميد“ آهي.
پٽ کي چئون ”ڌڻي يا مالڪ“، ان ڪري نڀاڳيءَ کي چئون ”ننڌڻڪي“
(جنهن عورت جو ڪو ڌڻي نه هجي)، يعني جنهن کي پٽ نه
هجي. اهڙيءَ ريت مرد لاءِ به ”وارث“ ۽ ”ڌڻي“ لفظ
ڪم اچن ٿا.
نڀاڳي پٽ لاءِ چئون ”جهڙو ٿيئن تهڙو نه ٿئين.“
قسمت يا مقدر جو تصور موجود آهي، ان ڪري اسان جو ويساهه آهي ته
ڪمن جا نتيجا ائين ٿا نڪرن جيئن ”مقدر“ چاهي ٿو
(”واڳ ڌڻي جي وس آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي“.)
نتيجا:
ڪو ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ چئون ته ”دعا گهر“ (نيزاري ڪر ته جيئن نتيجو
سٺو نڪري).
ڪنهن جي واتان پٽڻ جا لفظ نڪرن ته چئون ”خير گهر“.
”پرائو خير“ ته ”پنهنجو خير.“
نتيجو برو نڪري، ته چئون ته ”قسمت!“
چئون ”لکيو ته ٽري ئي ڪونه“ (”لکيو منجهه نراڙ“ يا ”ڀاڳ ظاهر
آ“)
”بس جيئن هوندو تيئن ٿيندو“ (يعني جيئن ٿيڻو هوندو
تيئن ٿيندو.)
جيڪو روز (روزي) ”لکيل“ آ، سو ملندو.
روز آ رب تي.
”لکئي منجهان ليهه (ذري) لهندي ڪانه لطيف چوي“،
(يعني ان مان ذور به گهٽ وڌ نه ٿيندو.)
مڙس ”بيٺو“ آ ته لکن جو آ، ”ڪرئي“ جو ڪوئي ڪونهي.
اهو سوار ئي ناهي، جيڪو ڪريو ناهي.
”جنين ڏاند نه ٻڄ تنين به تنهنجو آسرو.“
رزق جا وسيلا ورهائڻ گهرجن ۽ سڀ ڪنهن کي حق ملڻ گهرجي.
نتيجا:
حق وڃڻو ناهي.
شل حقئون به رکي ته ناحقئون به رکي (خدا شل ناحق بخشي).
حق وارن کي حق ملڻو آهي.
ڪنهن ڏي لهڻو هوندو ته ملندو ڇونه!
ونڊ ۽ کاءُ، ايمان پاءِ.
ماءُ ڄڻيندي پٽڙا ڀاڳ نه ڏيندي ونڊي (سڀ ڪنهن کي پنهنجو پنهنجو
نصيب ملندو.)
ملڪيت جو تصور جنهن ۾ ذاتي ملڪيت اچي وڃي ٿي.
نتيجا:
”اڀريون سڀريون پانهنجون سسيون سڀ سنڀار.“
”پنهنجو“ ماري ڇانو ۾ اڇلي، ”پرائو“ ماري اس ۾ اڇلي.
”پنهنجا پنهنجا آهن.“
”رت دانگيءَ تي به وري“ (پنهنجي رت جو تصور).
”رت رت آ.“
”پنهنجائپ ۾ ليکا نه ڪبا آهن.“
”مان به پنهنجي گهرون ٿو کاوان.“
سڀڪو ”پنهنجي“ گهرون ٿو کائي.
”پنهنجي سنهنجي آ.“
”پنهنجي ۾ هٿ پرائي ۾ اکيون.“
”چار ٻارا پنهنجا اٿس“، سکيو ستابو آ.
”ويڄنئون ويئي ٿي وهيڻي سڄڻين.“
”شل ڪنهن جي وهيڻي نه ٿئي“ (شل محتاجي ڪڍڻي نه
پوي).
”هل ڙي، ڪا تو وهيڻي آ ڇا!“ (تنهنجو محتاج آهيان
ڇا!)
پورهئي جو تصور- پورهيو سڀ ڪنهن کي ڪرڻو آهي.
نتيجا:
”ڀاڳوند آ، هڏ ڳٺل اٿس“ (يعني پورهيت آ).
”پورهيو ته خدا چور جو به وڃائي نه ٿو.“
”نودين (محنت ڪندين) ته لهندين.“
”جيڪو پوکي سو کائي“ (پورهيت وڏو حقدار آ)
”ڪڻي مان گهڻو ٿو ٿئي.“
”ڪڻي مان ڪاسو، ڪاسي مان خرار.“
”ڏي ڪڻو ته ملئي گهڻو.“
”جيڪو وهي سو لهي.“
”پورهيت خدا جو يار آ.“
”پورهيو وڃڻو ناهي.“
”ان آ ته ايمان آ.“
زمين جو تصور- زمين زندگيءَ جو سرچشمو آهي.
نتيجا:
ماڻهو مٽيءَ مان ٺهيو آ.
(مرڻ کان پوءِ) مٽي مٽيءَ سان ملي ويندي.
مٽيءَ کي مان آ (انسان جي عزت وڏي آ).
لوڙهه اتي ئي لٽبو جتي هوندو مٽيءَ جو پنوڙو- (انسان اتي مرندو
جتي ڄائو آ).
مٽيءَ مان سون لڀي.
پاڻي جو تصور- پاڻيءَ سان زندگي اڀري ٿي- پاڻي زندگي آ.
نتيجا:
ڏاند سٺو وهي ته چئون ته ”پاڻياٺو“ آ- (هن کي پاڻي آ).
ڪاتي نه وڍي ته چئونس ته ”پاڻي ڪونهيس“.
مڙس بي غيرت هجي ته چئون ته ”منهن ۾ پاڻي ڪونهيس.“
ڪو بيماريءَ مان چڱو ڀلو ٿئي ته چئون ته ”منهن تي
ڇنڊو وڌو اٿس.“
زال بالغ ٿئي ته چئون ته ”منهن تي پاڻي آندو اٿس.“ (پاڻي معنيٰ
جواني.)
جسم ٺري وڃي ته چئون ته ”پاڻي ڇڏي ويو آ“.
پاڻيءَ کي ”پاڻ“ يا ”وجود“ به چئون، جيئن مڇي سڪي پوءِ ڪني ٿئي
ته چئون ته ”ڏپ“ (زندگي) ڇڏي ويئي آهي يا ”پاڻ ڪڍي
ويئي آ“.
مٿي اسان سماجي علمن، عقيدن، ويساهن ۽ تصورن جي لحاظ کان سنڌي
سماج جون 9 عمومي ڌارائون
(General Postulates) ڏنيون آهن. انهن جي اڀياس سان اڳتي اسان کي پنهنجي سماج کي ان
جي طبقاتي حيثيت ۾ سمجهڻ ۾ مدد ملندي، ۽ اهڙيءَ
ريت سان اهو به ڏيکاري سگهنداسون ته ڪيئن سنڌي
ٻولي اسان جي سماج جي لڪي ۽ عمومي حيثيت کي بيان
ڪري رهي آهي.
هن قسم جو هڪ تفصيلي اڀياس اسان هن ڪتاب جي ڀاڱي ٽيئن ۽ چوٿين ۾
ڏيڻ وارا آهيون. پر هت سماج ۽ ڪلچر ۽ ٻوليءَ جي
گڏيل اڀياس جي لاءِ اسان کي سماج جون سماجي
ڌارائون ڏيڻيون هيون. هن قسم جي اڀياس جي آڌار تي
هاڻي اسان جي سماج جا سماجي لاڙا جيڪي اسان سمجهي
سگهون ٿا، سي هن هيٺ ڏيئي رهيا آهيون:
اسان جو پراڻو سماج ”زميني سماج“ آهي.
اسان جو سماج ”جبريت“
(Determinism)
۾ ويساهه رکي ٿو.
اسان جو پراڻو سماج پورهئي جي فضيلت کان واقف آهي.
اسان جو پراڻو سماج انصاف ۽ سماجي انصاف ۾ ويساهه رکي ٿو.
اسان جو پراڻو سماج زال ۽ مڙس جي تصور سان اڀريو آهي.
اسان جو پراڻو سماج، سماج ۾ مرڪزي حيثيت مرد ۽ عورت ٻنهي کي ڏئي
ٿو. ان ڪري ان جو بنياد مرد ۽ عورت جي باهمي
لاڳاپن تي آهي.
اسان جو پراڻو سماج وسيلن (ان ۽ پاڻيءَ) جي موجودگيءَ ۽
فراهميءَ کي سماجي زندگيءَ لاءِ تمام ضروري ٿو
سمجهي.
ظاهر آهي ته هي سڀ ڳالهيون هڪ اهڙي سماج ۾ ئي پيدا ٿي سگهن
ٿيون، جيڪو:
سدائين زندگيءَ جي مشڪل حالتن سان مقابلو ڪندو رهيو هجي.
آفتن ۽ مصيبن کان هيسيل هجي.
لٽيل ڦريل ۽ پرماريت جو شڪار رهيو هجي.
غيريقيني زندگي گذاريندو هجي.
خارجي وٿن کان بيخبر رهيو هجي ۽ اندروني نظام جو قائل رهيو هجي.
ٻين تهذيبن سان تمام گهٽ ملي سگهيو هجي.
اندروني وسيلن جي ڏڪر جو شڪار هجي.
سخت محنتي ۽ ڏاڍو هجي.
محنت جو ڦل تمام گهٽ ماڻي سگهيو هجي.
جنهن جو گذارو عمومي طور تي پوکيءَ تي رهيو هجي.
جيڪو سماجي طور تي ”پاڻ وهيڻو“
(Egocentric)
هجي.
نسلي وقار جو تصور رکندڙ هجي
(Ethnocentric).
جنهن جي طبقاتي ڪشمڪش ۾ علمن کي گهٽ
۽ تصورن کي وڌيڪ داخل رهيو هجي، ۽ جيڪو ڀرمن ۽
وهمن جو شڪار ٿي ويو هجي.
اهڙي سماج لاءِ ضروري مڪان ۽ اندازو آهي ته ان ۾،
سماجي مسئلن کي نه سمجهيو ويو هجي.
سماجي مسئلن جي حل ڪرڻ جو اُدم موجود نه رهيو هجي.
سماجي ڪشمڪش جو تصور اڀري نه آيو هجي.
وسيلن ۽ اوزارن جو ماهراڻو استعمال نه ٿيو هجي.
سماجي واڌاري جي رفتار تمام گهٽ رهي هجي.
غيريقيني زندگيءَ جو اونو موجود رهيو هجي.
اهڙيءَ ريت اسان عمومي بحث مان پنهنجي سماج جي اوڻاين ۽ چڱاين
کي اڳيان رکي هاڻي اڳتي پنهنجي سماج جي طبقاتي
زندگيءَ ۽ سماجي مسئلن کي سمجهي سگهنداسون.
*** |