سيڪشن؛ ناٽڪ

ڪتاب: سنڌي ناٽڪ جي تاريخ

 

صفحو :5

 

لاکو ڦلاڻي

]ابتدائي موسيقي کان پوءِ گهوڙن جي اچڻ جا آواز، چوپائي جون رنڀون ۽ ماڻهن جون دانهون اُڀرن ٿيون[.

هڪ آواز:      لاکو ڦلاڻي اچي ويو... سر بچايو.... ڀڄو... ڀڄو...

ٻيو آواز:       اڙي! لاکو ڦلاڻي! يا الله.... مري وياسين- هاڻي ڇا ڪريون؟

هڪ آواز:      مال ڇڏيو ۽ سر بچايو... لاکي کي رڳو مال گهرجي. ]ڀڄو ڀڄو جو آواز- (وقفه)- گهوڙن جي ٽاپ[

لاکو:   (ٽهڪ ڏئي) مال ڇڏي ڀڄي ويا! جسراج هو ڏس. سمورو چوپايو بيٺو آهي.

جسراج:        راءِ، تنهنجي نالي ٻڌڻ کان پوءِ ڪنهن جي مجال آهي جو بيهي. تنهنجي بهادري ۽ دليري ته هنڌين ماڳين مشهور آهي. ڪنهن ۾ ايتري طاقت آهي جو همت ڪري تنهنجي منهن مقابل ٿئي؟

جسو:  ٺيڪ آهي- هنن کي ڀڄي وڃڻ گهرجي نه ته لاکي جي تيز تلوار هنن مان ڪنهن کي به جيڪر سلامت نه ڇڏي. (وڏي واڪي) وارو ڪريو، منهن ڇا پيا ڏسو- مال کي چوڌاري گهيرو ڪري ڪاهي هلو.

لاکو:   (ٿڌو ساهه ڀري) جسا، تون ته ڄاڻين ٿوته مونکي خون خرابي کان سخت نفرت آهي، منهنجي دل سچ پچ ته اهڙي ڪٺور ڪانهي جهڙي ماڻهو سمجهن ٿا. جڏهن ڪنهن بيگناهه شخص جي سيني مان منهنجي تلوار پار ٿيندي آهي، تڏهن مون کي سخت ارمان ٿيندو آهي، دل تي هڪ قسم جو ڌڪ لڳندو آهي... شايد... منهنجو ضمير اها ڳالهه گوارا نٿو ڪري سگهي. پر ڇا ڪجي، اسان جي زندگي اها ئي آهي، خير، جسراج سمورو چوپايو گڏ ڪري پنهنجي مال ۾ شامل ڪريو. ]ڍڳين اٺن جا آواز ۽ هشڪار[

انائونسر:       واديءَ مهراڻ جي هنج ۾ سوين سورهيه ۽ سخي سردار ساماڻا، جيڪي اڄ به پنهنجي سورهيائي ۽ سخاوت ڪري، هنڌين ماڳين مشهور آهن. انهن سردارن مان هڪڙو لاکو ڦلاڻي به هو، جنهن جي لاءِ ڀٽائي صاحب چيو ته ”لاکا لک سڄن پر ڦلاڻي ڦير ٻيو“. هي سورهيه ۽ سخي سردار چوڏهين صديءَ جي اڌ ۾، خاص طرح 1320ع ڌاري ٿي گذريو. ان وقت سرداري سرڪشي، سورهيائي ۽ سخاتي هئي ۽ لاکي ۾ اهي مڙئي خوبيون هيون، هن پنهنجن سورهيه ساٿين سان گڏ ڪڇ جي علائقي ۾ ۽ ان جي آس پاس ٿرٿلو مچائي ڏنو. واديءَ مهراڻ جي هن سورهيه ۽ سخي سردار بابت قصه خوانن وٽ ڪيئي حڪايتون ۽ داستان هلندڙ آهن. ]گهوڙن جي هلڻ جو تاثر اُڀري ٿو[

جسو:  راءِ، جتي به اوهان پهتا آهيو، اتي فتح ۽ ڪامراني خود وڌي اچي توهان جا پير چميا آهن.

لاکو:   ها جسا، اسان جي تلوار ۽ توهانجي ساٿ جو ڏهڪاء هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويو آهي ۽ جيستائين توهان جهڙا ساٿي مون سان گڏ هوندا، تيستائين اسان جي جتي ڪٿي فتح ٿيندي. ]ماڻهن جو گوڙ ٿئي ٿو[ جسراج، هي ڇا جو گوڙ آهي؟

جسراج:        ڪو فريادي ٿو ڏسجي سردار.

لاکو:   فريادي! هن کي هڪدم منهنجي آڏو آندو وڃي.

جسراج:        (رڙ ڪندي) فريادي کي هيڏانهن اچڻ ڏيو.

پوڙهو: (پريان ايندي) ڪٿي آهي لاکو؟ خدا جو قهر نازل ٿئيس. مون غريب شخص سندس ڪهڙو ڏوهه ڪيو!

لاکو:   اي شخص! هيڏانهن اچ، ڇو پيو رڙيون ڪرين؟

پوڙهو: مون کي ٻڌاءِ لاکو ڪٿي آهي؟ ظالم ڦورو لاکو، جنهن سڄي ملڪ ۾ پنهنجي ظلم سان باهه ٻاري ڏني. آهي، سڄو ملڪ ڦري....

جسراج:        بس ڪر، وڌيڪ هڪ لفظ به نه ڳالهائج، نه ته...

لاکو:   نه جسراج، هن کي چوڻ ڏي، اي شخص آءٌ لاکو آهيان، ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آهي؟

پوڙهو: ته تون آهين لاکو! مظلومن کي ڦرڻ وارو...

لاکو:   پوڙها شخص آخر ڳالهه ڇا آهي، تون اجايو آپي کان ٻاهر ڇو پيو نڪرندو وڃين؟

پوڙهو: آءٌ آپي مان ٻاهر ڪونه ٿو نڪران، تو ۽ تنهنجن ساٿين جيڪي اسان غريبن تي ويل وهايا آهن انهن جا ڪيتا تون.....

لاکو:   خاموش! هاڻي تون لاکي جي قهر کي پيو سڏ ڪرين.

پوڙهو: اڃان به ڪو وڌيڪ قهر ڪيرائيندين! هاڻي اسان وٽ رهيو ڇا آهي. سڀڪجهه ته تون لٽي ڦري ويو آهين. آخر ٻڌاءِ ته مون غريب تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو توهان مون مسڪين جو راه گناه سمورو مال ڪاهي ويا؟

لاکو:   تنهنجو ڪيترو چوپايو هو؟

پوڙهو: پڇي تون ڇا ڪندين؟ تون ته بکيو آهين، مال جو بکيو. اهو ڏينهن پري ڪونهي جو توهان سڀني تي خدا جو قهر نازل ٿيندو.

لاکو:   وڌيڪ هڪ لفظ به ڳالهائيي ته تنهنجي سر جو خير ڪونهي. فقط منهنجي سوال جو جواب ڏي ته تو وٽ ڪيترو چوپايو هو؟

پوڙهو: ٻه ڍڳيون ۽ هڪ وڇ.

لاکو:   بس! ٻن ڍڳين ۽ هڪ وڇ لاءِ ايڏو کڻي گوڙ مچايو اٿئي، جسراج! هن پوڙهي کي منهنجي پتيءَ جو مال ڏئي ڇڏيو.

جسراج:        راءِ!

پوڙهو: سمورو چوپايو! نه نه، مونکي رڳو پنهنجو مال گهرجي.

لاکو:   بس، اسان جو اهو ئي فيصلو آهي. جسراج حڪم جي تعميل هڪدم ٿيڻ گهرجي.

جسراج:        جيڪو حڪم راءِ (پري ٿيندي) راءِ جي ڀاڱي جو مال هن پوڙهي کي ڏنو وڃي. (وقفو) هي توهان ڇا ڪيو راءِ؟

لاکو:   اسان سڀ ڪجهه سوچي سمجهي ڪيو آهي جسراج. اسان لاءِ هي ميدان ۽ ملڪ کليا پيا آهن ۽ اسان سان گڏ توهان جهڙا ساٿي آهن ته اسين ٻيو به مال هٿ ڪري سگهنداسين، پر هن جي زندگي جو دارومدار ته انهي مال تي آهي. هنن مفلسن ۽ مظلومن سان هٿ چراند ڪرڻ اسان جو مقصد ڪونهي.

جسو:  راءِ ٺيڪ ٿو چئي جسراج، هاڻي انهيءَ تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ اجائي آهي.

لاکو:   جسراج! باقي چوپايي کي گڏ ڪري ڪوچ جي تياري ڪريو.

جسراج:        اسان جي اڳئين منزل ڪٿي ٿيندي، راءِ؟

لاکو:   اڳتي، تمام اڳتي، اتي، جتي فتح هڪڙي ٻانهي وانگر اسان جي آجيان ڪرڻ لاءِ واٽ تي بيٺي آهي. ساٿيو! اڳتي وڌو! ]گھوڙن جي هلڻ جا آواز، موسيقي[

لاکو:   جسا! گهران نڪتي اسانکي ڪافي وقت ٿي ويو آهي. انهي سموري عرصي ۾ اسان جتي به قدم رکيو، فتح اڳتي وڌي اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ آئندي به جيستائين اسان جا حوصلا بلند آهن، جسي ۽ جسراج جهڙا سورهيه ساٿي ساڻ آهن، ڪاميابي اسان سان گڏ رهندي.

جسو:  فتح هميشہ بهادر ۽ جوانمرد جو ساٿ ڏيندي آهي، پر راءِ هڪڙي ڳالهه آهي جا سدائين انهن ڪاميابين جي موقعن تي پريشان ڪندي رهندي آهي ۽....

لاکو:   اها ڪهڙي ڳالهه آهي جسا! تو جهڙي سورهيه کي نراس ٿيڻ سونهين ته ڪونه ٿو.

جسو:  سردار،آءٌ نراس ٿيڻ ته ڄاڻان ئي ڪونه. ان هوندي به (ماٺ ٿئي ٿو)

لاکو:   هاها، جَسا! چئي ڏي، ٻڌاءِ تون ڇا ٿو چوڻ گهرين؟

جسو:  گستاخي معاف سردار. توهان تي پنهنجي پيءُ جو سايو سدائين سلامت رهي... پر آخرڪار انسان کي ماڳ مٽائڻو آهي ۽ ٻي دنيا جو سفر ڪرڻو آهي، ڪٿي ائين نه ٿئي ته اسين اڳ پوءِ جي خيالن کان بي اونا هتي ئي موجون ڪندا وتون ۽ هوڏانهن ڪيو ٻيو تخت ماڻي.

لاکو:   (رڙ ڪري) جسا! افسوس.... افسوس جو اها ڳالهه توڪئي آهي، جيڪڏهن ڪو ٻيو ڪري ها ته منهنجي تلوار جو هڪئي ڌڪ هن کي زندگيءَ جي سمورين مصيبتن کان آجو ڪري ڇڏي ها.... پر خير.... آءٌ سمجهي نٿو سگهان ته اها ڳالهه تنهنجي ذهن ۾ ڪيئن آئي. منهنجي جيئري ڪنهن جي مجال آهي، جو منهنجي پيءَ جي گاديءَ ڏانهن اک به کڻي نهاري سگهي. (وڏي واڪي) ٻڌو ساٿيو، توهين سڀ انهيءَ ڳالهه جا شاهد رهجو، اڄ آئون عهد ٿوڪريان ته جيڪو به منهنجي پيءَ جي موت جي منحوس خبر مون تائين پهچائيندو تنهن جي زبان وڍرائي ويندي.

هڪ آواز:      راءِ، اسين سڀ اوهان جي حڪم سان اتفاق ٿا ڪريون، اسان جي پڻ اهائي خواهش آهي ته راءِ جي خوشين ۾ ڪو خلل نه پوي.

لاکو:   مرحبا! مون کي اوهان جهڙن ساٿين مان اهائي اميد هئي. ]گهوڙن جو آواز وڌي گهٽجي ٿو. موسيقي[

جسو:  هي ڪير پيو اچي؟

جسراج:        اهو ماڻهو آءٌ ڀانيان ٿوته ڪيراڪوٽ جو ڪو ڀَٽ آهي.

جسو:  ڪيراڪوٽ جو ڀَٽ! اهو وري هيڏانهن ڇا لاءِ پيو اچي؟ ڀَٽ ته سدائين....

جسراج:        ترس جسا، ترس، ڪو تڪڙو لفظ زبان مان نه ڪڍ.

ڀٽ:    جسي ۽ جسراج جي سر تي ڌڻي جي سلامتي هجي!

جسراج:        اچ اي شخص! ٻڌاءِ اڄ هن پاسي ڪيئن آيو آهين؟

ڀٽ:    آءٌ، آءٌ... لاکي لاءِ خراب خبر کڻي آيو آهيان- اهڙي خبر جنهن جي ٻڌائڻ لاءِ زبان وڍڻ جي سزا مقرر ٿيل آهي.

جسو ۽         جسرا: ڇا.... راءِ... ڦل... قهر ٿي ويو....

جسو:  اي شخص! اها ته ڏاڍي بد خبر آندي اَٿئي. لاکي تائين ڪهڙيءَ طرح اها خبر پهچائجي؟

ڀٽ:    سردار جسا! مونکي موڪل ملي ته آئون ڪجهه چوان.

جسو:  چئو، چئو.

ڀٽ:    اوهان اڄ رات رڳو سردار لاکي کي ٻاهر وٺي اچي ويهارجو، کيس چئجو ته ڪنهن ڏورانهين ڏيهه کان هڪڙو ڀٽ آيو آهي، جيڪو اوهان جي چوڪي ڀرڻ ٿو گهري.

جسراج:        پوءِ ڇا ٿيندو؟

ڀٽ:    سردار! آءٌ ڀٽ آهيان. اسين هر هڪ ڪم کي سياڻپ سان ڪرڻ سکيا آهيون. اوهان پاڻ ڏسندؤ ته ڪيئن ته آئون اهو سڀ ڪجهه بيان ڪندس جنهن لاءِ آءٌ هيڏو سفر ڪري آيو آهيان.

جسو:  خير جيڪا تنهنجي مرضي. ان واقعي جي لاکيسردار کي ته ضرور خبر ملڻ گهرجي. ]موسيقي. ماڻهن جو هلڪو گوڙ- لاکو اچي ويو... لاکو اچي ويو[

ڀٽ:    لاکي جي سر بخت جو خير!

لاکو:   ڀلي آئين ڀٽ. اسان کي خوشي ٿي آهي جو تون هن موقعي تي آيو آهين، جڏهن اسان هر وقت سفر ۾ رهون ٿا ۽ فقط تڪليفون سهون ٿا ۽ جنگيون ڪريون ٿا. خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو تون اسان جي ماڻهن کي ڪجهه وقت لاءِ وندرائڻ آيو آهين.

ڀٽ:    (سر ۾ بيت چوي ٿو)

        هڪڙا ڦل پسجن واڙيين، ٻيا جي بٺين ڌاڃ

        لاکا آءٌ مهراڻ، توريءَ سڃو ڪاڇڙو.

لاکو:   (ڇرڪ ڀري) توري سڃو ڪاڇڙو.... ڇا.... انهيءَ جو مطلب ڇا آهي؟ ڇا بابو گذاري ويو! انهي جي معنيٰ ته بابو گذاري ويو.

ڀٽ:    سردار، اهوته توهان ٿا چئو، ٻانهيءَ کي ڪهڙي طاقت آهي جو....

لاکو:   ته بابو گذاري ويو.... اوه....

جسو:  ائين نه چئو سردار! اوهين خود پنهنجي زبان سان پيا ائين چئو.

لاکو:   (ڇرڪ ڀري) ها جسا، ياد آيم اهي منحوس لفظ مون پاڻ پنهنجي واتان ڪڍيا آهن.

جسو:  پر.... پر.... سردار!

لاکو:   جسا، مونکي پنهنجو وچن چڱيءَ طرح ياد آهي. آءٌ پنهنجو ڪيل انجام ضرور پاريندس، ضرور پاريندس.

جسو:  نه، نه سردار! هيءُ اوهين ڇا ٿا چئو- ائين هرگز نه ٿيندو.

لاکو:   (جوش وچان) ائين ٿيندو ۽ ضرور ٿيندو (وقفو) نه ته انجام شڪنيءَ جو اهو هڪ خراب مثال قائم ٿيندو ۽ اسان جو ايندڙ نسل اسان تي لعنت ملامت ڪندو، انجام کي پاڻي ڏيڻ کان ڪوبه شريف ۽ بهادر ڪونه ڪيٻائيندو. انهيءَ ڪم جي پورائي لاءِ جيڪڏهن مون کي پنهنجي جان به قربان ڪرڻي پئي ته مون کي افسوس نه ٿيندو.

جسو:  سردار!

لاکو:   جسا! مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. آءٌ هينئر ئي پنهنجو وعدو پاريندس، پنهنجي زبان ڪپيندس (زور سان) هن ڀٽ کي منهنجي اکين کان پري ڪيو وڃي. ]ماڻهن جو هلڪو آواز اُڀري ٿو[

هڪ آواز:      سردار، منهنجي خيال ۾ اوهان جو فيصلو ٺيڪ ڪونهي، اسين اوهان کي هرگز اجازت نه ڏينداسون.

ٻيو آواز:       آءٌ پاڻ ائين ٿو سمجهان.

ٽيون آواز:      سڄي ساٿ جي اهائي صلاح آهي، سردار!

لاکو:   (وڏي واڪي) ته ساٿيو! منهنجو فيصلو اڻ ٽر آهي، سچ پڇو ته پنهنجي وعدي کي اوهان جي اڳيان پوري ڪرڻ ۾ مون کي خوشي ڏاڍي ٿئي ٿي. دوستو! اوهين سڀئي شاهد رهجو ته لاکي وٽ پنهنجي انجام جي ڪيڏي نه عزت آهي. اوهان وقت اچڻ تي پنهنجن ٻارن کي ٻڌائجو ته لاکو جيترو جنگ جي ميدان ۾ سورهيه هو اوترو ئي پنهنجي وعدي پارڻ ۾ سخي.

جسو:  ترسو سردار! تڪڙ نه ڪريو، اسان سڀ چڱيءَ ريت ڄاڻون ٿا ته اوهان وٽ پنهنجي انجام جي عزت آهي، پر جيسين اوهان پنهنجي انجام کي پاڻي ڏيو، اسانجون تلوارون اسانجي سينن مان پار ٿي چڪيون هيونديون.

لاکو:   (تيز لهجي) جسا! خبردار!

جسراج:        اسين پنهنجي پياري ۽ سورهيه سردار کي پنهنجي هٿان ڪونه وڃائينداسون.

جسو:  سردار منهنجي خيال ۾ هڪ ٻي صورت آهي، انهيءَ موجب اوهانجو ڪيل انجام به پورو ٿي سگهي ٿو ۽ توهان جو سايو به اسان جي سرن تي سلامت رهي سگهندو.

جسراج:        اها ڪهڙي صورت ٿي سگهي ٿي جسا؟ ]ماڻهن جا آواز- ”ڪهڙي“؟ ”ڪهڙي“؟[

جسو:  اها هيءَ ته سردار کي فقط پنهنجو وعدو پارڻو آهي. اهو هن طرح به پورو ٿي سگهي ٿوته سردار پنهنجي زبان تي ميڻ جو ٽڪرو رکي، اهو وڍي. ائين ڪرڻ سان سردار لاکي جو ڪيل انجام به پورو ٿي ويندو ۽ اسين به سردار کان جدا ڪونه ٿينداسين. ٻڌايو ڀائرو ڇا منهنجي صلاح غلط آهي؟

گهڻا آواز:      بلڪل نه، اها صلاح صحيح آهي. لاکي کي ائين ئي وعدو پارڻ گهرجي.

لاکو:   پر... منهنجي ڳالهه ته ٻڌو....

سڀيئي:        ها، ها، اوهان کي ائين ئي ڪرڻو پوندو سردار! فيصلو ٿي ويو.

لاکو:   جيڪڏهن توهان سڀني جي اهائي صلاح آهي ته آءٌ قبول ڪرڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهان. ]”سدا جيئي لاکو... جيئي لاکو“ ”راءِ لاکار اڄ ڀاڳ مبارڪ“، ”راءِ جي تخت بخت جو خير“ جا نعرا[.

لاکو:   (ڏکوئتي انداز ۾) جسا، جسا! تو هي ڇا ڪيو. اڄ مون کي تنهنجي سياڻپ ۽ حڪمت اڳيان جهڪڻو پيو، تو پنهنجي ڳالهه مٿي ڪري اسانکي تڪليف پهچائي آهي.

جسو:  سردار! ائين نه چئو، خدا جي واسطي ائين نه چئو.

لاکو:   خير، هاڻي ساٿين کي ترت تيار ڪر، اسان جي ٻي منزل ڪيرا ڪوٽ آهي- (تقرير ڪندي) ڀائرو! اڄ اوهان مونکي پنهنجو سردار چونڊي مون تي اهي ذميداريون رکيون آهن، جن جو پورو ڪرڻ مون جهڙي طوفاني طبيعت رکندڙ شخص لاءِ اوکو ٿي پوندو. مون ڪڏهن به هڪ هنڌ ويهي زندگي ڪانه گذاري آهي، پر هاڻي آءٌ اها ڪوشش ڪندس ته آءٌ هتي رهي، توهان سان گڏجي، پنهنجي ملڪ ۽ وطن جي خدمت ڪريان ۽ توهان جون تڪليفون دور ڪريان. اوهان پڪ ڄاڻو ته اڄ کان پوءِ جتي توهان جو پگهر وهندو اتي لاکي جو خون وهندو.

آواز:    (خوشيءَ وچان) جيئي لاکو...... جيئي لاکو...

جسو:  راءِ!

لاکو:   چئو جسا!

جسو:  راءِ، اوهان پنهنجي گادي ماڻي ان جي اسان سڀني کي گهڻي خوشي آهي، پر..... پر..... اهڙن خوشين جي موقعن تي، اسان کي هڪ ڳالهه نهايت پريشان ڪندي آهي.

لاکو:   چئو جسا آخر اها ڪهڙي ڳالهه آهي، جا توکي پريشان ٿي ڪري.

جيسو: سردار، اسان کي اڪثر هي خيال پريشان ڪندو آهي ته لاکي کان پوءِ ڇا ٿيندو!

لاکو:   ڇا مطلب؟

جسو:  سردار! منهنجو مطلب هيءَ آهي ته هن وقت تائين توهان جي تخت جو ڪوبه والي وارث ڪونهي.

لاکو:   سچ ٿو چئين ساٿي! ڪير ڄاڻي ته مون کان پوءِ هن تخت جو مالڪ ڪير ٿيندو؟ پر هي وقت انهي ڳالهه جي سوچڻ جو ته ڪونهي، اڃان ته آءٌ جيئرو آهيان.

جسو:  بيشڪ، راءِ جو سايو اسان جي سرن تي سدائين قائم ۽ دائم هجي پر انهيءَ هوندي به اها ڳالهه ويچارڻ جوڳي آهي.

لاکو:   جسا، تون جيڪا ڳالهه ڪرڻ چاهين ٿو سا چٽيءَ طرح ۽ کولي ڪر.

جسو:  راءِ، اسان چاهيون ٿا ته لاکي کان پوءِ به ڪوڦلاڻي سردار هن راڄ جو مالڪ ٿئي.

لاکو:   (کلي) جسا! ڳالهه تو سچ پچ مناسب ڪئي آهي، پر.... (سوچي ٿو) منهنجي طوفاني طبيعت کي ڄاڻين ٿوته اسان جو من انهيءَ پهاڙي نديءَ وانگر آهي، جا گهڙيءَ ۾ ڪٿي ۽ گهڙيءَ ۾ ڪٿي هوندي آهي. سو آءٌ نٿو چاهيان ته شاديءَ جي جهنجهٽ ۾ پاڻ ڦاسائي ملڪي جوابدارين کان منهن موڙيان.

جسو:  راءِ، هاڻي اوهين لاکا ڪونه آهيو، جيڪي ڪڇ ۾ لوڙهيون هڻندا هئا ۽ توهين هاڻي اهي لاکا به ڪونه آهيو جنهن جي طبيعت طوفاني هئي.

لاکو:   جسا! تون آخر چاهين ڇا ٿو؟

جسو: آءٌ به سڄي رعيت وانگر اهو ئي ٿو چاهيان ته اوهان جلد ئي وهانءُ ڪريو جيئن توهان کان پوءِ توهان جو ئي اولاد هن گاديءَ جو مالڪ ٿئي.

لاکو:   تون مونکي مجبور ٿو ڪرين جسا! جسا! آءٌ ائين نٿو چاهيان ته ڪو گهر ويٺي شادي ڪريان. آءٌ ته مينڌري وانگر ڪشالا ڪڍي مومل ماڻڻ ٿو گهران.

جسو:  (کلي) اها به ڪا ڏکي ڳالهه ڪانهي راءِ! مون کي خبر ملي آهي ته نهٽي ۾ مهر راڻي نالي هڪ سمي صاحبزادي آهي. هن سان شادي ڪرڻ لاءِ ڪي شرط رکيل آهن، جن مان هڪ هيءُ به آهي ته شينهن سان جيڪو هٿين ٺلهو وڙهندو، مهر راڻي جو هٿ انجي حوالي ڪيو ويندو.

لاکو:   واهه، ڪا ڳالهه ته ٿي نه. اسان ضرور شينهن سان وڙهنداسين. تون يڪدم نهٽي هلڻ جي تياري ڪر.

جسو:  جيڪو حڪم راءِ!

(موسيقي)

مهر راڻي:      نه، نه توکي هاڻي مون وٽ نه اچڻ کپندوهو.

چوڙيگر:        مهر! هي تون ڇا پئي چوين؟

مهر راڻي:      آءٌ بلڪل ٺيڪ پئي چوان، چوڙيگر! اڄ منهنجي قسمت جو فيصلو ٿي ويو.

چوڙيگر:        (ڏکارو) ها، مون کي به انهيءَ ڳالهه جي خبر آهي ته لاکي تنهنجو رکيل شرط پورو ڪيو. اڄ يا سڀاڻي اسين هڪ ٻئي کان هميشہ هميشہ لاءِ ڌار ٿي وينداسين انهيءَ ڪري آءٌ چاهيان ٿو ته اسان جي پيار جون آخري گهڙيون خوشيءَ سان گذري وڃن.

مهر راڻي:      چوڙيگر! مون تو خاطر الائجي ڪهڙا سڱ ٺڪرائي ڇڏيا، مون پنهنجن مائٽن کي ناراض ڪيو، پنهنجي شادي لاءِ اجايا ۽ اڙانگا شرط وڌا، ڪنهن جي لاءِ، فقط تنهنجي لاءِ، پر تو ۾ اها طاقت ۽ دليري ڪانه هئي، جو تون اهي شرط پورا ڪري مون سان وهانءَ ڪري سگهين.

چوڙيگر:        مهر، منهنجي زندگيءَ جي انهي ناڪامي کي نه ورجائي، منهنجو توسان لکيو ڪونه هو، منهنجي تنهنجي شادي ۾ اهائي ته هڪڙي رڪاوٽ هئي، جو آءٌ هڪ غريب چوڙيگر آهيان ۽ تون سمي صاحبزادي.

مهر راڻي:      ها، پر مون ته انهي رڪاوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ اهي شرط وڌا هئا، پرافسوس....

چوڙيگر:        ائين نه چئو، مهر ائين نه چئو. آءٌ تنهنجو ٻانهون ٿي رهندس، پر مون کي ائين پاڻئون ڌار نه ڪر.

مهر راڻي:      بس چوڙيگر، مون جيڪي چيو سو آخري فيصلو سمجهه. (ٿڌو ساه ڀري) ائين نه ٿئي جو منهنجي آبرو...

چوڙيگر:        (هڪدم) بس، مهر بس، اڳتي هڪ لفظ به نه چئج. تنهنجيءَ عزت خاطر جيڪڏهن مون کي ساهه به صدقو ڪرڻو پوي ته آءٌ ان ۾ نه ڪيٻائيندس... پر....

مهر راڻي:      ها ها، چئو.

چوڙيگر:        آءٌ پنهنجي زندگيءَ جي آخري جوا کيڏندس. جيڪڏهن کٽيم ته آءٌ ۽ تون هڪ ٿي وينداسين. جيڪڏهن هارايم ته پوءِ خوشيءَ سان تنهنجي محبت جي راهه ۾ پنهنجو ساهه قربان ڪندس.

مهر راڻي:      مون تنهنجو مطلب ڪونه سمجهيو، چوڙيگر؟

چوڙيگر:        وقت اچڻ تي توکي سڀڪجهه معلوم ٿي ويندو مهر، حياتي هوندي ته وري ملنداسين.

]موسيقي[

جسو:  راءِ، ڪو سائل اوهان سان ملڻ لاءِ آيو آهي، چئي ٿو ته تمام پرانهن هنڌان توهان جي سخا جي ساراهه ٻڌي هتي آيو آهيان.

لاکو:   وٺي اچينس- (وقفو)- اچ اي شخص، چئو ڇا ٿو چئين؟

چوڙيگر:        سردار، آءٌ هڪ چوڙيگر آهيان، غريب چوڙيگر، توهان جي سخا جي ساراهه ٻڌي توهان کان ڪجهه گهرڻ آيو آهيان.

لاکو:   چئو، ڇا گهرجيئي؟

چوڙيگر:        مون کي پهرين وچن ڏيو.

لاکو:   وچن! آءٌ توکي وچن ٿو ڏيان. يقين رک تون نراس نه ٿيندين.

چوڙيگر:        مون کي مهر راڻي جي ٻانهن گهرجي!

لاکو:   مهر راڻي جي ٻانهن!

جسو:  اي چوڙيگر، تو پنهنجي موت کي پاڻهي سڏيو آهي.

لاکو:   (پنهنجي منهن) هن کي مهر راڻي جي ٻانهن گهرجي! ته پوءِ ماڻهن جون ڳالهيون سچيو هيون.

چوڙيگر:        ها راءِ، مهر راڻي منهنجي آهي، منهنجي ۽ هن جي محبت ازلي آهي. هن منهنجي ڪري ئي شاديءَ لاءِ اڙانگا شرط وڌا هئا، پر آئون پورا نه ڪري سگهيس.

جسو:  بس ڪر، ڪٿي منهنجي ترار تنهنجي گندي رت سان خراب نه ٿي وڃي.

چوڙيگر:        هن زندگيءَ کان ته موت ڀلو آهي. اچ هلائي ترار، پرياد رک، لاکي سردار مون سان وچن ڪيو آهي. هن جي وچن جو اهو ئي نتيجو ٿيندو؟

لاکو:   (يڪدم) ترس جسا، تلوار کپ ۾ رک. مون هن کي وچن ڏنو آهي. تون پهرين مهر راڻي کي حاضر ڪر.

جسو:  جيڪو حڪم.

]وقفو[

مهر راڻي:      (ايندي. حيراني وچان رڙ ڪري) تون چوڙيگر! تون هتي؟

چوڙيگر:        ها مهر، آءٌ.... آءٌ....

مهر راڻي:      (ڪاوڙ وچان) تون هتي ڇو آيو آهين؟

چوڙيگر:        هتي آءٌ ڇو آيو آهيان، مونکي انهيءَ جي خبر ناهي!

مهر راڻي:      چپ ڪر. راءِ، هن شخص کي هتان ڪڍيو وڃي.

چوڙيگر:        مهر!

لاکو:   (سنجيدگيءَ سان) چوڙيگر، مون مهر راڻي جي ٻانهن توکي بخش ڪئي.

مهر راڻي:      (رڙ ڪري) راءِ، هي توهين ڇا پيا چئو؟

لاکو:   وڃ مهر راڻي، تون پنهنجي پرينءَ سان گڏ وڃي گذار.

مهر راڻي:      راءِ! توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟

لاکو:   آءٌ جيڪي چوان ٿو سو سڀ سوچي سمجهي چوان ٿو.

مهر راڻي:      پر.... پر راءِ....

لاکو:   بس، آءٌ هڪ لفظ به ٻڌڻ نٿو چاهيان. جسا....!

جسو:  راءِ؟

لاکو:   اسان جي ڄڃ هاڻي چوڙيگر جي آهي. سمورو ڏاج، زيور وغيره اسان هنن کي بخش ڪيا. توهان وڃي سگهو ٿا.

مهر راڻي:      (سڏڪا ڀريندي) چوڙيگر، هي تو ڇا ڪيو، تو سچ پچ محبت جي نالي کي بدنام ڪري ڇڏيو!

]موسيقي[

لاکو:   جسا، هتي ڪجهه وقت ساهي پٽي پوءِ اڳتي هلبو.

جسو:  جيڪو حڪم. ]وقفه[ راءِ هو سامهون ڪير اچي پيو.

لاکو:   ڪو سوار آهي.

سوار:   (پريان ايندي)، راءِ لاکي جي سر بخت جو خير.

لاکو:   هيڏانهن اچ. ]وقفه[ ڇا آهي؟

سوار:   آءٌ هڪ خراب خبر کڻي آيو آهيان، راءِ، اوهان جي غير حاضريءَ ۾ ريٻارين اسان جا ۽ جسراج جا چار ڳوٺ ڦري ڦٽائي ڇڏيا آهن. هنن اسان جي ڪيترن ئي نوجوان عورتن جو سهاڳ لٽيو، ٻارن کي يتيم ڪيو، ۽....

لاکو:   بس بس بس، ريٻارين جي اها مجال. هنن جي اها مجال جو هنن اسان جي ڳوٺن ۽ ماڻهن تي هٿ کنيو آهي!

سوار:   ۽ راءِ اوهان کي اهو ٻڌي وڌيڪ ارمان ٿيندو، جو اوهانجو دوست جسراج دشمنن سان مقبالوڪندي مارجي ويو.

لاکو۽ جسو: جسراج مارجي ويو!

لاکو:   جسراج... آءٌ تنهنجو وير وٺندس، آءٌ تنهنجو اهڙو وير وٺندس جو تاريخ ۾ يادگار رهندو- (مخاطب ٿي) ٻڌو ساٿيو! هاڻي اسان جي منزل ڪيرا ڪوٽ ڪونهي، اسين ڪيرا ڪوٽ تڏهن واپس هلنداسين، جڏهن ريٻاري قوم پنهنجي ڪئي جو انجام به ڏسندي. آءٌ انجام ٿوڪريان ته جيستائين آءٌ جسراج جو وير نه وٺندس تيستائين نه آرام سان سمهندس ۽ نه ئي ڪپڙا مٽائيندس

]موسيقي[

کنگهار:       (پريان ايندي) سهڄان... سهڄان... ڪٿي آهين؟ (ويجهو اچي) اوه، تون هتي ويٺي آهين. هي ڇا؟ تون روئين ويٺي! ڇا ڳالهه آهي؟ ڪنهن توکي ڏکويو آهي؟

سهڄان:       (سڏڪا ڀريندي) تون ٻڌي ڇا ڪندين. مون کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏي.

کنگهار:       توکي ڇڏي ڏيان! اهو ته ائين ٿيو جو ڪنهن کي چئجي ته تون جيئڻ ڇڏي ڏي. سهڄان، مون سان ڪجهه اور، آءٌ تنهنجو ساڳيو کنگهار آهيان.

سهڄان:       منهنجو کنگهار! مون کي ٻڌاءِ ته هن وقت تائين منهنجي لاءِ تو ڇا ڪيو آهي؟

کنگهار:       ائين نه چئو سهڄان، جيڪڏهن آئون تنهنجي ڪا خواهش پوري ڪري نه سگهيو آهيان ته مون کي ٻڌاءِ، آءٌ ڪوشش ڪندس ته تنهنجي اها خواهش پوري ٿئي.

سهڄان:       آءٌ تنهنجن انهن ڪوڙن ۽ اجاين دلاسن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان، انهي جي مون کي خبر آهي ته تون بزدل آهين، ڊڄڻو آهين، آئون توکي ڳالهه چوان به کڻي ته تون ڊڄي انڪار ڪندين.

کنگهار:       سهڄان! تون مون تي چٿرون ٿي ڪرين. مون کي آزمائي ته ڏس.

سهڄان:       آزمايان؟

کنگهار:       ها ها تون چئو ته سهي.

سهڄان:       پهرين مون سان تون وعدو ڪر.

کنگهار:       آءٌ توسان وعدو ٿو ڪريان.

سهڄان:       ته ٻڌ، توکي اها خبر آهي لاکي عهد ڪيو آهي ته جيستائين ريٻاري قوم کي ماري مات نه ڪندو، تيستائين سک سان ڪونه سمهندو.

کنگهار:       ته پوءِ؟

سهڄان:       منهنجي ڳالهه ٻڌي وڃ. ٻڌ، جيستائين لاکو وڙهڻ بند نه ڪندو، تيستائين روز منهنجا هزارين ريٻاري مائٽ مرندا رهندا.

کنگهار:       آخر تون چاهين ڇا ٿي؟

سهڄان:       آءٌ پنهنجي قوم جو وير وٺڻ ٿي چاهيان!

کنگهار:       ڪنهن کان؟

سهڄان:       لاکي کان.

کنگهار:       لاکي کان؟

سهڄان:       ها، انهي لاکي کان، جنهن اسان جي قوم کي ختم ڪرڻ جو انجام ڪيو آهي ۽ لاکي کي اها خبر ڪانهي ته ڪنهن کيس ختم ڪرڻ جو عهد ڪيو آهي، آءٌ لاکي کي مارائي پوءِ ساهه کڻنديس.

کنگهار:       لاکو... سهڄان..... لاکو ته منهنجو ڀاڻيجو آهي. هو بهادر آهي ۽ بهادرن سان منهنجو پيا رآهي.

سهڄان:       اهڙو هئين ته پوءِ مون سان وعدو ڇو ڪيئي؟

کنگهار:       وعدو... ها، پر..... پر هو منهنجو ڀاڻيجو آهي. پر.... مون توسان وعود به ڪيو آهي.

سهڄان:       تو مون سان وعدو ڪيو آهي، ڪنهن سردار جو اهو شان ڪونهي جو وعدو ڪري پوءِ ان کان ڦري وڃي.

کنگهار:       آءٌ وعدي کان ڦران ڪونه ٿو، سهڄان! مون کي تون گهرجين، نه لاکو، ٻڌاءِ ته مونکي ڇا ڪرڻو پوندو؟

سهڄان:       ته پوءِ ٻڌ، لاکو هينئر اسان جي علائقي ۾ آهي، تون هن کي هتي اچڻ جي دعوت ڏي.

کنگهار:       پوءِ؟

سهڄان:       پوءِ باقي سڀ ڪم آءٌ پاڻهي ڪنديس. هونئن جنگ جي ميدان ۾ ته لاکو ڪنهن جي مارڻ جو ناهي. تون رڳو قاصد موڪلي لاکي کي گهراءِ. هو پنهنجي مامي جي سڏ تي ضرور ايندو.

کنگهار:       تو الائجي ڇاسوچيو آهي! خير، جيڪا تنهنجي مرضي

]موسيقي[

جسو:  راءِ، کنگهار ڏانهن هلڻ لاءِ دل هام نٿي ڀري.

لاکو:   (کلندي) جسا، توکي شايد ڊپ ٿئي ٿو، ائين نه!

جسو:  نه سردار، آءٌ ڊڄان نٿو. مون کي خبر ملي آهي ته راءِ کنگهار سهڄان نالي هڪڙي ريٻارڻ جي اشارن تي پيو نچي، ٿي سگهي ٿوته انهيءَ دعوت جي پٺيان ڪا سازش لڪل هجي.

لاکو:   جسا، لاکو ڪنهن زال جي چال سان مري نٿو سگهي، اسان راءِ کنگهار وٽ هلڻ جو ارادو ڪري چڪا آهيون. هاڻي دنيا جي ڪابه طاقت اسان کي پٺتي موٽائي نٿي سگهي. جيستائين اسان وٽ تلوارون آهن، تيستائين ڪوبه اسان ڏانهن اک کڻي نه سگهندو.

جسو:  ائين ته برابر آهي، پر ڪنهن چال جي مقابلي ۾ تلوارون نٿيون هلي سگهن، راءِ!

لاکو:   (ناراض ٿي) جسا، توکي خبر آهي نه آءٌ جڏهن ڪو فيصلو ڪندو آهيان ته پوءِ ان کي پورو ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندو آهيان، مون لاءِ اهو ناممڪن آهي جو آءٌ واپس موٽان.

]موسيقي. آهستي آهستي گوڙ اڀري ٿو. ’لاکو اچي ويو‘، ’راءِ جي سر بخت جو خير‘. گهوڙن بيهڻ ۽ هلڻ جو آواز[

کنگهار:       ڀلي آئين لاکا، توکي هت ڏسي اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، پر هي.... هي تو پنهنجي ڪهڙي حالت ڪئي آهي؟ تنهنجا سمورا ڪپڙا رت ۾ لال ٿيا پيا آهن!

لاکو:   ماما، اوهان جي دعا سان اهو ڏينهن پري ڪونهي جڏهن آءٌ هي ڪپڙا لاهي نئون وڳو پهريندس.

کنگهار:       اچ اچ، منهنجي ڀر ۾ ٿي ويهه. جسا، تون اتي ٿي ويهه. مون توهان لاءِ نهايت سٺي محفل جو بندوبست ڪيو آهي.

لاکو:   تون خود ڏسجئين- ]تاڙي وڄائي[- جشن شروع ڪيو وڃي. ]لاکي ۽ جسي جي رڙ. کنگهار جو وڏو ٽهڪ[

کنگهار:       (ٽهڪ ڏيندي) ڏس سهڄان، مون پنهنجو انجام پورو ڪيو. مون توکي اهو لاکو مارائي ڏنو آهي، جنهن کي ڪوبه نٿي ماري سگهيو. (ٽهڪ) لاکو... لاکو ڦلاڻي...

لاکو:   (هڏڪي)، ماما.... تو..... تو مون سان..... دغا ڪئي.... هڪ ريٻارڻ جي چئي تي..... ماما.... اهو تنهنجو وڙ.... ڪونه هو......

کنگهار:       (ٽهڪ ڏيندي)، لاکو مري ويو.... لاکو مري ويو.... ]پڄاڻي واري موسيقي[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com