ان جا بنيادي ۽ اصلي فقرا اهي آهن، جيڪي اسان مٿي ڏيکاري آيا
آهيون. ڪريسٽ جي وڌيڪ اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته
ڪريسٽ سهرن، ڳيچن، ناچ ۽ راڳن ۾
موجود آهي.
ڪريسٽ کي گهڻو ڪري عورتن ڳايو آهي.
اهڙيءَ ريت جلال گيت جا فقرا آهن:
سانوري صورت وارا جلال،
مٺيءَ ٻوليءَ وارا جلال،
او جلال، اڀرندي کان اٺ رڙيو آهي،
او جلال، سمجهيم ته پرديسي گهر آيو آهي.
هت پرديسي جمالي جهڙو آهي.
اهڙيءَ ريت جلالو گيت جا فقرا آهن:
اي سکي، جلالو ميدانن تي آيو آهي.
اي سکي، جلالو جبلن تي آيو آهي.
اهڙيءَ ريت جوڌائي گيت جا فقرا هي آهن:
جمال شاهه جوڌائي جي واٽ نهاريان پيئي.
اتر طرف کان خرجي گهوڙي پيئي اچي.
ڳاڙهو اٺ، جنهن تي پتل جو پاکڙو آهي.
ڏينهن تتو آهي، سٻرو ستو آهي.
هنن فقرن سان گڏ ٻيا فقرا اهي آهن، جيڪي سڪايل عورت پنهنجي زبان
سان پنهنجي لاءِ ٿي چوي. هنن فقرن جو مواد انتهائي
جذباتي آهي، ۽ معلوم ائين ٿو ٿئي ته اهي لفظ ڪنوار
جي جذبن جو اظهار ڪن ٿا.
هنن شاهدين جي بنيادن تي ثابت ٿو ٿئي ته جمالو، جلالو، جلال،
جوڌائو سڀ هڪ ئي روايت جا گيت آهن.
هي سڀ گيت سنڌي لوڪ ادب جي ڪريسٽ روايت تي ٻڌل آهن.
هنن گيتن مان عورت ۽ مرد جي سماجي لاڳاپن جو اظهار ملي ٿو.
ڪريسٽ روايت اسان جي سماجي تاريخ ۽ ادب جي ايڏي
پختي روايت آهي،
جو اها اڄ سوڌو پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي.
(8) جمالو ۽ جت
سنڌي سماج ۾ جت قوم کي جيڪا قدامت ۽ رتبو حاصل آهي، اهو اڃا
سوڌو تاريخ جي صفحن تي ڪونه آيو آهي. سومار علي
سومار، جيڪو مضمون جرمن عالم ۽ جت قوم جي نالي
سان لکيو آهي، ان ۾ جت قوم جي قدامت ثابت ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي ويئي هئي. خبر ناهي ته جرمن عالمن پاڻ جت
قوم لاءِ ڇا لکيو آهي (ڏسو ضميمو 1). سنڌي ٻوليءَ
۾ جت قوم کي اهڃاڻوي معنيٰ به آهي. هن معنيٰ جي
خيال کان جت کي هڪ رتبو ملي ٿو ۽ اهو رتبو ڪن
هنڌن تي ڪريسٽ جهڙو آهي. جيجل جتن جي لڳيءَ جيء ۾
جهوري انهي خيال کان جيڪڏهن اسان جتن جي قدامت
ثابت نه به ڪري سگهون، ته به جت لفظ مان جيڪو
ڪريسٽ وارو تصور اسان جي سماج ۾موجود آهي، اهو ئي
اسان لاءِ ڪافي آهي.
پر هونئن تاريخي اعتبار کان جتن جي قدامت کي به ثابت ڪري سگهجي
ٿو. رسالت جي دور ۾ عرب ۾ هند ۽ سنڌ جون جدا جدا
جمامتون رهنديون هيون. اهڙي ريت زط، جاٽ، ميد،
سيابي، اساورا، اهامرا، بياسرا، ۽ تکاڪرد (ٺاڪر)
سنڌ جي جدا جدا قومن ۽ گروهن ۾ شامل هئا.
زخ، جاٽ ۽ جت هندستان جي هڪ مشهور ۽ جنگي قوم هئي. هيءَ قوم سنڌ
کان وٺي مڪران تائين پکڙيل هئي. هيءَ قوم بلوچستان
۽ پنجاب ۾ به آباد هئي. عرب ڏانهن هنن قومن جي
لڏپلاڻ به انهن رستن سان ٿيندي هئي.
اهڙيءَ ريت ميد به ساحلي علائقي جا هندستاني ڦورو هئا. بعد ۾
عربن انهن کي مغلوب ڪيو هو. هي ماڻهو ايران جي فوج
۾ ڀرتي ٿي، عرب ويندا هئا، ۽ اتي به ساحلي علائقي
۾ رهندا هئا.
جت، جن کي عربيءَ ۾ زط چيو ٿو وڃي، سي ڪاري رنگ جا ۽ اصلوڪا
سنڌي ماڻهو هئا. لسان العرب ۾ اچي ٿو:
زط سنڌ جا رهاڪو ڪارا ماڻهو آهن. هڪ روايت اها آهي ته زط لفظ
هندي لفظ جت جي بگڙيل صورت آهي. هيءَ قوم سنڌ ۽
هند جي قومن مان هڪ آهي.
(لسان العرب جلد 7، صفحو نمبر 308.)
اهڙي ريت علامه محمد طاهر مجمع بهارالانوار ۾ لکي ٿو ته جت
ڪاري رنگ جا سنڌي ۽ هندستاني آهن
طريح نجفيءَ مجمع البحرين ۾ گهڻو ڪري ساڳئي عبارت آندي آهي،
پر آخر ۾ لکيو اٿس: زط هندستان آهن. هن لفظ جت جي
بگڙيل صورت آهي ۽ واحد زطي ٿيندو اٿس.
تمام پراڻو علم نسل جو ماهر ۽ يمن جي تاريخ جو عالم ابو محمد
عبدالملڪ بن هشام، جاٽن کي وچ ايشيا جي قومن ۾
شمار ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته جاٽ بنو يافث ۾ شامل
آهن. يافث پيغمبر نوح عليه السلام جو پٽ هو. ٻئي
هنڌ اهو ٻڌايو ويو آهي ته قباد جي حوارين ۾ زط به
شامل هئا. قباد ايران جو بادشاهه هو. هن طرح معلوم
ٿو ٿئي ته جت سنڌ مان ايران ۾ هليا ويا هئا، ۽
پوءِ اتي ويڙهاڪ ۽ سورهيه هئڻ جي بنياد تي فوج ۾
شامل ڪيا ويا هئا.
هندستان ۾ جاٽن جو علائقو
جن جاٽن لاءِ تاريخدانن لکيو آهي ته قديم زماني کان عرب ۾ مقيم
هئا، تن جي لاءِ چيو ويو آهي ته اهي مڪران ۽ سنڌ
جي پرڳڻن ۾ سون ميلن جي علائقي ۾ رهندا هئا. هڪ
عالم ايران مان سنڌ ۾ ايندڙ رستن جو تفصيل
ٻڌائيندي لکي ٿو: مڪران جي ميدانن واري علائقي
کان وٺي منصوره تائين، ٽي سوء اوڻونجاهه فرسنگ
جيترو مفاصلو آهي ۽ سڄو رستو جتن جي آباديءَ مان
لنگهي ٿو. جت هن رستي جا محافظ آهن.
پر مشهور مورخ اصطخري سنڌ ۽ ملتان جي وچ واري علائقي کي به جتن
جو علائقو سڏي ٿو.
ايران ۾ جاٽن جو علائقو
هندستان جا جاٽ عرب ۾ جدا جدا طريقن سان پهتا هئا. انهن مان ڪي
ته بصري، عمان ۽ بحرين جي ساحلي علائقن ۾ آباد
هئا. هي ماڻهو مالدار هئا. اٺ، رڍون ۽ ٻڪريون
چاريندا هئا. پر ڪي ايران جي بادشاهن جي فوجن ۾
شامل ٿيندا رهندا هئا، اهڙي طرح هي ماڻهو ايران ۾
به آباد ٿيا هئا. سوق اهواز کان فارس ويندڙ رستي
تي سٺ ميلن جي فاصلي تي جاٽن جو وڏو شهر هو. ان
شهر کي جتن جي نالي پٺيان زط چيو ويندو هو. ابن
خردازبه هن شهر جو هنڌ ٻڌايو آهي. اصطخريءَ اقليم
خوزستان جي وڏن وڏن شهرن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته
حومته الزط ۽ خابران ٻيئي هڪ ئي علائقي جا نالا
آهن. ٻيئي شهر درياءَ جي ڪناري تي آباد آهن.
جاٽ قابل ۾ به آباد هئا، ۽ انهن مان ئي پوءِ امام اعظم ابو
حنيفه نعمان بن ثابت زوطي (زطي) جن پيدا ٿيا هئا.
عرب ۾ جاٽن جو علائقو
محقق بلاذري فتوح البلدان ۾ لکي ٿو: سيابج يا جت (زط) ۽
اندغار ايراني فوج ۾ انهن جا قيدي هئا. انهن کي
ايران وارن سنڌين ۾ شمار ڪري، انهن جي ئي ٽولي ۾
رکيو هو ۽ انهن کي لڏي آيلن جي حيثيت ڏني هئائون.
جڏهن هنن فوجن اساوره جي مسلمانن هئڻ جو واقعو
ٻڌو، تڏهن اهي به ابو موسيٰ وٽ آيا ۽ ابو موسيٰ
انهن کي به بصري ۾ آباد ڪيو.
اهڙيءَ طرح بلاذري لکي ٿو: امير معاويي جتن ۽ سيابجن مان ڪن کي
شام ۽ انطاڪيا جي ساحلي علائقن ۾ آباد ڪيو هو.
(16)
جت مڪي ۾ به موجود هئا، مڪي جا ماڻهو انهن جا واقف هئا. عبدالله
بن مسعود کان روايت آهي ته هن حضورﷺجن سان گڏ
هوندي، جتن کي مڪي جي پسگردائيءَ وارن علائقن ۾
ڏٺو هو.
مديني ۾ به جت قوم جا ماڻهو زماني کان آباد هئا. انهن مان هڪ
مسلمانن طبيب حضرت عائشه ؓ جو علاج ڪندي، ٻڌايو هو
ته هن تي سندن ڪنهن غلام عورت جادو ڪيو هو.
عبدالله بن مسعود جي هڪ روايت ۾ جتن لاءِ چيو ويو آهي ته هنن جا
وار وڏا هئا ۽ هنن جا جسم موڪرا ۽ ٿلها هئا.
بخاريءَ ۾ اچي ٿو ته حضرت موسيٰ ڪڻڪ ونو هو ۽
چڱي قد جو هو، ڄڻ ته جاٽن مان هو. اهڙي طرح جڏهن
هجري سن 10 ۾ نجران جي بني حارث بن ڪذب جو هڪ وفد
حضورﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، ته پاڻ فرمايائون:
هي ماڻهو ته اسان کي هندستاني ٿا ڏسڻ ۾ اچن.
(17)
هنن روايتن جي آڌار تي جتن جي باري ۾ اسان جي معلومات جو تت هي
آهي:
جت سنڌ ۽ هند جا اصلوڪا رهاڪو هئا.
جت سنڌ جي اولانهن علائقن کانسواءِ، ملتان ۽ منصوره جي علائقن ۾
۽ مڪران ۾ رهندا هئا.
جت شڪل جا ٺاهوڪا ماڻهو هئا، سندن وار وڏا هئا، قد پورو هون ۽
ويڙهو هئا ۽ جسم سندن مضبوط هئا.
جت ويڙهاڪ هئا، پر انهن مان ڪي سياستدان ۽ طبيب به هئا.
جتن جي قوم سنڌ ۽ هند جي انهن پراڻين قومن مان هڪ هئي، جيڪي
ڌنڌي ۽ روزگار جي ڪري ايران ۽ عرب جي علائقن ۾ وڃي
آباد ٿيون هيون.
هنن تاريخي روايتن جي بنياد تي نهايت ڀروسي سان چئي سگهجي ٿو
ته:
جمالو ناچ- راڳ، ڪنهن بهادر جت جي ڪنهن تمام وڏي ڪارنامي سان
تعلق رکي ٿو، ۽ اهو ئي ڪارنامو آهي، جنهن جي بنياد
تي جت قوم جي ڪنهن سورهيه جي شان ۾ ملڪي ماڻهن،
يعني سنڌين، سندس روايت کي زنده رکڻ لاءِ هي لوڪ
ناچ ۽ لوڪ راڳ جوڙيو آهي ۽ پوءِ تاريخ ان کي وري
وري دهرايو آهي. هن طرح اسان جمالي گيت کي سوڀ جي
روايت
(Crest Tradition)
چئي ٿا سگهون. پر آءٌ اڃان به پنهنجي موضوع ۽ مقصد
جي خيال کان ائين ٿو سمجهان ته اسان لاءِ سنڌي
ٻوليءَ جي شاهدي وڏي شاهدي آهي ۽ ان جي بنياد تي
جتن کي اهڃاڻي قدامت ۾ رتبو حاصل آهي: بس ڪنهن به
هڪ گيت لاءِ سچ به ايترو ئي گهرجي.
لاڙ کان لڙي اچڻ جو مفهوم رڳو ايترو آهي ته جمالو، موٽڻ وقت،
وڃڻ واري رستي سان نه آيو هو پر اهو رستو ڇڏي، لاڙ
مان ايندڙ ڪنهن رستي سان اتر سنڌ ڏانهن آيو هو.
اهڙيءَ ريت اها هڪ غلط فهمي آهي ته جمالو لاڙ ۾
وڃي جتن سان گڏ رهيو هو.
(9) لفظ جمالو
منهنجي هن راءِ تي هڪڙو اعتراض اهو ڪري ٿو سگهجي ته مون پاڻ
جمالي لوڪ گيت جي وڏي لفظ جمالو تي غور نه ڪيو
آهي، ۽ ٻيو ته جمالو هڪڙو مسلمانڪو نالو آهي ۽
عربي لفظ جمل يا جمال مان ٺهيو آهي: ان ڪري هيءَ
روايت لوڪ ادب جي پراڻين روايتن مان نه آهي، ان
ڪري هن لوڪ گيت جي قدامت ثابت ڪانه ٿي ٿئي.
منهنجو خيال آهي ته هي اعتراض به جذباتي آهي.
پهرين ڳالهه ته ڪنهن به لوڪ گيت لاءِ ان جو عربن جي دور کان اڳ
۾ هئڻ ضروري نه آهي.
ٻي ڳالهه ته اهو ضروري نه آهي ته عربي لفظ سنڌ ۾ ان وقت داخل
ٿيا هجن جنهن وقت عربن سنڌ فتح ڪئي آهي. اسان کي
معلوم آهي ته عرب ۽ سنڌ جي وچ ۾ لاڳاپا گهڻو آڳاٽا
ئي قائم هئا. اهي لاڳاپا ته حقيقت ۾ مصر ۽ سنڌ جي
قدامت جيترا پراڻا آهن.
اهو به ضروري آهي ته اڄوڪو لفظ جمالو هروڀرو عربي ٻوليءَ جو لفظ
هجي. ادبي روايت ۾ ته لفظن جي آوازن تي لفظ ٺهندا
رهندا آهن. ٿي سگهي ٿو جوڌاڻو جهڙي لفظ جي آواز
لاءِ ۽ اچار لاءِ بعد ۾ ڪو لفظ جمالو ڪم آندو
ويو هجي. اهڙيءَ ريت جلال ۽ جلالو جا لفظ به پوءِ
ٺهيا هجن، اهو به ممڪن آهي.
اسان لاءِ وڏي ڳالهه لفظ جمالو نه، پر هن لوڪ گيت جي اها صورت
آهي جنهن ۾ ڪريسٽ (سوڀيا) اڄ سوڌو موجود آهي.
(10) لوڪ گيتن جون ٻيون روايتون
سنڌي لوڪ گيت جيڪي لوڪ راڳ به آهن ۽ لوڪ ناچ به، سي جهڙيءَ ريت
اسان جي لوڪ ادب سلسلي جي ڪتاب ۾ اچن ٿا، انهن کي
جدا جدا روايتن ۾ پرکي ۽ رکي ٿو سگهجي. اهي
روايتون مثالن سان آءٌ هن هيٺ لکان ٿو:
ڪريسٽ روايت-
هن جا مثال مٿي اچي چڪا آهن.
اُڪنڊ ۽ اڪير واري روايت-
هن روايت جو بنياد سڪڻ، واري جذبي تي آهي. ان جا مثال هي آهن:
جدائي ٿي جهوري، مورو، ڏيئل ڏو، وڻجارو، گامڻ، ڍولو، ڍاٽيئڙو،
ڪجليو، هاسل، لمڪيان ڙي لو، ڪونجل، ڇلو ۽ اڪير.
سماجي آسودگيءَ جي روايت-
ورسارو، چوماس، سانوڻ ٽيح، سنڌيئڙو ۽ سونئجيرو.
اعتقاد واري روايت-
سرور، منجرو، پيراڻو ۽ جاڳا.
رت جي رشتي واري روايت-
ڀيئيو-
پورهئي جي غظمت واري روايت-
همرچو.
لوڪ گيتن جي هن قسم جي اڀياس مان فائدو اهو ٿو ٿئي ته اسان لوڪ
گيتن کي ادبي طريقن سان سمجهي سگهنداسون.
لوڪ گيتن کي پنهنجي ادبي تاريخ ۾ پورو مقام ڏيئي سگهنداسون.
پنهنجي هاڻوڪي ادب جا روايتي بنياد معلوم ڪري سگهنداسون.
لوڪ گيتن کي دنيا جي ادب جي تقاضائن پٽاندر سمجهائي سگهنداسون.
لوڪ گيتن کي نصابي طور تي رائج ڪري سگهنداسون.
(11) ڳيچ (ڳيا يا سهرا) ۽ انهن جي سماجي حيثيت
ڳيچ جو مواد
(Subject matter) ايترو ويڪرو ۽ گوناگون آهي، جيترو اسان جو سماج. گيچ وڏي ۾ وڏي
سماجي ادبي صنف آهي. اهو ئي سبب آهي، جو ان ۾ اسان
جو گهڻي ۾ گهڻو ڪلچر، گهڻي ۾ گهڻو رواج
(Custom)
۽ گهڻي گهڻو راڳ
(Song)
موجود آهي. ڳيچ، گيتن جيان، ناچ راڳ به آهي، پر
لوڪ ادب سلسلي جي سورهين نمبر ڪتاب (ڳيچ) ۾ اهڙو
ذڪر ڪونه ٿو ملي. هونئن سنڌ جي هر حصي ۾ دهل
شرناءِ تي ڳيچ اهڙي ريت به ڳايو ٿو وڃي، جو ان جي
هر حصي ۾ جهومر به شامل ڪجي ٿي. گهور جا ڳيچ جنهن
۾ پني مراد تي مڱڻهار فقير ڪپڙو وڇائي يا جهولي
جهلي بيهندا آهن، سي هر حال ۾ جهمر سان لاڳاپيل
هوندا آهن. جهمر ۾، عورتون جمهر جي ڏانو جا سهرا
ڳائينديون آهن ۽ انهن مان ڪي يا ڪا هڪ جهمر به
هڻندي آهي. اهڙيءَ ريت ڪن هنڌن تي خود مڱڻهارن مان
ڪو جهمر هڻندو ويندو آهي، ۽ ڏي لا يا ڏي الله
چوندو ويندو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته هاڻ گهور
ڏيو.
ڪن هنڌن تي اهڙيءَ حالت ۾ جمالو به ڪجي ٿو.
لوڪ ادب سلسلي جي ڪتاب نمبر 16 کي اڳيان رکي، اسان ڳيچ جو اڀياس
ڪنداسون ته معلوم ٿيندو ته ڳيچ جون اهم روايتون هن
ريت آهن:
رواج
لباس
ڪريسٽ (سوڀيا)
رسم
سينگار
سر سنگيت
ناچ
اڪنڊ اڪير
ڪاج يا ڪاڄ
گروهه، مائٽي يا پيڪا يا ساهرا (گروهي تعلقات)
سماجي مسئلا
عورتاڻو
روزگار يا معاشي حالت
کل ڀوڳ
پٽ ۽ ڌيءَ جا تصور
(16) اخلاق ۽ ادب
اهڙيءَ ريت شايد هڪ ٻه ٻيون روايتون مقرر ڪري ٿيون سگهجن، پر هت
صرف هڪڙي نئين بحث جي ابتدا جي طور تي اسان سورهن
روايتون مقرر ڪري رهيا آهيون.
هاڻي هن پڄاڻان اسان گيتن جي مواد کي هنن سورهن روايتن ۾
ورهائينداسون.
اجهو هن طرح:
رواج-
هن سري هيٺ اهي ڳيچ آڻي ٿا سگهجن، جن جو تعلق پٽ جي جهنڊ لاهڻ
جي رواج، ڇٺيءَ جي رواج، طهر جي رواج، مڱڻي جي
رواج، شاديءَ جي رواج ۽ نيکيٽيءَ جي رواج سان آهي.
لباس-
هن سري هيٺ اهي ڳيچ آڻبا، جن جو تعلق گهوٽ جي ڪپڙن، جتيءَ،
رومال، پڳ، پهراڻ، طري، صدريءَ، چادر، بوڇڻ، سندري
۽ ڪنوار جي ڪپڙن، چنيءَ، رئي، کهنبي، گج، پڙي،
آڳي، پلوَ، پلاند ۽ اهڙين ٻين شين سان آهي.
رسم-
هن سري هيٺ اهي ڳيچ آڻبا، جن ۾ ڪنڊي وڍڻ، دلي ڀرڻ، سرگس ڪرڻ،
ڏانوڻ ڏائڻ، تر مئڻ، ڍڪڻي ڀڃڻ، کاري تي ويهڻ، پير
تي پير رکڻ، پلوء ٻڌڻ، پلاند اٽڪائڻ، پلوء ڏيئي
پرڻائڻ ۽ اڳ ۾ ٿي هلڻ جو ذڪر ملي ٿو.
ڪريسٽ (سوڀيا)-
هن سري هيٺ اهي ڳيچ آڻبا، جن ۾ مينديءَ، موڙن، ڳاني، پڳ، خوشبو،
هار، بوڇڻ، سندري، کٽ، هندوري، منڊيءَ، تائيٿ
(تعويذ)، وري، گام، قدم، ونيءَ ماڻڻ، کٽڻ، کٽي گهر
موٽڻ ۽ لانئڻ لهڻ جو ذڪر ملي ٿو، يا گهوڙي تي لانگ
ورائڻ يا ٻانهن لوڏي هلڻ ۽ ڪر کڻي هلڻ جو ذڪر ملي
ٿو.
سينگار-
هن سري هيٺ اهي ڳيچ آڻبا، جن ۾ زيورن، مساڳ، غسل، اٽي هڻڻ، ڪپڙن
پهرڻ، سيج سينگارڻ، اڱڻ ٻهارڻ، خوشبوين ڇٽڻ، سير
سرها ڪرڻ، ڪجل پائڻ، ڦڻي ڏيڻ، سينڌ ڪڍڻ، سينڌ سرهي
ڪرڻ، هارن پائڻ، ڳاني ٻڌڻ ۽ پهرجي هلڻ جو ذڪر ملي
ٿو.
سر سنگيت-
هن سري هيٺ اهي ڳيچ آڻبا، جيڪي سر ۽ سنگيت جي خيال کان جوڙيا
ويا هجن، يا جن ۾ ڳائڻ وڄائڻ جو ذڪر آيل هجي.
ناچ-
هن سري هيٺ اهي سهرا آڻبا، جن کي نچڻ وقت ڳايو وڃي.
اُڪنڊ يا اڪير-
هن سري هيٺا هي سهرا آڻبا، جن ۾ ماءُ جي ڌيءَ لاءِ ۽ ڌيءَ جي
ماءُ لاءِ، ڌيءُ جي پيڪن لاءِ، ڀيڻ جي ڀيڻ لاءِ،
ڀيڻ جي ڀاءُ لاءِ سڪ جو ذڪر آيو هجي.
ڪاج يا ڪاڄ-
هن سري هيٺ اهي سهرا آڻبا، جن ۾ ڪاج يا ڪاڄ ڪرڻ، کارائڻ،
ورهائڻ، خير خيراتون ڪرڻ، راڄ پرچائڻ، راڄ سڏائڻ،
ميڙي مچائڻ جو ذڪر هجي.
گروهه، مائٽي يا پيڪا ساهرا-
هن سري هيٺ اهي سهرا آڻبا، جن ۾ عمومي طور تي ڳوٺ، پاڙي، مائٽن
(Kinship or Kinsmen)،
مائٽي
(Kinship)،
پيڪن جي پاڙي، ساهرن جي در، وستين، واهڻن، سيرن،
ڳوٺ جي ماڻهن، تر جي ماڻهن، پتڻ، گسن، گهيڙن،
واٽن، ويندڙن، پانڌين، ڏاڏاڻن، اباڻن، مارن،
ميارن، مهڻن ۽ ٻين اهڙين ڳالهين جو ذڪر آيو هجي.
سماجي مسئلا-
هن سري هيٺ اهي ڳيچ آڻبا، جن ۾ سس جي ظلم، سهري جي رکائپ يا
ڏاڍ، ڏير جي ڏاڍائيءَ، پيڪن جي ڏوريءَ، مڙس جي
مهڻن، يتيم يا ڇوري هئڻ، ننڍي هوندي لائون لهڻ،
قيد يا بند ۾ رهڻ، ڀائرن جي منهن مٺي وڃڻ ۽ ٻين
اهڙين ڳالهين جو ذڪر اچي ٿو.
عورتاڻو-
هن سري هيٺ اهي سهرا آڻبا، جن ۾ ڪنوار جو عورتاڻو روپ نروار ڪيو
ويو هجي. ان روپ ۾ ڪنوار مڙس کي موهي ٿي، مرڪي ٿي،
شرمائجي ٿي، اک مٿي نه ٿي کڻي، منهن ڍڪي ٿي، مڙس
سان اک کڻي نه ٿي ڳالهائي، سس ۽ سهري کان به منهن
ڍڪي ٿي، پاڙي وارين کان لڪي ٿي، منهن ڏيکارڻ جا
پئسا (موڙو) ٿي وٺي.
روزگار يا معاشي حالت-
هن سري هيٺ اهي سهرا آڻبا، جن ۾ وڻن، آبادين، بهارين، انبن،
ڪونگرن، ڦوٽن، باغن، توتن، برساتين، مينهن،
واهوندن، گنجن، برڪتن ۽ پاڙي جي خوشين جو ذڪر
هوندو.
کل ڀوڳ-
هن ۾ هٿ ڇڏائڻ جي اٽڪل، چهنڊي پائڻ، گهڻا تر مئي وڃڻ، ڍڪڻي ڀڃڻ
جي اٽڪل، پير جي مٿن پير رکڻ جي اٽڪل ۽ ٻين اهڙين
اٽڪلن ۽ چرچن جو ذڪر اچي ٿو.
پٽ ۽ ڌيءَ جا تصور-
هنن تصورن تي ٻڌل اهي ڳيچ آهن، جن ۾ پٽ ۽ ڌيءَ جي پرڻائڻ،
مڱائڻ، ونواهه ۾ ويهارڻ، ڄڻڻ، نپائڻ ۽ پهرائڻ جي
تصورن جو اختلاف ڏيکاريو ويو آهي.
اخلاق ۽ آداب-
هن سري هيٺ ٽوٽم، ٽابو، سليقي ۽ نصيحت، ادب، نياز نوڙت، گهر
اوجارڻ، پيڪا ۽ ساهرا ملهائڻ، مڙس جي عزت رکڻ،
لوءِ نه لڄائڻ، پاڻ موکائڻ، مري مٽي ٿيڻ، گهر نه
ڇڏڻ، ليڪو نه لنگهڻ، سختين سهڻ، پورهئي ڪرڻ، ساٿ
نڀائڻ، ڪانڌ جي پانڌ ۾ هئڻ، مڙس کان اڳي مرڻ، مڙس
جي هٿن ۾ سرهي ٿيڻ ۽ ٻين اهڙين ڳالهين جو تصور ملي
ٿو.
(نوٽ:- ٽوٽم، ٽابو، سماجي مسئلن، ڪريسٽ، پاڙي ۽ پورهئي سان
محبت، آداب، اخلاق، رسم ۽ رواج جي باري ۾ نظرياتي
بحث هن سلسلي جي پهرئين ڀاڱي ۾ اچي چڪو آهي.
ڳيچ جي هنن روايتن تي هڪ خصوصي نظر ڪجي، ته معلوم ٿيندو ته ڳيچ
جي سڄيءَ جنس
(Genere)
يا صنف ۾ ڪي روايتون وڏيون ۽ گهڻيون طاقتور آهن.
اهي روايتون اسين هن هيٺ خصوصي بحث جي خيال کان
آڻيون ٿا:
ڪريسٽ
(Crest)
رواج
(Custom)
لباس
(Costume)
زينت زيب
(Colour)
۽
اڪير
(Craving)
هنن پنجن روايتن مان ڪريسٽ ۽ اڪير واري روايت ته لوڪ گيتن ۾ به
طاقتور آهي ۽ وڏو ڪم ڪري ٿي. اهڙيءَ ريت هن جاءِ
تي اسان ڳيچ ۽ لوڪ گيت جي هڪجهڙاين ۽ فرقن جي باري
۾ هڪ عام بحث ڪرڻ ضروري ٿا سمجهون.
گيت ۽ ڳيچ جون هڪجهڙايون:
ٻنهي ۾ سر ۽ سنگيت ڪم ڪري ٿو.
ٻنهي کي گهڻو ڪري عورتن ڳايو آهي.
ٻنهي ۾ ڪهاوت جو عنصر
(Element)
۽ رنگ طاقتور آهي (پر اها ڪهاڻي، ڳالهه ۽ آکاڻيءَ
جي ڪهاوت جهڙي نه آهي).
ٻنهي ۾ ناچ شامل رهي ٿو. ٻنهي ۾ رڳو ڪن ٿورن هنڌن
تي ناچ جي ضرورت نه ٿي رهي.
ٻنهي کي گڏجي ڳايو ٿو وڃي.
ٻيئي اسان جي سماجي زندگيءَ جي ڪن مخصوص رخن ۽
طريقن جو اظهار ڪن ٿا.
ٻنهي کي اسان جي اڻ لکيل ادبي روايتن جو درجو حاصل
آهي.
ٻيئي اسان جي سماج ۾ وندر ۽ ورونهه جو وسيلو بڻجڻ
ٿا.
ٻنهي ۾ عورتاڻو ڪافي نمايان آهي.
ٻنهي ۾ مٽيءَ سان محبت جو تصور موجود آهي.
گيت ۽ ڳيچ ۾ فرق:
گيت ڳيچ کان وڌيڪ مظلوم آهي.
ڳيچ جو مواد گيت جي مواد کان گهڻو وڌيڪ آهي. ان ۾ روايتون به
وڌيڪ آهن.
ڳيچ گهڻو ڪري هڪڙي ئي سماجي واقعي يعني شاديءَ سان
واسطو رکي ٿو، پر گيت واقعن جي خيال کان وڌيڪ
ويڪرو آهي.
گيت ۾ ڪهاڻيءَ جو رنگ به آهي، پر ڳيچ جي تاريخي حيثيت ڪمزور
آهي.
گهڻا گيت مرد به ڳائين ٿا پر ڪوبه ڳيچ مرد ڪونه ٿا ڳائين.
ڳيچ جي گڏ ڪيل مواد ۾ پورهئي جي عظمت واري روايت
ڪانه ٿي ملي، پر گيت ۾ ان جا اهڃاڻ ملن ٿا.
ڳيچ ۾ رواج، زينت زيب، ۽ لباس جون روايتون آهن، پر
گيت ۾ انهن جا گهڻا اهڃاڻ ڪونه ٿا ملن.
اهڙيءَ ريت معلوم ٿو ٿئي ته توڙي جو گيت ۽ ڳيچ ۾ هڪجهڙايون وڌيڪ
آهن، پر ته به انهن ۾ فرق موجود آهن. ان ڪري اسان
لاءِ ضروري آهي ته ٻنهي جو جدا جدا اڀياس ڪريون.
ڳيچ ۽ ادا
ڳيچن ۾ هڪ قسم جي ادا موجود آهي ۽ انهن تي به ادائگي
Treatment
جي هڪ مخصوص ادا جو وڏو اثر آهي. هن ادا ۾ ادائگي
جي نوعيت تي سوچڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته:
هيءَ ادا عورتاڻي جي ڏانوءَ جي آهي.
هن ۾ انفرادي رنگ جي بجاءِ اجتماعي رنگ وڌيڪ اثر ڪيو آهي.
هيءَ ادا لوڏي واري نه پر فقري واري آهي.
هيءَ ادا ڳيچ جي سٽا ۽ مواد کانسواءِ ان جي سر سنگيت ۾ موجود
آهي.
گيت ۽ ڳيچ جي صنفن جي جٽاءَ
Survival
جا سبب
ٻنهي ۾ ڪريسٽ روايت موجود آهي ۽ اها روايت انساني زندگيءَ جي
اهم ترين ڪارنامن سان واسطو رکي ٿي.
ٻنهي جو واسطو سنڌي سماج ۾ موجود اهم عنصرن
(Elements)
سان آهي (جيئن ته ظلم، جبر، هيڻائي، ويچارائپ،
نااميدي).
ٻنهي کان ناچ ۽ سر سنگيت جي حمايت حاصل آهي.
ٻيئي سماج جي اهم رمزن ۽ مهميزن
(Myths and Tender Feelings)
سان تعلق رکن ٿا، جن جو وجود سماج جي وجود جو ضامن
ٿئي ٿو.
ٻنهي ۾ عورت ۽ مرد جا گڏيل جذبات موجود آهن.
پرولي-
پروليءَ جي هيئت ۽ مقاصد جي باري ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن جو چوڻ
آهي ته پروليءَ جي هيئت ۽ قالب ۾ مختلف جزا سمايل
آهن. فطرت جو مطالعو، ماحول جي ڄاڻ، شين جي واقفيت
۽ نقطن ۽ حوالن جي پروڙ پروليءَ جي پسمنظر جا اهم
اسباب آهن؛ تشبيهه ۽ استعارو پروليءَ جي جان آهن؛
ذهن جي تيزي، ظرافت جي چاشني ۽ بيان جي لطافت ان
جي معنوي اثر جا صيقل آهن.
اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر صاحب اڳتي پر انهيءَ ئي صفحي تي پروليءَ کي
ورونهن ۽ ڳجهن پيغامن موڪلڻ جو وسيلو يا ذريعو به
سمجهي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جي مٿي آيل لفظن جي بنياد تي
اسان پروليءَ جي باري ۾ جن ڳالهين کان واقف ٿيون
ٿا، سي هي آهن:
پروليءَ جي هيئت ۽ ان جو قالب.
پروليءَ جي پس منظر جا اهم اسباب.
پروليءَ جا مختلف جزا.
پروليءَ جي جان.
پروليءَ جي معنوي صيقل.
پروليءَ جو سماجي ڪارج.
آءُ هنن کي پنهنجن لفظن ۾ لکڻ سان جو ڪجهه چئي ٿو سگهان، سو اهو
آهي ته ڊاڪٽر صاحب اسان کي ٻڌائي ٿو ته جن جزن
مان پرولي ٺهي ٿي، اهي آهن:
فطرت جو مطالعو،
ماحول جي ڄاڻ، ۽
شين جي واقفيت.
آءٌ ڀانيان ٿو ته هنن مان ڪنهن به هڪ کي پروليءَ جو ترڪيبي جزو
چئي نه ٿو سگهجي. هي ٽيئي ته پروليءَ جي مواد سان
واسطو رکندڙ ڳالهيون آهن. اهڙيءَ ريت واضح آهي ته
ڊاڪٽر صاحب جن جي ٽن لفظن ۾ اصل مقصد هڪڙو ئي آهي
۽ اهو آهي شين جي ڄاڻ. هن خيال کان ماحول، فطرت
۽ شيون جدا جدا ڳالهيون ڪونه آهن. هتي اهو به
معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب جن لفظ هيئت ۽ لفظ
قالب ۾ واضح فرق ڪونه ٿا ڪن. ٿي سگهي ٿو ته هيئت
جو واسطو نوعيت ۽ قالب جو واسطو ان نوع جي ظاهري
فارم
(Strucutres)
سان هجي.
ڊاڪٽر صاحب جن پروليءَ جي جن سماجي ڪارجن جي طرف اشارو ڪن ٿا،
اهي سمورا ئي ٿا لکون:
معنيٰ پيدا ڪرڻ،
معنيٰ کي زور وٺائڻ، ۽
معنيٰ کي پکيڙڻ.
هن خيال کان ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته پرولي سنڌي ٻوليءَ جو هڪ
اهڃاڻي طريقو
(Symbolic mood of our language)
آهي.
سادي پروليءَ جو وڌيڪ اڀياس
سادي پرولي، جيئن ڊاڪٽر صاحب جن ڏيکارين ٿا، پنهنجي معنيٰ ماحول
جي علم ۽ مادي شين
(Concrete objects) مان حاصل ڪري رهي آهي. ڪتاب ۾ سادي پروليءَ جي باب ۾ جن شين جو
ذڪر آيو آهي، سي سڀ هيئت جي خيال کان اسان جي
ويجهڙي ماحول
(Immediate Surroundings)
جون وڏيون شيون آهن. البت موٽ ۽ وصال جهڙيون شيون
تصور
(Concepts)
آهن، پر هڪڙي ليکي هي ٻه شيون به اسان جي ويجهڙي
ماحول جون آهن.
وڌيڪ اڀياس مان ڏسجي ٿو ته سادي پروليءَ ۾ معنيٰ پهچائڻ جو
طريقو سڌو طريقو نه آهي. اهو هن طرح، جو پروليءَ
جي معنيٰ شين جي عام معنيٰ کان الڳ ۽ نرالي ٿئي
ٿي. مثال طور پرولي نمبر 16 ۽ پرولي نمبر 17 ۾،
باهه جي ڳالهه ۾، نه ته باهه جي عام خصوصيت
(تپائڻ، ٻارڻ، پچائڻ، ساڙڻ، سيڪڻ) بيان ٿئي ٿي، ۽
نه ان جو مادي وجود (ان جي ظاهري صورت). باهه جي
جنهن خاصيت جو بيان ٿئي ٿو، اها ان جي رڳو اهڃاڻوي
خاصيت
(Symbolic Quality)
آهي.
پرولي هيئن آهي:
گهر گهر ۾ ڳاڙهي ڪنوار.
هن ساديءَ پروليءَ ۾ باهه جون ٻه خاصيتون بيان ٿيون آهن: هڪ ان
جي مڪان واري خاصيت
(Place Quality)
آهي ۽ ٻي ان جي جمالياتي خاصيت
(Aesthetic Quality) آهي. هن جو مطلب ته باهه هڪ طرف هن پروليءَ ۾ مڪان يا هرجائيت
جو اهڃاڻ آهي ته ٻئي طرف هڪ جمالياتي حقيقت يا
تصور آهي، جنهن کي پنهنجي اصلي معنيٰ کان گهڻو مٿي
ڳاڙهي ڪنوار جي لفظن سان ادا ڪيو ويو آهي.
گويا
سڄيءَ پروليءَ ۾ ٻه اهڃاڻ اچن ٿا، ۽
ٻيئي اهڃاڻ هڪٻئي سان لاڳاپو رکن ٿا.
هاڻي، پرولي جي مٿي آيل وصف کي خيال ۾ رکي ڏسبو، ته معلوم ٿيندو
ته پرولي اسان جي ٻوليءَ جو اهو اهڃاڻوي طريقو يا
رستو آهي، جنهن ۾ اهڃاڻن جو پاڻ ۾ رابطو
(Relationship)
قائم ڪيو ٿو وڃي.
اهڙيءَ ريت مثال طور پرولي نمبر 27 (جنهن کي سادي پرولي چيو ويو
آهي)، جو اڀياس ڪبو ته معلوم ٿيندو ته پروليءَ جا
پاوا ٻه آهن: هڪ کير ۽ ٻيو اها شيءِ جنهن کي
نه در آهي نه دروازو. کير واري لفظ مان جمالياتي
خاصيت معلوم ٿئي ٿي، ڇو ته ان ۾ کير جو نه، پر کير
جي اڇاڻ جو ذڪر آهي، ۽ اهڙيءَ ريت ان جي ٻئي پائي
جو واسطو ان خاصيت سان آهي، جيڪا ان جي اندرينءَ
خاصيت يا نوعيت سان تعلق رکي ٿي. اهڙيءَ ريت
پروليءَ جي باري ۾ آخري طور تي اسان ٻه ڳالهيون
مڃي ٿا سگهون:
پرولي شين جي مختلف خاصيتن کي بيان ڪري ٿي.
پرولي، هيئت جي خيال کان، شين جي جد جدا خاصيتن جي وچ ۾ موجود
لاڳاپي جي بنياد تي ٺهي ٿي.
پهرين ڳالهه مان پروليءَ جي افاديت معلوم ٿئي ٿي ۽ ٻيءَ ڳالهه
مان پروليءَ جي هيئت معلوم ٿئي ٿي ته هڪ سادي
پروليءَ ۾ به، حقيقت ۾، هڪ گهڻي سڌريل ٽيڪنڪ آهي،
ڇو ته:
اها اهڃاڻوي آهي،
اها خاصيتن جي لاڳاپن سان تعلق رکي ٿي، ۽ انهن لاڳاپن مان ڪوبه
هڪ سڄيءَ پروليءَ جي هيئت ۾ ڪم ڪري ٿو.
ان ڪري نه ٿو چئي سگهجي ته پروليءَ واري ڪتاب ۾ آيل پروليون، جن
جو ذڪر سادين پرولين جي باب ۾ ڪيو ويو آهي، سي
واقعي ساديون پروليون آهن.
ٻي ڳالهه ته ڏسي ٿو سگهجي ته اسان جو هڪ ماڻهو، جيڪو پروليءَ جي
روايت جي اهڃاڻوي روايت
(Symbolic Tradition) کي اختيار ٿو ڪري، سو اصل ۾ ٻوليءَ جي قابليت جي اعتبار کان هڪ
شاعر جهڙو ڪم ٿو ڪري، ڇو ته شاعري به ڪن حالتن ۾
اهڃاڻوي هوندي آهي. جيئن لوڪ ادب واري باب ۾ اسان
شاهه صاحب واريءَ شاعري جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه
ڪندي ڏيکاريو آهي.
اهي سڀ خاصيتون، اهي سڀ اهڃاڻ ۽ اهي سڀ لاڳاپا، حقيقت ۾ ٻوليءَ
جا مامرا آهن ۽ ٻوليءَ جون صورتون آهن. ان ڪري وڏي
حقيقت پروليءَ جي اڀياس مان اها ظاهر ٿئي ٿي ته
اها (سادي پرولي) اسان جي ٻوليءَ جي اظهار جو گهڻو
سڌريل
(Reformed)
طريقو آهي.
هنن بنيادن تي ۽ آخري طور تي پروليء جي وصف جي باري ۾ ائين ٿو
چئي سگهجي ته
Proli is a developed technique of symbolism of
Sindhi language and shows the relationship among
different qualities of concrete immediate
objects in Sindhi Society.
يعني، پرولي سنڌي ٻوليءَ جي اهڃاڻن جو اهو طريقو آهي، جيڪو سنڌي
سماج ۾ موجود مادي شين جي خاصيتن جو پاڻ لاڳاپو
ڏيکاري ٿو.
هتي هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هن جاءِ تي پروليءَ مان اسان
جي مراد اها پرولي آهي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب لوڪ
ادب جي سلسلي ۾ سادي پروليءَ جي نالي سان سڏيو
آهي. ۽ اسان هت اڀياس به فقط ان ئي پروليءَ جو ڪيو
آهي.
پروليءَ جي ارتقا
(Evolution)
ارتقا جي خيال کان ڏسجي ٿو ته سادي پرولي پروليءَ جي پهرين صورت
نه آهي، جيئن مٿي ڏيکاريو ويو آهي. هيءُ پرولي
گهڻي سڌريل ۽ ترقي ڪيل آهي. هن طرح سڄي ڪتاب جي
اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته سادي پرولي رڳو اها
آهي، جنهن کي ٻولي پرولي چيو ويو آهي. ٻول
پروليءَ جي سٽا تي غور ڪبو ته معلوم ٿيندو ته ان
جون خصوصيتون هيٺئين ريت آهن:
اها پرولي ٻاراڻي ذهن جي سطح تي آهي.
اها پرولي وڌيڪ ٻولي سکڻ جي سڌ ڏئي ٿي، جيئن لفظ سرڪاري سان
لفظ ترڪاري (نمبر 584)، لفظ گندڙا سان لفظ
ٻنڌڙا، (نمبر 586)
هيءَ پرولي لفظن جي موسيقيت
(Music)
سان تعلق رکي ٿي، جيئن لنگهڻ سان ڪنگڻ (نمبر
588)
هيءَ پرولي مادي شين جي تصوراتي خصوصيتن کي بيان ڪري ٿي، جيئن
ٻليءُ جو برقعو پائڻ (نمبر 592)
(معلوم هجي ته هن جاءِ تي تجربو حقيقي نه پر
تصوراتي آهي. هن ئي تجربي سان اڳتي هلي اهڃاڻوي
لاڳاپو ٿئي ٿو، جنهن جو ذڪر مٿي آيو آهي.)
هيءُ پرولي بنيادي طور تي مادي شين جي مادي روپ سان تعلق رکي
ٿي. اهي مادي شيون جاندار به آهن ته بيجان به.
جيئن ٻلي، ڪانءُ، ٻيڙي، ۽ ڀولڙو. ان ڪري هن
پروليءَ کي سادي پرولي چوڻ جڳائي.
هيءَ پرولي وندر، کل ۽ ڀوڳ جو تمام سادو مواد پيش ڪري ٿي، جيڪو
رڳو ٻارن کي خوش ڪري سگهي ٿو.
هيءَ پرولي ٻوليءَ جي مشق جون جدا جدا منزلون ٻڌائي ٿي، جيئن هڪ
ست کان وٺي ستن يا اٺن سٽن تي ٻڌل پرولي. انهيءَ
حساب سان.
پروليءَ جي پهرين منزل ٿيندي ٻول پرولي.
پروليءَ جي ٻي منزل آهي سڌريل پرولي، جنهن کي اڳ سادي پرولي
چيو ويو آهي ۽ جنهن جو اسان هت اڀياس به ڪري چڪا
آهيون.
پروليءَ جي ٽين منزل آهي سڌريل منظوم پرولي
Advanced poetic Proli.
پروليءَ جي چوٿين منزل ٿيندي ڳوڙهي پرولي
Complex Proli.
اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر بلوچ صاحبن جي ترتيب جي باري ۾ غرض آهي ته اها
غيرمنطقي آهي.
|